ماضيءَ جي روشني:
اُن جي اھميت ۽ حدون
آرنلڊ جي ٽائنبي/مراد علي مرزا
انساني نسل جي مقدر جو سوال ماڻھن جي ذھن ۾ ھميشه ٿرٿلو پيدا نه
ڪندو آھي. جڏھن زندگيءَ ۾ اطمينان ھجي ۽ اُھا
محفوظ ھجي، تڏھن ماڻھن جي اڪثريت ظاھري طرح حال جي
علمي مقصدن لاءِ گهربل اوني کان وڌيڪ آئيندي جي
اوني جي خفي ۾ نه پوندي آھي. اصول مطابق ماڻھن کي
حال جي اُفق کان پري مستقبل جي باري ۾ سخت ڳڻتي
فقط اُن وقت ٿيندي آھي، جڏھن وقت ھٿن مان نڪري
ويندو آھي ۽ جڏھن سڀيئي اُميدون ختم ٿي وينديون
آھن. اسان جي اڄ جي پيڙھي ھڪ اھڙي زماني ۾ رھي ٿي
جڏھن ڳڻتي ۽ فڪر جي پَٽ کوھه چڙھيل آھي. مستقبل ۾
ڇاٿيندو؟ جڏھن اُھو اسان جي مٿان اچي ڪڙڪندو ته
اسين اُن مان ڪيئن لاڀ پرائينداسين؟ اسان جي
موجوده صورتحال ۾ اسان جي ڌيان تي اھڙا ئي سوال
ڌوڪيندا ايندا آھن جيئن ته مستقبل اسان کان اُن
وقت تائين لڪو پيو آھي جيستائين اِھو ظاھر نه ٿو
ٿئي، تنھنڪري اُن کي سمجھڻ لاءِ اسان کي ماضيءَ
ڏانھن ڏسڻو پوندو.اسان کي ماضيءَ ۾ جيڪو تجربو
حاصل ٿيو آھي، فقط اُن جي روشنيءَ ۾ ئي اسين
مستقبل کي سمجھي سگهون ٿا. تاريخ جو ھڪ ٻيو نالو
’تجربو‘ آھي. اسين جڏھن تاريخ جو ذڪر ڪريون ٿا،
تڏھن اسين گهڻو ڪري انساني نسل جي گڏيل تجربي بابت
سوچيندا آھيون؛ پر اسان مان ھر ھڪ فرد پنھنجي
اڪيلي زندگيءَ جي مدت ۾ جيڪو ذاتي تجربو ڪري ٿو،
اھو پڻ حقيقت ۾ تاريخ آھي. عام زندگيءَ وانگر ذاتي
زندگيءَ ۾ پڻ تجربي جي وڏي عزت ڪئي ويندي آھي. ۽
اِھا بلڪل صحيح ڪئي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري
اِھا ڳالھه قبول ڪئي ويئي آھي ته تجربو اسان جي
فيصلي کي ٽيڪ ڏئي ٿو ۽ اسان ۾ اُھا لياقت پيدا ڪري
ٿو ته اسين پنھنجي مرضيءَ مطابق پسند يا ناپسند جو
بھتر فيصلو ڪريون. سڀني وقتن تي _ سٺي وقت تي ۽
خراب وقت تي پڻ _ اسان کي پنھنجن انساني معاملن کي
اُڪلائڻ لاءِ لازمي طرح مستقبل جي رٿابندي ڪرڻي
پوندي. اسين مستقبل لاءِ رٿابندي اُن خيال کان
ڪندا آھيون ته جيتريقدربه ٿي سگهي، اُن تي اسان جو
قبضو رھي ۽ اُن کي اھڙيءَ طرح ٺاھيون جو اسان جا
سڀيئي مقصد پورا ٿي وڃن. مستقبل کي پنھنجي قبضي ۾
رکڻ ۽ اُن کي پنھنجي مرضيءَ مطابق ٺاھڻ جي اھا
شعوري ڪوشش ھڪ بلڪل انساني سرگرمي آھي. اِھا اُنھن
خصوصيتن مان ھڪ خصوصيت آھي، جيڪا اسان کي اُن ٻيءَ
ساھواري مخلوق کان جدا ڪري ٿي، جيڪا ڌرتيءَ تي
اسان سان گڏ رھي ٿي. اسين اڳيان ڏسڻ کان سواءِ
رٿابندي ڪري نه ٿا سگهون، ۽ اسين اُن وقت تائين
اڳيان ڏسي نه سگهنداسين جيستائين تجربي جي روشني
اسان جي لاءِ مستقبل کي روشن نه ڪندي.
تنھنڪري پڪ سان تجربي مان حاصل ڪيل روشني ئي بي بھا ھوندي آھي،
فقط اُھائي ھڪ رھنما آھي، جنھن جي وسيلي اسين
پنھنجي مستقبل سان مُنھن مقابل ٿي سگهون ٿا. پر
جڏھن اُھو شعبو، جنھن ڏانھن اسين مستقبل جي واسطي
غور سان ڏسون ٿا، انساني معاملن جو شعبو ھجي ته
پوءِ اسان کي پاڻ کان ھيءُ پڇڻو پوندو ته اُن شعبي
۾ مستقبل جي باري ۾ معلومات ڪيتريقدر اعتبار جوڳي
آھي، جيڪا تجربي جي روشنيءَ کي اسان جي علم ۾ وٺي
اچي ٿي؟ ڇا اُن شعبي ۾ ماضي اسان کي مستقبل جي
باري ۾ ڪا اھڙي بلڪل صحيح ۽ ٺيڪ معلومات ڏئي ٿو،
جنھن جي آڌارتي اسين پوري ڀروسي ۽ اعتماد سان
مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪري سگهون ٿا ته اھي سچ
ثابت ٿي پنھنجو بچاءُ ڪنديون؟
اسان جي غير انساني قسم جي لاڳاپن ۾، جيڪي ھڪٻئي سان پنھنجو پاڻ
سان لاڳاپن کان بنھه نمايان ۽ جدا ٿين ٿا، اِھو
سوال ڪو کليل سوال ڪونھي. ھتي ڪامياب اختيار _ يا
ڪامياب اڳڪٿي اُنھن شعبن ۾ جيڪي اڃا تائين اسان جي
جسماني پھچ کان مٿي ٿين ٿا معمول جي ھڪ ڳالھه آھي.
