سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :2

شاعــريءَ جو ڀاڱو
”… ٻي خصوصيت، جيڪا جديد سنڌي شاعريءَ جي جان آهي، سا آهي انفراديت. اسان جي جديد دؤر جي هر سٺي شاعر، ڪوشش ڪري پنهنجي تخليق ڪئي آهي. پنهنجن ذاتي تجربن، مشاهدن ۽ احساسن کي بيان ڪيو اٿس. ان ڪري، هن دؤر ۾ ڪيتريون تشبيهون، استعارا، اصطلاع ۽ محاورا اسان جي شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن، جيڪي شاعريءَ لاءِ بلڪل نوان آهن. تخليقي صلاحيت شاعريءَ يا ادب جي ڪنهن به حصي جي جان آهي، پوءِ اها تخليق ڪا سُٺي تشبيهه هجي، سُٺو استعارو هجي، ڪو سُهڻو محاورو ۽ اصطلاح هجي يا ڪو اعليٰ خيال. روايتي شاعريءَ جي سَٽيل ڪُٽيل تشبيهن ۽ اصطلاحن کان بيزاري محسوس ڪندي، اسان جي شاعرن پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي: هنن ’نرگسِ بيمار‘ جي تصور ڪرڻ بدران نِمن جي ٻُور ۽ سرنهن جي گُلن جي سونهن کي سميٽي، پنهنجي شاعريءَ جو پاند ڀريو…“

                                     ـــــ”تنوير“ عباسي

تنوير عباسي

ســچ

سچ وهي ٿو دريا وانگر

سچ وڌي ٿو

۽ پکڙي ٿو

گونچ ڪڍي ٿوــــــ گل ڏئي ٿو

رسجي ٿو ۽ ميوو ڏئي ٿو

سچ وهي ٿو دريا وانگر

پر ڪنهن سمنڊ نه ڇوڙ ڪري ٿو.

سچ هر دور ۾

۽ هرجاءِ تي

هڪجهڙو ناهي

سچ بيٺل پاڻي ناهي

ڪالهوڪو سچ جو ٻوٽو

اڄ وڌي وڻ ٿي ويو آهي

ان ۾ جيڪو ڪالهه نه هئو

(گونچ، گل ۽ ميوا)

سو اڄ آهي

ڪالهه چيو جيڪي مون

سو اڄ اڻپورو آهي

سچ وڌي ٿو ۽ پکڙي ٿو

پر هروقت اهو

اڻپورو آهي __

سچ وڌي ٿو ٻار جيان

جوان ٿئي ٿو

پر هو پوڙهو ڪين ٿئي

۽ نه مري ٿو

سچ سدا اڻپورو

سچ سدا بهار

سدا جوان

سدا حيات

نياز همايوني

سڀئي ٿا چون خوش ٿيءُ، چمن ۾ بهار آهي،

مگر ذهن تنهن هوندي به، شڪ جو شڪار آهي.

گهڻا خوش گذارين پيا، هتي سبز باغن ۾،

ته ڪن جو فريبن کان، اڃا ڀي فرار آهي.

زمانو نوان مجنون ڀل جان، ڪري پيدا،

اسان کي اڳئين منصور جي ئي پچار آهي.

پڙهيوسين ڪتابن مان، ٻڌوسين بزرگن کان،

هوس ڪينءَ ماڻهپي جو وڃايو وقار آهي.

چپن ۾ پيا مرڪن نماڻا ڄڻ ته خوش آهن،

اکين مان پيو پڙهجي ته دل بي قرار آهي.

سڃاڻونءِ ٿا ظالم! غرض جي غلاميءَ ۾،

چوين ٿو عداوت کي ته هي پڻ پيار آهي.

اسان ڪينءَ ڇڏيون سائين! اُميدن اِلاهُن کي،

اسان جي جياپي جو انهن تي مدار آهي.

ارادو لڱائن جو، بهانو چڱائن جو،

گهڻن جو نياز اڄ ڪلهه اهو شعار آهي.

شمشير الحيدري

عاشق هليا اکين سان، ٿي نينهن جا نمازي،

لوچي لڌئون لبن سان، دلبر جو در درازي.

اکپور ۾ الستي، اهڙي نه ڪائي مستي،

مستي جو مَٽ نه هستي، هاري ڇڏيئون مجازي.

