سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2004ع

 

صفحو :14

 

ڪهاڻيون / ليک

 

”.....سنڌي ڪهاڻيءَ جي باقاعدي شروعات ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي کان ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“ سان شروع ٿي ۽ ورهاڱي تائين اُن ۾ قابل قدر اضافو ٿيندو رهيو هو، پر جنهن فڪر جو گهڻو اثر ٿيو، اُها هئي ترقي پسند تحريڪ، جنهن مجموعي طور تي ادب تي ۽ خصوصي طور تي ڪهاڻيءَ جي روايتي ڍنگ کي رد ڪري نون قدرن جو بنياد وڌو. ورهاڱي کان پوءِ، فڪري لحاظ کان اهو دَور 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ نئين سر اُسريو ۽ 1970ع تائين سنڌي ڪهاڻيءَ تي اثر انداز رهيو. ورهاڱي کان وٺي 1956ع تائين جي دَور کي اسان حقيقت پسنديءَ جو دور چئي سگهون ٿا، جو ان ۾ سنڌي سماج جي ڪلچر جا مختلف روپ ظاهر ٿيا. اُن کان پوءِ ترقي پسنديءَ وارو ٻيو دَور اُنهيءَ ڪلچر جي بچاءَ جي دَور اچي ٿو، جنهن ۾ سيڪيولرازم جو عنصر سرس نظر اچي ٿو. 1970ع ۾ عوامي سطح جي جدوجهد وسيلي ون يونٽ ٽٽو ته پاڪستان جي سياسي منظر تي ڪيتريون ئي تبديليون رونما ٿيون. مثال طور هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ لڳي ۽ پاڪستان جو، اوڀر پاڪستان، پاڪستان کان ڪٽجي هڪ الڳ ملڪ بنگلاديش ٺهيو. اُنهيءَ تبديليءَ جي پويان ڪيترن ئي ماڻهن جو رت وهيو ۽ صوفي متي جي فڪر کي وڏو ڇيهو رسيو، جنهن جي سکيا سڀني انسانن جي برابريءَ تي ٻڌل آهي. سنڌي عوام سان ٿيل ظلم، ڏاڍاين ۽ سماج ۾ گهُٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نواڻ آندي، جنهن کي اسان جدت پسنديءَ جو دَور چئون ٿا. اُنهيءَ دَور ۾ اڳوڻا قدر ٽٽي پيا ۽ انفرادي طور تي ماڻهن ڊپ ۾ وٺجي، جديد ادب جي صورت ۾ هڪ ڪمزور آواز جي صورت ۾ احتجاج ڪيو. حقيقت پرست اديب پنهنجي تخليق ۾ زندگيءَ کي هوبهو شڪل ۾ پيش ڪرڻ جا حمايتي آهن. ترقي پسند ليکڪ، حقيقت پسنديءَ جي نظريي سان گڏ، زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي، اُنهي جو اُميد ڀريو، هاڪاري فڪر پيش ڪن ٿا، جنهن ۾ سمورو زور گڏيل جدوجهد تي آهي، جيڪا اُتان جي زندگيءَ ۾ اڳي ئي موجود آهي. گذريل پنجاهه سالن جي دَور ۾ سنڌي قومپرستيءَ جي نظريي سان گڏ نعريبازيءَ جو عنصر به شامل رهيو آهي، جنهن جي جهلڪ مختلف ڪهاڻين ۾ ملي ٿي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ رومانوي ڪهاڻيون تمام ٿوريون ملن ٿيون. رومانوي ڪهاڻين وانگر علامتي ڪهاڻين تي به ليکڪن گهڻو ڪونه لکيو آهي، البته انقلابي ڪهاڻيون ڪافي لکيون ويون آهن. هتي مثال ڏيڻ جي بدران ائين چوندس ته ورهاڱي کان پوءِ جن مختلف فڪرن يا نظرين جي پس منظر ۾ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، اُهي آهن ترقي پسندي، قوم پرستي ۽ انقلابي پر جديد علامتي، شعور جي وهڪري، وجوديت جي موضوعن تي به قلم کنيو ويو آهي ۽ ڪامياب تجربا ڪيا ويا آهن....“

-ولي رام ”ولڀ“

 

 

