سورت يوسف (قرآن: 12) جي شرح، نظم ۽ نثر ۾ آهي.
ڪٿي به تڪميل جي تاريخ ۽ مصنف جو ذڪر نه ٿيو آهي.
ڊاڪٽر شيڪل جو خيال آهي ته هي تصنيف به مخدوم
عبدالله عرف ميان موريي جي آهي. ٻئي طرف ميين
عبدالله مينڌري به ”سورت يوسف“ جو تفسير ڇڏيو آهي.
هن تفسير جي ابتدا هن ريت آهي:
شروع ڪريان ٿو قصي کي سا نالي ذات خدا جلشانہ
جو ســاءِ سٻاجـو سڀ پــري سـمــيع سـلــطانــا
خاتمو: مــرشد رحــمـانـا جــلــشانـہ تڪـهان
ڪــلـمـو
حضرت نبـي ڪريـم تـي سچـي سهــند منجاء
(15) قصو حضرت يوسف جو
ڪل ورق 266، سائيز 5ء12
x
5ء25 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي
17 سٽون، 19 صدي؟؟
احمد نالي هڪ بزرگ حضرت يوسف جو قصو نظم ۾ تيار
ڪيو آهي، جنهن لاءِ گهڻي مدد ”سورت يوسف“ کان ورتل
آهي. ڊاڪٽر شيڪل صاحب، ميمڻ صديق جي حوالي سان (1:
237)، لکي ٿو ته شايد هي احمد اهو آهي، جنهن ڪاشفي
ملا حسين جي ”روضة الشهداءِ“ جو شعري ترجمو سن
1172هه/1798ع ۾ ڪيو هو. جيتوڻيڪ مخطوطه صاف اکرن ۾
نقل ٿيل آهي، ليڪن ان ۾ ڪافي ڪوتاهيون ڏسجن ٿيون.
هيٺ ذڪر ٿيندڙ نسخي کان هي گهڻو گهٽ آهي:
شروع ڪريان قصي کي نالي ذاتي سان
جو ساءِ سٻاجو ڌني سميع سلطانا
مصنف جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
الاهي احمد چئي آهيان عاصي اپارا!
ميان احمد پنهنجو قلمي پورهيو هن ريت ختم ڪيو آهي:
اذن ڪري اکاتن سندو طيب ڪلما
تپري پيغمبر پاڪتي اچان تو اکيان
(14) حضرت يوسف جو قصو
ڪل ورق 194، سائيز 12+19 سينٽي ميٽر، هر صفحي تي
12 کان 13 سٽون، ارڙهين صدي؟
مٿي ذڪر ڪيل نسخي جي ٻي ڪاپي آهي. قدري اختلاف سان
ان جي ابتدا ٿئي ٿي. ڏسجي ٿو ته هي مخطوطو عجلت ۾
ختم ڪيو ويو آهي، ۽ اڻ پورو آهي. ڊاڪٽر شيڪل جو
خيال آهي ته پهرئين جي ڀيٽ ۾ هي نسخو جهونو ۽
ڀروسي لائق آهي. جيتوڻيڪ ڪٿي به ڪاتب جو نالو ڪونه
ٿو ملي، تاهم اندازو آهي ته ان جو ڪاتب به محمد
ملوڪ آهي، جنهن 1180هه ۾ وفات ڪئي هئي.
ابتدا: شروع ڪريان قصي کي نالي ذاتي سان
جو سائين سٻاجهو سڀ پر، سميع سلطانا
خاتمو: جــڏهــن نــئــاء ٿــي بـئــد ۾
نــرمــل نبيا
ڪيائين حضرت يوسف لاءِ سانڀاهي جا
ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو
الطاف ”اثيم“
آثار قديمه جي حوالي سان سنڌو ماٿريءَ اندر موجود
ڪوٽ يا قلعا اسان جي تاريخ جو نهايت ئي اهم حصو
آهن. انهن قلعن مان جتي رهواسين جي رهڻي ڪهڻي،
معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جو پتو پوي ٿو ته اتي
انهن ماڻهن جي فن تعميرات، دفاعي حڪمت عملي ۽ ديس
جي ڌرتيءَ سان محبت جا اهڃاڻ پڻ نظر اچن ٿا. سنڌ ۾
هونئن ته ننڍا وڏا، ڪچا توڙي پڪا ڪيترائي ڪوٽ ۽
قلعا تاريخ جي مختلف مرحلن ۾ ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا
آهن، مگر هيل تائين جيڪي قلعا سلامت يا خسته حالت
۾ موجود آهن، تن ۾ رني ڪوٽ، بکر جو قلعو، حيدرآباد
جو قلعو ۽ ڪوٽڏجيءَ جو قلعو شامل آهن. انهن مڙني
مان وري ڪوٽڏجي جو قلعو زماني جي زور آورين ۽
موسمن جي مستين جو مردانه وار مقابلو چڱي ريت ڪندو
اچي ۽ پنهنجي وجود کي بهتر طريقي سان برقرار رکيو
اٿئين.
رياست خيرپور جي پهرين حڪمران مير سهراب خان
پنهنجي رياست جي حدن جي حفاظت خاطر ڪجهه قلعا
تعمير ڪرايا، جن مان ٿر جي علائقي ۾ ”امام ڳڙهه“،
جوڌپور جيسلمير جي دنگ تي ”شاهه ڳڙهه“ ۽ ”قلعه
احمدآباد“ نالي ڪوٽڏجي ۾ ٺهرايائين.
”ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو“ خيرپرو ميرس شهر کان 20 ڪلو
ميٽر جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف قومي شاهراهه يعني
پشاور ڪراچي روڊ لڳ هڪ ننڍڙي ٽڪري تي جُڙيل آهي.
