سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2004ع

 

صفحو :22

[13] سرءُ 2004ع جو مهراڻ اسان لاءِ بهار جو نياپو کڻي آيو آهي. توڙي جو سنڌ جو ساهه درياهه شاهه ڄامشوري کان هيٺ ڏڪاريل ٿر جو ڏيکاءُ ٿو ڏئي، پر ساڳئي ڄامشوري کان نئين نڪور سج جو آب تاب کڻي اسان جي ادب ۽ ثقافت جو آئينو مهراڻ ورهين جي چڙهيل دز ۽ ڌوڙ ڇنڊي، صاف ٿي ۽ چمڪي ڄڻ ته اعلان پيو ڪري ته:

”متان ايئن سمجهين، مُئا مور سارا!“

مهراڻ جو نئون روپ ڏسي مون کي ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ’ڪارو سچ‘ ياد اچي ويئي. انهيءَ تمثيلي ڪهاڻيءَ ۾ ڳوٺ ۾ بجلي-گهر هڻندڙ لالچي سيٺيو بجليءَ کي گهڻو ۽ مهانگو کپائڻ لاءِ سج کي پنهنجو حريف سمجهي، رات جي اونداهيءَ ۾ لڪي مٿس ڪارو رنگ ٿو لنبي ڇڏي. سندس منصوبو ڪامياب ٿو وڃي. ڳوٺ وارا حيران ۽ پريشان ٿي ٿا وڃن. کين مڃايو وڃي ٿو ته سندن گناهن جي ڪري سج ڪارو ٿي ويو آهي. آهستي آهستي هو ڪاري سج تي ئي هري وڃن ٿا، ۽ منهنجائن ڪيترن کي ئي اها ڳالهه ماڳهين وسري ويئي ته سج ڪو چمڪندو به هو ۽ روشني به آڻيندو هو. هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙو نينگر پنهنجي ڏاڏي کان ٻڌي ٿو ته سج هميشه کان ڪارو نه هو بلڪه کيس ڪارو ڪيو ويو آهي. ننڍڙو نينگر فجر مهل اُٿي، هٿ ۾ ٽوال کڻي سج ڏانهن ويو ۽ ٿوري ڪوشش کان پوءِ سج تي ڪجهه رهڙو وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ روشنيءَ لياڪا پائڻ شروع ڪيا. ڇوڪري ڳوٺ وارن کي واڪا ڪري سڏڻ شروع ڪيو ته سج ڪارو نه آهي-اچو اچي اُن کي صاف ڪريو! ائين ڪندي سج تان ڪاراٺ لٿي ۽ جڳ جهان جرڪي اُٿيو. تمثيلي نينگر وانگر اوهان مهراڻ تان ڪاراٺ لاهڻ شروع ڪئي. اُهو وري تجلا پيو ڏيکاري، جنهن لاءِ اوهان سڀن کي منهنجا سلام!

سرءُ 2004ع جي شماري جي شروعات ”سر آسا“ جي چونڊ بيتن سان ٿئي ٿي. سڀني جو مرڪزي خيال هڪ ئي اهي. لوچ، سوچ ۽ منافقيءَ کان پاسو. ڀانيان ٿو ته اِهي بيت اوهان جي موجوده ذهني ڪيفيت جو اظهار ڪن ٿا. الله اوهان کي منافقي، ڪوڙ، مڪر ۽ شرڪ کان پناهه ۾ رکي ۽ واديءَ وچ ۾ حُباب ٿيڻ کان بچائي. جمال ابڙي جو شاهه لطيف بابت اقتباس هونئن ته لاجواب شي آهي پر سُر جي مناسبت سان جيڪڏهن لاڳاپو رکندڙ مواد هجي ها ته بهتر ٿئي ها.

