آخري خواهش
ڪي. ڊي سومرو
جج هن کي موت جي سزا ڏني. هُو سزا ٻڌڻ کانپوءِ پُر سڪون ٿي ويو.
عدالت جي ڪمري ۾ اُداسي طاري ٿي وئي. سرڪاري وڪيل،
جنهن جو هن سان ڪوبه رشتو نه هو، کي به سزا سست
ڪري ڇڏيو. جج صاحب سزا ٻڌائڻ کان پوءِ قلم کي چٻو
ڪري هليو ويو. فريادي ڌُر به ڪنهن رد عمل ظاهر ڪرڻ
کان سواءِ چپ چاپ هلي وئي. پوليس ڏوهاري کي وٺي
جيل جي گاڏيءَ ۾ ويهاريو. رستي ۾ سپاهي سمورو وقت
خاموش رهيا ۽ هنن پنهنجي راءِ جو اظهار سگريٽن جي
دونهين سان پئي ڪيو. گاڏيءَ ۾ جيڪي به قيدي هن سان
گڏ شنوائيءَ تي آيا هئا تن آڏي اک سان هن کي پئي
ڏٺو، مگر هُو هر ڳالهه کان بي نياز ٿيو ويٺو هو.
ماڻهو پهرين حوصلو هارايو اها ته هن کي ئي خبر
هئي، پر اڄ هن کان هن جي زندگيء جدا ڪرڻ جي جج
فتويٰ ڏئي ڇڏي.
جيل جي گاڏيءَ ۾ قيدي ڪيئن صبح جو شنوائيءَ تي ايندا آهن ۽ اها
گهڙي پل جي آزادي جيڪا هو گاڏيءَ ۾ ويهڻ کان وٺي
ڪورٽ پهچڻ تائين ماڻهن جي آمد رفت کي ڏسي محسوس
ڪندا آهن، سا هنن جي اکين ۾ چمڪ آڻيندي آهي، ڇو جو
کُليل فضا ۾ هر اک آزاد هوندي آهي ۽ هو به ڪجهه
دير لاءِ ان آزاديءَ کان لطف اندوز ٿيندا آهن.
هُنن کي هٿن جي هٿڪڙين يا پيرن جي ٻيڙين جو ڪوبه
احساس اُن مهل تائين نه ٿيندو آهي جيستائين هو
ڪورٽ جي احاطي ۾ داخل ٿيندا آهن. هنن جي خوشي ڏسڻ
وٽان هوندي آهي. واپسيءَ ۾ ائين محسوس ڪندا آهن،
جيئن ڪو ماڻهو هرڻ جي ڳچيءَ تي ڇري رکي ته هرڻ جون
خوبصورت اکيون موت جي منظر کي ڏسي ڪومائجي وينديون
آهن ۽ انهن قيدين جا عزيز به بيوس ٿي واپس ويندا
آهن. اڄ واري شنوائيءَ ۾ هڪ قيدي اهڙو هو جنهن موت
جي سزا ٻڌي هئي، پر هي ڇا! هن جي اکين ۾ ڪٿي به
موت جو ڪو به خوف نه هو. هو مطمئن ۽ پُر سڪون هو.
ائين پئي محسوس ٿيو جيئن گهڻي عرصي کان پوءِ هو
ڪنهن صحيح رستي يا منزل جي طرف روانو پيو ٿئي.
قيدين واري گاڏيءَ ۾ هڪ پَڪي عمر جو قيدي به هو. وڏيون ڏاڙهون
وانگر ڳاڙهيون چمڪندڙ اکيون، چهري تي سونهاريءَ
سان گڏ عمر جي حساب سان وڏيون مڇون جن هن جي چپن
کي ڇپر ڪري ڇڏيو هو ۽ پيشانيءَ تي ڪجهه گهنج جيڪي
چنڊ وانگر سنها ٿلها پئي ٿيا، سي هن جي سزا ٻڌڻ
کان پوءِ سج گرهڻ وانگر ٿي بيٺا. هن جو هيءُ ساٿي
قيدي همت ڪري هن جي پاسي ۾ وڃي ويٺو ۽ پنهنجي
ٻانهن وڌائي هن جي ڪُلهن تي آهستي آهستي رکندو ۽
دٻائيندو ويو. اُن تي هن مُرڪي پنهنجي قيدي ساٿيءَ
کي ڏٺو ته هو ائين گهٻرائجي ويو جيئن ڪو بيٽسمين
بائونس کان گهٻرائجي ويندو آهي.
هن جي ساٿي قيديءَ پنهنجي چپن کي چوريو ۽ هن کي چيو ته ”يار!
گهٻراءِ نه، اڃا هاءِ ڪورٽ پئي آهي اُتي اپيل ڪبي،
ڪيس کي انگهائبو، پوءِ به نه ته وري سپريم ڪورٽ ته
آهي. ان کانپوءِ حاڪمِ وقت به آهي. تيسين منهنجو
مولا ڪو معجزو ڏيکاريندو، جنهن پيدا ڪيو آهي اُهو
زندگي به ڏيندو. هن جي ساٿي قيديءَ آهستي آهستي
پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکيو ۽ ڳالهائيندي
ڳالهائيندي هن جو آواز ڳرو ٿيندو پئي ويو. جيڪي به
هن سان گڏ ٻيا قيدي هئا، انهن سڀني کي هن جو اهو
ڳالهائڻ اُن وقت بيحد پسند آيو ۽ سڀني جي بي جان
اکين ۾ جان محسوس ٿيندي رهي. هر ڪنهن جي دل پئي
چاهيو ته هيءُ قيدي ڳالهائيندو رهي جنهن سان هن جي
زندگيءَ جي ڏيئي ۾ روشنيءَ جي لاٽ پئي شروع ٿي. پر
مجال جو هو ڪنهن به رد عمل جو احساس ڏياري، اها
ڳالهه سڀني جي سمجهه کان ٻاهر هئي. واپس جيل ۾
گاڏي داخل ٿي ته وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه. هر
ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي بيرڪ ۾ موڪليو ويو، سواءِ
هن جي، ڇو جو موت واري قيديءَ جي زندگيءَ جي حفاظت
قربانيءَ جي ٻڪريءَ وانگر تيستائين خوب جوش ۽ جذبي
سان ڪبي آهي، جيستائين ٻڪريءَ کي سير ۽ قيديءَ کي
موت واري تختي تي مرڻ گهڙي تائين نه لٽڪايو وڃي.
موت جي سزا ٻڌڻ کانپوءِ جيل ۾ پهرين رات جو جاڳڻ يا سمهڻ، روئڻ
موت تي ۽ کلڻ زندگيءَ تي ان کي سوچڻ جو وقت اچي
ويو هو. هُو پنهنجي باري ۾ سوچيندو رهيو. اوچتو هن
کي ٻاراڻي ۾ اسڪول ۾ پڙهيل بيت جي هڪ سٽ ياد اچي
ويئي ته ”گُلن جهڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن.“ پوءِ هن
کي اُهو گاڏي وارو ياد اچي ويو، جنهن وٽ گجر ٽانڊن
جي ڇار تي پچندا هئا ۽ گڏ تئي ۾ گرم گرم واريءَ ۾
مڪائيءَ جا داڻا ڦل ٿي نڪرندا هئا، جيڪي هيڏي وڏي
گرمائش کانپوءِ موتئي جي گل وانگر ٽڙي پوندا هئا.