اسين ڪيميائي عمل جو ھڪ سلسلو شروع ڪري سگهون ٿا ۽
پڪ آھي ته جيڪڏھن اسان اِھو عمل صحيح طريقي تي ڪيو
ته اُن جو نتيجو به صحيح نڪرندو. اُن ساڳئي طريقي
سان اسين مشين ٺاھي سگهون ٿا ۽ خاطري آھي ته اِھا
ڪم ڪندي. فلڪيات جي شعبي ۾ اسين اڃا رڳو پنھنجي
گرھه جي ويجھي پاڙيسري ۽ ننڍي گرھه چنڊ سان طبيعي
ٽڪر کائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آھي؛ پر گذريل گهٽ ۾
گهٽ 500، 2 ورھين جي عرصي ۾ فلڪيات جا ڪيترائي
ماھر موجود ھئا جن چنڊ گرھڻ جون اڳڪٿيون ايتريون
ته صحيح ڪيون آھن جيڪي ھڪ عام ماڻھوءَ کي حيرت ۾
وجھيو ڇڏين. اِھو فقط اُن وقت ممڪن ٿي سگهيو ھو
جڏھن بابل جي عالمن ھڪ وڏي عرصي تائين آسماني گرھن
مان ڪن گرھن جي بيھڪ جي باري ۾ صحيح مشاھدن جو ھڪ
تمام وڏو تعداد ڪٺو ڪيو ھو. اُن گذريل تجربي جي
روشنيءَ ۾ فلڪيات جي ماھرن ۾ اِھا لياقت پيدا ٿي
سگهي ھئي جو اُھي بيجان فطرت جي ھن ميدان ۾
ڪاميابيءَ سان اھڙي اڳڪٿي ڪري سگهيا ھئا ته مستقبل
۾ ڪن خاص وقتن تي اُنھن ساڳين آسماني گرھن جي پاڻ
۾ لاڳپيل بيھڪ ڪھڙي ٿي سگهندي. تارن جي ڀيٽ ۾
انسان ته ڇڏيو پر ٻين ساھوارن سان به مُنھن ڏيڻ
ڏاڍو مشڪل ڪم آھي. اُنھيءَ ھوندي به ھاري، جيڪي
فصل حاصل ڪرڻ جي اُميد تي زمين ۾ ٻج پوکين ٿا،
اُنھن کي اڪثري موسم جي من موجيءَ جي ھوندي به
پنھنجيءَ محنت جو صلو ملي ويندو آھي، جيستائين جو
اُھي اھڙيءَ زمين ۾ پوکيءَ جي ڪوشش نه ڪن، جيڪا
تمام گهڻي خشڪ ھجي يا ڪيميائي طور تي نحوست واري
ھجي؛ ۽ چوپائي مال جو نسل وڌائڻ وارا به اڪثر ڪري
ڪاميابيءَ سان نسل وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن.
جيتوڻيڪ وراثتي جيوڙي جي خصلت جي باري ۾ اسان جي
ڄاڻ اڃا شروعاتي آھي. نسل وڌائيندڙ ۽ ھاري مجموعي
طور تي ڪامياب آھن، ڇاڪاڻ ته اُھي به فلڪيات جي
ماھر، انجنيئر ۽ ڪيميادان وانگر پنھنجو ڪم تجربي
جي روشنيءَ ۾ ڪندا آھن. ظاھر آھي ته اُھي
ڪاميابيون، پوءِ اُھي کڻي مڪمل ھجن يا ٿوريون، ان
ڪري ئي ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته اُنهن سڀني شعبن ۾ فطرت
پنھنجيءَ بڻاوت ۾ گهٽ يا وڌ ھڪجھڙي ٿئي ٿي ۽ اُن
جو ڪاروبار پابنديءَ سان ھلندو رھي ٿو. ھت مجموعي
طرح شيون جيئن رھيون آھن، تيئن آھن(1).
تنھنڪري، اُنھن شعبن ۾ تجربي جي اھميت
حقيقت ۾ قطعي ھوندي آھي. ھت تجربي جي ڪري اسين خاطريءَ سان
اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا.
اُن جي ابتڙ، انساني معاملن جي شعبي ۾ تجربي جي ڪري اسين رڳو
اُنو مان ظاھرڪرڻ لائق ھوندا آھيون. اُن شعبي ۾
جيڪو ماضيءَ ۾ ٿي چڪو آھي اُھو پڪ سان ٻيھر ٿئي،
پر اُھو ٻيھر ٿيڻ ضروري ڪونھي ۽ حقيقت ۾ اُھو
پھرين پھرين ٿيڻ غير ضروري ھو. تجربو اسان کي
ٻڌائي ٿو ته مستقبل جا ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ امڪان
آھن، پر اُھي کڻي ڪيترا به ھجن، اسان کي ڪڏھن به
اھا خاطري ٿي نه سگهندي ته اسان کي جيڪا تفصيلي
فھرست ملي آھي اُھا جامع به آھي. حقيقت ۾ ھر ڀيري
جيڪي به ٿي گذري ٿو اُن مان ثابتي ملي ٿي ته اُن
جو ڪوبه تحريري مثال ڪونھي. اھڙيءَ ريت انساني
معاملن ۾ ماضي جيڪا روشني مستقبل تي وجھندو آھي،
اُھا اسان جي عمل جي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڀروسي
جوڳي رھنمائي ڪندي. ذاتي زندگيءَ ۾ ڪوبه عقلمند
شخص اھڙي اُميد نه ڪندو ته ماضيءَ جي تجربي جي
آڌار تي علم رياضيءَ مطابق مستقبل جي صحيح اڳڪٿي
ڪري سگهندو. ذاتي تجربي جي ڪري ڪنھن ڳالھه جي
اندازي ڪرڻ ۾ وڏي ھٿي ملي سگهي ٿي _ اُن کان وڌيڪ
نه؛ ۽ اجتماعي تجربو، جنھن کي اسين تاريخ سڏيندا
آھيون، اسان جي لاءِ اُن کان وڌيڪ ڪجھه به ڪري نه
ٿو سگهي.
انساني معاملن ۾ اُھو ڪھڙو عنصر آھي جيڪو ھت ٺيڪ علم رياضيءَ
مطابق اُن اڳڪٿيءَ کي ناممڪن ڪري ڇڏي ٿو، جيڪو غير
انساني فطرت جي باري ۾ اسان جن اندازن کي شاندار
طريقي سان ڪامياب ڪري ٿو. ظاھر آھي ته انساني
معاملن جي ميدان ۾ اسان جي اھا اڄاتل قوت خود
انسانن جي پنھنجي ظاھري پسند آھي.
ڪوبه ٻيو شخص پڪ سان اھڙي اڳڪٿي نه ٿو ڪري سگهي ته ڪنھن اھڙيءَ
صورتحال ۾ سندس پاڙيسريءَ جي ڪھڙي پسند ھوندي جڏھن
کيس پنھنجي پسند کي ظاھر ڪرڻ جو اختيارمليل ھوندو.