هي قلعو، جنهن جي ڊيگهه… 5 فوٽ، ويڪر… 3 فوٽ ۽
اوچائي زمين کان 70 فوٽ آهي، سو سنهين پڪين سِرُن
سان 1797ع ۾ مير سهراب خان جي وزير تعميرات سرائي
محمد صالح زهري بلوچ جي نگراني هيٺ ٺهيو.
چيو وڃي ٿو ته تنهن زماني ۾ جوڌپور ۽ جيسلمير
رياستن ۾ ڏڪار پيو ۽ انهن حڪومتن جون سرحدون جيئن
ته رياست خيرپور سان ملندڙ هيون، تنهن ڪري بک ۽
بيروزگاريءَ جا ستايل ماڻهو هيڏي هليا آيا. مير
صاحبن به افرادي قوت جو فائدو وٺڻ ۽ ماڻهن کي
مزدوري مهيا ڪري ڏيڻ خاطر ڪوٽڏيجي شهر اندر هن
قلعي جي تعمير شروع ڪرائي ۽ قلعي تي ڪمائيندڙن کي
روزانو جوئر جي هڪ پاڻي ملڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هي
قلعو جڏهن جڙي راس ٿيو ته مٿس نالو رکيو ويو
”قلعهء احمدآباد“. مکيه دروازي تي فارسيءَ ۾ هي
ڪتبو پڻ لڳايو ويو:
قلعه احمدآباد پر سنگ است
دل دشمنان ازو تنگ است
هي قلعو خالص فوجي، دفاعي ۽ انتظامي مقصدن لاءِ
مخصوص ڪيو ويو. هڪ ”نواب“ جي نگراني هيٺ 500
سپاهين جو دستو 100 توپن سميت تعينات ڪيو ويو ۽
اهو سلسلو گهاٽي واڌي سان سن 1843ع تائين جاري
رهيو. رياست خيرپور جو انگريزن جو طفيلي بنجڻ بعد
مير علي مراد خان هن قلعي کي ”جيل خاني“ ۾ تبديل
ڪري ڇڏيو. هن قلعي جي اهميت ۽ حيثيت جو اندازو ان
ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سرچارلس نيپئر ۽ مير
علي مراد خان جو قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ تي وڏو
تڪرار هليو ۽ قلعي جي ٻاهران ”فيص باغ“ جي نالي
سان هڪ سهڻو باغيچو رکرايو ويو هو، جنهن ۾ ئي مير
صاحب ٻاهران آيل مهمانن سان ملاقات ڪندو هو ۽ قلعه
اندر کين وٺي ئي ڪونه ويندا هئا.
قلعي جي رهائشي علائقي تائين پهچڻ لاءِ ٽن وڏن
دروازن کان گذري اچڻو پوي ٿو. اِهي ٽئي دروازا
نهايت مضبوط ڪاٺ جا ٺهيل آهن، جن کي هاٿين جي حملي
کان بچاءَ لاءِ ٿلها نوڪدار لوها ڪِلَ پڻ لڳل آهن.
پهريون ۽ مکيه دروازو 15 فوٽ 9 انچ ڊگهو ۽ 10 فوٽ
وڪيرو آهي، منجهس 234 لوها ڪل لڳل آهن ۽ دروازي
مٿان چڙهڻ لاءِ پاسي کان هڪ ڏاڪڻ ٺاهي وئي آهي،
جنهن کي 39 ڏاڪا آهن. ان بعد هڪ وڏي چاڙهي چڙهي
موڙ ڪاٽي مٿي اچبو ته ٻيو وڏو دروازو آهي. هن کي
208 لوها ڪل لڳل آهن ۽ سندس اوچائي 13 فوٽ آهي.
پاسي واري ڏاڪڻ کي 30 ڏاڪا اٿس. اهو دروازو پار
ڪري ٿورو اڳڀرو هلبو ته قلعي جو ٽيون ۽ آخري
دروازو آهي. هن کي 177 لوها ڪل لڳل آهن. دروازي
ٻاهران ساڄي پاسي توپن جي گولن رکڻ جون جايون ٺهيل
آهن، جن کي سنهيون لوهيون ڄاريون ڏنل آهن. توپ
گولن جو هڪ چڱو خاصو تعداد اتي موجود هو، مگر ”سچل
سيمينار“ (1982ع) جي موقعي تي گولا ٻاهر ڪڍيا ويا
ته وري واپس ڪونه آندائون. هن دروازي مٿان
انگريزيءَ ۾ هيءُ اکر لکيل آهن:
"Abondon hope, all ye who enter here".
(يعني: ”جيڪو اندر داخل ٿئي، سو سڀ لاڳاپا لاهي.“)
هي آخري دروازو اڪري اچڻ بعد جڏهن سامهون ميدان ۾
پهچبو ته هڪ ڪمري نما جاءِ تي نظر پوندي، جنهن کي
ڇت نه آهي. ديوار ۾ 150 جارا رکيل آهن. اها جاءِ
ڪنهن وقت
(Lamp Godown)
يعني ڏيئن رکڻ جي جاءِ هئي. بتيون ۽ ڏيئا صاف ڪري
تيل ۽ وٽيون وجهي فوجي بيرڪن ۽ رهائشگاهن تي اتان
ئي پهچايا ويندا هئا.
بتي گودام وٽ بيهي کاٻي نهار ڪبي ته اڇو هڪ حوض
ڏسڻ ۾ ايندو. هن حوض جي اونهائي 12 فوٽ، ڊيگهه 37
فوٽ ۽ ويڪر 22 فوٽ آهي. کيس ڍڪڻ لاءِ ڇت يا ڇپرو
به ڪنهن وقت هوندو هو، مگر اڄ ان جا نشان فقط ٻه
ٺُلهه اندر موجود آهن. هي حوض قلعي اندر رهندڙ
ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ يا ذخيرو ڪرڻ لاءِ جوڙايو
ويو هو. ٻاهران ڪا نهر يا نئن قلعي اندر ڪانه ٿي
پهچي، تنهن ڪري چئي سگهبو ته قلعي ۾ موجود کوهه يا
ڀرپاسي وارن کوهن مان مشڪن ذريعي پاڻي ڀريو ويندو
هو. حوض ۾ هيٺ لهڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ به آهي، جنهن جا
13 ڏاڪا آهن. هن جي صفائي يا گندي پاڻيءَ جي نيڪال
لاءِ اندرئون اندر ڪابه نالي ڪانه ٿي نڪري، شايد
فالتو پاڻي ڪنهن ٿانو ذريعي نيڪال ڪيو ويندو هو.
