سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1986ع

مضمون

صفحو :14

سال گذرندا ويا، سومر به هاڻ اچي جوان ٿيو هو. هو سڄي گهر جو ۽ ٻاهر جو ڪم پنهنجي مٿي تي کنيو بيٺو هو. سومر ماءُ کي ڪم ڪرڻ کان منع ڪندي چيو هو ته ”امان تو منهنجي لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون سٺيون آهن. ڏينهن رات ماڻهن جي گهرن جو پورهيو ڪري هٿ ئي لڦون ٿي ويا اٿئي، پر هاڻي آئون توکي وڌيڪ تڪليف ۾ ڏسڻ نٿو چاهيان. آئون وڏو ٿي ويو آهيان، هر ڪم ڪري سگهان ٿو، تون هاڻي آرام ڪر، بس تون رڳو مون کي دعا ڪندي رهه ته آءٌ پنهنجو فرض سچائيءَ سان نڀائي سگهان ۽ صالح بنجان.“ مائي رحمت کي پويان سڀ ڏک وسري ويا هئا. بس پٽ کي ڏسيو پئي خوش ٿيندي هئي.

”ابا شل وڏي ڄمار ماڻين، تارن ۾ چنڊ بنجي. منهنجي ڄمار به توکي لڳي، تنهنجي دم سان ته منهنجي اکين ۾ روشني آهي. سڄو جهان خوش نظر اچيم، پرجي تون مون کان هڪ پل به جدا ٿو ٿئين ته اکين جو ڄڻ سوجهروئي ختم ٿيو وڃيم. انڌي ٿيو پوان، سڄو جهان ويران، سڃو ڏسڻ ۾ ٿو اچيم.“

۽ هوءَ سومر کي گهوٽ ڏسڻ جا خواب ڏسڻ لڳي هئي. دعا گهرندي هئي ته ”يارب، ايستائين جياريم جو سومر جي مٿي تي موڙ ڏسان.“

سومر ڏاڍو خوش مزاج هو. هروقت ۽ هرحال ۾ خوش پيو نظر ايندو هو. ان کي مذاق ڪرڻ جي ته ايتري عادت هوندي هئس جو جتي به ويندو هو، اُتي کل مچي ويندي هئي. هر ڳالهه ۾ مزاح هوندو هئس. مائي رحمت کي سومر جي گهڻي مذاق ڪرڻ تي چڙ ايندي هئس ۽ سومر کي دڙڪا ڏيندي هئي، پر مجال هئي جو سومر مڙي.

اسان سڀني ٻارن کي ادا سومر جون ٻڌايل آکاڻيون ڏاڍيون وڻنديون هيون، ان ڪري هروقت سندس پٺيان لڳا گهمندا هئاسين ته اسان کي آکاڻيون ٻڌائي. هو اسان کي پنهنجن ڀائرن، ڀينرن جيان سمجهندو هو. اسان ته اُن کي پهنجي گهر جو ڀاتي سمجهندا هئاسين. سومر سڀني کي پنهنجو مائٽ ڀائيندو هو جو ننڍپڻ کان ئي ان گهر ۾ پلجي وڏو ٿيو هو. اگر گهر جي ڪنهن به ڀاتيءَ تي ڪا تڪليف آئي ته سومر ايترو لڇندو هو ڄڻ اِها تڪليف مٿس آئي هجي!