جي پاڻ سان مخاطب، ٿيندا نه طـُورَ طالب،

عبرت عجب عجائب، ديدار دم درازي.

جانب جي جاءِ جاتي، ٿي روح راءِ تاتي،

ڇرڪيا الائي ڇاتي، محبوب سڀ مجازي.

جن من ڪيو مٿيري، آيا اُهي اويري،

ويو وقت واڳ ڦيري، هيءَ ڳالهه آهي تازي.

شمشير يار پنهنجو، ڏس ٿي ويو سو ڪنهن جو،

ڪونهي قصور تنهن جو، دردن ڪيو درازي.

بشير مورياڻي

غزل

توکان پاسو به ڪيان، توسان محبت به ڪيان،

توکي پنهنجو به چوان، تنهنجي شڪايت به ڪيان.

آءٌ مدهوش رهان، تنهنجي عبادت به ڪيان،

جيڪو ايمان بچي تنهن جي حفاظت به ڪيان.

پنهنجي سوداءَ جي تبديل علامت به ڪيان،

ڇونه سنگيت جو سُر وقف بغاوت به ڪيان.

زخم جيڪي به زماني کان مليا، اکين تي،

لذتِ درد کي مان روح جي راحت به ڪيان.

زخمي احساس ٿيو آهي ته ڪنهن مقصد لاءِ،

پنهنجي افساني کي هڪ زنده حقيقت به ڪيان.

ڪيرٿو ڪنهن کي پڇي ڪنهن کي به ڪنهن جو غم ناهه،

پنهنجو ڏک پاڻ سهڻ لاءِ ڪا صورت به ڪيان.

تنهنجو ضد سمنڊ آ، مان آهيان انا جو درياهه،

نيٺ توسان ئي ملان، پوءِ شڪايت به ڪيان؟

احمدخان آصف مصراڻي

ڳالهيون

مٺڙن جي مُرڪَڻ جون ڳالهيون،

ساهن جي سُرڪَڻ جون ڳالهيون.

ڪاوڙ ۽ ڪُرڪَڻ جون ڳالهيون،

ڄيري ۾ ڄَرڪَڻ جون ڳالهيون.

”اک ڇنڀ“ ۾ ڪجهه ٿيڻو آهي،

ساڄي اک ڦَرڪڻ جون ڳالهيون.

ورهه وڇوڙي واريون وايون،

ڇاتين جي ڇِرڪَڻ جون ڳالهيون.

ڪيني بغض حسد جون باتيون،

گاري، گپ، گرڪَڻ جون ڳالهيون.

جوڀن جون ڪجهه خبرون چارون،

جذبن جي جرڪَڻ جون ڳالهيون.

ذڪرِ زلف وڪاڪل، ڄڻڪ،

ڦاهي ۽ سُرڪَڻ جون ڳالهيون.

’آصف!‘مييهَن مينهنِ جي مُند،

مارن جي مَرڪَڻ جون ڳالهيون.

’سليم‘ ڳاڙهوي

غزل

جڏهن هُو ماهُرو مُرڪيو، چمن جي هرڪلي مُرڪي،

زمان مُرڪيو، زمين مُرڪي، زمين تي زندگي مـُرڪي.

چمن ۾ چهل قدميءَ لاءِ جنهن دم جانِ جان آيو،

زبان تي مرحبا آئي، چپن تي پڻ خوشي مُرڪي.

سڄڻ جي سُونهن جا دُنيا ۾ تازا داستان آهن،

ستارن ۾ ضيا مُرڪي، قمر ۾ روشني مُرڪي.

کُلڻ سان زُلف خاصيءَ جي هوائُن ۾ هُڳاءَ آيا،

ڦڻيءَ جي ڦير کان آزاد ٿي، شائستگي مُرڪي.

نهاري دلربا جي دلبريءَ جو ڍنگ دُنيا ۾،

حسينن حُسن ماڻيو، دلبرن جي دلبري مُرڪي.

نُمان نام آيو ناموَر جو جنهن گهڙيءَ جڳ ۾،

زبان تي زيب آيو ۽ دَهن تي نغمگي مُرڪي.

پرينءَ جي پير جا نقشا چُمي، سارا چمن چمڪيا،

رتن مُرڪيا، سمن مُرڪيا، کٿوُري خُلد جي مُرڪي.