قلعي جي چوڌاري توپن رکڻ يا محافظن بيهارڻ لاءِ
برج رکيا ويا آهن، جن جي ويڪر 11 فوٽ 2 انچ آهي.
اهڙيءَ طرح حوض کان اولهه پاسي جيڪي به برج آهن،
تن تي پنهنجي وقت جون مشهور ميراڻيون توپون ”صفاً
صفا“ ۽ ”ملڪ ميدان“ رکيل هيون.
حوض جي اوڀر ۾ هڪ برج اندر ڏاڪڻ ذريعي چڙهي وڃبو
ته منجهس نهايت خوبصورت رنگين گلڪاريءَ جو ڪم ٿيل
نظر ايندو. مٿي پهچبو ته کليل صحن آهي ۽ ڀر ۾
رهائشي ڪمري جا بچيل آثار. هي هنڌ نواب يا سپهه
سالار جي رهڻ جو هو ۽ اهو برج ”فتح برج“
(Victory Bastion)
هو، يعني قلعي جي فتح جي حالت
۾ فاتح فوج پنهنجو جهنڊو انهيءَ تي چاڙهي ها.
موجوده وقت ۾ هن هنڌ بيهي ڀرپاسي جي باغات ۽ سرسبز
شاداب ميدانن جو من موهيندڙ نظارو ڪرڻ ۾ اچي ٿو.
ٽئين مکيه دروازي جي ساڄي يا اتر پاسي ٿورو اڳڀرو
هلبو ته مير صاحبن جي قديم رهائشگاهه يا حرم آهي.
هن حرم جون ٻاهريون ديواريون ۽ بورچيخاني وارو حصو
ڪچو ٺهيل آهي، باقي رهائشگاهه مغليه طرز تي ڪاٺ جي
ڪم ۽ در و ديوار تي دلڪش گلڪاري ٿيل آهي. هن کي
تاڪن وارا دروازا ڪونه آهن، بلڪ ونگن يا ڪمانن تي
دروازا آهن، جيڪي قيمتي ريشمي پردن يا چکن سان بند
ڪيا ويندا هئا. هن رهائشگاهه جي ڊيگهه 40 فوٽ،
ويڪر 20 فوٽ آهي. ڪن زباني روايتن موجب رياست جو
خزانو پڻ هتي ئي رکيو ويندو هو. حرم جي ٻاهران
کليل ميدان آهي، جنهن جي وچ تي هڪ ٿلهو ٺهيل آهي.
هي ٿلهو ڪچهري، سماع جي محفلن ۽ ڪن روايتن موجب
سلاميءَ جي چبوتري طور ڪتب ايندو هو. حرم کان
اڳڀرو اتر پاسي قلعي جي آخري ڇيڙي تي واليء رياست
جو پٿر مان ٺهيل خوبصورت تخت گاهه آهي. مير صاحب
عيد برات، ڪنهن وڏي ڏينهن يا خوشيءَ جي موقعي تي
رعيت کي شرف ديدار بخشيندو هو يا اهم پاليسي فيصلن
جو اعلان اتي ويهي ڪندو هو. هن تخت گاهه جي ڀرسان
يعني اولهه ــ اتر جي ڪنڊ تي مشهور ۽ هن قلعي جي
وڏي ۾ وڏي توپ ”مريم“ رکيل هئي. (هاڻي قومي
شاهراهه تي خيرپور پوليس لائين آڏو رکيل آهي) ۽
اولهه پاسي ”شيدياڻي“ توپ رکيل هئي.
ميرن جي حرم جي سامهون وارو حصو جنم ٽيپ يا عمر
قيد جي سزا وارن قيدين لاءِ ”جيل خاني“ ۾ تبديل
ڪيو ويو. هيءَ بيرڪ، جنهن جي ڊيگهه 138 فوٽ ۽ ويڪر
9 فوٽ آهي، سا نهايت اونداهي آهي. مٿان هڪ سوراخ
اٿس. قيدين کي کاڌو پيتو اُتان ئي اڇلائي ڏنو
ويندو هو. هي جيل خانو پنهنجي دور جو سخت ترين
بندي خانو شمار ٿيندو هو، جتي ڏيهين کان علاوه ٻين
رياستن جا پرڏيهي پر خطرناڪ قيدي پڻ رکيا ويا.
زمين کان 70 فوٽ اوچائي، توپن ۽ محافظن جي
موجودگي، ٽن دروازن جي هجڻ سبب قيدي جيئري ئي موت
سان سمجهوتو ڪري ڇڏيندا هئا. تنهن هوندي به سن
1882ع ۾ جنم ٽيپ وارن قيدين قلعي اندر بغاوت ڪرڻ ۾
ڪاميابي حاصل ڪئي. پنهنجون ڪڙيون ڪڍي توپن تي قبضو
ڪري گولا وسايا، جنهن سبب گهڻو جاني نقصان ٿيو.
آخر وڏي ڪوشش بعد اها بغاوت ناڪام بڻائي وئي.
