پڙهندڙن جا خط
[1] ”مهراڻ“ (سرءُ 2004ع) ڪلهه مليو. هڪ ئي رات ۾ اُن جو ڳپل
ڀاڱو پڙهي ڇڏيو اٿم. طبعيت خوش ٿي وئي، جو جنهن جو
”سرءُ“ ايڏو ”پُربهار“ آهي، اُن جو ”بهار“ ته
الاجي ڇا هوندو! ”سوچ ۽ لوچ“ ۾ اوهان جو اهو اظهار
ته ”اڄ سنڌ جي، سنڌي ٻوليءَ جي، سنڌي ادب جي، سنڌي
سڀيتا جي ۽ سنڌي سماج جي جيڪا صورتحال آهي اُها
انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.“ اِها ڪنهن لاءِ به
ڇرڪائيندڙ حقيقت ڪانهي، هر سڄاڻ سنڌيءَ کي اُن جو
فڪر آهي. مگر ڪا واهه راهه ڏسيندڙ رهبر رهيو ئي
ڪونهي، جيڪو ذاتي مفادن کان مٿي ٿي قومي ڪاز لاءِ
اڳواڻي ڪري. اهڙي صورتحال ۾ ڇا لکجي، ڇپجي ۽
پڙهجي! ڳالهه شاعر جي ”سکيءَ جي نڪ جي ڪوڪي ۽ وارن
جي سڳيءَ ۾ ڦاسي وڃڻ“ کان چوٽ چڙهي، هاڻي ”ڪنواري
ڇوڪريءَ جي ريشمي اڳٺ کي آيل ڳنڍ“ تائين پهچي ويئي
آهي ۽ اڃا به وڌيڪ ”بال صاف ڪري جي اشتهار واري
حسينه کي هي ياد ڏيارڻ آهي ته سندس دل تي ويسر جا
وار وڌي ويا آهن!“ وغيره وغيره، صاف ظاهر آهي ته
”روشنيءَ“ جي وڻندڙ نالي ۾ ”تاريڪيءَ“ جون ڪي
استعماري قوتون اسان جي نوجوان پڙهيل ۽ باشعور
طبقي کي جنسي لذت جي نشي ۾ مبتلا ڪري، اُنهن جي
سوچ ۽ عمل جي صلاحيتن کي مفلوج بڻائڻ چاهين ٿيون.
هر ٻوليءَ جي ادب جون پاڙون ”روايت“ جي بنياد تي
پاتال تائين کتل هونديون آهن ۽ اُن روايت جي پاڙڻ
مان ئي ”جدت“ جا نوان نوان گونج ۽ گل نڪري نروار
ٿيندا آهن. اوهان پنهنجي سر ڀلي ته ’روايت‘ ۽
’جدت‘ جي حسين ۽ بامقصد سنگم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ
رات ڏينهن ڪوشان رهو، مگر جڏهن اسان جا ڪي نام
نهاد ”ادبي ٺيڪيدار“ ادب ۾ روايت جي جاءِ تي
ڪراهت، نفرت ۽ بيزاريءَ جو پرچار ڪن ته پوءِ
ٻوليءَ ۽ ادب جو ته خدا ئي حافظ آهي.
”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ جي عنوان هيٺ اوهان جو غزلن جي مجموعي
”گيڙو ويس غزل“ تي ڪيل سوچ ويچار موجب جڏهن شيخ
اياز پنهنجي ئي ديس جي اڪيچار شاعرن مان صرف خليفي
گل کي ”بشڪ“ ڪري، باقي سڄي سنڌي غزل جي اتهاس جي
منڌيئڙو پائي ٿو ڇڏي ته پوءِ ’هما‘ ’شما‘ ڪهڙي
قطار ۾ ايندا! جنهن کي پنهنجي
Roots
جو ئي قدر نه آهي، اُهو اُن جي ڦل مان ڇا حاصل
ڪندو؟ رهيو سوال اڙدوءَ جي لفظن جو سنڌي شاعريءَ ۾
جوڳو/اڄوڳو استعمال، ته اڄ ايڪويهين صدي ۾ جڏهن
ابلاغ جا ذريعا ايترا تڪڙا، سولا ۽ عام جام ٿي ويا
آهن، تڏهن اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪنهن به زبان کي
خالص يعني ”شُڌ“ رکي سگهجي. زبانون هڪ ٻئي تي اثر
انداز به ٿين پيون ۽ اثر پذيري به حاصل ڪن ٿيون.
سنڌيءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن جيڪي انگريزيءَ مان آيل
آهن. خود اڙدو زبان تي به سنڌي زبان جو اثر پيو
آهي ۽ سنڌي لفظ اُن ۾ شامل ٿيا آهن. اسين ته آهيون
ئي اٺئي پهر اڙدوءَ جي اثر هيٺ. ريڊيو، ٽي وي،
فلمون، ڊراما، اخبارون، رسالا، غزلن ۽ گانن جون
ڪئسٽون، ويندي بازار ۾ خريداري ۽ بس رڪشا جي
سواريءَ ۾ به هر طرف اڙدوءَ جو ئي راڄ ۽ رواج نظر
ايندو! جيئن وقت گذرڻ سان گڏ عربي، فارسي، هندي ۽
انگريزي لفظ سنڌي لهجي ۾ لهي سنڌي زبان جو حصو
بڻجي ويا، بلڪل ائين اڄڪلهه اڙدوءَ جا لفظ پڻ سنڌي
زبان ۾ ڳالهائڻ، لکڻ ۽ سمجهڻ سمجهائڻ ۾ استعمال
ٿين پيا ۽ ان ۾ هروڀرو ڪو اهم به ڪونهي، بشرطيڪ
اُهي ”سنڌي لهجي“ ۾ لکيا پڙهيا وڃن ۽ سنڌي
صورتخطيءَ ۾ هجن. تذڪير ۽ تانيث جو البت خاص خيال
رکڻ لازمي آهي. ”منهنجو دل تنهنجي لاءِ ڦٿڪي ٿو“،
”مون اياز جون غزلون پڙهيون آهن“ يا ”سنڌيءَ ۾
سٺيون ڪتابون ڪونه ٿيون ملن“، وغيره وغيره. اِن
ڳالهه ۾ آءُ اياز سان سهمت آهيان ته اڙدو لفظ به
فارسيءَ ۽ عربيءَ وانگر شاعريءَ ۾ سنڌي لهجي ۾ ڪتب
آڻي سگهجن ٿا. رهيو اهو سوال ته اياز مير ۽ غالب
کي اڙدوءَ جا عظيم شاعر مڃي ٿو توهان کي چڙ ڇو ٿي
لڳي ۽ توهان اُنهن کي عظيم نه ٿا سمجهو ته اهو
توهان جو پنهنجو حق آهي. ”فکر هر کس بقدرِ همت
اوست!“ هونئن ڪٿي مون اوهان جي اِها سٽ پڙهي آهي
ته سنڌ جي لاءِ ”اياز، شيام آهي ئي آهي.“ مون کي
لڳي ٿو ته اوهان موضوغ (اياز جو غزل) کي ڇيڙي
”ڀنڀور کي باهه“ ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن جو رد عمل
شايد شديد به ٿئي، پر سٺو ٿيو جو اياز جا سمورا
غزل هڪ ئي ڪتاب ۾ سهيڙ جي ويا. نارائڻ شيام جا سڀ
غزل اڳيئي هڪ مجموعي ۾ مرتب ٿي ويا آهن. منهنجو
اردو آهي ته پنهنجي وت آهر اياز ۽ شيام جي غزل جو
تقابلي جائزو لکي سگهان. ان ڪم ۾ مون کي يقيناً
اوهان جي مدد، مشورن ۽ حوصله افزائيءَ جي ضرورت
آهي.
