سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :15

هن کي خبر آ ته ڪلارڪ جي حيثيت ڪهڙي هوندي. فائلن جي چوڪيداري، مالڪ کي سَر مٿان سَر چوڻ. ڪاوڙ کائڻ لڳي ٿو، اهڙيءَ زندگيءَ تي جنهن ۾ انسان ٻانهون ٻڌيو، ڪنڌ جهڪايو بيٺو هجي. ادب جو هي به عجيب طريقو آهي ته جنهن ۾ ماڻهو پاڻ کي ڪجهه نه سمجهي صرف حڪم مڃيندڙ. هن کي خبر هئي ته انٽرويو ڪندڙ ڪم جي سٺائي، وقت جي پابندي، ايمانداري ۽ نماز جو سوال ڪندو.

سچل کي سڏ ٿيو.

سچل اميدن کي سهيڙي کڻي هليو. جيئن در ٽپيو ته هن جي نظر هن جي ڪلاس فيصلو دوست اشرف تي پيئي، جنهن جي زندگي جو خاڪو سچل جي ذهن ۾ هڪدم گذري ويو. اهو اشرف، جيڪو پنهنجي اميري جو احساس ڏياريندڙ ڪار تي پر سدائين ليٽ پهچندڙ. هوشيار ڪونه پر سدائين پوزيشن کڻندڙ.

اشرف جي نظر جيئن سچل تي پئي ته رڙ ڪري چيائين ته ”هلو مسٽر سچل، ڪيئن اچڻ ٿيو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ملڻ ٿيو آ.“

يار اشرف يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ نوڪري جي تلاش ۾ آهيان.

معنيٰ اڃان توکي نوڪري نه ملي آهي. افسوس آ يار.

بس يار ڇا ڪجي، پاڻ آهيون مڙس اڀرا، سو اڀرن جو زور ڪٿي ٿو لڳي. توهان جي فرم جو ڪلارڪي لاءِ انٽرويو آيو، هليو آيس.

ڀلي ڪري آيا. اشرف چيو.

سچل اڃان من جي وکريل جذبن کي ڪٺوئي ڪري رهيو هو ته ٽيليفون جي گهنٽي وڳي.

اشرف ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن سان ڪو وڏو آفيسر ڳالهائي پيو. ”جي سائين اڄ ئي انٽرويو آهي. بلڪل سائين اسان توهان کي جواب ڏينداسين. بلڪل سائين، پهرين توهان جو ماڻهو پوءِ ٻيو.“

سچل منجهيل من کي اشرف جي اڳيان نيچ ۽ گهٽ پئي سمجهيو.

يار سچل ساري! منهنجو خيال هو ته هي نوڪري توکي ملي، پر هينئر ٻئي دوست جي ٽيليفون آئي ته منهنجو ماڻهو کڻ.

ڏس نه يار، هڪ ٻئي ۾ ڪم پون

مائينڊ نه ڪجان. هونءَ به تون انتظار ڪجان ٻي جڳهه جو، انشاءالله ڪم ٿي ويندو.

سچل دوست جي انهيءَ ڪوڙ ۽ دولاب جي پاتل چهري کي ڏسي پنهنجا وکريل جذبا سهيڙي اٿڻ لڳو.

سچل جي ذهن تي بار وڌي وڃي ٿو. محسوس ڪري ٿو ته واقعي پاڻ اڪيلا آهيون. سچل اشرف کان موڪلائڻ بجاءِ پنهنجن پيچرن ڏانهن وري ٿو. لهندڙ سج جي آخري ڪَرڻي جيان سچل به آخري اميدون سهيڙي پنهنجي پاڇي کي لتاڙيندو واپس ڳوٺ وري ٿو.