وري هن کي هڪ ٻئي بيت جون ڪجهه سٽون ياد اچي ويون:
”ڇا پوڙهي ڇا جوان جو قياس نه ڪريان ڪو. چورن
وانگر آءُ چران سمجهُو ڪي سمجهن.“ اڪيلو ماڻهو،
جيل جي ڪوٺي، سامهون موت جو منظر پنهنجي لاءِ پاڻ
پيو چٽو ڏسي، ڪوبه مستقبل نه. سواءِ ڪجهه ڏينهن جي
زندگيءَ جي، جيڪي بند ڪمري ۾ ڪيئن گذاري! هو
پنهنجي سوچ کي اسڪول جي ٻاراڻي کان به گهڻو پوئتي
کڻي ويو، ايستائين جو هن جي سوچ هن جي ڄمڻ واري
لمحي تي وڃي پئي.
هو هڪ انتهائي سکئي گهر ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو پيءُ هڪ اهڙي
اداري ۾ سرڪاري ملازم هو جتي وڃڻ سان پئسا ملندا
هئا. وري جي ڪو هن وٽ گهر ملڻ ايندو هو ته پئون
ٻارنهن ٿي ويندا هئا، يعني موسمي سوغاتن سان گڏ
ڏوڪڙن جا تحفا!
اچ پيسا، وڃ پيسا بس پيسا ئي پيسا!.... هاڻي ته ملن مڙسي ڪري
شراب سان گڏ بازار حسن جي چمڪ ڌمڪ بند ڪرائي اهي،
ان ڪري اهو سڄو بار ڪئبل کنيو آهي. اِنڪري هر امير
سان گڏ غريب به پوري دنيا جا رنگين نظارا ٽي. وي
تي پيا ڏسن، نه ته گهڻو اڳي آهي رنگينيون فقط وڏن
ماڻهن لاءِ هيون. پوءِ چاهي اُهو ڪنهن سٺي عهدي تي
فائز هجي يا زميندار، البت واپارين جو لاڙو ان
پاسي ڪجهه گهڻونه هو.
سو اهڙي ماحول ۾ هن جو پيءُ وڏو معتبر هو. اِن معتبريءَ کي
ڏيکارڻ لاءِ شراب ته پيئڻو ئي هو، جنهن جي قانون ۾
پڻ اجازت هئي. جڏهن چئن دوستن کان گڏ شراب پيئبو
ته پوءِ بازار حسن ڪيئن نه وڃبو. جي اُتي وڃبو ته
ڳائڻ به ٻڌبو. نچڻ به ڏسبو، ڏوڪڙ به کيسي مان ڪڍبا
۽ هُنن جي ادا تي گهوربا. ان سڄي منظر ۾ رات جو
ٻارهين وارو وقت هنن لاءِ انتهائي اڻوڻندڙ هو، ڇو
جو جيئن فلم جي پڄاڻي ٿيندي آهي، ائين اِن ڳائڻ
وڄائڻ جي پڄاڻي به سپاهيءَ جي سيٽي وڄائڻ سان
ٿيندي هئي ۽ اِهي بدبخت انسان پنهنجي گهر موٽ
کائيندا هئا. پر انهن ۾ ڪو انتهائي خوشحال اگر
اُتي ترسي به پوندو هو ته جهل نه ٿيندي، شرط اهو
ته هاٿيءَ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي هئي.
سو هن جي پيءُ کي اهي سڀ آسائشون ميسر هيون. حُڪم اهو آهي ته
گناهه جي ويجهو نه وڃو، ائين جيئن اوهين پاڻيءَ جي
ويجهو ويندا ته اوهان جي دل چوندي ته پهرين اِن ۾
پير پسائجن، پوءِ اڳتي وڌجي.
سو هن جي پيءُ کي حالتن رنگين مزاج بڻائي ڇڏيو ۽ نشي جي حالت ۾
ڪنهن ٻئي جي گهر ۾ سمهڻ، اُهو به بازار حُسن ۾، ته
اُن جو نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ڏينهن ڪنهن کيس چيو
ته سائين منهنجي ڪُک توهان مان ڀري آهي. کپيوَ ته
پنهنجو نالو ڏيو، پوءِ ڌي آهي يا پٽ، اُها خدا کي
خبر، اسين ته پنهنجي ڪُک کي ضايع نه ڪندا آهيون.
اِهي لفظ هڪ انسان لاءِ تمام وڏا هئا، جي سمجهه ۾
اچن ته پوءِ هن کي پنهنجي ضمير جي سامهون گناهه جو
احساس گناهه ٿيڻ کان پوءِ ٿيو، هن جون ٻه به ويون
ته ڇهه به ويون.
هيءُ لفظ صرف لفظ نه هئا. نه ئي ڪو زمين، گهر يا مال ملڪيت جو
مسئلو هو، نه وري هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۾ بدليءَ
جو مامرو هو، پر اهي لفظ هڪ نئين فرد جي وجود ۾ هن
جي گناهه جو تاحيات احساس ڏيارڻ لاءِ ڪافي هئا. هن
جي ڪنن ۾ انهن لفظن ڪينسر جي بيماري جيان ڪم ڪيو
هو بلڪل سڪتي ۾ اچي ويو. هن جا حواس هن سان
بيوفائي ڪرڻ لڳا، آهستي آهستي هو بستري تان اُٿيو
۽ نيراني ئي اُن در تان نڪتو. هن جي ڪنن ۾ هڪ دفعو
وري ان عورت جو آواز آيو، ته منهنجي وفا تو سان
آهي شرط اِهو ته هتان وٺي هل نه ته جنهن حال ۾ ڇڏي
پيو وڃين اُهو منهنجو ڪلچر ۽ سڀاڻي تنهنجي اولاد
جو مقدر هوندو. انهن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ هو ڪيڏانهن
وڃي؟ پنهنجي گهر، آفيس يا ڪنهن ٻئي هنڌ!س کلبو
ڪيئن آهي اُهو ته هن کان وسري ويو، پنهنجي ئي گهر
۾ پهريون ڀيرو ڪمزور داخل ٿيو. ٻيو ته ٺهيو پر
نوڪرن سان به اک نه پيو ملائي سگهي. سائين ضمير جي
مار به ڏاڍي خراب هوندي آهي. سامهون ڀيڻ تي نظر
پيس جنهن جي مٿي تي ميندي وارا وار هئا. هُن جو
ضمير هن کي ڏنگي پيو ته اِها ميندي هن جي غفلت ۽
فرض سان ڪوتاهيءَ ڪري لڳڻي هٿن تي هئي پر لڳي وارن
تي پئي آهي! ماءُ ته ماءُ آهي نه، هُن پنهنجي پٽ
کي منڌل ڏٺو سو آنڊن ۾ ور اچي وڪوڙيس. سڌو وڃي پٽ
کي ڀاڪر پائي دُعا ڏنائين. پر ماءُ کي ڪهڙي خبر ته
هن جو پٽ هاڻي هن جي دعائن کان پري آهي. سڀ ڪجهه
هوندي به اکيون خالي، چُپ چاپ پنهنجي ڪمري ۾ هليو
ويو. هُن کي پنهنجو ڪمرو کائڻ پيو اچي. شراب جي
بوتلن ۽ رنگين تصويرن کي اڄ هن جي نظر ڏسڻ لاءِ
تيار نه هئي. ڪمرو بند ڪري سوچ ۾ گم ٿي ويو ته
زندگيءَ کي هاڻي ڪيئن گذارجي! هڪ ماڻهو، جنهن جي
اندر هِن جي هيئن جي پاڻي جي امانت آهي، ان کان
اڳيان ڪيئن هلجي. اگر انهيءَ عورت سان شادي ڪري ته
پوءِ ماءُ ۽ مٽن مائٽن کي ڇا ٻڌائي؟ ڪيئن دُهل
وڄائجن، ڪيئن موڙ ٻڌجن، ڪيئن لائون لهجن. ڏوهه ته
مون ڪيو، پر حسرتون هنن سڀني جون مارجي ويون. بس
هڪ سوال مان ٻيو ۽ ٻئي مان ٽئين جنم پئي ورتو.