مائي رحمت ته پٽ جي شادي جا هروقت خواب ڏسندي رهندي هئي. اُن ڪري ڪجهه ئي وقت کان پوءِ سومر جو مڱڻو ڪرايو ويو، اُن ڇوڪريءَ سان جنهن کي هو پاڻ پسند ڪندو هو. ان ڇوڪريءَ لاءِ مائي رحمت کي چئي ڇڏيو هئائين ته ”امان، اگر صفوران سان منهنجي شادي نه ڪرائيندينءَ ته سڄي عمر ڪنوارو رهندس ۽ ڪنهن ٻيءَ سان شادي نه ڪندس.“ مڱڻي تي سومر ڏاڍو خوش نظر آيو. هو ڏاڍو مزيدار ماڻهو هوندو هو. مڱڻي کان پوءِ به ڪنوار کي ڏسڻ لاءِ ان جي گهر هليو ويندو هو. انهن ماڻهن ۾ مڱڻي کان پوءِ ڪنوار کي ڏسڻ خراب سمجهندا هئا. سومر چائنٺ ٽپي اڃا اندرئي مس ٿيندو هو ته گهر جا ٻيا ماڻهو ڏسي وٺندا هئس. پوءِ ته پويان پير ڪري وٺي ڀڄندو هو. گهر پهچي ساهه پٽڻ کانپوءِ جڏهن ڳالهه ڪري ٻڌائيندو هو ته سڀ پيا مٿانهس کلندا هئا. چوندا هئا ”مائي رحمت، هاڻي جلدي سومر جي شادي ڪرائي ڇڏ نه ته تنهنجو سدورو ڪڏهن انهن حرڪتن جي ڪري مار کائي پاڻ کي سُڄائي ايندو.“

هڪ ڏينهن اوچتو سومر کي پيٽ ۾ سخت سور پيو ۽ هو گذاري ويو!

سومر کي موت جوانيءَ ۾ ئي نهوڙي ويو. سندس ڪيئي خواب، جيڪي ان پنهنجي آئنده زندگيءَ لاءِ ڏٺا هئا ۽ ڪئين خواهشون دل ۾ دفن ٿي ويس. ايترو خوش مزاج ۽ زندگيءَ سان پيار ڪرڻ وارو انسان موت جي اڳيان بي وس بنجي هميشہ لاءِ خاموش ٿي ويو! وڃڻ وارا ته هليا ويندا آهن، پر سندن پوين کي ته پنهنجي حصي جي زندگي ڪاٽڻي پوندي آهي. ويچاري مائي رحمت به زنده رهي ڪيترا ورهيه. پٽ جي جدائيءَ ۾ لڇندي، مرندي ۽ جيئندي رهي. سومر جي جدائيءَ جو گهاءُ جيڪو اندر ۾ هئس، اُهو مرڻ گهڙيءَ تائين ساڳيو رهيس. هوءَ جيترو وقت زنده رهي، ان مان هڪ ڏينهن به اهڙو نه گذريو جو پٽ کي ياد ڪري رني نه هجي. هڪ دفعو سومر کي چيو هئائين ته هو ئي سندس اکين جي روشني آهي، اگر جدا ٿي ويو ته انڌي ٿي ويندي، سو ٿيو به ائين. پٽ لاءِ روئي روئي انڌي ٿي ويئي. هوئي ته سندس سهارو هو، پوءِ سواءِ ڪنهن سهاري ۽ سواءِ اکين جي هوءَ ڌڪا ٿاٻا کائيندي ڀٽڪندي رهي. هروقت پنهنجي منهن سومر جون ڳالهيون ڪندي رهندي هئي، ان لاءِ ته ڄڻ ڪوبه ماڻهو موجود نه هو. سڄو سنسار ويران ۽ سُڃو ٿي لڳس. ڪيڏيون آسون ۽ اميدون سانڍيون هئائين دل ۾، سي سڀ موت سيلاب بنجي لوڙهي کڻي ويو. مرڻ وقت به پٽ جي تات لڳي پئي هئس!

موت ته هر انسان جي مٿان ڪنهن تکيءَ ڪاتيءَ جيان پيو لهرائي. ڪير ڄاڻي ڪيڏي مهل اِها ڪاتي مٿانئس وهي وڃي، پر ڪڏهن ڪڏهن موت به ڪيڏا نه هاڃا هڻي ويندو آهي جو اهڙن پيارن ۽ موتين جهڙن ماڻهن کي پل کن ۾ خاڪ جو ڍير بنايو وڃي ۽ سندس پوين کي اندر ۾ وڍ وجهيو وڃي!

لهندڙ سج

 منظور ٿهيم

سج کي لٿي ڪجهه ئي وقت ٿيو آهي.