تبصرا/تعارف 

(نون ڪتابن جو جائزو)

(1) واٽ ويندي

سنڌي ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ محترم علي احمد بروهي هڪ مقبول ۽ برجسته ليکڪ ۽ نقاد جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ماضي قريب ۾، بروهي صاحب روزنامہ هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ”واٽ ويندي“ جي عنوان سان مستقل ڪالم لکندو رهيو آهي. سندس انهيءَ عنوان تحت لکيل ڪالم سنڌي زبان ۽ ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. انهن ڪالمن کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙي ۽ سموهي ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ حيدرآباد وارن ڇپايو آهي. اداري جو هي ڪتاب نمبر 78 آهي.

هڪ عوام دوست اديب جي تخليقي ڏات هميشہ سماج سان لاڳاپيل هوندي آهي، جنهنڪري انسان دوست اديب، پنهنجن سماجي ناتن ۽ اجتماعي شعور سان گڏوگڏ پنهنجن ذاتي، شخصي، داخلي ۽ خارجي جذبن، تجربن، احساسن، امنگن ۽ مشاهدن جو بنا ڪنهن رک رکاءُ جي اظهار ڪندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح هو عوامي ساٿ ۾ پاڻ کي شامل ڪندو آهي، يعني عوام سان گڏجي هلندو آهي. لائق مصنف ”واٽ ويندي“ عنوان سان پنهنجن صحافتي ڪالمن وسيلي ڪڙن ۽ مٺِن لفظن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي حالتن جو جائزو ورتو آهي ۽ ان سان گڏ سياسي، ثقافتي ۽ معاشي فڪرن ۽ لاڙن جو اظهار پنهنجي انوکي انداز ۾ ڪيو آهي، انڪري هي ڪتاب اسان لاءِ هڪ ”تاريخي رڪارڊ“ جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو ايندڙ نسل لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.

”آمي ۽ ڦاپي“ جي واردت کي سچائي سان ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي لکيو ويو آهي، جيڪا لفظن جي روپ ۾ سنڌي سماج تي ٿيندڙ ڏاڍ جو صحيح نقشو چٽي ٿي؛ جنهن ۾ هر عقلمند هن ڪوڙهئي سماج جي صحيح تصوير ڏسي سگهي ٿو. اها حقيقت آهي ته انهيءَ جبر جو ٻيو رخ ۽ ان ۾ شامل ڪردار ڪنڊياري، نوابشاهه ۽ سعيدآباد جون وارداتون ۽ شخصيتون آهن.

ڪالم نويسيءَ کي طنز و مزاج ۽ تنقيد جي کيتر ۾ به وڏو ڪارج حاصل پئي رهيو آهي، جنهن ۾ سماجي شعور ۽ معاشري جي هر اهم واقعي جي حوالي يا لاڳاپي سان پڙهيو ۽ ڏٺو وڃي ٿو. ڪالم نويسيءَ جي اهميت ۽ ڪارج لاءِ فاضل مصنف پاڻ ئي لکي ٿو ته ”ڪالم نويسي دراصل صحافت جو هڪ ڇڙواڳ نمونو آهي ۽ جنهن جي دائري جون ڪي حدون مقرر ٿيل نه آهن. هن ڪالم ۾ ملڪ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ٽيڪاٽپڻي سان گڏ زندگيءَ جي هرموضوع تي خيال آرائي ٿي سگهي ٿي. اسان وٽ ڪالم نويسيءَ وسيلي عام ماڻهن کي مسئلن جي اصلي اندروني حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ ته عوام کي هڪ قسم جو چتاءُ پڻ ڏنو وڃي ٿو ته هاڻ هي نئين قسم جو راڳ آلاپيو وڃي ٿو. دراصل اسان وٽ سرڪار ۽ سندس سرڪردا اڪثر آهن ئي لاٽريءَ ۾ آيل يا ٿاڦيل يا اڃان به مٿان زوري مڙهيل. هو پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ خاطر هر قسم جا حربا ۽ چڪما استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهڙي صورتحال  اسان جو مقامي سياستدان سرڪار جي مهار ۾ ٻڌل آهي، بلڪ سندس کيسي ۾ پيل آهي ته سندس ناپاڪ ارادن جي اوگهڙ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڳالهين يا ڳجهارتن ۾ وقت سر خبردار ڪرڻ ۾ ڪالم نويسيءَ کي وڏو دخل آهي.“ اهڙي طرح ڪالم نويسي ذريعي نه فقط پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائي سگهجي ٿي، پر ان سان گڏوگڏ کين وندرائي به سگهجي ٿو. انهيءَ لحاظ کان ”واٽ ويندي“ ڪتاب سنڌ جي صحافتي ادب جو هڪ اعليٰ شاهڪار آهي.