”.....’ڪهاڻي‘ ادب جو وسيع موضوع آهي ۽ اُن جا ڪيترائي قسم آهن. Romance Epic. Ballad, Anecdote, ۽ Novel سڀ ڪهاڻيءَ جون مختلف صورتون آهن. پر ڪهاڻيءَ مان هتي اسان جي مراد ’مختصر ڪهاڻي‘ (Short Story) آهي، جنهن کي اسان عام طرح ’افسانو‘ چوندا آهيون. ’ڪهاڻي‘ دراصل داستان ۽ لوڪ ڪهاڻي (Folk-Lore) جي ترقي يافته صورت آهي. اِهي داستان ايترائي پراڻا آهن، جيتري پراڻي انساني تهذيب جي ڪهاڻي آهي. داستانن ۾ انسانن جي بهادريءَ جون ڳالهيون، جنن ڀوتن، ڏائڻين، ديوُن ۽ پرين جا قصا هوندا هئا. جڏهن تحرير يا لکت اڃا وجود ۾ ڪانه آئي هئي ته اُن وقت داستان نظم يا شعر جي صورت ۾ چيا ويندا هئا ۽ ماڻهن جا ڪي خاص گروهه اُنهن کي ڳائي ٻڌائيندا هئا. اهڙي قسم جا منظوم داستان چوڏهين صدي عيسويءَ تائين يا ان کان بعد به نظم جي صورت ۾ ئي بيان ڪيا ويندا هئا. اهڙن داستانن مان چاسر (Chaucer) جو “Troilus and Griseyde” منظوم داستان جي هڪ مڪمل صورت آهي. هن داستان ۾ اُهي سڀ خوبيون اچي وڃن ٿيون، جيڪي هڪ ناول يا ڪهاڻيءَ لاءِ ضروري آهن. البت فرق صرف ايترو آهي ته ناول يا ڪهاڻي نثر ۾ ٿيندي آهي، ليڪن هيءُ داستان نظم ۾ آهي. داستان نظم ۾ اِنڪري چيا ويندا هئا جو اُن وقت تحرير جو رواج گهٽ هو. ان جي مقابلي ۾ نظم ياد ڪرڻ ۾ آسان هو. اِن کان سواءِ نظم جي مقبوليت به تمام گهڻي هئي، جنهن ڪري چاسر کانپوءِ به ڪيترن ئي شاعرن منظوم ڪهاڻيون لکيون، پر اڳتي هلي اسڪاٽ (Scott) اِها ڳالهه محسوس ڪئي ته داستان يا ڪهاڻيءَ کي نثر جي جامي پهرائڻ جا سٺا موقعا موجود آهن ۽ نظم جي بجاءِ نثر، ڪهاڻيءَ لاءِ زيادهه موزون آهي؛ ڇاڪاڻ جو ناول ۽ ڪهاڻي بيان ڪرڻ کان علاوه، اُن کي سينگاري ۽ سنواري پُر تاثير پڻ ڪري سگهجي ٿو....“

-امير علي چانڊيو

(”مهراڻ، نمبر 1،سال 1980ع، ص 173)

 

 

 

منزل اڃا اڳتي آهي

 

منظور جوکيو 

 

رومانه جو ٻار وتڻ اوچتوئي جوانيءَ ۾ تبديل ٿيو ته هن کي محسوس ٿيو ته هن جي سيني ۾ ڄڻ ڪا چڻنگ ٻري هجي، ڄڻ ڪا مکڙي ٽڙي گل بڻجي پئي هجي ۽ ڄڻ مينهوڳي ٿيڻ ڪري ڪچي مٽيءَ تي ڪا مهڪ اُٿي هجي. صبح جو جڏهن ننڊ مان آرس ڀڃي اُٿندي هئي ته محسوس ٿيندو هئس ڄڻ سڄي رات ننڊ جي باوجود هن جي جسم ۾ ٿڪاوٽ جو هلڪو درد هجي. اهڙيءَ حالت ۾ گهر جي اندر توڙي ٻاهر رکيل مختلف گلن جي ڪونڊين مان هن کي خوشبو ايندي هئي ۽ هوءَ پنهنجي چاچي جي گهر ڪجهه ڏينهن لاءِ مهمان ٿي ڪري اچي رهڻ جي باوجود پنهنجي خوشيءَ سان گهر جو سمورو ڪم ڪرڻ ۾ وڏي دال سان جُنبي ويندي هئي. ڪم ڪهڙو به ڪندي هجي، پر هر ڏهن منٽن کان پوءِ ڦري گهري ڪونه ڪو بهانو ڪري گهر جي ٻاهرئين گيٽ جو ضرور ڦيرو پائيندي ۽ گيٽ کولي ٻاهر ليئو پائي وري اندر هلي ايندي. گهر مان ڪوئي پڇندس ته ”در تي ڇو وئي هئينءَ؟“ ته ٺهه پهه وراڻيندي ”ائين لڳو ڄڻ ڪو ٻاهريون گيٽ کڙڪائيندو هجي، انهيءَ ڪري ٻاهر ڏسڻ وئي هئس ته ڪير آيو آهي.“

