سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2004ع

 

صفحو :18

 

”آڳاٽو ادب“-1

 سنڌي نثر جي اَوسر ۽

 اُن جا ڪلاسڪ نمونا

گل محمد عمراڻي

 

نوٽ: سنڌي نثر جي اوسر صحيح معنيٰ ۾ انگريزن جي دَور ۾ شروع ٿي. اُن جي ارتقا جا اولين اُهڃاڻ هئا سنڌي درسي ڪتاب ۽ انگريزي ۽ ٻين هندستاني ٻولين مان ترجما. انگريزن جي دَور جي شروع ٿيڻ (1843ع) کان اڳ ڪابه باقاعده ۽ معياري صورتخطي ڪانه هئي. مسلمان ۽ هندو عامل (Officer) عربي رسم الخط واري سنڌي استعمال ۾ آڻيندا هئا، جڏهن ته عام هندو ۽ ڀائيبند ديوناگري (Devnagri) لپي حرف علت (Vowel Signs) کان سواءِ ڪتب آڻيندا هئا. جيڪي هندو سک مت جو مطالعو ڪندا هئا ۽ سک پنٿي سڏائيندا هئا، سي وري گرمکي لپي استعمال ڪندا هئا، برهمڻ ۽ ودوان طبقو عام علمي وهنوار ديوناگري لپيءَ ۾ هلائيندو هو. سڀ کان اول سنڌي ڪتاب، جيڪو ديوناگري لپي ۾ مليو، سو هو بائبل جو ترجمو ”متي جو انجيل“  ."Gospel according to St. Matthew”(1825).

هي ڪتاب ڪلڪتي ۾ ڇپجي حيدرآباد مان 1825ع ڌاري پڌرو ٿيو. حيدرآباد جو ڊپٽي ڪلڪيٽر ڪئپٽن اسٽئڪ (Captain Stack) ۽ ارنيسٽ ٽرمپ (Ernest Trumpp) ، جيڪو هڪ جرمن پادريءَ ۽ مبلغ هو، تن به مذهبي ڪارج ۽ مقصدن ڪري سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ باقاعده نثر، جنهن جو گرامر لسانيات جي قاعدن جي مقرره اصولن تي بيٺل هجي ۽ جنهن جي پيڙهه پُختي هجي، جو بنياد رکيو.

1850ع/1849ع کان پوءِ شروعاتي دور ۾ خاص طور تي اِهي ٻئي يورپي صاحب قابل تعريف ۽ قابل ذڪر آهن، جن سنڌي نثر جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ابتدائي ڀرپور ڪوشسون ورتيون. اُن ئي زماني ۾ جيڪي گرامر تي ڪتاب ڇپيا، تن جو تفصيل هن ريت آهي:

Wathen’s Grammar and Vocabulary of Sindhi Language (1836)

[جيڪو بقول پروفيسر اجواڻي ڪو به خاص علمي ڪم نه هو]

Vocabulary of Sindhi Language-j.b.Eastwick(1843)

Vocabulary of Seven Languages Spoken in Countries West of Indus-Robert Leach (1843)

Dictionary and Grammar-Captain George Stack (1849).

 

هي آخر الذڪر ڪتاب، جيئن اُن جي نالي مان ظاهر آهي، انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، پر آخر ۾ ضميمي ۾ ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي“ ديوناگري آئيوٽا ۾ لکيل آهي؛ ڇاڪاڻ ته موجوده عربي-سنڌي لپي اڃا تائين سرڪاري طور ٺاهي مروج ڪانه ڪئي ويئي هئي. اجواڻي صاحب جي لکڻ موجب هيءُ قصو سنڌي-ديوناگري لپيءَ ۾ منشي اُڌارام ٿانورداس لکيو هو. ديوناگري جي حامي علمي حقلن جي سخت مخالفت جي باوجود سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي لاڳيتي دلچسپي سان عربي-سنڌي اسڪرپٽ 1852ع ۾ تيار ڪري سرڪاري طور تي رائج ڪيو ويو. پهريان سنڌي ڪتاب هئا تعليم کاتي جا اسڪولي درسي ڪتاب. اهي گهڻو ڪري هئا قصا، لوڪ ڪهاڻيون ۽ آکاڻيون جيڪي به گهڻي قدر ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل هئا. اوائل ۾ ته گهڻو ڪري انگريزي خوانده ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا هئا ۽ عام پڙهيل لکيل مسلمان عربي، فارسي، ۽ هندو پڙهيل لکيل وري سنسڪرت، هندي ۽ گجراتي جا ڄاڻو هئا، تنهن ڪري اِهي درسي ڪتاب هندي ۽ فارسي ٻولين تان ترجمو ٿيا. هن نشست ۾ 1854ع ۾ لکيل ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ جو نثري نمونو پيش ڪجي ٿو. آئنده ارادو آهي ته ڪئپٽن اسٽئڪ جي اولين سنڌي گرامر جي پٺيان ضميمي ۾ ڏنل ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي“ به نموني طور پيش ڪجي. جيڪڏهن پڙهندڙن جي دلچسپي قائم رهي ته سيد ميران محمد شاهه (اول) جي ”سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه (1855ع) ۽ 1861ع ۾ لکيل ”مفيد الصبيان“ جا نثري شاهڪار به نموني طور پيش ڪبا. اِهي ٽيئي مضمون اصل ۾ هنديءَ تان ترجمو ٿيل آهن. گ.م.ع

 

ڀنڀي جي سچائي

 

هيٺين آکاڻي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ نالي هڪ جهوني ڪتاب مان نڪتل آهي، جو سنه 1854ع ۾ ڇپيو هو. ڪتاب جي پهرين صفحي (ٽائيٽل پيج) ۾ هيٺيون احوال لکيل آهي: ”هيءُ ڪتاب پهرئين پنڊت بنسيڌر جو جوڙيل هندي وائي ۾ هو. هاڻي جناب فريئر صاحب بهادر سنڌ جي ڪمشنر جي حڪم موجب هن اَڀري غلام حسين، محمد قاسم قريشي صديقي جي پٽ، ٺٽي جي رهندڙ، جڊيشنل ڪمشنر سنڌي کاتي جي منشيءَ، سنڌي وائيءَ ۾ جوڙيو آهي. 1854ع، سن 1275هجري.“ ڪتاب کي لکئي اڄ 150 ورهيه ٿيندا. پڙهڻ مان خبر پوندي ته اُنهيءَ زماني ۾ سنڌي نج ۽ سليس ڪم ايندي هئي.

