سرد رات جو سفر
رفيق سومرو
نون سالن جو نينگر، فرشتن واري معصوميت مُک تي، بندر روڊ سکر جي
سنڌوءَ ڪناري اڏيل هندوستان لڏي ويل سنڌين جي ڇڏيل
هڪ ماڙيءَ جي گئلريءَ جي سيخن مان درياهه پار
ويندڙ ٽرڪن ۽ گاڏين جي بتين جي ٽمڪن کي عجب وچان
چتائي ڏسي رهيو هو. هي ٽرڪون ۽ گاڏيون ڪٿان ٿي
آيون ۽ ڪيڏانهن ٿي ويون، ان ڳالهه کان بنهه بيخبر
۽ بيپرواهه، هو گاڏين جي ٻرندڙ بتين کي ڏسندو رهيو
۽ ايندڙ ويندڙ گاڏيون ڳڻيندو رهيو. جڏهن سندس
نگاهون ٿڪجي ٿي پيون، ته پوءِ نظر هٽائي، درياهه
پار نارا ڪئنال جي ڪپ تي ٺهيل ”پنج گولي“ کي ڏسڻ
ٿي لڳو. گئلري هيٺان وهندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ ٽرڪن ۽ ٽرئفڪ
کان هو بنهه بي نياز پير پساري ويٺو هو. هُن جي
نظر پرئين پار هئي، ڪڏهن ٽرڪن تي ۽ ڪڏهن وري لنگهي
ويندڙ ٽرڪن پويان اڻچٽين ۽ ديو جيڏين اوچين
هيبتناڪ کجين جي اونداهن ۽ پراسرار لڳندڙ وڻن ۽
گاڏين جي روشني پوڻ تي ٺهندڙ انهن جي هيبتناڪ پاڇن
تي، ته ڪڏهن سکر بئراج جي چوهٺ دروازن جي ٽمڪندڙ
بتين جي گولن تي. هو جي ڏسن ۾ ڏيسار، هو تن جو
طالبو هو. هو اُن جاءِ ۽ اُن سنڌوءَ جي ڪناري تي
ويٺو هو، جنهن کي ڇڏيندي اُتم، سُندري اُتمچنداڻي،
گوبند مالهي، پوپٽي رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽
موهن ڪلپنا رت جا ڳوڙها رُنا هئا:
هيءِ هيءِ منهنجا اباڻا،
هيءِ هيءِ پکا پراڻا،
هيءِ هيءِ منهنجا اباڻا...
ڇڏي شهر سکر- سنڌوءَ جا ڪنارا
اباڻا هليا ويا پکا هي پراڻا
هيءِ هيءِ منهنجا اباڻا
هيءِ هيءِ پکا پراڻا!
ساڳي سڙڪ ۽ ان جي پٺيان مياڻي روڊ تي ٺهيل پڪيون ماڙيون ۽
پراڻيون جايون اڃا به سندس هم ڪلاسي سنڌي پرائمري
اسڪول ۾ پڙهندڙ پشپا، نرملا، جيوڻي، سُشيلا،
شڪنتلا، ’پرڪاش‘ ۽ خوبچند، بسنت ۽ هيرانند جون
پناهه گاهون هيون. سائين ٻُڌرمل ۽ وشنو ۽ اُڌارام
وڃي ڌرمشالا ۾ پناهه ورتي هئي.
هُو پنهنجي هم عمر ساٿين کان بنهه مختلف هو. هو ڇا سوچي رهيو
هو، اُن جي پروڙ فقط سندس خوابن مان پوندي.
جنوريءَ جو جن مهينو هو-سيءُ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن
پوان. کيس نه کٿو نه لوئي، نه اوور ڪوٽ نه اوني
سُئيٽر بافتي جي قميص ۽ لُنڊي سٿڻ. سندس مرهَيات
پيءُ جي گرم ڪوٽ جي عيوض چاچي پوليس جي پراڻي اوور
ڪوٽ مان کيس اڃا ڪوٽ به ٺهرائي ڪونه ڏنو هو. هيٺ
دُڪان ۾ رهندڙ سيءَ کان سٽجي ڪوئيٽا کان لڏي آيل
نسواري پٺاڻ لالو درزي پوليس جو پراڻو اوور ڪوٽ
ڏيکاري کيس روز پيو خوش ڪندو هو. هُو به سيءَ کي
خاڪي اوور ڪوٽ جي ڌمڪي ڏيئي ڀڄائي ڇڏيندو هو. پر
هينئر سيءَ جي سَٽَ سندس سوچن جي سنسار کي سُنسان
ڪري ڇڏيو هو. کيس ائين لڳو ته سندس نظر سنڌوءَ جي
اوندهه ۾ وهندڙ پاڻيءَ تي نه هئي، پر هو پاڻ
ڳڱاٽيندڙ پاري ۾ درياهه ۾ ٻڏندڙ ڪنهن اڻ تاروءَ
عاشق وانگر ڪنڌيءَ ڪانهن جهليو اُڀو آهون ڪري رهيو
هو.
اُن گهر جا گهر ڀاتي سندس حال کان بيخبر هئا. هو گاڏيون ڳڻي ڳڻي
ٿڪجي پيو. سندس نظرن آڏو سکر بئراج جي بتين بدران
ترورا ڇانئجڻ لڳا. هوڏانهن سيءَ سان مسلسل مقابلي
سبب سندس مدافعت جي قوت جواب ڏئي چڪي هئي. کيس
ڀاسيو، ڄڻ ڪو سندس پُٺيءَ جي ڪنڊي ۾ سيخ سان ٽُنگ
ڪري برف اوتي رهيو هجي ۽ هُن جي رڳن ۾ برف ڄمندي
ٿي وئي، تان جو هُو ڄاهي وانگر ويڙهجي سيڙهجي ويو.