رومانه جو چاچو افتخار تازو تازو اُنهيءَ گهر ۾ شفٽ ٿيو هو. اُهو گهر شهر جي هڪ مڊل ڪلاس علائقي ۾ هو، جتي جا اڪثر رهواسي شهر جي وڏ گهراڻن سان تعلق رکندڙ نه پر گهڻو ڪري مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هئا. انهيءَ ڪالونيءَ کي ٺهئي ڪي گهڻا ڏينهن ڪونه ٿيا هئا، تازو تازوئي ڪالونيءَ جا گهر آباد ٿيڻ شروع ٿيا هئا. ڪجهه گهرن ۾ ماڻهو اچي رهڻ لڳا هئا ۽ ڪجهه گهر اڃا به خالي پيا هئا. هن ڪالونيءَ ۾ اڪثريت اُنهن ماڻهن جي هئي، جن شايد وڏي جدوجهد کانپوءِ پنهنجي ميڙي چونڊيءَ مان اُنهيءَ ڪالوني ۾ گهر خريد ڪيا هئا. پنهنجن نون گهرن ۾ اچي رهڻ واري خوشيءَ کي محسوس ڪندي، هر ڪو ڏاڍو مطمئن نظر ايندو هو. شام جو مغرب جي نماز کانپوءِ يا وري رات جي مانيءَ کانپوءِ عورتون ۽ مرد گهٽين ۾ واڪ ڪندا هئا ته رونق ٿي ويندي هئي. وري مٿان جو حيدرآباد شهر جي مشهور ٿڌڙي هير گهٽين ۾ گهلندي هئي ته ڪالونيءَ جون گهٽيون ڪنهن خوشبوءَ سان واسجي وينديون هيون. حيدرآباد جي اُنهيءَ هوا جو به عجيب وهنوار هو. ڪراچيءَ ۽ ٺٽي جي ساحلي پٽيءَ تان جڏهن اها هوا اُٿندي هئي ته اُنهيءَ ۾ سامونڊي گهم سمايل هجڻ سبب هوا ۾ تازگي ۽ مستي نه هوندي هئي، پر اُها هوا سامونڊي ڪنارن کان نڪري حيدرآباد پهچندي پهچندي ڪنهن اڻڄاتل ۽ نظر نه ايندڙ فلٽر ۾ ڇڻجي اهڙو ته مدهوشيءَ سان گُهلندي هئي جو هن علائقي جي ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙائي اُنهن کي سڄي ڏينهن جي ٿڪ کان آجو ڪري هڪ عجيب مدهوشي طاري ڪري ڇڏيندي هئي. اِها ساڳي هوا جڏهن حيدرآباد جون حدون اورانگهي هالا برانچ کي پار ڪندي صلعي نوابشاهه ۾ داخل ٿيندي هئي ته الاءِ ڇو اُها لُڪ ۽ جهولو نوابشاهه ضلعي کان اڳتي لاهور ۽ پشاور تائين ويندو هو ماڻهن کي سَٽيندو ۽ لُو ساٽيندو!

رومانه به پنهنجي آنٽيءَ سان گڏ شام جو يا رات جي مانيءَ کان پوءِ ڪالونيءَ جي گهٽين ۾ واڪ ڪرڻ لاءِ نڪرندي هئي. ڪالوني ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي ماڻهن جي رهڻ ڪري، عورتن جي ائين واڪ ڪرڻ ۾ ڪوبه ڀؤ ڀولو ڪونه هوندو هو. حسين شامن ۾ ٿڌڙي هير سان گڏ رومانه جڏهن گهمندي هئي ته اُنهيءَ وقت اڪثر مائيڪل پنهنجي هارلي اينڊ ڊيوڊسن جي 500 سي سي موٽر سائيڪل تي گهٽين مان گذرندو هو. هن جو اصل نالو ميڪائيل محمد البراطي هو. سندس تعلق فلسطين سان هو ۽ هو ميڪائيل محمد البراطي جي نالي سان سڏجڻ بجاءِ ڪالونيءَ ۾ مائيڪل جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. مائيڪل پنهنجي عمر جي ويهن واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ هو. هو لياقت يونيورسٽيءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهڻ بجاءِ هو انهيءَ ڪالونيءَ جي هڪ گهر ۾ مسواڙ تي رهندو هو. مائيڪل هڪ ڊگهي قد وارو، ڳورو چٽو ۽ سٺي وضع قطع وارو سهڻو جوان هو. پري کان صفا انگريز لڳندو هو، جنهن ڪري کيس ماڻهو سندس اصلي مسلمان نالي سان نه پر انگريزي نالي مائيڪل سان سڏيندا هئا. شام جو جڏهن هو بليڪ ڪلر جي جينز ۽ بليڪر ڪلر جي ٽي شرٽ پهري ڪاري رنگ جو چشمو لڳائي، پنهنجي 500 سي سي هارلي اينڊ ڊيوڊسن تي چڙهي نڪرندو هو ته ڪالونيءَ جون اڪثر ڇوڪريون کيس ڏسي پيون ٺرنديون هيون. پر مائيڪل ڳاٽ اوچو ڪريو هارلي اينڊ ڊيوڊسن تي چڙهي وڏي لاپرواهيءَ سان گذري ويندو هو ۽ پٺيان ڇڏي ويندو هو پنهنجي هيوي انجڻ واري موٽر سائيڪل جي سائلنسر مان نڪتل ڳري آواز جو پڙاڏو. هن جي آمد کان اڳ سڄي ڪالونيءَ ۾ هن جي موٽر سائيڪل جو ڳرو آواز اطلاع ڏيندو هو ۽ بعد ۾ هو اچي پهچندو هو. تتل ڏينهن هجي يا رات جي آنجهي مانجهي، هن جي بائيڪ جو ڳرو آواز هن جي اچڻ يا وڃڻ جو اطلاع ڏيندو هو ته رومانه ڊوڙي وڃي در تي پهچندي هئي ۽ تڪڙ ۾ در کولي ليئو پائي کيس ڏسي وٺندي هئي.مسلسل ائين ان کي ايندي ويندي ڏسڻ جي ڪري مائيڪل به نوٽ ڪري ورتو هو ته ڪو در جي اندران کيس ڏسڻ لاءِ هر وقت آتو بيٺو آهي، پر جيئن ته ڪالونيءَ جي گهرن جي درن مان اڪثر ڇوڪريون کيس ائين ڏسنديون هيون، تنهن ڪري هو رومانه جي اهڙي حرڪت کي عام رواجي سمجهي گهٽيءَ مان بنان ڪجهه نوٽيس ڪرائڻ جي گذري ويندو هو. رومانه جي وڏي خواهش هوندي هئي ته هوءَ مائيڪل سان روبرو ڳالهائي. هڪ ڏينهن هن جي ڪنن تي مائيڪل جي بائيڪ جو هنيانءُ ڏاريندڙ آواز پهتو هو ته هوءَ ڀڄي وڃي گيٽ تي پهچي هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري چڪي هئي، پر ساڻس ڳالهائي نه سگهي هئي، ڇو ته اُنهيءَ سمي هن جي دل جو ڌڙڪڻ تيز ٿي ويو هو ۽ زبان هن جي دل جي ترجماني نه ڪري سگهي هئي. رات جو جڏهن هوءَ گهٽيءَ جي ڀرسان واري ڪمري ۾ سُتي پئي هوندي هئي ته مائيڪل جي بائيڪ جي آواز ٻڌڻ تي ئي هن جي دل ۾ ڌڌڪو ٿيندو هو ۽ دري کولي مائيڪل کي ڏسي وٺندي هئي، پر هن کي ڪجهه چئي نه سگهندي هئي.