 

اُٻاوڙي جي پاسي ۾ هيڪڙو ڳوٺ ماٿيلو نالي هو. اُنجو زميندار ڏاڍو جهڳڙائي ۽ نڪمي خرچ وارو هو. راڄ اُنجي هٿان ڏکوئجي گهر ٻار ڇڏي ٻين ڳوٺن ۾ وڃي ويٺا. جڏهن ڳوٺ ۾ ڪو ڪڙمي ڪو نه رهيو تڏهن ماٿيلي جي ٻني مڙيئي ڦٽي پيئي. اِنهيءَ سَنڌي تي اُٻاوڙي جي ٻي ٻني کيڙيل پوکيل ڪانه هئي. اُن سَنڌي تي ٻن ڳوٺن جو دنگ گڏيل هو. اَڻ سعي ڪري ٻين ٻنين جا بند ڀڄي ٽٽي پيا هوا ۽ هيڪڙي هنڌان ڳوٺن جو پتو اَهڙو لڪي ويو جئن ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي جي سَنڌن وراهڻ ۾ سُڌ نٿي پيئي. پر اُن هنڌ هيڪڙو پپر جو وڻ رهيو هو. پاڙيجن کي هيءَ سُڌ برابر هئي ته اِن وڻ جي اُتر ڏانهن اُٻاوڙي ۽ ڏکڻ ڏانهن ماٿيلي جو سَنڌو آهي. هيڪڙي مند ڀنڀي زميندار پنجن جريبن ڌرتيءَ جو پٽو اوڀائي کي لکي ڏنو. اوڀائي آکاڙ جي مهني ۾ هيڪڙي ڏينهن هر ۽ ڍڳا ڳنهي وڃي ٻني کيڙي. تا ماٿيلي جي ماڻهن، جي ويري ۽ جهڳڙائي هوا، ڏٺو ته اُٻاوڙي جو زميندار اسان جي دنگ جي پاسي ۾ ڦٽل ڌرتي ٿو کيڙي. اُهي کاڻا ۽ ڊنا ته متان اُٻاوڙي جو زميندار کيڙيندي کيڙيندي اسان جي ڌرتي پڻ کيڙي وڃي. نيٺ سڀني مڙي سڙي ٻنيءَ تي وڃي اوڀائي کي ماري ڪٽي ڀڄايو ۽ اُن کي هيڪلو ڏسي ڊيڄاريائون ته جي وري تون ڪڏهين هيءَ ٻني کيڙيندين، ته توکي لٺيون هڻي هٿ پير ڀڃي ڇڏينداسون. هاڻ اُتان اوڀايو گهوڙا گهوڙا ڪندو ڀڳو ويو. اُن ڏينهن ڀنڀي زميندار ٻنيءَ جي ٺيڪيدارن سان پنهنجيءَ بيٺڪ منجهه ويٺي مينگهي پٽواريءَ سان مند جو ليکو لاٿو. اوچتو اوڀائي بيٺڪ ۾ اچي دانہ ڪئي ته مون کي ماٿلي جي زميندارن ماري ڪٽي ۽ هر ۽ ڍڳا ٻنيءَ منجهان ڪڍي ڏنا آهن ۽ ڊيڄارينم ٿا ته جي وري ايندين ته پنهنجي جيڻ جي آس نه ڪج. هيءَ ڳالهه سڻنديئي سڀ ٺيڪيدار ڏمريا ۽ چوڻ لڳا ته اونداهيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙا رهزن جهڳڙائي اسان جي راڄ کي ماري ڪٽي اسان جي ڀؤنءِ کسي وٺن؛ هيتري هلڪائي ۽ اَڀرائي اسين ڪئن سهي سگهنداسين؟ هيءَ رٿ ڪري پنهنجن گهرن منجهان لٺيون کڻي نڪتا ۽ دنگ وڃڻ تي سنڀيا. اُن مهل ڀنڀي زميندار ڌيان ڪيو ته هي ماڻهو کام کان ڏمرجي وڙهڻ ڪاڻ سَنڌي تي ٿا وڃن؛ متان وَڍ ويڙهه ٿي پوي. ايءَ اٽڪل ٻڌي ڀنڀي زميندار ۽ مينگهي پٽواريءَ سمجهاين ته ڀائي، ٿورو ٺهرو ۽ هن مثل جو مدو سمجهو. ”ڀورو ڪري پوءِ پستائي، ڏاهو چوي اُنکي پروڙ نه آهي.“

جڏهن زميندار جي چئي تي سڀني ڌيان ڪيو تڏهن اُن چيو ته سڀن کان چڱي هيءَ واٽ آهي ته حاڪم وٽ هلي دانهه ڪجي، اُت کير جو کير ۽ پاڻيءَ جو پاڻي ٿي پوندو. تهان پوءِ ڀنڀي زميندار اوڀائي ڪنان پڇيو ته جنهن مهل ماٿيلي جي زميندارن توکي ماري ڪٽي ٻنيءَ کان ٻاهر ڪڍيو اُن مهل ڪنهن ٻئي ڏٺو ٿي، جنهن جي ساک کڻڻ ڪري حاڪم کي ويرين جي بڇڙائيءَ جي سُڌ پوي؟ اُن چيو مان ٿورڙو ڏور اُڀري پنهنجا وهيٽ اُڀٺي چاريا ۽ ٻئي هيڪڙي ريڍار، جنهن جي نالي جي سڌ ڪانهيم، پر ايترو ڄاڻان ٿو ته اُن ڳوٺ جو رهندڙ آهي، پڻ پنهنجون رڍون اُڀٺي چاريون. آسرو آهيم ته اُن ايءَ وئل ڏٺو هوندو. جڏهن هيءَ ڳالهه ٻولهه پوري ٿي تڏهن مينگهي مل پٽواريءَ ڀنڀي زميندار کي چيو ته آءُ پؤاڌ جي هيءَ ڳالهه ٿو ڪريان ته مڇڻ حاڪم ٻن ساکين جي ساک تي ويساهه نه ڪري ته پوءِ ٻه ساکي ٻيا به گهرجن. تنهن ڪري اهڙو ڪاغذ جوڙجي جئن جنهن ٻنيءَ تي جهڳڙو آهي سا اسان جي سَنڌي ۾ ڄميل ٿئي. جي اوهان کي وڻي ته چئين پنجين ورهين جي پراڻي ڪاغذ منجهه اوءَ ڌرتي اوڀائي جي نالي تي لکي ڇڏجي. ڀنڀي زميندار چيو ته اي ڀائي، ايمانين جي ٻيڙي پار آهي. چڱن مڙسن چيو آهي ته وڃي جان پر رهي ايمان. جي تون ايتريون اٽڪلون ٿو ڏيکارين ته ڪوڙو ڪاغذ ۽ ڪوڙ ڪرڻ کان جيهڙو سچو ٿئي يا نه ٿئي، پر ايمان ائين ٿيو وڃي جئن تير وڃي ڪمان مان. جيتوڻيڪ ڪوڙن ۽ بي ايمانن جو هينئر ڀلو ٿو ٿئي پر پڄاڻي سندين بڇڙي آهي. اهڙن جهڳڙن ۾ ڪوڙ کان ڪو مدو ڪونه ٿيندو آهي. جڏهن پهرين پرڳني جي قانوگي ايسرمل ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي سُڌ آهي ته پپر جي وڻ کان اسان جي سَنڌي جو دنگ آهي ۽ هن ڌرتيءَ منجهه آهي، ٻيا اوڀائي جي لڱن تي ڌڪن جا چٽا پڌرا آهن، ٽيون اوڀايو هيڪڙو ڪڙمي ۽ هيڪڙو ريڍار ويل جا ساکي ٿو ڏيکاري، پوءِ مارڪٽ جي ڄمڻ ڪاڻ ٻيو ڇا گهرجي؟ ۽ اسين حاڪم وٽ پنهنجي دل جو ڏکه ڳالهائي ڌڻيءَ جي ٻانهه سان پنهنجي سَڌَ لهنداسون.

