سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2004ع

 

صفحو :11

 

شاعري

 

”.......... ٻيو معيار، جيڪو جديد دؤر جو نقاد استعمال ڪري ٿو، سو هيءُ آهي ته ڇا شاعر جي ڪلام جي ڪنهن به مصرع ۾ ڪوبه اهڙو لفظ بدلائي سگهجي ٿو، جنهن سان اُنهيءَ مصرع کي زياده مؤثر يا فصيح بنائي سگهجي يا منجهس وڌيڪ حسن پيدا ڪري سگهجي؟ هڪ دفعي جڏهن بين جانسن کان پڇيو يو ته ”تون پنهنجي شعر جي ڏهن کان به وڌيڪ ڀيرا تصحيح ڪرين ٿو، جيتوڻيڪ شيڪسپيئر ڪڏهن به پنهنجي شعر جي ٻيهر اصلاح نه ڪئي هئي“، تڏهن هن وراڻيو ته ”منهنجي خيال موجب بهتر ٿئي ها، جيڪڏهن شيڪسپيئر پنهنجي شعر جي ويهه ڀيرا اصلاح ڪري ها ته، پر زمانو شاهد آهي، سندس اُهي تخليقون، جن جي ڏهه دفعا اصلاح ڪئي وئي، تن ۾ اڃا به اصلاح جي گنجائش باقي آهي، مگر اُن جي مقابلي ۾ شيڪسپيئر، جنهن جون في البديـﮧ چيل مصراعون اصلاح کان بالاتر آهن ۽ اُنهن مان گهڻن يا فقط هڪ لفظ جي تبديلي سڄي مصرع جي معيار ۽ ترنم کي تباهه ڪري ڇڏيندي. مطلب ته اهڙي ڪابه ڪوشش بهتريءَ جي بجاءِ ابتريءَ جو سبب ۽ ڪارڻ ٿيندي.

درحقيقت تمام ٿورن شاعرن جو ڪلام اِنهيءَ معيار تي پورو لهي سگهندو. مگر شاهه لطيف جي ڪلام ۾ فقط هڪ لفظ جي تبديلي سڄي لئي ۽ ترنم کي بگاڙي ڇڏي ٿي؛ بلڪ اُن کي ختم ڪري ڇڏيندي يا مورڳو اُن کي ناقابلِ برداشت ڪري ڇڏيندي. مطلب ته ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ هڪ به لفظ نه بدلائي سگهجي ٿو ۽ نه ڪڍي سگهجي ٿو. اِها ڳالهه سندس پوري شاعريءَ سان لاڳو ٿئي ٿي. نه رڳو سندس هرهڪ مصرع مگر هرهڪ لفظ ۽ اُنهيءَ جي بيهڪ کي خاص اهميت آهي ۽ ان جو بدلائڻ محال آهي. دنيا جو ڪوبه شاعر پنهنجي ڪلام جي سڄي ذخيري جي لحاظ سان هن پرک تي مشڪل سان پورو اچي سگهندو. ٻين شاعرن کي کڻي ڇڏيو، پر خود شيڪسپيئر جي ڪيترين سارين مصراعن کي ترميم بعد بهتر سمجهيو ويو آهي.........“

_ علامه آءِ. آءِ. قاضي

(”صوفي لاڪوفي“، ص 19-20)

 

”سرشار“ عقيلي

  ...... رڳو رباب ٿيون!

 

غزل

 

غير سان تُنهنجي رهي ٿي روز شبِ محفل الڳ،

شَمعُ رُو! پروانه جِيان، مُنهنجي پچي ٿي دل الڳ.

تار تار آهي گريبان عشق جي ناموس جو،

آهه دامن جي به حالت ديد جي قابل الڳ.

تو کنئي اک، مان ڪُٺس، ڪم خنجرِ اَبرو ڪيو،

کڻ نَظَر اَبرو هٽي، خنجر ته ڪَر قاتل الڳ.

ڪا ته آهي جنس هڪجهڙي ڪري ٿي جا ڪشش،

سوزشِ پروانه آهي، شمع ۾ شامل الڳ.

ٽُوهه وانگر عشق سُهڻو ٻاهران، اَندر ڪَڙو،

صبر جي چاقوءَ سان ڪر ڳڀ ڌار، ڇِلڪو ڇِل الڳ.

هُن کي بزمِ ناز ۾ ’سرشار‘ هئن ڪَنَ ۾ چيم،

ڳالهه مون سان ڪر اشارن ۾ ۽ دلبر مِل الڳ.

