وکر سو وهاءِ
شاعري
”.....اصل
شاعري رڳو ٺاهه ٺوهه يا تصنع ڪونهي ۽ نه ڪو اُها
سوچيل سمجهيل ڪنهن مسئلي جو واضح بيان آهي. بلڪ
اصل شاعريءَ جو بنياد هڪ اهڙي تخليقي قوت ۽ حرڪت
آهي، جنهن جو واسطو مبهم تخيلاتي مواد سان آهي، ۽
اُن کي ئي پنهنجي ترقيءَ ۽ اظهار جي جستجو آهي.
باقي جيڪڏهن شاعر کي سدائين اِها ڳالهه معلوم هجي
ها ته سندس شاعريءَ جو هڪڙو متعين مطلب آهي ته
پوءِ هو شعر لکي ڇا لاءِ ها؟
هڪ لحاظ کان شعر چيل ته اڳ ۾ ئي هوندو آهي، البت اُن جي تڪميل
خود شاعر تي اهو منڪشف ڪندي آهي ته هو ڇا چوڻ گهري
ٿو؟ دراصل ٿئي هيئن ٿو ته توڻي جو هو اُن ڪم جو
آغاز ڪري چڪو هوندو آهي يا جنهن وقت هو اُن ۾ رڌل
ٿئي ٿو، تڏهن به هو اُن جي اصل مقصد ۾ مفهوم تي
حاوي نه هوندو آهي، بلڪ اٽلو اُهو مفهوم ئي مٿس
حاوي هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو اهڙي قسم جو شعر
اسان کي ’تخليق‘ وانگر محسوس ٿئي ٿو ۽ نه دستڪاري
يا ڪاريگريءَ جو ڪو نمونو. اهڙي شعر ۾ جادوءَ جو
اثر ٿئي ٿو، جيڪو محض آرائش يا ٺاهه ٺوهه ذريعي
پيدا ڪري نٿو سگهجي. اِهوئي سبب آهي جو جڏهن اسين
اُن شعر جي معنيٰ يا مفهوم تي اصرار ڪرڻ لڳون ٿا
ته اسان کي هيءُ جواب ملي ٿو: ”اِهو شعر پنهنجيءَ
معنيٰ جو پاڻ ئي دليل آهي....“
_علامـﮧ آءِ آءِ قاضي
[”صوفي لا ڪوفي“، ص 145_ 146]
ميون شاهه عنات رضوي
بيت
ڏِهَ ڏُونـﮧ اُڀِي ڏي، سنيها سَيد چئي،
نياپا نينهن گاڏُئان، ڪو پائُر پانڌِي ني،
آنءُ پڻ تنهين کي، ڇنڊيان کِهَه اکينِ سين.
بيٺڪ جن بَرن ۾، کِهَه کاٽو نبا کاڄُ،
اَٺو پَهَرَ عِناتُ چئي، تن واڇوٽو وِهاڄُ،
ڪَنين ڪڏهين نه پئو، تن اُڊي جو آواڄُ،
جِم رَلاُيين راڄُ، عُمَرَ! اَباڻنِ جو.
اُرهَه جهَليو گانجِرو، ٿا مٿي کوه کَڙينِ،
گهيٽا ٻَڪَر چاريو، وَريتيون وارِين،
تاسِيارُيون تَڙِن تي، ساريو ٿا سانگين،
آڌي رات عِناتُ چئي، تيڻَنِ کي تاڻينِ،
سُنّت جا رسولَ جي، پُڇئو ٿا پارينِ،
مارُو ڏَنُ نه ڏِينِ، عُمَرَ جي اوصافَ ۾.
رات رَٻارِي آئِيو، اُٺي جو اوٺِي،
تَلِيُون سڀ تارِ ٿيون، سڀ جُوءِ سَڻوٺِي،
کوءِ ڪانا ۽ ڪوٺي، لڱنئون لوهَ لهي پئا.
لِڱنئان لوهَ لهي پئا، ٿِئِو بَندُ بِدا،
سُئومِ ويڻُ وِصالَ جو، ڪَهندي ڪانگَ مُلا،
اَٺو پَهر عِناتُ چئي، آسَ مَ لاه هِنيا!