جيستائين قلعي جي طرز تعمير ۽ فني مهارت جو تعلق
آهي ته هن قلعي جي تعمير ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ سرون
صرف ٿيون آهن. جنهن ٽڪريءَ تي هيءُ ٺاهيو ويو آهي،
سا سڌائيءَ تي آهي، جنهن تي لهڻ يا چڙهڻ نهايت
مشڪل آهي. دروازا وراڻن ۾ رکيا ويا آهن ته جيئن
هاٿين يا حملي آورن جو زور سنئون سڌو نه لڳي سگهي.
برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال جو جوڳو بندوبست رکيو
ويو آهي. چوڌاري بيرڪن کي ٿڌي رکڻ لاءِ هوادانن جو
انتظام آهي. پنجاهه فوٽ جي مٿاهينءَ تي سولائي سان
پهچائڻ لاءِ سر جو وزن ۽ ماپ مناسب رکيا ويا آهن.
يعني ساڍا ڏهه انچ ڊگهي ۽ ست انچ ويڪري ۽ هڪ انچ
ٿُلهي. قلعي جي سونهن سوڀا ۾ اضافي لاءِ ڪونگرا ۽
سِرُن جي سٽاءَ سان سهڻيون ڊزائنون ڀتين تي رکيون
ويون آهن.
الغرض ته پنهنجي وقتن جي معاشي ۽ سماجي حالت تي
سچي شاهدي ڀريندڙ هي گواهه اوچي ڳاٽ بيٺو پيو ڪنهن
سياڻي وڪيل لاءِ واجهائي، جيڪو کانئس ڊگهو بيان
وٺي ڪنهن تاريخي عدالت جي حوالي ڪري.
سنڌ جا ٻه قديم
بندرگاهه
محمد اسماعيل شيخ
(1) رهمڪي بازار
اهل دل بزرگن وٽ وقت محض هڪ تصور آهي ۽ حقيقت کان
دور آهي؛ جڏهن ته اهل دانش، هن ڪائنات کي وقت جي
تابع تسليم ڪندي، ان کي ماضي، حال ۽ مستقبل جي
پيمانن سان ورهايو آهي. اهل علم وٽ وقت جو هڪ ئي
پيمانو ”حال“ آهي، ۽ ان کي اهڙي بي پايان بحر سان
تعبير ڪيو آهي، جنهن جي گهرائي ۾ طوفان جنم وٺن
ٿا، ۽ جنهن جون موجون تخليق ۽ تعمير جي ڀڃ گهڙ ۾
رڌل رهن ٿيون. شاعر جي تخيل مطابق وقت اهو مرهم
آهي جيڪو صدمن ۽ زخمن کي ميٽي ٿو، ۽ غمَ دوران کي
وسارڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
پر وقت جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي جو ”گذري“ وڃي
ٿو. گذريءَ کي ياد نه ڪرڻ جي تلقين ته دانائن ۽
دانشمندن کان ٿيندي رهي آهي، پر علم الانسان ۽
تاريخ جي علم جو بنياد ئي انهيءَ نڪتي تي رکيل آهي
ته:
”ڇا گذريو، ۽ ڇا ٿي گذريو.“
ڪلام پاڪ ۾ به گذري ويل کي ياد ڪري عبرت حاصل ڪرڻ
جي هدايت ٿيل آهي، اهو انهيءَ لاءِ ته ماضي، حال ۽
مستقبل جي ڄاڻ قومن ۽ ڪردارن لاءِ راه روشن ڪري
ٿي.
اسين اڄ ماضيءَ جي هڪ اهڙي يادگار جو ذڪر ڪنداسين،
جيڪو وقت جي بيرهم طوفاني لهرين جو شڪار ٿي حيثيت
۽ حوصلي کان محروم رهجي پنهنجي زندگيءَ جا پويا
پساه کڻي رهيو آهي ــ اهو آهي سنڌ جو هڪ مشهور
بندرگاه ”رهمڪي بازار“.
رهمڪي بازار، سنڌ جي انهن آثارن مان آهي، جن جي
محل وقوع معلوم ڪرڻ لاءِ نڪي نقشا ماپڻا آهن، ته
نه وري قياس آراين جا ڪي گهوڙا ڊوڙائڻا آهن. ڄاتل
سڃاتل مشهور بندرگاه آهي، جنهن کي گذريل اٺن ڏهن
صدين ۾ دريائي بندر جي حيثيت حاصل رهي آهي. هي
بندر، هن وقت ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي ۾، ڪڇ
جي رڻ جي ڪنڌيءَ تي هڪ ڳوٺڙي جي صورت ۾ موجود آهي.
رهمڪي بازار بابت چيو وڃي ٿو ته ”راهما“ يا
”راهوما“ قوم جا ماڻهو ڪڇ مان ڪَهي اچي هن سر زمين
تي آباد ٿيا، تنهنڪري انهيءَ ايراضي ۽ سندن بستيءَ
کي راهمن جو شهر يا راهمن جي بازار جي نالي سان
سڏيو ويو.
ليڪن سنڌ گزيٽيئر ۾ هن شهر کي ”رحيمڪي بازار“
ڄاڻايو ويو آهي، يعني ته ”رحيم“ نالي ڪنهن شخص جي
آباد ڪيل بستي.
اهو شهر راهمن جو هجي يا رحيم جو، خود شهر جي نالي
مان ئي ان جي حقيقت معلوم ڪري سگهجي ٿي. ”رحم ــ
ڪي ــ بازار“ جي ٽن لفظن واري صورت مان پهريون لفظ
”رهم“ ڪنهن قوم (راهما) يا ڪنهن شخص (رحيم) جو
مخفف آهي ته پوءِ ٻيو لفظ ”ڪِي“ حرف اضافت طور ڪم
آيو آهي. ٽيون لفظ ”بازار“غور طلب آهي. سنڌ ۾
”بازار“ جي نسبت سان اها واحد بستي آهي، جڏهن ته
ٻيا شهر ”وَسئينء“، ”ڳڙهه“، يا ”ڪوٽ“ وغيره جي
ترڪيب سان مروج آهن.