جذبن، اُڌمن، خاموش احساسن ۽ بيان نه ڪري سگهجندڙ دل جي تمنائن جي اُنهيءَ ڪيفيت ۾ عيد اچي وئي هئي. پاڙي ۾ ڄاڻ سڃاڻ وارن ۾ عيد جي ڏهاڙي تي تيار ٿيل کاڌن جي ورهائڻ واري رسم طور رومانه جي آنٽيءَ جا ٻار پاڙي جي گهرن ۾ کاڌو ڏئي رهيا هئا ته رومانه به اُنهن سان اُنهيءَ ڪم ۾ شامل ٿي وئي هئي ۽ هڪ پليٽ ۾ ڪجهه کاڌو ۽ شيون وجهي مائيڪل جي در تي پهچي هن گهنٽي وڄائي هئي ته اندران مائيڪل نڪري آيو هو ۽ کانئس بيرخيءَ سان انگريزيءَ ۾ پڇيو هئائين: ”ڇا؟“

”عيد جي موقعي تي هي توهان لاءِ آندو آهي.“ رومانه مائيڪل جي سوال جي جواب ۾ هن کي جيڪا ٿوري گهڻي انگريزي ايندي هئي، اُها ڳالهائيندي جواب ڏنو هو ۽ کيس چيو هو، ”عيد مبارڪ“.

جواب ۾ مائيڪل به وراڻيو هو، ”عيدن سعيدن.“مائيڪل کي کاڌي سان ڀريل پليٽ ڏيندي ۽ خالي پليٽ واپس وٺندي جڏهن مائيڪل جا هٿ رومانه جي هٿن سان ٿورڙو ڇُهيا هئا ته رومانه جي جسم ۾ شدت سان هڪ سيسراٽ پيدا ٿي، رڳن مان ٿيندي، دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪٿي گم ٿي وئي هئي. هن جي جسم، روح ۽ دل ۾ ڪڏهن اڳ اهڙي هلچل نه مچي هئي.

ڪيترائي ڏينهن رومانه خيالن ئي خيالن ۾ مائيڪل سان ٿيل اهڙي مختصر ملاقات کي پنهنجي اندر جي اسڪرين تي بار بار روائنڊ ڪري، دل جي اک سان ڏسندي رهي هئي ۽ سڪون محسوس ڪندي رهي هئي. اُنهيءَ ياد کي هن پنهنجي دل جي گهراين ۾ اهڙو ته سانڍي رکيو هو جتي اها هميشه لاءِ محفوظ ٿي وئي هئي. ائين خيالن خيالن ۾ مائيڪل جي تصور کي محسوس ڪندي ڪندي ڪافي ڏينهن گذري ويا. هڪ ٻه ڀيرو واڪ دوران هنن جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي سامهون گذرندي سلام ٿيو هوندو، پر هنن ڪڏهن به هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو هو. رومانه چاهيو هو ته هوءَ مائيڪل سان ڳالهائي، پر ڪڏهن هن سان گڏ سندس آنٽي هوندي هئي ته ڪڏهن وري پاڙي جي ڪا عورت يا ڇوڪري، جنهن سبب هن ڳالهائڻ جي همت نه ڪئي هئي.

اوچتو ئي اوچتو مائيڪل محلي مان غائب ٿي ويو ۽ هن جو گهٽين ۾ اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو. ڏينهن يا رات جو هن جي هيوي بائيڪ جو ڳرو گرجدار آواز به اچڻ بند ٿي ويو ته رومانه جي دل ۾ آنڌ مانڌ وڌي وئي. هن جي سوچن ۾ هر وقت مائيڪل جي ياد رهڻ لڳي. انيڪ دليل ڊوڙائيندي هن لاءِ هوءَ پريشان رهڻ لڳي. وڏي ڪوشش جي باوجود هن کي مائيڪل جي خبر چار نه ملي ته وڌيڪ پريشان ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن جي غائب رهڻ کانپوءِ هن کي پنهنجي ننڍي ڪزن ٻڌايو ته مائيڪل اچي ويو آهي ته رومانه جي جسم ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. هوءَ هر وقت در تي بيهي انتظار ڪرڻ لڳي ته متان گهٽيءَ مان مائيڪل گذري ته هوءَ کيس ڏسي وٺي، پر مائيڪل کيس نظر نه آيو. کيس ڪنهن ٻڌايو ته مائيڪل بيمار هو يا حادثو ٿيو هوس، تنهن ڪري اسپتال ۾ هو ۽ هينئر هو گهر اچي ويو هو.

هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ شام جو پسار لاءِ گهر کان نڪتي ته مائيڪل هن کي پنهنجي گهر جي اڳيان رکيل ڪونڊين کي پاڻي ڏيندي نظر آيو. سندس هڪ ٻانهن ۾ بينڊولين ٻڌل هئي. رومان ڊُڪ ڀري هن جي ڀر سان پهتي ۽ انگريزيءَ ۾ هن کان پڇيو هئائين، ”توهان ايترا ڏينهن ڪٿي هئا؟“ مائيڪل پهريايئن ته کيس حيرت مان ڏٺو هو ۽ محسوس ڪيو هئائين ته ڇوڪري ڏاڍي نروس هئي، تنهن ڪري هن جي انگريزيءَ ۾ به ڪافي چڪون هيون، ۽ هن رومانه جي سهولت لاءِ پهريون ڀيرو هن سان ڀڳل سڳل سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي هن کي جواب ڏنو هئائين، ”بائيڪ تي ڪٿي وڃي رهيو هوس ته ڪنهن گاڏيءَ سان ٽڪر ٿي ويو. انهيءَ ڪري زخمي هئس، هينئر خيريت سان آهيان.“ ”پنهنجو خيال رکندا ڪريو،“ رومانه به سنڌيءَ ۾ پنهنجي خيالن جي صحيح صحيح ترجماني ڪرڻ لڳي هئي.

”توهان جي e-mail ايڊريس ڇا آهي؟“

”ڇو؟ توهان e-mail ايڊريس وٺي ڇا ڪندا؟“ مائيڪل موٽ ۾ سوال ڪيو هو.

”توهان سان Chatting “، رومانه جواب ڏنو.

”ڇو؟“ مائيڪل بيرخيءَ سان پڇيو.

”بس توهان سٺا لڳندا آهيو، توهان سان Chatting ڪري مان توهان جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ ٿي چاهيان.“

موٽ ۾ مائيڪل رومانه کان سندس e-mail ايڊريس پڇي  ۽ کيس پنهنجي ايڊريس e-mail جي ذريعي موڪلڻ جو چيو هو.

ٻئي ڏينهن رومانه جڏهن چئٽنگ ڪرڻ ۽ پنهنجو e-mail چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر کوليو ته هن کي مائيڪل جو message مليو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي ايڊريس موڪلي هئي. هن اها e-mail ايڊريس پنهنجي Contacts ۾ Add ته ڪئي هئي، پر جڏهن کيس خبر پئي هئي ته مائيڪل Off line آهي ته هن کي ڏک ٿيو هو. بهرحال هن انهيءَ اميد تي مايوسيءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪڏهن ته مائيڪل On line ٿيندو.

آخر هڪ ڏينهن مائيڪل هن کي On line مليو. هن کيس وڏي اُتساهه سان Wish ڪيو.

”هاءِ مائيڪل! ڪهڙا حال آهن.“

”مان ٺيڪ آهيان، تون ٻڌاءِ.“

”مان به ٺيڪ آهيان، توهان ڇا پيا ڪريو؟“

”هن وقت ته توهان سان Chatting ڪري رهيو آهيان.“

مائيڪل شرارت مان کيس ٽوڪيو هو ۽ هوءَ به هن جو اهو جواب پڙهي، پنهنجي پڇيل بيوقوفيءَ واري سوال تي کلي هئي ۽ کيس ڏند ڪڍي کلڻ جو سمبل موڪلي، کيس اهڙي Joke ڪرڻ تي موٽ ڏني هئي. پوءِ هنن جي Chatting جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. پهريائين ته هنن هڪ ٻئي کي پنهنجي تعارف، پسند نا پسند، مٽن مائٽن ۽ گهر جي حال احوال کان باخبر ڪيو، پوءِ پنهنجي شخصيتن جي متعلق خيالن جو اظهار ڪيو، اڳتي هلي رومانه هن کي Chatting دوران چيو هو:

”مائيڪل! مان توهان کي چاهڻ لڳي آهيان...“

”ايترو جلدي.... چاهڻ واري ڳالهه اڃا پري آهي... پاڻ ٻه سٺا دوست آهيون، سي به Chatting جي حد تائين، باقي اسان کي ڪنهن غلط فهميءَ جو شڪار ٿيڻ نه کپي.“ مائيڪل جو اهو جواب پڙهي رومانه کي ڏک ته ٿيو، پر هن پنهنجي اِنهيءَ غلطيءَ جو اعتراف پاڻ ئي ڪيو هو ته هن کي ائين تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي.