آخر ڪو ته فيصلو ڪرڻو هو، سو هن ڪري ورتو ته حالتن کي مڙس ٿي
منهن ڏبو. شادي اُن سان ڪبي جنهن جي اندر ۾ منهنجي
تصوير ساهه پئي کڻي. شاديءَ جي خوشي کڻي ٻار جي
ڇٺيءَ تي ڪڍبي ۽ جڏهن مرد مرد ٿي فيصلو ڪندو آهي
ته پوءِ اُن ۾ زندگيءَ جي حُسن سان گڏ بهارون به
اچي وينديون آهن ۽ ٿيو به ائين. اصل واهه واهه ٿي
وئي. سائين ڪاڏي ويو شراب، ته ڪاڏي ويو عهدو، بس
شرافت سادگيءَ کي جنم ڏنو ۽ ماءُ پُٽ کي. جنهن گهر
۾ صاف پيسا ئي پيسا آيا پئي، جت گهڻي عرصي کان ڪا
خوشيءَ جي تقريب نه ٿي هئي، اڄ ان گهر ۾ هڪ معصوم
ٻار ڄائو آهي. هر ڪو خوش، اوسي پاسي مان مبارڪون
ئي مبارڪون پيون اچن. مٽ مائٽ، يار دوست سڀ دريا
جي بند وانگر ٽٽي پيا ۽ هن به هر ننڍي وڏي کي اکين
۾ ٿي ويهاريو ۽ گهر جي ٻاهران نم ۽ بصر جي ڳنڍ ٻڌي
ڇڏي ته هر ڪنهن کي خبر پوي ته هت پُٽ ڄائو آهي.
اِهو دُعاڳي ماڻهن لاءِ اعلان هوندو آهي ته اچو
دُعا ڪريو، ته توهان کي خوش ڪيو ويندو.
فِقير فقراء الائي ڪٿان کان ڪٿان پئي آيا. دهلارين به وڄت ۾ گهٽ
نه ڪئي. تنبوري سُرندي سان گڏ سُر ۾ ’ڪڪو ڀلي ڪري
ڄائو‘ جا آواز اصل ماءُ پيءُ سان گڏ ٻين عزيزن کي
وندرائيندا رهيا. پهريون ڀيرو هنن کي پيسي خرچ ڪرڻ
۾ دلي خوشي محسوس پئي ٿي. مهمان اچڻ تي اچي ويو،
هاڻ هيءُ ڇڏين ڇو جو وڃي.
سها اڄ ڇٺي آهي –ڪارا ڌاڳا ٻڌبا، سوني منڊي پائبي، نظر لاهبي،
خير خيرات سان گڏ صدقو به ڪبو، دهل شرنايون
وڄنديون غريب غربي کي سنڀالبو-ٻار اوئان اوئان ڪري
ته ماءُ ٺري پئي، ڏاڏي لوليون پئي ڏئي. پر اِن
ماءُ کي ڪهڙي خبر ته اچڻ وارو وقت هن جي پُٽ جي
جوانيءَ ۾ ڦاهي آڻيندو. هن ماءُ کي ڪهڙي خبر ته
هيءُ خوشيون سڀ مائٽن جو ڏيکاءُ آهي، پر جيئن چنڊ
کي داغ آهي، ائين هن جو پٽ هنن جي خاندان ۾ اڳيان
هلي چنڊ جي داغ جيان شمار ٿيندو، ڇو جو جيڪو چاچو
هن جي ڪنهن به دعوت کي ڳوٺ ۾ جهنگل ۾ منگل ڪري
ڇڏيندو هو ۽ ڪٿان ڪٿان جا وڏا ماڻهو سڏائيندو هو
اُهو هڪ ڏينهن هن جي لاءِ ڌيءَ جي سڱ ڏيڻ تي ٺپ
انڪار ڪندو ۽ اکيون سانڊي وانگر بدلائي، ماءُ جي
ماضيءَ ۽ ٻار جي ڄم جو طعنو پڻ ڏيندو، جيڪو هن
لاءِ ڪنهن به زلزلي کان گهٽ ثابت نه ٿيندو، جيڪو
هن جي ماءُ کان هن جو سهاڳ جدا ڪري ڇڏيندو، جنهن
عورت جو هر هنڌ عزت ۽ احترام سان نالو ورتو ويندو
هو، اڄ ان عورت جا ڪا واهه نه رهي. ڀلا رهي به
ڪيئن، ڏيرن هُن عورت کي هن جي ماضيءَ سان گڏ
خاندان جي آرسي ڏيکاري. مڙس اِن صدمي ۾ مري ويو ته
منهنجي ڀاءُ منهنجي پُٽ کي ڪڏهن به ڀائيٽو نه
مڃيو. نه مڃيو ته نه مڃي ها پر هيڏي وڏي سانگ ڪرڻ
جي ڪهڙي ضرورت هئي، جو هن جي پُٽ جي ڪنهن به دعوت
۾ اڳيان ئي اڳيان هو. مون ته ڪڏهن هن سان ڪو حساب
ئي نه ڪيو ته اوچتو هي ائٽم بم جهڙا لفظ منهنجي پٽ
۽ زال لاءِ ڇو؟ سائين، ضمير جاڳي ته هاٿي به وفا ۾
مري، انسان ته اشرف المخلوقات آهي، انڪري ئي انسان
جي مٽيءَ ۾ وفا نه آهي.
سو مڙس ته ويو مري، باقي ڇا بچيو جو ماڻهو ڳوٺ ۾ رهي! اُهو به
ههڙن بي قدر ظالمن وٽ، جن جي سوچ ڪوئلي وانگر
ڪاري، ان ڪري وٺي آيو پنهنجي ماءُ کي شهر ۾ هڪ
پاسي. ماءُ، جنهن جو گلشن اُجڙي ويو، ٻئي پاسي
پُٽ، جنهن جي باقي زندگي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ گذرڻي
هئي. بلڪل نئون سفر، ڪنهن کي ڇا ٻڌائين پنهنجي ڦٽل
نصيبن جي باري ۾؟ هڪ نوڪر گڏ آيو، جيڪو وفادار هو.
ان پنهنجي وسان ڪين گهٽايو، پر ماءُ جا کٽ تي پئي
سا نه اُٿي ته نه اُٿي. ڊاڪٽرن طرح طرح جو علاج
ڪيو پر جيئن ته سورن ۾ عورت جي سونهن ختم ٿي ويندي
آهي ۽ زال جي اصل سونهن ته اُن جو مرد آهي-سو اهو
ئي نه رهيو ته هيءَ ڍرڪي پئي. هن پنهنجا مائٽ مٽ
ته اڳي ئي ڇڏي ڏنا هئا، هاڻي هن جا مائٽ هن شريف
زاديءَ ڏي اچن ته ڪيئن اچن! ان ڪري گهر ۾ وحشت ئي
وحشت رهي، ۽ نيٺ اِن وحشت هن جي ماءُ جو روح قبض
ڪيو.