ٿي سگهي ٿو ته مون پنھنجي پاڙيسريءَ جي ورتاءَ جو
تمام ويجھڙائيءَ کان ڪيترن ئي سالن جي مدت ۾ اڀياس
ڪيو ھجي. مون کي اِھو مشاھدو ٿيو ھجي ته ھن ڪنھن
بار بار ٿيندڙ صورتحال تي اھڙيءَ ريت باقاعدگيءَ
سان رد عمل ڏيکاريو آھي، جيڪو بلڪل اھڙو آھي جيئن
زمين جو سج جي چوڌاري ساليانو ڦيرو ھوندو آھي. اُن
تجربي جي روشنيءَ ۾، مون پنھنجي پاڙيسري جي
’ڪردار‘ جي ذھني تصوير ٺاھي ھجي، ۽ ھن جي شخصيت جي
اُن ظاھر طرح ساڪن ۽ مستقل بڻاوت جي آڌار تي آءُ
اھا اڳڪٿي ڪرڻ جي ھمت ساري سگهان ٿو ته جنھن ھڪ
ڀيرو وري اھڙوئي رد عمل ڏيکاريندو جھڙو ھن اڳ
ڏيکاريو ھو. جيڪڏھن منھنجو پاڙيسري ڪو تارو يا ڪو
ڪيميائي جزو ھجي ھا ته مون کي اڳواٽ ئي خاطري ٿئي
ھا ته اُن واقعي جي ڪري منھنجو طرز عمل سچو ثابت
ٿيندو. اُن صورت ۾ مون کي خاصي پڪ ٿئي ھا جيڪڏھن
ھو (پاڙيسري) بوتو پاليل جانور ھجي ھا. پر جيئن ته
ھو ھڪ انسان آھي، تنھنڪري آءُ پاڻ خطرو کڻي ھن جي
ورتاءُ بابت پنھنجي تجربي تي ڀروسو ڪندس. جيڪڏھن
آءُ اُن تي ڀروسو ڪريان ٿو(۽ مون وٽ رڳو اِھا ئي
روشني آھي) ته پوءِ آءُ دير يا سوير ھارائي ويندس.
ھن جو رد عمل سَو سيڪڙو ڪامياب ٿي سگهي ٿو، پر ھڪ
سَو ھڪ موقعي تي ھو منھنجي نقصان لاءِ عملي چرچو
ڪري منھنجي طريقي کي اجايو ثابت ڪري سگهي ٿو. ھن
ڀيري سندس پسند اِھا ھوندي ته اھڙي ڏيکائي ڏئي
جنھن جھڙي اڳ ھن ڪڏھن به نه ڏني ھئي. حقيقت ۾ ڪوبه
ماڻھو اھڙي اُميد ڪيئن ٿو ڪري سگهي ته ھو اھڙي
اڳڪٿي ڪري سگهندو ته ڪنھن شخص جي ڇا پسند ڪرڻ
ھوندي. جڏھن ته مشاھدي ۾ اِھو آيو آھي ته خود پسند
ڪرڻ واري شخص کي به اڪثر ڪري ڄاڻ نه ھوندي آھي ته
پسند ڪرڻ وقت سندس اڳيان ڪھڙا امڪان موجود ھئا
جيستائين ھن پاڻ فيصلو نه ڪيو ھجي؟ اسان سڀني کي
ان ڳڻتيءَ ۽ پيڙا جو تجربو ٿيو ھوندو جيڪو ڪنھن
شخص کي اُن وقت ٿئي ٿو جڏھن کيس ڪنھن اھم مسئلي تي
ڪو مشڪل فيصلو ڪرڻو پوندو آھي.
ھڪ انسان جي اِھا ظاھري آزادي جنھن مطابق ھوا اھڙا فيصلا ڪري ٿو
جن جي ڪا اُميد ئي نه ھوندي آھي، آزاد خياليءَ جو
مذھبي ۽ فيلسو فاڻو سوال اُٿاري ٿي. ڇا انساني
ارادي جي اِھا ظاھري آزادي حقيقت آھي يا ڪو وھم؟
اُنھن سڀني ذھني تڪرارن ۾، جن ۾ ديني عالمن ۽
فيلسوفن ھميشه حصو پئي ورتو آھي، ھيءُ اھڙو تڪرار
آھي جنھن جو ڪو فيصلو ئي نه ٿيو آھي. ممڪن آھي ته
اُن سوال جو جواب ديني علم يا منطق جي اصطلاحن ۾
نه ٿو ڏئي سگهجي. نفسيات، جيڪا اُن سوال جو ترجمو
پنھنجن جدا جدا اصطلاحن ۾ ڪندي، ممڪن آھي ته گهڻو
ڪامياب ٿئي يا نه به ٿئي. جيئن ته نفسيات انسان جي
لاشعور جي گهرائين جي چڪاس ڪري ٿي، تنھنڪري اُن جي
ذريعي معلوم ٿي سگهي ٿو ته اُن سطح تي ھڪ شخص جي
ذھني سرگرمي ’قدرت جي قانون‘ مطابق ھوندي آھي،
جيڪا تارن جي حرڪت وانگر پابنديءَ سان ڪم ڪري ٿي.
اُن ھوندي به لڳي ٿو ته سمجھه ۽ ڄاڻ جي سطح تي
انساني ذھن جو پاڻمرادو ۽ آزاديءَ سان عمل ڪري ٿو؛
۽ جيئن ته انساني ذھن کي چڪاس ڪرڻ جي اڃا مس
شروعات ٿي آھي، تنھنڪري اسين اُن سوال جي آخري
جواب بابت ڪو انو مان ڪڍي نه ٿا سگهون ته انساني
ارادي جي اھا ظاھري آزادي ڪا حقيقت آھي يا ڪو
فريب.
خوش قسمتيءَ سان ھن بحث جي سلسلي ۾ اُن سوال کي اِتي ئي ڇڏي
ڏيون ٿا. اسان کي حقيقت کان پري ڏسڻ جي ضرورت نه
آھي _ ۽ اِھا ھڪ اھڙي حقيقت آھي جنھن لاءِ ڪو سوال
ئي نه ٿو اُٿاري سگهجي _ ته ماڻھن کي مستقبل جي
انساني پسند جي باري ۾ اڳ ڄاڻ نه ھوندي آھي.