ڇَڙ اُتر، سيءُ آسمان مان وسندڙ برف جيان اوتيندو
رهيو، بُک ۽ سيءَ سان ويڙهه ۽ امڙ جي اوسيئڙي سبب
هو صفا سيٽجي ويو. هن گئلريءَ مان هيٺ ڏٺو، پريان
کان ايندڙ ماڻهن جا ڀاڇا سندس ويجهو اچڻ تي ننڍا
ٿيندا ٿي ويا. ايندڙ ويندڙن مان ڪوبه پاڇو اڇي
ٽوپيءَ واري برقعي جو نه هو. هُو ان پاڇي کان اهڙو
واقف هو جهڙو پنهنجي پاڇي کان. هو ان ئي پاڇي جي
پاڇي ۾ پليو هو. اهوئي پاڇو هن لاءِ
(God of small Things)
مِثل هو. اهو پاڇو هن لاءِ ڇپر ڇانو هو. اُن کان
اڳتي هن اڃا ڪڏهن ڪونه سوچيو هو، پر هڪ آڱر هئي
جيڪا سدائين کيس اَوَتَڙاولڻ کان روڪيندي هئي.
هُو اُمالڪ اُٿي وڃي آڳر ڀرسان ٺهيل هڪ ڪمري ٻاهران ڪُنڊ ۾
ڪرونڊڙو ٿي ويهي رهيو.
هوڏانهن ساڳي سڙڪ تي هڪ گهر ڀرسان اسٽريٽ لائيٽ جي روشنيءَ ۾ هڪ
پاڇو ٿڌ ۾ برف جيان ڳڱاٽجي ويو. اکين ۾ اٽڪيل
اوسيئڙي اکيون ٻوٽي گئلريءَ مان هيٺ ٽپو ڏنو ۽ آس
۽ آئيندي جي اميد جي هڪ ڊگهي، مضبوط ۽ ڦهليل ڄار ۾
ڦاسي پيو!
اوچتو هن هڪ پاڇو پنهنجي مٿان بيٺل ڏٺو. پاڇو اوچتو ڦهلجندو
ويو. پريءَ پنهنجا پر ڦهلايا. سيءَ سياٽل روح صفا
ڪنبي ويو. نستين ۽ اڌ کليل اکين اهو عڪس جهٽي
ورتو. عڪس پنهنجو گرم ڪوٽ لاهي هن جي مٿان وڌو ۽
کيس ڍڪي ڇڏيو. گرم ڪوٽ مٿان پوندي هن جي بدن مان
سيسراٽ نڪتو ۽ سڄو ڏڪي ويو. کيس محسوس ٿيو، ڄڻ ڪوٽ
نه لٿو هو. پر هُو ڪوٽ جي وجود ۾ پيهي ويو هو. کيس
ائين لڳو ڄڻ ڪوٽ نه پر هن پنهنجو وجود مٿانئس
وڇائي گهور ڪري ڇڏيو هجي. کيس محسوس ٿيون اوني
مفلر جهڙيون گرم ٻانهون، پشم جهڙو نرم ۽ گُداز
بدن، ملائم ۽ اُڀيون ڇاتيون. هُن جي ساهن جي
گرميءَ هن کي نئين زندگي بخشي سندس جان ۾ جان وجهي
ڇڏي. سيءُ ۽ خوف سا هن جي گرميءَ ۽ محبت جي حرارت
۾ رِجي ويو. نماڻا نيڻ عجب ۽ معصوم پيار وچان حور
کي تڪڻ لڳا. هن جي اکين ۾ ٻاجهه جي چمڪ ۽ نور هو،
ڪنوارو پيار هو، سچو ترس ۽ بي لوث خلوص، دل جي
اٿاهه گهراين مان ڪنهن پوتر چشمي جيان ڦٽي نڪرندڙ
آسپاس جي بي حس ماحول تي ٺٺولي ۽ ملامت ڪندڙ.
هُن ڪائنات جي حسن ۽ جمال جو جلوو پسيو. نرمل نيڻ، ڪومل ڳل،
غزالي اکيون، سنهڙا چپ، موتين جهڙا ڏند، گول ۽
بيضي جهڙي لسي کاڏي، پورو ۽ ٺاهوڪو قد، سنهڙي
چيلهه، چوٽي چاتين وچ ۾ خالي جاءِ ۾ چرپر ڪندڙ ۽
سونهندڙ، بيهڪ ۾ حُور جهڙو وقار ۽ منهن تي لازوال
مونالزا کي مات ڏيندڙ امر مرڪ! ڀانءِ ته ڪا مُنڌ
نه پر حسن جي ديوي ايفروڊائيٽ جو چانڊوڪيءَ ۾
وهنتل سنگمرمر جهڙو اڇو، لسو ۽ کير جهڙو مجسمو
هجي. ڄڻ خيمي مان ڪا حُور نڪتي هجي يا پکي مان
پدمڻي، جنهن جو جلوو پسي ڏنا وراڪاوڄ- جهڙي صورت
سج، تهڙي مُورت مُهڻي! هوءَ ٿر جي مارئي هئي يا
يوناني ڏند ڪٿائي حسن بي مثال مارپِسا، جنهن جي
حسن جي هاڪ ٻن ديوتائن اَپولو ۽ زائس کي ويڙهائي
وڌو هو ۽ وڏو ديوتا کيس بحري باز جيان چنبن ۾ چائي
ويو هو! مارپِسا زائس کي اهو چئي ساڻس شاديءَ کان
انڪار ڪيو، ته هو هڪ ديوتا هو ۽ هوءَ هڪ عورت.