شبير هاتف جي نظم، غزل ۽ قطعا پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو محسوس
ڪريان ته ڄڻ ٻيهر جُواڻي موٽي آئي آهي. رڳن ۾ نئون
رت ڊوڙندو محسوس ٿو ڪريان. هن قسم جي روايتي ۽
جمالياتي شاعري به زندگيءَ جي زهر تي ترياق جو
تاثير ڪري ٿي. خدا کيس خوش رکي. طارق عالم جو هي
شعر ”حال جي حقيقت“ کي ڪيڏو نه سهڻي انداز ۾ پيش
ڪري ٿو:
هر ماڻهو ديوار لڳي ٿو،
هر پاسي ديوارن جي رش!
امداد حسينيءَ جو طويل نظم ”اپيل“ سنڌ جي تاريخ به آهي، تهذيب
به آهي، سڀيتا به آهي ته دردوندي دل جي ”پڪار“ به
آهي. نه صرف پڙهڻ ۽ پُرجهڻ لاءِ آهي، پر دل ۽ دماغ
سان عمل ڪرڻ لاءِ به آهي.
حميد ”شهيد“ هالائي
[هالا]
قلم تازو
”مهراڻ“ سرءُ ۾ ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ جي سِري هيٺ قدر لائق
تنقيدي اڀياس سنڌي تنقيدنگاري ۾ هڪ اهم حيثيت جو
حامل آهي، مگر اُن مضمون ۾ هڪ تصحيح ڪرڻ ضروري ٿي
لڳي. صفحي 75 جي پهرئين ڪالم جي آخري سٽ ۽ ڪالم
ٻئي جون شروعاتي سٽون هن ريت ڇپيل آهن:
”.... پر شيخ اياز کي اڙدو شاعريءَ ۾ اصغر گونڊوي وڻي ٿو، جيڪو
خُمريات جو شاعر آهي. پر چون ٿا ته هن ڪڏهن چُڪو
به نه چکيو، اياز اُن جي ابتڙ هو... اصغر گونڊوي
کي مون به پنهنجي ننڍي عمر ۾ پڙهيو هو....“
هن باري ۾ امداد کي غلط فهمي آهي. اصل ۾ اُهو حضرت ”رياض خير
آبادي“ آهي، جنهن کي اڙدو ادب ۾ ”شاعرِ خمريات“
سڏيو وڃي ٿو. هن جي غزل جي ڪليات جو نالو ئي آهي.
”خمريات“، ۽ هن صاحب غزل جي شاعري ڪئي آهي ۽ هر
غزل جي هر شعر ۾ خمار مئي“، يعني ساقي، ساغر،
شراب، ميڪده وغيره جي خوبصورت شاعري ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ رياض خيرآبادي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به
شراب کي چکڻ ته ڇا پري کان هٿ به ڪو نه لاتو هو.
اصغر گونڊوي به اُن ئي زماني (40-1920ع) جو شاعر
آهي، پر هن جي شاعريءَ جو سڄو رجحان صوفيانه طرز
ڪلام جي طرف رهيو آهي. تصوف جي موضوع تي هن ڀرپور
شاعري ڪئي آهي.
مهراڻ هڪ مؤقر ۽ جيد ادبي جريدو آهي، ۽ سڄي دنيا جي علمي ۽ ادبي
حقلن ۾ سَند طور مڃيو وڃي ٿو. هيءَ هڪ ”ننڍڙي“
سَهوئي سهي، پر اڳتي هلي متان سنڌي ادبي تنقيد تي
ڪو غلط ”حوالو“ بڻجي وڃي، اِنڪري مناسب سمجهان ٿو
ته رڪارڊ جي درستيءَ لاءِ هن تصحيح کي شايع ڪيو
وڃي.
