ڀٽائي گهوٽ جي سُر سارنگ جو مُطالعو
ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“
سارنگ سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
مور جي ٻولي. ان کان علاوه هڪ راڳڻيءَ جو به نالو
آهي. سنپورڻ راڳ جي قسمن مان هڪ آهي. هڪ راڳڻيءَ
جا سُر حقيقي معلوم ٿيندا آهن. هيءُ راڳ ٻن پهرن
جو ڳايو ويندو آهي. شاسترن ۾ هيءُ هڪ ڀلارو راڳ
ڄاڻايو ويو آهي. هي معنائون شبد ساگر (هندي
ڊڪشنري) ۽ جان پليٽس جي هندستاني انگريزي ڊڪشنري ۾
ڄاڻايل آهن. هندي جي مشهور ڊڪشنري ”شبد ساگر“ ۾
سارنگ جي معنيٰ ميگهه، بادل ۽ کنوڻ پڻ ڄاڻايل آهي.
موسيقيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن راڳ جي ڳائڻ
سان مينهن وسندو آهي. واقعي اها هڪ حقيقت آهي،
ڇاڪاڻ ته جن ڪنور جو راڳ ٻڌو، تن جو چوڻ آهي ته
ڪنور جڏهن سارنگ ڳائيندو هو ته آسمان تي ڪڪر
ڇانئجي ويندا هئا ۽ مينهن وسڻ لڳندو هو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جو مطالعو
ڪرڻ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته شاهه سائينءَ کي
پاڻيءَ سان پريت آهي. سريراڳ، سامونڊي، سهڻي،
ڪاموڏ، گهاتو ۽ سارنگ ۾ پاڻي ۽ پاڻيءَ سان متعلق
شين جو ذڪر ملي ٿو. انهن سُرن کان سواءِ ڪن ٻين
سُرن ۾ جزوي طور پاڻيءَ جو ٿورو گهڻو ذڪر موجود
آهي. ٻين پاڻي وارن سُرن ۾ سمنڊ يا درياهه جو خاص
طور ذڪر ڪيل آهي، پر سُر سارنگ ۾ پلر جي پالوٽ نظر
اچي ٿي، يعني ان ۾ مينهن ۽ ان سان متعلق شين جو
ذڪر آهي.
بيشڪ مينهن الله جي رحمت آهي ۽ الله تعاليٰ جو وڏو
وڏ احسان آهي، جنهن سان ماڻهو توڙي جانور فائدو
حاصل ڪن ٿا. جيئن ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”ڇا
انهن ڪونه ڏٺو ته اسان خشڪ ٺوٺ زمين جي طرف پاڻي
پهچايون ٿا. پوءِ انهن جي ذريعي پيدا ڪريون ٿا،
جنهن مان سندن جانور به کائين ٿا ۽ هو خود به، ڇا
هو غور نه ٿا ڪن.“27/32
ٻنهي جهانن جي سردار حضور پُرنور صلي الله عليہ
وسلم جن جي هڪ حديث شريف آهي (جيڪا امام بخاري ۽
امام مسلم جي ڪتابن ۾ موجود آهي) ته حضرت ابو
موسيٰ اشعري رضه کان روايت آهي ته رسول الله صلي
الله عليہ وسلم جن فرمايو ته: ”جيڪا هدايت ۽ علم
حق تعاليٰ مون کي عنايت ڪري مبعوث فرمايو آهي،
تنهن جو مثال ان ابر وانگر آهي، جو اهڙي زمين تي
وٺو، جو ان جو هڪ حصو ته ايترو عمدو هو، جو ان
پاڻيءَ کي خوب جذب ڪيو ۽ چارو ۽ سبزيون وغيره
گهڻيون ئي پيدا ڪيون ۽ هڪ اهڙو حصو هو، جيڪو پاڻي
ته جذب ڪري نه سگهيو، پر ان پاڻيءَ کي روڪي ڇڏيو ۽
الله تعاليٰ ان مان ماڻهن کي فاعدو پهچايو. ماڻهن
اهو (پاڻي) پيتو ۽ جانورن کي پياريو ۽ پوکون ڪيون
۽ ان جو هڪ حصو اهڙو بنجر نڪتو، جو نه اهو پاڻي
روڪي سگهيو ۽ نه وري ڪجهه پيدا ڪري سگهيو. بس
اهوئي مثال انهن ماڻهن جو آهي، جن کي الله تعاليٰ
جي دين جي سمجهه حاصل ٿي ۽ آءٌ جيڪو دين کڻي مبعوث
ٿيو آهيان، تنهن مان هن نفعو حاصل ڪيو ۽ ان جي سکڻ
۽ سيکارڻ ۾ مصروف رهيا ۽ انهن ماڻهن جو، جن
(ماڻهن) پنهنجي تعليم جي طرف منهن کڻي به نه ڏٺو ۽
جيڪا هدايت الله تعاليٰ مون کي ڏيئي موڪليو هو، سا
مهڙ کان قبول ئي نه ڪيائون.“
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح جن جو ڪلام گهڻي ڀاڱي تمثيلي آهي. سُر ۾ به
شاهه سائين مينهن جا مثال ڏيندي اسلامي تعليمات جي
طرف نه فقط اشارا ڪيا آهن، پر ڪن هنڌن تي ظاهر
ظهور اسلام جون ڪي اهم ڳالهيون بيان ڪيون آهن.