چيو آهين:

گهڻي آهي سچ ۾ ڌڻيءَ جي رضا،

ڪونه ڏٺم ڀليو ڪنان سنئينءَ واٽان.

مينگهي مل اُن ساڌوءَ جون ڳالهيون سُڻي ڪنڌ هيٺ ڪري ماٺ ڪي ۽ نيڪي وارن جو ايمان ڀنڀي جي ايمان جي برڪت ڪري هنڌ تي آيو. نيٺ اُٻاوڙي وارن حاڪم وٽ دانهن ڪري پنهنجي چڱي نيت جو ڀاڙو لڌو ۽ ماٿيلي وارن پنهنجيءَ بڇڙائي ۽ بي ايمانيءَ جو اگهه ڏنو.

 

جمال رند

 [هڪ تاثر]

 

غلام رباني آگرو

 

جمال رند سان پهرين ملاقات سن 1954ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ٿي.  ٻئي ڄڻا سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جا ڪارڪن هئاسين، جنهن جي جمعي جمعي جي ڏينهن، مدرسي جي هاسٽل ۾ احسان بدويءَ وٽ ”گڏجاڻي“ ٿيندي هئي.

مرحوم احسان هاسٽل جو نگران به هوندو هو ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پڙهائيندو به هو. سنڌي ادب ۾ دلچسپي پنهنجي والد مرحوم لطف الله بدويءَ کان ورثي ۾ ملي هئس. مان به ايس. ايم. ڪاليج ۾ ئي پڙهندو هئس. احسانُ هونئن ئي قربائتو شخص هو، پر منهنجين ادبي صلاحيتن کي ڏسي مون کي ”ڪاليج مئگزن“ جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو هئائين. سو، هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجها ٿياسين.

جمال رند ۽ رشيد ڀٽي به سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ رهندا هئا. جمال عمر ۾ مون کان سال ٻه ننڍو ۽ ڀٽي سال ٻه وڏو هو. پر، ٽئي ڄڻا ويهارو ورهين واريءَ ٽهيءَ ۾ هئاسين.

احسان بدوي ۽ نور الدين سرڪي اسان کان عمر ۾ ڪجهه وڏا به هئا ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سينئر رڪن به هئا. ٻئي ڄڻا شڪارپور جا ويٺل هئا. احسان بدوي خاموش طبعيت هو، پر سرڪي رلڻو ملڻو ۽ مجلسي مزاج جو هو. سنڌي ادبي سنگت جو ته روح روان هو. اسان جي گروپ ۾ هر دلعزيز هو. مسئلا ڪنهن کي ڪونهن؟ غم ۽ ڳڻتيءَ کان ڇٽل ڪير آهي؟ پر، زندگيءَ جي گرميءَ ۽ سرديءَ جي باوجود مون سرڪيءَ کي هميشه خوش مزاج ڏٺو. منجهس سٺي دوست جون سڀ خوبيون هيون. پر، جڏهن ازدواجي زندگيءَ ۾ پير پاتائين ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ درس تدريس ڇڏي وڪالت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين، ته سنڌي معاشري ۾ وچولي طبقي جي معيار مطابق آسودو ته ٿيو، ليڪن پبلڪ لائيف مان صفا ڪٽجي ويو. هونئن، اڳي ڪجهه ادب ۾ ته ڪجهه وري سياست ۽ صحافت ۾ دلچسپي رکندو هو. پر، اِهي مڙئي شوق ۽ شغل ختم ڪري ڇڏيائين، بلڪ سنڌي ادبي سنگت کي ئي وساري ڇڏيائين. سرڪيءَ وڪالت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پر، ان سان گڏ جيڪڏهن پبلڪ لائيف ۾ به دلچسپي قائم رکي ها، ته اڄ سنڌ جو هاڪارو قومي ليڊر هجي ها. قدرت کيس قيادت جي اعليٰ لياقتن سان نوازيو هو. هاڻي، سندس شاندار ماضي ياد ڪري، انگريزي زبان جو مشهور مقولو چپن تي ايندو آهي:

“Not For Bread Alone”.

شهر ۾ خوبصورت گلن ۽ سربسز ٻوٽن جون نرسريون (Nursuries) هونديون آهن. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي نئينءَ ٽهيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جي نرسري هئي، ۽ هڪ قسم جو تربيتي مرڪز پڻ. اڳتي هلي، جڏهن ”سنڌ سنگت“ ٺهي ۽ هر هنڌ اُن جون شاخون قائم ٿيون، ته سڄيءَ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جو مؤثر آواز ۽ ترجمان ٿي پئي.

اسان سنگت جي گڏجاڻين ۾ عموماً افسانا ۽ شعر پڙهندا هئاسين، جن جي ساميعن کليءَ دل سان ڇنڊڇاڻ ڪندا هئا. هڪ دفعي ڪراچي ادبي سنگت افسانن جي ڇٽاڀيٽي ڪرائي. حفيظ ۽ مان به اُن ۾ شريڪ ٿياسين. منهنجو افسانو سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر قرار ڏنو ويو. پر سنگت وٽ پئسا ڪونه هئا سو اعلان ڪيل انعام ڪونه مليو. ليڪن، حوصلا افزائي وڏي ٿي.

اُنهيءَ زماني ۾ رشيد ڀٽيءَ ”بُڻُ“ افسانو لکيو، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو. ”بُڻُ“ عالمي معيار جو افسانو آهي.