باقي بچيو هو پاڻ ۽ هڪ نوڪر، سو ڇا ڪن؟ ڪنهن جي گهر وڃن ته ڪيئن
وڃن! ڳوٺان به ڪنهن سار نه لڌي، ايستائين جو هُن
جي ماءُ جي مرڻ جو ڄاڻ ڪرڻ لاءِ هيءُ تيار نه هو ۽
خبر پوڻ تي هنن مان ڪير به نه آيو. هو بلڪل اڪيلو
ٿي چڪو هو. پراڻن دوستن مان ڪن سچائي ڏيکارڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر سڀ هن لاءِ بيڪار. اِن غير يقيني
صورتحال ۾ هڪ عورت، هن جي زندگيءَ ۾ تازي هير
وانگر آئي، تنهن هن ۾ زندگيءَ جي گرميءَ کي واپس
آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪنهن حد تائين ان ۾ ڪامياب به
وئي، جنهن جي ڪري هن جي جسم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر
زندگيءَ ڊوڙ پاتي ۽ سندس اکين ۾ آس جو ڏيو ٻريو، ۽
مايوسيءَ جي اونداهي آهستي آهستي مِٽجڻ شروع ٿي ۽
هن کي احساس ٿيو ته هن سان واقعي وڏو ظلم ڪيو ويو
آهي ۽ دوکو ڏيئي هن جي ملڪيت ڦٻائي وئي آهي. نه
رڳو ايترو پر هُن جا مائٽ، هُن جي ماءُ پيءُ سان
گڏ هُن جي مستقبل جا به قاتل آهن ۽ انهن کان
پنهنجو حق وٺڻ هُن تي فرض آهي. هن فيصلو ڪيو ته
ههڙي زندگيءَ کان موت بهتر آهي. ڀلا هيءَ ڪهڙي
زندگي آهي، جنهن ۾ هن جي ماءُ جي قربانيءَ کي ڪنهن
به نه مڃيو، جنهن مڙي پويان ماضيءَ واري زندگيءَ
کي نه ڏٺو، پر افسوس جو نوان عزيز، عزيز ثابت نه
ٿيا. هو رڳو ڀَتين گڏ رهيا پر رَتين نه. پوءِ هنن
کي ڪهڙو حق آهي ته هو سڀ ڪجهه هڙپ ڪن ۽ جڏهن هو ان
ذهني ڪشمڪش ۾ وڪوڙجي ويو ته هڪ ئي ڳالهه هن کي
سمجهه ۾ آئي ته ههڙي سماج ۾ جيئڻ کان موت بهتر
آهي. ڀلا هيءَ به ڪا زندگيءَ آهي، جنهن ۾ اک مون
کان سوال پئي ڪري، ڇو چاچي سڱ نه ڏنو ته جنهن جي
ڪري هن جي ماءُ آهستي آهستي قسطن ۾ مرڻ شروع ڪيو.
ڇا دنيا ۾ واحد منهنجي ئي پيءُ اهو ڏوهه ڪيو، جو
ڪنهن کي شرافت ۽ عزت جي زندگي ڏنائين ۽ دنيا جا سڀ
رنگ ڇڏي الله کي پيارو ٿي پيو! منهنجو پيءُ جنهن
عورت جو گنهگار هو اُن کي ته معاف ڪري هن گل جو
تحفو ڏنو، پر هنن ڇا ڪيو؟ دماغ جو خلل ماڻهوءَ کي
هر غم کان آزاد ڪري ڇڏيندو آهي. اگر اِن خلل ۾ هن
جي سوچ ڪجهه ڪرڻ چاهي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان کي
روڪي نه ٿي سگهي. اِهو ڪري ئي رهندو پوءِ اهڙي
انسان لاءِ زندگي بي معنيٰ هوندي آهي. هن لاءِ به
اهو وقت اچي ويو، جنهن ۾ هن جي زندگي هن لاءِ بي
معنيٰ ٿي وئي. مايوسين ۽ پريشانين کان جڏهن ڪنهن
جي پيار هن کي ڪڍيو ته پلاند جي ڪن ۾ ڦاسي ويو ته
جڏهن امان بابا نه رهيا ته هيءُ ڪيئن زندگي جو مزو
ماڻيندا، سو به بابي جي ملڪيت تي! ائين نه ٿيڻ
گهرجي. هن پنهنجو پلاند هڪ هڪ کان ورتو. بس غصي هن
کي انڌو ڪري ڇڏيو. جڏهن هن جو پلاند پورو ٿيو ته
سمجهائين ته قانون هن جي ڪيل پلاند کي موت جي راهه
ڏيکاريندو، سو ٿيو به ائين. جڏهن جج هن کي موت جي
سزا ٻڌائي ته هيءُ مطمئن ٿي ويو. ۽ جڏهن هن کان هن
جي آخري خواهش پڇي ويئي ته هي ڇا ٻڌائي ته منهنجي
آخري خواهش ته جج پهرين پوري ڪري ڇڏي!
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪڪريون ڪاريون،
وسي ٿو وڏڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،
لٿين لک لطيف چئي، ڍايون پاساريون،
ڀڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻين آئيون.
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪڪر ٿو ڪري،
وسايو واٽن تي، ٿو خالق کنڊ ڀري،
پاساريون پري، شال مَ وڃڻ سپرين.
_ ڀٽائي رح
اِستري-اِستري
عبيد راشدي
”سڄي ڄمار ڪپڙا اِستري ڪيا اٿئي، ايتري ڄاڻ ته ضرور هوندئي!“ هن
پڇيو.
”الاءِ ڪهڙي!“ ڊراءِ ڪليننگ واري چيو.
”ته استري ڪهڙي سُٺي آهي؟“ هن پريان بيٺل ليڊيز ڪسٽمرز ڏانهن
نهاري پڇيو.
”ڪمرشل استعمال لاءِ وڏي ۽ ڳري استري سٺي آهي.“ ڊراءِ ڪليننگ
واري چيو.
”۽ گهرو استعمال لاءِ؟“ هن پڇيو.
”الاءِ. گهر ۾ استعمال لاءِ استري ٻي هوندي آهي، اُن جو تجربو
نه اٿم.“
”ڀلا اِستري ڪٿي جي سٺي هوندي آهي؟،“ هن وري پڇيو. ليڊيز ڪسٽمرز
ڏانهن نهاري ”پاڪستاني؟ انڊيا يا جپاني يا
فرانسسي!“
”جپاني استريون وڌيڪ جٽادار هونديون آهن، پر امپورٽيڊ مٽيريئل
جي ڪا گارنٽي نه هوندي آهي. هليون ته سڄي عمر وفا
ڪنديون“، ڊراءِ ڪليننگ واري ذو معنيٰ جملو چيو ”نه
ته پهرئين ڏينهن تي نخرا شروع! هونئن پاڪستاني
استريون به لاجواب آهن!“
اِها ڳالهه ٻڌي هن کي پنهنجي ڪزن واري آمريڪي استري ياد پئي.
هئي ته سٺي، پر ڪلچر ٻيو. استعمال جو طريقو ٻيو ۽
کيس ديسي وديسي استريون به ياد آيون، ته اُنهن جا
داغ ۽ نشان به ياد آيا ۽ کيس پنهنجو اندر چتيون
لڳل-کُٿل-ڦاٽل ڀاسيو.
هن ڊراءِ ڪليننگ جي شيشائين در مان ٻاهر سروس روڊ جي فٽپاٿ تي
ويٺل رفوگر کي ويٺل ڏٺو، جيڪو نظر جي عينڪ چاڙهيو
ڪپڙن کي رفو ڪرڻ ۾ پورو هو ۽ هن سوچيو”ڪپڙو ڦاٽي،
کُسي ته رفو ڪري سگهجي ٿو-پر من-!“
ماڻهو، مرگهه، مينهئون، سڀ سارنگ کي سارين،
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين،
سپون جي سمونڊ جون، نئين سڄ نهارين،
پلر پيارين، ته سنگهارن سک ٿئي.