ٻنهي جهانن جي سردار جيڪو ڪلمو سيکاريو، تنهن کي
ڪلمئه توحيد ۽ ڪلمئه طيبه پڻ سڏيو وڃي ٿو. بيشڪ
اهو ڪلمو پاڪ دلين تان ڪٽ ۽ ڪارنهن لاهي ڇڏي ٿو.
جيئن شاهه لطيف فرمايو آهي:
”ڪلمي سين ڪاٽي، لاٿم ڪس قلوب تان“
داستان پهرين جي وائي ۾ شاهه سائين قيامت جي ڏينهن
جو ذڪر ڪندي پاڻ سڳورن جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪندي
سندن شفاعت واري مرتبي جو تمام سهڻي نموني ذڪر ڪيو
آهي.
علماءِ ڪرام جو چوڻ آهي ته شفاعت دراصل مقامَ
محمود آهي، جنهن جو الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ذڪر
ڪيو آهي. احاديث نبوي جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو
ته ”جڏهن سڀ ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ڪيا ويندا، ته ان وقت
انهن ماڻهن جي دل ۾ اها ڳالهه وڌي ويندي، ته هو
جيڪڏهن بارگاه خداوندي ۾ ڪنهن پيغمبر سڳوري کي پيش
ڪندا ته کين نجات ملي ويندي. پوءِ ماڻهو حضرت آدم
عليہ السلام وٽ وڃي کين عرض ڪندا ته ”اوهان
ابوالبشر آهيو، اوهان کي فرشتن سجدو ڪيو هو،
تنهنڪري اوهان هلي اسان جي شفاعت ڪريو.“ (پر) آدم
عليہ السلام انڪار ڪندو ۽ پنهنجي مجبوري ڏيکاريندو
۽ الله پاڪ کان حياء اچڻ جو ذڪر ڪندو ۽ کين چوندو
ته اوهان نوح عليہ السلام وٽ وڃو، هو پهريون نبي
آهي. پوءِ هو نوح عليہ السلام وٽ ويندا. نوح عليہ
السلام به انڪار ڪندو ۽ کين چوندو ته توهان
ابراهيم عليہ السلام وٽ وڃو، جنهن کي الله تعاليٰ
پنهنجو خليل (دوست) سڏيو آهي. ماڻهو وٽن ويندا، پر
هو به انڪار ڪندو ۽ کين چوندو ته اوهان موسيٰ عليہ
السلام وٽ وڃو، الله تعاليٰ ان سان گفتگو ڪئي ۽
کين تورات به ڏني.“ پر جڏهن ماڻهو وٽن ويندا ته
هُو به انڪار ڪندو ۽ کين چوندو ته ”اوهان عيسيٰ
روح الله وٽ وڃو.“ ماڻهو وٽن ويندا، پر هو به
انڪار ڪندو ۽ کين چوندو ته ”توهان محمد صلي الله
عليہ وسلم جن وٽ وڃو.“
صُور ڌڪاءُ ٿيندو، اکون سڀ سِڄُ ڪڍندو،
نفسا نفسي سڀڪو ڪري، داتا در ڊوڙندو.
پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ”پوءِ ماڻهو مون وٽ
ايندا. تڏهن آءٌ پنهنجي ربّٰ کان اِذن حاصل ڪندس.
مون کي اِذن ڏنو ويندو. پوءِ جڏهن آءٌ پنهنجي ربّٰ
کي ڏسندس، ته سجدي ۾ هليو ويندس.“
”سجدي پئي سپرين، زاريون زور ڪريندو“
پوءِ الله تعاليٰ مون کي دعا سيکاريندو. هو پنهنجي
منشا مطابق منهنجي زبان مان چورائيندو. تڏهن الله
تعاليٰ فرمائيندو ته ”اي محمد! پنهنجو مٿو مٿي ڪر.
چئو: تنهنجي ٻُڌي ويندي، گهُر: توکي ڏنو ويندو.
شفاعت ڪر، تنهنجي شفاعت قبول پوندي.“
”مُهت ڏيندس مولو، اُت بديون بخشائيندو“
نعت گوئي شاعريءَ جو سڀ کان مشڪل قسم آهي، ڇاڪاڻ
ته ان لاءِ فقط سهڻن لفظن، چست بندشن ۽ بهترين
ترڪيبن سان حق ادا نه ٿو ٿئي، پر ان ۾ زبان ۽ بيان
کان وڌيڪ درد دل ۽ سوز عشق جي ضرورت هوندي آهي. ان
کان علاوه نعت گوئي ۾ هڪ ٻيو نازڪ مرحلو پڻ اچي
ٿو، جتي قدم لُڏي وڃن ٿا. اهڙا تمام ٿورا ماڻهو
هوندا، جيڪي الوهيت ۽ رسالت جي فرق کي قائم رکي
سگهن. بيشڪ سندن بلند مقام کي نعت ۾ پيش ڪرڻ سولو
ڪم نه آهي. اهوئي سبب آهي جو سڀني نعت گو شاعرن
عجز جو اعتراف ڪيو آهي.
امام بوصيري رح کي نعت گوئي ۾ ڪمال حاصل آهي، پر
ان هوندي به فرمايو اٿس ته
فان فضل رسول الله ليس لہ
حد فيعرب عنہ ناطق بغم
[ترجمو: بيشڪ رسول پاڪ جي فضائل جي ڪا حد ئي نه
آهي. بس هر بيان ڪرڻ وارو بيان ڪرڻ کان عاجز آهي.]