تنھنڪري اُن شعبي ۾ اسين اعتبار جوڳيون اڳڪٿيون نه
ٿا ڪري سگهون، اسين رڳو جوکي وارو انومان ڪڍي
سگهون ٿا. ماڻھو پنھنجيءَ پسند جي سلسلي ۾ ڪھڙو
طريقو اختيار ڪندا، اھڙي اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ اسان جي
لاچاري انساني ذھن لاءِ اھو نا ممڪن ڪريو ڇڏي ته
اُھو انسان جي گذريل تاريخ جي علم جي آڌار تي
اڳواٽ ڏسي سگهي ته مستقبل ۾ انساني معاملا ڪھڙو رخ
اخيتار ڪندا. اِھو فيصلو آخري آھي؛ پوءِ کڻي شعور
۽ ارادي ۽ نفس جي ٻين لازمي جزن جي وچ ۾ جيڪو
لاڳاپو آھي، اِھو کڻي ڇا به ثابت ڪري جيتوڻيڪ ۽
جڏھن ته انساني معاملن جي اڀياس لاءِ نفسياتي
نقطئه نظر کان نفسيات جي ھڪ وسيع ۽ اڻڄاڻ دنيا جي
ڏاڍي اثرائتي نموني ۾ ڇنڊڇاڻ ٿي ويئي آھي _ ۽ اُن
ڇنڊڇاڻ جو طريقو اسان جي زماني ۾ ھڪ پيڙھيءَ کان
به گهٽ پراڻو آھي. انساني نفس جو اِھو لاشعور جزو
ممڪن آھي ته طبيعي مادي وانگر، جنھن جو انساني جسم
ٺھيل آھي، سختي ۽ باقاعدگيءَ سان ڪم ڪري. انساني
لاشعور ۽ انساني جسم جا عمل به فطرت گڏوگڏ جاري
رھڻ جو ثبوت ڏئي سگهن ٿا. اُن ھوندي به فطرت کڻي
ڪيتري به ترتيب سان پنھنجا پتا نفس ۽ ذھن جي اُن
خاني ۾ سَٿي رکي، ۽ انساني فطرت جو اڀياس ڪندڙ
شاگرد اُن کي سمجھڻ لاءِ کڻي ڪيترو به ڪامياب ٿئي
ته ھت فطرت جو طريقو ڪھڙو آھي، پر اُن بنياد تي
مستقبل ۾ ڪنھن شخص جي ڪرڻ وارن عملن بابت اعتبار
جوڳيون اڳڪٿيون ڪرڻ جي ھر ڪوشش کي اُن خاني ۾
’جوڪر جي پتي ‘جي موجودگيءَ جي ڪري رد ڪيو ويندو،
جنھن کي اُتان نه ڪڍي سگهجي ٿو ۽ نه اُن تي ڀروسو
ڪري سگهجي ٿو ته اُھو مستقبل ۾ به اھڙيءَ ريت
ورتاءُ ڪري جيئن اُن عام طرح ماضيءَ ۾ ورتاءُ ڪيو
ھو. اُھو اَرڏو جوڪر انساني ارادي جي ظاھري آزادي
آھي جيڪا ساڳئي چئلينج جا مختلف جواب ڏيندي، جڏھن
اُھو ساڳيو چئلينج مختلف موقعن تي اُن جي آڏو
ايندو. شعر ۽ ارادي جي اُن معيار تي، چئلينج ۽
جواب گڏجي ساڳيو نتيجو نه ڏيکاريندا ۽ نه وري علت
۽ معلول جو لاڳاپو ساڳيو ھوندو.
جيڪڏھن اِھو صحيح آھي ته اھڙي اڳڪٿي ڪري نه ٿي سگهجي ته مستقبل
۾ انساني معاملا ڪھڙو رخ اختيار ڪندا _ ۽ اھو شايد
حقيقت ۾ انساني نفس جي بڻاوت جي ڪري آھي _ ته ڇا
اسين اُن نتيجي تي پھچون ته انساني معاملن کي
سمجھڻ لاءِ ماضيءَ جي تجربي مان ڪابه رھنمائي نه
ملندي ۽ اِھو ته اُن جي ڪري انساني تاريخ جو اڀياس
ڪرڻ اجايو آھي؟ ماضيءَ تائين اسان جي پھچ لاءِ، ڇا
اسين انساني تاريخ کي ھڪ بيھودي بڪواس سمجھي رد
ڪري ڇڏيون ۽ پنھنجيءَ ڪوشش کي جانٺن وھڙن جي سٺن
نسلن ۽ ڪڻڪ جي پيداوار کي قلمبند يا فلڪيات جي
مشاھدن جي جدولن کي مرتب ڪرڻ تائين محدود رکون؟
غير انساني فطرت جا شاگرد، جيڪي اُن شعبي ۾ سخت
باقاعدگيءَ جا عادي ٿين ٿا، ٿي سگهي ٿو ته ائين
سمجھن ته ڪنھن به شعبي ۾ اثرائتي اڀياس ڪرڻ لاءِ
اِھو شرط تمام ضروري آھي. تنھنڪري اُھي ممڪن آھي
ته اِھو نتيجو ڪڍن ته انساني معاملن جو اڀياس عمل
جوڳوئي نه آھي. اِھو به قبول ڪري سگهجي ٿو ته
انساني معاملن جو تجرباتي علم (سائنس) اسان وٽ
موجود نه آھي، جيڪڏھن تجرباتي علم مان اسان جي
مراد (جيئن اسين ھن وقت عام طرح اُن لفظ جو مطلب
سمجھندا آھيون) اڀياس جو ھڪ اھڙو طريقو آھي، جيڪو
اعتبار جوڳي اڳڪٿيءَ جي امڪان کي جنم ڏئي ٿو. پر
اِن بنياد تي تاريخ جي اڀياس کي ترڪ ڪري ڇڏڻ جو
مطلب ٿيندو ته سائنسي شڪ کي وڌيڪ قبول ڪيو وڃي.
اڀياس کي تشريحي ھجڻ لاءِ سائنسي ٿيڻو نه آھي. جتي
اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن نه آھي اُتي قياس کان ورتل ڪم جي
قيمت ٿي سگهي ٿي. پر اِن شرط تي ته جڏھن اسان جي
اڀياس جو شعبو انساني معاملا آھن ته مستقبل تي
پوندڙ ماضيءَ جي اُن روشنيءَ جي حدن ۽ پڻ اُن جي
اھميت کي سڃاڻون. اُن شعبي ۾ ۽ اُن کان سواءِ نسل
ڪشي ۽ فلڪيات جي عملن ۾ پڻ ’ڪٿان‘ واري سوال جو
جواب اسان جي ٿوري رھنمائي ڪندو ته جيئن اسين
’ڪيڏانھن‘ واري سوال جو جواب سمجھي سگهون.
حقيقت ۾ انساني معاملن جي شعبي ۾ ’ڪٿان‘ ۽ ’ڪيڏانھن‘ جو مطلب ئي
ھن ڪتاب جو موضوع آھي. اسين ڪوشش ڪنداسين ته اُنھن
مسئلن جو جائزو وٺون جن اسان کي ھن دَور ۾ ھڪ وڏي
پريشانيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آھي. اسين ھر مسئلي جي
باري ۾ پنھنجي ماضيءَ جي واقعن تي نظر وجھنداسين ۽
معلوم ڪنداسين ته ڇا ڪي اھڙيون تاريخي حالتون به
ھيون جيڪي اسان جي دَور جي حالتن سان ملي اچن
ٿيون. اسان جو مقصد اِھو فرض ڪرڻ ھوندو ته جيڪڏھن
اسان کي صحيح تاريخي مثال ملي ٿا وڃن ۽ جيڪڏھن
اسين اُنھن کي سائنسي خاڪن سمجھڻ جي غلطي نه ٿا
ڪريون ته اُنھن جي ڪري اسين پنھنجي موجوده صورتحال
کي وڌيڪ بھتر نموني ۾ سمجھي سگهنداسين ۽ ٿي سگهي
ٿو ته شايد اسين اُن کي وڌيڪ ڪاميابيءَ سان مُنھن
ڏيون. جيتوڻيڪ اُھو مقصد معمولي آھي، پر اُن ھوندي
به ڪوشش ڪرڻ لائق ضرورآھي.
”.... فلسفي جي دنيا ۾ افلاطون انتھائي ھمـه گير شخصيت جو مالڪ
آھي. ھو يونان جي عظيم استاد ۽ انسان سقراط جو
شاگرد ھو. فلسفي جي تاريخ ۾ افلاطون پنھنجي نظريه
اعيان (Theory of Ideas
)جي ڪري مشھور آھي. ان کان سواءِ روح جي لافاني
ھجڻ، تخليق ڪائنات جي مخصوص نظريي، علم يا ڄاڻ
بحيثيت يادگيري وغيره. سندس اھڙا نظريا آھن جيڪي
کيس ھميشـﮧ لاءِ فلسفي ۾ زندھه رکندا اچن ٿا.
_ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
[”صوفي لاڪوفي“، ص 22]
شيخ اياز _ سنڌي ٻوليءَ
کي نئون جنم ڏيندڙ شاعر
ادل سومرو
پھريون پھريون لفظ خدا جو
’ڪُن فيڪون‘
شاعر، موسيقار، مصور
سڀ ۾ ساڳيو
جوش جُنون
ھر ڳالھه جي شروعات ھڪ لفظ سان ٿئي ٿي لفظ جڏھن ڊڪشنريءَ ۾ سُتل
آھن ته خاموش آھن. شاعري پنھنجي آرٽ وسيلي اُنھن
لفظن کي پس منظر ڏيئي جڏھن شاعريءَ ۾ استعمال ڪري
ٿو ته اُھي جاڳي پون ٿا ۽ ڳالھائين ٿا. تخليقي
اظھار ۾ لفظن وارو حصو فن ۾ ڳڻجي ٿو. ھڪ وڏو
تخليقڪار اُھو آھي، جنھن وٽ شعوري سگهه ۽ فڪري
رنگينين سان گڏ لفظن جو اھڙو ذخيرو ھجي، جن کي ھو
پنھنجيءَ مرضيءَ مطابق استعمال ڪرڻ جي صلاحيت
رکندو ھجي. اِھي لفظ ئي آھن، جن مان ترڪيبون،
علامتون، تشبيھون ۽ استعارا جُڙن ٿا، جيڪي اظھاري
انداز کي سُونھن بخشين ٿا. ھڪ سِٽَ کي مصرع بڻجڻ
لاءِ اھڙن ئي مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو.
اظھاري انداز کي اثرائتي بڻائڻ لاءِ فن ۽ فڪر ۾ ھم آھنگي ضروري
آھي. ڪوبه بلند خيال، فني کوٽ سبب گهربل رسائي ۽
مڃتا ماڻي نه سگهندو، نه ئي فقط فني خوبيون سطحي
ويچارن جي عيبن کي لڪائي سگهنديون. ھونئن ته
ڳُوڙھن ويچارن، تحقيق، تاريخ ۽ تنقيد جي سلسلي ۾
نثري لکڻيون وڏي اھميت رکن ٿيون، پر ٻوليءَ کي
سُونھن ۽ سُندرتا بخشڻ وارا ۽ اُن جي حفاظت ڪرڻ
وارا ”شاعر“ ئي ھوندا آھن. دنيا ۾ ھزارين ٻوليون
آھن. ڪي ڏينھون ڏينھن ترقيءَ ڏانھن وڌي رھيون آھن
ته ڪي وري پوين پَساھن ۾ آھن. پنھنجي دَورجون
ڪيتريون ئي شاھوڪار ٻوليون، ھاڻي فقط حوالي طور
استعمال ٿين ٿيون.
سنڌي ٻوليءَ جي اِھا خوش قسمتي آھي جو اُن کي جياپي جي ڏکين
حالتن ۾ شاھه لطيف جھڙو عظيم شاعر مليو، جيڪو وڏي
مفڪر ھئڻ سان گڏ اعليٰ درجي جو آرٽسٽ به ھو.شاھه
کان سواءِ قاضي قادن، شاھه ڪريم، ميين شاھه عنات،
خواجه محمد زمان، سچل سرمست، خليفي نبي بخش، سامي،
روحل، بيدل، بيڪس ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن سنڌي
ٻوليءَ جي وسعت ۽ واڌاري ۾ پنھنجو پنھنجو ڪردار
ادا ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي ماھيت کي خار جي اثرن
کان محفوظ ڪيو. اُنھن عظيم شاعرن کان پوءِ سنڌي
ٻوليءَ تي وري اھڙا ڏينھن آيا، جو اُن جي ڪلاسيڪي
ورثي کي بچائڻ ۽ اُن کي ھڪ تسلسل ۾ اڳتي وڌائڻ
لاءِ وري ھڪ وڏي شاعر جي ضرورت محسوس ٿي. سنڌي
ٻوليءَ جا ڀاڳَ جاڳيا جو اون کي ويھين صديءَ ۾ شيخ
اياز جھڙو شاعر مليو. شاھه لطيف ھڪ دَور ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ اُن جي چوڌاري جيڪو ڪوٽ
اَڏيو ھو، شيخ اياز ساڳئي تسلسل ۾ اُنھيءَ ڪوٽ جي
چوڌاري ھڪ نئون ڪوٽ اڏي ڇڏيو آھي. جيترو ھُو فڪري
طرح مٿاھون آھي، اوترو فني انقلابي شاعريءَ کان
روحاني اوڊيسيءَ تائين ھُن ٻوليءَ جا تجربا ڪيا ۽
ھزارين وساريل لفظن کي ڳولي، ڇنڊي ڦوڪي، ٻيھر
اھميت وارو بڻايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۾ وسعت
آندي. ان ڏس ۾ شيخ اياز پاڻ لکي ٿو ته:
”اي سنڌ! جيڪڏھن مون کي ڪنھن سگهڙ وٽ ھڪ اڌ لفظ، ھڪ اڌ ٻول نظر
آيو آھي ته اُھو مون ھن کان کسيو آھي. مون تولاءِ
سُڃا ڦريا آھن ۽ ڀينگين کي کاٽَ ھنيا آھن. مون رتي
رتي ڪري ميڙي آھي. اُن کي ڌُوڙ ڌئي وانگر سُونجھي
صاف ڪيو ۽ تولاءِ جھوني کان جھونا ۽ نئين کان نوان
ڳھڻا گهڙي، توکي ڪنوار وانگر سينگاريو آھي.“ [1]
شيخ اياز جڏھن جھونن کان جھونن ڳھڻن جو ذڪر ڪري ٿو ته اُن مان
مراد سنڌي ٻوليءَ جا اُھي وساريل لفظ ۽ اصطلاح
آھن، جن تي زماني جي دز چڙھي ويئي ھئي ۽ اُھي عام
استعمال ۾ نه رھيا ھئا. شيخ اياز اُنھن کي ڳولي
ڦولھي، وري نئين رنگ سان شاعريءَ ۾ اُجايو ۽ اُن
کان سواءِ سنڌي شاعريءَ کي سوين نوان لفظ ڏنا.