رومانه جي وئڪيشن اڃا هلي رهي هئي، ۽ هوءَ پنهنجي چاچي جي گهر ۾ ترسيل هئي. پنهنجي آنٽيءَ کي هن مائيڪل متعلق پنهنجي جذبن بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن وري هر ڳالهه سندس چاچي کي ٻڌائي هئي. هو ٻئي زال مڙس زنده دل ۽ کليل سوچ جا ماڻهو هئا. هنن رومانه جي اهڙي ڳالهه کي بُرو نه سمجهيو هو. وقت ملڻ تي رومانه سان اُنهيءَ افيئر تي joke به ڪري وٺندا هئا. هن جو چاچو افتخار چوندو هو، ”ڀائي، اسان جي پاڙي ۾ هڪڙو ڇوڪرو رهي ٿو، اُنهيءَ جا ڀُورا وار ڏسي، مون کي ته ڀولڙا ياد ايندا آهن، بلڪل اُنهن جهڙو آهي، سونهري ڀورن وارن وارو.“ يا ڪڏهن ڪڏهن هو چوندو هو: ”اڄ مان راڻي باغ ويو هئس، اُتي ڪجهه ڀولڙا ڏٺا، جن ۾ هڪ انسان نما ڀولڙو به ويٺو هو.“ انهيءَ ڳالهه تي رومانه خوشيءَ گاڏڙ چِڙ جو اظهار ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته ”منهنجي پسند زبردست آهي، هن سان ٽام ڪروز نه پڄي، هُو بلڪل هيرو آهي هيرو.“

هڪ ڏينهن سندس چاچي افتخار چيو هئس، ”ڇا خيال آهي، ڀلا ڀولڙي کي چانهن جي دعوت ڏئي گهر گهرايون؟ جيڪڏهن موڊ ڏيکارئين ته تنهنجي ساڻس شادي ڪرائي ڇڏيندس، پوءِ فلسطين وڃي روئجانءِ نه ته سنڌ ۽ گهر ٿو ياد اچي.“

”بلڪل نه روئندس، مون کي مائيڪل مليو ته ڄڻ سڄي دنيا ملي وئي.“ رومانه خوشيءَ مان چيو هو.

پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هن جو چاچو افتخار ۽ مائيڪل گهٽي ۾ سلام دعا لاءِ مليا ته افتخار پهريون ڀيرو مائيڪل سان بيهي تفصيلي احوال ڪيا هئا. کانئس طبعيت، هن جي تعليم ۽ پاڙي ۾ رهڻ دوران ڪنهن قسم جي تڪليف متعلق پڇيو هو. مائيڪل ڏاڍو سلڇڻو ٿي ڪري اُنهن سوالن جا جواب ڏنا هئا. ڳالهين ڪندي افتخار مائيڪل کي چانهن جي دعوت ڏني ته هن يڪدم قبول ڪري ورتي ۽ هنن ٻئي ڏينهن جو وقت مقرر ڪيو هو. جڏهن رومانه کي مائيڪل جي اچڻ جي خبر پئي ته هوءَ ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. هر هر پنهنجي چاچي ۽ آنٽي کان پڇا پئي ڪري ته چانهن سان گڏ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي ۽ ڇا تيار ڪرڻ گهرجي. هن جي چاچي کيس چيو هو ته ”بس ڪجهه ڪيلا هجن ۽ ڪجهه مڱيرا.“

چيو هو  ته  ته هن اِها ڳالهه نه سمجهي پر جڏهن هن ڏٺو ته سندس چاچو دٻيل مُرڪ سان ڳالهه جو مزو وٺي رهيو هو ته هن پوءِ اُنهيءَ ڳالهه جو مطلب سمجهيو ۽ چاچي کي ڪاوڙ مان چيو هئائين، ”ڇا مطلب، اسان ڪنهن ڀولڙي کي چانهن پارٽي تي گهرايو آهي!“

”منهنجو ته اِهوئي خيال آهي.“ چاچي افتخار چيو هو ۽ وڏو ٽهڪ ڏنو.

”چاچا! مذاق نه ڪريو، سيريس ٿيو. بامبي بيڪريءَ تان ڪجهه ڪيڪ وغيره گهرايو، باقي ڪٽلس وغيره مان تيار ڪري وٺندس.“

ٻئي ڏينهن شام ٿيندي ئي هوءَ اُنهيءَ چانهن پارٽيءَ جي تيارين ۾ لڳي وئي. ڪافي وقت تائين هن ڪچن ۾ بيهي ڪٽلٽس تيار ڪري ورتا ۽ باقي وقت هن آئيني اڳيان گذاري پاڻ کي تيار ڪيو. مقرر وقت تي گهر جي گهنٽي وڳي ته هوءَ ڀڄندي وئي. در جو هڪ طاق کولي هن ڏٺو ته مائيڪل بيٺو هو. هن کي ڏسڻ جي باوجود هن پڇيو هو: ”ڪير آهي؟“

”مان آهيان مائيڪل، چاچا افتخار آهي؟“ مائيڪل اڌ سنڌيءَ ۽ اڌ انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو هو

”هڪ منٽ انتظار ڪندا،“ رومانه چيو هو.