سچل اڃان خاموش ويٺو سج کي جبل جي ليڪ هيٺان ڳولي رهيو آهي. ائين پيو لڳي ته سج، سچل جو گذريل جيون به پاڻ سان کڻي ويو آهي.

اڄ چوٿون ڏينهن آهي هن جي پريشاني کي. هر پل نئون مونجهارو، هر گهڙيءَ تمام ڊگهي پئي گذريس.

سجاد، سچل جي اها مسلسل حالت ڏسي پڇيس ٿو:

سچل پريشان آ.

يار توکي خبرئي ته آ، هڪ بيروزگار ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙيون پريشانيون هونديون. ان لاءِ هر گهڙيءَ هڪ نئون صليب، جتي انساني خواهش ۽ امنگن کي ٽنگي محرومين ۽ مايوسين جون ڪليون هنيون وينديون آهن.

سڪل پن جو ته وڻ به سهارو نه بڻبو آ. جڏهن پن سڪو ته وڻ ازخود پاڻ کان ڌار ڪري هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏيندس.

مان سمجهان ٿو ته منهنجي حالت ان سڪل پن جيان وڃي رهي آهي، جڏهن کان وٺي ايم. اي. جي ڊگري ورتي آهي ته پاڻ کي ڄڻ هن دنيا کان الڳ پيو محسوس ڪريان. هر شئي ڄڻ اجنبي پئي لڳي. هي ماحول، هي سنسار ۽ هي ماڻهو ائين پيو لڳي ته هي مون کان رُسي ويا آهن، ڇو جو ڪجهه وقت اڳ انهن سان پنهنجائپ وارو احساس هوندو هو.

نوڪري صفا نه ملڻ جو کڻي نالو ورتو آ، سوچيو هوم ته ايم. اي. ڪرڻ کان پوءِ سٺي نوڪري ملي ويندي. پر شايد مون غلط سوچيو هو. شايد انهيءَ ڪري ته انهيءَ سوچ کي عملي طرح ڪاميابي جي سگهه نٿو رکان.

ڏس نه يار سجاد، رڳو هوشياري به ته ساٿ نٿي ڏئي.

پئسي جي ساٿ کانسواءِ خبر نه آ ته اڃان ڪيترو عرصو بيروزگار رهان. بابي به لکي موڪليو آ ته آءٌ وڌيڪ تنهنجي خرچ جي سگهه نٿو رکان.

هيءَ به عجيب زندگي آ جنهن ۾ مستقبل جي ڪابه ذهانت نه هجي. هيٺين طبقي جي ٻار کي هزارين رپيا خرچ ڪرائڻ کان پوءِ به ان لاءِ زندگي گذارڻ جو ڪوبه رستو نه.

اها سڌ هجي ها ته ايم. اي. ڪرڻ کان پوءِ به بيروزگار رهندس، ته شايد نه اچان ها. پر بابي جي حال جو ڀرجهلو ٿيان ها.

پر اهي به ڪيڏا اٻوجهه آهن، اڻ ڄاڻائي ۾ اها آس رکي ويٺا آهن ته اسان جو پٽ آفيسر ٿي ايندو. انهيءَ خوشيءَ کي اکين سان ڏسڻ لاءِ هن زمين ٽڪرا ٽڪرا ڪري کپائي ڇڏي.

هنن ’آفيسري‘ لفظ ۾ پاڻ لاءِ ڪيڏي ڪشش محسوس ڪئي هوندي، پر هنن کي ڪهڙي خبر ته هي اندران ئي اندران کوکلي آ. هتي اچي مون محسوس ڪيو ته هڪ بيروزگار ماڻهو سان ڪهڙي حالت هوندي آ، جنهن جي پويان محبت ڪندڙ ماءُ ۽ زندگي ۽ موت جي فاصلن ۾ ٿڪل پوڙهو پيءُ، جنهن جو ذريعو ڪجهه به نه هجي، خاص ڪري زمين وڪڻڻ کان پوءِ، مون کي هتي خبر پيئي هئي ته امان ايتري بيمار هئي جو کنگهڻ سان رت جو گليلو ٻاهر اچي پوندو هو، پوءِ به پنهنجو علاج ڪرڻ بجاءِ پئسا مون ڏي موڪليا. اهو ڪيڏو نه ظالم وقت هو جنهن ۾ هڪ ماءُ پنهنجي پٽ جون اميدون ڏسڻ لاءِ موت جي چانئٺ تي ويٺل هجي.