 

*

 

اَچي جو حُسنِ ازل کي ٿيو نَمُود جو شوق،

فريبِ حُسن ويو بنجي تڏهن وجود جو شوق.

اگرچه قطرهء دريا گهڙي جو کيل آهي،

حُباب کي به رهي ڇو نه هست و بود جو شوق.

ٿو تنهنجو نسل ته آدم رکي خيالِ بهشت،

اگرچه خلد ۾ توکي نه هو خُلود جو شوق.

هُجي هو سنگِ درِ يار ۽ هِي پيشاني،

جَبين کي آهه درِ يار تي سُجدو جو شوق.

نه مال و زر جي ضرورت رهي ٿي مـؤمن کي،

نه مال ميڙ تون اي دل، اهو يهود جو شوق.

هِي تَن تنبور ٿيو ۽ رڳون رباب ٿيون،

مليو جو ورثي ۾ ’سرشار‘ کي سُرود جو شوق.

 

*

 

دل تي فراقِ يار جا آهن هزار داغ،

هڪ داغ چنڊ ۾ ته هِتي بيشمار داغ،

ڇيڙين ٿو ذڪرِ يار ته صدمو ٿئي ٿو، آه!

اي همنشين نه پُڇ، نه وڌائي ٻه چار داغ.

ٻي روشني هُجي نه هُجي، هِي ته ٿا ٻَرن،

قنديل مِثل برسرِ لوحِ مزار داغ.

اي داغدار نرگسِ باغِ خيال چَؤ،

جُز هجرِ يار ڀي ڪي ڏِٺئي داغدار داغ.

ڌوتي مِٽن، علاج مِٽائي مِٽائي وقت،

پر هي مِٽائي ڪير بَجُز وصلِ يار داغ.

’سرشار‘ فصلِ گُل جي خوشي جو رکي، رکي،

پر مون خزان نصيب جي آهن بهار داغ.

 

*

 

دل جو ڌڙڪڻ، درحقيقت آهه دلبر جي تلاش،

”جوهري کي ٿي رهي هروقت جوهر جي تلاش.“

عقل سان اسرار ڳولڻ ”سعِي لاحاصل“ مثال،

جئن پري داڻو پيل ۽ مرغ بي پَر جي تلاش.

مـﮧ لقا! توکي رقيبن جي پڇا سونهي نٿي،

مُشتري تارو ڪري ڇاڪاڻ ڇنڇر جي تلاش.

قيد کان ٻاهر نٿي وحشت ڏنو مون کي وِهڻ،

۽ رهي زندان ۾ ديوار ۽ در جي تلاش.

چشم تر منهنجو ڏسي ٿي ديدهء شبنم رُنو،

مون ڏِسي شبنم ڪئي ٿي ديدهء تر جي تلاش.

سي ڪندا ’سرشار‘ ڪنهن پر خير و شر ۾ امتياز،

عمر ساري جن جو آهي مشغلو شر جي تلاش.

 

شبير ”هاتف“

غزل

 

هت پيار محبت جو ڪو نام نشان ڪونهي،

هي پنهنجي زمين ڪانهي، هي پنهنجو جهان ڪونهي.

 

جو آئي وئي اڳيان زخمن جو ڪري پِٽڪو،

سو عشق مان ڇا ڄاڻي سو پاڻ منجهان ڪونهي.

 

هُن شوخ جي آمد جا اُفواهه گهڻا اُٿيا،

پيغام پڪو پختو ڪو يار وٽان ڪونهي.

 

ماڻهن کي نظر آئي بس چهري جي سرهائي،

جو اصل ۾ حال آهي توکان ته نِهان ڪونهي.

 

’هاتف‘ جي ڪلامن سان ڪا باهه ٻري ڪانهي،

شاعر ته چڱو آهي پر شعله بيان ڪونهي.

 

غزل

 

جنهن ڏينهن توسان پهرين ملاقات ٿي هئي،

تنهن ڏينهن شاعريءَ جي شروعات ٿي هئي.

 

نيڻن ٽِمي ٽِمي ڪئي پالوٽ ايتري،

ماڻهن جي ليکي رات ڪا برساست ٿي هئي.

 

منهنجي طلب ۽ تانگهه جي ڳوٺن ۾ ڳالهه هئي،

توکي سڄڻ ڪا منهنجي ڪڏهن تات ٿي هئي؟

 

هُل اُن جو صبح کان ئي هُليو هو گهٽيءَ گهٽيءَ،

نيڻن ۾ گفتگو جا سڄي رات ٿي هئي!

