ڌڪن اتي ڌڪ، ھينڙا سـﮧ سانداڻ جي،
ھئي ...... ھيڪاند، جو تو کامي ....
(سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو ذخيرو، ص 524)
مون بيت کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر اِھو ڪيتري قدر صحيح
آھي، اُن متعلق مان ڪجھه چئي نٿو سگهان. مڪمل بيت
ھيٺ ڏجي ٿو:
ڌڪن اتي ڌڪ، ھينڙا سـﮧ سانداڻ جيئن،
ھئي جا ھيڪاند، جو تون کامي ڪڻيون ٿئين.
(بيت _3)
جئن جيرو کانئي ڄرسين، عشق ايئن ڪري،
اڃان پرت پري، ڳالھه نه ڳالھين جھڙي.
(سُريمن:4: 22، ص 129)
ڪيفيت: مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي. اوائلي دور جي
رسالن ۾ ھن بيت جا قافيا ٻنھي سٽن جي آخر ۾ آيل
آھن. بيت جي اِھا سٽاءَ شاھه کان اڳ وارن بيتن جي
آھي. ھي بيت شاھه کان اڳ جي ڪنھن سالڪ جو چيل آھي.
آڳاٽي دور جي رسالن مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
جئن ڄيرو کانئي ڄرسين، عشق ايئن ڪري،
ڳالھه ڳاڻي ٽري ناھه ڪا، اڃان پرت پري.
(ڏھه قلمي نسخا/ سُر آسا، ص 474)
(بيت _ 4)
اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سراڻي،
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.
(معياري منن، سُريمن،4: 17، ص 127)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي. ھي بيت آخوند عبدالرحيم
جي ڪتاب ”ھرگنيو“ ۾ پڻ ڏنل آھي، جتي ھن جي پڙھڻي
ڪجھه مختلف آھي، آخوند صاحب واري پڙھڻي ھيٺ ڏجي
ٿي:
اڄ پڻ آڳڙيا، سوڌا سراڻي،
پياريندا پاڻي، سيروھن کي سون جو.
(ھر گنيو، بيت:192، ص 97)
آخوند صاحب واري بيت جي پڙھڻي به تمام سھڻي آھي ۽ بيت به معياري
لڳي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ھي کنڌيءَ وارو بيت ھجي. ھن
بيت کان پوءِ آخوند صاحب ھڪ ٻيو بيت به ڏنو آھي،
جيڪو پڻ معياري بيت آھي ۽ شاھه جو چيل لڳي ٿو.بيت
جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
جن جون تورائي تکيون، سي سھن ڪين سراڻ،
اڳي ان دڪاڻ، ڪٽ چڙھي ئي ڪين ڪي.
(ھرگنيو، بيت: 193 ، ص 97)
داستان پنجون:
داستان پنجين ۾ ڊاڪٽر صاحب 22 بيت ۽ 2 وايون رکيون آھن. ھن
داستان ۾ بيتن جي ترتيب سھڻي رکيل آھي. بيت نمبر
پنجين جي ٻولي شاھه جي بيتن سان نٿي ملي، ھي ڪنھن
آڳاٽي سالڪ جو چيل ٿو ڏسجي. بيت نمبر6 جيتوڻيڪ
آڳاٽن رسالن ۾ موجود آھي ته به شاھه جو نٿو لڳي.
بيت نمبر 9 ڪن رسالن ۾ چئن سٽن سان ڏنل آھي، ته ڪن
۾ ٽن سٽن سان. بيت نمبر11 خواجه محمد زمان
لنواريءَ واري جو آھي. بيت نمبر 18 کان پوءِ
”سُرڪلياڻ“ جي داستان پھرئين جا بيت نمبر 33۽ 34
رکجن ھا، جو اِھي سڀني رسالن ۾ لاڳيتا رکيل آھن.
بيت نمبر 19 ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ قلم
بند ٿيل آھي ۽ بيت نمبر 21 قاضي قادن جو آھي.
اُنھن سڀني بيتن جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو:
(بيت _ 1)
سٽرنه سا سارين، الف جنھن جي اڳ ۾،
ناحق نھارين، پنا ٻيا پرين لئي.
(معياري متن، سُريمن، 5: 4 ، ص 133)
ھي بيت گنج ۽ بمبئي ڇاپي وارن رسالن ۾ موجود آھي. ھن بيت جون
ٻئي سٽون ٿوري ڦير گهير سان معياري متن جي ھيٺئين
بيت ۾ آيل آھن:
سٽر سائي سار، الف جنھن جي اڳ ۾ ،
ميمان جو معلوم ٿئو، ورق سوئي وار،
ناحق ڪيم نھار، پنا ٻئا پرين لئي.
(معياري متن، سُريمن، 5: 14، ص 139)
معياري متن جو بيت نمبر چوٿون اضافي بيت آھي،
جيڪو معياري متن ۾ نه ڏيڻ کپندو ھو. بيت نمبر 14 ۾ صرف ھڪ سٽ جو
اضافو آھي، باقي معنيٰ ۾ ٻئي بيت ساڳيا آھن. اُميد
آھي ته ايندڙ مـؤلف اُنھن ڳالھين ڏانھن توجھه
ڏيندا ته جيئن متن کي وڌيڪ معياري ڪري سگهجي.
(بيت _ 2)
اکر ڇتي ھيڪڙي، ٻھون جي نه ٻجھن،
ڪوه ڪبوکي تن، سڄي سڻائي ڳالھڙي.
(معياري متن، سُريمن، 5: 5، ص 133)
اوائلي دور جي رسالن ۾ ھي بيت موجود آھي، جتي اُن جي پڙھڻين ۾
ڪجھه فرق آھي. مختلف پڙھڻين لاءِ ڏسو شاھه جو
رسالو، جلد پھريون، سمجھاڻيءَ وارو حصو. ھن بيت جي
ٻولي شاھه جي بيتن کان مختلف آھي ۽ اڳاٽي ٿي لڳي.
ڊاڪٽر صاحب به سمجھاڻيءَ واري حصي ۾ اھو شڪ ظاھر
ڪيو آھي ته ھي ڪنھن آڳاٽي سالڪ جو بيت آھي.
(بيت _ 3)
اوجھون ڪري عام کي، منجھائيو ملن،
اوءِ پريان ئي پاسي ٿيا، ڳھه ڳھه ڳالھيون ڪن،
ساھان اوڏو سپرين، لوچئو تان نه لھن،
دم نه سڃاڻن، دانھون ڪن ٻئن کي.
(معياري متن،سُريمن، 5: 6، ص 133)
ھي اوائلي دور جي رسالن جو بيت آھي، جتي اُن جي پڙھڻين ۾ ڪجھه
فرق آھي. مختلف پڙھڻين لاءِ ڏسو شاھه جو رسالو،
جلد پھريون، سمجھاڻيءَ وارو حصو. ھي بيت گنج ۽
آڳاٽن ڏھن قلمي نسخن جي آڌار تي ترتيب ڏنل رسالي ۾
سُر آسا ھيٺ رکيل آھن ۽ بمبئي ڇاپي واري رسالي ۾
”سُريمن“ ھيٺ ڏنل آھي. ھن بيت کي ٺاھڻ ۾ مـؤلفن
دماغ سوزيءَ کان ڪم ورتو آھي. منصوره واري قلمي
نسخي ۾ شاھه ڪريم جو ھڪ بيت ڏنل آھي. مـؤلفن اُن ۾
وچين سٽ ملائي ثابت ڪيو آھي ته اِھو بيت شاھه لطيف
تضمين ڪيو آھي. منصوره واري نسخي مان بيت ھيٺ ڏجي
ٿو:
پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مرن،
ساھان اوڏو سپرين، لوچئو تان نه لھن،
دم نه سڃاڻن، دانھون ڪن مٺن جيئن.
(ڏھه قلمي نسخا، سُر آسا: حاشيه، ص 481)
منصوره واري مٿئين بيت ۾ سواءِ وچين سٽ جي باقي ٻه سٽون شاھه
عبدالڪريم جي ھيٺئين بيت جون آھن:
پاڻي اتي جھوپڙا، مورک اُڃ مرن،
دانھون ڪن مٺن جيئن، دم نه سڃاڻن.
(شاھه ڪريم جو رسالو، ص 87)
متن واري مٿئين بيت ۾ وري منصوره واري بيت جون آخري ٻه سٽون رکي
نئون بيت ٺاھيو ويو آھي. مٿيون بيت شاھه جي اسلوب
بيان مطابق ڪونھي ۽ نه ئي ڪو شاھه جي اُفتاد طبع
وٽان آھي ۽ نه ئي ڪا ٻولي شاھه جي بيتن جي آھي.
اُن کان علاوه پھرين ٻن سٽن جو ربط به پوين ٻن سٽن
سان نظر نٿو اچي. اصل ۾ اِھو بيت شايد ٻن
سٽن جو آھي، جيڪو ڪنھن آڳاٽي سالڪ جو چيل ٿو ڏسجي.
ٿي سگهي ٿو ھي بيت قاضي
قادن يا شاھه عبدالڪريم جو ھجي.
اوڄون ڪري عام کي، منجھائيو ملن،
اوءِ پريان ئي پاسي ٿيا، ڳھه ڳھه ڳالھيون ڪن.
(بيت _ 4)
اکر پڙھي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪئاءُ،
جيئن ڀيريين ۽ ڀائيين، ايڏانـﮧ ائين نه آءُ،
ان سرڪي ساءُ، پڇج عزازيل کي.
(معياري متن، سُريمن، 5: 9، ص 135)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي اُن جي پڙھڻين ۾ گهڻو
اختلاف آھي. اختلافي پڙھڻين لاءِ ڏسو شاھه جو
رسالو، جلد _ 1،سمجھاڻيءَ وارو حصو. ھن بيت جون
آخري ٻه سٽون ”سُر ڪاپائتي“ ۾ الڳ بيت جي صورت ۾
ڏنل آھن. ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل آڳاٽن ڏھن قلمي
نسخن تي آڌاريل متن واري ايڊيشن مان بيت جي پڙھڻي
ھيٺ ڏجي ٿي:
ڀيريين ۽ ڀائيين، ايڏانـﮧ ائين م آءُ،
ان سرڪي ساءُ ، آھي عزازيل کي.
(ڏھه قلمي نسخا، ڪاپائتي، ب: 1853، ص 377)
گنج ۾ ھي بيت ٽن سٽن سان ڏنل آھي. جڏھن ته بمبئي ڇاپي ۾ ھي بيت
چئن سٽن سان ڏنل آھي، جتي اُن جي پڙھڻي ھيٺين طرح
آھي:
اکر پڙھي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪئاءُ،
جيئن ڀيريين ۽ ڀائيين، ايڏانـﮧ ھڏم آءُ،
ورق ورائين وترا، ملا مٺي ماءُ ،
ان سرڪي ساءُ، پڇج عزازيل کي.