گذارش جي ٻن اکرن ۾ انعام گهڻو ڪجهه ٻڌائي ويو آهي. سندس هڪ سال جي ڪار گذاري بلاشڪ فخر لائق آهي. هڪ زبون حال اداري ۾ مالي طرح پاڻڀرو ٿيڻ، ادبي طرح فعال ٿيڻ ۽ ترقيءَ جي راهه تي وک وڌائڻ- اهي سڀ وڏا ڪارناما آهن، پر اُنهن جو بنيادي ڪريڊٽ منهنجي ناچيز راءِ ۾ اڳوڻي تعليمي وزير عرفان الله مروت کي به ٿو وڃي. اسان کي پنهنجي دل ڪشادي ۽ ذهن صاف رکڻ گهرجي ۽ ڪريڊٽ ڏيڻ ۾ بخيلي ڪرڻ نه گهرجي. عطر پنهنجي خوشبوءَ سان سڃاتو ويندو.  ”وکر سو وهاءِ“ ۾ قديم ۽ جديد سنڌي شاعرن جي ڪلام جي سهڻي چونڊ ڏنل آهي. ڪلاسيڪل سنڌي شاعرن جي جهرمٽ ۾ تازو موڪلائيندڙ شاعر ”نياز“ ۽ ”منشي“ به پنهنجو پاڻ ملهائين ٿا. سندن چونڊ ڪلام سان گڏ مڃيل نقادن ۽ دانشورن جا تعارفي نوٽ منهنجي واسطي هڪ نئين ڳالهه آهن. اُنهن جي چونڊ نهايت حُب ۽ احتياط سان ڪيل آهي. اها جنهن به صاحب ڪئي آهي تنهن جي مطالعي جو داد ڏيڻو ٿو پوي. بي ريائيءَ جي انتها اِها آهي جو مصري شاهه جي ڪلام بابت مقبول ڀٽيءَ جهڙي نسبتاً گهٽ ڄاتل ۽ وساريل اديب جو تجزيو ڏنو ويو آهي!

هن شماري ۾ ’تحقيق‘ جو حصو نهايت سگهارو آهي. شروعات ۾ ذوالفقار راشديءَ جي مضمون مان اقتباس اسان مان گهڻن جي سوچ جو نهايت پُر اثر ۽ زور دار اظهار آهي. اهو اقتباس ماضيءَ جي گروهه بندي ۽ نانيءَ ڪنڙي جي خلاف ڄڻ هڪ ايف.آءِ.آر آهي. هاڻي ڀلي ته ادب جو پارکو ۽ جج اُنهيءَ ايف.آءِ.آر جو بي ريائيءَ سان جوڳو نيڪال ڪن.

محترم ناسف علي شيراز جي ٺاهيل سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليو گرافي هڪ ٺوس تحقيقي پورهيو آهي ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ وڌيڪ سونهي جو ڪم ڏيندي. سنڌي لغتن کي ڳولڻ ۾ شيراز صاحب وڏي محنت ڪئي آهي ۽ حوالا به ڪي ٻه چار نه، نوي (90) ڏنا اٿس. واه شيراز صاحب واه!

ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ اسان جي شڪريي جو مستحق آهي. هن صاحب وڏي محنت ڪري سن 1901ع کان 1929ع تائين ٻوليءَ شعرو شاعري ۽ ناٽڪن جي ڇپيل ڪتابن جو تفصيلي ڪئٽلاگ ڏنو آهي. هن قسط ۾ 357 ڪتابن جي داخلا ڏني اٿس، يعني 29 سالن جي عرصي ۾ انهن ٽن موضوعن تي هر سال سراسري هڪ ڊزن نوان ڪتاب! اها خبر به پيئي ته اُن زماني ۾ لاهور مان به سنڌي ڪتاب شايع ٿيندا هئا. پر ڪٿي ڪٿي ڪتاب جي صنف ڄاڻائڻ ۾ بظاهر ڪجهه غلطي نظر اچي ٿي. مثال طور ”رستم“ کي شعر و شاعري ۾ ڏيکاريو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب فردوسيءَ جي شاهنامه تان رستم ۽ سهراب جو قصو سليس سنڌي نثر ۾ ڏنو آهي. ساڳيءَ طرح گل خندان“ نهايت سهڻي سنڌيءَ ۾ ”فسانه عجائب“ جو ترجمو آهي. ’شاهه جون آکاڻيون‘ به شعرو شاعري نه بلڪه نثر ۾ آهن.