جمال رند لکڻ ۾ سست هو، پر سندس افسانن ۾ ”مانيءَ ڳڀو“ کي وڏي مڃتا ملي. هونئن جمال ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ ڏاڍو چست هوندو هو. واندو وهڻ سندس مذهب ۾ جائز ڪونه هو. سستيءَ کي ڪفر سمجهندو هو.

ڪراچي ڇڏي ڪڏهن حيدرآباد آيو سو ته ياد ڪونهي، پر اُتي به پهچڻ سان دونهيون دکايائين. مست جتي به ويندا آهن، اُتي ميخانا ساڻ کڻي ويندا آهن. غالب جو هي شعر جمال جي دل جي ڦرهيءَ تي لکيل هو:

ايک هنگامي په موقوف هي گهر کي رونق

جمال سون جهڙو سچو ماڻهو هو. سخن ڏنائين ته پاڙيندو، پوءِ ڀلي مٿس ڪرٽَ ڇو نه وهي وڃن! يارن جو يار ۽ دشمنن لاءِ ڪُکِ جو ڪانُ هو. سنڌ جو محب وطن تاريخنويس جمال رند جو نالو سنڌ دوست اديبن جي ’پهرينءَ سٽ‘ ۾ لکندو.

جمال اجايون سجايون ڳالهيون ڪرڻ بدران عملي ڪم ۾ اعتقاد رکندو هو. ڪم ڪهڙو به ڏکيو ڇو نه هجي، پاڻ اُن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ وڏو وس ڪندو. ڪراچيءَ واري زماني ۾ کيس سڀني کان ويجهو دوست خواجه سليم هو، جو پاڻ به تمام سٺو لکندڙ ۽ ادب جو وڏو پارکو آهي. منهنجو به پيارو يار آهي. پر، مون کان وڌيڪ حفيظ شيخ کي ويجهو هو. نيت جو نيڪ، هر ڪنهن جو خير گهرندڙ، گهٽ ڳالهائڻ وارو ۽ سچو انسان آهي، پر، افسوس آهي ته سندس مڙني خوبين ۽ نيڪين جي باوجود زندگي مٿس نامهربان رهي آهي.

سنڌ ڏاڍن جو ڏيهه آهي. هتي سٺي ماڻهوءَ کان وڌيڪ سٺي ڪتي ۽ سٺي ڪُڪَڙ جو قدر آهي!

جمال سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ اسان جي ادبي لڏي ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم عمل هو. هڪ طرف اسان سان گڏ هلندو هو، ته ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌ دوست استادن خاص ڪري محمد عمر ميمڻ ۽ محمد حسن ڀُٽي جو تمام پيارو يار هو. شاگرد اڳواڻن ۾ يوسف ٽالپر ۽ يوسف لغاريءَ سان گهري گهاٽي سنگت هئس.

يوسف ٽالپر اڳتي هلي مرڪزي وزير ٿيو. گهڻن سالن کان پوءِ، سندس وزارت واري زماني ۾، اوچتو اسان جي ”ايوانِ صدر“ ۾ ملاقات ٿي. ٿيو هيئن ته اياز کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغو مليو هو. مون تي زور رکيائين ته ”گڏجي هل ته وٺي اچون.“

تمغن واري تقريب ”ايوانِ صدر“ جي ڪرسٽل هال ۾ وڏي ٺٺ سان ٿيندي آهي. تقريب پوري ٿيڻ کانپوءِ سڀ مهمان ٽيريس (Terrace) تي، صدر ۽ وزيراعظم سان گڏ چاءِ پئيندا آهن. وڏي وقار وارن مردن ۽ خوبصورت عورتن جو رنگبرنگي لباسن ۽ خوشبوءِ جي هٻڪارن ۾ وڏو هجوم هوندو آهي.

اياز ۽ مون چاءِ پئي پيتي ته يوسف ٽالپر آيو. سڪ سان ڀاڪر پائي مليو. سندس قرب مان مون ته ائين محسوس ڪيو ته هيءُ ته اُهوئي ساڳيو پيارو يار آهي، جيڪو چڪني جي چولي ۽ سفيد سلوار ۾ اورينٽ هوٽل حيدرآباد ۾ ملندو هو؛ مٿس وزارت جي واءَ جو نالي ماتر به اثر ڪونه ٿيو آهي.

اياز ته ڏينهن ٻه ٽڪي ڪراچيءَ موٽي ويو، پر اسلام آباد ۾ يوسف ٽالپر سان منهنجي ميل ملاقات ٿيندي رهي. ڪڏهن سندس گهر ته ڪڏهن سندس وزارت واريءَ آفيس ۾. وڏو عهدو وسڪيءَ کان وڌيڪ نشو ڏيندو آهي. منهنجن ڪن دوستن کي وڏا عهدا مليا، پر مڙني ۾ اڪيلو يوسف ٽالپر ئي هو، جنهن جي مزاج ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو هو. ساڳيو، يارن جو يار هو.

انسان جي رڳن ۾ جيڪو رت آهي، اُهو خانداني اثر رکي ٿو. سنڌ جي ٽالپر خاندان منو سو سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. اسان جو يارُ اُنهيءَ ئي اعليٰ خاندان جو گلابي گل آهي. اڄڪلهه ڪرچيءَ ۾ رهندو آهي، پر جڏهن به حيدرآباد ايندو ته سندس پهريون فونون محمد حسن ڀُٽي، غلام نبي مغل، جمال رند ۽ مون کي اينديون، ته رات جي مانيءَ تي ڪچهري ڪنداسين. پوئين دفعي ڏاڍي ڏک مان چيائين ته”اسان جو پيارو يارُ جمال رند اڄ ڪچهريءَ ۾ ڪونهي. دل اُداس آهي.“

***

يوسف ٽالپر ۽ يوسف لغاريءَ، محمد عمر ميمڻ ۽ محمد حسن ڀُٽي سان منهنجي سنگت جمال رند جي ڪري ئي ٿي. هونئن، اُهو Common Factor ، جنهن اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو، سو هو ”ون يونٽ“ جي خلاف جدوجهد ڪرڻ. الله سائين اسان کي سوڀ ڏني.

پر، ڪنهن زماني ۾ ون يونٽ جو هوائي جهاز وانگر آسمان ۾ غوغاءُ هو. سڪندر مرزا ”ون يونٽ“ کي ”اسٽيم رولر“ ڪوٺيو هو. اسٽيم رولر عام طرح سان روڊ تي پٿر وجهي گهمائيندا آهن، ته اُنهن کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. سڪندر مرزا جو مطلب هو، ته جيڪي به ون يونٽ جي مخالفت ڪندا سي واريءَ جا داڻا ٿي ويندا.