(بمبئي ڇاپو، سُريمن، 5: 24، ص 26)
لڳي ٿو ته ھي بيت ٻن سٽن جو آھي ۽ شاھه کان اڳ جي ڪنھن سالڪ جو
چيل آھي. ٿي سگهي ٿو ته ھي بيت قاضي قادن جو ھجي
يا شاھه عبدالڪريم جو:
اکر پڙھي اڀاڳئا، قاضي ٿئين ڪئاءُ،
ورق ورائين وترا، ملا مٺي ماءُ.
مـؤلفن ٽن يا چئن سٽن وارن بيتن مان ڪجھه سٽون کڻي الڳ سان بيتن
جي صورت ۾ ڏنيون آھن. يا اُنھن جي اڳيان ٻه ٽي
قلمي نسخا ھئا، جن ۾ اِھو بيت ڪٿي ته چئن سٽن سان
ڏنل آھي ته ڪٿي وري ٻن سٽن سان ته ڪٿي وري ٽن سٽن
سان. اُنھن بيتن تي گهڻي غورفڪر ڪرڻ جي ضرورت آھي.
(بيت _ 5)
سٽرون پڙھه ساڃاءِ جون، ڪنز قدوري ڇڏ،
وان تني جي سڏ، جني سانگ نه ساھه جو.
(معياري متن، سُريمن، 5: 11، ص 137)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي اُن جي پڙھڻين ۾ گهڻو
اختلاف آھي. اختلافي پڙھڻين لاءِ ڏسو سمجھاڻيءَ
واري حصي جو صفحو نمبر 520. ھن بيت جي ٻي سٽ
معياري متن جي ”سُريمن“ جي داستان 6 جي بيت نمبر
17 ۾ ٿوري ڦيرڦار سان موجود آھي. معياري متن جي
سُريمن مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
جيڏانھن قاتل ڪوڙ، اکيون اوڏاھين کڻي،
وه تني جي ووڙ، جني سانگ نه ساھه جو.
(معياري متن، سُريمن، 6: 17، ص 153)
معياري متن جي مٿئين بيت جي سٽ (وان تني جي سڏ، جني سانگ نه
ساھه جو)، ۽ ”سُريمن“ واري بيت جي سٽ (وه تني جي
ووڙ، جني سانگ نه ساھه جو) ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ ٻئي
سٽون معنيٰ ۾ ساڳيون ئي آھن. صرف وان بدران (وه) ۽
ووڙ جي جڳھه تي (سڏ) وڌو ويو آھي. ووڙ جي معنيٰ سڏ
۽ وان جي معنيٰ وه. اُن مان محسوس ٿئي ٿو ته مٿيون
بيت ڪنھن پڙھيل فقير جي ڪاريگري آھي. ھن بيت متعلق
وضاحت ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمجھاڻيءَ واري حصي جي
صفحي نمبر 520 تي ٺٽ رسالي مان ھڪ بيت ڏيندي لکيو
آھي ته، ٺٽ رسالي ۾ مٿئين بيت جي پڙھڻي گهڻو مختلف
آھي. ٺٽ رسالي مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
ڪنز قدوري ڇڏ، سٽرون پڙھه ساڃاءِ جون،
چڙھه تني جي مڏ، جي ستيون ڏين شراب جون.
(سُريمن/سمجھاڻي، ص 520)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمجھاڻيءَ واري حصي ۾ اِھو ڪونه لکيو آھي ته ٺٽ
رسالي جو بيت ڪھڙي سالڪ جو آھي. اصل ۾ ٺٽ رسالي
وارو بيت خواجه محمد زمان جو آھي، جيڪو ’ابيات‘
سنڌي ۾ پڻ ڏنل آھي. ابيات سنڌي مان خواجه صاحب جو
اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
اکر پڙھه عشق جو، ڪنز قدوري ڇڏ،
چڙھه تني جي مڏ، جي ستي ڏين شراب جي.
(ابيات سنڌي: ب _71،ص 130)
(بيت _6)
تن کڏي، من حجرو، ڪيم چاليھا رک،
ڪـﮧ نه چپوڄئوپوڄئين، اٺئي پھر الک،
تون تان پاڻ پرک، سڀ ڪنھن ڏانھن سامھون.
(معياري متن، سُريمن، 5: 18، ص 141)
ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان جو بيت نمبر 18 آھي. ھن بيت جي آخري
سٽ ھيٺئين فقري تي ختم ٿئي ٿي:
”سڀ ڪنھن ڏانھن سامھون.“
ساڳئي فقري سان شروع ٿيندڙ ھيٺيان ٻه بيت ڊاڪٽر صاحب وري سُر
ڪلياڻ جي داستان پھرئين ۾ رکيا آھن. ٻئي بيت ھيٺ
ڏجن ٿا:
(1)
سڀ ڪنھن ڏانھن سامھون، ڪو ھنڌ خالي ناھه،
احدان جي ارڳ ٿئا، سي ڪانئر ڪبا ڪانھه،
محب منجھين مانھه، مون اڄاڻندي اجھئو.
(ڪلياڻ _ 1: 33، ص 15)
(2)
سڀ ڪنھن ڏانھن سامھون، ڪو ھنڌ خالي ناھه،
ڪڇڻ ڪڌي لاھه، پاھت ئي پرين سين.
(ڪلياڻ _ 1: 33، ص 15)
سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ مٿيان بيت ”سُر آسا“ ۾ رکيل آھن.
ھڪ ته اُنھن بيتن جو ”سُر ڪلياڻ ويمن“ سان ڪو ميل
نٿو ٺھي، ٻيو ته اھي ٽئي بيت ”سُر آسا“ ۾ مـؤلفن
لاڳيتا رکيا آھن، جو اُنھن بيتن جو سرو سري سان
مليل آھن. اڳين مـؤلف ” سُر آسا“ ۾ اِھي بيت سوچي
سمجھي رکيا ھئا، جو ھنن کي اُنھن بيتن جي خبر ھئي،
نه ته ھو به اُنھن کي ”سُر ڪلياڻ“ ۾ رکن ھا. آڳاٽن
قلمي نسخن ۾ ڏسڻ ۾ آيو آھي ته ڪي بيت ”سُر آسا“ جا
”سُر ڪلياڻ“ ۾ اچي ويا آھن، ته ڪي بيت سُر ڪلياڻ
جا سُر آسا ۾ اچي ويا آهن، پر اُنھن جو تعداد
ايترو گهڻو ڪونھي. پوءِ جي مـؤلفن اُنھن بيتن کي
اُنھن جي سُرن مطابق سھڻي ترتيب سان رکيو آھي.
معياري متن ۾ ڪافي بيتن جو جيڪو لاڳيتو سلسلو قائم
ھو سو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڪافي بيت ڇڙوڇڙ ٿي ويا آھن،
سو اُنھيءَ ڪري، جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”سُر ڪلياڻ“
جا بيت ”سُريمن“ ۾ رکيا آھن ته ”سُريمن“ جا بيت
”سُر ڪلياڻ“ ۾ رکيا آھن، ته وري ”سُر آسا“ جا تمام
گهڻا بيت ”سُرڪلياڻ“ ۾ ٽپايا آھن. بيتن جي اِنھيءَ
ڦيرڦار سان بيتن ۾ اُھو تسلسل قائم نه رھيو آھي ۽
اُنھن جي سھڻائي به ختم ٿي ويئي آھي. اگر اُنھن
بيتن کي لاڳيتو رکجي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو، جيئن
بيتن جو سلسلو به قائم رھي ھا ۽ اُنھن جي سھڻائي
به برقرار رھي ھا.
(بيت _ 7)
تھڙا نه چاليھا چاليھه، جھڙو پسڻ پرين جو،
ڪاتب ڪڄاڙئا ڪريين، مٿي پنن پيھه،
جي ورق واريين ويھه، تپ اکر اھوئي ھڪڙو.
(معياري متن، سُريمن، 5: 19، ص 141)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتان پوءِ رسالن ۾ نقل ٿيو.
اختلافي پڙھڻين لاءِ ڏسو ڊاڪٽرصاحب جو شاھه جو
رسالو، جلد پھرئين جي سمجھاڻيءَ وارو حصو، جتي ھن
بيت جو تفصيلي ذڪرڪيل آھي. ھي بيت ”حڪايات
الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ لکيل آھي، جتي اُن جي
پڙھڻي گهڻو مختلف آھي. ”حڪايات الصالحين“ واري
پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
تِيھَا چَالِيھَانه چَالِيھَه، جيھو دَمُ دوستَ سِين،
ھَٿَئُون ويھي جا ڪيئون، پَاڻُ فَضيحَ،
جي وَرَقَ وَرائين وِيھه، تَه آھي بُودُ نَا بُودَ ۾ .
(اڻ لڀ سنڌي بيت،ص 129)
(بيت _ 8)
ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن، رھيو آھي روح ۾ .
(معياري متن، سُريمن، 5: 21، ص 141)
ھي بيت آڳاٽن قلمي نسخن جو آھي ۽ ڪيتري عرصي تائين شاھه صاحب
ڏانھن منسوب رھيو. ھيري ٺڪرجڏھن قاضي قادن جو ڪلام
شايع ڪيو ته بيتن جي ذخيري ۾ مٿيون بيت پڻ شامل
ھو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جڏھن شاھه جو رسالو شايع ڪيو
ته ھن بيت متعلق لکيو ھو ته شاھه صاحب ھن بيت ۾
شاھه ڪريم جي ھڪ بيت جي مصوع تضمين طور ڪم آندي
آهي. شاھه ڪريم جو اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
پاڻياري سر ٻھڙو، جرتي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رھيو آھي روح ۾ .
(شاھه ڪريم جو رسالو، ب: ص 54)
اصل ۾ معياري متن وارو بيت قاضي قادن جي مليل بيتن جي ذخيري ۾
شامل آھي، پر اُتي ٻي مصرع مختلف ڏنل آھي. ”سنتون
ڪي واڻي“ مان قاضي قادن جو اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
لائي لام الف سان، ڪاتب لکن جيئن،
مون ھينڙو پريان سان، لڳو آھي تيئن.
(سنتون ڪي واڻي، بيت: 8)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن رسالي جي ستين جلد ۾ وضاحت ڪئي آھي ته ھي
بيت قاضي قادن جو آھي. ھي بيت موش حات جو عمدو
مثال آھي، جنھن جي وچ ۽ آخر ۾ قافيا آيل آھن.