حميد ”شهيد“ هالائي
[هالا]
****
[2] ٽماهي مهراڻ سرءُ 2004ع نمبر پڙهيم. سڀ کان پهرين ايڊيٽوريل
پڙهيم، جنهن جي هر هڪ لفظ ۽ هر هڪ سِٽ مان واقعي
”سوچ ۽ لوچ“ ظاهر آهي. امداد حسينيءَ جو اڀياس
”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ بهترين تنقيدي مضمون آهي،
جيڪو پنهنجي ”عنوان“ جي ڪسوٽيءَ تي بلڪل کرو ۽
پورو لهي ٿو. مون فون تي ڪنهن کي چيو هو ته
”جيڪڏهن شيخ اياز زنده هجي ها ته ان تنقيد کان
پوءِ
Realize
ڪري ها، پر هن جي دنيا مان گذري وڃڻ کان پوءِ
امداد حسينيءَ پنهنجو پاڻ مڃائڻ لاءِ اها تنقيد
ڪئي هجي.“ تڏهن فون جي ٻئي پار کان زبردست جواب
آيو ته ”امداد اهو سڀ ’پاڻ مڃائڻ‘ لاءِ نه پر
ايتري لاءِ ڌيان ڇڪايو آهي ته جيئن اسان جو نوجوان
نسل پنهنجي شاعريءَ کي اڳڙيون ٿڳڙيون نه سمجهي!“
اهڙو شاندار جواب ٻُڌي آءُ لاجواب ٿي ويس. امداد
واقعي ڪيڏي نه باريڪ بينيءَ سان شيخ اياز جي
شاعريءَ جو جائزو ورتو آهي، ۽ شيخ اياز جي ڳالهين
کي ”لنوايو“ نه پر اُنهن تي ”ڳالهايو“ آهي. ان ليک
جي تعريف ڪو شاعر، ڪو اديب يا ڪو ليکڪ ئي صحيح
لفظن ۾ ڪري سگهي ٿو، آءُ ته هڪ عام پڙهندڙ آهيان.
مون وٽ ته ايترا لفظ ئي نه آهن.
سانول جي ڪهاڻي هڪ ’ٿرلر‘ اسٽوري هئي. غلام نبي مغل جي ڪهاڻي
”جڏهن درياهه وهي اچي“ تمام سٺي لکيل هئي، پر
ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي سمجهه ۾ نه آئي. لعل پشپ جي
ڪهاڻي ”روشنيءَ جو هڪ گم ٿيل ٽڪرو“ هڪ لَوِ اسٽوري
هئي، جنهن ۾ رومانيت، خواهشن، خوابن، خوشيءَ ۽ ڏک
جا گڏيل سڏيل جذبات شامل هئا. پر لعل پشپ ڪجهه
اهڙا فقرا به لکيا آهن، جيڪي مون کي نه وڻيا، يا
جيڪي نه لکڻ گهرجن ها. ان ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڙهي
حيرت، ڏک ۽ کل جهڙا گڏيل سڏيل جذبات هئا.
حميد سنڌيءَ جي ”ڪرشماتي سفر“ جي پهرين قسط اونهارو 2004ع ۾
پڙهي. پڙهندي پڙهندي اڳتي پڙهڻ جي بي چينيءَ سان
لفظ ختم ٿي ويا ۽ اچي ”هلندڙ“ تي پهتيس ۽ وڏي
اوسيئڙي کان پوءِ ٻي قسط جو انتظار ختم ٿيو. ٻي
قسط ساڳيءَ طرح سان پڙهندڙن تي پنهنجي گرفت مضبوط
رکي ٿي ۽ ايندڙ قسط جو تمام شوق سان انتظار آهي.
”جمال ابڙي جي ياد ۾“ –ڊاڪٽر غلام علي الانا، سحر امداد، شوڪت
حسين شوري، گل محمد عمراڻي، نصير مرزا ۽ ولي رام
ولڀ، جمال ابڙي جي ادبي ڪاوشن کي ياد ڪيو، ساراهيو
۽ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي (جيڪو هو لهڻي ٿو). پر
غلام رباني آگري جو تاثر ۽ شيخ اياز جون ساروڻيون
پڙهي جمال صاحب لاءِ منهنجيءَ دل ۾ تمام گهڻي
محبت، عقيدت ۽ احترام پيدا ٿيو آهي. آءُ جمال ابڙي
جهڙن خوبين وارن اديبن بابت جڏهن ٻڌندي ۽ پڙهندي
يا اهڙا انسان ڏسندي آهيان، ته دل ۾ خودبخود اُنهن
لاءِ احترام اچي ويندو آهي. اهڙن انسانن کي آءُ دل
جي گهراين سان پسند ڪندي آهيان. جمال ابڙي جي وفات
سان مون کي احساس زيان جي تڪليف محسوس ٿئي ٿي.
جمال ابڙي جي سوانح عمريءَ جا جيڪي ڪجهه ”ڪٽ پيسز“ مهراڻ ۾
مضمونن جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن اُنهن ۾ اڳوڻي زماني
جون نهايت دل کي ڇُهندڙ ڳالهيون ٿيل آهن (آءُ
پنهنجي ڏاڏيءَ کان اڪثر اهڙيون ڳالهيون دلچسپيءَ
سان ٻڌندي آهيان). جمال ابڙي جي يادگيري ۾ ”سجاول
۾ 15 رپين ۾ ٻڪرو خريد ڪرڻ“ مون کي ڪافي دلچسپ
لڳو. هو ”سجاول“ ۾ به جج ٿي رهيو هو (جنهن جي
تصديق پنهنجي چاچا کان ڪيم). ان ڄاڻ، خوشيءَ ۽ فخر
جو نئون احساس جاڳايو، ته اهو منهنجو ئي شهر
”سجاول“ آهي. شايد اهائي وطن جي حب آهي!
مهراڻ ۽ سرتيون جي شاعري به منفرد آهي. امداد حسينيءَ جي ”اپيل“
۾ لڳ ڀڳ 300 ذاتين کي خطاب آهي (جنهن سان ڄاڻ پڻ
وڌي). ”اپيل“ جي نالي سان جيڪو پيغام ڏنو ويو آهي،
اُهو ڪيڏو نه سٺو ۽ وقتائتو آهي:
”ته ڦِٽڻ کان سٺو ٺهڻ آهي
ته ٽُٽڻ کان سٺو جُڙڻ آهي
جي مُڙيا سي جُڙيا چيو ڏاهي
ان سوا ڪوبه ٻيو نه غرض آهي
بس رڳو ايترو ئي عرض آهي
خون سان اُڃ اُجهامندي ناهي
خون سان پاڻ ڀڙڪندي آهي.“
واهه واهه! زبردست!
پارس عباسي ۽ سحر امداد منهنجون پسنديده شاعرائون آهن. سحر
امداد هڪ بهترين شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين نثر
نويس پڻ آهي. امداد حسينيءَ جي شعري مجموعي ”هوا
جي سامهون“ ۾ جيڪو 76 صفحن جو هن مهاڳ لکيو آهي،
اُهو ڪيڏو نه معياري ۽ معلوماتي آهي.