اصحاب رسول صه مان حضرت حسان بن ثابت رضه نعت گو
جي حيثيت ۾ وڏ درجو رکن ٿا. خاص طور سندن هي شعر
پنهنجو مٽ پاڻ آهي:
و احسن منڪ لم ترقط عيني
و اجمل منڪ لم تلد النساءُ
[يعني: اوهان (حضور صه) کان وڌيڪ سهڻو منهنجي اکين
هرگز ڪونه ڏٺو ۽ اوهان کان وڌيڪ خوبصورت ڪنهن ماءُ
ڪو پُٽ ڪونه ڄڻيو آهي.]
سُر سارنگ جي داستان ٽين جي وائي ۾ حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي پاڻ سڳورن جي جيڪا صفت ۽ ساراهه
بيان ڪئي آهي، تنهن ۾ صفت تلميح ۽ صفت اقتباس جا
اعليٰ مثال پيش ڪيا ويا آهن. خاص طور ان وائيءَ جي
وراڻي واري مصرح جنهن جمالياتي رنگ ۾ منظوم ڪئي
وئي آهي، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي:
”اکڙيون ميگهه ملهار، صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو“
ان وائي جي هڪ مصرع آهي:
”ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪريا ڪوٽ ڪفار“
امام بوصيري پنهنجي مشهور قصيده برده ۾ فرمايو آهي
ته
و بات ايوان کسريٰ وهو منصدع
کشمل اصحاب کسريٰ غير ملتعم
سيوطي ۽ حافظ ابو نعيم پنهنجن ڪتابن ”خصائص“ ۽
”دلائل“ ۾ هيءُ مضمون آندو آهي، جنهن جو تَتُ هن
ريت آهي:
”حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي ولادت واري رات
ڪسريٰ جي ايوانن ۾ زلزلو محسوس ٿيو ۽ ان جا چوڏهن
ڪنگرا ڪري پيا وغيره. اها ساڳي ڳالهه ٿوري ڦير ڦار
سان ٻين ڪتابن ۾ پڻ آيل آهي. پر تاريخ جي مستند
ڪتابن ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪونه ٿو ملي. بهرحال، ان
جو مطلب هروڀرو قيصر و ڪسريٰ جي ايوانن جا ڪنگرا
ڪرڻ نه آهي، پر ان ڳالهه جو هڪ وسيع مطلب آهي، اهو
ــــــ ڪفر ۽ ڪافرن جي تباهي ۽ بربادي!
هن ساڳي وائي ۾ هڪ مصرع هن ريت آهي:
”سجدو فيل في الحال ڪيو، پسي مُطلب نور نراڙ“
ان مصرع جو اشارو ابره جي هاٿي ڏانهن آهي، جو اڳتي
وڌڻ بجاءِ، جهُڪي ڪري پيو ٿي. ان هاٿيءَ جو نالو
اڳ ۾ ته ڪو ٻيو هو، پر پوءِ ان جو نالو ”محمود“
مشهور ٿيو.
ساڳي وائي جون ٻه مصرعون اهڙيون آهن، جن ۾ پاڻ
سڳورن جي معراج مبارڪ جو ذڪر ڪيو ويو آهي:
آگي سڀ اڀن جو، توکي ڪاريو سير ستار
ولسوف يعطيڪ ربڪ،
توسين قادر ڪيا قرار
ان کان پوءِ ٻين مصرعن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليہ
وسلم جن جي صفت ۽ ثنا بيان ڪئي وئي آهي:
قادر پاڻ قسم ڪيا، خاڪ قدمن جا ڪلتار
هن مصرع جو اشارو ”سورت بلد“ ڏانهن آهي، ۽ بيشڪ
هيءَ حقيقت آهي ته:
آهين ڪرم ڪريم جا، احمد ساڻ اپار
هڪ ٻئي بيت ۾ شاهه سائين حضور صلي الله عليہ وسلم
جن جي خاتم النبيين واري صفت بيان ڪندي دعاءِ
ابراهيم ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جيڪا قرآن پاڪ جي
سورة بقر ۾ موجود آهي.
پاڇاٽيان پئي، ٿيو آڳاٽيان اڳرو،
چڪس سڀ چئي، تڏهن موليٰ مينهن وسايا.
هن سُر ۾ شاهه صاحب پنهنجي ديس جي شين کي تشبيهن
طور استعمال ڪري، پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ماحول جي
ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. شاهه سائين فرمايو آهي ته:
سارنگ سائي سٽ، جهڙي لالي لاک جي
ائين سي اٻن انگيا، جيئن سي چُنيءَ چٽ.
ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ لاک جام ٿيندي
هئي، پر چُنيءَ جو رواج عام هو، جيڪو اڄ به مقبول
آهي. ان کان علاوه کُهنبو (ڳاڙهو ڪپڙو) شاديءَ جي
موقعي تي ڪنوار کي پارايو ويندو هو، جيڪو رواج اڄ
به گهڻن هنڌن تي موجد آهي. بلوچ، ڪنوار کي شاديءَ
رات کهنبو پارائيندا آهن، پر ڪن ٻين قومن ۾ ڪنوار
کي ڳاڙهو وڳو پهرائڻ جو رواج آهي. شاهه سائين
فرمايو آهي ته:
آئي مُند ملار، آءٌ کُهنبا ڪنديس ڪپڙا
يعني ملار جي مُند ٿري عورتن لاءِ شاديءَ جهڙي
خوشي هوندي آهي. ڀٽائي وڄن جي وسڻ کي خوشيءَ جو
سبب ڄاڻائيندي فرمايو آهي ته:
”وڄون وسڻ آئيون، ڪري لالُ لبيس“
هن سُر ۾ سنڌي سماج خاص طور ٿري زندگيءَ جون
ڪيتريون ئي جهلڪيون نظر اچن ٿيون. معلوم ٿئي ٿو ته
سنڌ جي ماڻهن وٽ مال جام هوندي هو، جنهن ۾ مينهون
ڳئون، رڍون ۽ ٻڪريون اچي وڃن ٿيون، جيئن شاهه
سائين فرمايو آهي ته:
•ڇاڇر
ٿي ڇنن ۾،
مينهون
چرن موڪ
•ڪانڌ
مَ وڪڻ
ڪُنڍيون،
ڌڻ سڀوئي ڌار
•ڪُنڍيون
ڪاهي گس ڪريو،
وڇيون
ڪريو اٽ
•مينهون
پاڻ مُراديون، ٿڌا چرن ٿر
•ڀڄنديون
ڀٽاريون،
وري وٿاڻن آئيون
•کٽرن
کٽيا ڇڏئا، جي مڙيون ٿي مَس
گابا
مٿي گس، ڏُک نه ڪنڊا ڏٻرا
•ساري
ڏُهن سامهيون
ٻولايون، رايون
•اَڀريون
سَڀرون پاهنجون،
سيون
سڀ سنڀار
•وٺو
مينهن وڏو ڦڙو، ڪڍو
ڌڻ
ڪاهي.
جڏهن مينهن جي مند ايندي هئي ته گهڻو ڪري مينهن
جام وسندو هو.
کُڻيتي کنوڻ ڪيو، چڱو چوماسو
ڪري آگم آئيون، مُند نه مٽائين،
مندائتي مينهن جي، رُت نه روڪيائين،
پلر پلٽيائين گهڻو سانگين سُک ٿيو.
ڪڏهن ڪڏهن وڏ ڦڙو مينهن وسندو هو ۽ ٻوڙ ٻوڙان لائي
ڏيندو هو ۽ وسڻ کان ماٺ ئي نه ڪندو هو.
•وسي ٿو وڏ ڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون.
•وڄون وسڻ آئيون، ٻهه ٻهه ٻڌائون ٻوڙ.
•آندائين آب اُڇل، مٿي باغ بهار ٿي.
•سانگين وريا ساهه، اُٺن آب اگوندور.
مينهن گهڻو وسندو هو ته سٺي آبادي ٿيندي هئي، گاهه
پٺو جام ٿيندو هو، هاري پوکون پوکيندا هئا.
•ٻج کڻي پٽ هليا، هاري منجهان هيج.
•هارين لاءِ هر جاءِ ۾، هاديءَ هُلايو.
•متان ائين ڀانيو، ته بادل آهه بس ڪئي.
•هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار.
اهڙيءَ ريت خوشي ۽ خوشحاليءَ جو دؤر هوندو هو.
کير، مکڻ جام ٿي ويندو هو ۽ اَنُ سستي اگهه تي
ملندو هو. سنگهارن ۾ سرهائي اچي ويندي هئي.
•هڪ ارزان اَنُ ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽي.
•مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون.
•سرهيون ٿيون سنگهاريو، پويو پائن طوق.
•ميها چڀڙ ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ.
اهڙي نموني ڏڪارين کي ڏُک پهچندو هو. جي مهانگو
وڪڻڻ لاءِ اناج ڪٺو ڪري رکندا هئا، تن جون سڀ
اميدون مٽيءَ ۾ ملي وينديون هيون.
•جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن.
•ڏور ڏڪاريا ڀڄ، مينهن منهن ڏيکاريو.
هر طرف سُڪر سڻائي آهي. آسمان تي ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ به
سُريلا ساز معلوم ٿين ٿا، ڄڻ سُرندا، سارنگيون ۽
مردنگ وڄي رهيا آهن. مطلب ته هر طرف خوشي ئي خوشي
آهي. وڄون وسڻ آيون آهن، سارنگ سينگار ڪيا آهن.
ڪاري ڪڪر ۾ جيڪا کنوڻ چمڪي رهي آهي، سا خوشيءَ جو
پيغام ڏيئي رهي آهي. جهُڙن جي جهونگار، دلين تان
مونجهه لاهي ڇڏي آهي. پاڻيءَ جا وهڪرا ٿي ويا آهن.
منهنجي مولا ڏيهه تان ڏک ڏولاوا ختم ڪري ڇڏيا. برن
۾ بهار اچي وئي آهي. وليون وڻ ڦلارجي ويا آهن. هر
طرف ساوڪ ئي ساوڪ آهي. چوڌاري کٿوري خوشبوءِ پکڙجي
وئي آهي. اڱڻ تي تازي گهوڙا آهن، ٻاهر ميدان تي
ڪُنڊيون مينهون نظر اچي رهيون آهن. سُرهي سيج
وڇايل آهي، پاسي ۾ پرين آهي ۽ پوءِ مينهن من ۾
جيڪا موج مچائي ۽ خوشي پهچائي ٿو، تنهن جو ڪو
اندازو ئي لڳائي نه ٿو سگهي.
پر ڪڏهن ڪڏهن مينهن ڪونه وسندو هو ته مارو ماڻهن
کي پنهنجي جُوءِ ڇڏي، مال ڪاهي پري وڃڻو پوندو هو
۽ سندن زالون وڇوڙي ۾ ڏکيا ڏينهن گذارينديون هيون
۽ اندرئي اندر پيو جهڄنديون ۽ رئنديون هيون.