داستان ڇھون :
ھي داستان موکيءَ ۽ متارن جي قصي سان تعلق رکي ٿو، جنھن ۾ 38
بيت ۽ ھڪ وائي شامل آھي. ھن سُر ۾ بيت نمبر ٽيون
ميين شاھه عنات ڏانھن منسوب آھي ۽ سندس رسالي جي
”سُر آسا“ ۾ ڏنل آھي. بيت نمبر پنجون شاھه شريف
ڏانھن منسوب آھي، جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن
ڪيو آھي ۽ سندن خيال آھي ته ھن بيت جو اسلوب بيان
شاھه شريف کان وڌيڪ شاھه لطيف جو لڳي ٿو. بيت نمبر
ڇھون مخدوم احمد ڀٽي جي وفات سان تعلق رکي ٿو ۽
شاھه کان ڪافي وقت اڳ جو چيل آھي. بيت نمبر اٺون
’اٿئي سڌ سرڪ جي‘ فقري سان شروع ٿئي ٿو، جنھن کان
پوءِ ٻه بيت وري ٻين فقرن سان شروع ٿين ٿا، جن کان
پوءِ بيت نمبر 11، 12۽ 13 ساڳئي فقري ’اٿئي سڌ سرڪ
جي‘ سان شروع ٿين ٿا. اُنھن بيتن کي لاڳيتو رکجي
ھا ته بھتر ھو. لاڳيتو نه رکڻ سان بيتن جو سلسلو
ٽٽي پيو آھي. بيت نمبر 15 کان پھرين بيت نمبر34
رکجي ھا ته بھتر ھو، جو اُنھن ۾ ڪڙي سان ڪڙو ملائڻ
وارو سلسلو قائم آھي. بيت نمبر 17۽ 18 کان پوءِ
بيت نمبر 37 رکجي ھا ته بھتر ھو، جو سڀني قلمي
توڙي ڇاپي رسالن ۾ اھي ٽيئي بيت لاڳيتا رکيل آھن.
بيت نمبر 19 کان پوءِ بيت نمبر 24 رکجي ھا ته بھتر
ھو، جو اِھي ٻيئي بيت ’مٽ تڪيائون منجھيان‘ واري
فقري تي ختم ٿين ٿا. بيت نمبر 20 شاھه عنات جي
رسالي ۾ شاھه شريف جي نالي سان ڏنل آھي. ڊاڪٽر
صاحب اُن جو ذڪر نه ڪيو آھي. بيت نمبر 30 ڊاڪٽر
صاحب جي خيال موجب سليمان سگهڙ ڏانھن پڻ منسوب
آھي. ھن داستان ۾ بيتن جو سلسلو تمام گهڻو ٽٽل ۽
بي ربط آھي. ڪافي ساڳين تڪن وارا بيت اڳ پوءِ ڪيا
ويا آھن. ھن داستان ۾ ’عاشق معشوق‘ جي کنڌيءَ وارا
بيت رکجن ھا، جو اُھي به موکيءَ ۽ متارن واري قصي
سان تعلق رکن ٿا. اُن کان علاوه سُر ڪلياڻ جي
داستان پنجين جا بيت نمبر 23، 24، ۽ 25 به
”سُريمن، جي داستان ڇھين سان تعلق رکن ٿا، جو
اُنھن ۾ ڪڪوه ۽ ڪلاڙن جو ذڪر آھي:
(بيت _ 1)
ايڪ پيالو ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اڌ،
ايءَ تان سائل سڌ، ڪئي جا قوال سين.
(معياري متن، سُريمن: 6: 3، ص 145)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ موجود آھي، جتي ھن جي مصراعن ۾
ڪو ايترو گهڻو فرق ڪونھي. ڪن ۾ اکر سائل لکيل آھي
ته ڪن ۾ شاعر. ھي بيت سنڌ جي ھڪ ٻئي شاعر ميين
شاھه عنات ڏانھن پڻ منسوب آھي ۽ سندس رسالي ۾ ٿوري
فرق سان پڻ موجود آھي. جيئن ته ھي کنڌيءَ وارو بيت
آھي ۽ منھنجي پنھنجي خيال موجب شاھه لطيف جوئي
آھي. ميين شاھه عنات جي رسالي وارو بيت به تمام
سھڻو چيل آھي ۽ پھرين سٽ جو پاڻ ۾ گهرو ربط ٿو نظر
اچي، جڏھن ته شاھه صاحب واري بيت ۾ اِھا ڳالھه گهٽ
ٿي نظر اچي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته شاھه لطيف ميين
شاھه عنات جي بيت تي تتبع ڪيو ھجي. ميين شاھه عنات
جي رسالي مان اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
سڏي پاڻ سڄو ڪري، عشق نه ڪري اڌ،
اي تان سائر، سنڌ ڪئي جا قوال سين.
(ميين شاھه عنات جو رسالو، سُر آسا، بيت: 13، ص 133)
(بيت _ 2)
سِر ڏيئي سِٽ جوڙ، ڪنـﮧ پر ڪلاڙن سين،
مرڻا منـﮧ م موڙ، وٽي ڪين وڌ لھي.
(معياري متن، سُريمن: 6: 6، ص 147)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي ھي بيت ٻن سٽن سان
ڏنل آھي، جڏھن ته پوئين دور ۾ فقيرن ھن بيت ۾ ھڪ
سٽ جو اضافو ڪيو آھي. پوئين دور جي رسالن مان بيت
جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي، جتي وچ واري سٽ وڌائي ويئي
آھي:
(بيت)
سِر ڏيئي سِٽ جوڙ، ڪنـﮧ پر ڪلاڙن سين،
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ،
مرڻا منـﮧ مَ موڙ، وٽي ڪين وڌ لھي.
(سُريمن: 6: 6، ص 147)
ھن بيت متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو:
ھيٺيان ٻه بيت، جي 934ھه کان به اڳ جا چيل ٿا ڏسجن، ۽ جن جي
اسان وٽ سَند آھي، سي به حق به حق شاھه ڏي منسوب
ڪيا ويا آھن:
(1)
سڻي سڏ پرين جو، واڪي جي نه ورن،
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
(2)
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنـﮧ پر ڪلاڙن سين،
مرڻا منـﮧ مَ موڙ، وٽي ڪين وڌ لھي.
انھن بيتن جو واسطو مخدوم احمد ڀٽيءَ جي وفات سان آھي. شاھه جي
فقيرن ٻئي بيت جي وچ ۾ ھيٺين سٽ خواه مخواه وڌائي
آھي ۽ لفظي تڪرار سبب اُن جي خوبي خراب ڪري ڇڏي
اٿن:
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ.
ڪاتي، ڪرٽ ۽ خنجر، ھڪڙي ئي وقت ڪم آڻڻ شاھه صاحب جي شان وٽان
ناھي.
(مضمون ۽ مقالا/ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه جي رسالي ۾ تحريفون:
ص202۽ 203)
ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مٿئين بيان مان خبر پوي ٿي ته اِھو بيت
شاھه جو ڪونھي، بلڪ شاھه کان اڳ جي ڪنھن سالڪ جو
چيل آھي. اُميد ته ايندڙ محقق جڏھن شاھه جو رسالو
نئين سر ترتيب ڏيندا ته ھن بيت کي شاھه ڏانھن
منسوب نه ڪندا.
(بيت _ 3)
سڌڙيا سري جون، ڪوه پچارون ڪن،
جه ڪات ڪلاڙن ڪڍيا، موٽئو پوءِ وڃن،
پڪون سي پين، سر جني جا سٽ ۾ .
(معياري متن، سُريمن _ 6: 10، ص 149)
ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان ڇھين جو بيت نمبر ڏھون آھي. ھن بيت
جي آخري سٽ ’سر جني جا سٽ ۾ ‘ فقري تي ختم ٿئي ٿي.
جنھن کان پوءِ ٽي بيت وچ تي آھن، جن جون آخري سٽون
مختلف آھن. اُن کان پوءِ ساڳئي داستان ۾ بيت نمبر
14 جي آخري سٽ به ساڳئي پد ’سر جني جا سٽ ۾ ‘ فقري
تي ختم ٿئي ٿي. بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
ڪنڌ ڪٽارو، منـﮧ وٽي، عادت جني اي،
تني تڪون ڏنيون، جني منجھان جي،
سروتن سبي، سر جني جا سٽ ۾.
(سُريمن _ 6: 14، ص 151)
جيئن ته اِھي ٻيئي بيت ’سر جني جا سٽ ۾‘ فقري تي ختم ٿين ٿا،
اِن ڪري اُنھن کي لاڳيتو ھڪ ٻئي پٺيان رکجي ھا ته
وڌيڪ بھتر ھو. ھڪ ٻئي پٺيان لاڳيتا نه رکڻ سان ھڪ
ته اُن سان تڪرار واري صنعت ختم ٿي ويئي آھي ۽ ٻيو
ته بيتن ۾ اُھا سھڻائي به قائم نه رھي آھي ۽ بيت
به ڇڙوڇڙ ٿي ويا آھن.
(بيت _ 4)
وٽر وٽر وٽي ۾، مٽ مٽ منڌ ٻئو،
قدر ڪيف ڪمال جو، پياڪن پيو،
اچن درس دڪان تي، ڪنڌ قبول ڪئو،
سرھا سر ڏئو، چکن سرڪ سيد چئي.
(سُريمن _ 6: 2، ص 155)
معياري متن ۾ ھي بيت ”سُريمن “ جي داستان ڇھين جو بيت نمبر 20
آھي. ھي بيت سنڌ جي ھڪ ٻئي سالڪ شاھه شريف ڏانھن
پڻ منسوب آھي. ميين شاھه عنات جي رسالي مان شاھه
شريف جو اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ٽن سٽن تي مشتمل
آھي:
ون ون وٽي، وترو مٽ مٽ ملھه ٻئو،
قدر ڪيف ڪمال جو، پياڪن پيو،
سَرھا سِرڏيئو، ٿا چکن سُرڪ ”شريف“ چئي.
(شاھه عنات جو رسالو، سُريمن _2: 3/الف، ص 12)
(بيت _ 5)
موکيءَ مَٺو نه گهرئا، وه نه وھاٽئا،
سُرڪيءَ ڪاڻ سيد چئي، اُتي ٿي آٽئا،
ھوءِ جي ڳالھين ڳڱاٽئا، تن جون بَٺين پاسي بُٺيون.
(معياري متن، سُريمن_ 6: 30، ص 159)
معياري متن ۾ ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان ڇھين جو بيت نمبر 30
آھي. ھن بيت جي آخري سٽ ’تن جون بَٺين پاسي
بُٺيون‘ فقري تي ختم ٿئي ٿي. جنھن کان پوءِ پنج
بيت وچ تي آھن، جن جون آخري سٽون مختلف آھن. اُن
کان پوءِ ساڳئي داستان ۾ بيت نمبر 36 جي آخري سٽ
ساڳئي پد ’تن جون بَٺين پاسي بُٺيون‘ فقري تي ختم
ٿئي ٿي. بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
سِر وٽ سرڪي سڳڻي، وٺَين ڇو نه وري،
قدر ڪيف ڪمال جي، آھي خاص کري،
سرڪي جن سري، تن جون بَٺين پاسي بُٺيون.
(سُريمن:6: 36 ، ص 163)
جيئن ته اِھي ٻيئي بيت ’تن جون بَٺين پاسي بُٺيون‘ فقري تي ختم
ٿين ٿا، اِن ڪري اُنھن کي لاڳيتو ھڪ ٻئي پٺيان
رکجي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو. ھڪ ٻئي پٺيان لاڳيتا نه
رکڻ سان ھڪ ته اُن سان تڪرار واري صنعت ختم ٿي
ويئي آھي ۽ ٻيو ته بيتن ۾ اُھا سھڻائي به قائم نه
رھي آھي ۽ بيت به ڇڙوڇڙ ٿي ويا آھن.