ديوتا کي نه موت هو ۽ نه ڪراڙپ، تنهن ڪري هوءَ
ديوتا بدران اُن انسان سان شاديءَ کي ترجيح ڏيندي،
جيڪو کيس انساني احساسن سان ڀرپور پيار ڏئي ۽
ڪراڙپ ۾ به سندس مُنهن جا گهنج چُمي.
سنهڙا چپ ڪجهه چوڻ لاءِ چُريا، لرزيا ۽ ڀِچي ويا. اکيون آرزوئون
بڻجي اٿيون، تڙپيون، ڦٿڪيون ۽ ڇپر جانب جي جمال ۽
حسن جي احترام ۾ ڇڻي پيا ۽ وري نه اُٿيا، سجدي ۾
ڪريل رهيا.
ساڄي پاسي واري دروٽ پيرن جو کڙڪو ٿيو.
مارپسا هوريان هوريان پوئين پير هٽندي وئي. هن پُٺ نه ڏني. اهڙو
وقار، اهڙو شان، اهڙي ڌيرج، اهڙو اطمينان هن وري
ڪنهن وينگس ۾ نه ڏٺو. هو اهو سڀ ڪجهه ٻين سڀني ۾
ڳوليندو رهيو.
سڙڪ تي ٿڌ ۾ ڄمي ويل پاڇي ۾ حرڪت آئي. اهو گهر جي ڏاڪڻ چڙهي آيو
۽ کاٻي در کان ٻاهر اچي آڳر ۾ ڪريو. وڏي ويڪري
پاڇي، ننڍڙي ۽ سنهڙي پاڇي کي اوڳاڇيو. سنهي پاڇي
روبوٽ وانگر مڪينڪي انداز ۾ گئلريءَ ڀرسان ٺهيل
حوضيءَ ۾ چُرپُر ڪئي ۽ برف جهڙن ڳڱ سڻڀن ٿانون کي
پنهنجن هٿن جي حرارت سان رِجائي ڇڏيو. سيارو
پورهيت جي پگهر ۾ رِجي رت ٿي نيساري مان نارا ڪندو
ناليءَ ۾ نيڪال ٿيو. اجرت: ٻوڙ- مانيءَ جو ٿالهه
ٿي مٿي تي چڙهي ويٺو. هڪ بيچين دل جي دُعا ٿڌي
شوڪاري سان اُڀ ڏانهن اُڏري ويئي ۽ آسمان آهه ڀري.
’پورهيت سندو پورهيو، والي ڪيم وڃاءِ!‘
ٻاجهه ڀريو ڪوٽ خواب ۾ جدا ٿيو. هاڻ وڏي پاڇي سان گڏ ننڍو پاڇو
به پهرين سڙڪ تي ۽ پوءِ گهٽين ۾ گهلبو سُسندو ويو.
(ڪراچي 27)
ڊگهي خواب مان اک کليس ته هن ڏٺو ته پنهنجو فليٽ ۽ فليٽ جي
ڊرائنگ روم ۾ اهو سيارو، اها وڻندڙ گُداز گرمي
اُهو ڪوٽ، اُها مرڪ، جيڪا آجيان سان گڏ شڪايت ڪري
رهي هئي: ”بِشنوازني چون حڪايت مي ڪُند“. بانسريءَ
جي مڌر سُرن جي آلاپ ۾ اُن جي سيني ۾ سيخن سان ڪيل
بيرحم سوراخن جو سوز سمايل هو. بيرحم وقت ۽ زماني
جي شڪايت هئي. اُهي اکيون، ساڳيا سوال، اُهي نيڻ،
اُهي خُمار، جهڪيل نيڻ، احترام ۽ شڪايت ڪندڙ. سوين
سوال، هزارين عجب جون نشانيون، ساڳي نِدا اندر مان
اُٿندڙ، ۽ لکين خال....
اُهي هاڻِ ڪير ڀريندو، پيپر جو ٽائيم ته ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو آهي.
نئون امتحان ڪير ڏيندو، هُن جي ته ڪا تياري به
ڪانه هئي. هاڻِ هڪ ٻيو امتحان شروع ٿي ويو. آلين
اکين آکيو: ’بِشنواز ني چون حڪايت....‘
اداس اکين چيو: ’تو انتظار نه ڪيو، ڏس مان آفيسر ٿي ويو آهيان.‘
وڏين چيروين اکين مولانا روم جي مثنويءَ جو پهريون بند کوليو ۽
بيچين سنڌوءَ صبر جا سڀ بند ٽوڙي ڇڏيا، سڀ لڪ
لوڙهي ڇڏيا ۽ دل جي دنيا موهن جو دڙو ڪري ڇڏي:
’تون به ته ڪجهه همٿ کان ڪم وٺين ها، هاڻي ويٺو
سهه مهميزون ملاحن جون.‘
ساڳئي پاڇي ٻنهي کي گڏ بيٺل ڏسي بيحد مُسرت ۽ حسرت وچان ٿڌو
ساهه کنيو. هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪڏهن وقت
اهڙو زمانو به آڻيندو، نه ته هوءَ بادشاهه کان
سندس حق جي گهر ڪري ها!