’سليم‘ اُن سُونهن جي سردار جي صدقي سَريو سڀڪُجهه،

سُٺا سڀ ٿي پيا سجدا، ڀلي ٿي بندگي مُرڪي.

 

عبدالقيوم صائب

رباعيون

مصروفِ طرب آهن زندانِ جهان،

جهومي ته اٿيو آهي اڄ ڪون و مڪان؛

مستي و خوشي هرسو ڇانيل آهي ــــ

اڄ رقص ۾ آهن خود حورانِ جنان.

=

گلرنگ جواني ۽ مينا بردوش،

سرمست و سرخوش، مڌ ماتا ميوش؛

آڏو جي اچي ٿيندا، پوءِ ڇا ٿيندوـــ

والله غضب ٿندو، رهندو جي هوش.
=

مظفر حسين جوش

نظم

تقاضا شعر جي مون کان اي جانِ شعر نه ڪر،

ڪ مون کي راس نه آيو غزل جو ويرانو،

نه دل ۾ حسرت و ارمان نه آرزو نه تڙپ،

ڏيان ته ڪهڙو ڏيان توکي پنهنجو نذرانو.

رياضِ شعر ۾ رنگينيء بهار نه ڳول،

رياضِ شعر ۾ لفظن جا برگ و بار ڪٿي،

مون پنهنجي سوچ جي گلشن کي خود جلايو آهه،

اي دوست منهنجي تخيل جو لاله زار ڪٿي.

بجا ڪ تنهنجي محبت جي ئي سهاري سان،

مون دشتِ شعر و ادب کي ٿي لاله زار ڪيو.

بجا ڪ تنهنجي ئي مهرو وفا جي خوشبو سان،

جهان عشق کي مون پنهنجو مشڪبار ڪيو.

غمَ حيات غمَ روزگار کان اڪثر،

سندءِ حسين اکين ۾ مون کي پناهه ملي،

ديار غير ۾ جيئن اجنبي مسافر ڪو،

رڪي ٿو ساهه پٽڻ واسطي گهڙي ٻه گهڙي.

مگر اي دوست،وفائن کي منهنجي ڏوهه نه ڏي،

مون پاڻ پنهنجي محبت جو بدليو آهي چلن،

خطا معاف خطاڪار ئي سهي ليڪن،

مون کي پڪاري رهي آهي اڄ عروسِ وطن.

نواز علي شوق

سُور تنهنجا سهي ويو آهيان،

مرندي مرندي بچي ويو آهيان.

جوڙ تنهنجي جُتيءَ جو ناهيان مان،

خاڪ پيرن جي ٿي ويو آهيان.

مال و دولت کان دور ٿيس ليڪن،

سُونهن ڏي ڪجهه سُري ويو آهيان.

دشمنن کان نه خوف آ ايڏو،

دوستن کان ڊڄي ويو آهيان.

سِرُ ڏنم سُرخرو ٿيس هن سان،

ڪجهه ڏئي، ڪجهه وٺي ويو آهيان.

استاد بخاري

ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته ايندي ڪر تون،

دل تان ڌوڙ ڇنڊيندي ڪر تون.

منهنجي آس، اُميد آهين او،

مون کان منهن نه مٽيندي ڪر تون.

منهنجو شوق شفق ۾ رڱجي،

ميندي روز مکيندي ڪر تون.

ڪنهن جا جذبا ڇيڙڻ مان ڇا،

سوپاريون نه چٻيندي ڪر تون.

ساز آهيان استاد بخاري،

ڇهندي ڪر، ڇيڙندي ڪر تون.

محسن ڪڪڙائي

ڪافي

تنهنجي پيار ڏنا، مون کي سَو سَو سُک،

ته به ڪانه لٿي، منهنجي برهه جي بُک.

توکي ياد ڪيون، پيو جڳ ۾ جيان،

توکي دل سان دعائون ٿو روز ڏيان،

تنهنجو نانءُ وٺي، ڏاڍو خوش پيو ٿيان،

تنهنجا ڏک به لڳن مون کي ڪونه ٿا ڏک.

تنهنجي پيار……

تنهنجي قربن جو ڪو حساب نه آهه،

تنهنجي جان جو به جواب نه آهه،

تنهنجو عشق سڄڻ ڪو عذاب نه آهه،

ويٺو ورد ڪيان، وجهي نينهن جي نُک.