مون سحر امداد جو لکيل ڏهين سارڪ رائيٽرس ڪانفرنس لاهور جو
احوال ”سدائين گڏ“ جي نالي سان مهراڻ (بهار 2004)
۾ پڙهيو هو، تنهن ۾ سحر ڪراچيءَ کان ايئرپورٽ
ڏانهن روانگيءَ جي ڪهڙن نه شاعراڻن لفظن ۾ منظر
ڪشي ڪئي آهي ۽ جهاز جي حالت ڪهڙي نه مزيدار لفظن ۾
ٻڌائي آهي. ڪيئن نه لاهور جي رستن جي خوبصورتيءَ
کان وٺي ”انارڪلي فوڊ بازار“ جي ذڪر کي ڪيڏي نه
سٺي نموني سان بيان ڪيو اٿس ۽ اڳتي هلي ان ڪانفرنس
جو احوال شروع کان وٺي آخر تائين پڙهڻ سان ماڻهو
سحر امداد جي لفظن جي ”سحر“ (جادو) ۾ پاڻ وساريو
ويهي! جيئن شمس صديقيءَ چيو آهي ته ”روز مره جي
گفتگو کان الڳ هڪ ادبي زبان به ٿيندي آهي.“ آءُ
چوان ٿي ته ادبي زبان تي سحر امداد کي عبور حاصل
آهي.
وري اچون ٿا تازي مهراڻ سرءُ 2004ع جي خطن واري ڀاڱي تي. محمد
عمر چنڊ جو تفصيلي خط آهي، جنهن ۾ جپسين بابت
(لکانا وڻجارا) مزيدار تنقيد مون کي پسند آئي ۽
”خانه بدوشن“ بابت ٻي ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيو.
مون کي حميد شهيد هالائيءَ جو خط به تمام پسند آيو، جنهن ۾ هن
کي ”مهراڻ“ جي صرف سَون جي تعداد ۾ ڇپجڻ تي حيرت ۽
فڪر به آهي. مون کي به اِها سچائي پڙهي حيرت ۽
افسوس ٿيو هو ته تعريف ۽ تنقيد پڻ ڪئي آهي، ۽
مهراڻ جي زنده رهڻ لاءِ آڪسيجن (پرنٽ ۽نان پرنٽ
ميڊيا جا اشتهار) حاصل ڪرڻ جي پڻ صلاح ڏني اٿن.
ناسف علي شيراز جي ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليو گرافي“ ۽
ڊاڪٽر الهرکئي ٻُٽ جو ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي
ڪتابن جو جائزو“ ”مهراڻ“ ۾ ڄڻ ته ڄاڻ جا خزانا
آهن.
انجم بتول
[سجاول]
****
[3] ٽماهي مهراڻ سان منهنجو ساٿ ڪيترو پراڻو آهي اُهو توهان کي
هن گڏ مهراڻ نمبر 4 سال 1956ع پرچي ۾ ڇپيل منهنجي
هڪ خط جي فوٽو ڪاپي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو. مهراڻ
رسالي تي ڪماليت ۽ زواليت جا ڪيترا دور آيا ۽
ڪيترو عرصو وقتائتو به شايع ٿي نٿي سگهيو. ٺٽي شهر
۾ پهتو به ٿي يا نه. 26 سيپٽمبر 2004ع تي هڪ نيوز
پيپر اسٽال تي اوچتو نظر آيو. خبر پيئي ته سرءُ
2004ع جون صرف 3 ڪاپيون آيون آهن، جن مان ٻه
ڪاپيون اڃا پيون آهن، سو هڪدم هڪ ڪاپي خريد ڪيم.
200 صفحن جي قيمت 75 رپيا ادب دوستن کي شايد
مهانگي لڳي، پر منهنجي ته صلاح آهي ته اڳتي مهراڻ
300 صفحا ڪري اُن جي قيمت 100 رپيا ڪئي وڃي. عام
نيم ادبي ماهوار ڊائجسٽ به 35 رپين جا آهن. ان
حساب سان ٽن مهينن جو گڏيل پرچو 33-33 رپيا پوندو
۽ صفحا وڌائڻ سان وڌيڪ ادبي مواد مهيا ٿيندو.
مهراڻ جي هن شماري جي ترتيب ۽ گيٽ اپ تمام وڻندڙ آهي. قديم
شاعرن جي جواهر پارن سان گڏ سندن تعارف ڏيڻ سٺو
طريقو آهي. ناسف علي شيراز جو ”سنڌي لغت نويسيءَ
جي تاريخ“ ۽ ڊاڪٽر الهه رکئي ٻُٽ جو ”1819ع کان
ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“ اسان جي نئين نسل ۽
نوجوان اديبن لاءِ سٺي معلومات آهي. ”لفظ نه آهن
کيڏوڻا“ جي صفحي تي امداد حسيني صاحب جي تصوير ڏنل
آهي ته وري ڪهاڻي جي ڀاڱي ۾ ”سرءُ 1942ع“ جي ليکڪ
سانول تي تصوير به ساڳي آهي. ڇا امداد صاحب ۽
سانول صاحب هڪ ئي شخصيت جا ٻه نالا آهن؟
شاعريءَ واري حصي ۾ جلال ڪوريءَ جي نظم ”هر ماڻهوءَ ۾“ خالق جي
نياري تخليق انسان جي جبلتن جا سمورا قسم ڏنا ويا
آهن. قبيلائي جنگين جي موضوع تي امداد حسينيءَ جي
”اپيل“ سنڌ جي هر قبيلي، هر ذات، هر قوم (چاهي
اُهو ڪهڙي به مذهب ۽ مسلڪ جو هجي) لاءِ ويچار جوڳي
آهي. منهنجي ذهن ۾ آيو ته اِها لاکيڻي ”اپيل“ لکن
جي تعداد ۾ ڇپائي سڄي سنڌ ۾ ورهايان، پر ڇا ڪريان،
جو ٿي پيو آهيان غريب!