پر هاڻي پُل (بئراج) هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو هو ۽ ڪيترائي پٽ
جهنگن ۽ ٻيلن ۾ تبديل ٿي چڪا هئا، نه ته غزنويءَ ۾
اڄ به ساڳي تڙپ هئي ۽ نه زلف يار (اياز) ۾ به
ساڳيو ئي خم هو!
87 جي گرم جهولي ۽ لُڪ حقيقت ۾ 64 جي سرد رات جي برف کي رِجائي
پاڻي ڪري ڇڏيوهو. هُو خواب مان ڇرڪ ڀري اُٿيو ۽
گرم ڪوٽ کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. بدن جي گداز
گرمي ۽ ساهن جي سُڳند کي سميٽڻ لڳو، پر سڀ ڪجهه
پکڙجي ويو. ٻاڦ بڻجي اُڏامي ويو. اُهو گهر رڳو
ٻاهران ڏسڻ لاءِ رهجي ويو هو. ڄڻ ته هُن سوچيو هو
ته هينئر اڌ رات ٿي وئي آهي.
سڀاڻي صبح جو سوير هُو ڏاڪڻ مان سڏي کيس سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو.
نه سرد رات کُٽي ۽ نه ئي وري سندس خواب ٽُٽو.
جڏهن سندس اک کُلي ته شهر تبديل ٿي ويا هئا. هن شهر ۾ بندر روڊ
تي هو، پر اُهو سنڌو ڪونه هو، واهڙ ڪنهن ٻئي پاسي
وهي ويو هو ۽ سمنڊ ۾ سنڌوءَ جي سونهري پاڻيءَ جي
ڇوڙ بدران سمونڊ جو ڪارو پاڻي مٿي چڙهندو ٿي
آيو.....
بهار آيو
پرل ايس . بڪ / ولي رام ولڀ
(پرل. ايس بَڪ
(Pearl S.Buck)
آمريڪا جي رياست ويسٽ ورجينيا
جي هِلسبورو شهر ۾ 1892ع ۾ پيدا ٿي. سندس اصل نالو
پرل والش نِي سيڊنسٽرڪر هو. سندس شروعاتي زندگي
چين ۾ گذري، جتي سندس والدين عيسائيت جا مشنري
هئا، پر تعليم رينڊولف مئڪن ڪاليج ۾ ورتائين.
گرئجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ هوءَ چين موٽي آئي ۽ 1934ع
تائين اُتي رهي، پر وچ ۾ سال کن لاءِ 1926ع ۾
ڪارنيل يونيورسٽيءَ مان ايم . اي ڪيائين. پرل بڪ
جوانيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1930ع ۾ سندس پهريون
ناول
East Wind, West Wind
شايع ٿيو. اُن کانپوءِ )1931ع)
Good Earth،
(1932ع)
Sons
۽ (1935ع)
A House Divided شايع ٿيا. سندس ناول
Good Earth
آمريڪا ۾ گهڻو وڪامجندڙ ناول ثابت ٿيو ۽ اُن تي
کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. سندس ڪهاڻين جو مجموعو
پڻ (1933ع)
The First Wife and Other Stories
شايع ٿيو. 1938ع کان پوءِ سندس ڳاڻيٽي کان ٻاهر
ڪتاب شايع ٿيو. سندس ناولن ۾ اولهه ۽ اوڀر جو تضاد
چٽيل آهي، جنهن جي پس منظر ۾ هندستان ۽ ڪوريا جهڙا
ملڪ ڏنل آهن. پرل بڪ فلاحي تنظيمن ۾ به حصو ورتو،
خاص طور تي ايشيائي آمريڪي ٻارن کي گود وٺڻ ۾ مدد
ڪرڻ جي هڪ ايجنسي قائم ڪيائين، جنهن جو نالو
Welcome Inc
هو. اُپاهج ٻارن ۾ به گهڻي دلچسپي ورتائين ۽
اُنهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪتاب
The Child Who Never Grew شايع ٿيل آهي.
سندس ادبي ڪاوشن جي اعليٰ فنڪارانه خصوصيت کي مڃيندي چيو ويو ته
هُن انسانذات جي هڪ وڏي ۽ اهم ملڪ چين کي اولاهين
دنيا ۾ متعارف ڪرائي سمجهائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. چين
جي هارين جي زندگي کي نهايت اعليٰ معيار ۽ سچائيءَ
سان پنهنجن ناولن ۾ چِٽڻ ۽ سوانحي شاهڪار لکڻ جي
مڃتا ۾ کيس 1938ع ۾ ادب جي نوبيل انعام سان نوازيو
ويو.
پرل بَڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏڪار جي جيءُ جهوريندڙ صورتحال ۾ هڪ چيني
ڪٽنب جي ڀوائتي تصوير چٽي آهي.)
***
لِيو پنهنجي جهوپڙيءَ جي ٻاهر ويٺو هو. اهو فيبروريءَ جو پويون
هفتو هو. شام ٿي چڪي هئي، پر وايو منڊل ڪجهه گرم
هو، هن پنهنجي نٻل جسم ۾ بهار جي آمد محسوس ڪئي.