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، تاڙي ڪي تنوار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
_ ڀٽائي رح
آتم ڪهاڻي
رمز رانجهن جي
نتِ نتِ نياري
عنايت الله عباسي
ننڍي هوندي جون ساروڻيون سنڀاريندي جي ذهن تي زور ڏيان ٿو ته
ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ۽ حقيقتون اُڀري اچن
ٿيون جو هن وقت يقين ئي نه ٿو اچي ته ائين به ڪو
ٿيو هو، ٿيندو هو، يا اهڙو پُراَمن ۽ سُک سانت
وارو سمو هوندو هو! ننڊ مان اڃا اک کلندي هئي ته
عجيب آوازن سان ڌرمي خيالن وارن ٻڍا، پيرسن، وڏا،
جوان ٽاٻر، ٻار، ڊنبلن جي صورت ۾ جهانجهه، کڙتال
وڄائيندا، سريلي آواز سان ڪورس جي صورت ۾ ڀڄن ۽
ڪيرتن ڳائيندا اچي گهٽين مان لنگهندا. ڪورس ۾
مختلف سُرن جو آواز ڏاڍو دل لڀائيندڙ هوندو هو....
جيتوڻيڪ ٻول هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ”گوپال ڪرشن.... راڌا
ڪرشن... گوپال ڪرشن... راڌا ڪرشن“، وغيره قسمن جا
هوندا هئا.
اڃا اهي ٽولا هڪ ٻئي پٺيان ڌڻيءَ کي پنهنجي مذهبي عقيدي موجب
ياد ڪندا، پڪاريندا، لنگهي ويندا ته چوڌاري پاڙن
جي مسجدن مان فجر جي ٻانگن جا پيارا آواز اچڻ شروع
ٿيندا... خاص ڪري ”حي الصلات ۽ الصلوات خير من
النوم“... اچو نماز تي، نماز ننڊ کان ڀلي آهي...
ٻڌي ڪلمو ڀري اُٿي ويهي رهبو هو... سبحان الله...
! اُن زماني ۾ مسجدن ۾ مئڪرافون لائوڊ اسپيڪر ڪونه
هئا، جن جو آواز صاف ۽ چٽو پري پري تائين ٻڌڻ ۾
پيو ايندو هو. عجب جي ڳالهه ته اُهي سڀ گهڻو ڪري
عمر رسيده، پير مرد يا پوڙها هوندا هئا. سندن آواز
۾ عجب تاثر ۽ پڙاڏو هوندو هو. کاهي روڊ تي واڍن جي
پڙ جو مؤذن حاجي رانجهو شيدي هوندو هو. گوله
اندازن جي مسجد جو ٻانگو آخوند محمد هو، جنهن کي
شِينب شينو، مالڪ شينو سڏيندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح
ٻيا.
ٻانگون اڃا ختم ٿينديون هيون ته هندن جي مندرن ۽ ٽڪاڻن ۽ مَڙهين
مان پوُڄا پاٺ جي سازن وڄڻ جا آواز ايندا. خچر پور
(اسان جي گهر جي پٺيان گهٽيءَ ۾) ٻائي هري ناٿ جو
ٽڪاڻو ۽مڙهي هئي. هت مَڙهيءَ جو مطلب واضح ڪندو
هلان ته سنڌيءَ ۾ مڙهي ڌرمي ماڻهن، ٻاون، برهمڻن ۽
مذهبي ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ کي چوندا آهن. ان طرح
کدڙن جي رهڻ جي جاءِ کي به مڙهي سڏيو ويندو آهي.
حيدرآباد مارڪيٽ ۾ ڦول گلي هن وقت ٿي سڏجي، اڳ
اُها کدڙن جي مڙهيءَ واري گهٽي سڏبي هئي. ها، ته
اُن مڙهيءَ مان هڪ ئي وقت نغارا، سنک، جهانجهه،
کڙتال، گهنڊ، گهڙيال ۽ توتاڙن جي بي ترتيبا آواز
ڪجهه دير تائين ايندا رهندا. ٻانگن اچڻ بعد مسلمان
مسجدن ۾ ۽ هندو ٽڪاڻن ۾ عبادت لاءِ وڃي انهيءَ
ڏينهن نبرڻ جون دعائون گهرندا ۽ پرارٿنائون
ڪندا... الله ته ڪل جهان جو مالڪ خالق، تنهن وٽ
بند جي عرض اگهائڻ ۾ ڪهڙي ويرم؟ ان وقت جا انسان
پنهنجي پالڻهار کان فقط ان هڪڙي ڏينهن جي خير برڪت
ان خيال سان گهرندا هئا ته اڄوڪو ڏينهن جيڪو
جيئدان ڏنو اٿس، ان جو خير گهرجي. حياتيءَ جو ڪهڙو
ڀروسو، جي هوندي حياتي ته سڀاڻي نئون سج نئين
نوڙت!
نماز مان واندو ٿي مسجد مان ٻاهر نڪربو ته ڀنگي پنهنجن ڪمن
ڪارين تي پيا ويندا. وڏيءَ عمر وارا ڀنگي، پڙ مان
لنگهندي، پهرين پڙ واري عَلم (آنگاس) جي دڪِيءَ کي
ساڄي هٿ سان ڇُهي، پنهنجي نرڙ ۽ منهن تي ڦيريندا.
وري مسجد اڳيان لنگهندي، مسجد جي ٻاهرين ڀت کي هٿ
هڻي نرڙ ۽ منهن تي گهمائي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندا ويندا.
هاڻي هندن کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪرندي ڏسبو هو. ڪن جي هٿن ۾
تازي پڪل ماني هوندي، جنهن مان ٽڪر ٽڪر ڪري ڪتن کي
ڏيندا ويندا ۽ گاين کي به کارئيندا رهندا. ڪي وري
پتل جي ٿالهيءَ ۾ ڳوهيل اٽي جو چاڻو، چانور، بوسو
وغيره کڻي اچي ڍڳين کي کارائيندا. ٻيا وري گاهه،
برسينگ، لوسڻ وغيره انهن جي اڳيان وجهندا ويندا.
مرد ۽ عورتون لوٽي ۾ پاڻي کڻي سج اڀرڻ جو انتظار
ڪندا. سج ڪني ڪڍي مٿي اڀرندو ته ان ڏي منهن ڪري
لوٽي مان پاڻي هاريندا ويندا ۽ شبد اُچاريندا
رهندا. اها هئي سندن عبادت ۽ پرارٿنا. اسين نيرن
ڪري اوڏيءَ مهل اسڪول ويندا هئاسين.
مون پرائمري تعليم پهرين مسافر خاني، پوءِ ماڊرن اسڪول مان
ورتي. اُتي اڪثريت هندو ٻارن جي هوندي هئي. ٻاراڻي
کان وٺي پنجين انگريزيءَ تائين تعليم جو اهتمام
هو. اسان جو هيڊ ماستر مسٽر ريجهو مل، نه فقط هڪ
اعليٰ استاد هو پر ماهر تعليمدان به هو، جيڪو بابا
سائينءَ کان پنهنجي پوري ڪٽنب جو علاج ڪرائيندو هو
۽ سندن ڪردار کان بيحد متاثر ٿيل ۽ معتقد پڻ هو.