اندر اچي رومانه چاچي کي ٻڌايو هو ته مائيڪل آيو آهي. چاچا افتخار ٻاهر وڃي مائيڪل کي وٺي آيو ۽ کيس ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو هئائين. ٻئي حال احوال ڪرڻ لڳا هئا ته رومانه هڪ هڪ شيءِ کڻي وڃڻ جي بهاني سان ڊرائنگ روم ۾ ويندي رهي ۽ مائيڪل کي ڏسي مسڪرائندي رهي. چاچو افتخار به دل ئي دل ۾ مسڪرائيندو رهيو هو، ڇو ته هو پنهنجي ڀائٽيءَ کي خوش ڏسي پاڻ به عجيب خوشي محسوس ڪري رهيو هو. اُنهيءَ ملاقات ۾ مائيڪل افتخار کي ٻڌايو هو ته هو فلسطين جي مڊل ڪلاس فيمليءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ کيس تعليم لاءِ اُتان جي هڪ تنظيم موڪليو آهي. انهيءَ ملاقات ۾ نه ته مائيڪل رومانه جو ذڪر ڪيو ۽ نه ئي وري افتخار رومانه جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهيو. جڏهن مائيڪل چاچي افتخار کان موڪلائي ٻاهر وڃي رهيو هو ته رومانه کيس ڇت تان ڏسندي رهي هئي.

ٻئي ڏينهن رومانه چئٽنگ تي مائيڪل کي ٻڌايو هو ته ڪيئن هوءَ کيس در تي، ڊرائنگ روم ۾ ۽ ڇت تان ڏسندي رهي هئي. مائيڪل کانئس پڇيو هو ته هوءَ اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿي ڪري ته رومانه موٽ ۾ لکيو هو ته هُو کيس سٺو ٿو لڳي. رومانه جي اهڙي ڳالهه تي مائيڪل موضوع بدلائي ڇڏيو هو ۽ هن هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪري ٿورڙي دير کان پوءِ هن کان موڪلايو هو.

هڪ ڏينهن شام جو جڏهن رومانه اڪيلي گهٽيءَ ۾ واڪ ڪري رهي هئي ته هن کي مائيڪل پنهنجي گهر جي اڳيان بيٺل نظر آيو هو. هوءَ وڌي وڃي مائيڪل جي اڳيان بيٺي ته ٻنهي هڪ ٻئي کي مسڪرائي Wish ڪيو هو.

”مون کي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي،“ رومانه مائيڪل کي فري ٿيندي ڏاڍي پنهنجائپ مان چيو هو.

”چئه.“

”مان تون سان پيار ٿي ڪريان،“ رومانه بي ڌڙڪ چئي ڏنو.

”پر....“ مائيڪل حيران ٿي چيو هو ۽ کانئس پڇيو هو.

”پر آخر ڇو.“

”بس تون مون کي سٺو ٿو لڳين، مان تنهنجي لاءِ مران ٿي.“

”پر مون کي في الحال مرڻ جو خيال ناهي...“ مائيڪل چيو هو.

”مان پنهنجي پيار کان سوا مري وينديس.“ رومانه جذباتي ٿيندي چيو هو.

”ڳالهه ٻُڌ، چري نه ٿي. هيءَ تنهنجي پيار ڪرڻ جي عمر ناهي. مون توکي اڳ ۾ به چيو هو ته اسان ٻه سٺا دوست ٿي سگهون ٿا، باقي پيار وغيره جي غلط فهمي نه هجڻ گهرجي. مان تو سان هن وقت پيار ڪري نه ٿو سگهان، مون کي معاف ڪر. منهنجو مقصد آهي ته مان تو سان پيار ڪرڻ لاءِ دلي طرح آماده ناهيان. منهنجي منزل اڃا اڳتي آهي.... تنهن ڪري ٿي سگهي ته پيار جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ، ۽ ٿي سگهي ته مون کي معاف ڪري ڇڏجان.“ اهو چئي مائيڪل پنهنجي گهر جو در ٽپي اندر هليو ويو. هو ته گهر ۾ هليو ويو، پر رومانه جي دل جي سمورن دروازن کي ڄڻ تالا هڻي ويو. رومانه کي پنهنجو ساهه ٻُوساٽجندي محسوس ٿيو. گهٽيءَ ۾ ته ٿڌڙي هير گهُلي رهي هئي، پر هن کي لڳي رهيو هو ته هڪ ڄَرَ هن جسم کي ساڙي ڀسم ڪري رهي هجي. گهر اچي هن پنهنجي آنٽيءَ سان ڀاڪر پائي ڪلاڪن تائين رُنو هو ۽ کيس ٻڌايو هو ته مائيڪل هن کي ٺُڪرائي ڇڏيو هو. ٻن ٽن ڏينهن تائين هن ماني ڪانه کاڌي هئي. هن جي حالت هن جي چاچي ۽ آنٽيءَ کان ڏٺي نه پئي ٿي. هن جي وئڪيشن جا ڏينهن پورا ٿي وڃڻ جو بهانو ڪري هن کي چيو ته هوءَ هاڻي پنهنجي گهر وڃڻ جي تياري ڪري. گهر ۾ موجود خوشيون يڪدم گم ٿي ويون، هر طرف پريشاني ۾ خاموشي پکڙجي وئي.