کيس ڪيئن سُڌ پوي ته وڻ ڦوٽ جا ڏينهن اچي ويا آهن؟
ساوڪ ۽ ٿڌڪار جا ڏينهن اچي ويا آهن؟ ڌرتيءَ جي ڪُک
مان زندگيءَ جي اهڃاڻن جي پڌري ٿيڻ جو سمو اچي ويو
آهي؟ گذريل بهارن ۾ اهو سمجهڻ سولو هو ۽ پهريائين
جڏهن بهار ايندو هو تڏهن سندس جهوپڙيءَ جي چوڌاري
بيد جي وڻن جا گؤنج ڦٽڻ لڳندا هئا ۽ هو سمجهي
ويندو هو ته بهار اچي ويو؛ پر هاڻي بيد جا وڻ ته
ٺهيو، ڪو ٻوٽو به نه هو؛ وڻن جو نالو نشان به ڪونه
رهيو هو. گذريل سياري ۾ جڏهن گهر جا ڀاتي بکون
ڪاٽي رهيا هئا، تڏهن هڪ هڪ ڪري سڀ وڻ ڪپي وڪڻي
ڇڏيا هئائون. بيد جا وڻ نه سهي پر جيڪڏهن زيتون ۽
زردالونءَ جا وڻ به بچن ها ته به هو سمجهي وڃي ها
ته بهار اچي ويو؛ بُک جي ماريل ڪُڙمين اُهي به
وڪڻي کاڌا. زيتون ۽ زردالوءَ جا وڻ سندس پيءُ جي
وقت جا هئا، اُهي به جيڪڏهن هجن ها ته ڪيئن نه گل
جهلين ها ۽ هر سال ميوو ڏين ها. ٻيو ڪجهه به نه
سهي، جيڪڏهن سندس ڪڻڪ جو فصل بيٺل هجي ها ته هو ته
اُن مان ئي اندازو ڪري وٺي ها ته بهار اچي ويو
آهي. سياري ۾، جڏهن ٻج پوکڻ جي ضرورت نه ٿيندي هئي
تڏهن ڪڻڪ ۽ جڏهن اونهارو شروع ٿيندو هو تڏهن ٻيو
ڪجهه پوکيندو هو، پر هن سال ڌرتي گونگي ٿي ويئي
هئي. جڏهن ڪڻڪ پوکڻ جو وقت هو ته ٻوڏ اچي ويئي ۽
جڏهن پوکڻ جا ڏينهن گذري ويا تڏهن مصيبت ٽري. ٻوڏ
کان پوءِ زمين پوک لائق نه رهي هئي جو پاڻي جا
زوردار وهڪرا وهڻ ڪري منجهس وڏا کڏا پئجي ويا هئا.
جيڪڏهن هميشه وانگر اڄ به وٽس هر ۽ ڍڳو هجي ها ته هو پنهنجي
زمين کي ٺاهي تيار ڪري سڌائيءَ ۾ آڻي ها. هُن
سوچيو ته هاڻي هو هر هلائي نه سگهندو، کيڙي ڪري نه
سگهندو ۽ پوکڻ لاءِ وٽس نه ٻج جو داڻو هو ۽ نه ئي
ڍڳو. اڳي جيڪڏهن ڪو ڪڙمي چوندو هو ته پنهنجو ڍڳو
ڪُهي کائيندس ته هو کيس چوندو هو ته اهڙي وفادار
جانور کي ڪُهي ڪيئن کائيندين! ڏس ته سهي، جنهن ڍڳي
هر کيڙيو هجي، فصل ڪٽڻ وقت به ڪم ڏنو هجي ۽ نار ۾
به وهيو هجي، اُن کي ڪُهڻ ڪيڏو نه ڪُڌو ڪم آهي!
توبهه توبهه! پر هن ڀيري هن پاڻ، سندس زال، ٻارن ۽
سندس ماءُ ۽ پيءُ گڏجي ڍڳو ڪُهي کاڌو.
پر هو ڍڳو نه کائين ها ته ڇا ڪن ها؟ سياري ۾ جڏهن کائڻ لاءِ
ڪجهه به ڪين هو، وڻ هڪ هڪ ڪري ڪپي وڪڻي چڪا هئا،
جڏهن ٻوڏ جي منهن مان بچيل گهر جو سامان سڙو سڀ
ڪجهه وڪامي چڪو هو، گهر فقط ڇت جون ڪامون ۽ ڪاٺيون
بچيون هجن ۽ حالت اها هجي جو مٿي جي ٽوپي ۽ سُٿڻ
کان سواءِ ڪجهه به نه بچيو هجي ته ڍڳو ڪهي نه
کائيندا ته ڇا پنهنجا هڏا چٻاڙيندا؟
خود گگدام جانور بُک وگهي ڪمزور ٿي هڏائون پڃرو ٿي رهجي ويو هو.
سندس چاري لاءِ گاهه ڪٿان اچي؛ هر طرف ٻوڏ اچي
ويئي هئي. حالت اِها هئي جو گوشت بچائڻ لاءِ ڪاٺين
بدران گاهه آڻڻ لاءِ تمام پري وڃڻو پيو هو.