(بيت _ 6)
وجھج واٽاڙن تي، ميخاني جي ماڪ،
ٿيندي سڌ سڀ ڪنھن، ھر ھنڌ ٿيندي ھاڪ،
پرھه جا پياڪ، جه سي اڱڻ آئيا.
(معياري متن، سُريمن _ 6: 34، ص 161)
معياري متن ۾ ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان ڇھين جو بيت نمبر 34آھي
. ھي بيت ’جه سي اڱڻ آئيا‘ واري فقري تي ختم ٿئي
ٿو، جڏھن ته بيت نمبر 14 وري ساڳئي فقري سان شروع
ٿئي ٿو. بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
جه سي اڱڻ آئيا، ته سرو ڪندا سڃ،
سائي ٿيندين اُڄ، ھي پيتو ھو آڻ ڪي.
(سُريمن _ 6: 14، ص 151)
اصل ۾ مٿيان ٻيئي بيت لاڳيتا قلم بند ٿيل آھن، جو ھڪڙو بيت جنھن
فقري تي ختم ٿئي ٿو ته ٻيو بيت وري ساڳئي فقري سان
شروع ٿئي ٿو. بيت نمبر 15کان پھرين بيت نمبر 34
رکجي ھا ته بھتر ھو، جو اُھي ٻيئي بيت سڀني رسالن
۾ سلسليوار رکيل آھن.
ضميمو
شاھه جي رسالي جي پھرئين جلد لاءِ جيڪي قلمي ۽ ڇاپي رسالا ڪم
آندا ويا آھن، اُنھن ۾ شاھه جو ڪيتروئي ڪلام قلم
بند ٿيل آھي. شاھه جو ڪلام کان علاوه رسالي جي
قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾ ٻين سالڪن جو به گهڻو ئي
ڪلام ڏنل آھي. ڊاڪٽر صاحب جي لکت موجب رسالي جي
ڪلام ۾ 63 ٻين سالڪن جا بيت پڻ موجود آھن، جن ۾ ڪي
نالي سان ڏنل آھن ته ڪي بنان نالي جي. ڊاڪٽر صاحب
رسالي مان ڪيترو ئي ڪلام ’ڌاريو‘ قرار ڏيئ رسالي
جي جلد 10 ۾ جمع ڪيو آھي، پر اُن سان گڏ شاھه جا
ڪيترائي معياري بيت پڻ خارج ڪري ڇڏيا آھن. مثلاَ
”سُريمن“ جو آخري داستان، جيڪو سڀني نسخن ۾ موجود
آھي، سو بنان ڪنھن وضاحت جي خارج ڪيو ويو آھي.
شاھه جي رسالي جي معياري متن لاءِ قلمي توڙي ڇاپي
رسالن کان سواءِ ڪي ٻيا ماخذ به ڏسڻا پوندا، جن ۾
”حڪايات الصالحين “ ۽ آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جو
ڪتاب ”ھر گنيو“ خاص اھميت رکن ٿا. اُنھن ٻنھي
ماخذن ۾ شاھه جا ڪيترائي معياري بيت قلم بند ٿيل
آھن، جيڪي ٻين ماخذن ۾ ڪونھن. ھيٺ ”حڪايات
الصالحين“ ۽ ”ھرگنيو“ مان ”سُر ڪلياڻ ويمن “ جا
معياري بيت ڏجن ٿا، جن کي ايندڙ مـؤلف رسالي جي
معياري متن شايع ڪرڻ وقت ذھن ۾ رکندا ته جيئن
رسالي جو وڌيڪ معتبر ڇاپو شايع ٿي سگهي.
(1)”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل شاھه جا اصلي بيت :
(1)
ڦڪيون فرق نه ڪَنِ، وَيڄَ وِڳِجِي اُٿِيَا،
وَيِڙَيون وِگهُيون وَٺُيِون، طَلبُون طَبَيبَنِ،
دلاَسِي دَوَسَنِ، ڏِئي ڏِيلُ چَڱو ڪَيِو.
(اڻلڀ سنڌي بيت/مھراڻ، ص 114)
ھي بيت شاھه جو چيل معياري بيت آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن ماخذ ۾
موجود ڪونھي. ھن بيت ۾ حرف تجنيس جو سھڻو استعمال
ٿيل آھي. بيت ۾ آيل فقرو ’ڦڪيون فرق نه ڪن‘ معياري
متن جي ڪن بيتن ۾ پڻ ڏنل آھي. معياري متن سان بيت
ھيٺ ڏجي ٿو، جنھن ۾ اُھو فقرو استعمال ٿيل آھي:
طنبو طبيبن، آڻي اڱڻ کوڙئا،
دارون ھن درد کي، ڦڪيون فرق نه ڪَنِ،
ورچئو ويڄ وڃن، سڌ نه پين سور جي.
(معياري متن، سُريمن، 2: 11، ص 101)
(2)
ڪَجو ڪَام پَچَارَ، مَوٽَڻَ سَندي جِيڏُيون،
سَڄَڻُ سَڀُ ڄَمَارَ، آءُ ڏَوريندِي گُذَري.
(اڻلڀ سنڌي بيت / مھراڻ، ص 114)
”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل شاھه جو ھي بيت تمام سھڻو
چيل آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ موجود ڪونھي.
بيت شاھه جي معيار تي پورو آھي. ھن بيت جي طرز تي
رسالي جي سڀني نسخن جي ”سُريمن“ ۾ ھڪ ٻيو بيت به
ڏنل آھي، جنھن کي ڊاڪٽر صاحب ”سُريمن“ جي معياري
متن ۾ شامل نه ڪيو آھي. ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب
اِھو بيت ”سُر آسا“ ۾ ڏنو ھجي. بمبئي ڇاپي مان بيت
ھيٺ ڏجي ٿو:
حبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪيو،
سومون سَڀُ ڄَمَارَ، اورڻ اھوئي ٿيو.
(بمبئي ڇاپو/ واصف، ص 10)
(3)
ڪَانَارِئا ڪَڻِڪَنِ، تو جِي ڪُٺَا ڪَامَ سين،
ويِجَ وَگهِجي شَدِيَا، اَڄُ ڪَه ڪَالَھه مَرَنِ.
(اڻ لڀ سنڌي بيت/مھراڻ، ص 120)
ھي بيت به شاھه جو چيل آھي ۽ ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ نظر نه آيو
آھي. ھن بيت ۾ تجنيس جو به سھڻو استعمال ٿيل آھي.
بيت ۾ تجنيس جو به سھڻو استعمال ٿيل آھي. بيت ۾
آيل فقرو ’ڪانارئا ڪڻڪن‘ سان معياري متن جو ھڪ ٻيو
بيت به شروع ٿئي ٿو. جيئن ته معياري متن ۾ اِھو
بيت صحيح طور تي ڏنل ڪونھي، اِن ڪري اصل بيت گنج
مان ڏجي ٿو:
ڪانرائا ڪڻڪن، جني لوه لڱن ۾،
محبت جي ميدان ۾ ، پيا لال لڇن،
پاڻھين ٻڌن پٽيون، پاڻھين چڪيا ڪن،
وٽان واڍوڙين، رھي اچجي راتڙي.
(گنج، ص 226)
(4)
اٿو ڊَرڀَ کَڻي، وَڃَو وَيڄَامَ وَھَو،
آھي ڀِيڙَ بِرَھه جِي، اَندَرِ گهُٽ گهڻِي،
ايندا ڏيِھه ڌَڻِي، چَڱو ڪَندَا چِٽَ کي.
(اڻ لڀ سنڌي بيت/ مھراڻ،ص 120)
”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل شاھه جي ھن بيت ۾ شاھه عشق،
اندر جي گهٽ ۽ برھه جي باھه جو بيان نھايت رقت سان
بيان ڪيو آھي. شاھه جو ھي بيت تمام سھڻو چيل آھي،
جيڪو ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ موجود ڪونھي. بيت معياري
آھي ۽ شاھه جي اسلوب بيان مطابق آھي، جنھن ۾ تجنيس
جو به سھڻواستعمال ٿيل آھي. ھن بيت جي پھرين سٽ
معياري متن جي ”سُريمن“ جي داستان پھرئين جي
وائيءَ ۾ موجود آھي. شاھه جي رسالي جي لڳ ڀڳ سڀني
واين ۾ اُنھيءَ سُر جي بيتن جون تڪون شامل آھن،
جيڪا ھڪ عجيب ڳالھه آھي. يا ته شاھه پھرين بيت چيا
آھن ۽ اُن کان پوءِ اُنھن جون تڪون واين ۾ شامل
ڪيون آھن، يا فقيرن بيتن مان تڪون کڻي واين ۾ شامل
ڪيون آھن، اُن متعلق ڪجھه چئي نٿو سگهجي. بھرحال
”سُريمن“ مان وائي ھيٺ ڏجي ٿي، جنھن ۾ مٿئين بيت
جي سٽ ڏنل آھي:
وائي
ورسئا ويڄ ويچارا، ڀليا ويڄ ويچارا،
دل ۾ درد پرين جو
من ۾ مرض پرين جو
اُٿو ويڄام وھو، وڃو ڊرڀ کڻي،
کڻو ڊرڀ تمارا،
2. ٻڪي ڏيندا ٻاجھه جي، آيا سور ڌڻي،
آيا جي جيارا.
(معياري متن، سُريمن، 1: 1، ص 95)
(5)
جراجت جَيئي، اُبِھُيو آن اَسَونھون،
ھرو آٿت ئي، ڪُڻڪيِو، ڪَنَجھيُون رَجھُه جَان.
(اڻ لڀ سنڌي بيت/مھراڻ، ص 132)
”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل شاھه جي ھن بيت ۾ ڪڻڪن ۽
ڪنجھڻ جو بيان نھايت سھڻي نموني ۾ ڪيو ويو آھي. ھي
بيت تمام سھڻو چيل آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾
موجود ڪونھي. ھن بيت ۾ حرف تجنيس جو به تمام سھڻو
استعمال ٿيل آھي.
(5)
آءُ گهڻوئي گهوريان، سندي ٻاجھه ٻين،
اصل ، ...... ......... ................. مــــــــٿــــــــن.
(اڻ لڀ سنڌي بيت/ مھراڻ، ص 136)
”حڪايات الصالحين “ جي حاشئي تي لکيل شاھه جو ھي بيت پورو پڙھڻ
۾ نه آيو آھي. ھن بيت ۾ ڪڻڪن ۽ ڪنجھڻ جو بيان
نھايت سھڻي نموني ۾ ڪيو ويو آھي. ھي بيت ٻئي ڪنھن
به ماخذ ۾ موجود ڪونھي. ھن بيت جي پھرين مصرع
اوائلي دور جي رسالن جي ھڪ وائيءَ ۾ موجود آھي.
