سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2004ع

 

صفحو :19

مولانا گرامي ۽

اڄوڪو دانشور

 

 

امر سنڌو

 

 

منهنجا دوست، منهنجا پڙهند، منهنجا بهترين نقاد [جن جو منهنجي ادبي ۽ شعوري اوسر ۾ هڪ خاص ڪردار رهيو آهي]. اڪثر مون تي اها ڇتي، جارحاڻي تنقيد ڪندا رهندا آهن، ته مون وٽ رڳو ماضيءَ جو ماتام، رڳو روڄ راڙو، رڳو پٽڪو ئي هوندو آهي. ”بيشڪ ته قوميت جي سڀني مادي، ثقافتي ۽ نظرياتي جُزن ۾ سنڌ اڄ کان وڌيڪ شاهوڪار هئي؛ بيشڪ ته قوم جي تاريخي ڪردار جي زواليت جو عنصر اڄ اڳي کان وڌيڪ حاوي نظر ٿو اچي. پر بجاءِ اِن جي جو ٻئي گوڏا ۽ مٿو پٽي تڏو وڇائي، اوسار جي ۽ پار ڪڍي روئجي، ڇا ان کان بهتر اِهو نه ٿيندو ته پنهنجي پنهنجي حصي ۾ آيل جهد جي ڪم کي ايمانداريءَ سان نڀائجي. سڄو رستو ئي، سڄو چمن ئي چراغان ڀل ته نه ڪري سگهون، پر پنهنجي پتيءَ ۾ آيل ڏيئي جي وٽ کي اُجهامڻ نه ڏجي.“ اِهو سبق منهنجي دوستن، منهنجي نقادن ۽ منهنجي پڙهندڙن مون کي بار بار پئي سمجهايو آهي، سو روڄ راڙي ۽ پِٽڪي ماتام کان ته بهتر آهي پنهنجي راهن جا ڪي ڪنڊا پنبڻين سان چونڊي رستا آسان ڪري سگهون، منزل نه ئي سهي راهه منزل ته ڪشادي ڪري سگهون، اِهوئي سوچي ڪوشش ڪنديس ته اڄوڪي بيان ۾ اِن ناسَٽلجيا واري لهجي کان پاسو ڪريان. اُن جي باوجود به جي ڪٿي ڪٿي توهان کي اِن لهجي جا اُهڃاڻ ملن ته منهنجا ٻڌندڙؤ! مون کي معاف ڪندا هلندا.

مولانا گرامي صاحب جيتوڻيڪ منهنجي شعور جي بلوغت جي عمر کان گهڻو اڳ گذاري ويل، تنهنجي ڪري سندس علميت، سندس فضيلت، سندس ڪردار، سندس گفتار، سندس فڪر ۽ فلسفي جا احوال مون فقط ڪتابن ۾ پڙهيا آهن. اُنهن ڪتابن ۾ پڙهيل مراسلن ۽ اُنهن ئي ڪتابن مان سندس احوال زندگي، سندس فن ۽ فڪر جون واٽون Trace ڪريان، اُن کان اڳ بهتر ٿيندو ته عالمي ادب، فن ۽ فلسفي جي تاريخ جا ڪي سدا حيات حوالا ڏيندي هلان، جن جي آڌار تي ڪنهن شخصي Profile جي اهميت کي سمجهي سگهڻ ۾ ڪا مؤثر ۽ ڪارگر مدد ملي سگهي.

ادب، فلسفي ۽ اديب جي اخلاقي Commitment جي حساب سان فرانس جي سارتر جو حوالو کڻان، جنهن جي نالي ئي سڄي عالمي ادب ۾ هڪ فيشن جيان نوجوانن کي پئي اُتساهيو آهي.