امداد حسينيءَ جو اڀياس ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ پڙهندي دل چوي ٿي ته اي ڪاش! اياز ۽ سندس ثنا خوان ”خود شناسيءَ“ بدران ”خود ستائيءَ“ ۽ ”خود ثنائيءَ“ جي مرض ۾ مبتلا نه ٿين. ها، ڪاش ’اياز‘ ننڍي هوندي پڙهيل شاعرن جي صحيح ڪٿ ڪرڻ لاءِ اُنهن کي جوانيءَ ۽ پيريءَ ۾ به پڙهي ها ۽ ور ور ڪري پڙهي ها (جيڪو هر وڏي شاعر جو اسان تي حق آهي) ته جيڪر پنهنجي ۽ ٻين جي قد ڪاٺ جو کيس ۽ ٻين کي صحيح اندازو ٿئي ها.

امداد جي تفصيلي فني جائزي کي جس ڏيندي به آءُ اهوئي چوندس ته ”مون ۾ عيب اپار، تون پاڻ سڃاڻج سپرين!“ بهتر اهوئي ٿيندو جو اسان جو ڌيان اياز ۽ اُن جي مداحن جي دَور ۾ نظر انداز ڪيل اديبن ۽ شاعرن کي جائز مقام ڏيارڻ ڏانهن مرڪوز ٿئي.

شاعريءَ جي ڀاڱي جي مُهڙ ۾ به تمام سٺو اقتباس ڏنل آهي. انهيءَ جي ليکڪ جو نالو ڏيڻ کپندو هو. اهو ڏسي حيرت ۽ خوشي ٿي ته بشير مورياڻي، شبير ”هاتف“ ۽ نعيم دريشاڻي اڃا پنهنجي ڪرت ۾ لڳا پيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته شبير ”هاتف“ پنهنجو جهونو ڪلام موڪليو هجي. بهرحال، ڪلام بلاشڪ سٺو آهي. امداد حسينيءَ جي ’اپيل‘ ڄڻ ته سنڌي ذاتين، قبيلن ۽ پيشن جي انسائيڪلوپيڊيا آهي. سواءِ سچي جذبي ۽ دلي درد جي اهڙي لازوال /ڪلاسيڪل ’اپيل‘ ٿي نه ٿي سگهي. ڪاش اِها اپيل اسان سنڌين کي ڌونڌاڙي غفلت جي ننڊ مان جاڳائي!آمين. جلال ڪوريءَ جو ”هر ماڻهوءَ ۾“ پڙهندي حاجي احمد ملاح جو جولان ياد پيو-ساڳيا ٻول، ساڳيون ڇوليون!

افسانن جي ڀاڱي مزو نه ڏنو. آءٌ افسانن جي ٽيڪنيڪي خوبين کي نه ٿو سمجهان، پر ايترو ضرور چوندس ته مون کي ڪرشن چندر، منٽو، عصمت چغتائي، واجده تبسم، جمال ابڙي، امير جليل، حفيظ شيخ، ڏيپلائي، چيخوف، اوهينري، نسيم کرل جا افسانا وڻندا هئا. اُنهن ۾ پلاٽ زوردار هوندا هئا. سندن هر افسانو ذهن تي اثر ڇڏيندو هو. اُهي خوبيون مون کي هن پرچي ۾ ڏنل افسانن ۾ نظر نه ٿيون اچن. ٿي سگهي ٿو ته آءٌ ئي مدي خارج هجان. لعل پشپ جي افساني جو مک ڪردار وڏي عمر جو، ڏٻرو، ڪچي نوڪريءَ وسيلي صرف ٻه سو رپيا مهينو ڪمائيندڙ آهي. (خبر ناهي ڪهڙي ملڪ ۽ ڪهڙي دور جي ڳالهه آهي) اُنهن ٻن سون ۾ ڪافي پيئي ٿو، مسلسل سگريٽون به ڦوڪي ٿو، پاڻ کان ٻه سال وڏي پر سهڻي ۽ ٻيڻو پگهار رکندڙ پڪي نوڪري واريءَ کي بيوقوف ٿو سمجهي ۽ پاڻ کي ذهين ۽ هوشيار! ساڻس عشق ٿو ڪري ۽ شاديءَ جو تمنائي آهي. پر در حقيقت سندس پريتما ايڏي احمق نه آهي، جيتري هو سمجهي ٿو. ويندي ويندي هوءَ کيس پنهنجي صحيح مقام تي ويهاري وڃي ٿي.