سَتِي! سَنجهِه صَباحَ، ملندءِ مِٽَ مَلير ۾.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام“، مارئي، ص 50-51)
ميين شاهه عنات جو روضو (ٽنڊو الهيار ڀرسان شيخ موسيٰ
جي روضي کان اتر طرف پڪي چـؤکنڊي اندر)
”.....ميين شاهه عنات کان اڳ مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان سنڌي
شاعر ٻن گورهن ۾ وراهيل هئا: هڪڙا چارڻ، ڀٽ، ڀان ۽
سگهڙ، جن عوامي قصن ۽ داستانن، واقعن ۽ جنگين کي
ڳائي عوام کي پئي وندرايو؛ ۽ ٻيا عالم، سالڪ، صوفي
۽ درويش جن توحيد ۽ طريقت، دين ۽ اخلاقيات جي بلند
نظرين جي تبليغ خاطر شاعري پئي ڪئي، ميون شاهه
عنات پهريون ممتاز شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ هن
ٻه_ درياهي جو پورو سنگم نظر اچي ٿو. ميين شاهه
عنات کان اڳ ڪن ٿورن بالغ نظر شاعرن توحيد ۽ طريقت
جي تبليغ لاءِ عوامي عنوانن کي استعمال ڪرڻ شروع
ڪيو، مگر اها محض شروعات هئي، مثلاَ سيد ميين علي
شيرازي، ميين شاهه ڪريم ۽ ٻين جي بيتن ۾ اسان کي
سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن، مثلاَ مورڙي مڇ، سسئي
پنهون، عمر مارئي، ليلان ۽ چنيسر ، مومل ۽ راڻي،
سهڻي ۽ ميهار، کاهوڙين ۽ سپڙ ڄام جا اُهڃاڻ ملن
ٿا. ميون شاهه عنات پهريون شاعر آهي، جنهن پنهنجي
ڪلام ۾ اُنهن قصن سان گڏ سنڌ جي ٻين عام مشهور
داستانن مثلاَ راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي ، نوري ۽ تماچي،
کاري کيڙائن، جوڳين، سامين ۽ پوربين، آتڻ ۽
ڪاپاتين، لاکي ۽ ريٻارين، ابڙي ۽ سامن، جکري ۽ ڪرن
جهڙن سخي مردن کي دل کولي ڳايو. ميين شاهه عنات
سنڌي شاعري کي اُنهن عنوانن ۾ سموهي نه فقط هڪ
نئون ۽ وسيع ميدان هموار ڪيو بلڪه اُنهي رسم ۽ راه
کي آئينده لاءِ شاهراهه بنائي ڇڏيو.....“
_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ مقدمو، ص 79_80]
خواجه محمد زمان
(لواري شريف)
بيت
جَڳ تنين جي جاءِ، جنين ڇڏئو جَڳ کي،
سَڀي تو سِهداءِ، جي تو سِهد نه تن سِين.
جاهل جَنڪ سُکن جو، عارف، سور سَهاءِ،
سُورن سندي ساءِ، راحت رسي روحَ کي.
سڄڻ ڏِٺو جن، تن ڏسڻ غير گناهه،
جنين لڌي راه، وهڻ تنين وِهه ٿئو.
لڳو واءُ وصال، جنين ساعت هيڪڙي،
تن سان لڌي لالَ، جهه لئي جُڳ خلقيو.
عارف ۽ عُشاق، پَسڻ گهُرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃا اوراهان ٿئا.
قالب جان ڪثيف، تان جاه جانيءَ نه مِڙي،
لوچي ٿيءُ لطيف، لهنوارو لاهوت ڏي.
پرت ڇڏ پرڏيهه جي، ساڻيهه ڪر سنڀال،
لَکن سندي لالَ، مڇڻ مفت وڃائيين.
(”ملوڪ الڪلام“، نياز همايوني، ص 105-108)
”.....سلطان
الاولياء خواجه زمان رحه صوفي صادق هئا ۽ پاڻ
’محبت الاهيءَ‘ جي مقصد کي پنهنجي حياتيءَ جو سڀ
کان اولين مقصد بنايائون. انهيءَ باري ۾ خواجه
صاحب پنهنجي هڪ بيت ۾ چون ٿا، ته زندگيءَ جو مقصد
عشق الاهي آهي ۽ عشق جو مذهب خداتعاليٰ جي نگاهه ۾
سڀ کان افضل آهي.
سلطان الاولياء جو چوڻ آهي ته ’محبت الاهي‘ رازِ حيات آهي.
جيڪڏهن هُن جي دل ۾ جاءِ نه آهي، ته پوءِ اها گوشت
جو هڪ بي جان ٽڪرو سمجهڻ گهرجي. ’محبت الاهيءَ‘
واري منزل تي اُهي ئي رسندا، جن پنهنجو تن ۽ من رب
جي محبت طرف رجوع ڪيو هوندو. جيئن پاڻ انهيءَ
سلسلي ۾ تجريد ۽ تسليم ڏي اشارو ڪندي فرمائن ٿا:
تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سسيءَ جو،
ماڻئو تن مليرُ، جن جسو مال مباح ڪئو.
دراصل ’محبت الاهيءَ‘ جو مقصد هيءُ آهي ته انسان جي زندگي سميٽ
جي هڪ خاص مرڪز تي اچي ۽ سندس رڳ رڳ پڪارڻ لڳي ته
منهنجي نماز، قرباني، زندگي ۽ موت انهيءَ پروردگار
عالم لاءِ ئي آهن. پوءِ ئي هو موحد بڻجي پوندو آهي
۽ هو هر وقت اهو محسوس ڪندو آهي ته خدا منهنجي
سامهون آهي ۽ هو مون کي ڏسي رهيو آهي.پوءِ هن جي
اڳيان دنيا جي ڪابه قيمتي شيءِ ڪا حيثيت نه رکندي
آهي. انهيءَ جي عيوض هن کي ”عرفان“ حاصل ٿيندو آهي
۽ ”عارف“ دنيا جي حقيقت کان واقت ٿي ويندو آهي.
اهوئي سبب آهي جو الله جي سچن عاشقن کي هڪ پَل به
الله جي محبت کان سواءِ آرام حاصل نه هوندو آهي ۽
کين هر وقت مالڪ حقيقيءَ جي ياد گيري رهندي
آهي.....“
_ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
[”خواجه محمد زمان_ هڪ مطالعو“ ، مرتب: آزاد قاضي، ص 93] |