29 آڪٽوبر 1945ع جي هڪ شام، پنهنجي Evening Lecture دوران، جيڪو پئرس جي هڪ ڪلب ۾ منعقد ڪيو ويو هو، هال ماڻهن سان ايتري حد تائين ڀريل هو جو ڪيتريون ئي ڪرسيون ڀڄي پيون هيون ۽ ڪيترائي ٻڌندڙ اُن ليڪچر دوران بيهوش ٿيا. ليڪچر “Existentialism is humanism” بابت اُٿيل سوالن بابت هو. اُن ليڪچر کانپوءِ، فرانس تي آيل انتهائي ڏکين جنگ وارن سالن دوران هڪ شاگرد اُن ليڪچر جو حوالو کڻي سارتر وٽ آيو. سندس سارتر کان پڇيل سوال هو ته: ”نيٺ، اسان/مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جيڪڏهن واقعي اخلاقيات جو ڪو معيار ناهي ته پو…“

[ياد رهي ته سارتر پنهنجي وجودي فلسفي ۾ سماج ۾ رائج اخلاقيات کان مڪمل انڪار ڪيو هو.] هن شاگرد جو مسئلو اِهو هو ته سندس پيءُ نازي فوج هٿان فرانس جي ويڙهه وڙهندي ماريو ويو هو. شاگرد اصولي طور تي پنهنجي ڀاءُ جي موت جو پلاند ڪرڻ پيو چاهي ۽ فرينچ آرميءَ سان گڏ نازي فوج خلاف وڙهڻ به چاهي پيو. پر سندس مسئلو اِهو هو ته سندس ماءُ کانئس پوءِ اڪيلائپ جو شڪار ٿي وڃي ها ۽ اڳ ئي کيس هڪ پُٽ جي موت جو صدمو هو ۽ گڏ مڙس لاءِ ڏک به هئس!

هن سڄي صورتحال ۾ کيس ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ کپي؟ پيءُ جي چوڻ تي اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ وڃي پنهنجو شخصي Career ٺاهڻ کپي، ماءُ ساڻ رهي، ساڻس ڏک ونڊڻ کپي يا فرانس جي فوج ۾ وڃي پنهنجو قومي فرض نڀائڻ کپي!

سارتر کيس صلاحيندي چيو ته وٽس فقط ٻه Option آهن، جنهن تي اخلاقيات جو سڄو ڍانچو بيٺل آهي:

The Morality of personal devotion.

The Morality of depending the whole society.

سارتر کيس چيو ته اِن حوالي سان سندس چونڊ کڻي ڪهڙي به هجي، پر اخلاقي معيار فقط اِهو آهي ته:

“Choose and take responsibility.”

[چونڊ ۽ ذميواري کڻ]

اِن حوالي سان اچو ته پنهنجي ماپ وٺون ته ذاتي وفادارين ۽ سڄي سماج جي بچاءُ جي اخلاقيات ۾ ذميوارين جي حساب ڪتاب ۾ ڪير ڪٿي بيٺو آهي؟ اَچو ته ان ئي ماپي کي کڻي گرامي صاحب جي شخصي Profile جي ڪٿ ڪريون.