ڪجهه ڏينهن ۾ ئي پاڙي ۾ خبر پکڙجي وئي ته مائيڪل گهر خالي ڪري هليو ويو آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هو غير ملڪي ايجنٽ هو ۽ هن جي مخالف ايجنسين هن کي مارائي ڇڏيو هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هو ڏوهاري قسم جو ماڻهو هو ۽ کيس مختلف ڏوهن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته هن جي تعليم پوري ٿي وئي هئي، انهيءَ ڪري پنهنجي ملڪ هليو ويو. بهرحال مائيڪل جي وڃڻ کان پوءِ رومانه کي انهيءَ شعر جو پاڙي ۾ زنده مثال ملندو هو، جنهن ۾ چيل هو ته، ”نڪري ويا ناکئا، بندر سارو سڃ ٿيو.“ انهيءَ سُڃ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ رومانه به اهو بهتر سمجهيو ته هوءَ وئڪيشن ختم ٿيڻ جي ڪري هاڻي پنهنجي گهر هلي وڃي.

***

مائيڪل جي هلئي وڃڻ کانپوءِ رومانه جي زندگي اجڙي وئي. هن جي چهري جي لالاڻ ڪاراڻ ۾ بدلجي وئي.

صحتمند جسم ڏينهون ڏينهن سُسڻ لڳو. گهر جي ڪنهن ڪم ۾ دل نه پئي لڳس. اڳي پنهنجي چاچي جي گهر وڃڻ لاءِ هر وقت آتي هوندي هئي، پر هاڻي انهيءَ گهر جو تصور ڪندي هن کي بيقراري وٺي ويندي هئي. هن کي پنهنجي چاچي جو گهر ۽ اُها ڪالوني ڄڻ کائڻ ايندا هئا. ڪوششن ڪندي هئي ته هو اُنهيءَ گهر/ مائيڪل جي ياد ۽ اُنهيءَ ڪالونيءَ کي وساري ڇڏي، پر وساري نه سگهندي هئي. اُنهيءَ اڻ تڻ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ هڪ ڏينهن شام جو هوءَ پنهنجي گهر ۾ ٽي ويءَ جي اڳيان ويٺي هئي ۽ بيدليءَ سان ٽي ويءَ جي رموٽ ڪنٽرول سان چينل بدلائي رهي هئي ته اوچتو هن جي آڱر ٽي ويءَ تي هلندڙ خبرن جي هڪ چينل تي بيهجي وئي. ٽي ويءَ تي خبر اچي رهي هئي ته تل ابيب ۾ اسرائيلي فوجي سکيا مرڪز جي اڳيان بيٺل رنگروٽ سپاهين جي ٽولي تي هڪ فلسطيني آپگهاتي بمبار پاڻ سان ٻڌل بم کي ڦاڙي ويهه فوجي ماري ڇڏيا هئا. ڪجهه ئي دير ۾ آپگهاتي بمبار جي تصوير ٽي وي اسڪرين تي اچي وئي ۽ خبرون پڙهندڙ سندس تعارف ڪرائڻ لڳو. ”هي آپگهاتي بم حملو فلسطين جي هڪ جهادي گروپ جي ڪارڪن ميڪائيل محمد البراطي ڪيو آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين ٻاهرين ملڪن ۾ دهشتگرديءَ جي سکيا وٺندو رهيو آهي....“ ۽ اسڪرين تي جڏهن مائيڪل جي تصوير اُڀري رومانه کان رڙ نڪري وئي. ”او منهنجا خدا هي ڇا ٿي ويو؟“ هوءَ سڏڪن ۾ ٻڏي وئي. هن ڏٺو ته اسڪرين تي مائيڪل جي تصوير مسڪرائيندي کيس چئي رهي هئي: ”منهنجي منزل اڃا اڳتي آهي.... ٿي سگهي ته مون کي وساري ڇڏجان.... مان تو سان پيار نه ٿو ڪري سگهان...“

مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون

 مواد ۾ ڇپيل راين، تجزين، نتيجن ۽ علمي فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي. سندن راين کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.

پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اِها خاطري ڄاڻائڻ لازمي آهي ته، اُهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن به رسالي يا اخبار کي نه موڪليل آهن.

ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، اُن اصل لکت جي صاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي. ان طرح واضح حوالو پڻ ڄاڻائجي، جتان اهو مواد ترجمو ڪيو ويو آهي.

فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ پهتل مواد ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪونه ڪيو ويندو. ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت پسند ڪانه ڪئي ويندي.

مواد پڙهڻ لاءِ سمجهه ۾ ايندڙ صاف سُٺن اکرن ۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي. فون نمبر، فئڪس، اي ميل هجي ته اُهو به لکجي.

پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي. ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻڌل نه رهندو.

ايڊيٽر کي مواد ۾ ضروري درستين ۽ گهربل ڦيرڦار ڪرڻ جو پورو اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته، جيئن ليکڪ جو مخصوص اُسلوب ۽ مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.

نظرثاني کان سواءِ ۽ تڙتڪڙ ۾ رَهڙي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف غلطين جو اماڪن رهي ٿو ته، ٻئي طرف درستين لاءِ بنهه گهڻو وقت سيڙائڻو پوي ٿو. جيتري قدر ٿي سگهي، آخري طرح پورو اطمينان ڪجي ته، مواد صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي.

اهو ضروري ڪونهي ته، ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضرور ڇپجي. چونڊ ۽ اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري سمجهيو ويندو، نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com