اُنهيءَ ڏينهن جڏهن هن پنهنجي ماءُ پيءُ جي چهرن
تي موت جا پاڇا ڏٺا ۽ پنهنجن ٻارن کي روئيندو ۽
ننڍڙي ڌيءَ کي پوين پساهن ۾ ڏٺو، تڏهن سندس مغز
بتال ٿي ويو. اوڏيءَ مهل کيس غلط ۽ صحيح جي وچ ۾
فرق جي خبر نٿي پيئي. هن دل تي پٿر رکي اهو ڪم
ڪيو، جنهن جي باري ۾ هو چوندو هو ته اهو ائين ڪڏهن
نه ڪندو. هُن رڌڻي مان ڪاتي کڻي، کونٽي ۾ ٻڌل
پنهنجي گگدام جانور جي ڀرسان اچي کيس ڪُهي ڇڏيو.
هن ڏکوئيندڙ ڏيک کي ڏسي سندس دل زار زار رُني هئي.
هن محسوس ڪيو ڄڻ هن پنهنجي سڳي ڀاءُ جي ڳچيءَ تي
ڪاتي وهائي هجي. اُها هئي سندس آخري قرباني!
پر اِهو به ڪافي نه هو. گهر جي ڀاتين جي بُک وگهي وري ساڳي حالت
ٿيڻ لڳي. هاڻي هو ڪنهن جي ڪنڌ تي ڪاتي وهائي؟ ڳوٺ
جا سڀ ماڻهو ڏکڻ طرف هليا ويا هئا يا دريا جي
وهڪري جي رُخ طرف، جتي وڏا شهر هئا ۽ خيرات پني
پيٽ پالڻ شروع ڪيو. لِيو ڪڏهن به پنيو نه هو. سندس
خيال هو ته جيڪي ماڻهو وڏن وڏن شهرن ۾ بکيو پيٽ
پالڻ نڪتا آهن، کين خيرات به نه ملندي ۽ نيٺ سڀ
مري ويندا. ڳوٺ ۾ رهندي کيس فقط انهيءَ ڳالهه جي
آٿت هئي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ تي دم ڏيندو.
سندس پاڙيسري کيس صلاح ڏني ته” هتان هليا هلون، تنهنجي ٻڍي پيءُ
کي ڪلهي تي آءُ کڻي هلندس ۽ پوڙهي ماءُ کي تون.“
سندس پاڙيسريءَ جو پوڙهو پيءُ مري چڪو هو. هُن کيس اها صلاح ڏني
هئي، پر لِيو انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ٺيڪ ئي ڪيائين، ڇو
جو ٻن ڏينهن کانپوءِ سندس ماءُ مري ويئي. جيڪڏهن
هو شهر ڏانهن وڃي ها ته ماءُ جي لاش کي روڊ جي
ڀرسان اُڇلائي اڳتي نڪري وڃي ها، ڇو جو قافلو ڪنهن
جو انتظار ٿوروئي ڪندو آهي. اهڙي موقعي تي جيڪڏهن
قافلو بيهي ها ته وڌيڪ ماڻهو مرڻ جو امڪان ٿئي ها.
سندس ماءُ ڳوٺ ۾ ئي گذاري ويئي تڏهن ته هُن پنهنجي
ذاتي زمين ۾ دفن ڪيو. هو ايترو ضعيف ٿي ويو هو جو
پنهنجي ماءُ جي ڪمزور ۽ ننڍڙي جسم لاءِ قبر کوٽڻ ۾
ٽي ڏينهن لڳي ويا. دفن ڪرڻ کان اڳ، مري ويل ماءُ
جي ڪپڙن تي زال ۽ مڙس جو چڱو جهيڙو ٿيو. سندس زال
ايتري ڪنجوس هئي جو جيڪڏهن سندس وس پڄي ها ته هوءَ
پنهنجي سَس کي بنان ڪپڙن جي دفن ڪري ڇڏي ها ۽ سندس
ڪپڙن مان پنهنجن ٻارن جا ڪپڙا ٺاهي کين پارائي ڇڏي
ها. پر هن پنهنجي سَس جي جسم تي هڪ ڪوٽ ۽ هڪ
پاجامو باقي ڇڏيو ۽ ٻيا سڀ ڪپڙا لاهي رکيائين.
جڏهن هو تصور ڪندو هو ته سندس دل ۾ اُٿل پٿل مچي
ويندي هئي. پر ٻيو، ڪهڙو چارو هو؟
ماءُ جي مرڻ کانپوءِ هن ٽي لاش ٻيا به دفن ڪيا. پوڙهو پيءُ،
ننڍڙي ڌيءَ ۽ ننڍو پُٽ، جنهن جي جسم تي ڪڏهن گوشت
نه چڙهيو هو. هي ٽنهيءَ کي مٽيءَ ماءُ جي حوالي
ڪيو. هونئن ٻوڏ سڀ ڪجهه ٻهاري کڻي وئي هئي. هاڻي
تلاءُ ۾ رڳو جهينگا رهجي ويا هئا ۽ گهر جا ٻيا
ڀاتي جهينگا کائي گذارو ڪري رهيا هئا. جيتوڻيڪ
جهينگا کائڻ سان کيس پيچش ٿي ويئي هئي ۽ شفا جي
اُميد بلڪل نه هئي. جڏهن جهينگا کائي ٿڪجي پيا ته
هڪ ڏينهن سندس زال سوچيو ته ڪا ڀاڄي ٺاهجي. ڦارون
جو وڻ لڳل هو، جنهن ۾ نوان پَن نڪري رهيا هئا.
جوڻس اِهو ٻوٽو پٽي ڪڍيو جو گهر ۾ ٻارڻ لاءِ ڪجهه
به ڪين هو، جو اهو رڌي، تنهن ڪري هٿوءَ اِهي ڪچا
پن کائي ويئي. پر بي سواد ڪچن جهينگن جي گوشت کائڻ
کان پوءِ اهي ڪچا پن به سوادي لڳس.... ها بهار اچي
رهيو آهي.