 

 

 

غزل

 

مون لئه ڇڏئين جيڻ جو بهانو وڃڻ کان پوءِ،

خوشبو جا هئي فضا ۾ سڄڻ جي سڄڻ کان پوءِ.

 

ايئن ٿي لڳو ته وقت جون نبضون بِهي رهيون،

هُن جي اچڻ کان پهرين ۽ هُن جي وڃڻ کان پوءِ.

 

سارو جهان وٺي به جي پرچي ته واهه واهه،

سارو جهان رُسي ويو جنهن جي رُسڻ کان پوءِ.

 

دفتر شڪايتن جا ڀريل هئا ٻنهي طرف،

سڀ حرف پاڻ کي لڳا ڪُوڙا ملڻ کان پوءِ.

 

ماڻهن ته چنڊ کي ڏسي اعلانِ عيد ڪيو،

پنهنجي ته عيد ٿيندي سڄڻ کي ڏسڻ کان پوءِ.

 

هڪڙي گهڙيءَ ۾ منزلون ڪيڏيون نه طيءِ ٿيون،

هر عرش پير هيٺ هو ٿورو پيڻ کان پوءِ.

 

يارن جا منهن لٿل هي ٻڌائين صاف ٿا،

محفل جو حشر ڇا ٿيو مون کي ڪڍڻ کان پوءِ.

 

حاڪم جي حڪم، داٻ ۽ دڙڪن کان ڇو ڊڄن،

جي سخت جان ٿي ويا سختيون سهڻ کان پوءِ.

 

جئري ته کنڀ کوهي اُڏامڻ ڪَيئون محال،

ڦٿڪڻ جو حق به ڪونه مليوسين ڪُسڻ کان پوءِ.

 

دنيا جون بادشاهيون، تن تان ڪريان نثار،

جي سرفرازيون مليون چانئٺ چمڻ کان پوءِ.

 

’هاتف‘ جي دل ڇڏي ڪو ٻيو گهر وڃي وساءِ،

هيءَ جاءِ آهه هاڻ ڪِرڻ تي ڀُرڻ کان پوءِ!

 

 

عنايت بلوچ

 

غزل

 

مختصر ئي ملاقات، وسري نٿي،

دل جي حالت اُنهيءَ بعد سُڌري نٿي.

 

سور صدما سٺم، ضبط ڏاڍو ڪيم،

حوصلو ڏس مگر، دانهن نڪري نٿي.

 

گُلپري آهه ناراض ڪنهن ڳالهه تي،

ڪين مِنٿون مڃي، هاءِ پرچي نٿي.

 

·”نيٽ“ تي ڪالهه مون کي لکيو آ پرينءَ،

تنهنجي هٿڙن سوا سِينڌ سَنوري نٿي.“

 

تون اچڻ جو ئي ڪين آئين پرين،

نيڻ واٽون تَڪِن، رات نِبري نٿي.

 

مهرباني! اچي وئين ته ڪجهه ترس ڀي،

توکي ڏسندو رهان، دل ته ڀرجي نٿي.

 

پيار جا پهر لمحن ۾ اُڏري ويا،

هجر جي پرگهڙي يار گذري نٿي.

 

سن کي زيورن جي ضرورت نه آ،

سُونهن رنگين پوشاڪ پهري نٿي.

 

جيئن ٻانهون ’عنايت‘ وڪوڙي ويون،

جلد ٿيا فيصلا، دل ته سوچي نٿي.

 

”محسن“ ڪَڪڙائي

 

غزل

 

سَهرن تي جو مايون نِڪتيون،

شاهه جون زنده وايون نڪتيون.

محفل ۾ هوندي به، اسان جي

قسمت ۾ تنهايون نڪتيون.

ڌاريو سمجهيو هوسين جنهن کي،

جيءَ ۾ اُن جون جايون نڪتيون.

گرمي، بجلي بند، بدن تي،

ناحق جون آرايون نڪتيون.

’مُحسن‘ جو محبوب ڏِسڻ سان،

وڻ وڻ مان واڌايون نڪتيون.

 

غزل

 

گُهم نه، ايڏي به تلخ راءِ کڻي،

ڪنهن پريءَ ساڻ پيچُ پاءِ کڻي.