بابي جي ڪمزور هٿن ۾ جڏهن ڪوڏر ڏسندو هوس ته پنهنجي حال تي روئڻ ايندو هو. ڳوٺ اچڻ تي مون کي ڪوبه ڪم ڪرڻ نه ڏيندو هو. سج جا تيز ڪرڻا جڏهن جهريل بدن تي پوندا هئا ته ڪپڙا ٽمي پوندا هئا، ائين ڄڻ ته ڪپڙن جو ساهه نڪري ويو هجي. ڏُکن کانپوءِ سک واري چوڻي کي اڳيان رکي محنت ڪندو هو، پر هن کي ڪهڙي خبر ته هڪ ڪوڏر هڻڻ واري لاءِ جيستائين سک اچن ان کان اڳ هو پنهنجي عمر گذاريو ڇڏي. وري هن جا ٻچا سک کي ماڻڻ لاءِ محنت ڪن ٿا ۽ ٻين لاءِ پيدا ڪن ٿا ۽ پيدائي ڪندا رهن ٿا.

سچل جي زبان تي ڄڻ تالو لڳي ويو هجي. دل جي ڌڙڪن ايڏي تيز ٿي وئي هيس جو اها سجاد به محسوس ڪئي. صاف شفاف اکين ۾ پاڻي جي بوند اچي بيهي رهي، ائين جيئن سمنڊ جي ڇولي ڪپر کان ٿي واپس وري هجي.

انسان جا حسين جذبا جڏهن ڀڄي ڀور ٿين ٿا، ته ان وقت انسان جو پاڻ کان ويساهه کڄي ويندو آ. حسين زندگي جنهن کي اپنائڻ لاءِ هرڪو جاکوڙ ڪندو آ، ۽ انهيءَ حسين زندگي کي ماڻڻ لاءِ بابي به ڏينهن رات هڪ ڪئي هئي. پر بابي انهيءَ زندگيءَ کي حسين ڏسڻ جي خوشي ۾ اهو وساري ويٺو ته انهيءَ زندگي سواءِ هن کي هٿن ۾ لڦن ۽ پيرن ۾ ڇالن جي سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو. ڏس نه يا سجاد جن ماڻهن منهنجين خوشين لاءِ پنهنجيون خوشيون قربان ڪيون، انهن لاءِ اڃان آءٌ ڪجهه نه ڪري سگهيو آهيان. اڃان خبر نه آهي، ڪيترو عرصو نه ڪري سگهان، ڇو ته هينئر تائين جيڪا موٽ ملي آهي انهيءَ مايوسي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي.