•ڪُڻڪن ڪانڌ چِت ڪئو، جهُڙپسئو جهڄن.
اُتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن،
وارث وري تن، اچي شال اولو ڪري.
•سڻيو رڙ رعد جي، ڪلون ٿيون ڪنبن.
•ڪليون ڪين ڪڇن، ويچاريون ورن ري.
•سي مر رويو رُوَن، جن مسافر سپرين.
پوءِ جڏهن مينهن وسندا هئا ته سندن وَرَ واپس موٽي
ايندا هئا، ڄڻ بهار جي موسم اچي ويندي هئي ۽ مينهن
سندن ملاقات جو سبب بنجندو هو.
•پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا،
•آگــــمـــجي آيــون، اُتــران ڪــري اُور،
جي پرين هُئڙا ڏُور، سي مون کي مينهن ميڙيا.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي هن سُر مان
معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو نه فقط ڀليون
مينهون، ڳئون، رڍون ۽ ٻڪريون ڌاريندا هئا، پر ڀلا
(تازي) گهوڙا پڻ ڌاريندا هئا. هتي هرڻ تمام گهڻا
هوندا هئا ۽ انهن جي دُن مان کستوري ملندي هئي.
رنگريزيءَ جو فن وڏي اوج تي هو، هتان جا رنگريز
پنهنجي فن ۾ وڏا ماهر هوندا هئا، سندن رنگ پڪا ۽
چمڪدار هوندا هئا. ڪپڙو رڱڻ کان اڳ ۾ هو گدامڙي ۽
ڪي ٻيون شيون پاڻيءَ ۾ ڳاري هڪ قسم جو تيزاب
ٺاهيندا هئا، جنهن کي ”پاهُـه“ سڏيندا هئا ۽ رڱجڻ
واري ڪپڙي کي اڳ ۾ اَن مان ٻوڙيو ڏيندا هئا ته
جيئن ان جو سمورو مير نڪري وڃي ۽ رڱجڻ کان پوءِ
ڪپڙي ۾ چمڪ پيدا ٿئي شاهه سائين فرمايو آهي ته:
”پلر جي پالوٽ سين، پٽن جهليا پاهه“
يعني مينهن وسڻ کان پوءِ خشڪ ميدان گاهن ۽ گلن سان
رڱجي ويندا هئا، خاص طور چيهو گاهه عام جام ٿيندو
هو. اهو گاهه اهڙو آهي، جو ان تي پيرين اگهاڙي
گهمڻ سان پير ڳاڙها ٿي وڃن، مال کائي ته مال جو
وات ڳاڙهو ٿي وڃي. ڀٽائي رح سُرخ رنگ جو ذڪر ڪندي
خوشي ۽ قربانيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. قربانيءَ جي
علامت شهادت آهي ۽ شهادت ڪاميابيءَ جي علامت آهي.
جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هن سُر ۾ جماليات جي
جهلڪ پڻ نظر ايندي. جماليات جو مک اصول حرڪت آهي.
مينهن جو وسڻ، پاڻيءَ جا وهڪرا، گلن ڦلن جون
گلزاريون، وڄن جو لال لباس پائڻ ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ
وانگر چمڪڻ، وسڪارا ڪرڻ، جانيءَ جو جوءِ ۾ اچڻ،
سهسين سارنگ ٿيڻ، محبوب جا لال لب ڏسي هنڊون کي
حيرت ٿيڻ، آهي ۽ اُن قسم جا ٻيا به ڪيترائي سونهن
۽ سينگار مضمون آڻي شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام کي
جمالياتي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه هن سُر
۾ ڪٿي ڪٿي شاعراڻيون صفتون پڻ نظر اچن ٿيون. شاهه
صاحب پنهنجي شاعرانه تخيل جي ذريعي سارنگ جون
مختلف معنائون ظاهر ڪيون آهن. ڪجهه مثال ملاحظه
فرمايو:
•سهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جُوءِ ۾.
•وڄون وسڻ آئيون، سارنگ سينگاري.
•سارنگ کي سعيو، توکي سعيو نه ٿئي.