تنهنجي پيار……

تنهنجا ”محسن“ تي احسان وڏا،

توکان محب مليا، مون کي مانَ وڏا،

ته به دل ۾ اٿم ارمان وڏا،

سگهو آ، ته دَسي نه وجهن ڪي دُک.

تنهنجي پيار……

عنايت بلوچ

وقت جو وهڪرو

اجنبي ديس ۾ ڇا نه سا رات ٿي،

جنهن ۾ تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات ٿي،

تنهن ملاقات ۾ رات پرڀات ٿي،

جيڪا تو لاءِ مون لاءِ سوغات ٿي،

رات جي تات ۾ ڪيئن نه رشتا جُڙيا،

جوش جذبا، وڌيا، سي نه موٽي مُڙيا.

ڪيئن نه دُوري دورنگي ۽ ويڇا ويا،

پيار پالوٽ ڪئي، وهم ويندا رهيا،

آنڌ اڻ تڻ اندر ۾ اُڌما اٿيا،

روح تڙپي پيا، جسم بيتاب ٿيا؛

توڙي ٻانهن ڀڪوڙي لپيٽي ڇڏيو،

جسم جي موهه کي روحَ ريٽي ڇڏيو.

توسان جاني جڏهن جلد اکڙيون اڙيون،

چاهتون، رغبتون، ڪيئن نه جڪڙيون جڙيون،

ياد ڪر بيخوديءَ جون سي گهاريل گهڙيون،

مرڪ ۽ لڙڪ ماکي ۽ مصريءَ ڳڙيون:

عشق جي وهڪري ۾ وياسون وَهي،

سوچ ۽ سرت جا سڀ ويا ليکا لهي.

چند لمحن جي دوري به ڄڻ سال هو،

تو ڏٺي ريءَ جيئڻ به جنجال هو،

توکان اڳ ڄڻ ته تن من ۾ ڪو خال هو.

تون به روڳي، عنايت به بدحال هو:

پيار جو، ٺوٺ جيون تي ڇنڪار ٿيو،

دل جي ويران واديءَ تي وسڪار ٿيو.

برهه برسات ۾ هير هٻڪار هئي،

ڇا نه پلڪن جي پاڇن ۾ مهڪار هئي،

حسن جي هنج ۾ جيءَ جهنڪار هئي،

پيار جي ڇانوَ ۾، ڇانه ٿڌڪار هئي:

ڪيئن نه وارن جي وڪڙن ۾ ويس ڦاسجي،

مست مکڙيون ٽڙيون، ويو بدن واسجي.

نيٺ الفت وفا جا وٺي واعدا،

مون چيو الوداع، تو پئي سُڏڪا ڀريا،

ڌار ٿينديئي ڄڻ ٿي ويو محشر بپا،

جيئن خوشبوءِ گل کان وڃي ٿي جدا:

روح بيتاب ۽ جسم جلندو رهيو،

لاش زندهه ڪو ڌرتيءَ تي هلندو رهيو.

هجر ۾ خط ڪتابت جو ٿيو سلسلو،

دل جي مايوسين کي مليو حوصلو،

ڪانه دوري رهي ۽ مٽيو فاصلو،

تنهنجي تحرير مون لئه وڏو مشغلو:

تنهنجي خط لاءِ ٿي روز راهون ڏٺم،

جيئن تو پئي سَٺا، تئين صدما سَٺم.

پرت پيوند پختا لڳائي وئي،

درد دونهان اندر ۾ دکائي وئي،

ساهه ۾ سڪ اهڙي سمائي وئي،

ننڊ نيڻن منجهان موڪلائي وئي:

تنهنجي پهرين خطن ۾ هي احوال هو،

پيار جو سلسلو هي ٻه ٽي سال هو.

نيٺ ڦِرڪو ڦريو، سونهن سرهاڻ وئي،

تنهنجي لفظن مان چاهت جي چانڊاڻ وئي،

ٿي شڪايت شروع جلد، واکاڻ وئي،

تيز ڪا ’وير‘، توکي کڻي ساڻ وئي:

’روح راڻي‘ ٿئين نيٺ تون اجنبي،

دل تي بجلي ڪِري ڳالهه ڪهڙي ڪبي.