توکي خبر آ ته ڪيترين جڳهين تي انٽرويو ڏيئي آيو آهيان، ۽ سمجهين ٿو ته هن ڀڄ ڊڪ ۾ پئسا ڪيترا ٿا خرچ ٿين، جيڪي هاڻي ايترا ڪونهن جو برداشت ڪري سگهان. سچل لاءِ زندگيءَ کي گذارڻ هڪ مسئلو بنجي چڪو آهي. کيس هر گهڙيءَ پاڻ کي صليب تي ٽنگيل محسوس ٿو ڪري. پئسن جو بند ٿيڻ، بابي ۽ امڙ جي طبيعت جهڙا خيال سندس ذهن ۾ ڌوڪيندا پئي ويا. وار وکريل، اندر ۾ آنڌ مانڌ، منهن تي پريشاني جي ريکا، ڄڻ ته ڪيترن ئي ڏينهن جو بيمار پئي ظاهر ڪري.هر لمحو اهو احساس ڏياريندڙ ته تون اڪيلو آهين، پر وري ماءُ جي محبت ۽ پيءُ جي ياد اندر کي ڏڍ ڏيندي هيس ۽ جيئڻ تي مجبور ٿيندو هو. وقت جي رفتار هن کي ڪڏهوڪو پوئتي ڇڏي وڃي ها، پر اهو احساس هروقت هن کي ستائيندو هو ته منهنجي جيئڻ سان ٻه وجود زندهه رهندا، جيڪي ڪڏهن کان وٺي اها آس رکيو ويٺا آهن ته اسان جو پٽ آفيسر ٿي ايندو، پر هي طبقن ۾ ورهايل سماج مايوسي جي ڄار ۾ ڦاٿل، اهڙي مايوسي واري سماج ۾ نوجوان ڦاسي پنهنجي حال تي زندهه رهڻ تي مجبور ٿئي ٿو. بيوسيءَ جي عالم ۾ اونداهين ۾ هٿوراڙيون هڻي هڻي ٿڪي ٽٽي سڪل پن جيان ڪريو پوي ۽ پوءِ ائين ئي عمر گذاري ايجڊ ٿي امالڪ لاءِ آسرو لاهي ويهي ٿو. ڪجهه پئسا دوستن کان قرض طور ورتائين. سمجهيو هئائين ته ختم ٿيڻ تائين نوڪري ملي ويندي ۽ قرض لهي ويندو پر ڪجهه پئسا وڃي بچيا، دوستن ۾ وڌيڪ اميد نٿو رکي. هاڻي سوچ جي انتها ان حد تائين اچي پهتي اٿس ته واپس ڳوٺ وري. ٻيو ڪوبه سهارو ڪونهي، پئسا به ڪجه وڃي بچيا اٿس.

منجهند جا تقريبن ٻه پيا ٿين، انهيءَ وچ ۾ سجاد به اچي ويو. سجاد ڀرواري هوٽل ۾ مئنيجر آ، هتي يونيورسٽي ۾ تقريبن ڇهه سال گڏ گذاريا آهن، ۽ گڏ ئي رهيا پيا اچن.

سچل، سجاد کي چئي ويٺو ته آءٌ ڳوٺ واپس ورندس. مان واپس وڃي زندگي کي گذارڻ جي جدوجهد ڪندس، زندگي کي محسوس ڪرائيندس ته مون تنهنجي اڳيان هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا. ماءُ پيءُ جو سهارو بنجڻ لاءِ واپس ورندس.

سجاد خاموش نگاهن سان سچل کي ڏسي چيو، يار سڄي حقيقت کان تون واقف ٿي چڪوآهين. هتي اچي انسان مجبوري جي زنجيرن ۾ جڪڙيو وڃي ٿو، جتي حالاتن سا ٺهڪي اهو هلندو جيڪو ان جي سگهه رکندو هجي، ۽ اسان ۾ ايتري سگهه ڪانهي. اسين پاڻيءَ ۾ مٽيءَ جو ڪترو آهيون جيڪو آهستي آهستي وهندو وڃي تري سان لڳي ٿو. يار سچ ته ايتري سگهه ڪانهي جو جبل جيڏن حالاتن کي منهن ڏئي سگهون. پاڻ في الحال ٻين لاءِ پيدا ڪندڙ مشين آهيون. پر تن مان به ڪن کي استعمال ئي ڪونه ٿو ڪيو وڃي.

سچل پنهنجو سامان سهيڙڻ لاءِ اٿي ئي رهيو هو ته ٻاهر در کڙڪيو، در تي ٽپالي ڊگهو لفافو جهليو بيٺو هو.

سچل لفافو وٺي سوچڻ ۾ مبتلا ٿي ويو. هن پاڻ کي سوچن جي پيچرن ۾ ٿڪل محسوس ڪيو. هن محسوس پئي ڪيو ته آءٌ هاڻي وڌيڪ ڪونه هلي سگهندس. سجاد لفافو وٺي کوليو، چيائينس ته ڪلارڪي لاءِ انٽرويو اٿئي. ڪيڏي ڪڙي لڳي اها گهڙي، جنهن ۾ ايم. اي. واري لاءِ ڪلارڪي.