نالي جي انهيءَ سبب کي سمجهڻ لاءِ، اُن خطي جي
جاگرافيائي صورتحال جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
قديم زماني کان وٺي سنڌوندي پنهنجا وهڪرا پئي
بدلايا آهن. مسٽر آر ــ جي. بئنرجِي، بهاولپور کان
وٺي کير ٿر پهاڙ جي قطار تائين جملي ارڙهن هنڌن تي
سنڌونديءَ جي وهڪرن جا رخ معلوم ڪيا، جن مان پُراڻ
به هڪ وهڪرو هو.
وري پُراڻ جي نالي سان به ٻه ڍورا نظر اچن ٿا:
هڪڙو اُڀرنديون پُراڻ ڍورو، جيڪو ضلعي ٿرپارڪر مان
ڪُنري، فضل ڀنڀري ۽ نئين ڪوٽ کان ڦِرندو، ٿر جِي
ڪَٺار سان وهي، ونگي پتڻ وٽان لنگهي، رهمڪي بازار
وٽان وهندو، ڪڇ جي رڻ مان ٿي، وهي وڃي سمنڊ جي
ڪوريءَ نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
ٻيو الهنديون پُراڻ ڍورو، جيڪو جهُڏي شهر، محراب
جي ڳوٺ، بدين ضلعي ۾ باغ جي شهر (قديم ٻنگار شهر)،
ڏيهي جرڪس اولياء جي درگاهه وٽان لنگهي، نندي شهر
جا اُتريان پَٽ پُسائيندو، ونگي پتڻ کان هيٺ
اُڀرندئين پُراڻ ڍوري سان وڃي گڏبو هو. ان بعد ٻئي
ڍورا يڪي وهڪري جي صورت ۾ ڪوريءَ نار ۾ وڃي پوندا
هئا.
پُراڻ جو اهوئي وهڪرو هو، جنهن جي پاڻيءَ تي ڪڇ جي
رڻ واري ايراضي ۾ آبادي ۽ لکپت ۾ ساريال جي پوک
ٿيندي هئي. اهو سڄو علائقو پُراڻ جي پاڻيءَ تي
سرسبز ۽ آباد هو.
ڪوريءَ نار کان وٺي ونگي پتڻ تائين، پُراڻ تي ٽي
مشهور بندر هئا: علي بندر، رهمڪي بازار ۽ سنڌڙي.
پُراڻ جي هڪ ڇاڙ تي سومرن جو مشهور تختگاهه وڳهه
ڪوٽ آباد هو، جيڪو رهمڪي بازار کان پنج ميل پري
هو.
دراصل ڪڇ جي رڻ وارا بندر ۽ بستيون ڄڻ ته سرحدي
چونڪيون هيون. اُتي ڪوٽ اڏيل هئا، جن ۾ سنڌ يا ڪڇ
جا سرحدي محافظ موجود هوندا هئا. ڪڇ جو علائقو
اڪثر سنڌ جي حڪومت ۾ شامل هوندو هو، پر جيڪڏهن
ڪنهن راءِ يا راجا، ڪڇ جي خودمختاري جو قصد ڪيو
هوندو، ته به سنڌ جي حڪومت جو ڏن ڀَرُو ٿي رهيو
ٿي.
انهن چؤنڪين جي اها به ذميواري هئي ته سامونڊي
توڙي دريائي رستي کان ٻاهران ايندڙ واپاري مال تي
محصول جي وصولي ڪن. رهمڪي بازار به اهڙي ئي هڪ
سرحدي چؤنڪي هئي، پر ٻئي ڪنهن نالي سان، جيڪو
’ڪوٽ‘ يا ’ڳڙهه‘ جي عرفيت سان ئي ٿي سگهي ٿو، ۽ نه
بازار جي نالي سان جيئن مشهور آهي.
گمان آهي ته انهيءَ سرحدي چؤنڪي (ڪوٽ يا ڳڙهه) جي
ويجهو يا ان سان لاڳو هڪ نئين بستي وجود ۾ آئي،
جنهن جو مقصد صرف تجارتي هو، جنهن ۾ ٻاهران آيل
سوداگر ۽ واپاري ڏيهي تاجرن سان مال جي خريد فروخت
ڪندا هئا. انهيءَ لحاظ سان ان نئين بستيءَ جو
نالوئي بازار پئجي ويو، ۽ اڳتي هلي رهمڪي بازار
مشهور ٿيو.
رهمڪي بازار جو اوج ارڙهي صديءَ جي اڌ تائين قائم
رهيو، جيستائين سنڌو درياء رخ نه بدلايو. ميان
غلام شاهه جي وقت ۾ درياء پنهنجو رخ بدلائي ٻئي گس
سان وهڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ پراڻ وارو وهڪرو بند
ٿي ويو.
تنهن هوندي به برهاڙي جي مند ۾ پراڻ وارو پيٽ
بدستور جاري رهندو هو، تان جو 1762ع ۾ ميان غلام
شاهه سنڌ جي زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ درياء کي جيڪي
بند ٻڌايا، انهن جي ڪري پراڻ وارو وهڪرو بلڪل بند
ٿي ويو. رهي کُهي ڪسر 1819ع واري زلزلي پوري ڪئي،
جنهن ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ ڪڇ جي رڻ واري سڄي زمين کي
لوڻ کاڻ بنائي ڇڏيو. اهي ئي سبب هئا جن جي ڪري
رحمڪي بازار ۽ ان کان هيٺانهون علائقو ويران ٿي
ويو، ۽ سرحدي بندر اجڙي ويا.
انهن حقيقتن کان علاوه ڪي روايتون پڻ هلندڙ آهن،
جن موجب پُراڻ جي رخ بدلائڻ لاءِ دلوراءِ بادشاهه
جي ظالمانه روش کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جو
ڌرتي ڌُٻي، دلوراءِ جي نگري ناس ٿي، ۽ درياء
پنهنجو رخ بدلائي ڇڏيو.