پيار ۾ ڪين شايد هو ايڏو اثر،

جو رهي مرڪ ها لڙڪ لئه منتظر،

ڏوهه تنهنجو نه آ، مان رهيس بي خبر،

تنهنجا شام و سحر سونهن، مان دربدر،

تنهنجي راهن ۾ چؤطرف رنگينيون،

محفلون، مجلسون، راحتون، روشنيون.

تنهنجي فرقت ۾ مون شعر نغما لکيا،

نظم ڪافيون گهڻا گيت گونجي اٿيا،

جيڪي توتي لکيم، سي ئي مشهور ٿيا،

پو به الزام مون تي ته مان بيوفا،

سؤ بهانا جي ميراڻ دل ۾ اچي،

پيار ماٺو ٿئي، ڪجهه نه باقي بچي.

پيار جي بار ٿئي، جند ڇڏرائجي،

صاف اقرار کان ڪين گهٻرائجي،

وقت جي وهڪري کان نه شرمائجي،

جيڪو جلدي چڙهي، رنگ سو لائجي:

ڪير دنيا ۾ ڪنهن سان وفا ٿو ڪري،

جيءُ جهوري ڇڏي، سرد آهيون ڀري.

ڇو ته آزاد ماحول ۾ ٿي رهين،

پوءِ پابند ڪنهن لاءِ ڇو تون رهين،

’پيار ناڪام‘ لئه سُور صدما سهين،

منهنجي خوابن ۾ پر پوءِ ڇو ٿي اچين،

منهنجي دل ڇو اڃا تائين منهنجي نه آ،

جوش جذبا اڃا ڀي چريا چلولا.

مون کي پهرين ملاقات بس ياد آ،

دل انهيءَ ياد سان منهنجي آباد آ،

توکان شڪوو شڪايت نه فرياد آ،

ڪوئي جڪڙيل اڃا، ڪوئي آزاد آ،

وقت سان ساٿ تنهنجو سلامت هجي،

درد مون وٽ ’عنايت‘ امانت هجي.

ذوالفقار راشدي

غزل

گهڻن جي ڀيٽ ۾ منهنجو خلوص هو گهرو،

اوهان جي ذهن تي وهمن جو بي سبب پهرو.

سلامُ ساهه جي هَرِ اوٽ ــ موٽ جو توتي،

نگهه جو ڪعبو هو معصوم، مهلقا چهرو.

اُداس دل جي اڱڻ ۾ اُڏي ٿو پَرَ کولي،

سموري رات گمانن جو نحس مُنهن چٻرو.

گهرن، گهٽين جو هي جهنگل اُجڙ اُجڙ ٿو لڳي،

ڀُليي ڀُلائي، مسافر، ڪڏهن ته ڪر گهمرو.

مليوئي زهر جو اندر ۾ اوتيون، اوڳاڇيون،

ڪڏهن مٺاڻ لَڌو ته به لڳي ٿو ڄڻ چَهرو.

ڇهاءُ نرم ۽ نازڪ لڱن جون سُرهاڻيون،

هُڳاءُ قرب جو ناهي، حيات خشڪ ۽ گهرو.

ثواب، ساهه جي سوڙهاڳ، گهُٽ ۽ اونداهي،

گناهه، هير جو جهوٽو، قرار جو سهرو.

رڳن جو لوهه کي ڳڻتين جو زنگ ڳاري ٿو،

اِجهو ته ڄاڻ ٿو اُڏاري پکي ڀڃي پڃرو.

سڄي ڄمار اڪيلو ائين گذاريندم؟

ڪتاب، مان ۽ ڪتابن جو تنگ هڪ ڪمرو.

سروپچندر ’شاد‘

ٽرائيل

وهم جي اونداهي ڪُفر جان ٽُٽِي ويئي آهي،

جَڳَ مَڳَ چئني پاسي ٻرن ٿا سُرت ساڃهه جا ڏيئا:

غير، گُمان جي ڇَڪَڙا گاڏي ڇُٽِي ويئي آهي.

وهم جي اونداهِي ڪُفر جيان ٽُٽِي ويئي آهي.

نئين نسل لاءِ نئين پرهه به ڦُٽي ويئي آهي.

سوچ نرالو سرجيو آهي، لڪي پائي ٿو ليئا:

وهم جي اونداهِي ڪُفر جان ٽُٽي ويئي آهي.

جَڳَ مَڳَ چئني پاسي ٻرن ٿا سُرت ساڃهه جا ڏيئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com