مولانا گرامي- پنهنجي پوري حياتي ادبي بورڊ کي ارپي ڇڏيندڙ، جنهن کي ڪتابن ۾ عالم، اديب، شاعر، مقرر، مؤرخ ۽ نقاد جي حيثيت سان سڃاڻپ مليل آهي. کيس سنگيت وديا جو ڄاڻو، مشرقي مذهبن جو شعور رکندڙ، شاهه جي شارح ۽ لوڪ ثقافت جي ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ رکندڙ گرامي صاحب جي لکيل ڪتابن جي ڳولها ۾ مون کي فقط ۽ فقط هڪ ڪتاب ئي هٿ اچي سگهيو، جنهن جو عنوان هو: ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“. سنڌ جي ماحول تي ڇانيل اُها گرم هوا، جنهن سنڌ جي جديد نثري توڙي شاعراڻي ادب تي فحاشيت، عريانيت، لادينيت ۽ ٻين کوڙ سارن الزامن سان پئي ساڙيو، اُنهن سمورن الزامن جو منطقي جواب هن سموري قلمي پورهئي جي صورت ۾ لکيل مقدمي وسيلي ڏنو. هيءُ دور هو، جڏهن ادب ۽ ٻوليءَ جي محاذ تان ”نئين ۽ جديد سنڌ“ جي بقا جي جنگ وڙهي پئي ويئي. ادب ۽ ٻولي قوم جي مادي ۽ ثقافتي عنصرن جي واحد علامت جيان اُڀري سامهون آيا هئا. ڌرتيءَ جي Ownership واري حق جي جنگ. اَڄوڪا اليڪٽرانڪ ميڊيا جي Shock ۾ ورتل ماڻهو چون ٿا ته: ”سنڌ جا اديب، ون يونٽي دور کان اڳتي وڌي نه سگهيا آهن.“ ماڻهو چٿرون ڪن ٿا ته ”اَڃا تائين سنڌ جا اديب ’ٻوليءَ-بچاءُ‘ ۽ قوم جي بقا واري تشويش ڀلي ته ٺٺولي ڪندڙن کي بيماريءَ جيان محسوس ٿئي، پر جيڪڏهن ڀيٽ واري تقابلي جائزي واري Analytical ائپروچ سان ڏسجي ته اَڄوڪي دور ۾ ٺلهو اديب ته پري، اسان جو پي. ايڇ. ڊين وارو ڊاڪٽر به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي دفاع ۾ اهڙو دستاويز به نٿو ڏئي سگهي، جهڙو مولانا گرامي صاحب پنهنجي ڪتاب ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ ۾ ڏيئي چڪو آهي. ياد رهي ته اِهو به مولانا گرامي ئي هو، جنهن کي پنهنجي اداري نوڪريءَ ۾ اِنڪري ترقي نه ڏني ته وٽس اُها ڪاغذ واري ڊگري نه هئي! ٿيڻ ته ائين کپي ها ته کيس سنڌ يونيورسٽيءَ پاران سندس اِن تحقيقي مواد تي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي ها. پر اِن لاءِ جيڪڏهن گرامي صاحب جي لکيل ”مهراڻ“ جي ايڊيٽوريل مان ڏنل حوالن مان، جيڪڏهن بنگالي ڏاهي ڪوي جسيم الدين جا اِهي اکر Quote ڪجن ته شايد ڳالهه اَڃا وڌيڪ چٽي ٿي بيهي:

”ادب جي مڪتب جو درس ۽ تدريس اُن مقام کان شروع ٿئي ٿو، جتي اسان جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب جي پڄاڻي ٿئي ٿي.“

تدريسي علم جي سماج سان لاتعلقي ئي دراصل سماج جي اُپاهجپڻي جي نشاني هوندي آهي. تعليم جيڪا ڏسڻ، پرکڻ، نتيجا ڪڍڻ واري شعور کان نا آشنا آهي، سا ڄڻ ته سماج جي نابينائي کي جنمي ٿي. پر اُها تعليم جيڪا شعور سان ساڃاهيل هجي، جنهن وٽ بيمار سماج کي ڏسڻ جي اک هجي، سان نبض شناس تعليم سچ پچ ته اديبن، دانشورن ۽ اهل قلم جي صحبتن مان ڦٽي نڪري ٿي. ”جتي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي تعليم دنگ ٿئي ٿي، اُتان ئي سماج جي نبض شناس ڏاهي ۽ دانشور جو ڪم شروع ٿئي ٿو.

گرامي صاحب لکيو آهي:

”ادب باشعور انسانيت جي زبان- اِها زبان، جنهن کي هر انسان سمجهي سگهي ٿو، اِها زبان جا انسانذات جي مجموعي تاثرات ۽ اجتماعي تقاضائن جي ڳالهه ڪري.“

يا اڃا به اڳتي:

”اصل ۾ اديب ۽ دانشور ٿيڻ کان اهڙي سولي ۽ معمولي ڳالهه ناهي جو هر ڪوئي لئيءَ مان لٺ ڀڃي وتي اديب ۽ دانشور سڏائيندو.دانشور اديب اُهو آهي جو علم ۽ فڪر، مطالعي ۽ مشاهدي جي دنيا ۾ پنهنجي توانائيءَ، پنهنجي حوصلي، قوت ۽ وقت جو وڏو حصو صرف ڪري سگهيو هجي، پنهنجي حال آهر هر فن تي مستند ۽ معتبر مواد جو مطالعو، تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري سگهيو هجي، جديد ۽ قديم فن ۽ علم جي هر چشمي مان سيراب ٿي سگهيو هجي. اِن قسم جو دانشور اَڄ ناياب نه ته ڪمياب ضرور آهي.“