فارسي ٻوليءَ جي اُڀار واري دَور ۾ لطيفي شعر توڙي لغت کي
’دھقاني‘ چئي ڌڪاريو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي پنھنجي
ڌرتيءَ سان فطرتي ڳانڍاپي کي ختم ڪري اُن مٿان
فارسيءَ جا غلاف چاڙھيا ويا. اھڙين حالتن ۾ اڳتي
ھلي، سنڌي ٻوليءَ جي گهايل روح لاءِ شيخ اياز
مسيحا بڻجي اُڀريو. ھن پنھنجي ڪلاسيڪي شعري روايتن
سان تعلق جوڙيندي، سنڌي ٻوليءَ جو پنھنجو نجُ ۽
اصلوڪو آھنگ واپس ورايو ۽ لطيفي لغت توڙي فڪر واري
تسلسل کي اڳتي وڌائيندي، لوڪ ڪردارن کي نئين دَور
جي روايتن سان جوڙيندي، روايت ۽ جدت جو ميلاپ
متعارف ڪرايو. ٻين ڪلاسيڪي شاعرن ۽ ڀٽائيءَ سان
اُن فني ۽ فڪري تعلق جي نسبت سان شيخ اياز لکي ٿو
ته:
”مان فقط ڀٽائي سائينءَ سان پنھنجو تسلسل ملائي رھيو آھيان.
اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ڪيترائي لفظ ڪتب آندا آھن،
جي اَڄ به اسان جي عوام ۾ مشتعمل آھن. مون پنھنجن
ڪلاسيڪي شاعرن جو لھجو اپنايو آھي ۽ ائين ڪرڻ سان،
اسان کي اردو وارن وانگر، زيرِ اضافت وغيره ڪم
آڻڻو ڪونه پوندو.“ [2]
شيخ اياز ڪلاسيڪي شعر روايتن جي پوئواريءَ ۾ شاھه لطيف جيان
ڪجھه مشھور سُرن ۾ شاعري پڻ ڪئي. جنھن دَور ۾
سنڌيءَ جا ڪيترائي شاعر اردو ۽ فارسيءَ جي اوپرن
استعارن، تشبيھن ۽ ترڪيبن تي فخر محسوس ڪندا ھئا،
تڏھن شيخ اياز نج سنڌي ماحول جون تشبيھون ۽
استعارا استعمال ڪيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي روايتي
سونھن ۽ سادگيءَ جو بچاءُ ڪيو ۽ اُن کي ڌاري
ثقافتي يلغار ۽ نامناسب اثرن کان محفوظ ڪيو. ھُن
ٻين ٻولين جي ادب جو مطالعو ڪيو، پر اھميت وري به
پنھنجي ٻوليءَ کي ڏني، جنھن ۾ ھُن سوچيو ۽ خواب
ڏنا. ٻولين جي معاملي ۾ ھن وٽ تعصب ڪونه ھو.
شيخ اياز، سعيده گذدر کي انٽرويو ڏيندي چيو ھو:
”دنيا جي ھر ٻولي خوبصورت آھي، پر جيتري سچي، بامعنيٰ ۽ خوبصورت
ڳالھه پنھنجي ’مادري ٻوليءَ‘ ۾ چئي سگهجي ٿي، اُھا
ٻي ڪنھن به ٻوليءَ ۾ نٿي ڪري سگهجي.“ [3]
شيخ اياز ھڪ روشن خيال دانشور ۽ شاعر ھو، جيڪو دنيا جي سڀني
ٻولين کي خوبصورت سمجھي ٿو ۽ ڪنھن به ٻوليءَ جي
اھميت جو انڪاري ناھي. ھُو ان حقيقت جو اظھار ڪري
ٿو، جيڪا دنيا جا لسانيات جا ماھر مڃين ٿا، ته
تخليقي اظھار يا اندر جي جذبن ۽ سچاين جو اظھار،
’مادري ٻوليءَ‘ ۾ ئي بھتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو.
شيخ اياز جون تشبيھون :
تشبيھه، شعر جي حُسن وڌائڻ ۽ جٽادار تاثر لاءِ ھڪ نھايت اھم
صنعت آھي. تشبيھن کان سواءِ اعليٰ ويچاريا خيال ڄڻ
ته بي رنگ محسوس ٿيندا آھن. شاھه لطيف جو رسالو
منفرد ۽ نت نيارين تشبيھن جو ھڪ شاھڪار آھي. شاھه
کان پوءِ شيخ اياز اھڙو شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ
۾ اڻ ڇُھيل ۽ نين تشبيھن جو وڏو انگ موجود آھي.
•جنھن جا نھٺا نيڻ ائين ڄڻ رڻ ۾ رات ٺري، جنھن جي چڳَ چنبيليءَ
ول جيئن سُرھي سيجَ ڀري، موتئي جھڙي مُرڪ پرينءَ
جي مُگرو مات ڪري.
•
منھنجو ھينئون ھرڻيءَ جھڙو، گهور گهڙيءَ جي گهائي
•تُنھنجا سپنا اھڙا جھڙا ، پاٽوليءَ جا ھٿ
•نينھن نديءَ جيئن ڇوليون ماري، لھر لھر مستاني ڙي
•رات وسيھر ونگ، ڏينھن کپر جيئن کائڻو
•آئي سِٽ صفحي تي يا ڊوڙي سانوڻ رُت ۾ ڊيل![4]
•ٿي اُڏامي پئي اڃان
شاعري باکَ ۾ پکيءَ وانگر(5)
اِنھن مصراعن ۾ نيڻن کي رڻ جي رات سان، چڳ کي چنبيليءَ ول سان،
مُرڪ کي موتئي سان، ھينئين کي ھرڻيءَ سان، سپنن کي
پاٽوليءَ جي ھٿن سان، نينھن کي نديءَ سان، ڏينھن
کي کَپر سان، سِٽَ کي ڊيل سان شاعريءَ کي پکيءَ
سان تشبيھه ڏني ويئي آھي.اِھي تشبيھون جديد سنڌي
شاعريءَ ۾ نراليون آھن، جيڪي شاعر جي نڪورتخليقي
شعور ۽ کوجنا جي عمل کي ظاھر ڪن ٿيون. اھڙيون
تشبيھون شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ گهڻن ئي ھنڌن تي
ملن ٿيون.
شيخ اياز جا استعارا
تشبيھن وانگر شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪافي نوان ۽ منفرد
استعارا استعمال ڪيا آھن، جيڪي اڳ ۾ ورجايل ناھن.
اِھي استعارا شاعر جي تجربن ۽ مشاھدن جو ست آھن.
استعارن جي اھڙن سون رنگن مان ڪجھه رنگ مثال طور
ھي آھن:
•تُنھنجون ڳالھيون چندن چُورو،
منھنجون ڳالھيون آڳ
•موت ڪارو اُداس حبشي آھه
•موت پُراڻو پنجو آھه
جنھن کان ڪوبه ڇڏاءُ نه ڇَڏُ
•دريا دريا ھن جو مَن
صحرا صحرا نيڻ
•تنھنجي ٻولي ڇانورو
لوءِ نسوري لُڪَ
•ڪاجا ھن تسبيح ڇڳي، تارا تارا داڻا ھا
•ھونئن ته پل پل ڪوڙو سِڪو [6]
اُنھن استعارن کان سواءِ اکين لاءِ به شيخ اياز وٽ اھڙا استعارا
آھن، جيڪي ٻئي ڪنھن جديد شاعر وٽ گهٽ نظر اچن ٿا.