شاهه سائين هن سُر جي هڪ ڊگهي بيت ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان
ٻاهر ڪن ملڪن، شهرن، ڳوٺن ۽ ٻين ماڳن مڪانن جو ذڪر
ڪيو آهي، جتي پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي، خوشي ۽ خوشحالي
جو دؤر اچي ٿو. انهيءَ ڊگهي بيت جي پڇاڙيءَ ۾ شاهه
سائين جيڪا دعا گهري آهي، تنهن مان اهو ظاهر ٿئي
ٿو ته نه فقط کين پنهنجي وطن ۽ وطن وارن سان محبت
آهي، پر پاڻ انسانيت جو اعليٰ مثال پيش ڪندي سڄي
جڳ جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري اٿن:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
خواجه غلام فريد ۽ سچل سرمست
(هڪ
تقابلي مطالعو)
الياس عشقي
صوفي شاعرن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واسطي ٽن طبقن ۾
ورهائي سگهجي ٿو: پهريون طبقو سعدي ۽ حافظ جو رنگ
اختيار ڪري ٿو، ٻيو طبقو رومي جي تابع آهي ۽ ٽيون
طبقو منصور حلاج، سنائي ۽ عطار جو پوئلڳ آهي، هي
ورهاست تصوف جي شاعرن جي نوعيت جي اعتبار کان ڪئي
وئي آهي. هونئن ته شاعرن جا مزاج ايتري قدر نرالا
آهن، جو اهي ان مان ڪنهن به هڪ رنگ کي اختيارئي نه
ڪري سگهندا آهن ۽ جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ته اهي
حقيقي معنيٰ ۾ شاعر ئي نه ٿين، رڳو پوئلڳ ۽
تابعدار بنجي رهجي وڃن. خواجه فريد پهرئين ۽ ٻئي
رنگ کي اختيار ڪري، پنهنجو الڳ شاعري جو انداز
پيدا ڪيو آهي، جڏهن ته سچل سرمست جو شمار ٽئين
طبقي جي شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو. سعدي ۽ حافظ حقيقت کي
مجاز جي رنگ ۾ پيش ڪن ٿا. رومي فلسفيانه ۽ مفڪرانه
انداز اختيار ڪري ٿو. علم ڪلام ۽ تمثيل جي ذريعي
ان کي دلڪش بنائي، اهڙي طرح پيش ڪري ٿو جو ان مان
عارف ۽ عام ماڻهو به هڪجهڙو متاثر ٿين ٿا. حال کي
قال ۾ آڻڻ جي انداز جوهو موجد ۽ خاتم آهي. سچل
سرمست، منصور جي واٽ ورتي آهي، جو حال کان ٻاهر نه
ٿو رهي. ان جي حال ۽ قال جي وچ ۾ ڪابه وڇوٽي
ڪانهي. هڪ سرشاري ڪيفيت ٿئي ٿي، جا اظهار جي لاءِ
لفظن جو سهارو ته قبول ڪري ٿي؛ ليڪن ان جي فڪر جي
راهه ۾ سوچ ويچار جو ڪوبه لمحو نه ٿو اچي. ڪيفيتون
بنا ڪنهن گهٽائڻ وڌائڻ جي بيان ڪيون وڃن ٿيون. حال
جي غلبي ۽ سچي انداز بيان جي ڪري هن قسم جي شاعري
جو اثر فوري طور تي ٿئي ٿو. هي شاعري جنهن تڙپ ۽
بيقراري جي ڪيفيت ۾ وجود ۾ اچي ٿي، تقريباً اهائي
ڪيفيت ٻڌڻ واري ۾ به پيدا ڪري ٿي ڇڏي. ڇوته ان ۾
زياده جذبات ۽ جوش بيان جي ڪري هڪ تيز وهڪري واري
بلڪ طوفاني درياءَ جهڙي ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي، جا
ٻڌڻ واري کي پاڻ سان گڏ وهائي کڻي وڃي ٿي. هن
شاعري ۾ لفظ ۽ اڪثر تشبيهون ۽ استعارا سامهون جا
هوندا آهن، مگر فني پهلو ثانوي حيثيت رکي ٿو. ان
لاءِ جذبات جي گهڻائي، احساسات، خيالات ۽ تصورات
جو وهڪرو غور ۽ فڪر جي مهلت نه ٿو ڏئي. هن قسم جي
شاعريءَ ۾ شعور ۽ تحت شعور جي ٻيائي ميٽجي وڃي ٿي.
هيءَ ڳالهه پهرين ٻنهي طبقن جي شاعرن ۾ ورلي هوندي
آهي. ان واسطي انهن وٽ لفظن جي چونڊ ۽ فني پهلو تي
غور ۽ فڪر لازمي طور ملي ٿو. ٻين لفظن ۾ ارادي ۽
قصد کي انهن جي ڪلام ۾ چڱو دخل هوندو آهي. جڏهن ته
ٽئين طبقي جي شاعر جي ڪلام ۾ هيءَ ڪيفيت نه ٿي
ملي. هيءَ ڳالهه علم ۽ فڪر جي ذريعي ذهن ۾ نه ٿي
اچي، دل مان نڪرندي آهي ۽ سنئون سڌو دل تي
اثرانداز ٿيندي آهي؛ پر هڪڙي ڳالهه ٻنهي ۾ هڪجهڙي
آهي ۽ اها هيءَ ته انهن کان متاثر ٿيڻ جي لاءِ دل
جي سوزگداز ۽ هڪ اهڙي روحاني ڪيفيت جي ضرورت هوندي
آهي، جا هن شاعريءَ مان اثر قبول ڪرڻ لاءِ لازمي
آهي. هن جو مطلب هيءُ آهي ته، صوفين جي شاعري
بنيادي طور تي انهن ماڻهن لاءِ هوندي آهي، جي تصوف
سان دلچسپي رکندا آهن ۽ اهي بنيادي طور ان جا
مخاطب آهن، پر ٻين اهل ذوق وارن تي به ان جو اثر
هن لاءِ ٿئي ٿو جو ان ۾ سادا لفظ ۽ انداز بيان سچو
۽ نرالو هوندو آهي ۽ حقيقت کي مجاز جي رنگ ۾ پيش
ڪيو ويندو آهي.
خواجه غلام فريد ۽ سچل سرمست بنيادي طور تي کڻي
نه، پر فن جي اعتبار سان مختلف قسم جا شاعر آهن،
پر جي ماڻهو انهن جي شاعريءَ جا مخاطب آهن، انهن
جي ذهنيت ۽ ادراڪ ۾ ڪوبه نمايان فرق ڪونهي، ڇوته
انهن جي شاعريءَ ۾ روح ۽ مقصد جي هڪجهڙائي آهي.