”جڏهن درياهه وهي اچي“ ۾ غلام نبي مغل البت مايوس ٿو ڪري. مغل صاحب کي اسان جي ڀلوڙ ۽ ناميارن ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي، پر هيءُ افسانو سندس ناول ”اوڙاهه“ جوئي هڪ باب ٿو لڳي. ڪهاڻيءَ جا ٻئي ڪردار تاريخ ۾ گم آهن، پر ايترو نه ٿا سمجهن ته درياءُ ۾ پاڻيءَ جي موجوده ڪميءَ جو ڪارڻ مينهن جو گهٽ پوڻ آهي. هو ماضيءَ جي ٻوڏن جو ذڪر ڏاڍي حسرت انگيز نموني ڪن ٿا پر اِهو نه ٿا ٻڌائين ته سن 1935ع کان اڳ بئراجن ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي اقتصادي حالت ڪهڙي هئي؟ ڇو هزارين ايڪڙ رکندڙ زميندار ڍل اُڳاڙڻ وقت تپيدارن ۽ مختيار ڪارن کان لڪندا وتندا هئا. اُن زماني ۾ ڪيترن وٽ بنگلا ۽ گاڏيون هونديون هيون؟ ڪيترن جا ٻار اعليٰ تعليم ته ڇا معمولي تعليم به حاصل ڪري سگهندا هئا! بئراجن ٺهڻ کانپوءِ ڪيترائي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿي آهي. سنڌ ۾ رڳو ماڇي، مهاڻا ۽ ميربحر ته آباد نه آهن، جيڪي پلو مڇي کائي گذارو ڪن، خير اهو هڪ وڏو بحث آهي. آءٌ فقط ايترو عرض ڪندس ته تاريخي بنياد تي ادب لکڻ وڏي ذميواريءَ جو ڪم آهي. افساني جي پڄاڻي به عجيب آهي. معصوم ٻارن ۽ سادڙن شخصن جا خدا ڏانهن خط ته ٻڌندا هئاسون، پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل رٽائرڊ ڪامورو خدا تعاليٰ ڏانهن خط لکي پنهنجي ”فرض جي پورائي“ ٿو ڪري ۽ مطمئن ٿو ٿئي! سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ جو اهو چڱو انداز آهي. ”يا قربان“ ڪهاڻي جو مُنو حصو ته ڪوئٽا ۽ زيارت جي سفرنامي تي مشتمل آهي، اِهي علائقا سنڌين واسطي نوان ته نه آهن، نڪوئي اِنهيءَ سفر جو ڪهاڻيءَ جي موضوع سان ڪو واسطو آهي. منهنجي خيال ۾ ’يڪتارو‘ پٺاڻن جو ساز نه آهي. غربت ۽ پيسن جي لالچ ۾ ننڍڙين نينگرين تي جبر برابر هڪ اهم موضوع آهي، پر جمال جي ’پيراڻي‘ ۽ ڏيپلائيءَ جي ’ڪونڍير‘ ڪهاڻي کان پوءِ اِنهي موضوع کي نڀائڻ وڏي جاکوڙ ٿو گهري.