صرف پنهنجي ئي ذات ۾ گُم ڇو،

جي ته ڏِس، ڪنهن نه ڪنهن جي لاءِ کڻي.

ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي جيون ٿا پيا،

پنهنجي سيني ۾ هاءِ هاءِ کڻي!

منهنجي منزل، ڏِس جي حد تائين،

ويجهڙو ويهه، آزماءِ کڻي.

حُسن جي نُور جي ڳايان ’مُحسن‘،

سِر عقيدت منجهان جهُڪاءِ کڻي.

 

”سرويچ“ سجاولي

 

غزل

 

سرويچ! پنهنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر،

جيئن همتون هيڻا وٺن، سي حوصلا پيدا ڪي ڪر.

قلمن ۾ اهڙيون قوتون ۽ قُدرتون ڪُڏڪار ڪن،

جو سڀ سِٽون سرڪش هجن، سي سلسلا پيدا ڪي ڪر.

وِک وِک مٿي لَک لَک لپن، ويڙهيون ڪندڙ ويڙهاڪ پُٽ،

سانگا نه جن کي ساهه جا، سي قافلا پيدا ڪي ڪر.

زوراورن جي زور سان لِڱ لِڱ لُٽيرن جا لُبن،

عرشن زمينن ۾ ته اهڙا زلزلا پيدا ڪي ڪر.

واين ۾ وائي وَڍ وَڍان، بيتن ۾ بُو بارود جي،

نظمن جي هر هڪ نقطي ۾، وڳ ولولا پيدا ڪي ڪر.

ڀيلي نه جيئن هن ڀُونءَ کي، ڪو ڀاڙ کيندڙ بدنظر،

ڀاڻڻ ڀٽن ڀاڳين منجهان، تون ڀرجهلا پيدا ڪي ڪر.

سڀ مشڪلون ميسارجن ۽ منزلون مُرڪي مِلن،

مارِي مڙئي مُوڃاٽجن، سي مرحلا پيدا ڪي ڪر.

جهُونگار جن جي جستجو ۽ سوڀ ساهيڙي سندن،

ثابت ٻَڌن جي سندرا، سي سِر ڦريا پيدا ڪي ڪر.

بَرپٽ  بُکون توڙي اُڃون، وِنگون نه جن جو وار ڪن،

نيزن مٿي جيڪي نچن، سي نينگرا پيدا ڪي ڪر.

ها! اُٿڪون جن جون اَجهل، گهيڙان گهڙڻ جي گت نه جن،

هر هنڌ تان ٿئي ”هٽ پري“، سي هوڪرا پيدا ڪي ڪر.

هي مُوملون هي مينڌرا، پنهنجي مرڻ جيئڻ جي لئه،

سڀ وڏڦڙا واچوڙ ويرون، وهڪرا پيدا ڪي ڪر.

هر چونڪ تي چاري چغل، چارئي طرف چورن جي هٿ،

چنجور سان چيرڻ لئه تن کي چلولا پيدا ڪي ڪر.

جي جيجلن جوين ۽ توڙي جُو مٿان جهيڙاند ڪن،

سي جُنگ جوڌا جنگ لائي جابجا پيدا ڪي ڪر.

تون سنڌڙي ساريءَ سان گڏ، سڏجين سجاول جو به سڏ،

هرحال ۾ جي هڪ هجن سي همنوا پيدا ڪي ڪر.

ويرون وَرن، ڇوليون ڇُلن، موجون نچن مهراڻ ۾،

هن ماٿريءَ محبوبڙيءَ ۾ مرتبا پيدا ڪي ڪر.

 

نعيم دريشاڻي

 

نظم

 

اي سهڻا

رنگ برنگي پوپٽ!

مون وٽ آ،

مون سان ڳالهاءِ.

 

هُو جهمريون هڻي

من وٽ آيو

۽ وڏي واڪ

آلاپ ڏنائين:

”مين تو هِڪِ خيال هان، مِلسان نال خيال دي.“

 

مون کلي چيو:

”پُٽ! تن ڪير آهين.“

لُڙڪ نڪري آيس:

”آءٌ

آءٌ.....

هڪ ابهم ٻار جو

لڙڪ آهيان!“

 

اَڇا!.......

”اُن ٻار کي گولي هڻي

ماري ڇڏيائون!“

 

مون رڙ ڪئي:

اَبو، ڪٿي؟

”ڪوسووو ۾!“

پوءِ غائب ٿي ويو.