وائيءَ ۾ موجود مصرع کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اُنھن
مصراعن تي اڳ ڪي بيت چيل ھئا، جن مان ڪجھه ته
داستانن ۾ موجود آھن ۽ ڪجھه ھاڻي اڻ لڀ آھن. اُنھن
بيتن مان ڪي ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي ڏنل
آھن ته ڪي وري ”ھرگنيو“ ۾ موجود آھن. معياري متن
مان اُھا وائي ھيٺ ڏجي ٿي، جنھن ۾ اُھا مصرع ڏنل
آھي:
وائي
وٺئو ھوت وڃن
الا جھليان، الا پليان، ھينڙو نه رھي
1.آءُ جني جي آيان، ڪڙي ٿيان م تن.
2.گهڻين ڀتين گهوريان، سندڙي ٻاجھه ٻين.
3.مر مران مارين مون، پرزا پرزا ڪن.
4.آءُ ميائي گهوري، جي مان محب ملن.
(معياري متن، سُريمن وائي 2، ص 143)
(2) ”ھرگنيو“ ۾ لکيل شاھه جا بيت:
آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ڪتاب ”ھرگنيو“ جي ”سُرڪلياڻ“ ۾ شاھه
جا ڪيترائي بيت ڏنل آھن، جن مان ڪي شاھه جي رسالي
۾ موجود آھن ته ڪي نوان بيت ڏنل آھن. ڪن جون
پڙھيون رسالي ۾ ڏنل بيتن کان مختلف پر سھڻيون آھن.
ڪي بيت ھن مقالي ۾ ڏنل آھن ته ڪي بيت ھيٺ ڏجن ٿا.
”ھرگنيو“ ۾ اڃا به ڪافي بيت آھن، جن تي ڪنھن ٻئي
مقالي ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
(1)
تائين ڪوھه طبيب، پايو دارون ديڳ ۾،
جو ھنيون گهاءُ حبيب، سو چيٺيي چڱو نه ٿئي.
(ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 83، ص 78)
(2)
ويڄن وڍ وڌام، ڦڪي فرق ئي نه ڪري،
موٽج محب سندام، چاڪ حڪيمن چوريا.
(ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 87، ص 86)
(3)
ملت محبت جن جي، مذھب تنھين موت،
فرض فنا جو فوت، تن کان طاعت نه ٿيي.
(ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 139، ص 89)
(4)
مطلق جو معرفت جو، جائز جن جواز،
سڀ رھائي راز، ڪشف قلبي تن جو.
ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 138،ص 89)
(5)
جي مشتاق مئي جا، سي موران نه موٽن،
نفيان نابود ٿيو، اثباتان اچن،
جي ڪات ڪلالن ڪڍيا، ته ھي پتنگ جيئن پچن،
ڪنھن جيئن چال چلن، آڳڙيا اُڇل تي.
(ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 191، ص 97)
مددي ڪتاب
1_ شاھه جو رسالو: گنج/ممتاز مرزا، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه. حيدرآباد سنڌ، 1995ع.
2_ شاھه جو رسالو: (ڏھن قلمي نسخن تي آڌاريل)/ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ
شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1977ع.
3_ قاضي قادن جو رسالو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، 1999ع.
4_ شاھه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام/ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه
عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد
سنڌ، 1977ع.
5_ ابيات سنڌي/ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1994ع.
6 _ ميين عيسي جا سنڌي بيت/ممتاز مرزا، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه
ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه حيدرآباد سنڌ، 1993ع.
7_ ھرگنيو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1993ع.
8_ شاھه جو رسالو: بمبئي ڇاپو/محمد بخش واصف، سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽي، حيدرآباد سنڌ، 1950ع.
9_ شاھه جو رسالو: معياري متن، جلد _ 1، سُر ڪلياڻ ويمن/ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1989ع.
10_ ڪلام گرھوڙي (ڇاپوٻيو)/ ڊاڪٽر دائود پوٽو، ع_م _ دائود پوٽو
ائڪيڊمي ڪراچي، 1995ع.
11_ سنڌي رسالو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ يونيورسٽي،
حيدرآباد سنڌ،1968ع.
12_ شاھه جو رسالو(3_ جلد)/ڊاڪٽر ھوت چند مول چند گربخشاڻي،
شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه،
حيدرآباد سنڌ، 1979ع.
13_ سنڌي نظم جي تاريخ/ليلارام ڏيونداس رچنداڻي گجرات سنڌي
اڪادمي گانڌي نگر، انڊيا، 1988ع.
14_ سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو ذخيرو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي
ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ، 1993ع.
15_ مضمون ۽ مقالا/ ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه
ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1978ع.
16_ميين شاھه عنات جو ڪلام/ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1963ع.
17_ اڻ لڀ سنڌي بيت/ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“، ٽماھي مھراڻ، نمبر 4
سال 1991ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ (ص:114_
137).
شاعر جو شعور
ڊاڪٽر فھميده حسين
شاعري ھڪ لطيف فن آھي، جيڪو ڏات ۽ ڏانءُ جي ميلاپ سان سرجي ٿو ۽
اُنھيءَ ۾ فنڪارن جي تخليقي صلاحيت عام شين، عام
واقعن، رواجي جذبن ۽ خيالن کي عام مان خاص ۽ ادنيٰ
مان اعليٰ بڻائڻ جي سگهه رکي ٿي. شاعري ھڪ اھڙو
تجربو آھي، جيڪو ھر ماڻھوءَ جي وس ۾ ڪونه ھوندو
آھي، البت اُھو شاعر جي قلم سان لکيل لفظن جي
ميڊيم ذريعي ماڻھوءَ جي دل ۽ دماغ، جذبي ۽ خيال کي
متاثر ڪري ٿو. شاعري تخيلاتي فن به آھي، جيڪو شاعر
جي اعليٰ تخيل (Imagination)جي
عڪاسي ڪندو آھي ۽ پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي تخيل ۾ به
تحرڪ پيدا ڪندو آھي.
شاعريءَ جي فن تي لکيل مقالن ۽ ڪتابن جي سلسلي ۾ اسين يونان جي
افلاطون جي ”ريپبلڪ“ کان وٺي ويندي سوشلسٽ نظريو
رکندڙ نقاد ڪرسٽافر ڪاڊويل يا اڃا به ٽي. ايس.
ايليٽ يا آءِ. اي. رچرڊس جا حوالا ڏيندا آھيون، پر
جيڪڏھن دنيا جي گولي جي بنھه ٻئي طرف يعني چين جي
اديبن جا نظريا ڏسون، ته به شاعريءَ بابت سندن
خيال ڪي اھڙا مختلف به ڪونه آھن ڪن ڳالھين تي اُھي
سڀيئي متفق آھن ته شاعري تخليقي، تخيلاتي ۽
تاثراتي ڏات آھي ۽ شاعر پنھنجي تخليقي صلاحيت ۽
وسيع تخيل (Imagination)
سبب پڙھندڙن تي تاثر وجھڻ جي ڀرپور صلاحيت رکڻ
وارا فنڪار ھوندا آھن.
ھڪ ڪلاسڪ چيني شاعر لُوچي (Lu
Chi)جو
مشھور نثري نظم آھي ”فو _ (Fu)“
جي نالي سان ، جيڪو ايڪلس فئنگ (Achilles Fang)نالي
ھڪ اديب انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي. ”فُو“ ھڪ طويل
نظم آھي، جنھن ۾ ادب، خاص ڪري شاعريءَ جي فن تي پڻ
لکيو ويو آھي. لُوچي اھو نظم لکڻ کان اڳ ۾ چوي ٿو،
”جڏھن مون عظيم شاعرن کي پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ته ائين
ڄاتم ڄڻ اُنھن جي دماغ ۾ جيڪي ھو، اُن جي مون کي
اڳيئي خبر ھئي ۽ آءُ سمجھي ويس ته سندن دماغ ڪيئن
ٿي ڪم ڪيو ۽ سندن شاعري ڪيئن سرجي
ھوندي.“
اُنھيءَ لکڻ کان پوءِ لُوچي پنھنجي نثري نظم ۾ شاعر جي باري ۾
لکيو آھي، جنھن مان ڪي خاص نڪتا ھي آھن:
•Taking his position at the hub of things (the
poet) contemplates the mystry of the Universe.
•He feeds his emotions and his mind on the great works of the
art. Moving along with the four seasons, he
sighs at the passing of time.
•Gazing at the myriad objects, he thinks of the complexity of
the world.
•He sorrows over the falling leaves in virile autumn.
•He takes joy in the delicate bud of fragrant spring, with
awe at heart he experiences chill.
•His spirit solemn, he turns his gaze at the clouds. He
declaims the superb works of his predecessors.
•He Groones the clean fragrance of past worthies_ takes the
writing brush, that he may express himself in
letters.
معنيٰ ته سولي سنڌيءَ ۾ ڳالھه ھيئن بيھندي ته معاملن جي سمجھه
رکندي شاعر ڪائنات جي ڳجھه (Mystry)تي
سوچي ٿو؛ ماضيءَ جي شاھ ڪارن مان پنھنجي لاءِ
اُتساھه حاصل ڪري ٿو ۽ چئن مندن کي ايندو ويندو
ڏسي وقت جي گذري وڃڻ تي آه ڀري ٿو؛ ھزارين شين
ڏانھن نھاريندي دنيا جي پيچيده اسرارن تي سوچي ٿو؛
سرءُ جي مند ۾ ڇڻندڙ پنن تي ڏک ڪري ٿو؛ بھار جي
مند ۾ کڙندڙ نازڪ مکڙي ھن کي سَرھو ڪري ٿي ۽ ھن جي
دل اُن تي عجيب ڪيفيت جو شڪار ٿي وڃي ٿي؛ پنھنجي
جذبي جي سچائيءَ سان ھو بادلن ڏانھن نھاري ٿو؛
پنھنجي پيشرو شاعرن جي شاھ ڪارن کي اندر ۾ اوتي
ڇڏي ٿو ۽ پاڻ مٿان اُنھن کي طاري به ڪري ٿو ۽ پوءِ
اُنھن ڏات ڌڻين جي ڪلام مان اُتساھه وٺي سندس ڏات
جاڳي پوي ٿي ۽ ھو قلم کڻي لفظن ۾ اظھار ڪري ٿو.
مٿئين تجزيي ۾ ڪي ڳالھيون نقادن کي متوجھه ڪن
ٿيون:
1_ ڪائنات جو ڳجھه (Mystry of Universe)
2_ چار مندن يعني وقت (Four Seasons)
3_ بيشمار شيون (Myriad objects)
4_ دنيا جا پيچيده اسرار (Complexity
of the World)
انھن نڪتن مان ڪھڙي ڳالھه ظاھر ٿئي ٿي؟ مشھور نقاد ميڪليش لکي
ٿو:
•We poets struggle with Non_ being to force it
yield Being.
•We Knock upon silence for an answering music.
•We welcome boundless space in a square foot of paper.
•We pour out deluge from the inch space of the heart.