مولانا مودودي صاحب کي ”ون يونٽ“ مان ’اسلامي وحدت‘ جي خوشبو آئي، سو جڏهن سنڌ ۾ ”ون يونٽ“ جي مخالفت وڌي ۽ حيدربخش جتوئي صاحب ”جيئي سنڌ“ جو نعرو هنيو، ته مولانا مودوديءَ فرمايو ته ”جيئي سنڌ“ جي معنيٰ آهي ”مري پاڪستان!“ پر ائين ڪونه ٿيو. الحمدلله، ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ اڄ سنڌ ۽ پاڪستان ٻئي قائم آهن.

سنڌي ليڊرن ۾ سائين جي. ايم. سيد ون يونٽ جي ولادت کان اڳ ئي ڪاٺ ۾ پيو هو، ته متان ڪا حرت ڪري ۽ ون يونٽ جو ڪچو ٻار ڪيرائي وجهي!

سيد ته ٿيو سوگهو، پر ٻيو به هڪ سنڌي ليڊر به ساماڻو، ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن ”ون يونٽ“ جي خلاف پنهنجن هم عمر دوستن ۽ ساٿين جو فرنٽ ٺاهيو ۽ پهريون انگريزي ڪتابڙو لکي ڇپايو، جنهن جو نالو هو:

“People and Press of Sindh. Oppose on unit to on man.”

پر، ڀٽو صاحب وزير ٿيو ته ”ون يونٽ“ جي خلاف ڳالهائڻ ڇڏي ڏنائين. اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن ۾ ”ون يونٽ“ جي خلاف نفرت ”ٻيلي جي باهه“ (Forest Fire) وانگر ڀڙڪي ڀڙڪي نيٺ پٿر ٿي پئي، سو مولانا مودوديءَ مجبور ٿي ”ون يونٽ“ جي خاتمي لاءِ دعا گهري. اهو ڏسي، ڀٽي صاحب به هڪدم ”ون يونٽ“ جي خلاف بيان ڏنو.

***

اُنهيءَ زماني ۾، هڪ ڏينهن جمال رند مون کي چيو ته عمر ميمڻ وارا چون ٿا ته ”اسان سائين جي. ايم. سيد سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تو سان گڏجي وٽس سن هلون.“

کين خبر هئي ته منهنجي سائينءَ سان نياز مندي پراڻي آهي. سومهاڻيءَ جي مهل هئي. حيدرآباد مان ويگن ۾ ڏهه ٻارهن ڄڻا چڙهياسين، اڌ رات جو سن پهتاسين. سڀ پنهنجا پاڻ ۾ هئاسين. سائينءَ کي اطلاع ٿيو مهمانن جي مانيءَ جو بندوبست ڪري بنگلي تي آيو. دير دير تائين ڳالهيون ٻوليون ٿيون. فيصلو اهو ٿيو ته سنڌ جو ڇوٽڪارو ”ون يونٽ جي خاتمي“ ۾ آهي، سو سڀ گڏجي جدوجهد ڪن.

اسان سائينءَ کان موڪلايو ۽ حيدرآباد روانا ٿياسين. مان ويگن جي دريءَ جي ڀر واريءَ سيٽ تي ويٺو هئس. ويگن پراڻي رستي تي لوڏا لما کائيندي اڳتي رڙهي رهي هئي. رات جو پويون پهر هو. ٿڌڙي هير لڳي رهي هئي. ڪنهن مهل اوچتو منهنجي نگاهه اوڀر طرف پيئي. آسمان ۾ چنڊ چمڪي رهيو هو. گگهه اونداهيءَ ۾ چنڊ جو دل کي ڇُهندڙ اُهو منظر ڄڻ ته ”قدرتي نويد“ هئي ته ”اوهان جون دعائون قبول... ون يونٽ چٽ ٿي ويندو.“

***

تاريخي طرح، ون يونٽ يحييٰ خان جي ايامڪاريءَ ۾ ختم ٿيو، يحييٰ خان ٻيو به هڪ سٺو ڪم ڪيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو منصفانه چونڊون ڪرايائين. اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ کٽيو ۽ اولهه پاڪستان ۾ پيپلس پارٽيءَ.

پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ منهنجو چيئرمين ايڊمرل شفيق الرحمان هوندو هو. چوندو هو ته ”يحييٰ خان ڏاڍو سٺو جنرل هوندو هو، پر پاور مليس ته خراب ٿي پيو.“

پاور جو نشو مون اڳ ۾ به عرض ڪيو آهي ته وسڪيءَ کان وڌيڪ زوردار آهي. هونئن به ڪوبه ماڻهو بشري ڪمزورين کان آجو ڪونهي. يحييٰ خان جون ٻه خاص ڪمزوريون هيون: هڪ اعليٰ درجي جي وسڪي ۽ ٻي خوبصورت عورت. وسڪيءَ جي ڪهڙي برانڊ کيس پسند هئي سو ته معلوم ڪونهي، پر عورتن جي باري ۾ هر ڪنهن کي معلوم آهي ته کيس بُت ۾ ڀريل عورتون وڻنديون هيون. جنرل جو رانيءَ ۽ ملڪه ترنم نورجهان سان سندس قرب مشهور هو، سو ڪنهن محفل ۾ پري کان اهڙي ڪا عورت ايندي هئي، ته جمال رند واڪو ڪندو هو: ”جلدي ڪريو، جنرل يحييٰ کي فون ڪيو!“

***

جمال رند ون يونٽ جي ڊهڻ کان اڳ پمفليٽن جي پٺارڪ ساڻ کڻندو هو. ڪو سنگتي ساٿي ساڻ ڪري ريل ۾ چڙهندو هو. رستي تي جنهن جنهن شهر ۾ دوست هوندا هئس، اُتي پمفليٽون ورهائيندو، لاڙڪاڻي ۽ سکر کان ڦرندو حيدرآباد اچي بوڇڻ ڇنڊيندو هو.

مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي حيدرآباد جي ڪابه پريس اهڙي قسم جون پمفليٽون ڇپڻ لاءِ تيار ڪانه هئي. مرحوم عمر ميمڻ ڪو ڪيميا گر ڳولهي لڌو، جنهن نسخو ڏنس ته هڪ چوڪنڊياري ٽين جي ٽن چئن انچن واري اڀڪپري پليٽ هٿ ڪريو. اُن کي رجيل ميڻ سان ڀريو. جڏهن ميڻ ٺري وڃي، ته ڪاغذ تي مواد لکي اُن تي چنبڙايو ۽ لاهي وٺو ته اکر اُن تي ٺهي پوندا. پوءِ ٻيا پنا ڪڍو. اسان ائين ڪيو. ڪجهه ڪاميابي ٿي. محمد حسن ڀٽي، جمال رند ۽ مون اِهي پنا گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ڀتين تي هنيا.