 

 

”سوز“ ٽکڙائي

 

بيت

 

انب ٻوريا، گل ٽڙيا، ٿيون بهاريون،

ڪر اچڻ واريون، اڱڻ تي اسان جي.

 

انب ٻوريا، گل ٽڙيا، وڻن پاتو ويس،

اسان اٻوجهن تي، من ڪو رحم پويس،

پراينءَ ڪير چويس، ته هيڏي ڪر نه هيڻيءَ سان.

 

انب ٻوريا گل ٽڙيا، پکين لاتي لات،

ساري ساجن ساريان،  ساري ساري رات،

آهي تنهنجي تات، اٺئي پهر اندر ۾.

 

اٺئي پهر اندر ۾، تات آهي تاري،

ڪري وفا جا واعدا، پرت نه تو پاري،

هاڻ ڪر اچڻ واري، نه ته مَڙهه ملندئي منهنجو.

 

مڙهه ملندي منهنجو، ويهي رئندي راڻا،

هُري ايندءِ هِنئين تي، سي ٿاڪ ۽ ٿاڻا،

مون موءِ پڄاڻا، ڪندين ماڻا ڪِن سان!

 

ڪندين ماڻا ڪِن سان، رئندين راتو ڏينهن،

ياد ايندئي دل تي، نرمل منهنجو نينهن،

پييون وسائيندءِ مينهن، اکيون اوهيرا ڪري!

 

اکيون اوهيرا ڪري، پييون پُسائينديون پَٽَ،

چڪي چور ٿيندءِ ڦوڙائي جا ڦٽَ،

پوءِ اِهي ناز ۽ نَٽَ، ويندءِ، سڀ وسري.

 

ويندءِ سڀ وسري، ڪندين پوءِ ڪڄاڙو،

سڀ ڪنهن سان سپرين، پيو ٻوليندين ٻاڙو،

پوءِ روڄ ۽ راڙو، نازڪ هوندءِ نصيب ۾.

 

جانب تنهنجي جُوءِ ۾، آيس آس کڻي،

مَن ڪا ملاقات ٿئي، ٿوري يا گهڻي،

پر قسمت کي نه وڻي، جو ميلو ٿئي محبن سان.

 

جانب تنهنجي جُوءِ ۾، روئي گذاريم رات،

ويهي وهايم اکين مان، پرهه سندي برسات،

پِرهه ڦٽي پرڀات، عجيب تنهنجي انتظار ۾.

 

جانب تنهنجي جُوءِ ۾، ڏاڍا ڏک ڏٺام،

محبت ملي ڪينڪي، سارا سور سريام،

ڏسڪندي ڏينهن ٿيام، رئندي گذريون راتڙيون.

 

 

ادل سومرو

 

محقق عشق ناهي ڪندو

 

محقق عشق جي ٻولي نٿو سمجهي

هو فقط ٻوليءَ بابت تحقيق ڪندو آهي

هُن کي انهيءَ ڳالهه سان

ڪابه دلچسپي ناهي ته

سسئي،

پنهونءَ جي ڳولا ۾ اڪيلي ڇو وئي

۽ مومل خودڪشي ڇو ڪئي،

هو فقط اها تحقيق ڪندو آهي ته

سسئي پنهونءَ جي تربت ڪٿي آهي

۽ مومل ڪهڙي حالت ۾ آهي.

محقق انارڪليءَ جي دل جو درد

محسوس نٿو ڪري

هو فقط اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته

هن کي ديوار ۾ لنبيو ويو هو

يا هوُءَ اُتان بچي نڪري وئي هئي!

محقق کي

زيب النساءِ مخفيءَ جي محبوب سان به

ڪا دلچسپي ناهي-

هُن جو مسئلو اِهو آهي ته

ٽيهه هزاري باغ منجهان

زيب النساءِ مخفيءَ جو مقبرو

ڪيئن غائب ٿي ويو!

محقق شڪ ڪندو آهي

۽ هر معاملي ۾ تحقيق ڪندو آهي،

تنهن ڪري هوُ

عشق ناهي ڪندو-

ڇو ته عشق ۾

شڪ جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي.

 

احمد خان ”مدهوش“

 

غزل

 

جنهن محبت ۾ عقيدت ناهي،

سا محبت، ڪا حقيقت ناهي.

 

مان عبادت جو صلو ڪئين طلبيان؟

ڪُجهه گهرڻ عشق جي فطرت ناهي.

 

پنهنجي سجدن جو ڪريان ڪئن واپار،

ڪائي جنت جي ضرورت ناهي.