رسيس ۾ پَرتو (پرتاب راءِ) دال پوريءَ وارو اسڪول اندر ايندو
هو. ان وٽ ڪاٺ جي پاٽوڙي ۾ مڱن جي دال هوندي. جا
سِپَ سان ڪڍي پورين مٿان رکي ڏيندو هو. هڪ آني ۾
چار پوريون، انهن جي مٿان چڱي چوکي دال رکجي
ملندي. پاسي ۾ ڇُڙي دال، سِپَ کن گجرن جو آچار يا
انبڙي جي آچار جي ڦار ته يڪوئي ڍَو. منجهند جي
موڪل کانپوءِ ماني ڌاني کائي آرام ڪبو هو. اها اُن
وقت جي ريت هئي. قيلوله ڪرڻ جي عادت ماڻهن ۾ مڙيئي
سرس هئي. بس منجهند جي ٽائيم تي خاص ڪري اونهاري
۾، شهر ۾ چهل پهل به گهٽجي ويندي هئي، ننڍو وڏو،
سڀ ڪو آرامي هوندو هو. ٻاهر گهٽين ۽ پاڙن ۾ رڳو
شيءِ وڪڻڻ وارن گهورڙين جا آواز ۽ هوڪا رکي رکي
پيا ايندا. شام جو چار ٿيندا هئا ته وري رونق
ورندي... عجيب زمانو هو.... ٿورو آدم، پاڻ ۾ مِٺ
محبت، ميل ميلاپ، سنگت ساٿ، ڪچهريون ۽ اوطاقون،
وڏن جا ساٿاري، اُنهن اوطاقن ۽ ڪچهرين ۾ صداقت ۽
سچائيءَ جا ٻول پيا ٻوليندا.
سگهڙ سون ورنيون ڳالهيون ٻڌائي عقل ۽ علم جي پالوٽ ڪندا رهندا،
ته ننڍا وري سندن نقطن کي جهٽڻ لاءِ واجهه پيا
وجهندا.
پيشين کان سانجهين تائين پاڙي ۾ ٻارن جا ميڙ مِڙي ويندا. مذهب،
دين، ڌرم ۽ فرقي جي ڀيد ڀاءَ کان بي نياز ٿيو ٻار
ائين پيا کيڏندا، ڄڻ ته هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي هجن.
سانجهيءَ کي سنجها مهل سمجهي سڀ ڪو وري وڃي ڌڻيءَ
جي عبادت ۾ لڳندو. مسجدن مان ٻانگن جو صدائون ۽
ٽڪاڻن ۾ سازن جي سنگت ٻُڌڻ ۾ ايندي، سنجها ٿيندي
ئي هر ڪو پنهنجن ڪمن ڪارين ۽ ڌنڌن ڌاڙين تان واپس
ورندو. ڪمي ڪاسبي ته شام جو پنجين ڇهين ڌاري ماڳ
موٽندا، باقي ڪاروباري طبقو رات جو اٺين وڳي تائين
پنهنجن گهرن ڀيڙو ٿي ويندو. آدم ايترو ڪونه هو، ان
وقت (1941ع) حيدرآباد شهر جي ڪل آبادي هڪ لک
سورنهن هزار هئي. رات جو دير تائين ٻاهر گهمڻ جي
عادت ماڻهن ۾ ڪانه هوندي هئي. رات جو ڏهين ٻارهين
وڳي تائين هوٽلون وغيره کليل هونديون هيون، پر
حقيقت ۾ نوين وڳي کان پوءِ سانت لڳي ويندي هئي.
سنڌي هندو رات جي ماني گهڻو ڪري دير سان کائيندا
هئا. ڪمن ڪارين ۽ ڪاروبار تان واپس ورندا ته سندن
گهرن مان دال لاءِ ٿوم جي داغ، چانورن دمجڻ جي
خوشبو ۽ تئي تي ڍوڍي ٿڦجڻ جا آواز پيا ايندا. وڏڙا
وري اونهاري ۾ ماني کائي، ٻاهر نڪري گهر جي دڪِيءَ
تي آسيس وٺندا ۽ ننڍا لت کوڙي سمهي پوندا. سويل
سمهڻ ۽ صبح جو سوير اُٿڻ ماڻهن جي عادت ۽ نيم هو،
ان ڪري اها چوڻي عام هئي:
”سوير سمهجي سوير اُٿجي،
اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي“.
اهڙيءَ ريت حياتيءَ جو چرخو پيو چلندو هو ۽ صبح جو وري ساڳيو
نيم.
ٻالڪپڻ جو اُنهن لمحن کي جي ياد ڪجي ٿو، جت رڳو سُک ۽ سهنج،
سستائي، سچ، هر ڪا شيءِ نِبار ۽ نِج هئي، ملاوٽ ۽
ذخيره اندوزيءَ جوته نالو نشان ئي ڪونه هو ۽ نه
وري اهڙي نيچ سوچ هئي. سڀ ڪا شيءِ ارزان ۽ ظاهر
ظهور کليل پئي وڪامبي هئي. لکن جا سودا ۽ ڪروڙن جا
ڪاروبار ائين پيا هلندا. ڪوڙ، ڪپت ۽ بي ايمانيءَ
جي خبر به نه هئي ته ڪهڙي ٿيندي هئي! سچو ڪاروبار،
سچا وڻجارا، وعدي ۽ زبان تي سڀ ڪجهه پيو وهندو
اپرندو. ڳليءَ ڳليءَ، چَونڪ چَونڪ ۾، جٿي ڪٿي، هر
ڪو سچ پيو ٻوليندو. ننڍا وڏا، ٻڍا ٻار سڀ پنهنجيءَ
ڪرت سان لڳل رهندا. اجايون سجايون ڳالهيون هيون ئي
ڪين. دين ڌرم جي پختگي، خيرات ۽ ڌرمائون ڳالهين ۾
سهڪار، همدردي ۽ خدمت سڀن لاءِ ساڳي-رڳو وٺڻ جي
دير هوندي. اهي اڳيون ڳالهيون جڏهن دل تي تري ٿيون
اچن ۽ اکين آڏو اهي ڏٺل اوائٺل منظر ٿا ڦرن ته هن
سمي جي ڀيٽ ۾ اُهي افضل ۽ اعليٰ ٿا لڳن. هن وقت جي
حياتي، زندگيءَ جي انيڪ آسائشن هوندي به حقير ۽ تڇ
ٿي لڳي. ڪاش اهو زمانو وري موٽي اچي، پر ناممڪن!
’گهورڙيو‘ لفظ سنڌي ٻوليءَ جو تمام پيارو لفظ آهي ۽ عام طرح سان
مروج آهي. ٻار اُن کي ’شيءِ وارو‘ يا ’ڀائي‘ سڏين.
وڏي ڦيريءَ وارو. گهورڙيو اهو شخص آهي، جيڪو کائڻ
پيئڻ، استعمال، گهرُو گهُرجن جي شيءِ شڪل وڪڻندو
هلندو رهندو آهي. ڪا مٿي تي، ڪا ڪلهي ته، ڪا گاڏي
۾، ته ڪا وري ٺيلهي تي. وٽس جيڪو وکر هوندو آهي،
ان لاءِ آواز ۽ هوڪو ڏيندو هلندو آهي. هر ڪنهن
شيءِ وڪڻڻ واري جي پنهنجي انفرادي حيثيت هوندي
آهي.
مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي جيڪي گهورڙيا اسان ڏٺا، ۽ جن سان
واهپو ۽ واسطو رهيو، سي نه فقط پنهنجي انفرادي
حيثيت جا مالڪ هئا پر سندن رنگ ۽ ڍنگ به نرالا
هئا. اُنهن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!اڄ اهي ماڻهو،
هوڪا، آواز ۽ تصور اکين اڳيان ائين پيا ڦرڻ جو سڀ
ڪجهه وڃائي ويهي رهڻ جي باوجود به ذهن جي پردن ۽
هلڪن ڌنڌلن عڪسن ۾ جهاتي ٿي پائجي ته هن موجوده
وقت جي گهُٽ ۽ افراتفريءَ واريءَ حياتيءَ ۾ ڪجهه
سڪون سَريو وڃي.
هيرو (هيرانند) دال پوريءَ وارو گهورڙيو هوندو هو. قد جو بندرو،
بدن ۾ ڀريل، هميشہ سفيد پاجامو ۽ اڇو ململ جو
پهراڻ، سياري ۾ ڳاڙهي کٿي ڳچيءَ ۾ ويڙهيل، آواز
ويٺل، مٿي جا وار ڪُرو ڪَٽ، مُڇون ٿلهيون مشين لڳل
۽ ڏاڙهي ڪوڙيل، نه ته هميشہ وڌيل. سندس هوڪو هوندو
هو ”دال پوري... هل دال پوريءَ وارو“. مٿي تي
ٿالهه، ڪڇ ۾ تيلين وارو ٿالهه رکڻ جو ڊگهو اسٽئنڊ.
ٻار اشارو ڏنو ته مٿي تان ٿالهه لاهيندو، پر لاهڻ
کان اڳ هيٺ زمين يا پٽ تي نظر وجهندو ته سڌي
سنواٽي ته آهي نه! پوءِ اسٽئنڊ رکي مٿي تان ٿالهه
لاهيندو ۽ اسٽئنڊ تي رکندو. جهٽ پٽ انگوڇي جي
ويڙهيل سيڙهيل سينهوڙي مٿي تان لاهي ٿالهه جي ڪنڊ
۾ رکندو. هن جي دال پوري نه رڳو مشهور هئي، پر هو
پاڻ به لاجواب ماڻهو هو. ٻه وڏا ڪاٺ جا پاٽوڙا، هڪ
۾ مڱن جي ۽ ٻئي ۾ چڻن جي دال. اُنهن جي پٺيان
پڪوانن جو ڀريل کارو، اُنهن جي پاسي ۾ ننڍا ننڍا
پيالا، جن ۾ سائي ڦودني جي چٽڻي، ڳاڙهن مرچن واري
چٽڻي، مٺي بصر جو داغ، آچار به سڀئي قسم. انبڙي،
گجر، ليمون، ان کان علاوه ڇُڙي دال ۽ وڏو ڪپڙي ۾
ويڙهيل پورين سان ڀريل ۽ سٿيل پاٽوڙو الڳ. آءُ
گهڻو ڪري آرتوار ڏينهن تي سندس انتظار ڪندو هئس.
هيرو هر روز صبح جو گهران نڪري سڀني پاڙن جا چڪر
ڏئي منجهند جو گهر ويندو. وري شام جو نئين تازي
مال سان وڃي ناهَين جي پڙ ۾ بيهندو. ٻين آني ۾ اٺ
پوريون ۽ ايتري ته دال ملندي، جو پيٽ ئي ڀرجي
ويندو. مانيءَ جي تمنا ئي نه رهندي. سستائيءَ جو
زمانو هو. پوريون نج سنڌي ڪڻڪ جي اٽي جون ۽ ڊالڊا
گيهه ۾ تريل. هڪ پوري مرد جي چوڙي تريءَ جيڏي، نه
سنهي نه ٿلهي، پڪوان هڪ آني ۾ لولي جيڏو ۽ ننڍو
ٽڪي. سوادي، ڀُرڪڻ ۽ خستا، چڻن جي دال مٿان بصر جو
داغ، ڏاڍو مزو ڏيندو هو.
هيرو ڏاڍو چرچائي، ڀوڳائي کِلمُک ماڻهو هو. هر ڪنهن ننڍي وڏي
سان سندن خانداني وابستگيءَ مطابق اهڙو ته سهڻو
مذاق ڪندو جو اڳلو چڙڻ بدران کلي ڏيندو هو. مون کي
دال پُوري ڏئي مٿي تي هٿ رکي ائڪٽرن جيان اداڪاري
ڪندي منهن ۾ گهنج وجهي چوندو ”حڪيم صاحب! اڄ صبح
کان وٺي مٿي ۾ ڏاڍو سور اٿم“. يا وري ٻانهن ڊگهيري
چوندو”حڪيم صاحب، رات کان بخار ٿي پيو اٿم“. مان
مشڪي ماٺ ڪري هليو ويندس. کٽي ڇوڪري کي چوندو،
”ابا پڻهين کي چئجانءِ ته مهينو ٿيو آهي، ڪپڙا
ڌوئي ڪونه ڏنا اٿئي، ڦٻائڻ جو خيال ٿئي ڇا؟“ يا
وري منهن کي هٿ هڻي”ڏاڍو ميرو ٿي ويو آهيان، مون
کي کڻي کُنڀ ۾ وجهو!“ قلعي گر جي پُٽ کي چوندو،
”هيڏانهن منهنجي منهن قلعي ڪرڻ جا گهڻا پَيسا
لڳندا؟“ وغيره وغيره.
هيرو بيشڪ هيرو هو. جهڙو پاڻ سچو هو تهڙو وري سندس مال اوچو ۽
سچو هو. واقعي پنهنجي وقت جو ’هيرو‘ هو. آچُو گهڻو
ڪري منجهند جو هوڪا ڏيندو وتندو. ”ممبئي جو
ڪيوڙ... قنڌاري ڏاڙ...“ (بمبئيءَ جو ڪيوڙو، قنڌاري
ڏاڙهون) آچو اتراڌي واڻيو هو. سروقد، منهن تي
سينئرن جا داغ، ڌوتي، پهراڻ، مٿي تي تيلين جو
چوکنڊو خومچو، اُن ۾ هر ڪنهن قسم جي ميوي جو ٿورو
ٿورو مقدار موسم آهر هوندو ئي هوندو. مون کي چڪون
ڏاڍا وڻندا هئا. آنڪ ۾ هڪ چڪون، ٻه ڪيلا ۽ هڪ
نارنگي ملي ويندي هئي. اُن وقت سنڌ ۾ ڪيلو ڪونه
ٿيندو هو ۽ اُن کي ڪيوڙو سڏيندا هئا. ڏاڙهون
افغانستان کان ايندا هئا،انڪري قنڌاري سڏبا هئا.
سنڌ ۾ ڪيلو ٿيندو ضرور هو پر ننڍو، ڇوٽو، پيلي رنگ
جو، اهو گهڻو ڪري ڪراچيءَ وارن علائقن ۾ ٿيندو هو.
اهو ڪيوڙو نه هو سوادي نه ڪو وري مزيدار. ڪيوڙي جو
سواد به عجيب آهي. هاڻ ته ساري سنڌ ۾ بي انداز
بهترين ڪيلو ٿئي ٿو. سنڌ مان ڪيلو ۽ انب ساري
پاڪستان ۾ وڃن. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ به
موڪليا وڃن. ان وقت ڪراچيءَ جي اَي ڪلاس هوٽلن ۾
خاص ڪري چائينيز ريسٽارنٽس ۾ فرائي پان ۾ ڪيلا
وجهي گيهه ۾ تري لوڻ مرچ وجهي فراءِ بنانا ڊش
سڏيندا هئا. واقعي، فرائيڊ ڪيلا ڏاڍا مزيدار ۽
سوادي ٿيندا هئا.