***

”ون يونٽ“ جي ڊهڻ سان سنڌ آزاد ٿي، پر صورتحال ائين ئي بيٺي، جيئن بامبي پريزيڊنسيءَ مان آزادي ملڻ تي هئي. انهيءَ زماني ۾، شيخ عبدالمجيد سنڌي جنهن بمبئي پريزيڊنسيءَ خلاف باهه ٻاري، ڪيئي تحريڪون هلايون، دهلي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي آزادي لاءِ آواز اُٿاريو ۽ الوحيد اخبار کي اگهاڙيءَ ترار وانگر استعمال ڪيو، ”سنڌ آزاد نمبر“ ڪڍيو، تنهن کي سنڌ آزاد ٿيڻ بعد ڇا نصيب ٿيو! ساڳيءَ طرح، ون يونٽ کي ٽوڙائڻ لاءِ جن پاڻ پتوڙيو، ڏک ڏٺا، رات ڏينهن جدوجهد ڪئي، تن کي به ڪنهن پڇيو ڪونه. سنڌ جا اُهي ئي بي ضمير وڏيرا، جن ووٽ ڏئي ون يونٽ لاءِ راهه هموار ڪئي هئي، سي ئي سنڌ جي اچي ۽ ڪاري جا مالڪ ٿي ويا!

***

سائين جي. ايم. سيد، جنهن اولهه پاڪستان اسيمبليءَ کان ون يونٽ ٽوڙڻ وارو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جو ڪرشمو ڪري ڏيکاريو هو، سو سن ۾ نظر بند ٿيو. اُتي پنهنجيءَ سالگره جو جسن ملهائيندو هو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ايندا هئا. سياسي تقريرون به ٿينديون هيون. سو، سنڌ جي هڪ چيف منسٽر ڪاوڙ ۾ دادوءَ جي ڊپٽي ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته ”اِنهي بڪواس کي بند ڪرڻ لاءِ قدم کڻ.“

هن غريب ڊڄي چيس ته ”سائين، مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“

چيف منسٽر صاحب ڪرسيءَ تان ڪڙڪو ڪري چيس ته ”پوڙهي کي گهر مان گهلي، ٻاهر ڪَڍُ ۽ هٿڪڙي هڻي، وڃي جيل ۾ وجهه.“

ڊپٽي ڪمشنر ته اِهي اکر ٻڌي ڏڪي ويو. بيماريءَ جو بهانو ڪري موڪل تي هليو ويو. پر، مون کي ائين چوندو ويو ته ”سائين ته سڄي عمر سنڌ جي سيدن تان قربان ويندو هو.“

هن اها ٽوڪ ان ڪري هنئي جو سنڌ جو اهو چيف منسٽر هڪ سيد سڳورو هو.

***

ون يونٽ جي ڊهڻ ۽ يحييٰ خان وارين آزاد چونڊن جو فائدو فقط ذوالفقار علي ڀٽي ورتو. هو ويهينءَ صديءَ جي سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ ذهين سياستدان هو. ايوب خان وزارت مان ڪڍيس ته دلشڪستو ڪونه ٿيو. پنهنجي ساڄي کاٻي نهاريائين. سنگتين ساٿين ۽ ايوب خان جي مخالفن سان صلاح مشورو ڪري، پنهنجي آل پاڪستان پارٽي ٺاهيائين. جڏهن پنجاب مان جلسا ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيو ته ڄڻ طوفان آيو. اعلان ڪيائين ته ”وساڻ کي ڪسان بنائي ڇڏيندس.“ خان بهادر وساڻ کي اڳي اليڪشن ۾ ڪنهن به شڪست ڪانه ڏني هئي، پر وساڻ صاحب ته در ڪنار ڀٽي صاحب اليڪشن ۾ وڏا وڏا سياسي وڻ پاڙئون پٽي طوفان وانگر پري پري اڇلائي ڇڏيا. سنڌ جي ڌرتيءَ تي ته ڄڻ زلزلو اچي ويو.

پر، ڀٽي صاحب ايڏيءَ طاقت جي باوجود سائينءَ سان سياسي لحاظ کان احترام وارو سلوڪ اختيار ڪيو. نياپو موڪليائينس ته ”مان اوهان جي اڳيان اميدوار ڪونه بيهاريندس.“

سائينءَ سندس ڳالهه کي وزن ڪونه ڏنو، ڇو ته سندس اعتماد اڃا به وڏيرن ۽ سنڌ جي سيدن ۾ هو. ڀٽي صاحب ته اُنهن کي ليکيو به ڪونه. رات ڏينهن عوامي جلسن جي ڌُم لايون ويٺو هو. سندس گجگوڙ پري پري کان ٻڌڻ ۾ ايندي هئي: ”منهنجا شاگرد ساٿيو... منهنجا مزدور ڀائرو... منهنجا هاري دوستو....“

اياز، مان، تنوير، جمال رند ۽ رشيد ڀٽي اُنهن ئي ڏينهن ۾ لاڙ ۾ ڪو ادبي جلسو ڪري سڌو سن وياسون. سائينءَ کي منٿون ڪيو سون ته سن مان نڪرو، عوام سان مخاطب ٿيو، جلسا ڪيو. پر، اِها ڳالهه کيس اصل ڪانه ٿي وڻي. جڏهن کيس گهڻو ستايو سون، ته اُتر سنڌ جي دوري تي هليو، پر بي دليو. حيدرآباد پهتو ته ڪنهن شاهينگ ويجهو اوڏو بم اُڇلايو. سائين سن هليو ويو. لاڙ جو دورو ڪونه ڪيائين. اليڪشن ۾ بيٺو ۽ هارايائين. سندس مدمقابل مرحوم ملڪ سڪندر پيپلس پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سوڀارو ٿيو.

***

ڀٽي صاحب اليڪشن کٽي ته سڄي ملڪ ۾ سندس ڌاڪو هو. هڪ دفعي ڀٽو صاحب حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ لٿل هو. اسان جو سڄو گروپ سائينجيز هوٽل واري ٽڪنڊي پارڪ ۾ ويٺو هو. سانجهيءَ جي مهل هئي. چاءِ پي رهيا هئاسين ته اوچتو آسمان ۾ ڪڙڪو ٿيو. ٽي ديو قامت هيلي ڪاپٽر اُڏاڻا. چيائون ته ”ڀٽو صاحب مير صاحبن جي دعوت تي ٽنڊي محمد خان وڃي رهيو آهي.“

هيلي ڪاپٽر گجگوڙ ڪندا اُڏامندا ويا. جمال رند ڏانهن نهاري حسرت سان چيو:

”سياست ائين ڪجي.... واهه، ڀٽا، واهه!“

جمال رند اُنهيءَ کانپوءِ سائين جي. ايم. سيد کي ويجهو ڪونه ويو. ڪجهه عرصو ممتاز علي ڀٽي سان رهيو، پر پوءِ سندس سياسي رفاقت فقط يوسف ٽالپر سان رهي.