ٻنهي جو دور ته مختلف آهي، پر تهذيب ۽ ثقافت جو ڪو
خاص فرق ڪونهي. ماحول ۽ فڪر به هڪجهڙو آهي ۽ ٻنهي
شاعرن جي انسان دوستي انهن کي عوام ۾ هڪجهڙو
دلپسند ۽ مشهور بنائي ڇڏيو آهي. صوفي شاعر گهڻو
ڪري پنهنجي حال ۾ مستغرق هوندا آهن ۽ مختلف روحاني
تجربن مان گذرندا رهندا آهن. ڪڏهن هي حال جو غلبو
انهن کي منصور حلاج ۽ عطار وانگر خود فراموشيءَ جي
عالم ۾ رکندو آهي ۽ ڪڏهن اها بي خودي انهن کي اهڙي
هوشمندي عطا ڪندي آهي، جو رومي وانگر ديوانگيءَ ۾
ڏاهپ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن. ٻاهرين دنيا جي
بي نيازي انهن کي دل جي دنيا ۾ پهچائي ڇڏي ٿي.
اندر جي اک انهن تي ٻاهرين دنيا جا اهڙا اسرار
کولي ڇڏي ٿي، جنهن تائين عام طور شاعرن جي رسائي ۽
نظر نه ٿي پهچي سگهي. اهي حقيقت ۾ مجاز ۽ مجاز ۾
حقيقت جو مشاهدو ڪندا آهن ته، حافظ ۽ سعدي جي
ويجهو نظر ايندا آهن. حال ۾ مستغرق هوندا آهن ۽
منصور وانگر اناالحق جو نعرو لڳائيندا آهن. هوش ۽
بيخودي جي انتها تي پهچندا آهن ته، روميءَ وانگر
حيات ۽ ڪائنات جي اسرار جو پردو کڻڻ لڳندا آهن، پر
هر حالت ۾ اهي ذهني ۽ فني طور پنهنجي طبقي سان
ڳنڍيل رهندا آهن ۽ هر طبقي جي شاعرن جي ڪلام جو
گهڻو حصو هن طبقاتي ورهاست جي سرحدن کان ٻاهر ناهي
هوندو. انهن جي ڪلام ۾ برابري ته نه هوندي آهي،
مگر مقصد هڪ هوندو آهي. ڇوته انهن جي فڪرمند طبيعت
۽ ذهني لاڙن جي تقاضا هوندي آهي ۽ ان مان سندن
ڪلام جي سڃاڻپ هوندي آهي. جهڙيءَ طرح اسان ڏسون ٿا
ته، پهرئين طبقي جي شاعرن وٽ مجاز ۽ حقيقت جو فرق
ميٽجي وڃي ٿو. ٻئي طبقي جي شاعرن وٽ علمي، فلسفانه
۽ فڪري پهلو غالب هوندو آهي. هي ٻئي طبقا فن جي
پهلوءَ کان بي خبر نه هوندا آهن، جڏهن ته ٽئين
طبقي جا شاعر اگهاڙي ترار وانگر هوندا آهن. انهن
جو ڌڪ ڪاپاري ۽ گهاءُ گهَرو هوندو آهي. دل جو
معاملو سنئون سڌو دل سان هوندو آهي. اهوئي سبب آهي
ته سچل سرمست جو ڪلام حلاج ۽ عطار وانگر
تڙپائيندڙ، غير شعوري ۽ فوري رد عمل پيدا ڪري ٿو.
ان وٽ حال ۽ قال جي وچ ۾ ڪابه وڇوٽي ڪانهي ۽ اهائي
ڪيفيت ان جي شعور جو سرچشمو آهي. هو اندر جي روشني
سان ڏسي ٿو. انهن وٽ علم ۽ عقل جا سرچشما پنجن
حواسن مان نه ٿا ڦٽن. انهن جي بصيرت جو سرچشمو
پنهنجي اندر ۾ ئي آهي. پوءِ به تصوف هر طبقي جي
شاعرن ۾ هڪ وحدت خيال ۽ مقصد رکي ٿو. هن تمهيد جي
ضرورت هن لاءِ پيش آئي آهي ته خواجه غلام فريد ۽
سچل سرمست ٻئي صوفي شاعرن جي مختلف طبقن سان تعلق
رکن ٿا، پوءِ به ٻنهي جي تصوف ۾ ڪو سنڌو ڪونهي.
ٻنهي جو روح هڪ ۽ پيغام ساڳيو آهي. فني طور تي اهي
مختلف طبقن سان واسطو رکن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي
ته اسان هي جاچي ڏسون ته انهن ٻنهي باڪمال شاعرن ۾
ڪهڙي هڪجهڙائي آهي.
(1) ٻنهي سرائڪي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي.
(2) ٻنهي جي شاعري جو موضوع تصوف آهي.
(3) ٻنهي جي تصوف جي علمي ۽ عملي پهلو ۾ ڪوبه فرق
ڪونهي.
(4) ٻنهي جي ڪلام ۾ لڳ ڀڳ حال جو غلبو آهي.
(5) ٻنهي وٽ گهٽ وڌ حقيقت سان گڏ مجاز جو پهلو
موجود آهي.
(6) ٻنهي وٽ پيغام پهچائڻ جو دارومدار زبان ۽ بيان
جي سادگي ئي آهي.
(7) ٻنهي جي شاعرانه حيثيت ۾ ڪوبه فرق ڪونهي.