محترم علي احمد بروهي هڪ مشهور اهلِ علم ۽ اهلِ قلم اديب ۽ تاريخ جو ماهر آهي، جنهن پنهنجين ذهني قوتن ۽ صلاحيتن سان پنهنجي ڏيهه جي ڏوٿيڙن جي اهنجن، ارمانن، خوشين سياسي ۽ معاشي مسئلن، مٿن ٿيندر ڏاڍ ۽ صبر جي حوالي سان ڪالم نويسيءَ جي ڍال سان بچاءُ پئي ڪيو آهي. جبر جي هر صورت کي هن نموني نندي ٿو:

”هي ڊرامو (ٽيليويزن تي ڊرامو ديوارين) روزمرهه اسان جي اکين آڏو ٿي رهيو آهي. ڪيئي هاشم صليب تي چڙهي چڪا آهن ۽ ڪيئي راڻيون ڏاگهه تي چڙهڻ لاءِ تيارين ۾ آهن. انهن ديوارن کي ڊاهڻ لاءِ اسين ڇا ڪري رهيا آهيون؟ آخر اونداهيءَ جو ڪڏهن انت ايندو؟ حق ۽ سچ جو به ڪڏهن سج اڀرندو يا اوندهه ۾ رهڻ اسان جو مقدر ٿي چڪو آهي.“

اهڙيءَ ريت ڪتاب ”واٽ ويندي“ نه فقط عوام جي ذهني ۽ نفسياتي پيڙا، جيڪا هن وقت جو وڏو الميه آهي، تنهن جو لکيل اظهار آهي، پر بروهي صاحب جي انهيءَ راءِ جي نفي پڻ آهي ته سندس لکڻيون ڏات کان خالي آهن، ڇو جو سندس لکڻين ۾ اها پختائي ۽ سگهڙپائي جي موج ملي ٿي جيڪا شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ”نعرهء مستانه“ ۾ موجود آهي.

تاريخ وانگر ادب ۾ به تسلسل موجود هوندو آهي. رشوت، سفارش، غربت، بيروزگاري ۽ آزادي اهڙا ته انساني مسئلا آهن، جن تي صدين کان نثر، نظم ۽ ڪهاڻين ۾ بحث ٿيندو اچي ٿو. علي احمد بروهي به تاريخي تسلسل تحت ورثي ۾ مليل انهن ئي مسئلن تي بحث ڪيو آهي.

آزادي ۽ خيرات، سنڌڙي دا پرائيم منسٽر، اليڪشن، اسلام جا شيدائي يا منافق، قبر تائين ڪرسي، اجرڪ جو نيشان، سنڌو، ٽوڙهي ٽرئجدي، درياهه توتي دانهن، ۽ ٻيون اهڙيون بنيادي ۽ تاريخي سچايون هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جن مطابق ڪتاب جو ٽائيٽل ئي ڪتاب اندر موجود مواد جي نشاندهي ڪري ٿو ته سنڌ جو عوام پوري انسان ذات سان گڏ تاريخ جي قافلي ۾ شامل آهي ۽ پنهنجي پٺيان پنهنجي شاندار ماضيءَ جي تاريخي سچائين جا نيشان ڇڏيندو پيو وڃي. ڪتاب تي سنڌي ٻولي سان بيحد پيار ڪندڙ ماهر لسانيات سراج صاحب جا لکيل ’ٻه اکر‘ ڪتاب جي اهميت ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ڪن ٿا، ان ڪري هي ڪتاب هر سنڌي ماڻهوءَ جي پڙهڻ وٽان آهي ته جيئن تاريخي، سماجي ۽ معاشي حقيقتن، حادثن، وارداتن ۽ سچاين کي پنهنجي ذهن جي جيوَ گهرڙن ۾ محفوظ ڪري سگهجي.

هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد ۽ سنڌ جي هرڪتاب گهر تان ملي سگهي ٿو. 248 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ٽيهه رپيا موزون آهن.

ـــــ عبدالله خان مگسي

(2) تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي

شاهه لطيف جو نالو اڄ سنڌي ساهت ۾، همہ گير، آفاقي ۽ مستقل حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. گذريل صديءَ کان جيئن سندس ڪلام جي ترتيب ۽ تدوين شروع ٿي، تيئن ئي سندس فڪر ۽ پيغام تي پڻ مسلسل ڪم ٿي رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ساهت وانگر شاهه لطيف جي اڀياس ۽ مطالعي جا به ٻه مرڪز ٿي ويا ـــ هڪ هند ۽ ٻيو سنڌ ۾. گذريل چاليهن ورهين ۾ هڪ طرف سنڌ ۾ شاهه جي سوانح ۽ ڪلام بابت لاڳيتو ڪم ٿي رهيو آهي، ته ٻئي طرف هند ۾ وري شاهه جي فن، فڪر ۽ فلسفي کي سمجهڻ ۽ سجهائڻ لاءِ وڏي محنت ٿي آهي. ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ جي ڪتاب ”ڪنور پاڙون پاتار ۾“ ڇپجڻ کان پوءِ، تبصري هيٺ آيل ڪتاب پڻ شاهه صاحب بابت آهي، جيڪو گذريل سال دهليءَ سان شايع ٿيو آهي.

هيءُ ڪتاب ديش بندو ڪاليج دهليءَ جي سنڌي شعبي جي سربراه ڊاڪٽر سنتداس جهانگياڻيءَ جي محنت جو ڦل آهي. هن ڪتاب ۾، ڪنهن خاص عنوان تي تحقيق نه ڪئي وئي آهي، البته ان ۾ جدا جدا عنوانن تحت قلم کڻي، شاهه لطيف جي شعر جي پرک پيش ڪئي وئي آهي. هن ۾ ڪل اٺ مضمون: سوامي پراڻناٿ ۽ شاهه عبداللطيف، شاهه ۽ ڏياري، شاهه ۽ عيد، سماجواد جو علمبردار، شاهه جي زماني ۾ سنڌ جو واپار، شاهه زمان حال جي حوالي ۾، ڇا شاهه امي هو، ۽ هندن جو همدرد همراز ــــــــ آيل آهن. مصنف پنهنجي جستجو ۽ جاکوڙ سان هر عنوان سان نباهڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي.

پهرئين مضمون ۾ شاهه لطيف ۽ سوامي پراڻناٿ جي ڀيٽ ڪيل آهي. سوامي صاحب کي، شاهه لطيف ۽ شاهه ڪريم جي سلسلي جي هڪ کٽل ڪڙي سڏيو ويو آهي. ايندڙ ٻه مضمون تحرير ڪندي سنتداس صاحب ٻڌائي ٿو ته شاهه مسلمان جي حيثيت ۾ عيد جو ذڪر ته ڪيو، ليڪن پاڻ هندو جاتيءَ جي مک ڏينهن کي به ياد ڪيو اٿس:

ڏٺي ڏياري، سامنڊين سِڙهه سنباهيا،

ان کي مند اتر جي، اوچتي آئي،

وڻجارن وائي، آهي پريين پار جي.

ايندڙ مضمون جو محور هي آهي ته شاهه لطيف سماجواد جو علمبردار هو. هي مضمون ڪافي طويل آهي. اک اک جو ڦير آهي، سمجهه سمجهه جو انداز آهي. ڄام هٿ ۾ ڄار، ڄلي ڄٻير وچ ۾ ــ سنڌ جي ڪن نقادن وٽ سخت ناگوار آهي، ۽ ٻئي طرف سنتداس صاحب ان سٽ ذريعي شاهه جو سماجوادي هجڻ ڳولي ڪڍي ٿو. شاهه جي زماني ۾ وڻج واپار هڪ سطحي پيپر آهي. آخري ٻه عنوان: ڇا شاهه امي هو، ۽ شاهه هندن جو همدم همراز، متعلق آهن. شاهه جي تعليم ۽ تربيت بابت، مصنف هڪ ــ اڌ ڌيان طلب نقطو ڪتب آندو آهي.