•اکڙيون چنڊ چڪورَ، آڌيءَ اُڏريون اُڀَ ۾
•اکڙيون ڏيل ڏيئا، ٻرنديون رھنديون ٻاٽَ ۾
•اکڙيون منھنجون مشعلون، اڳيان جُڳ اُجھام
•رُوح اسان جو رم جھم، اکڙيون آڳ اُلا [7]
ڳالھين لاءِ چندن چوري ۽ آڳ جو استعارو، موت لاءِ اُداس حبشي ۽
پُراڻي پنجي جو، دريا لاءِ مَنَ ۽ نيڻن لاءِ صحرا
جو، ٻوليءَ لاءِ ڇانوري ۽ ستارن لاءِ تسبيح جي
داڻن جو استعارو ۽ وقت لاءِ ڪوڙي سڪي جو استعارو ۽
وقت لاءِ ڪوڙي سڪي جو استعارو، اِھي سڀ استعارا
فني لحاظ کان منفرد ته آھن ئي، پر فڪري حوالي سان
به اُھي نھايت گهرا آھن. اکيون دنيا جي سموري
شاعريءَ جو موضوع رھيون آھن. شيخ اياز وٽ اکين جو
ذڪر روايتي ۽ سطحي نه، پر نون استعارن سبب نواڻ
ڀريو ۽ وڻندڙ آھي. ھن اکين لاءِ چڪور، ڏيئن، مشعلن
۽ آڳ اُلن جا اِستعارا استعمال ڪيا آھن، جن ۾
انفراديت آھي.
نون قافين جو استعمال
عام طور تي شاعريءَ ۾ ويھن پنجويھن مخصوص قافين جو بار بار
استعمال ٿيندو آھي. ڪيترن شعري مجموعن ۾ ھڪجھڙي
قافئي وارا ڏھه ڏھه غزل به پڙھڻ ۾ ايندا. ان کان
سواءِ غلط ۽ ڪمزورقافين جي استعمال جو رواج به عام
آھي. ڪيترا ناليوارا شاعر خاص طور تي غزل تي صنف
۾، وڏي تعداد ۾ غلط قافيا استعمال ڪن ٿا.
مثال طور:
ستائيندو، ڳالھوڙو، اوسيئڙو،روئندو
يا وري :
ڪيڏارا، پڪا، جاڙا ، ارڏا
اِھي ھڪ ئي غزل ۾ استعمال ٿيل قافيا آھن.
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جتي اسان کي پختا قافيا نظر اچن ٿا، اُتي
نوان ۽ منفرد قافيا به ملن ٿا، جيڪي سندس فڪري
جستجو ۽ کوجنا جو مثال آھن. انھيءَ نسبت سان محمد
ابراھيم جويو لکي ٿو ته:
”اياز پنھنجي ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ
سان مالامال ڪري، اُن کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني
آھي، جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي، ھڪ ڀيرو ٻيھر
اڳتي وڌي آھي ۽ اُن مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽
نوان قافيا ھاڻي کُٽڻائي نه آھن ۽ اُن جي فڪر ۽
جذبي جي اجھل پالوٽ ھاڻي بيھڻي ئي نه آھي.“ (8)
شيخ اياز جي قافين جا ڪجھه مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
•گوري! تو ۾ گهُنج پيا
روح ڏٺو رانڀوٽو ڙي
ھاءِ جواني جھوٽي ڙي!
•ڇاڇا آڻي من جي ڀاڻي ڪويل ڪوڪ ڪُٺي پنھنجا ساري ھنجون ھاري،
ھرڪا مينھن مُٺي
او مٺڙا بُٺَ تي بوند اُٺي.
•تانگهه نه تاڙي، تانگها تَڙَ، اؤتڙ اؤتڙا آءُ ميان سج سُنھرا
نيرا گهرا، جرتي پوياڙيءَ جا پڙَ
•چنڊ جي ٿانَو ۾ مَڌُ جنھن کي ڪَڙو
سومتارو نه ٿيندو ڪڏھن بي وَڙو
•ايتري کٽمٺي لڳين پيئي
ڄڻ ته تازي گدامڙي آھي.
انھن شعرن ۾ رانڀوٽو، جھوٽو، ڪُٺي، مٺي، اُٺي، تڙ، پڙَ، ڪڙو،
وڙو ۽ گدامڙي اھڙا قافيا آھن، جيڪي نج سنڌي قافيا
آھن ۽ اُنھن ۾ نواڻ آھي. اھڙن قافين جو استعمال
جديد سنڌي شاعري ۾ گهٽ نظر اچي ٿو، ڇو ته اُنھن جي
استعمال ۾ تجربو ۽ وڏي مھارت گهرجي ٿي. عام طور تي
ھڪجھڙن ۽ بار بار استعمال ٿيندڙ قافين کي ئي ترجيح
ڏني وڃي ٿي، ان ڏس ۾ به شيخ اياز پنھنجو ڌار ۽
نرالو رستو اختيار ڪيو آھي.
اندروني قافين جو استعمال
شيخ اياز نون قافين سان گڏ شعر ۾ اندروني قافين جو استعمال به
ڪافي ھنڌن تي ڪيو آھي، جنھن سان مصرعن ۾ موسيقي ۽
رواني پيدا ٿي پئي آھي ، اندروني قافين جا ڪجھه
مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
•تارا ڪڻ ڪڻ، وڻ وڻ، ڇڻ ڇڻ، پرتي رات رُٺي ڇاڇا آڻي ، من جي
ڀاڻي، ڪويل ڪوڪ ڪُٺي، پنھنجا ساري، ھنجون ھاري،
ھرڪا مينھن مُٺي
اومٺڙا، بُٺ تي بوند اُٺي.
•تات پرينءَ جي رات پِرينءَ ريءَ ، تارا ڪئن نه تڪينديون يار
•نچڻي ٻيھر اچڻي ناھي، ھئي ھئي پايل جھڙاپل
•سانجھه لٿي آجھانجھه وڄي ٿي، ڪوئي اچڻو آھه،
•ڪونج ڪئي آ گونج، ھوا ڀي آھي ھيجَ ڀري،
•خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پھر اياز،
•ھي متوارو جيءَ جيارو، شاعر شيخ اياز،
پيارو! ھاڻ ھلڻ ھارو آ، ورڻو ناھه ويو
•پريت پرينءَ جي پايل پايل، آيل آيل!
گهايل گهايل منھنجا پير (9)
مٿين مصراعن ۾ اندروني قافين جو استعمال، ٻوليءَ جي خوبيءَ سان
گڏ فن جو سُھڻو مثال آھي.
شيخ اياز جي شاعري ۽ ٿري عوامي ٻولي
شيخ اياز جي ٿر جي پس منظر ۾ لکيل شاعري سندس ڳوڙھي مشاھدي جو
دليل آھي. ھن ميرپور خاص کان مٺي، اسلام ڪوٽ،
ننگرپارڪر ۽ ڪارونجھر تائين سفر ڪري ٿري جيوت جا
گهرا مشاھدا ماڻيا. ھمرچو ۽ ٻيا لوڪ گيت ٻُڌا، لوڪ
ناچ ڏٺا، جن کيس گهڻو موھيو. ھن اُنھن سڀني رنگن
کي، اُتان جي گُلن، ٻوٽن، وڻن ۽ ماڳن کي پنھنجين
تخليقن ۾ سمائي امرتا بخشي ڇڏي آھي. ھن ٿر کي اھڙي
سرزمين سڏيو، جيڪا سندس روح جو اَٽُٽ انگ ٿي چُڪي
ھئي.