حميد سنڌيءَ ”ڪرشماتي سفر“ لکيو ته واهه جو آهي، پر اڃا تائين ڪنهن ڪرشمي سان ڏيٺ ويٺ نه ڪرائي اٿس. ولي رام ولڀ جي چواڻي اهو سندس ”جذباتي سفر“ (Sentimental Journey) هو. ٻولي توڙي جذبات جي لحاظ کان هي سفر نامو برابر ”ڪرشماتي“ آهي. هن قسط ۾ جذبات ته مهراڻ جي ڇولين وانگر اُڇلون ٿا ڏين، پر معلومات جو عنصر نه هجڻ برابر. حميد اِهو نه ٿو ٻڌائي ته ڀارت ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل ٿيڻ تي عملي طور سنڌي ٻولي ۽ سنڌين کي ڪهڙو لاڀ پهتو آهي. اُتي ڪيتري ليول تائين ’سنڌي‘ پڙهائي وڃي ٿي، ڪيترا سنڌي ميڊيم اسڪول آهن، سنڌي ادب جي واڌاري واسطي سرڪار ڇا ٿي ڪري، دور درشن ۽ ٻين بي شمار ڀارتي ٽي وي چئنلز تي سنڌيءَ کي ڪيترو حصو ٿو ملي، سنڌيءَ ۾ ڪيترا ماهوار، هفتيوار ۽ روزنامه نڪرن ٿا، اُنهن جي اشاعت ڪيتري آهي، اُنهن جي پڙهندڙن جو انگ ڪيترو آهي، خانگي توڙي سرڪاري طور تي هر سال ڪيترا ڪتاب ٿا ڇپجن. (اسان کي ته دوبئي، سعودي عرب، ڊينمارڪ ۽ يورپ ۾ اهڙي ڪابه شيءِ نظر نه آئي) سنڌي سيڙپڪار بمبئي جي فلم انڊسٽريءَ تي ڇانيا پيا آهن. اُنهن ڪيتريون سنڌي فلمون ٺاهيون ۽ ڪيترين هندي فلمن ۾ سنڌي سڀيتا جو مانائتو ذڪر ٿئي ٿو؟ (اسان ته هندي فلمن ۾ ايندڙ سنڌي ڪردار صرف احمقن جي روپ ۾ ڏٺا آهن). KTN دنيا جي اسي کن ملڪن ۾ نظر اچي ٿو. انهيءَ ۾ هاڻ پاڪستان جي غير سنڌي ادارن به اشتهار ڏيئي اُن جي ڏسندڙن جي اهميت جو اعتراف ڪيو آهي. لڏي ويل سنڌي جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏا وڏا ڪاروبار ڪن ٿا، اُنهن جي نظر KTN تي نه پيئي آهي؟ اُميد ته حميد جي سفر جون ايندڙ قسطون معلوماتي هونديون ۽ اُنهي ’سڪ جي سفر‘ ۾ ٻيا شريڪ به مٿين موضوعن تي قلم کڻندا.

جمال ابڙي جي ياد ۾ سڄو پرچو نهايت سهڻي نموني سينگاريل آهي. جمال جي هڪ اڌ ڪهاڻي به درج هجي ها ته ڏاڍو مزو اچي ها.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”ماڻهو مڻيادار-1“ ۾ قاضي سچيڏني مرحوم جو تذڪرو نهايت سهڻي ۽ قربائتي انداز ۾ ڪيو آهي. مضمون ۾ هڪ وسيع القلب پنجابي ڪاموري مرحوم ممتاز حسن جو به ذڪر ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان ڪيل آهي. هي مضمون لکي هڪ دفعو وري ڊاڪٽر بلوچ صاحب اسان جي شڪريي جو مستحق ٿيو آهي. اسان جي بدقسمتي آهي، جو سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪندڙ ڪامورن کي مان ڏيڻ ۾ بخل کان ڪم وٺندا آهيون. رڳو سنڌي ڪتابن جي وڪري ۾ مختيارڪارن، تپيدارن، ڊپٽي ڪليڪٽرن ۽ ڪليڪٽرن جو حصو ڏسجي ته به ڏندين آڱريون اچيون وڃن. بلوچ صاحب مهرباني ڪري اهو سلسلو جاري رکي، جيئن اسان جي وساريل مشاهيرن جي خدمتن کي نئين نسل آڏو آڻي سگهجي. خاص ڪري ممتاز حسن بابت سنڌ جي نئين توڙي پراڻي نسل کي آگاهي ڏئي ته ڏاڍو چڱو. الله تعاليٰ ڊاڪٽر صاحب کي وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ کين خوش ۽ آباد ڪري. آمين.

”سوز“ هالائي سينگار علي سليم جي ياد ۾ هڪ نهايت سهڻو مضمون لکي چڱو ڪم ڪيو آهي. جيسلمير ڄائي هن فنڪار سنڌي ثقافت واسطي وڏو ڪم ڪيو، پر سندس آخري عمر جي اڪيلائي اسان سنڌين جي بي حسيءَ جو افسوسناڪ مظهر آهي.

”ڪتابن جي پهچ“ هڪ سهڻو سلسلو آهي. ان کي جاري رکندا ۽ واري اچڻ تي انهن تي تبصرا پڻ ڏيندا.