ٻيءَ هڪ روايت موجب سيف الملوڪ نالي سوداگر،
دلوراءِ جي ظلم کان تنگ ٿي، اروڙ وٽان درياء کي
بند ٻڌايو، جنهنڪري پراڻ وارو وهڪرو بند ٿي ويو.
سنڌ گزيٽئر جي مصنف جي. ڊبليو. سٿ وري انهيءَ
تباهيءَ جي ذميواري ميان غلام شاهه تي اڇلي وڌي
آهي. هو لکي ٿو ته:
”ڪڇ جي رڻ وارو ڪنارو گهڻو ڪري برباد ٿيل شهرن سان
ڀريل آهي. انهن مان گهڻا شهر سنڌ جي حاڪم ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ ڪڇ جي راجا جي وچ ۾ ٿيل جنگين
۾ تباهه ٿيا. باقي بچيل 1819ع واري زلزلي ۾ پٽ
پئجي ويا، رحمڪي بازار به انهن ڦٽل شهرن مان هڪ
آهي. هن شهر ۾ اڃا تائين ڦٽل قبا، مزارون ۽ مسجدون
دڙن جي صورت ۾ يادگار نظر اچن ٿا.“
رهمڪي بازار کي محض هڪ دريائي بندر جي حيثيت حاصل
نه هئي، پر هڪ وڏي تجارتي مرڪز يا مارڪيٽ جي ڪري
مشهور هو. سڻائي بندر هئن ڪري مِٺي توڙي کاري جا
ٻيڙا هتي آسانيءَ سان لنگر انداز ٿيندا هئا سنڌ ۽
ڪڇ جو ڳانڍاپو به هن ئي بندرگاهه وسيلي قائم ٿي
رهيو. هتان ئي ٻيڙن ذريعي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي
پنهنجي منزل ڏانهن وڃي سگهبو هو. اڪثر انگريز
سياحن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن ئي بندرگاهه تان سفر
ڪيو. اڄ به سنڌ ۽ ڪڇ جي درميان خشڪي وارو سفر
رهمڪي بازار وٽان آساني سان ڪري سگهجي ٿو.
(2) لاهري بندر
سنڌ جي سامونڊي ڪناري جي اڻ سهائيندڙ گهاڙيٽي،
چؤماسي جي تند تيز هوائن، ڇوهن ۽ ڇولين، ويرين ۽
وهڪرن ــ اُن سان گڏ پُورالي نديءَ جي بدلجندڙ
ڇاڙن ۽ شاخن، انهن جي ڇڏيل واريءَ ۽ ريٽ جي تنهن،
ساحلي ايراضيءَ ۾ جيڪا روش اختيار ڪئي، تنهن ۾
ڪئين زرخيز زمينون لوڻ ــ کاڻيون بنجي ويون ته
ڪئين زير آب قطعا ريٽجي ٻيٽن جي شڪل ۾ نمودار ٿي
ويا. بستيون ويران ٿي ويون ۽ ويرانيون زير آب اچي
ويون.
سامونڊي ساحل جي انهيءَ طبعي تبديلي ۽ اٿل پٿل سنڌ
جي بندر گاهن تي به وڏو اثر وڌو. ڪيترائي جڳ مشهور
بندر نه فقط پنهنجو وجود وڃائي ويٺا، پر سندن
سڃاڻپ لاءِ محل وقوع جو تعين به اڄ جي محققن لاءِ
چئلينج بنيل آهي.
لاهري بندر، جيڪو اسان جي تحرير جو اڄوڪو موضوع
آهي، سو يقيناً اهڙي دائري کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته
سندس محل وقوع بابت لکيتون موجود آهن؛ ازانوساءِ
مڪاني آثار به سندس پڪا پختا شاهد آهن ته لاهري
بندر، سنڌو درياء جي بگهياڙ شاخ هو. اتان سمنڊ هڪ
ڏينهن جي پنڌ تي (يعني اندازاً ڏهه ميل) پري هو.
ٺٽو شهر، لاهري بندر کان دريائي رستي سان ٻن ڏينهن
جي مفاصلي تي هو.
لاهري بندر بابت پهريون حوالو البيروني جي ڪتاب
الهند مان ملي ٿو ته درياء سنڌ سمنڊ ۾ پوڻ کان اڳ
ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويو ٿي، انهن مان هڪ وڏي شاخ ۽
ٻي ننڍي شاخ هئي. لوهاراڻي بندر انهيءَ ننڍي شاخ
تي هو. (موجوده تحقيق موجب انهيءَ ننڍي شاخ کي
بگهياڙ تسليم ڪيو ويو آهي.)
البيروني جي لکڻ موجب، بندر جو اصل نالو
”لوهاراڻي“ هو، جيڪو پوءِ لاڙي، لاهري، لاهوري ۽
لهري به اُچارجڻ ۾ آيو، پر گهڻو مشهور ”لاهري“
ٿيو.
ان دؤر جي مشهور سـَّياح البشاري مقدسي جي چوڻ
موجب انهيءَ زماني تائين ڀنڀور (ديبل) جي حالت
ابتر ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري ان جي بدران لاهري بندر
کي استعمال ڪيو ٿي ويو، جيڪو ننڍو شهر آهي.
چوڏهين صدي جي اوائل ۾ ابن بطوطه لاهري بندر ڏٺو.
هو لکي ٿو ته ”سمنڊ جي ڪناري تي هڪ سهڻو شهر آهي.