 

آءٌ تنهنجو ۽ تون منهنجو آهين،

ڇا اِهو قُرب غنيمت ناهي؟

 

ڪوئي انسان نٿو انسان رهي،

جيڪڏهن اُن ۾ محبت ناهي.

 

روز ’مدهوش‘ کي ٽوڪين ڇو ٿو؟

تو ڏٺي يار جي صورت ناهي.

 

اياز گل

 

غزل

 

هُو ائين هو دار سان ٻَکجي ويو،

ڄڻ پرينءَ جي سارَ سان ٻَکجي ويو.

 

کيس تُنهنجي جيت هئي گهربي تڏهن،

هو سدائين هار سان ٻَکجي ويو!

 

ويا پکي اُڏري پَرانهين پار ڏي،

گهر سندن پرڏار سان ٻَکجي ويو.

 

ديس هُن کي ياد پوءِ آيو ڪٿي؟

هُو جڏهن درٻار سان ٻَکجي ويو.

 

تو ڪڏهن آهي ڏٺو ڪنهن دَور ۾؟

ڪو ڪَمِي ڀوتار سان ٻَکجي ويو!

 

زندگي وئي زندگيءَ کان ڌار ٿي،

واقعو اخبار سان ٻَکجي ويو.

 

هُو سدا دُکندو رهيو، پر نيٺ ڀي،

چڻنگ وانگي ڇار سان ٻَکجي ويو.

 

درد ها ۽ دل اسان جي ڀاڪُرين،

يارُ ڄڻ ڪو يار سان ٻَکجي ويو.

 

گل سوچيو کيس ڪرڻو آهه ڪجهه،

۽ ائين هُٻڪار سان ٻَکجي ويو.

 

احمد سولنگي

 

نظم

 

واٽ-

وکيري واءُ،

مٿان ٿو سِج تِکو ڏي تاءُ!

 

ريت-

اُلا ۽ آگَ،

وري ڪو وِيرُ وَرَائي واڳَ.

 

ڏينهنُ-

تکيري تِک

کڻي ٿو ڪير وَڌي هر وک؟

 

گهاءَ-

سُنهن ٿا گهوٽَ،

اٿئي هي رڻ-راهي اڻموٽَ!

 

ديسَ-

سنڀاريو سَت،

گهُري ٿو ڳچيءَ ڳچيءَ جو رَت.

 

سِنڌُ

سرير ۽ ساهُه،

انهيءَ ۾ وهندو پيو درياهُه!

 

نصير مرزا

 

سيلف پورٽريٽ

 

اڇو اڇو کيرَ جهڙو،

چمانس پيرَ جهڙو،

واهَه منهنجي وِير جهڙو،

مرزا نصيرَ جهڙو.

 

هلي ته هيرَ جهڙو،

دريا جي ڌير جهڙو،

عطرَ عنبيرَ جهڙو،

شڪر ۽ شير جهڙو.

 

لهجو فقير جهڙو،

نيڻن ۾ نير جهڙو،

نِجُ، تنوير جهڙو،

’شيام‘، دلگير جهڙو.

 

مير تقي مير جهڙو،

مرزا دبير جهڙو،

گفتي گنڀير جهڙو،

ڳنڍُيون ڳنڍير جهڙو.

 

مارو مليرَ جهڙو،

حاڪمَ هميرَ جهڙو،

ڪاتيءَ جي سيرَ جهڙو،

صفا شمشير جهڙو.

 

 

 

غزل

 

جنهن ۾ منهنجو ساهه آهي،

شعلو ناهي، باهه آهي.

جتان جتان ٿي لنگهي اُتان،

خوشبو خوشبو راههَ آهي.

نه خَطُ لکي نه فون ڪري،

ڏاڍي بي پرواهه آهي.

تري پئي جا لُڙڪن ۾،

هُنَ جي گهرَ جي راهه آهي.

اکين مان پيو اٿلي پڻ،

دل ۾ جو درياهه آهي.

 

جنهن ڏينهن هُو هليو ويو!

 

درُ به آهي

ته اُهو ئي آ درُ

گهر به آهي

ته اُهوئي آ گهر

آهه آفيس

اُهائي ساڳي

اوپرا منش

اَڄاتل ڳالهيون.

دوست ڪوئي

۽ نه ڪوئي دشمن

ڪوئي پنهنجو

نه ئي ڪا پنهنجائي

سانجههَ آهي

ته ستارا ناهن

ٻانهن آهي

ته سهارا ناهن

ٻانهن آهي

ته سهارا ناهن

دردُ ايڏو

جو ڪنارا ناهن!