دانشور ۽ اديب جي اِهائي وصف، جيڪا گرامي صاحب طيءَ ڪري ٿو، اُن تي پاڻ سؤ سيڪڙو پورو به لهي ٿو. ثابتيءَ لاءِ وري پڙهو سندس ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“. اُهو سندس سڄي علمي مرتبي جو نچوڙ ۽ سندس مشاهدي جو اولڙو آهي، جنهن جو هر لفظ، سندس علميت ۽ مشاهدي جي گهرائي جو ثبوت ڏيندي نظر ايندو.

ها، هو دانشور جي حيثيت ۾، اديب جي حيثيت ۾، سارتر واري اجتماعيت واري اخلاقيات جي Nation تي پورو لهي ٿو ته هن اِهو مرتبو چونڊيو ۽ اُن جي ذميواري کنئي. ڏسو گرامي صاحب جو ايوبي دور ۾ ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ ۾ ادا ڪيل سندس جاکوڙي ڪردار. اچو، مڃون به کڻي ته هيءُ دور ادارن جي زوال پذيريءَ جو دور آهي. هيءُ دور هڪ ٻئي جي ڪردار ڪشيءَ جو دور آهي، ان دور ۾ ذميواري کڻڻ ۽ اُن تي ’پوري لهڻ‘ واري اخلاقيات ۾ ڪير ڪير ٿو گرامي صاحب واري واٽ وٺي؟ اَڄوڪو اديب ۽ دانشور پنهنجي همعصر اديب ۽ دانشور کان ئي نه پر پنهنجي دور جي اجتماعيت کان به دور ۽ ڇڳل آهي. گرامي صاحب پنهنجي دور کان، پنهنجي دور جي ڏکن، اهنجن، سورن ۽ تڪليفن کان alien نه هو. هو پنهنجي دور ۾ شاگردن ۽ نوجوان اديبن کان اجنبي نه پر سندن سونهون ۽ ساٿي ئي هو. رڳو سونهون ۽ ساٿي ئي نه پر سندن دفاع ۽ بچاءُ لاءِ پنهنجو سينو پنهنجو پاڻ Human Shield طور اڳيان ڪري بيهندڙ بيخوف سپاهي به هو. هو صحيح معنيٰ ۾ ٻوليءَ، قوم ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي جو رکوال ۽ هن جو پيادو سپاهي هو. هڪ اهڙو پيادو سپاهي، جنهن وٽ ويڙهه لاءِ جديد ساز و سامان هميشه گهٽ هوندو آهي، پر حوصلي، همت ۽ ثابت قدميءَ سان ئي پنهنجي فتح جا باب رقم ڪندو رهي.

گرامي صاحب ادارتي ڪرسيءَ تي ڪنهن لگزري لائيف جي لالچ ۽ لوڀ سان نه ويٺو. هُن ته اُتي به ائين ئي پورهيت جيان پورهيو ڪندي، رڳو پنهنجي روزي ئي حلال نٿي ڪيائين، پر پنهنجو سمورو رت ست ڏيئي نور نچوئي، اُن اداري جا بنياد پختا ڪندو رهيو. هڪ هنڌ لکي ٿو:

”دانشور جي فڪر فن ۽ ان جي بي پناهه اثر ۽ انقلاب پسند تشريح سان قوتن ۾ تبديلي ۽ انقلاب جا قدر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن کان متاثر ٿي قومن جا ضمير جاڳيا آهن ۽ اڳتي هلي اُنهن قومن جي ذهين ترين فردن انقلاب آڻي سندن تقدير کي سنواريو آهي.“

سچ پچ تي اصلوڪي ۽ حقيقي دانشور جو فن ۽ فڪر تاريخ ساز ٿئي ٿو. سنڌي سماجي تاريخ ۾ جيڪڏهن اڄ وڏو جمود طاري آهي. ته مولانا گراميءَ جي مٿين لفظن کي پيمانو ٺاهي، تجزيو ڪجي، ته کوٽ اَجوڪي دانشور جي فني ۽ فڪري Construction ۾ ئي نظر ايندي، جنهن جو فن ۽ فڪر موجوده حالتن جي سنگينيت جي تجزياتي سگهه وڃائي ويٺو آهي.