***

جڏهن محترمہ بينظير پاور ۾ آئي ۽ يوسف ٽالپر صاحب مرڪزي وزير ٿيو، تڏهن هن جمال رند کي پيپلس پارٽيءَ جي اخبار روزانه ”بختور“ جو ايڊيٽر ڪيو. روزانه اخبار ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مؤثر آواز ۽ عوام جو ترجمان ٿي سگهي ٿي، پر مکيه ڳالهه اِها آهي ته مالڪن جي اُن ۾ دلچسپي ڪيتري ۽ ڪهڙي آهي؟ اُنهن ۾ ڪڏهن ڪو حق جو ڪلمو چوڻ جي نيت به آهي يا رڳو بلئڪ ميلنگ ڪرڻي آهي.

اُنهن ڏينهن ۾ جمال جي مون سان ميل ملاقات تقريباً روزانو ٿيندي هئي. هو اخبار جي ايڊيٽريءَ مان مايوسي هو. چوندو هو ته ”مالڪن جي اخبار ۾ دلچسپي ڪانهي. اخبار تي ’بختور‘ نالو رکيل آهي، پر جڏهن به وزيراعظم صاحبه کي ڪو بيان سنڌي پريس ۾ ڇپائڻو هوندو آهي ته چوندي آهي ته فلاڻيءَ يا فلاڻيءَ اخبار کي ڏجو. ’بختور‘ جو نالو ئي ڪانه کڻندي آهي!“

جمال ”بختور“ ڪڏهن ڇڏي، سو ته مون کي معلوم ڪونهي. پر، ايتري خبر اٿم ته ان کان اڳ کيس هڪ ٻيو تلخ تجربو ٿيو هو. بلڪ، دلي صدمو پهتو.

ڀٽي صاحب اياز کي سياسي مقصد لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو هو. اياز جا خاص دوست اسين ٻه چار ڄڻا هئاسين. هونئن سندس شاعريءَ جا مداح بيشمار هئا. سندس مضمون ۽ ذڪر ڪري آيو آهيان ته جڏهن اياز سخت بيمار ٿيو هو ۽ واتان رت اچڻ ڪري جناح اسپتال ۾ داخل ٿيو، ته سندس تيمارداري سندس فيملي ڪانه ڪندي هئي. اِها ذميواري ٽن ڄڻن جي هئي: هڪ محمد ابراهيم جويو، ٻيو مان ۽ ٽيون جمال رند. اسان ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن رات ڏينهن ڊيوٽي ورهائي کنئي. چوٿون ڄڻو ڪير به ڪونه هو.

هڪ رات اياز تمام سيريس هو ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ وات مان رت پئي آيس. مون اُها سڄي رات ننڊ ڪانه ڪئي. مٿانئس ويٺو رهيس. پنهنجي ڪتاب ۾ پاڻ ئي اهو احوال لکيو اٿس. جمال به اُنهيءَ ئي محبت سان سڪ سان اسپتال ۾ سندس خدمت چاڪري ڪئي.

اياز يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر ٿيو، ته ڀٽي صاحب کي چئي مون کي پرو – وائيس چانسيلر ڪرايائين ۽ جمال کي به سٺو عهدو ڏنائين. مطلب هو ته ٽيم ورڪ ٿي ڪم ڪجي. نثار ميمڻ، سراج ۽ جمال ابڙي کي سئنڊيڪيٽ جا ميمبر ڪرايائين.

ڪن استادن کي اياز جي مقرري پسند ڪانه هئي، سو سندس خلاف چرپر ڪيائون. اياز ويو، سو ڀٽي صاحب کي وڃي ڳالهه ڪيائين. ڀٽي صاحب وزيراعليٰ سنڌ کي چيو ته ”انهن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو.“ اُنهن ۾ هڪ ڄڻو جمال رند جو گهاٽو دوست هو. اياز، جمال تي الزام هنيو ته هُو درپرده اُنهيءَ شخص جي معرفت سندس خلاف سازش ۾ شامل هو. سو، کيس سڏي چيائين ته، ”تو مون کي پُٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي، اشرافت سان استعيفا ڏئي هليو وڃ.“

جمال سراسر معصوم هو ۽ اياز جو ورهين جو يار هو. سڄو سوُر پي ويو. ڪڇيائين پڇيائين ڪونه. اياز کي استعيفا ڏيئي گهر هليو ويو.

جڏهن ڳالهه ٺري ۽ مهينو ٻه گذري ويا، ته مون ڌيرج سان اياز کي سندس غلطيءَ جو احساس ڏياريو. اول ته کيس جمال جي معصوم هجڻ تي اعتبار ئي نه اچي. پر آخر ڪار مڃيائين. پنهنجو ڏوهه قبول ڪيائين. مان موقعي جي تلاش ۾ رهيس. جمال جو ڪو عزيز فوت ٿي ويو. سندس فاتحه ڏيڻ لاءِ اياز کي وٺي جمال جي جاءِ تي ويس. پر، غلام فريد جي ٻوليءَ ۾:

رٺي يار ڏاڍي اوکي منيندي.

جمال ملڻ کان انڪار ڪيو. اياز سخت پشيمان ٿيو.

پر، جمال سان منهنجي ميل ملاقات ستت ٿي. کيس ڪو شڪ هو ته اياز مون سان صلاح ڪري پوءِ سندس نوڪري ختم ڪئي هئي. جڏهن خبر پيس ته رڳو وقت جو ٿورو گهڻو فرق هو. اياز پنهنجي شڪ ۽ گمان ۾ جيڪو نسخو مٿس آزمايو هو، سو مون تي به آزمايائين، تڏهن پنهنجو زخم وسري ويس. مورڳو کيس مون سان همدردي ٿي. ٿڌي سيني سان چيائين ته، ”جيڏو وڏو شاعر آهي، اوڏو وڏو ماڻهو ڪونهي.“

پر جمال دل ۾ بغض سانڍڻ وارو ڪونه هو. جڏهن اياز وفات ڪئي، تڏهن وري به اسان ٽيئي ڄڻا – يعني جويو صاحب، مان ۽ جمال رند- ڪراچي حميد آخوند سان ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي اياز جي مزار تي ڪاڇٽي، ڪو ڇاپرو ٺهرائڻ لاءِ ملڻ وياسين. هو سيڪريٽري ڪلچر هو.