يار سجاد توکي خبر هوندي ته پاڻ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هوندا هئاسين ته پاڻ پنهنجي ذهن ۾ تصوراتي محل تيار ڪيو هو، ۽ انهن خيالن کي حقيقت ۾ ماڻڻ لاءِ ڪيڏي محنت ڪندا هئاسين، ڪيڏو پاڻ کي ڏکن ۾ رکندا هئاسين. پر هاڻي اهي تصوراتي محل ڊهندا پيا نظر اچن.

يار سچل، پاڻ ته رڳو تصورئي ته ڪري گهون ٿا.

پر پوءِ به هي انٽرويو ڏيو وڃ. ممڪن آ ته نوڪري ملي وڃي. نوڪري ملڻ کانپوءِ وري ٻئي سٺي هنڌ ماڻهو ڪوشش ڪري سگهي ٿو.

يار سجاد جيڪڏهن ائين ٿيو ته عمر ڳار. ڇهه ست سال يونيورسٽيءَ ۾ گذاريم، ڪجهه بيروزگار ۽ پوءِ ٻيءَ نوڪريءَ ملڻ تائين رٽائر ٿيڻو پوندو.

ڪالهه کان موسم به خوشگوار آهي، آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀريل آ، ٿڌي هوا بدن کي نئون سرور بخشيو پئي گذري. انهيءَ خوشگواريءَ کي محسوس ڪرڻ لاءِ سچل اڪيلو نڪري پوي ٿو. صفا تنها ايتري قدر ڄڻ ذهن جا سڀ بار پوئتي ڇڏي هوا جي مخالف رخ ۾ هلي ٿو.

خاص پنڌ ڪرڻ کان پوءِ سامهون هوٽل ڏسي چانهه پيئڻ جي بهاني لڙي پوي ٿو. سامهون سندس دوست خالد ۽ راشد ويٺا آهن. دوستن کي ڏسي اڳتي وڌي ويو، پر وري هڪدم بيهي ويو. ڇوته هو چئي رهيا هئا ته يار اٿ ته هلون، واڌو اچي ٿو، اچي ڳچي ۾ پوندو جتي وڃ ته منهن ڪڍيو بيٺو آهي.

سچل ڄڻ ته اتي پنڊ پهڻ بنجي ويو. هن جي سوچن کي ڪا واٽ ڪانه پئي سجهي. گهٽ ڳولڻ لاءِ سوچون پاڻ ۾ منجهي پيون آهن. سچل ويندڙ دوستن کي ڏسي پنهنجي زندگيءَ تي بڇان کائي رهيو هو. ائين پيو محسوس ڪري ته دوست هن جي احساسن کي لتاڙيندا پيا وڃن. هن پنهنجي بي ستي بيٺل وجود کي ڀرجندي پئي محسوس ڪيو، خيالن جا مفاصلا ڊگهي کان ڊگها ٿيندا پئي ويا. انهن مفاصلن جي وچ ۾ پاڻ کي ٽنگيل محسوس ڪيائين.

چانهه پيئڻ کان سواءِ واپس موٽي پيو. اڄ چوٿون ڏينهن آهي. سچل لاءِ هر گهڙي جبل جيڏي پئي گذري. زندگيءَ جا اِهي ڏينهن سچل لاءِ زندگيءَ جا وڏي ۾ وڏا ڏينهن هئا. ائين پئي لڳو ته اجهو سچل جي ذهن مان سوچون ٺڪاء ڏيئي ٻاهر نڪري پکڙجي وينديون.

سڀاڻي سچل جو انٽرويو آ. انٽرويو لاءِ سچل جي ڪابه تياري ڪانهي، ڇوته هن کي بنا سفارش جي ڪابه اميد نظر ڪانه پئي اچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com