-محمد علي ڏيپلائي

[حيدرآباد سنڌ]

****

 [14] ٽماهي مهراڻ جو مطالعو زندگي جو ’اهم جُز‘ ٿي پيو آهي. سنڌي ادب کي محفوظ رکڻ ۽ گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين ادب پهچائڻ ۾ اوهان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. مهراڻ جي معيار کي ڌيان ۾ رکندي هڪ ڪهاڻي ”پراڻو مال“ موڪلي رهيو آهيان.

- انجنيئر پرڪاش ڪمار

[شهداد ڪوٽ،لاڙڪاڻو]

****

 [15] مهراڻ جو سرءٌ 2004ع وارو شمارو نظر مان گذريو ۽ واقعي لڳو ته ادبي، علمي ۽ ثقافتي دستاويز آهي. هن نفسانفسيءَ جي دور ۾ جتي ادبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ وڃي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي سان بيٺي آهي ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن اُگريون ۽ ڳنڀير ٿينديون پيون وڃن، اوهان کي جس هجي جو 1955ع واري دور جي ”مهراڻ“ جون سڪون پيا لاهيو.

انعام شيخ جي گذارش حقيقتن تان پردو کنيو. هن کي گهرجي ته سنجيده موضوعن تي ادبي ڪالم لکي ۽ ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي جديد سنڌي ادب جو تنقيدي جائزو وٺي. ايڊيٽوريل ’سوچ-لوچ‘ منفرد طرز تحرير جو عڪاس هو، جنهن ۾ مرحوم غلام محمد گرامي صاحب واري فصاحت ۽ بلاغت جو پَرتو نمايان هو. پر جنهن امر جي تشنگي محسوس ٿئي ٿي، اُها اوهان جيڪڏهن اجازت ڏيو ته بيان ڪريان. اڄڪلهه جي مروج ادارتي روايتن پٽاندڙ مهراڻ ۾ ڇپجندڙ همعصر مواد تي ايڊيٽوريل ۾ ’پيش لفظ‘ يا ’تقريظ‘ جي تحت ٽيڪا ٽپڻي ٿيڻ گهرجي. هر هڪ تخليق جو جيڪڏهن اجمالي جائزو اڳواٽ ايڊيٽر طرفان ايندو ته اُنهيءَ سان نَون لکندڙن جي رهنمائي ٿيندي ۽ تجزياتي ڪسوٽيءَ تي پرکيل ادب پاري مان وڌيڪ لاڀ حاصل ٿيندو ۽ ادبي اصولن جي پاسداري به ٿيندي. اُميد ته پنهنجي وسيع ۽ عميق علمي تناظر جي حوالي سان منهنجي هن تجويز تي غور ڪندا.

هاڻي مهراڻ ۾ وڏو فرق (مثبت) آيو آهي. توهان جي ذاتي اورچائي، جهد مسلسل ۽ تپسيا جي ڪري مهراڻ نه صرف وقت تي پابنديءَ ۽ تسلسل سان اچي رهيو آهي، پر سٽاءُ جي نواڻ، وڻندڙ Lay-out ۽ Format جي جدت (بمع تنقيدي ۽ تشريحي باڪسن (Boxes) جي منياڪاريءَ سان) ، دل کي ڇُهندڙ Presentation (پيشڪش) جي ڪري نوان پڙهندڙ ۽ لکندڙ پيدا ڪري رهيو آهي.