غلام نبي مغل جي ڪهاڻي ”جڏهن درياهه وهي اچي“ ۾ سنڌو جي موجوده
حالت، سنڌ جي بيروزگار نوجوانن جي مايوسي، پوڙهن
جا پراڻا زمانا ۽ پڇائون ۽ نصيحتون آهن.
حميد سنڌي صاحب جي مضمون ”ڪرشماتي سفر“ ۾ ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي
هندن جي سنڌ لاءِ سِڪ بابت سٺو معلوماتي مواد آهي.
”جمال ابڙي جي ياد ۾“-سندس همعصر ساٿين ۽ اديبن جا رايا ۽
تاثرات مرحوم لاءِ هڪ قسم جو خراج تحسين آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحرير ”ماڻهو مڻيادار“ سٺو
سلسلو آهي، جيڪو اڳتي به جاري رهڻ گهرجي.
هن شماري ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محترم انعام الله شيخ
”گذارش جا ٻه اکر“ ۾ فرمايو آهي ته گذريل 12 مهينن
دوران بورڊ طرفان 50 ڪتاب ٻيهر ڇاپي پڌرا ڪيا ويا
آهن. اُن لاءِ عرض آهي ته ايندڙ مهراڻ ۾ اُنهن جي
لسٽ قيميتن سميت شايع ڪئي وڃي، ته اسان خريدارن
لاءِ سهوليت ٿيندي. ان سان گڏ هڪ ٻيو رايو به عرض
ڪندس ته 1955ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ٽماهي مهراڻ
جا جيڪي به ايڊيٽر صاحبان رهيا آهن ۽ سنڌي ادبي
بورڊ جا جيڪي به سيڪريٽري صاحبان رهيا آهن انهن جا
نالا ۽ عرصو به مهراڻ جي ڪنهن ايندڙ شماري ۾ شايع
ڪيا وڃن ته نئين نسل کي سٺي سُڌ ملندي. هاڻي اُميد
ته ٽماهي مهراڻ سان وري نئون ساٿ رهندو. هن خط ۾
اگر ڪا راءِ ناگوار گذري ته هن 71 ساله جهوني
جوڳيءَ کي معاف فرمائيندا.
مون رٽائرمنٽ کان پوءِ پنهنجي آٿم ڪٿا به لکي آهي، جنهن ۾
زندگيءَ جا تجربا ۽ احوال ڏنا آهن، جنهن ۾
پرائمري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي شفيق استادن جا
نالا ۽ ساروڻيون، هاسٽل لائيف، ڪاليج لائيف جا
قصا، پوءِ هڪ سال بحيثيت انگلش ٽيچر پنهنجن شاگردن
جا احوال، جن مان ڪيترائي وڏن وڏن عهدن تي پهتا ۽
اُتي پهچڻ کانپوءِ مون سان سندن محبتن جا احوال،
ان کانپوءِ 30 ساله انجنيئرنگ سروس ۾ سب انجنيئر
ساٿي، ماتحت عملو،، ايس-ڊي-او کان وٺي چيف انجنيئر
صاحبان جا حال احوال ۽ عجيب رويا ۽ پنهنجي ادبي
زندگيءَ جا حال احوال ڏنل آهن. آخر ۾ زندگيءَ ۾ جن
مشهور ماڻهن سان ڪچهريون ۽ ملاقاتون رهيون، اُنهن
جا جدا جدا احوال به ڏنا اٿم. اهڙين شخصيتن ۾ آهن
سائين محمد ابراهيم جويو، سائين رسول بخش پليجو،
مولانا غلام محمد گرامي ايڊيٽر ٽماهي مهراڻ،
مولانا عبدالواحد سنڌي، ايڊيٽر نئين زندگي ڪراچي،
محمد عثمان ڏيپلائي، پنهنجو بزرگ بردار مرحوم عزت
خان جوکيو ايڊوڪيٽ (جنهن مون کي تعليم ڏياري)،
استاد محمد خان مجيدي، ماستر عبدالعزيز جوکيو
ڪراچي، ماستر محمد عرس سمون ڪراچي، چاچو الهه
بچايو جماري بلوچ جهرڪ (ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ
جو چاچو)، چاچا غلام رسول بلوچ ڪوٽڙيءَ جو مشهور
ماڻهو، ڪوٽڙيءَ جو برک اديب علي بابا (علي محمد
رند)، لال بخش لالڻ جهرڪائي (ڊاڪٽر محمد علي
مانجهيءَ جو سَوٽ)، ٺٽي جو شيخ فضل محمد صحافي،
عبدالرحمان پليجو، محمد الياس ”هم غم“ مالماڙي ۽
ٻيا.
جوکيو رحيم خان ”جرس“
[مڪلي-ٺٽو]
قلم تازو
مان هڪ 71 ساله سنڌي ادب جو خدمتگار غير معروف ماڻهو آهيان. خوش
قسمتيءَ سان 1948ع ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب ۽
رسول بخش پليجي صاحب علم ادب جو گس ڏيکاريو. اُن
کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين لاڳيتو ادب جو پانڌيئڙو
آهيان ۽ 1954ع کان وٺي سنڌي ادب ۾ رنڍا روڙيندو
رهيو آهيان.
تازو ٽماهي مهراڻ سرءُ 2004ع پڙهڻ کانپوءِ اُن جي پسند بابت هڪ
خط ايڊيٽر ”مهراڻ“ کي لکيم ته هن پهريائين مون سان
ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اُن کان پوءِ مون کي
هڪ خط به لکيائين، جنهن ۾ هن صاحب مون جهڙي حقير
لاءِ توهان جي حسن سلوڪ جو ذڪر ڪيو، تنهن لاءِ مان
توهان جو ٿورائتو آهيان. سائين، مان 1954ع کان وٺي
مختلف ادبي رسالن جو قاري رهيون آهيان، ۽ اُن
زماني کان وٺي اڄ تائين سنڌي املهه ماڻڪن (رفتگان
۽ حيات) اديبن ۽ شاعرن سان غائبانه تعارف اٿم. مون
سڄي زندگي سنڌي ادب ۽ سنڌي عوام جي مسئلن تي لکي
لکي دفتر ڀري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ ڪجهه اهڙا مقالا ۽
مضمون به آهن، جيڪي اڄ به سنڌ جي حالتن سان ٺهڪي
اچن ٿا. پر اُهي ڪڏهن به عوام آڏو پيش نه ڪري
سگهيو آهيان (ڇپائي نه سگهيو آهيان). بس، ائين
سمجهو ته ’قهر درويش برجان درويش‘ واري ويڌن آهي.