کيس هڪ وڏو بندر آهي، جيڪو ديبل کان به گوءِ کڻي
ويو آهي. هن بندر تي يمن، فارس (ايران ۽ عربستان)
۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو واپار سانگي اچن ٿا. هن بندر
مان ساليانو سٺ لک رپيا محصول اڳڙندو آهي.“
سترهين صديءَ ۾ هند ۽ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو مکيه
لنگهه سنڌو درياء هو، جنهنڪري لاهري هڪ مشغول بندر
هو. هند جي پرڏيهي ۽ سنڌ جي سامونڊي واپار جو مکيه
مرڪز هو، جنهن پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن کي ڇڪي
آندو. سڻائي ڪناري سبب ٻن سَون کان ٽن سَون ٽنن جا
جهاز، جي ان وقت وڏا جهاز ليکبا هئا، مال لاهڻ ۽
چاڙهڻ لاءِ اچي لنگرانداز ٿيندا هئا. ليڪن اوليت ۽
اهميت پورچو گيزن کي حاصل هئي، جيڪي تجارت خاطر
گهڻ سامونڊي رستن تي ڇانيل هئا ۽ اڪثر بندرگاهن ۾
سندن واپاري ڪوٺيون هيون. سر ٽامس رو لکي ٿو ته
”لاهري بندر ۾ پورچوگيز چڱيءَ طرح ڄميل هئا ۽ گهڻي
انداز ۾ رهندڙ هئا. کين پنهنجي جنگي جهازن ۾
ايراني نار ڏانهن مال نيڻ جي هڪ هٽي حاصل هئي.“
انگريزن جي پهرئين واپاري وفد کي 1613ع ۾ لاهري
بندر منجهه پير کوڙڻ ۾ به انهيءَ ڪري ناڪامي حاصل
ٿي هئي جو پورچوگيزن اهو دڙڪو ڏنو هو ته جيڪڏهن
انگريزن کي بندرگاه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي
ته هو بندر ڇڏي هليا ويندا. جيئن ته ان وقت جي
گورنر محصول اڳاڙڻ جو حق هڪ مقرر ٿيل رقم جي عيوضي
ڏيئي ڇڏيو هو، تنهنڪري ان ڌمڪي جو ايترو اثر ٿيو
جو هن انگريزن جي وفد کي انهيءَ دليل تي قبول نه
ڪيو ته جيڪڏهن پورچو گيز هليا ويا ته پوءِ بندر جو
واپار بند ٿي ويندو.
پورچوگيزن جو سرڪاري روزنامچو لکندڙ ائنٽونيڪارو
1613ع ۾ لکي ٿو ته هي بندر تمام وڏو آهي ۽
آدمشماري تمام گهڻي آهيس. انگريزي ڪوٺين وارا به
انهيءَ بيان جي پٺڀرائي ڪندي لکن ٿا ته جيتوڻيڪ
شهر جي اڏاوت سٺي نه آهي، تڏهن به منجهس ڪافي آدم
آباد آهي ۽ ضرورت جون سموريون شيون چڱيءَ طرح
موجود آهن.
اورنگزيب جي ڏينهن ۾ دهلي حڪومت جو هڪ آفيسر هن
بندر لاءِ لکي ٿو ته: ”سنڌ جو مکيه بندر آهي.
موتين ۽ ٻين املهه شين کان مشهور آهي. هتي اٽڪل
چار هزار جهاز ۽ ٻيڙيون آهن.“
تاريخ طاهري جي مصنف بذات خود هن بندرگاه کي ڏٺو ۽
پنهنجي يادداشت قلمبند ڪئي اٿس ته: ٺٽي شهر ۽
لاهري بندر جي وچ ۾ ٻن ڏينهن جي بري توڙي بحري سفر
جيترو مفاصلو آهي ۽ ان کان پوءِ سمنڊ تائين پهچڻ
لاءِ هڪ ڏينهن جي سفر جيترو ٻيو مفاصلو آهي. اُتي
هڪ ننڍو واهه آهي (جنهن کي ٺٽي جي ٻوليءَ ۾ نار
چون ٿا) جيڪو بندر سان ڳنڍيل آهي. اهو ڪن هنڌن تي
تقريباً ڏهه طناب ويڪرو آهي ته ڪن جاين تي انهيءَ
کان به وڌيڪ. انهيءَ مان لنگهي ڪونه ٿو سگهجي.
بندر ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ وسنئن آهي، جنهن کي ”سُئي
مياڻي“ چوندا آهن. ان هنڌ مير بندر جا پهريدار
ڀريل هٿيارن سان هميشه هوندا آهن. جڏهن به ڪو جهاز
نار ۾ داخل ٿيندو آهي ته هو بندوق ڇوڙي ان جي اچڻ
جو اطلاع ڏيندا آهن. جنهن جي جواب ۾ وري – گهاٽ
تان بندوق ڇوڙي بندر جي ماڻهن کي جهاز جي خبر ڏني
ويندي آهي. بندر جا ماڻهو وري جهاز جي اچڻ جو
اطلاع ٺٽي جي واپارين ڏانهن اُماڻيندا آهن ۽ پاڻ
ٻيڙين ۾ چڙهي نار جي مُنهن وٽ ويندا، تيستائين
پهريدار جهاز بابت پوري پڇا ڳاڇا ڪري ڇڏيندا آهن.
جيڪڏهن جهاز پنهنجي ئي بندر جو آهي ته ان کي اندر
اچي لاهري بندر ۾ لنگر هڻڻ جي اجازت ڏني ويندي
آهي، پر جي ٻئي ڪنهن بندر جو آهي ته اهو اڳتي وڌي
نه سگهندو، بلڪ ان جو سامان لاهي ٻيڙين ۾ وجهي شهر
ڏانهن اُماڻبو آهي.