يعني : عدم سان وڙھي اسين شاعر وجود کي زوريءَ آڻايون ٿا؛
خاموشيءَ منجھان موسيقي پيدا ڪرڻ لاءِ اُن کي
ڇيڙيون ٿا؛ ڪاغذ جي چورس فُٽ تي لامحدود جڳھه پيدا
ڪريون ٿا ۽ دل جي ھڪ ننڍڙي حصي مان جذبن جو سيلاب
اُٿلي سگهي ٿو.
اُنھيءَ سموري عمل ۾
Struggle, force, knockيعني
جدوجھد سان، سگهه سان ۽ ڇيڙڻ سان ئي عدم مان وجود،
ماٺ مان موسيقي ۽ ٿوري مان لامحدود حاصل ڪري سگهجي
ٿو.
شاعر ڇاڇا ڪري سگهن ٿا، پنھنجي تخيلاتي ۽ تخليقي سگهه سان ڪھڙا
ڪھڙا ڪم ڪري سگهن ٿا، اُنھيءَ بابت اسان کي مشرق ۽
مغرب جي ڪتابن ۾ لکيل گهڻائي نظريا، طريقا، اصول ۽
قائدا قانون ملندا. ٿلھي ليکي چئي سگهي ٿو ته ھر
شاعر جو تخيل (Imagination)پڙھندڙن
کي انيڪ اڻ ڏٺل دنيائن جو سير ڪرائي سگهي ٿو؛ ھو
پنھنجي ادراڪ ذريعي منجھن دنيا کي سمجھڻ ۽ ڄاڻڻ جي
قوت پيدا ڪري سگهي ٿو؛ پنھنجي ٻوليءَ تي دسترس
ذريعي لفظن معرفت سھڻا سھڻا عڪس ڏيکاري سگهي ٿو؛
مطلب ته ھو بھترين تخليقڪار (فنڪار)، بھترين تخيل
رکندڙ، بھترين مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ، بھترين شعور
رکندڙ، ٻوليءَ جو بھترين ڄاڻو يا ماھر، بھترين
ڏاھپ رکندڙ، بھترين رھنما ۽ سونھون ٿي سگهي ٿو
.... پر تڏھن به ھو ھڪ ڏاھو شاعر ۽ باشعور فنڪار
ئي رھندو. اُن کي اُھو ئي رھڻ ڏنو وڃي ته بھتر
آھي، پر اسان وٽ رواج ئي ڪجھه ٻيو آھي. اسان وٽ
شاھه لطيف سميت اڪثر شاعرن جي شاعريءَ ۾ مٿي بيان
ڪيل خوبيون ڏسڻ کان پوءِ عجيب عجيب جذباتي دعوائن
ڪيون وڃن ٿيون. اڳي ته شاھه کي رڳو ھڪ پير، بزرگ ۽
ولي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي ھئي، پوءِ اُن جي ضد ۾
کيس نظرياتي شاعر، ڪميونسٽ، سوشلسٽ، قوم پرست ثابت
ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر ھاڻي وري ھڪ ٻيو
رجحان ڏسڻ ۾ ٿو اچي ... ته ھو سنڌي ٻوليءَ تي مڪمل
دسترس رکڻ کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي ٻولين جي ڄاڻ
ٿو رکي، اِن ڪري ھو ”ماھرِ لسانيات“ آھي ؛ ھن ۾
سائنسي شعور آھي، اِن ڪري ھو ”سائنسدان“ به آھي ؛
ھو ڏاھو آھي ۽ ڏاھپ سندس شاعريءَ ۾ ڀري پيئي آھي،
اُن جو مطلب ته ھو ”فلسفي“ جي علم جو به ماھر آھي،
وغيره وغيره.
اچو ته ھاڻي اُنھن دعوائن جي حقيقت پسنديءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪريون.
شاھه _ ماھر لسانيات
اسان کي خبر آھي ته ھڪ يا وڌيڪ ٻولين تي دسترس يا مھارت رکڻ جدا
ڳالھه آھي ۽ ماھرِ لسانيات ھئڻ جدا ڳالھه آھي.
لسانيات ھڪ بنھه ڌار علم(Discipline)آھي
. شاھه صاحب کي ماھرِ لسانيات ثابت ڪرڻ لاءِ شاھه
جي رسالي جي ٻوليءَ کي بنياد بڻائي سندس ٻوليءَ تي
مھارت کي جواز بڻايو وڃي ٿو.رسالي جي ٻوليءَ جي
ڇنڊڇاڻ جو مقصد ۽ مفھوم سندس دور ۾ سنڌي ٻوليءَ
صورت حال سمجھڻ، اُن جي سونھن، سگهه ۽ آڌاين (Varieties)
وغيره کي ڄاڻڻ ھئڻ گهرجي ھا ۽ سندس دور ۾ مروج ۽
ھاڻوڪي دَور ۾ متروڪ يا مختلف ٿي ويل لفظن جي لغت
کي محفوظ ڪرڻ ھجي ھا. سندس اُنھن تر ڪيبن تي تحقيق
ٿيڻ کپي ھا، جيڪي سندس ايجاد ھيون يا سندس دَور جي
خصوصيت ھيون، پر اسان جي ماھرن شاھه جي ٻوليءَ جي
آپريشن ڪري اِھو ثابت ڪرڻ جي پئي ڪوشش ڪئي آھي ته
ھو وڏو ياڪرڻي (Grammarian)
ھو، ھو وڏو لغت جو ماھر (Lexicographer)
ھو، هو زبردست لسانيات جو ماهر
(Linguist)
هو. مثال طور اسان جو ھڪ نوجوان نقاد راز شر شاھه
صاحب کي گرامر جو ماھر ثابت ڪرڻ پنھنجي ھڪ مضمون ۾
لکي ٿو:
1_ شاھه جي شاعريءَ ۾ اسم مان ظرف ٺاھڻ جا به گهڻا مثال ملن ٿا،
مثال طور ”پل پل ٿي پلي، ڏم ڏيھاڻي ڪيترو“ واري سٽ
۾ لفظ ”ڏيھاڻي“ جو استعمال:
اسم+اڻي
=
ظرف
ڏينھن+اڻي=
ڏيھاڻي
2_ ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سوين اھڙا مثال ملن ٿا، جيڪي فعل مان اسم
ٺاھي لکيا ويا آھن، مثلاَ: ”لکئي مان لِکَ، ذرو
ضايع نه ٿئي“ ۽ ”ڪو جو وڍيءَ وڍ، جيئن وڻ وڍيائين
وَڍَسين“ وارين سٽن ۾ فعل ”لکڻ“ مان اسم ”لکئو“ ۽
فعل ”وڍڻ“ مان اسم ”وڍ“. (ھتي ليکڪ مصدر کي فعل
لکي ويو آھي).
اڳيان لکي ٿو، ”شاھه صاحب ضميري پڇاڙين کي پنھنجي شاعريءَ ۾
گهڻن ھنڌن تي ڪم آندو آھي ۽ گرامر جي عين اصول
مطابق آھن. مثال:
”سونھن وڃايم سومرا، ميرو منھن ٿيوم“ _”م“ پڇاڙي؛
”اڱڻ مٿي اوپرا جڏھن ڏٺئه توڏا“_
”ء“ پڇاڙي ؛
”سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين ھيڪڙي“ _ ”س“ پڇاڙي.
ھاڻي سوچڻ جي ڳالھه آھي ته ”ڏيھاڻي“ ۽ ”وڍ“ لفظ گرامر ۾ ڪھڙي به
نالي سان سڏيا ويندا ھجن، اُھي ڪيئن به ٺھيا ھجن،
اُھي اُن صورت ۾ ڪوبه عام پڙھيل يا اڻ پڙھيل ماڻھو
استعمال ڪندو آھي، اُن لاءِ گرامرجي ڄاڻ يا مھارت
جو ڪھڙو ضرور؟ شاھه صاحب عام مروج ٻولي ڪتب آندي
آھي. شعوري طرح اسمن مان ظرف يا فعلن مان اسم ويھي
ڪونه ٺاھيا ھوندائين، جو اُنھن لفظن جي استعمال
سان ھو’گرامر جو ماھر‘ ثابت ٿئي .... ھا، جي ڪا
اھڙي صورت ڪتب آڻي ھا، جيڪا نئين ايجاد ھجي ھا ته
اُن تي لکڻ گهرجي ھا، سو به ٻوليءَ تي دسترس يا
مھارت جي حوالي سان، نه ڪي گرامر جي ماھر ثابت ڪرڻ
لاءِ!
ساڳي ڳالھه پوين ٻن مثالن لاءِ به ڪري سگهجي ٿي. اھي ضميري
پڇاڙيون سنڌيءَ ٻوليءَ جي بنيادي گهاڙيٽي جو حصو
آھن. اُنھن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪھڙي مھارت جي
ضرورت آھي، سوچڻ جي ڳالھه آھي _ البت بيت ۾ اُنھن
جي بيھڪ ۽ بڻاوت جي خوبيءَ کي ساراھي سگهجي ٿو.
ھاڻي فيصلو ڪريو ته اِھي ڳالھيون لکڻ مان اسان
پڙھندڙن کي ڇا ڏنو؟ ۽ ڪھڙي نئين ڄاڻ ڏني؟ يا شاھه
سائينءَ جي ڪھڙي خدمت ڪئي!
ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر ھدايت پريم جا ٻه مضمون منھنجي اڳيان آھن: ھڪ
مضمون ۾ ھن شاھه جي شاعريءَ تي ھندي ۽ پنجابي
ٻولين جو اثر ڏيکاريندي ڪي اھڙيون ڳالھيون لکيون
آھن جو حيرت ٿي ٿئي! ھن ميران ٻائيءَ جي دوھي جي
سِٽ ڏني آھي: ”نگر ڍونڍورا پيٽ تي، پريت نه ڪريو
ڪوءِ.“ ھو لکي ٿو ته ”ڪريو“ لفظ ”ڪرڻ“ مصدر مان
نڪتو آھي؛ شاھد صاحب به اھو ”ڪريو“ لفظ استعمال
ڪيو آھي: ”ڪريو مھاڙ مليرڏي، اُڀيائي آھي“ ۽ ”ساجن
ڪريو سڏڙا، لڪ چڙھيو لٽڪي“ وارين سٽن ۾. ھاڻي ڏٺو
وڃي ته ميران ٻائيءَ جي دوھي ۾ ”ڪريو“ (ڪيجيو)
سنڌيءَ جي ”ڪجو“ جو متبادل آھي، جڏھن ته شاھه جي
بيتن ۾ ”ڪريو“ ماضي معطوفيءَ جي صورت آھي، جيڪا اڄ
به عام جام استعمال ۾ آھي.