مهراڻ ۾ شاعريءَ واري حصي ۾ سڀني شاعرن جو تخليقون ملوڪ آهن،
مگر اُنهن ۾ امداد جي تخليق قبيلائي جنگين جي
موضوع تي ”اپيل“ مون کي ايڏو ته متاثر ڪيو، جو دل
چاهي ٿي ته هن اهم اپيل جون لکين ڪاپيون ڇپائي سنڌ
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر ذات ۽ هر قبيلي ۾ ورهائجن. هن وقت
تائين مان اها اپيل چئن پنجن دوستن کي تحت اللفظ
پڙهي ٻڌائي چڪو آهيان، جن شاعر جي سچائي ۽ محنت ۽
خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ هر ذات ۽ هر قبيلي جي نالن
جي ڳڻپ کي ساراهيو. پر هيءَ ”اپيل“ پڙهندي مون سان
ويڌن اِها ٿي آهي، جو اِها ”اپيل“ پڙهندي مون تي
رقت طاري ٿي ويئي، خاص طور تي هنن سٽن جي شروع ٿيڻ
سان:
ڀائرو! هيءَ ’پلاند‘ جي نالي
جا ڪڏهن ڪانه ٿي کَٽي سگهجي.
کان اڳتي سڀ سٽون:
ٿورڙيءَ دير لاءِ ويچاريو!
هيءُ جو رَتَ ۾ رتل آهي
ڇَٽَ تان پَٽ تي پيل آهي
سو به ڪنهن ڀيڻ جو ڀِرا آهي
سو به ڪنهن ماءُ جو جگر آهي
سو به ڪنهن پيءُ جون اکيون آهي
سو به ڪنهن پريمڪا جي دل آهي
گهوٽ آهي اُهو ونيءَ ڪنهن جو
اِهي سٽون پڙهندي ڳوڙهن سان گڏ منهنجي اکين مان رت وهڻ لڳو-آخر:
ڪيترا گهر سڙي چڪا آهن
رکَ تن جي هوا اُڏائي ٿي
جا ڪهاڻي اِها ٻڌائي ٿي
ته اُنهيءَ کان اڳي جو سنڌ سڄي
اُنهيءَ آڙاهه ۾ وڃي رک ٿي
سڀ اچو پيٽرول جي بدران
پڙڪندڙ باهه تي وجهون مِٽي!
تائين منهنجي اکين مان ڳوڙها جاري رهن ٿا. ڪالهه ڏينهن جو 3 بجي
مان پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ ويٺو هوس ته منهنجو
يارنهن سالن جو پوٽو فيصل عبدالحليم پنجون ڪلاس
پڙهندڙ (جنهن کي مان هر ماهه ”گل ڦل“ ۽ ٻيا ٻاراڻي
ادب جا رسالا ۽ ڪتاب وٺي ڏيندو آهيان) ڪمري ۾ اچي
منهنجي ٽيبل تان اُهو ٽماهي مهراڻ هٿ ۾ کڻي چوڻ
لڳو ته بابا وڏا هن ۾ به ڇا سٺيون آکاڻيون آهن،
بيت ۽ گيت آهن؟ مون به الاءِ ڪهڙي جذبي تي چيو ته
ها! مهراڻ کڻي چيومانس ته پُٽ! ٻڌ. پوءِ مان اها
ساڳي اپيل پڙهڻ شروع ڪئي ته هو ٻڌندو رهيو. مان
مٿي ذڪر ڪيل سٽن تي پهتس ته وري جذباتي ٿي ويس ۽
منهنجي اکين مان وري ڳوڙها جرجر وهڻ لڳا. ننڍڙو
پوٽو حيران ٿي ويو ته سندس پوڙهي ڏاڏا کي هي ڇا ٿي
ويو آهي! هو به پوءِ پنجن منٽن لاءِ سُن ٿي ويو،
سمجهه ۾ آيس يا نه، پر سڄي اپيل ڏاڍي غور سان
ٻُڌائين.
توهان کي خبر آهي ته جرمنيءَ جي شهره آفاق شاعر گوئٽي جو جڳ
مشهور منظوم ڊرامو ”فائوسٽ“ گهڻو ڪري دنيا جي هر
زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، سواءِ سنڌي زبان جي. مون
اُن جو سنڌي منظوم ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٽي سال
پئي اُهو ترجمو ڪيم، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ڌارئين زبان
جو ترجمو ۽ اُهو به منظوم، انتهائي ڏکيو ڪم آهي.
مون سنڌيءَ ۾ هن ترجمي جو عنوان ”آب حيات“ رکيو،
پر اڃا تائين اهو مسودو ڪٿي ڇپائي نه سگهيو آهيان.
اُهو منظوم ڊرامو عام ڪاپي بڪ جي 39 صفحن تي مشتمل
آهي. اهو مواد مان توهان کي ڏسڻ لاءِ پيش ڪرڻ
چاهيان ٿو. عيدالفطر کان پوءِ ايڊيٽر مهراڻ سان
ٽيليفون تي رابطو ڪري سنڌي ادبي بورڊ آفيس ۾ اچڻ
لاءِ تاريخ ۽ وقت مقرر ڪري ساڻس ملندس. اُن ڏينهن
اگر توهان به بورڊ آفيس ۾ مليا ته هي ترجمو توهان
کي روبرو پيش ڪندس نه ته توهان جي لاءِ ڇڏي ويندس.
اُميد ته توهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه لمحا
ڪڍي اهو ڏسندا ۽ اُن تي ٻه اکر لکڻ فرمائيندا.
جوکيو رحيم خان ”جرس“
[مڪلي-ٺٽو]
[4] مهراڻ جو ٻيو پرچو منهنجي اڳيان آهي. هاڻ پرچي
جو معيار وڌيڪ معياري ٿيو آهي. اسان دوستن هاڻ
مهراڻ جون پنج ڪاپيون دڙي ۾ گهرائڻ شروع ڪيون آهن.