 

ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ – هڪ مثالي عالم“ (ڀاڱو-3) جي پڌرائي

سکر، 23-نومبر 2004ع

تقريب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ طرفان شڪريه ادائي جو خطاب

 

صدر محفل محترم عبدالقادر منگي صاحب،

مهمان خصوصي وائيس چانسلر محترم عبدالرحيم ملڪ صاحب،

”ماڻڪ موتي تنظيم“ جا صدر محترم محمد عثمان منگي صاحب،

وڏي مان وارا عالم اديب ۽ حاضرين ڪرام!

آءٌ صدر محترم ۽ محمد عثمان منگي صاحب جو شڪر گذار آهيان، جو مون کي سڏي اوهان سان هن محفل ۾ شريڪ ٿيڻ جو شرف بخشيو اٿن. آءُ خاص طرح اُنهن سڀني عالمن ۽ اديبن جو احسانمند آهيان، جن ”ماڻڪ موتي تنظيم“ طرفان اڄ هن محفل ۾ پڌري ٿيندڙ ڪتاب توڙي هن کان اڳ شايع ٿيل ٻن ڪتابن ۾ پنهنجن مقالن ۽ خطابن سان منهنجي علمي ادبي ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ اُن سان گڏ پنهنجن پيار ڀرين لفظن سان منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي. مون کي اِن پيار ۽ پاٻوهه جو دلي احساس آهي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته اِن کان اڳ مسلسل طور مون تي ڪڏهن اهڙي مهرباني ڪانه ٿي ۽ ٻيو ته جيڪا به توضيح ۽ تعريف ڪئي وئي آهي سا تجزيي ۾ پوري تُريل آهي. سماج ۾، توڙي علم ادب جي ميدان ۾، اِهو ضروري آهي ته اسين هر ڪنهن کي صحيح طور تي ساراهيون نه ته داد بدران بيداد ٿيندو ۽ ’پاڻ ساراهڻ‘ لاءِ پروپيگنڊا جا ڪڪر ڇانئجي ويندا ۽ علمي ادبي معيار ميسارجي ويندا.

تحقيق ۽ تصنيف جي لحاظ سان، منهنجي هٿ ۾ هن وقت ٽي ڪم آهن، جن مان وڏو مشڪل ڪم هن کان اڳ شايع ٿيل ’جامع سنڌي لغات‘ کي نئين سر سنوارڻ جو آهي. اڳئين سنڌي ادبي بورڊ، جامع سنڌي لغات جا پويان چار جلد مون کي ڏيکارڻ ۽ سنوارڻ کان سواءِ اصل مسودي (Draft) تان ڇاپيا. مون ڪوشش ڪئي ته بورڊ طرفان مون کي اُنهن جلدن کي نئين سر ايڊٽ ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، پر منهنجيون منٿون قبول نه پيون. تڏهن اهو ڳرو بار مون پاڻ پنهنجي ذمي کنيو جو ڏٺم ته حياتيءَ تي بقاء ڪونهي، ۽ جيڪڏهن شايع ڪيل جلد بند تصحيح جي ائين رهجي ويا ته ڪيترائي غلط لفظ ۽ ڪيئي غلط معنائون سنڌي ٻوليءَ جي کاتي ۾ پئجي وينديون. انهيءَ ڪري گذريل چئن سالن کان وٺي ’نئين جامع لغات‘ مرتب ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيم، جنهن سان ڪي نوان الفاظ به اچي ويندا پر خاص طرح غلطيون صاف ٿي وينديون. شروع ۾ جڏهن جامع لغات جو مسودو تيار ٿيو هو ته اُن جي ڪجهه ڀاڱي کي پهرئين جلد جي اشاعت لاءِ ايڊٽ ڪيو ويو ۽ پڻ وڌيڪ مسودي کي ٻئي جلد لاءِ ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ هو، جو جامع لغات جي اشاعت کي بند ڪيو ويو، ۽ پوين ٽن جلدن وارو مسودو جئن هو تئن رهجي ويو. انهيءَ ڪري هن وقت اُن مواد کي صاف ڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳي ٿو. اڳتي لاءِ آسانيءَ خاطر، هن نئين ايڊيشن کي ٽن جلدن ۾ شايع ڪرڻ جي رٿا آهي. هاڻي هيءَ لغات سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان شايع ٿي ويندو، پر سنڌ ۾ اسان پنهنجن ڪمن ۾ دير جا عادي ٿي ويا آهيون. مون پنهنجي سر پهرين چئن جلدن وارو مواد ايڊٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنجين جلد واري مواد تي ڪم هلندڙ آهي. وڏو ڪم آهي پر اُميد ته پورو ٿيندو ۽ مون کي خوشي ٿيندي ته اهو رهيل قرض مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لاٿو.