هو اُداس نظرن سان پنهنجي زمين ڏانهن نهاري رهيو هو. جيڪڏهن وٽس
ڍڳو هجي ها، جيڪڏهن هر هجي ها، جيڪو هُن ٻارڻ جي
ڪم آڻي ڇڏيو. جڏهن هُن اُنهن ڳالهين تي غور ٿي
ڪيو، جيئن اڳي ڪئين ڀيرا ڪري چڪو هو، تڏهن هُو پاڻ
کي هڪ اهڙي ڪَک وانگر بيوس محسوس ڪرڻ لڳو، جيڪو
ٻوڏ جي تکي وهڪ ۾ وهندو وڃي رهيو هجي. ڍڳو ڪُسجي
چڪو هو ۽ هر، ڪاٺيون ۽ بانس سڀ جلي چڪا هئا ۽ هاڻي
وٽس ڇا رهيو هو؟ هو گهڻو ڪري سوچيندو هو ته هو ٻوڏ
جو ٿورائتو آهي جيڪا سندس گهر کي وهائي کڻي نه
وڃي، جيئن ڳوٺ جي سڀني ماڻهن جا گهر وهائي کڻي
ويئي هئي. پر اوچتو سندس ذهن ۾ آيو ته هو ڪنهن جو
به ٿورائتو نه آهي، جو هاڻي هُو ڪنهن ڳالهه تي
بيهوش نه هو، ته ٻوڏ کيس ۽ سندس ٻارن ٻچن کي وهائي
کڻي نه ويئي. پر هن محسوس ڪيو ته اوچتو سندس اکين
۾ لڙڪ اچي ويا. لڙڪ جيڪي اُن وقت به نه آيا هئا،
جڏهن هُو پنهنجي ماءُ کي مڻين مٽيءَ هيٺ دفن ڪري
رهيو هو. اُن وقت کيس انهيءَ ڳالهه جو اطيمنان هو
ته هن پنهنجي ماءُ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪپڙن کان بلڪل آجو
ڪري دفن نه ڪيو هو. پر اڄ هو ڪنهن مان به مطمئن نه
هو. هو پنهنجي پاڻ کي چوڻ لڳو، ”فصل پوکڻ لاءِ مون
وٽ ٻج ڪونهي، نه ته مان پنهنجين آڱرين سان ئي کيڙي
ڪريان ها ۽ ٻج به ڦٽي پوي ها. مون کي خبر آهي ته
منهنجي زمين ڪيڏي نه ڀلي آهي، پر مون وٽ ٻج جو
داڻو به ناهي ۽ زمين جي ڪُک خالي آهي- ها پر پوءِ
به بهار آيو آهي. هن بهار جي موسم ۾ اسان بُک تي
آهيون.“ ۽ هن بيوسيءَ وچان بهار ڏانهن ڏٺو، جيڪو
وٽس خزان بنجي آيو هو.
اَڻپوري
سپني جي آکاڻي....!
عذرا مغل
”پُٽ، تون وڏو ٿي ساڌو ٿيندين.“
ماءُ جي لهجي ۾ آديش ۽ وينتي رليل مليل هئي.
پُٽ، ماءُ جي هٿ وارو گراهه کائيندي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽
معصوميت منجهان پڇيو:
”آيل، تون ڇو نه ٿي کائين؟“
”پُٽ، منهنجو وِرت آهي.“
”ورِت ڇا ...؟“
”پُٽ، جڏهن تون ساڌو ٿيندين ته پاڻهي ڄاڻي وٺندين... هان هي
کاءُ منهنجا ٻچڙا.“
ماءُ، جن کي وڌ کان وڌ ۽ سُٺي کان سُٺو کارائيندي هئي ته جيئن
هن جي پيٽ جي بُک لهي، نيت جي به، ته جيئن هن لاءِ
ساڌو بڻجڻ لاءِ ٻيو نه، ته رستو ڪجهه سهنجو ٿي
وڃي.
ڇوڪري، ماءُ کي ڪڏهن به ڪجهه کائيندي نه ڏٺو هو. ها، هوءَ ڪڏهن
ڪڏهن سادي پاڻيءَ جا يا رس جا ٻه ٽي ڍُڪَ ڀريندي
نظر ايندي هئي. ان مهل هن جي به دل چاهيندي هئي ان
رس پيئڻ لاءِ، ۽ انهيءَ گهڙيءَ ماءُ پنهنجي رس جو
وٽو پٽ کي جهلائي، پيار منجهان هن جي نيڻن ۾
جهاتيون پائڻ لڳندي هئي. ڇوڪري کي ماءُ کان مليل
رس جو هر ڍڪ ڪجهه وڌيڪ مِٺو، ڪجهه وڌيڪ هنيانءُ
ٺار لڳندو هو. هُو رس جا ڍڪ ڀريندي ماءُ ڏي
نهاريندو هو ته هن کي ماءُ جي ٻاجهاري نهار ۾ رڳو
هڪ ئي جملي جي سمرڻي سُرندي نظر ايندي هئي:
”پٽ، تون وڏو ٿي ساڌو ٿيندين!“
۽ هُو هاڪاري انداز ۾ نيڻ نوائي، گيڙوءَ رنگ رس جا ڍڪ ڀرڻ لڳندو
هو. ڄڻ رس جي گيڙو رنگ ۾ ماءُ جي جملي جي ورندي
ڳولهڻ جو جتن ڪندو هجي، ڇو نه هن کي بنهه ڄاڻ نه
هئي ته ساڌو ڇا ٿيندو آهي؟
۽ ماءُ هن کي ساڌو ڇو ٿي بنائڻ چاهي!