هن سان گڏ مهراڻ لاءِ ”برنارڊ شا سان ٽيهه سال“ موڪليان ٿو. اهو
مضمون ڪافي سال اڳ ترجمو ڪيو هئم. اصل ڪاپي هاڻ
هيٺ مٿي ٿي ويئي آهي. اُميد اٿم ته مهراڻ ۾ ڇپبو.
”پيڙا جو پڙاڏو“ ڪهاڻي موڪليان ٿو. اصغر گگو نئون
لکندڙ آهي، پر مستقبل ۾ کانئس سٺيون اُميدون آهن.
پارس هٿن مان گذرندو ته لازمي طور تي سون ٿيندو.
يوسف سنڌي
[دڙو]
****
[5] فياض ڏاهريءَ جي شاعريءَ تي اوهان لکيو آهي. مان جڏهن اُهو
مواد اوهان وٽان کڻڻ آيو هوس، تڏهن اسحاق سميجو به
گڏ هو. ڇٻر تي ويهي ڪيل ڪچهري/ بحث ياد اٿم.
اوهان فياض جي شاعري ”دوري“ (نظم) ۽ ڪنهن ٻئي ڪلام لاءِ چيو هو
ته مهراڻ ۾ ڇپڻ لاءِ موڪلجانءِ. فياض جي خواهش تي
”دوري“ سميت هڪ نظم ۽ گيت اُماڻيان ٿو، مهراڻ ۾
کيس جاءِ ڏجو. سندس ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾
آهي، مهيني اندر پڌرو ڪبو.
شوڪت چاچڙ
[قاسم آباد]
****
[6] ادب جا سڀ سهڻا رنگ سهيڙي مهراڻ نظرن سامهون آهي. سنڌ ۾
اِلاهي سارا نالا آهن ساراهڻ لائق، جيڪي پنهنجي
پنهنجي کيتر ۾ خدمت جو جذبو کڻي محنت ڪري رهيا
آهن، چڱي محنت ڪرڻ وارن جو نانءُ اَمر بڻجي ويندو
آهي. شاهه لطيف کان پوءِ سنڌي ادب ۾ روشن تاري جو
نالو آهي شيخ اياز. ڪو وقت هو، جڏهن مهراڻ صرف شيخ
اياز جي ڪري ئي مشهور هو ۽ پڙهيو ويندو هو. اڄ به
مهراڻ ۾ شاهه لطيف ۽ شيخ اياز کي شامل ڪرڻ هڪ سهڻي
روايت بڻجي وئي آهي.
بخاري افضل
[اڳڙا-گمبٽ]
****
[7] سنگت جي صلاح سان طيءَ ڪيوسين ته لڳ ڀڳ ٻيا سنڌي رسالا
گهرايون ٿا، جيڪي پڙهون ٿا، جن ۾ ڇپجون ٿا، ڇو نه
مهراڻ جون پنج ڪاپيون گهرائجن، جيڪي ونڊي ورڇي
کڻجن ۽ پڙهجن، هيءَ ذميواري به منهنجي بِلي ٿي.
مهراڻ جون هي ٻيو ڀيرو پنج ڪاپيون گهرايون آهن.
ڪجهه ڏينهن ته پوسٽ جي الماريءَ ۾ پيون هيون،
جيسين آءُ ڪو جڳاڙ ڪريان ۽ وي-پي ڇڏايان. مهراڻ جي
هڪڙي ڪاپي منهنجي نظرن جي آئيني ۾ مطالعي جي روپ ۾
رقص پيئي ڪري.
مهراڻ اڳي به وچان پانڌان نظرن مان گذرندو هو-ڪڏهن ڪنهن دوست
وٽ، ته ڪڏهن ڪنهن لائبريريءَ ۾- ڪڏهن ڪنهن اسٽال
تي، پر اُهو ته جهڙو ته تهڙو، پر هاڻ سچ پچ هي ٻه
ڀيرا ادب جي جام مان ڪيئي ساڃاهه جا سُر ڪا ڀريا
اٿم. سٺو لاڀ ۽ سٺو فيض حاصل ڪيو اٿم.
مهراڻ جو ڪُل مواد محبوب آهي، پر مون کي تحقيقي مواد ڏاڍو مخمور
ڪري ٿو. آءُ ته ائين ئي چوندس ته پاتال ۾ ٽٻين هڻڻ
کان سواءِ ئي مون کي ساڃاهه جون سپون ڪنڌيءَ تي
ملي رهيون آهن.
امين سومرو لاکائي
[ميرپور بٺورو]
****
[8] مهراڻ پنهنجو مسلسل سفر ڪندو، اڄ به پنهنجي ادبي ساک
برقرار رکيو اچي ٿو. مهراڻ جو تازو پرچو (سواءِ
قيمت گهڻيءَ جي) بهترين ادب سان اسان جهڙن نون
لکندڙن جي رهنمائي ڪري ٿو.
مهراڻ ۾ توهان طرفان ڏنل عزت افزائي هميشه من کي مسرور ڪندي
رهندي آهي. ڪجهه وقت جي وٿيءَ کان پوءِ مهراڻ جي
سفر ۾ گڏجڻ چاهيان ٿو.
گل بهار باغائي
****
[9] اوهان جي اداري جي طرفان تقريباً مهينو کن اڳ ڪاوڙ ڀريو خط
پهتو هو. جواب لکڻ ۾ دير ان لاءِ ٿي جو آءُ پنهنجي
ڪتاب جي اشاعت ۾ ٿورو مصروف هيس.
مهراڻ اونهارو 2004ع ۾ ڇپيل منهنجي هڪ غزل ۾ هڪ سِٽ جي تبديلي
ڪئي ويئي هئي. اُنڪري مون کي ڏک رسيو هو. ڇو ته
آءٌ ڪنهن ٻئي جي سڄي ساري سِٽ قبول نه ٿو ڪري
سگهان. جهڙي تهڙي شيءِ پنهنجي هجي، بقول اياز:
”ٻئي جي کهنبي کي ڏي ٻن،
پنهنجي لوئي، پنهنجي لاک.“
اهو منهنجو اصول ۽ ايمان آهي. منهنجي غزل جو بند هو:
هِي هيکلائي لڳي ٿِي تکي انڌي آنڌي،
پتوپتو ٿي ڇڻياسين، ته ڪيرُ ڳوليندو!