جامع لغات تي هلندڙ ڪم سان گڏ هڪ ٻيو ڪم سنڌ جي تمدن ۽ ثقافت جي مختلف پهلوئن جي تحقيق بابت هٿ ۾ هو جيڪو گذريل مهيني ۾ ڪتاب جي ڇپجڻ سان پورو ٿيو. بين الاقوامي تقاضائن کي سامهون رکندي اهو ڪتاب انگريزي زبان ۾ لکيو ويو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”سنڌ بابت ثقافتي مطالعا“: “Sindh.Studies: Cultural” ان کان اڳ پهريون ڪتاب ”سنڌ بابت تاريخ مطالعا“ “Sindh: Studies Historical” (پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي طرفان) شايع ٿيو. اُميد ته انگريزيءَ ۾ لکيل اِنهن ٻن ڪتابن جي اشاعت سان سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جا اهم پهلو بين الاقوامي سطح تي روشن ٿيندا.

هڪ ٻيو سلسلو ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ڪتابڙن جو هلندڙ آهي ته جئن منهنجي حياتيءَ جي ويهين صدي عيسويءَ واري دور ۾، سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جا مختلف پهلو ذهن نشين ٿين: يعني ته سڪ ۽ صحبت، حجت ۽ سهپ، خوشي ۽ خوش طبعي جهڙن سماجي قدرن، ڌنڌن پيشن، ماڻهن ماڳن، سياڻن سگهڙن، علم ۽ فهم جي معيارن، سالڪن ۽ درويشن جي سلسلن ۽ تصوف جي رازن رمزن وغيره ننڍن وڏن موضوعن تي ڪجهه نه ڪجهه روشني پوي. ارادو هو ته ڪم از ڪم هن سلسلي جا ڏهه ڪتابڙا شايع ڪجن جن مان پنج شايع ٿي چڪا آهن ۽ ڇهين تي ڪم هلندڙ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقاء بابت تحقيق جي سلسلي ۾، جڏهن آءُ ’سنڌي لئنگويج اٿارٽي‘ جو نگران هوس تڏهن مون سنڌ جي ڪن اديبن کان سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جي ’ٻولين‘ جي محاورن، لهجن، لغاتن جي تحقيقات جو ڪم شروع ڪرايو ۽ ڪي ڪتابڙا شايع ڪيا. ٻئي طرف سنڌ ۾ رائج ٻن خاص ٻولين يعني جَتڪي ۽ ڍاٽڪيءَ جو مطالعو ڪرڻ مون ضروري سمجهيو، انهيءَ لاءِ ته سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقاء بابت ڪا رهنمائي ٿئي. اُنهن مان ’جَتڪي ٻولي‘ بابت تحقيق پوري ٿي ۽ ڪتاب سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان شايع ٿي چڪو آهي. باقي ڍاٽڪيءَ بابت تحقيق هلندڙ آهي جيڪا اميد ته اڳتي هلي پوري ٿيندي، ڇاڪاڻ جو آءُ گهڻو وقت ميدان ۽ آسرن تي هليو آهيان ۽ اميدون ۽ آسرا منهنجي لاءِ سهارا ٿيا آهن.