هن ڪتاب جي ٻولي سادي آهي ۽ انگريزي توڙي هنديءَ جي ڀرمار کان آجي آهي. مصنف هر ڳالهه عام فهم انداز سان سمجهائي آهي، ۽ پنهنجي اظهار جي لاءِ انهن محاورن ۽ اشارن کان ٽارو ڪيو آهي، جن جي معنيٰ ۽ مفهوم جي کيس به ڄاڻ نه هئي، جيئن اسان وٽ هاڻي عام ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر سنتداس هي ڪتاب تحرير ڪري شاهه جي پيغام ۽ فڪر جي سماجوادي، وطن دوستي ۽ عالمگير پهلوءَ کي اجاگر ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي. هي ڪتاب هڪ سؤ ٽي صفحن تي، ڪرائون سائيز تي مبني آهي. جيئن ته هي ڪتاب مصنف جي نظرن کان سوين ميل پري، اجمير ۾ ڇپيو آهي، ان ڪري ان ۾ متعدد ڇاپي غلطيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن ڪتاب بعد مصنف جو ڊاڪٽوريٽ لاءِ پيش ڪيل مقالو پڻ جلد ڇپجي اچڻ وارو آهي، ان جي اشاعت سان به شاهه جي اڀياس ۾ هڪ اهم واڌارو ٿيندو.

ملڻ جو هنڌ: 11/2، ڪالڪاجي ايڪسٽينشن، نئين دهلي، 110019، نئين دهلي (ڀارت).

غلام محمد لاکو

(3) سنڌي ادب (ڇهه ماهي)

اداره سنڌ شناسي جي هن ڇهه ماهي اشاعت ۾ ويجهن اديبن جا تحقيقي ۽ عام معلوماتي مقالا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو تنقيدي مقالو آهي، جنهن ۾ سنڌي شعر جي مختلف وزنن جو جائزو ورتو ويو آهي. ڊاڪٽر حبيب الله مرزا ”تحقيق جي فن ۽ مقصد“ بابت محققن جي رهنمائي لاءِ ڪجهه عام هدايتون ڏنيون آهن. هدايت پريم ”سنڌو لکيت تي ٿيل تحقيق“ جي روشنيءَ ۾ وڏي محنت سان، نهايت وڻندڙ انداز ۾ بحث ڪيو آهي. مراد علي مرزا ”سنڌي ٻوليءَ جي علمي حيثيت“ متعلق زنده حقيقتن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ۽ موجوده دور جي تقاضائن مطابق، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي آهي. عبدالله ورياه ”ڀنڀور مان لڌل ڪتبن“ تي، سڪن جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو آهي. يوسف ”پرديسي“ جو تحقيقي مقالو ”آمريڪي ريڊ انڊين ۽ گورن جا پاڻ ۾ تعلقات“ بابت اهم معلومات فراهم ڪري ٿو؛ پروفيسر اقبال احمد قريشيءَ جو مقالو ”انڊونيشيا ۾ ڊچ دور جا اثرات ۽ قومي بيداري جا اسباب“ متعلق آهي، جنهن ۾ انڊونيشيا جي قومي تحريڪن جي ڪردار جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ انڊونيشيا ۾ ڊچ قوم ڪهڙيءَ ريت مقامي آباديءَ تي ظلم ڪيا ۽ عوام کي پنهنجن حقن کان محروم رکيو ۽ کين جاگيردار طبقي جو محتاج بنايو. آخرڪار ڊچ استعماريت خلاف عوام جي هر طبقي آزاديءَ جي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ انڊونيشي عوام آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com