اونهاري ۾ قسمين قسمين ميوا به عام جام ته ٿڌا مشروب به ججها
وڪامندا هئا. هڪ ڪُراڙو چاچا علو، سنهڙو سيپڪڙو،
منهن ۾ پيريءَ جا گهنج، جهُرين سبب منهن ڳوچلو،
مٿي تي ٿالهه کڻي هلندو. هوڪو ڏيندو”آ... گلابي
ڦاروان، ٿڌا مٺا ڦاروان.“ ڦاروان وٺبس ته ٻن آنن ۾
ڍڳ ملندو. ڇا جا تورا ڇا جا تُراڙا! اهو ڍڳ اسان
جي ننڍڙن ٻاراڻن هٿن جو ڀريل ٻُڪ هوندو هو. دڳ تي،
چوواٽن تي، ڇانوري وارن هنڌن ۽ ڪنڊن تي هيٺ پٽ تي
ٽپڙي وڇائي، ڪاڇيڙا، هندو، مسلمان ۽ ٻيا گدرا،
ڇانهيون، انب وغيره ويهي وڪڻندا، تور جو رواج
پاڪستان بنجڻ کانپوءِ پيو، جو کنڀن سوڌي، وٺِين ۾
ٿڦيل ڪڪڙ به تور تي!
اُن وقت اُڪو اگهه چڪائبو هو. گدرو پسند ڪري سُونگهي کڻبو، آنو
يا ٻه آنا. سٺو وڏو چار آنا، جو هڪ ماڻهوءَ جو پيٽ
ڀرجي وڃي. گدرن جا ٻج هندو سڪائي رکندا. پوءِ کيسا
ڀريو پيا هلندا. اونهاري ۾ چڱي وات جي وندر هوندي.
اهڙيءَ طرح نيزا ۽ بوهي چڻا سياري ۾ وات جو واهه
جو چشڪو هو، جيڪو کڻ سو ڀرتو! هاڻ ته ماڻهن جي
کاڌل اندر وانگر جنهن ۾ هٿ وجهه سو خالي. بوهي چڻن
کي بوهي مڱ به چوندا هئا، هاڻي ته سائين اهي وڃي
ٿيا آهن چلغوزي ۽ ڦلي. ڪيئن ٿا ڀانيو! خدا خير
ڪري، اوهان جي ڀلي، سا ڳالهه ناهي ٺلهي، پر اڄڪلهه
اها ريت آهي هلي.
عورتون، خاص ڪري ڇوڪريون، اونهاري ۾ ڪافي تعداد ۾ گدرن جا ٻج گڏ
ڪري رکنديون. پوءِ سياري ۾ ٻجن جي مٺائي
ٺاهينديون. اها ڏاڍي لذيذ ٿيندي هئي. سچائي ۽
سهنجائي وارو وقت هو. اهي گهورڙيا گهڻو ڪري غريب
گهراڻن سان تعلق رکندا هئا، تڏهن به جيڪي غريب
عورتون يا ٻار ٻجن کڻڻ لاءِ ويندا هئا، جيڪي سندن
پاسي ۾ ڍير ٿيا پيا هوندا، ته منع ڪانه ڪندا ۽
خوشي سان کڻڻ جي اجازت ڏيندا. ان شيءِ جي ڪابه
قميت وصول ڪانه ڪئي ويندي هئي. ساڳيءَ طرح ڳئون
مينهن جي وٿاڻن مان ڇيڻا، مارڪيٽ مان گوشت جا
ڇيڇڙا ۽ واڍن جي ڪم ڪرڻ وارن هنڌن تان ڪاٺ جا
ڇوڏا، اهي سڀ ارزان ۽ مفت هئا. غريب ڪٽنبن جون
ڪاڇاڻيون ڇيڻا ٿڦي، سڪائي، اٺين آني هڪ سَو
وڪڻنديون هيون. گدرن جا ٻج سڪائي، سيرن جي حساب
سان سُکين گهرن ۾ کپائينديون. اهڙيءَ طرح قرب ۽
محبت جي فضا ۾ ماڻهو هڪ ٻئي جي مدد، سهائتا ۽
همدرديءَ سان پيا تڳندا ۽ ترندا. انساني همدردي،
خير خيرات، دان پُڃ جو جذبو اُتم ۽ اعليٰ هو. وڏا
سکر ماڻهو، پَيسي وارا صاحب حيثيت ۽ سيٺيون ۽
مخيرحضرات، سخي مڙد، جانورن ۽ انسان لاءِ گهڻو
ڪجهه ڪندا رهندا هئا. وڏن رستن، چونڪن، گهٽين ۽
فقيرن جي آستانن، مقبرن ۽ قبن تي ”جل آشرم“ قائم
ڪيل هئا. هڪ ننڍڙي ڪوٺي، جنهن ۾ ٽنهي ڀتين سان
نوان فرسٽ ڪلاس مَٽ پاڻيءَ سان ڀريل رکيل هوندا.
ڪوٺي يا دڪان جي مهاڙيءَ تي به ڳاڙهي ڪپڙي واري
جهالر سان وڏا مَٽ رکيل هوندا جن ۾ اونهاري ۾ برف
پيل هوندي. انهن جي وچ تي پگهار دار ڀَيو صندليءَ،
منجيءَ يا ڪرسيءَ تي ويٺل هوندو. سندس پاسي ۾
امرتسري چڻن جون ڀريل ڇليون رکيون هونديون. دڪان
جي ٻنهي پاسي کليل در جي تاڪن تي گلدان نصب ٿيل
هوندا، جن ۾ ڪيترا گلاس پيل هوندا. هڪ پاسي وڏن
اکرن ۾ لکيل هوندو ’مسلمان‘ ٻئي پاسي لکيل هوندو
”هندو“. هندو مسلمان پنهنجي گلاس دادن مان گلاس
کڻي ڀيي اڳيان جهليندا. ڀيو هڪ هٿ سان ڇٻيءَ مان
چڻن جي لپ ڏيندو ۽ ٻئي هٿ سان سادي پاڻيءَ جي مَٽ
مان پاڻي ڪڍڻ جي ٻوڪي ( جا گهڻو ڪري ٻٽي جست جي
شيخ ۾ جست يا ناريل جي کل جي اڌ کوپي واري ننڍڙي
لوٽي) هٿ ۾ جهليل گلاس ۾ ٿورو ٿورو پاڻي اوتيندو،
جنهن سان گلاس اگهاري وري گلاس جهليندا. هاڻي ٿڌي
پاڻيءَ جو فل ٻوڪو ڀرجي ملندو. چڻا کائي مٿان جو
ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پيئبو هو ته هيانءُ ئي ٺري
پوندو هو!
هن وقت ڪڏهن ڪڏهن پراڻين ڳالهين تي سوچبو آهي ته اڳين ماڻهن جي
حياتي، عقل، سمجهه ۽ انسان دوستيءَ تي رشڪ ايندو
آهي. واقعي عجيب دور هو. انسان ڪاڙهي ۾ هلي هلي
هڪدم پاڻي پيئي ته سن اسٽروڪ
(Sun stroke) لڳي وڃيس، ان ڪري پاڻي پيئڻ کان اڳ ڪجهه دير ڇانو ۾ بيهي چڻن
جي لپ کائي پوءِ پاڻي پيئڻ، اهي سڀ ڳالهيون انسان
جي حياتيءَ لاءِ ڪيڏيون نه اهم آهن! افسوس ”اُهي
وينجهار ئي ويا، جن سون توريو ٿي تڪي.“ (هلندڙ) |