اياز فائونڊيشن ته ٺاهيو سون، پر پيسا ڪٿان اچن؟ اسين سڀ سڃا سِرَ. رجسٽريشن وقت هزار هزار رپيا به الائي ڪيئن ڀرياسين، جنهن مان گاڏو گڙڪيو.

مدد علي سنڌيءَ ڀٽ شاهه ۾ اياز جي ياد ۾ جلسو رکايو ۽ چيف منسٽر کي جلسي ۾ آندائين. مسز مهتاب راشديءَ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کانئس فائونڊيشن کي ڏهن لکن رپين جي امداد جو اعلان ڪرايائين. حالي ته وڏڦڙي وانگر تاڙين جا وسڪارا ٿي ويا، پر اڳتي هلي فائونڊيشن کي مليا ڏهه رپيا به ڪونه!

اياز جي دوستن ۾ سڀ سڃا ڪونه هئا. ڪي آسودا به هئا، پر، جيتريقدر مون کي معلوم آهي ته فقط نثار ميمڻ جويي صاحب کي ڪجهه امداد ڏني. اها ڳالهه مون سان نثار پاڻ ڪئي هئي. ٻيو ٿيو ڀلو.

فائونڊيشن ڀڳڙن جي مُٺ تي ڪونه هلندا آهن. اُنهن کي هلائڻ لاءِ ڪا معقول رقم کپي. اُنهيءَ هوندي به فائونڊيشن اياز جا ٻه چار ڪتاب ڪڍيا ۽ جلسا ڪيا. اياز جي آتم ڪهاڻيءَ جو آخرين (چوٿون) حصواڻ ڇپيل هو. مون ڪوشش ورتي، ته جنرل معين الدين حيدر، گورنر سنڌ، ڪتاب لاءِ پنجاهه هزار رپيا فائونڊيشن کي ڏنا.

اياز جي وفات کانپوءِ جمال دانهون ڪيون ته لوهه هينئر تتل آهي، وقت نه وڃائجي، پبلڪ کي اياز فائونڊيشن جي مدد لاءِ اپيل ڪجي. پر، جويو صاحب اُن معاملي ۾ راضي ڪونه هو. اسان سندس حڪم ۽ هدايت کي اورانگهي نٿي سگهياسين. پبلڪ مان پنهنجي ليکي ڪابه امداد ڪانه پهتي. آهستي آهستي ڳالهه ٺري وئي. اِهو به شڪر جو اياز جي عزت آبروءَ واري تربت ٺهي وئي، جنهن ۾ حميد سنڌيءَ جو ڪنٽريبيوشن قابل قدر آهي. سندس ننڍي ڀاءُ شمس وڏيءَ سڪ سان قبر تي ڪاشيءَ جي جڙوات ڪرائي آهي. شمس ڏاڍو لائق انسان آهي.

افسوس اهو آهي ته سنڌ جي ڪنهن به تنظيمَ، ڪنهن به اداري، ڪنهن به يونيورسٽيءَ، ڪنهن به پارٽيءَ ۽ سياسي جماعت ان ڪم ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه ورتي. اها حقيقت سنڌي قوم جي بيقدريءَ جي پڪي پختي ثابتي آهي.

***

پوين ڏينهن ۾ جمال رند جي سياست، صحافت ۽ ادب ۾ نالي ماتر دلچسپي هئي. پنهنجي ڌنڌي، روزگار تي توجهه ڏنائين. حيدرآباد ۾ پنهنجي جاءِ جوڙايائين. ٻني ٻاري ڏي توجهه ڏنائين. پبلڪ اسڪول ته ڪڏهوڪو ڇڏي ڏنو هئائين. اول ونڊسر هوٽل وٽ ۽ پوءِ قاسم آباد ۾، پنهنجو خانگي اسڪول کوليائين، جو جهڙو تهڙو هلي رهيو هو ته بيماريون وٺي ويس. شگر جو گهڻي زماني کان بيمار هو، پوءِ دل جو عارضو به ٿيس. علاج ڪندو رهيو. پوين ڏينهن ۾ اڪثر ناچاق رهندو هو. اسان ٻنهي جي ميل ملاقات ۾ ڪڏهن به ناغو ڪونه آيو. سو، سدائين ٻڌائيندو هو ته رات به بخار آيو هو. آڄ به طبعيت خراب هئي.

مون ڏاڍيون منٿون ڪيس ته اِهي ڳالهيون سڀ ڳڻتيءَ واريون آهن. تون هڪ ڀيرو ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڪراچيءَ ۾ پاڻ ڏيکار. حسن ڀٽي ڳالهه ڪئي ته ڊاڪٽر سان ڪراچيءَ ۾ مليو هو، پر هن جواب ڏنس. هُو ڪجهه ته چوکنڀو مسئلن ۾ ورتو پيو هو ۽ ڪجهه وري مايوسي. خاص ڪري پوين ڏينهن ۾ ڏاڍو ڏک ڏٺائين.

قدرت ته پنهنجو حساب ڪتاب پورو رکي ٿي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”زندگي جي گهڙيال کي چاٻي رڳو هڪ دفعو ايندي آهي. انهيءَ جا ڪانٽا هلي هلي، آخر ڪٿي ته بيهندا.“

نيٺ اهڙو هڪ ڏينهن آيو. مان ڪراچيءَ ۾ هئس ته حيدرآباد مان فون آئي ته جمال رند هي جهان ڇڏي ويو! مان ان مهل ڪنهن محترم سان ملڻ ٿي ويس ۽ گاڏي سندس گهر جي ويجهو هئي. اکين جا ڳوڙها لڪائي صاحب موصوف سان مليس ۽ کيس حال احوال ڏيئي موٽي آيس. پوءِ سڄو ڏينهن ڪمري مان ڪاڏي ڪونه نڪتس. جمال جي فاتحه پنهنجي پاڻ کي ڏنم. دعا گهري، هٿ هيٺ ڪيم ته اکيون ٽمڻ لڳيون. صبح جو ننڊ مان اٿيس ته وهاڻو اڃا آلو هو. اياز ياد آيو:

اکڙيون ڪيئن اَلينديون پار،

سارا سور سلينديون يار.

پريت جي ريت نرالي آهي،

ڀرجي ڀرجي اينديون يار.

 

 

آگم ايئن نه انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،

سيڻن ريءَ سيد چئي، روح نه رچن رنگ،

سهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوءِ ۾.

پي پسايو پانهنجو نوري نظارو،

ويو غم وجود مان، ڪيو ڪلفت ڪنارو،

آيو سوڀارو، من مرادون پُنيون.

جاني آيو جوءِ ۾، ٿيو قلب قرار،

وهلو وچان ئي ويو، ڪري غم گذار،

نظارو نروار، پي پسايو پانهنجو.

  _ ڀٽائي رح

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com