 

طارق عالم

 

غـزل

 

صبر جي سِيرَ ۾ ترندو رهي ٿو،

ڏيئي جي لاٽَ جان ٻَرندو رهي ٿو.

عجب ’بي دل‘ جي نگريءَ ۾ ستم آ،

ته ’دل وارو‘ سدا مرندو رهي ٿو؟

جلائي باهه يادن جي ٿو جاڳي،

اُجهاڻل رات سان ٺَرندو رهي ٿو.

ڪڏهن منزل، مسافر ۽ سفر ٿي،

هُو ’دوکي باز‘ جان ڦرندو رهي ٿو.

وساريل ياد، ڪوبي نانءُ رستو،

پراڻي ماڳَ جان جهُرندو رهي ٿو.

بُکايل پيٽَ جي ٽُٻڻي ۾ يارو،

هميشه سَپُ ڪو سُرندو رهي ٿو.

 

غزل

 

اَڄوڪو ڪَمُ سُڀاڻي تي ڇڏيوسين،

جواڻيءَ کي ائين ماڻي ڇڏيوسين.

ٻُهَر ’سونارو‘ ڇاڻي جنءَ نماشام،

زماني کي ائين ڇاڻي ڇڏيوسين.

سُکن جي قافلن کان ٿي وٿيرو،

ڏُکن جو آسمان تاڻي ڇڏيوسين.

سمورو ديس ’مومَلَ‘ جان مقدس،

اَلا اُن کي به ’ڪاڻي‘ لئه ڇڏيوسين.

مفادن کي رکي آڏو هميشه،

بلاول کي ائين ’گهاڻي‘ ڇڏيوسين.

ڇڏيندو ڪير آهي ديس پنهنجو،

اُهو بس هڪڙي ’داڻي‘ لئه ڇڏيوسين.

 

غزل

 

ٿي سِٽَ جڏهن سرجي،

ٿو درد دوا بڻجي.

ڪيڏي گهُٽَ ٻُوسٽَ آ؟

ڪا مُرڪَ هوا بڻجي.

هي پيار پَسِي پيارا،

ٿوسُور سوا بڻجي.

لَکَ لَکَ ٿورا تنهنجا،

ڳڻجي به ته ڇا ڳڻجي.

مارڙن جا نيڻ ڀِنل،

ڪو لُڙڪ صدا بڻجي.

سجدي جي سحر جڪڙيس،

ٿو شاهه گدا بڻجي.

 

غزل

 

لئمپ جَلي اَڄُ به هن تي مُسڪايو پئي،

فريم ٿيل فوٽوءَ سان هن ڳالهايو پئي.

-بَهارُن واريءَ پوپٽ نينگرڙيءَ،

گُل، گُلابي سوئيٽر تي سُونهايو پئي.

دل تي هَٿُ ڌريندي آيس ياد پرين،

دَردَ، وڇوڙي تي ڪيڏو پڇتايو پئي.

ڀِيڄَ ڀِنيءَ جي ماٺ مِٺيءَ ۾ ’شيخ اياز‘،

ڪنهن راڳيءَ کان گَيَت نئون ڳارايو پئي.

ويئڙا مُور نه آهن، موٽي ايندا، ڙي،

هَٿَ جي آڱر لُڙڪن کي سمجهايو پئي.

شاعر ڪوري ڪاڳر تي اِتهاس لکي،

لفظن جو ناراض نسل پرچايو پئي.

 

اسحاق سميجو

 

ڏينهن ڦولارجا!

 

يا ڪيو فخريا اظهار پشيمانيءَ جو،

حل ڪڍو ڪو ته انهيءَ دل جي پريشانيءَ جو.

 

پيار هڪ پيڙهو، هڪ روڳ هو، هڪ ٺوڪر هو،

چين هو دل جو، مگر داغ هو پيشانيءَ جو.

 

سخت آرهڙ ۾ جڏهن ڪانوَ جي اک نڪتي پئي،

ڪير ٿيو ڇانوَ ڇپر، نانءُ هيو جانيءَ جو.

 

وقت جو چور، جواني به ويو چورائي،

حُسن ورجاءُ ڪندو ئي رهِيو نادانيءَ جو.

 

·

 

بُکَ ۾ وصل جي خوشي ڪهڙي!