تحقيقي مقالن ۾ ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليو گرافي“ هڪ نهايت دقيق ۽ عميق علمي جاکوڙ آهي. تحقيق نگار ڪمال هُنر جو مظاهرو ڪندي اهڙي خشڪ ۽ ڏکئي موضوع تي هڪ جاءِ تي ايترو ڀرپور مواد گڏ ڪري ڏنو آهي. اُنهيءَ تحقيق سان نون محققن جي رهنمائي ٿيندي. شيراز صاحب کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي ڏاڏي مرحوم محمد بخش ”واصف“ جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي هڪ جامع تحقيقي مقالو لکن. برسبيل تذڪره، ڪافي وقت اڳ مرحوم واصف جو ليٿو ۾ ڇپيل هڪ ڪتاب نظر مان گذريو هو، جنهن جو نالو هو ”ردتناسخ“، جيڪو 1930ع واري ڏهاڪي ۾ مرزا نادر بيگ جي ٿياسافيءَ تي ٻڌل ڪتاب جي تنقيدي موٽ هئي. مرزا صاحب پنهنجي دور جو بلند پايه نامور اديب ۽ دانشور هو ۽ سماجي حيثيت ۾ به گهڻو اڳتي هو. اُن وقت ٿياسافي ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽي، ننڍي کنڊ ۾ ايني بيسنت جي رهنمائيءَ ۾ ڪيئي اهڙا خيال آندا پئي، جن جو سنئون سڌو واسطو دراصل ”ويدانتا“ (Vedanta) سان هو. ”آواگون“ يا ”تناسخ“ (Transmigration of Soul) به هندو مت ۽ يوناني فلسفي مان آيل موضوع آهي. بهرحال، مرحوم واصف جوليٿو ۾ ڇپيل اِهو ڪتاب شايد سنڌالاجيءَ ۾ موجود هجي. هڪ دلچسپ مناظري جي طرز وارو عجيب علمي ۽ فلسفيانه ڪارنامو آهي. اهڙو هو اُهو 1930ع/1940ع ۾ سنڌ ۾ ثقافتي ۽ سماجي رواداريءَ وارو وضعدار ۽ وڻندڙ وايو منڊل. هاڻ نه رهي آهي اُها تنقيدي سهپ ۽ نه وري ايترو وسيع مطالعو!

جمال ابڙي صاحب تي لکيل مضمونن ۾ سائين آگري صاحب جو طرز بيان ۽ ساروڻين جي حوالن سان مزين مضمون ڏاڍو دلپذير هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو تحقيقي ۽ علمي مقالو به پنهنجيءَ جاءِ تي دقيق ۽ وقيع هو. باقي ٻيا تاثراتي مضمون متنوع ۽ منفرد هئا. مهراڻ جا ”جديد ڪهاڻي نمبر “ ۽ ”آتم ڪهاڻي نمبر“ به آڻڻ گهرجن.

مهراڻ ۾ افساني وارو حصو ويجهڙائيءَ ۾ گهڻو پٺتي پئجي ويو هو. هن دفعي غلام نبي مغل جي ڪهاڻي ڪافي وقت کان پوءِ ڇاپي قارئين کي Food for Thought ڏنو اٿو. درياءُ جي تناظر ۾ لکيل ڪهاڻيءَ ۾ رواني، تسلسل ۽ بيباڪي آهي. ڪٿي ڪٿي وري اڻلکي ناصحانه/صحافيانه ڪالم نگاري (Dedactic Journalism) جي ڪري دوبدو (Direct) گفتگو ڪجهه ڪجهه غير سنجيده ۽ ناٽڪي (Theatrical) محسوس ٿي، پر اِهو عنصر امر جليل کان وٺي موجوده ٽهيءَ جي اڪثر ڪهاڻيڪارن ۾ عام ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شايد Soap-Opera/Tv Drama جو گهڻو اثر ڪهاڻيءَ تي پئجي ويو آهي. بيانيه ڳالهه (Descriptive) ۽ لوڪ ادبي (Narrative) انداز اڄڪلهه قدري گهٽبو وڃي. لعل پشپ جي ڪهاڻي ڇا مهراڻ لاءِ خاص طور تي لکيل هئي يا ڪنهن هندستاني مخزن تان کنيل آهي؟ ڪوشش ڪري هري دفعي (50/60) واري سونهري دور وارو هڪ ڪلاسڪ افسانو سنڌ ۽ هند مان چونڊي، ادارتي نوٽ سان ڇاپيندا. اهڙا تشريحي Expository نوٽ نئين ٽهيءَ جي رهنمائي ڪندا ۽ ادبي تاريخ ۾ به مُستند ثابت ٿيندا. ڇاڪاڻ ته مهراڻ هڪ مڃيل ۽ مربوط ادبي ۽ تاريخي دستاويز آهي ۽ رهندو.

گل محمد عمراڻي

[حيدرآباد سنڌ]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com