بندرگاه جي نه فقط حفاظت جو جوڳو بندوبست هو، پر
مال جي محصول وغيره جي وصوليءَ ۾ مقرر شاخ کان
وڌيڪ وٺڻ يا واپارين کي زير بار ڪرڻ جي ڪابه شڪايت
نه هئي. سترهين صديءَ جي سياحن جي لکيت سان معلوم
ٿو ٿئي ته هر بندرگاه تي محصول جي شرح مقرر نه
هوندي هئي، پر لاهري بندر جي محصول وٺڻ واري دفتر
تي محصول جو نرخ لکيل هوندو هو. ڪوبه لالچي عملدار
پنهنجي مرضي مطابق ان ۾ ڪابه ڦير گهير آڻي نه
سگهندو هو ۽ نه ئي ڪي نوان محصول مڙهي سگهيو ٿي.
بهرحال، هي بندرگاه، پنهنجي اٺن سّون سالن جي
شاندار تاريخي اوج ۽ عروج ماڻي، قدرت جي انهيءَ
ساڳيءَ ستم ظريفي جو شڪار بنجي برباديءَ جي منزل
کي پهتو، جنهن جي ڪري کائنس اڳ يا همعصر بستيون ۽
بندر برباد ٿيا. درياء جو پيٽ واريءَ ۽ رءُ سان
ريٽجڻ لڳو، جنهن ڪري منجهس غورابن ۽ ٻيڙين جي
آمدورفت مشڪل ٿيڻ لڳي. انهيءَ دوران ٻيا بندر،
جيئن ته اونگا بندر، شاه بندر، بستا بندر، ڌاراجا
۽ ڪراچي اُسري پيا ۽ لاهري بندر جي اهميت گهٽجي
وئي، تان جو سندس نالو نشان به نه رهيو.
لاهري بندر جي محل وقوع بابت باوجود پختين شاهدين
جي ڪن مورخن ۽ محققن کي اختلاف رهيو، ۽ هنن لاهري
بندر کي مشهور ديبل سان تعبير ڪيو. جيئن ته:
= سورهين صدي عيسوي ۾ پورچو گيزن هن بندر کي
لاهوري نالي سان گڏ ”ديوئل“ ۽ ”ديوئل سنڌ“ جي نالن
سان لکيو آهي.
= انگريزن به ان کي لاڙي بندر ۽ ”سِٽي ديوئل“ جي
نالن سان سڏيو آهي.
= مشهور مؤرخ مير علي شير قانع ان کي پراڻو ديبل
سمجهيو.
= پاٽنجر ۽ ڪننگهام ته ماڳهين هن بندر کي اصل ديبل
بندر چيو آهي.
ڪن مؤرخن فقط لاهري بندر کي ديبل ڪري سمجهڻ تي
اڪتفا ڪانه ڪئي، پر ٺٽي شهر کي به ديبل ڪري
ڄاڻايائون، جيئن آئين اڪبري جو مصنف ابوالفضل.
ساڳئي وقت، پيرپٺي جي بستي جيڪا پڻ بگهياڙ ڦاٽ جي
بندرگاهه هئي، ان کي به ديبل سڏيو ويو. حالانڪ مير
معصوم بکري لکيو آهي ته سندس زماني ۾ لاهري بندر ۽
ٺٽي، ٻنهين کي ديول بندر چيو وڃي ٿو.
لاهري، ٺٽي ۽ پيرپٺي کي ديول بندر ڪري سمجهڻ جي
غلط فهميءَ جا اسباب ڪهڙا هئا، انهن جي وضاحت
سامعين لاءِ مفيد تڏهن ٿيندي، جڏهن سنڌو درياءَ جي
ڇوڙ جي نوعيت ۽ نقشي کي ذهن ۾ رکبو.
ڏهه صديون اڳ سنڌو درياءُ ٻن شاخن ۾ ورهائجي، سمنڊ
۾ داخل ٿيندو هو. الهندي واري وڏي شاخ گهاري واري
سامونڊي کاريءَ ۾ پوندي هئي، انهيءَ کاريءَ تي
ديبل بندر آباد هو. اُڀرندي واري ٻي ننڍي شاخ،
جنهن کي بگهياڙ چيو وڃي ٿو، ان جي ڪناري تي لاهري
بندر جنم ورتو. پر فرق اهو هو ته ديبل سنئون سڌو
کاري پاڻيءَ جو بندر هو. جڏهن ته لاهري دريائي
(مٺي پاڻيءَ) جو بندر هو، ۽ سمنڊ اُتان هڪ ڏينهن
جي پنڌ تي، يعني ڪم از ڪم ڏهه ميل پري هو، جيئن ته
سنڌو درياءَ جو وهڪرو ٺٽي شهر وٽان هو، تنهنڪري نه
فقط ٺٽي، پر سڄي سنڌ، ملتان، لاهور ۽ هند جي
پيداوار ديبل، ٺٽي ۽ لاهري بندرن تان ئي غورابن
وسيلي ڏيساور تائين پهتي ٿي.
جڏهن ته ديبل، وڏي عرصي تائين، سامونڊي بندرگاهه
جي حيثيت سان، دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي ساک ۽ واپار
ڪري مشهور هو ۽ اڪثر سياهن ديبل جي خصوصيتن جي
ساراهه ڪئي هئي، تنهنڪري جڏهن ديبل ڦٽي ويو، ته
لاهري اوج تي پهتو ۽ جيئن ته لاهري بندر، ديبل کان
به ڪسر کڻي ويو هو، تنهنڪري ٻاهرين سوداگرن ۽
سياحن، لاهري کي ئي ديبل ڪري سمجهيو، يا تجارت ۾
ديبل جي مشهوريءَ جو فائدو وٺندي لاهري بندر جي
مال کي ديبلي جي ٽريڊمارڪ سان دنيا جي مارڪيٽ ۾
معروف ڪيو. وري جڏهن لاهري جا پويان پساهه ٿيا،
تڏهن ٺٽي کي اوج تي ڏسي، ان کي ديبل جي نسبت سان
سڏيائون.
|