تنگدستيءَ جي دل لڳي ڪهڙي!

 

نيڻ ويران جاءِ جا جَارا،

خواب ناهن، ته روشني ڪهڙي!

 

ڪهڙو بيمار جسم جو ڀاڪُر،

۽ سُڪل چَپَ جي چُمي ڪهڙي!

 

ذلتن جو ڊگهو سفر آهي،

بي گهري جي به زندگي ڪهڙي!

 

ڏاڍو مايوس ٿو لڳين اڄ تون،

ڇا ٿيو اسحاق! ڳالهه ٿي ڪهڙي؟

·

هڪ طرف اڪيلي دل، ٻئي طرف قبيلو هو،

ويڙهه هئي گهڻي مشڪل، ٻئي طرف قبيلو هو.

دوستي ته گهاٽي هئي، واٽ پراواٽي هئي،

دور هئي گهڻي منزل، ٻئي طرف قبيلو هو.

پيار جنگ ڇا ڄاڻي، پوءِ به کين وڙهڻو هو،

هونءَ به هار هئي حاصل، ٻئي طرف قبيلو هو.

بي گهري ۽ دربدري، ٺوڪرون ۽ رسوايون،

عشق هوئي ان قابل، ٻئي طرف قبيلو هو.

سنڌ تنهنجي راهن ۾، جي مران ته ڇا گهرجي،

ڇا ٿيو کڻي قاتل، ٻئي طرف قبيلو هو.

آءُ آهيان منفرد، ڇو ته هر دفعي اسحاق،

آءُ هوس ٻئي ساحل، ٻئي طرف قبيلو هو.

·

 

ڪو پتو نه انت جو،

پيار پنڌ سنت جو!

واسَ ۾ ٻُڏل بدن،

باغ ڄڻ بسنت جو!

عشق ئي هيو فقط،

انت هر اننت جو!

هُوءَ ڄاڻ ٿي رکي،

دل جي تنت تنت جو!

هو بگاڙبي سبب،

هو سبب سَنونت جو!

 

حميد ”شهيد“ هالائي

 

غزل

 

ڏک اِهوئي آهه بس، ڪجهه خواهشون پوريون نه ٿيون،

موقعا ملندا رهيا پر لغزشون پوريو نه ٿيون.

 

پاڻ کي ماري ڇڏيم، جند جان کي ڳاري ڇڏيم،

اي زمانا! تنهنجون پر فرمائشون پوريون نه ٿيون.

 

هيل سانوڻ کي به ڪا جلدي نه هئي، وسندو رهيو،

اک جو سڀ پاڻي کپي ويو، بارشون پوريون نه ٿيون.

 

هُن کي فرصت آ ڪٿي جو آرسيءَ مان اک ڪڍي،

آرسي هر هر چوي، آرائشون پوريون نه ٿيون.

 

روز پيو پيدا ڪريان آسون نيون، جيئڻ جي لاءِ،

وقت پورو ٿي ويو، آسائشون پوريون نه ٿيون.

 

نُنهن کان چوٽيءَ تائين پيو توکي ڏسان، هر هر ڏسان،

پيار  پنهنجي جون پرين! پيمائشون پوريون نه ٿيون.

 

پاڻ کي ارپي ڇڏيم، سڀ ساهه سگهه سُوڌو ”شهيد“!

ڪنهن کي پر پنهنجي ڪرڻ جون ڪاوشون پوريون نه ٿيون.

 

غزل

 

ڀل ته ڪوئي ڇَپي، ڇَپي نه ڇَپي!

تون ئي چؤ! ڇا لکڻ کپي نه کپي؟

 

سچ پڙاڏو ٿي هر طرف گونجيو،

ڄِڀَ هاڻي ڀلي، ڪپي نه ڪپي!

 

منهنجو ڪم آ، ڪتاب لکندس پيو،

سوچِيان ڇو، متان کپي نه کپي!

 

رت جو درياهه جو تري آيو،

اَڏ آڏو ڏڪي! ٽپي نه ٽپي!

 

هل ته هلچل جي ديڳ ٿا چاڙهيون،

پاڻ ٻاري ڇڏيون، تپي نه تپي!

 

باز جهرڪيءَ تي ڏي ٿو لامارو،

سڀ تماشو ڏسن، جهپي نه جهپي!

 

هٿ ۾ هردم ”شهيد“ کي تسبيح،

من جي مالا کڻي جپي نه جپي.


·  انٽرنيٽ (Internet)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com