ڊاڪٽر ھدايت ٻيو مثال لفظ ”ھوءِ“ جو ڏنو آھي، جيڪو ھندي شاعر
رحمٰن (عبدالرحيم خان خاتان) جي ھڪ دوھي ۾ استعمال
ٿيل آھي، جنھن جي سٽ آھي: (”رحمن بگڙي دوڌڪو، مٿي
نه ماکن ھوءِ“(رحمن کريل کير ولوڙڻ سان مکڻ ڪونه
ٿيندو آھي). اھڙو اِستعمال شاھه جي ھن سٽ ۾
ڏيکاريو اٿس: ”الله ايئن مَ ھوءِ، جئن آئون مران
ھت بند ۾“.... ھاڻي ڏيو منھن! لاڙ ۾ ماڻھو اڄ به
اھائي ٻولي ڳالھائيندي ٻڌي سگهجن ٿا، ڇا اُنھن تي
به ھنديءَ ۽ پنجابيءَ جو اثر آھي؟
ھڪ ٻئي مضمون ۾ ڊاڪٽر پريم لکي ٿو: ”شاھه جي ڪلام ۾ ڪي صرفي
سٽائون اھڙيون به آھن جيڪي انوکيون آھن ۽ اڄ ڪلھه
رائج نه آھن. ھت اھڙين ڪجھه صرفي سٽائن جي نشاندھي
ڪجي ٿي:
حالت جريءَ لاءِ سر آسا ۾ ”آن“ پڇاڙي ڪم آيل آھي، مثال ھن ريت
آھن:
”تعظي مان ترڪ ٿيا، واجھاڻيا ويا.“
”ھئا جي اصل سي، حسابان ھڄي ويا“
ھت ”تعظيمان“ معنيٰ تعظيم مان ۽ ”حسابان“ معنيٰ حساب کان _ ٻنھي
۾ ”آن“ پڇاڙي ڪم آيل آھي.“
ھاڻي ڏٺو وڃي ته اھا شاھه صاحب ڪا ”انوکي“ ڳالھه ڪانه ڪئي آھي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ به عام طور جري حالت ۾ اھا بڻاوت
استعمال ۾ آھي. ”گهران“، ”ڳوٺان“، ”ھٿان“، ”سوران“
وغيره صورتون ھرڪو پيو استعمال ڪري. ڏسڻ اھو گهرجي
ته شاھه صاحب جيڪڏھن ڪي صورتون يا بڻاوتون عام
مروج صورتن کان مختلف استعمال ڪيون به آھن ته ڇا
اُھي ڪنھن خاص لھجي ۾ موجود ھيون؟ قافئي، رديف،
تجنيس وغيره جي ضرورت ھيٺ گهڙيل ھيون يا اڳ ۾ ھيون
۽ ھاڻ متروڪ ٿي ويون آھن؟ انھيءَ کان پوءِ به شاھه
سائينءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو ماھر ته چئي سگهجي ٿو،
لسانيات جو نه!
شاھه جو سائنسي شعور يا شاھه ھڪ ماھر سائنسدان
سڀ کان پھرين اھا ڳالھه واضح ڪندي ھلان ته سائنسي شعورمان مراد
تجزياتي (Analytical)شعور
ته وٺي سگهجي ٿي، پر خاص سائنس (Pure
science)واري
نٿي وٺي سگهجي، اِن ڪري جن به ماڻھن شاھه جي (يا
ڪنھن به شاعر جي) سائنسي ايجادن جي اڳ ڪٿي ڪندڙ
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اچو ته اُن جو مثال به
ڏسون:
ھڪ روزاني اخبار ۾ تاجل بيوس پنھنجي ھڪ ڪالم ۾ ڪي اھڙيون
ڳالھيون ڪيون آھن، جن کي شاعر جي تخيل جي اُڏام ته
چئي سگهجي ٿو پر اھڙو ڪو سائنسي شعور نه ادِيبن ۽
شاعرن جي تخيل جي اُڏام ڪڏھن ڪڏھن اھڙن تصورن کي
پيش ڪري سگهي ٿي، جن تي سائنسدان سوچي سگهن ٿا، پر
شاعر سائنسدان وانگر سوچي اهو تصور ڪونه ڏنو
ھوندو، جيئن قديم داستانن ۾ اُڏند کٽولي يا
اُڏامندڙ غاليچي جو تصورھو، جنھن مان انسان جي
آسمان ۾ اُڏامڻ جي خواھش ته ظاھر ٿئي ٿي، پر اُنھن
داستانن جي تخليق ڪندڙن اُنھن کي ايجاد ڪونه ڪيو
ھو نه ئي ان کي سندن ڪيل اڳ ڪٿي چوڻ مناسب ٿيندو.
سائنسي فڪشن ٻي شيءِ آھي ۽ تخلقي ادب ۾ تخيل (Imagination)
جي مدد سان ڏنل تصور ڌار شيءِ آھي.
تاجل بيوس جي ڪالم جو عنوان آھي: ”سنڌ جي ڀيٽ ۾ دنيا جي ترقي
يافته ملڪن ۾ شاعر جو مقام“. ھو لکي ٿو: ”يورپ ۽
آمريڪا جي ملڪن ۾ شاعرن کي مٿانھين ۽ مانائتي
حيثيت ويھين ۽ ايڪيھين صدين ۾ ڏيڻ شروع ڪئي آھي.
اسان به جيڪڏھن ھند ۽ سنڌ جي شاعرن خاص ڪري اساسي
شاعرن جي ڪلام تي غور ڪنداسين ته خبر پوندي ته
اسان جا شاعر سماج سڌارڻ وارو عمل اسان کي يورپي
دنيا کان به گهڻو اڳ ڏئي ويا آھن. اچو ته ھتي اھڙا
ٻه چار مثال ڏيندا ھلون:
1_ ”چراغ اُڏائيندو آسمان ۾ مڪڙ جي مثل“
(عبدالرحيم گرھوڙي)
تاجل صاحب ھن سٽ کي شاعر جي تخيل جي قوت جي ثابتيءَ ۾ ڏيڻ بدران
اُن کي سائنسي توجيھه ڏني آھي ته ”عبدالرحيم
گرھوڙي آسمان ۾ مڪڙن جھڙن چرخن ۽ اُڏامندڙ مشين جي
تڏھن حقيقت بيان ڪئي آھي، جڏھن آسمان ۾ اُڏامندڙ
اڄ وارو ھوائي جھاز ماڻھن جي تصور ۾ به نه ھو.
اڄوڪو جھاز بلڪل اڪ _ مڪڙ جھڙو آھي ۽ ائين شاعر جي
’اڳ ڪٿي‘ سَو سيڪڙو سچي نڪتي آھي.“
2_ مرزا غالب جي ھڪ شعر جي سٽ آھي:
لي آئين گي بازار سي جا کر دل و جان اور
لکي ٿو: ”مرزا غالب سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جي حقيقت
بيان ڪئي آھي. اڄ بازار مان ٺھيل ٺڪيل دل، ڦڦڙ،
جيرا ۽ بڪيون ملن ٿيون، جن کي ڊاڪٽر ۽ حاذق انسان
جي ڇاتيءَ ۾ پيوند ٿا ڪن.“
3_ شاھه لطيف جي بيت جون ھي سٽون ڏسو:
جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناھه ذرو
نڪي چارو چنڊ جو، نڪي سج سرو.
تاجل بيوس لکي ٿو ته ”شاھه صاحب به ھوائي جھاز ۽ خلايا پولار (Space)جي
اڳ ڪٿي ڪئي آھي . اھڙيون اڳ ڪٿيون تحقيق ڪرڻ سان
اسان کي ٻيون به گهڻيون ملنديون.“
ھاڻي اچو ته انھن ڳالھين جي ڇنڊڇاڻ ڪريون:
پھرئين نڪتي ۾ گرھوڙيءَ سان منسوب سٽ ڏنل آهي. جيتوڻيڪ گرهوڙيءَ
جي رسالي ۾ مون کي اھو بيت نظر ڪونه آيو آھي. تڏھن
به مٿي بيان ڪيل سٽ ۾ موجود خيال کي شاعر جي تصور
جي اُڏام ته چئي سگهجي ٿو پر اُن کي ھوائي جھاز جي
ايجاد جي باري ۾ اڳ ڪٿي ھرگز نٿو چئي سگهجي.
ٻئي بمبر نڪتي ۾ مرزا غالب بازار مان دل ۽ جان وٺي اچڻ جي ڳالھه
ميڊيڪل واري مفھوم ۾ ڪانه ڪئي آھي، بلڪ ھڪ عاشق جو
اظھار آھي، اُن جي پنھنجي سونھن آھي، ان کي دل
گردن جي پيوندڪاريءَ ڏانھن وٺي وڃڻ سان شاعرجي دل
۽ جان سان زيادتي ٿيندي.شاھه صاحب واري بيت جي سٽن
جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اِھي سٽون ڪھڙي حوالي (Context)
۾ چيون ويون آھن. شاھه صاحب سر رام ڪليءَ ۾ آديسين
جي حوالي سان ”نانھن“ ۾ ناٿ (مرشد يا خدا) کي ڳولڻ
يا ھٿ ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي آھي، جنھن جو مطلب ”نيستي“
۽ ”عدم“ يا ”ڪين“ آھي، ماھرِ فلڪيات وارو خلا (Space)
ھرگز ھرگز ناھي. اِن ڪري اھڙين ڳالھين کي اڳ ڪٿيون
نٿو چئي سگهجي، ۽ نه ئي اھو مناسب آھي ته اُنھن جي
اھڙي ڪا سائنسي توجيھه ڪجي. سائنسي شعور ۽ سائنس
جي شعور ۾ گهڻو فرق آھي. اصطلاحن ۾ منجھي دعوائون
ڪرڻ مناسب ڪونه ٿيندو آھي. اُنھيءَ حوالي سان ھاڻي
سائين ھلو اڳتي .
اسان جو ھڪ معزز ليکڪ بدر ڌامراھه پنھنجي ھڪ مضمون ۾ شاھه لطيف
جي سائنسي شعور جي ثابتيءَ لاءِ گهڻائي مثال ڏئي
ٿو، پر پھرئين اھو ياد ٿو ڪرائي ته شاھه صاحب ھڪ
سائنس دان وانگر شين جو مشاھدو ڪرڻ کان پوءِ اُنھن
جو تجربو ڪري، پوءِ نتيجا ڏنا آھن. ھو سُر سريراڳ
۽ سُر سامونڊيءَ ۾ شاھه جي بيان کي ڏسندي نتيجو ٿو
ڪڍي ته ”اِھو سُر پڙھندي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ شاھه
صاحب سامونڊي انجنيئرنگ (Marine
Engineering)جو
ماھر ھو.“ اڳتي ھلي ھو پاسڪل جي قانون تي شاھه جي
ھن بيت کي ٿو پرکي:
تارو ترئو وڃن، ننڍا وڏا واھڙا،
ھيءِ ٻر اَتارن، جئن ڳرا مٿن موليا.