معزز حاضرينو! جئن ته هيءَ محفل منهنجي علمي زندگيءَ جي باري ۾ آهي ۽ اوهان جي محبتن جو نتيجو آهي، انهيءَ ڪري مون مناسب سمجهيو ته آءُ اوهان سان پنهنجو حال اوريان ۽ اوهان کي پنهنجي هلندڙ تحقيقي مشغلن کان آگاهه ڪريان ۽ پڻ پنهنجي زندگيءَ جي ڪن ڪيفيتن بابت اوهان کي ٻڌايان جن جو منهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين ۾ وڏو دخل رهيو آهي. اِهي ڪيفيتون هي آهن ته مون پنهنجي زندگي هڪ طرف خوف ۽ انڪساريءَ ۾ ته ٻئي طرف اُميدن ۽ آسرن ۾ بسر ڪئي آهي. مون اِنهيءَ ڊِڄ ۾ پئي گذاريو آهي ته مون کان ڪا اهڙي غلطي نه ٿئي جنهن مان ٻئي کي نقصان پهچي! منهنجي هيڻائي اِها جو مون هميشه پاڻ کي هيڻو ۽ ٻين کي ڏاڍو پئي سمجهيو آهي، انهيءَ ڪري مون ۾ سهڻ جي عادت پيدا ٿي ۽ مون گهڻو ڪجهه سٺو پر نه ڪنهن کي هيسيو ۽ نه ڪنهن سان ڏاڍ ڪئي. مون ڪوشش ڪئي ته ڪنهن کي نه رنجايان، پر ان ۾ ڪامياب نه ٿيس. باوجود احتياط ۽ نيڪ نيتيءَ جي، گهڻن کي پاڻ تي ڪاوڙيل ڏٺم، ۽ حيران رهيس، ۽ اڄ تائين حيران آهيان، ته هو ڇو مون تي ڪاوڙيا يا ڪاوڙيل آهن! ان مان نتيجي طور اهو سبق ملي ٿو ته ماڻهو سڀني کي راضي ڪري نه سگهندو ۽ ضروري آهي ته هو پاڻ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪندو رهي ۽ اُن ۾ ڪوتاهي نه ڪري!

ٻئي طرف، مون پنهنجي سڄي زندگي بلڪ زندگي جي هر ساعت ۽ گهڙي، اُميد ۽ آسري ۾ گذاري آهي. هر ماڻهوءَ مان مون کي ڀلائي جي اميد رهي آهي. مائٽن، عزيزن، يارن دوستن کان محبت جي اُميد رهي آهي؛ سڀني گڏجي ڪم ڪندڙن کان خير خواهيءَ جي اُميد رهي آهي، ۽ سڀني ڄاڻن سُڃاڻن کان نيڪيءَ جي اُميد رهي آهي. پر اهڙي اُميد مون کي هر وقت ان طرف آماده پئي ڪيو آهي ته آءُ پاڻ اهڙو چڱو ٿيان جو ٻين کي وڻان. مائٽن عزيزن سان پيار سان هلان، استادن سان ادب سان هلان، يارن دوستن سان نيازمنديءَ سان هلان، ۽ سڀني ڄاڻن سڃاڻن سان اهڙيءَ طرح پيش اچان جو هو مون کي چڱو سمجهن. چڱي ڪم ذريعي پاڻ وڻائڻ واري جذبي مون کي ڪشالن ڪڍڻ تي آماده ڪيو، وڏن وڏن ادارن کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ تي همٿايو، يارن دوستن سان نباهڻ تي آماده ڪيو، ڳوٺن جي مسڪينن کان سواءِ ڪن اٻوجهن سٻوجهن مستانن سان به ماڻهپي سان هلڻ سيکاريو.

ٻين کان چڱائيءَ جي گهڻي اُميد سببان، ٻين جي اُلٽي ورتاءُ البت بيزار ڪيو. ڪوشش ڪيم ته بيزار نه ٿيان، پر بيزاريءَ واري ڪيفيت باقي رهي. اهڙيءَ صورت ۾ جڏهن پاڻ ماڻهو ٻئي سان ڀلائي ڪري پر آڏو هو سڀ ڳڻ وساري اوڳڻ ڪري تڏهن بيزاريءَ واري ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي. مون کي شديد احساس آهي ته ائين نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ڀلائيءَ واري اعليٰ منزل اُها آهي جو ماڻهو بنان ڪنهن اُميد آسري جي ڀلائي ڪندو رهي! مون ائين ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي، پر باوجود اُن جي بي گُنو ماڻهو اوس بيزاريءَ جو باعث بنجي ٿو. آءُ اڃا اِنهيءَ ڪشمڪش ۾ آهيان ته ڪيئن بيزاريءَ جي بدلي رضا تي راضي رهان.