هي هڪجهڙائي ان طبقه بندي جي باوجود آهي، جا انهن
جي وچ ۾ تفاوت سان آهي. هتي ضروري معلوم ٿئي ٿو ته
ٻنهي ۾ بظاهر جو فرق نظر اچي ٿو، ان کي به ڏٺو
وڃي.
(1) سچل سرمست تمام گهڻو منصور ۽ عطار وانگر حال ۾
مست رهي ٿو، جڏهن ته خواجه فريد حال جي غلبي ۾ به
عقل جي سرحدن کي نه ٿو اورانگهي ۽ عشق جون انتهائي
ڪيفيتون به کيس مجاز جي سرحدن جي ويجهو رکن ٿيون.
(2) خواجه فريد جي شاعري ۾ تصوف جي علمي ۽ عملي
رخن جي وچ ۾ هڪ توازن قائم ۽ برقرار رهي ٿو، جڏهن
ته سچل جو جذبو هن قسم جي (حد بندين) کي قبول نٿو
ڪري. ان وٽ توازن جو مطلب هي آهي ته قال، حال جي
مطابق هجي. پيغام پهچائڻ ان وٽ ثانوي حيثيت رکي
ٿو. هن ڪيفيت ۾ هو بلها شاهه ۽ سلطان باهو سان
مشابهت رکي ٿو.
(4) خواجه فريد فن جي سلسلي ۾ زياده غفلت نه ٿو
ڏيکاري، جڏهن ته سچل جوش بيان ۽ جذبات جي شدت ۾
اڪثر فن جي تقاضائن کي اورانگهي اڳتي ٽپي وڃي ٿو،
هڪ جي شاعري تيز پر ماٺي وهڪري واري ندي آهي، ته
ٻئي جي شاعري ڪڙڪندڙ دهشت دم درياهه آهي.
(5) خواجه صاحب پنهنجي درد کي رڳو برداشت ٿو ڪري،
پر ان کي شيرين بنائي ٿو ڇڏي، جڏهن ته سچل جي ڪلام
جي گڏيل تلخ بنائي، ان مان لطف حاصل ڪري ٿو.
هنن ٻنهي شاعرن جي ڪلام جي گڏيل ۽ جدا جدا خاصيتن
تي نظر وجهبي ته اسان کي فروعي اختلافات نظر اچن
ٿا ۽ اسان ڏسون ٿا ته هن قسم جو جائزو اسان کي
ٻنهي جي شاعري کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ٻنهي شاعرن
جي ڪلام جو تفصيلي جائزو، تنقيدي ۽ تقابلي مطالعو
ته هڪ ڪتاب جو موضوع ٿي سگهي ٿو، جو هن وقت ممڪن
ڪونهي. هن وقت اسان هن موضوع تي پنهنجي خيالن جو
مختصر اظهار ڪريون ٿا.
خواجه غلام فريد ۽ سچل سرمست ٻئي تصوف ۾ پنهنجي
مسلڪ جو اظهار هڪ ئي طريقي سان ڪن ٿا. خواجه
فرمائي ٿو:
ملواني دي وعظ بهاني |
بيشڪ ساڏا دين ايماني |
ابن العربي دا دستور
عاشق مست مدام ملامي |
ڪم سبحاني بن بسطامي |
آک اناالحق ٿي منصور
سچل چوي ٿو:
اهو ڪم ڪريجي، |
جنهن وچ الله آپ بڻيجي |
مار نغارا ”اناالحق“ دا، |
سولي سر چڙهيجي |
وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان، |
عاشق تا نه اڙيجي |
”سبحاني ما اعظم شاني“، |
”سچو“ سر سليجي |
هنن شعرن مان جتي ٻنهي جي مشرب وحدانيت جي هڪ هجڻ
جو پتو پوي ٿو، اتي ٻنهي جي انداز بيان ۽ زبان جي
اسلوب تي به ڪافي روشني پوي ٿي.
خواجه صاحب چوي ٿو ته اسان کي ملن جي وعظ ۽
تاويلات سان ڪو واسطو ڪونهي. اسان جو دين ۽ ايمان
ته ابن العربي جو فلسفو آهي، جنهن جي ظاهر پرست
ملن کي هوا به ڪانه لڳي آهي. عشاق پنهنجي حال ۾
مست هوندا آهن. اهل ظاهر انهن کي ملامت جو نشانو
بنائيندا آهن، ته ان جي پرواهه نه ڪر: بايزيد
بسطامي بنجي پئو ۽ ’سبحاني ما اعظم شاني‘ چئو ۽
منصور وانگر ’اناالحق‘ جو نعرو هڻ.
سچل جڏهن اهائي ڳالهه زياده شوق ۽ اظهار جي جوش ۾
چوي ٿو ته ان جي بيان ۾ زياده شدت اچي وڃي ٿي. هو
چوي ٿو ته ”ڪم اهو ڪرڻ گهرجي جو انسان خدا بنجي
پوي. اناالحق جو نعرو هڻ ۽ سوريءَ تي چڙهه. عاشق
بنجي ڪفر ۽ اسلام جي وچ ۾ اڙجي نه پئو. پر اي سچو
(سچل) ”سبحاني ما اعظم شاني“ وانگر توحيد جو راز
کولي ظاهر ڪر.“
ٻنهي عظيم شاعرن جو بنيادي عقيدو اهوئي آهي، جو
انهن جي ڪلام ۾ جاري ۽ ساري آهي ۽ انهن جو سمورو
ڪلام انهيءَ هڪ نقطي جو تفسير آهي.
|