امداد لکي ٿو: ”مٿينءَ سٽ ۾ ’انڌي‘ کي توهان ’اَڌي‘ ڪيو آهي ۽
’ن‘ کي حذف ڪيو آهي، جيڪو ڪرڻو نه آهي، بلڪه ڳڻڻو
آهي. ٻيءَ سِٽ ۾ ’پتوپتو‘ سنڌي لفظ نه آهي:
وشال سمنڊ ڏکن جو آ پنهنجي چوڌاري.
’آهي‘، ’آهه‘ ۽ ’آ‘ مستعمل صورتون آهن، پر ’آ‘ کي ’اَ‘ ڪرڻ صحيح
نه آهي، اُن لاءِ ’هو‘ ڪيو ويو.“
اُن لاءِ عرض ڪريان ته مون برابر ’انڌي‘ جو ’ن‘ حذف ڪيو آهي،
جنهن جي اجازت آهي. ڇو نه ڪرڻو آهي. اُن جو سبب
ٻُڌايو ها ته رهنمائي ٿئي ها. ۽ ’پتو‘ لفظ سنڌي
شاعريءَ ۾ اڪثر استعمال ڪيو ويو آهي. خود امداد جي
شاعريءَ (مهراڻ اونهارو 2004ع) ۾ غير سنڌي لفظ
استعمال ڪيل آهن. مثلاً وشواس، اتهاس، اپنياس،
مشين، ايئرڪنڊيشنڊ، روم، ٽيبل ليمپ، پين،بلئڪ
اِنڪ، اُماس، ڪوِتا، شرٽ، آفيس، لائيٽ، ٽي وي، ۽
ڇا هي سنڌي لهجو آ:
ابنِ مريم، خاص الخاص، چشمِ تصور!
ڇا سنڌي ۾ زير اضافت جائز آهي؟
ٻي ڳالهه ته ’آ‘ کي عروض ۾ ’اَ‘ ڪرڻ جي به اجازت آهي. ڏسو:
’بُک جو خنجر رکيو ”آ‘ نڙ گهٽ تي.‘
اِها سٽ هڪ استاد شاعر محسن ڪڪڙائيءَ جي هڪ غزل جي آهي، جيڪو به
مهراڻ اونهارو 2004ع جي شماري ۾ ڇپيو آهي. تنوير
عباسيءَ جو شعر:
تڏهن شعر تنوير لکبو”آ“ دل تي،
جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ.
ٻنهي سينئر شاعرن ”آ“ کي ”اَ“ جي آواز طور استعمال ڪيو آهي.
’پتوپتو ٿي ڇڻياسين‘ ۾ جيڪو ردم آهي، اُهو ”ٿي پن پن ڇڻياسين“ ۾
ڳولئي نه ٿو لڀي!
يا هيءَ سِٽ ڏسو:
”سرءُ جي زرد هوا آهه ۽ اڪيلائي.“
ڇا هوا به زرد ٿيندي آ؟ (هوا ته بي رنگ آهي!)
منهنجي پوءِ موڪليل نظمن بابت لکيو ويو آهي:
”هاڻي توهان جو جيڪو نظم پهتو آهي، اُن ۾ ڇا ’خاص/آهي يا ڇند
تي؟“ نظم ٻيهر پڙهي ڏِسو، ته منهنجي نظم جو
عروض/ڇند توهان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندو. اُن
ساڳئي وزن تي شيخ اياز صاحب به نظم لکيا آهن. ’وڄن
وسڻ آئيون‘ کولي ڏِسو.
’پورو ڪيم پنڌ‘ جي لفظ ’ڪيم‘ جي ’ي‘ تي شد ڏيڻ سان ماترا پوري
ٿي ويندي. منهنجي ڪلهي تي ڪنهن جو (ڪنڌ) ستو آهي،
اِهو مان ئي ڄاڻان ٿو. توهان کي ڪيئن سمجهايان ته
ڪنڌ سُمهندو به آهي!
”آزاد نظمن ۾ توهان جيئن ”صبح“ [ص/بح] ڪتب آندو آهي، جيو اصل ۾
[صب/ح] آهي.“
اُن لاءِ عرض ڪريان ته ڪجهه لفظ ٻنهي صورتن ۾ استعمال ڪبا آهن.
جيئن: صبح، شُهرُ ۽ پِرهه وغيره. مون ’ص/بح‘ استعمال ڪيو آهي،
ان صورت ۾ اڳ ۾ به استعمال ٿيل آهي، ڏسو:
”صُبح (ص/بح) جي چڱي مهل آهي [گهڻي]
رکي خاصيت اُن ۾ خاص ڌڻي“
(نظم: ”صبُح“، شاعر: محمد صديق مسافر)
(حوالو: سنڌي ٽيون ڪتاب-سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ)
رهي ڳالهه ڪلاسيڪل، روايتي ۽ جديد دَور جي شاعرن جي، ته مون کي
سڀني ڪلاسيڪل، روايتي، جديد (۽ نئين ٽهيءَ) جي
شاعرن لاءِ عزت ۽ احترام آهي. جيڪڏهن اعتراض هو/
آهي ته اِهو صرف ان تي ته توهان جديد دَور ۾ جيڪو
شاعرن جو ٽڪنڊو رکيو آهي-مخدوم طالب الموليٰ، شيخ
اياز ۽ تنوير عباسي، ته ڇا جديد دَور ۾ صرف اِهي
ٽي شاعر ئي اهم رهيا آهن؟ جڏهن ته ساڳئي دَور ۾
ڪشچندبيوس، استاد بخاري، نياز همايوني، نارائڻ
شيام، امداد حسين، بردو سنڌي، هري دلگير، هوند راج
دُکايل، کيئلداس فاني، حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا به
ساڳي اهميت لهڻن.
حبدار سولنگي
[ڳيريلو]
**** |