سڄڻو! اِهي ته ٿيون منهنجي پنهنجي نفسياتي ڪيفيات جون ڳالهيون، جيڪي اوهان جي ڪيل مهربانين ۽ مرحبائن کان متاثر ٿي اڄ مون اوهان سان ڪيون، جو اهڙو ٻيو موقعو شايد ملي نه ملي.

اڳتي لاءِ ڪم جو پروگرام-سو، جامع سنڌي لغات کي نئين سر مرتب ڪرڻ ۽ ڍاٽڪي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ اُن بابت لکڻ وارو ڪم باقي رهيل آهن، جيڪي اُميد ته پورا ٿيندا. پر جڏهن اُهي پورا ٿيندا ته ٻيا شروع ٿيندا ۽ پوءِ به ڪم اڻپورا رهجي ويندا. هن زميني زندگيءَ ۾ ڪنهن جا به سڀ ڪم پورا نه ٿيا آهن. پر جي سنڌ جو بخت جاڳي ۽ اسان مان سڀ ڪو پنهنجو پنهنجو ڪم پورو ڪري ته جيڪر نئون مستقبل روشن ٿئي.

پر هيءَ به ڳالهه ته جي مون وڌيڪ ڪم ڪيو ته اوهان محسنن کي به وڌيڪ داد ڏيڻ جي تڪليف گوارا ڪرڻي پوندي. اِهو انهيءَ ڪري به جو اسان جنهن دور ۾ رهون ٿا سو هاءِ هاءِ سان گڏ واهه واهه وارو دور به آهي: ڄڻ سڀڪو داناءُ آهي ۽ بهرحال واهه واهه ڪرڻي آهي!

جهوناڳڙهه ۾ آءُ بي.اي. جي آخري سال ۾ هوس جو پهرئين سال وارن سنڌي شاگردن مون کان اچي انگريز شاعر ’ڪِيٽس‘ (Keats) جي شعرن جي معنيٰ پڇي. مون معنيٰ ٻڌائي ۽ ڪن شعرن جي تعريف ڪئي، پر چيو ته افسوس جو هو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. تڏهن ٽنڊي محمد خان طرف جو هڪ سيد شاگرد تنهن چيو ته: ”شڪر الحمدلله! نه ته گهڻا شعر لکي ها ۽ اسان کي پڙهڻا پون ها.“

ڪنهن ماڻهوءَ بابت گهڻي هاءِ هوءِ به حيران ڪندي آهي. رئيس بهرام خان گذاري ويو ۽ ماڻهو پئي سندس واسطي رنا. جَت ويچارو، جيڪو ٻاهران آيو تنهن حيران ٿي پڇيو ته هي ماڻهو اِيترو ڇو ٿا روئن! تڏهن ڪنهن ٻڌايس ته رئيس بهرام خان گذاري ويو آهي! جت چيو ته: ”منهنجو مَنگلو اُٺ ئي مريو ويو جيڪو ست ٻوريون اَن جو کڻندو هو: بهرام خان تي جي هڪ رکان ها ته اُٿي نه سگهي ها!“

وڏن چڱن توڙي وڏن عالمن ۽ مفڪرن جي گذاري وڃڻ سان سندن جاءِ جلد نٿي ڀرجي. علامه اقبال کي اهو احساس هو جو چيائين ته:

برآمد روزگار اين فقيري

دگر داناء راز آيد نه آيد

يعني ته هن فقير جا ڏينهن پورا ٿيا: پويان ٻيو ڪو داناءُ رازدان اچي نه اچي!

پر مولوي احمد ملاح لک جي ڳالهه ڪري ڇڏي ته:

نه احمد مُئي کٽي جڳ، پيو اتاهين اڀرندو لهندو،

نکٽ پويان نکٽ اڻکٽ، نکٽ نروار پيا ايندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com