شيخ اياز بودليئر بابت ھڪ مضمون ۾ لکيو ھو ته ”ھڪڙي ئي سامونڊي
سفر، ھُن جي شاعريءَ کي رڱي ڇڏيو ھو.“ اِن حوالي
سان ھو پاڻ بابت لکي ٿو ته ھُن ٿَر جو ھڪ ئي سفر
ڪيو ھو. ”پر اُن جو اثر منھنجي شاعريءَ تي ائين
آھي، جيئن جھرڻي مان ٿڌو ۽ مٺو پاڻي نڪرندو آھي.“
[10]
شيخ اياز جڏھن ٿر جي پسمنظر م بيت تخليق ڪري ٿوته ھُو انھيءَ
حصي جي جاگرافيائي، تاريخي، نفسياتي۽ سماجي حالتن
جو ڀرپور مطالعو ٿو ڪري ۽ ٻولي، استعارا، علامتون
۽ تشبيھون به اُنھيءَ ماحول سان ٺھڪندڙ استعمال
ڪري ٿـــــو:
ڏيئا منجھه ڏھر، چونري چونري چمڪيا،
آڌيءَ اُتر واءُ جي، ٿرَ ۾ آھه ٿَھَرَ،
توبن پوءِ پھرَ، سَو ساروڻيون سيءَ ۾.
ھي جي موگرول، پيلا پيلا گُلڙا،
تن تان ٿڌي ماڪَ مون، لاتي پنھنجي ڳل،
مان سوچيان ٿو ڀَل، ھاڻي مان ڌرتي ٿيان.
مانڌاڻو ۽ مَڪَ، اَڄُ نه ڏسجن اکئين،
ڪھڙا ڍاڪونءَ ڍڪَ، بُک وسي ٿي ورانڍَ ۾.
شيخ اياز ٿري جيوت ۾ استعمال ٿيندڙ شين ۽ لفظن وغيره کي پنھنجي
شاعريءَ ۾ ائين سمايو آھي، جو اُھي فطري محسوس ٿين
ٿا ۽ اُنھن جي اصليت مٿاثر نٿي ٿئي. ڀُرٽ، پيرون،
مانڌاڻو، مَڪ، چـﺂنرو، چوڻو، ولوڻو، وانڍ، کٿي،
ڇانگون ۽ ڇيلڙا، روھاڪي، سَرُ، ٻانڌڻي، پولڪا،
ڪامڻي، ڏوٿي، ڪائڙ، ڍٽ، ڏھر، ڍنگھر، گندي، ڏؤنرا،
گولاڙا، ڌراڙ، پلر، ٻاٻيھو، ڳنڍير، تتر _ کرڙي ۽
اھڙا ٻيا ڪيئي لفظ سنڌي شاعريءَ ۾ آڻي شيخ اياز
ٻوليءَ ۾ وسعت آندي آھي. انھيءَ نسبت سان شيخ اياز
جي ٻوليءَ بابت پنجابيءَ ٻولي جو اديب ۽ شاعر احمد
سليم لکي ٿو ته:
”لطيف وانگر اياز کي به سنڌي ٻوليءَ تي قدرت حاصل آھي. ھُن جي
ٻولي اردو شاعرن وانگر ڪتابي ٻولي ناھي. ائين ٿو
لڳي ته ھن پنھنجي ڪلاسيڪي ادب جو ھڪ ھڪ لفظ پڙھيو
۽ اُنھن جي معنيٰ جو سواد ماڻيو آھي. پوءِ به ھن
فقط ڪلاسيڪي ادب جي ٻوليءَ جو سھارو ورتو، پر سنڌ
جي چپي چپي جو سفر ڪري، اُتان جي لوڪ گيتن جو
رَسُ، عوامي ٻوليءَ جو جادو پنھنجي شاعريءَ ۾ آندو
آھي.“ [11]
شيخ اياز جي جديد ٻولي
شيخ اياز جتي ڪلاسيڪي شاعرن جو لھجو اختيار ڪندي، ٻوليءَ جي
استعمال ۾ نه ايندڙ لفظن کي ٻيھر اھميت ڏياري،
اُتي ھُن جديد دور جي گهرجن سان ھم آھنگ ٿيندي،
پنھنجي شاعريءَ ۾ شھري دونھاٽيل ماحول جي لفظن ۽
اصطلاحن کي اھڙي ته آسان ۽ نرالي انداز ۾ ڪتب آندو
آھي، جو ويساھه ئي ڪونه ٿو ٿئي ته ھي اُھو ساڳيو
ئي شاعر آھي، جنھن سورٺ، سسئي، نوري، سُھڻي، ليلا،
مارئي، گهاتو، ڪيڏارو ۽ ڪاپائتي سُرَ لکيا آھن ۽
جنھن ساميءَ جي انداز ۾ نوان سلوڪ تخليق ڪيا آھن.
•ڏاڍا سيءَ پيا
پوءِ به گهٽيءَ جي ڪُکِ ۾
ڪوسي سئنيما.
•بمباريءَ جي ڀَوَ کان بجلي
آھي روز وسائي ويندي
پر، ھُو چوڏھينءَ چنڊ کڙيوآ
(رات ته ناھي ڏينھن ڏٺوآ)
اُن کي ڇو نه وسائي ٿو ڪو
اُن کي ڪير وسائي سگهندو؟
(جيل ۾ بلئڪ آئوٽ) [12]
•فوٽ پاٿ ڪراچيءَ جا مون لئه
سڀ چارا ڄڻ ته سمندر جا
ننڍيون ۽ وڏيون ڪيڏيون نه مڇيون
جن منجھه ھزارين مانگر ھا. [13]
•رڳو محبت ناھي ڳڀرو
دنيا م قادياني آھن
۽ ڪيئي ڏيوالا آھن
بازارين ۾ تالا آھن
ھُنڊيون آھن
ساڙَ ويرَ جون بُنڊيون آھن
آفت جا پرڪالاآھن
ڪيئي سُود اُڳاڙڻ وارا
لالا آھن
اخبارن ۾
ڪيڏا مرچ مسالا آھن.
•بس مٿان جو بَمُ ھنيائون
تامل ٻار مري ويا آھن
•دونھون دونھون سارا ماڙا
چورنگي، ڇا چاڪي واڙا
چنڊ کڻي ڪئن سُواسُ
ڪراچيءَ ۾.
•فون اچي ٿو
منھنجي پٽ جو
ڊبلن مان
سکر ۾ آڙاھه وسن ٿا
جون جھنم جھڙو آھي
ٻاھر ڪيڏو جھولو آھي [14]
•چڙيا گهر ۾ واگهه، اُنھيءَ جي گهور ڏسي آتو؟
•بابو بندر روڊ تي، سانجھيءَ وير ھشامَ
اينگهي ٿي انگريز جي، اڃا تائين ٽرامَ
جھرمر جھرمر شامَ، ماڻھو پاڇا موت جا.
|