ڌام راھه صاحب نتيجو اھو ٿو ڪڍي ته ”ھن بيت مان پاسڪل جو اھو
قاعدو ثابت ٿئي ٿو ته پاڻيءَ کان ٻاھر يعني مٿي تي
ڳرو وزن ٻڏندڙ جي جسم تي عمل ڪندو ۽ کيس ٻوڙي
ڇڏيندو، اِن ڪري چئبو ته شاھه صاحب جو مشاھدو،
تجربو ۽ نتيجو بلڪل صحيح آھي ۽ منجھس سائنسي شعور
ھو.“
_ ڇا اھڙو مشاھدو ھڪ عام ماڻھوءَ کي نٿو ٿي سگهي ته پاڻيءَ ۾
مٿي تي ڳرو وزن کڻڻ سان ٻڏي وڃبو!
وري ھڪ ٻئي بيت مان شاھه صاحب کي ’ميڊيڪل سائنس‘ جو ماھرٿو ثابت
ڪري. بيت جي سِٽ آھي:
اکيون نڪ اريج ري، ٽمايم ٽيئي.
”لڙڪن يا ڳوڙھن جو اکين کان سواءِ نڪ ۽ وات مان ٽمڻ ثابت ٿو ڪري
ته ھن جو مشاھدو تيز ھو۽ علمي تجربو به ھئس، اِن
ڪري چئي سگهجي ٿو ته شاھه کي اک جي باريڪ بڻاوت جو
شعور ھو جيڪو سائنسي شعور آھي.“ ھاڻي ڏٺو وڃي ته
گهڻي روئڻ سان اکين سان گڏ نڪ جو وھڻ ھڪ عام
مشاھدوآھي. ان ۾ اک جي باريڪ بڻاوت جي شعور جي
ڪھڙي ڳالھه آھي!
ڊاڪٽر يا الائجي حڪيم، شاھه لطيف جي ميڊيڪل جي شعبي ۾ مھارت جو
ھڪ ٻيو مثال ھن سِٽ ۾ ڏيکاريو ويو آھي:
اکيون لٽ اوراٽيو، ڪنھه پر ڪڙيان پير.
اِتي ’اکيون لٽ اوراٽيون، واري اصطلاح کي موتيي جي بيماريءَ ۾
ورتل اکيون چيو ويو آھي، جنھن جي شاھه صاحب کي
اکين جي ھڪ ماھر ڊاڪٽر وانگر خبر ھئي ۽ اھو پڻ
اندازو لڳايو ويو آھي ته ”ممڪن آھي ته اھا لٽ لاھڻ
وارو علاج شاھه صاحب جي زماني ۾ ٿيندو ھجي.“
ھاڻي اچو وري ھڪ ٻئي شعبي جي مھارت تي.
فاضل مصنف لکي ٿو ته ”ڊارون جي ارتقا جي اصول
Natural Selection۽
Survival of the fittest واري نظرئي جھڙو ھڪ نظريو شاھه نه صرف پيش ڪيو آھي، پر
اُن جھڙي نظرئي جو حامي به آھي. مثال:
جاڳو جاڙي جا، سَما سُک مَ سُمھو.
اھو بيت پنھنجي بقا لاءِ جاکوڙڻ ۽ جاڳڻ واري سائنسي شعور جو
ثبوت آھي.“
اڃا اڳتي ھلو _ لکي ٿو: ”سائنسدانن ويھين صديءَ ۾
High powered Telescopes
ذريعي معلوم ڪيو ته اسان جي شمسي سرشتي کان سواءِ
ڪيترائي سج چنڊ دنيا ۾ موجود آھن، پرشاھه لطيف کي
اھو سائنسي شعور سترھين صديءَ ۾ ھو، تڏھن ته چوي
ٿو: ’سھسين سڄن اُڀري، چوراسي چنڊن‘؛ ھو
Astrologyجي ايتري ڄاڻ رکندو ھو، جو کيس خبر ھئي ته
Astrides
سج جي چوڌاري گردش ڪندا آھن. شاھه اُنھن کي ”نکٽ“
يعني
Constellation
چيو آھي. چوي ٿو: ”نڪو سک نکٽين نه ويساند نئين“.
سو چئبو ته اھو اُن علم جو ماھر ھو.“
اڃا اڳتي ھلو_ فاضل مصنف لکي ٿو ته شاھه کي فزڪس جي
Law of motion
جي به خبر ھئي _ ’لھرن لک لبيس، پاڻي پسڻ
ھيڪڙو‘واري سٽ ۾ ھن لھرن جا قسم ٻڌايا آھن ۽
پاڻيءَ جي لھري حرڪت
Wave movement
جو اڀياس ڪيو آھي.“
بقول ڌام راھه صاحب جي فزڪس جي ھڪ ٻي ٿيوري شاھه جي ھڪ ٻئي بيت
۾ ملي ٿي، سو آھي:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين،
ھئا اڳ ھم گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
اھا ڳالھه ته ٿي ماھرِ طبعيات واري، وري اچو ته علم ڪيميا يعني
ڪيمسٽريءَ ۾ شاھه صاحب جي مھارت ڏسون _ لکي ٿو:
ھي ٻراڳارن، ٻڏاھين ٻرن جي،
ھڪ کوري کانئيا، ٻيو ڌوڌي منجھه ڌڳن،
پاڻان لھارن، ميڙي رکيا مچ لئي.
”شاھه کي ڪيميائي تبديليءَ جو شعور آھي، جنھن ۾ ڪاٺي سڙي
ڪوئلوٺھي ٿو. ڪاٺيءَ مان ڪوئلو ٺھڻ توانائيءَ جي
تبديليءَ جو عمل آھي. گرميءَ جي توانائي ڳجھي
توانائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جيڪا لوھار تبديل
ڪري لوھه تپائي رجائي مختلف اوزار ٺاھن ٿا. ڪوئلن
جي ڳجھي توانائيءَ لاءِ لطيف چوي ٿو:
اڄ آڳڙيا آيا، سائو ڪي سڄاڻ،
لاھيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو.
شاھه ته ماھر انجنيئر کان به مٿانھون معلوم ٿئي ٿو، جو پنھنجي
بيتن ۾ لوھه جي ڪچ ڌاتوءَ مان رُڪ ٺاھڻ جو متوي ڏي
ٿو:“
ڪٽ ڪڙھي، لوھه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مترڪن منھه ڪڍيا، سانداڻيون سھڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آھي مچ تي.
اڳتي شاھه صاحب جي سائنسدان ھئڻ جي باري ۾ پڪ سان ھيئن لکيو ويو
آھي: ”لطيف شنائيءَ جا ماھر ان نتيجي تي پھتا آھن
ته لطيف ماھرِ نفسيات به ھو. علم نفسيات موجوده
ميڊيڪل سائنس جي ھڪ شاخ آھي. ھو ڊپريشن جي مختلف
ڪيفيتن مان واقف ھو، جن مان
Anxiety
به ھڪ آھي. ھڪ بيت شاھه کي نفسيات جو ماھر ٿو ثابت
ڪري:
سورن سانڍياس، پورن پالي آھيان،
سکن جي سيد چئي، پکي نه پياس،
جيڪس آئون ھياس، گُري گندر ول جي.
اُن کان سواءِ کيس
Phobic depression
جي يعني ننڊ نه اچڻ واري بيماريءَ جي به ڄاڻ ھئي:
نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکيين،
اجھاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين.
ڊپريشن جو ٽيون قسم
Psychosis
آھي. اُن بابت پڻ شاھه صاحب جي ھن بيت مان خبر پوي
ٿي:
ڳريو جھليو روءِ، مٿي مھريءَ ھٿڙا،
کوءِ سودو سندوءِ، جو تو ڍولئا سکيو.
موصوف صلاح ٿو ڏئي ته شاھه صاحب جي رسالي مان اسان سنڌي سائنسي
لغت ٺاھڻ ۾ مدد وٺي سگهون ٿا مثال طور
واڍوڙڪي منھي
Operation Hall=
واڍوڙيا يا واڍوڙ
Surgeon=
ھيءَ ته ڳالھه وڃي اھا ٿي ته شاعر گل جي رنگ ۽ خوشبوءِ جو ذڪر
ڪري ته اُن گل جي اصليت معلوم ڪرڻ لاءِ اُن جي
پنکڙين کي پٽي، اُن جي اندروني ساخت کي بيان ڪري
چئجي ته واھه شاعر ته وڏو باٽنيءَ جو ماھر آھي!
فلاڻي گل جون خصوصيتون بيان ڪيون اٿس! جي ھو چنڊ
جي حسن ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪري يا اُنھن کي محبوب
سان ڀيٽي ته ويھي چنڊ تي تحقيق ڪجي ۽ چئجي ته
شاعر ته ماھرِ فلڪيات ٿو ڏسجي!
جيڪڏھن اسين واپس چيني شاعر لوچي جي وصف تي اچون ته ھو اسان کي
ٻڌائي ٿو ته شاعر پاڻ ڪو وجود ڪونه ٿو تخليق ڪري،
پر ھن جو ڪم عدم سان جھيڙڻ آھي ته جيئن اھو وجود
کي پيدا ڪري. شاعر جو اھو به ڪم ڪونھي ته انتظار
ڪري جيسين نڙيءَ مان رڙ نڪري، بلڪ سندس ڪم آھي
دنيا کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ. خاموشيءَ يا
ماٺ کي جواب ڏيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ائين سندس نظم ۾
موسيقي پاڻ مرادو ماٺ مان اڀري ٿي، ڀلي خود شاعر
ڪو موسيقيءَ جو ماھر نه به ھجي_ جڏھن ائين ٿئي ٿو
تڏھن دل جي ھڪ ننڍڙي حصي مان جذبن جو سيلاب اُٿل
کائي ٿو، تڏھن ئي شاعر چورس فٽ جي ڪاڳر تي لامحدود
خيال، جذبا ۽ ڪيفيتون آڻي سگهي ٿو _ اُنھيءَ سموري
عمل ۾ سندس ڪوشش يا جدوجھد (Struggle,
Force and knock ) کيس دنيا جي اسرارن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪا ھو ٻين
کي ڏيکارڻ چاھي ٿو، اِن ڪري اُن جو اظھار ڪري ٿو _
اُن کي ئي شاعر جو شعور چئي سگهجي ٿو.
مددي ”ڪتاب
(1)شاھه _ سنڌي ٻوليءَ جو معمار“ _ راز
شر، (مضمون) ”ڪلاچي“
(تحقيقي جرنل)، جلد 2 شمارو 1999ع شاھه عبداللطيف
ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
(2) ”شاھه لطيف جو سائنسي شعور“ (مضمون)”ڪلاچي“
(تحقيقي جرنل)، جلد 6 شمارو 3_ 2003ع، شاھه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
(3)”شاھه جي ٻوليءَ تي ھندي ۽ پنجابي ٻولين جو اثر“،ڊاڪٽر ھدايت
پريم، ”ڪلاچي“ تحقيقي جنرل، جلد 2 شمارو 2_1999ع.
شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي.
(4) “Poetry and Experience”, Archibald Mac
Leish, Penguin Books Ltd. New York 1965.
(5) روزانه ”عوامي آواز“_ 16 سيپٽمبر 2004ع.
|