هڪ ڀيري ڇوڪري ماءُ کان مليل رس جا ڍڪ ڀريندي پڇيو:
”امان، ساڌو ڇا ٿيندو آهي....؟“
ماءُ، ڇوڪري جي سوال تي سوچ جي ساون گهاٽن جهنگلن ۾ پسار ڪندي
چيو هو: ”هڪ ڀلو منش، سادو سودو، ڇل ڪپٽ، موه
مايا، لوڀ لالچ، لڳ لڳاءُ کان ڪوهين ڏور، پوتر تن،
پوتر من، ڏيا ۽ شڪتيءَ سان ڀريل، هر پل ڌيان ۾
رمندڙ، ڏسو ته عام ماڻهو، پرکيو ته پروليءَ
وانگر.“ ماءُ خيالن جي گهاٽي جهنگل مان نڪرڻ لاءِ،
سمجهاڻيءَ جي اوجل جل مان ٻُڪَ ڀري ڇوڪري ۽ پنهنجي
منهن تي هنيا:
”بس پٽ، ائين کڻي سمجهه ته تياڳ، شڪتي، شانتي ۽ ڏيا جو سروپ
آهي، جيڪو ساڌوءَ جو روپ رچايو ويٺو آهي.“
”آيل...! ساڌوءَ کي زال ۽ ٻار نه هوندا آهن؟“
”پٽ، هونئن ته هُو انهن جهنجهٽن ۾ نه پوندو آهي، ها جيڪڏهن ڪو
ٻنڌڻ هوندو، ته ان ٻنڌڻ ڪارڻ ئي نه ڪو پنهنجي من
جي ڪارڻ... ۽ ها، ٻنڌڻ نڀائڻ جي شڪتي به هن ۾ ڪنهن
به ’شڪتيموانَ‘ کان وڌيڪ هوندي آهي. کڻي جو هُو جڳ
۾ رلمل هجي ڪنهن ڪارڻ جي ڪري، پر سندس من جڳ کان
ڪوهين ڏور تياڳيل، هررچنا، هر ڪچهريءَ، هر سنگت ۾
اڪيلو پنهنجي ڌن ۾ مَگن، ڌيان ۾ الوپ! پوءِ کڻي
ڪنهن واڙيءَ، ڪنهن ڏهاڙيءَ ۾ ئي ڇو نه هجي. يا ڪٿي
ڀڪشوءَ جي روپ ۾، ڪنهن ’دياوان‘ جي روپ يا وري
مرڳو اهڙي سروپ ۾ جيڪو هوندو بنهه سڃاڻپ کان ٻاهر،
پر پوءِ به هو هوندو ساڌو ئي آهي.“
ڪڏهن ڪڏهن ماءُ هن کي گهر جي اڌ اونداهي ڪمري جي هڪ ’سهائي ڪنڊ‘
۾ وڍي ويندي هئي ۽ ٻار کي اهو سهائو ڪنهن اُجري
پَڳ جهڙو لڳندو هو ۽ ڇوڪري کي نويڪلي اڌ اونداهي
ڪوٺيءَ ۾ ماءُ جي وجود مان، خيال جي ڦٽي نڪتل ول
۾، لفظن جا سرهاڻ ڀريل گل ٽڙندي محسوسو ٿيڻ لڳندا
هئا:
”پُٽ- هيءَ پوتر سهائو تنهنجي بابا تو لاءِ هتي رکي ڇڏيو آهي.
جڏهن تون وڏو ٿيندين ته هيءُ سهائو تنهنجي سِرَ تي
سجايو ويندو.“
”آيل، بابا ڪٿي آهي؟“ هن ڳالهه کي لنوايو:
”هيءَ ڏس تنهنجي بابا جي نشاني.“ ماءُ ري ورنديءَ ڇوڪري جو هٿ
وٺي پهرين کان وڌيڪ اُجري ٿي ويل پڳ جهڙي ڪنهن
شيءِ ڏانهن وٺي ويندي هيس.
”پر بابا آهي ڪٿي....!؟“
”هو....“ ماءُ سوچ جي سرءُ سَٽيل بن ۾ ڀٽڪڻ لڳندي هئي. ”نه ڄاڻ
ڪٿي هوندو.... شايد ڪنهن پهاڙي چُر ۾، شايد ڪنهن
رولاڪ راهه ۾... ڪنهن واڙيءَ ۾، گهر گرهستيءَ ۾،
يا ڪٿي به نه...!“
بس، هن کي ته آخري ملاقات ياد رهجي وئي هئي، جنهن ۾ هو ٻئي راهه
هلندي هڪ نئين ڄاول ٻار کي کنڊر ماڙيءَ جي ڏاڪڻين
تان کڻي آيا هئا ۽ هن جي ماتا پتا جو روپ ڌاريو
هئائون. پوءِ هُو پنهنجي راهه وٺي هليو ويو هو ۽
ڇڏي ويو اڌ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ اُجري سهائي جهڙي ڪا
شيءِ، جنهن کي ڇوڪرو سانڀر کان پوءِ پڳ سمجهڻ لڳو
هو.
ماءُ هن کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپائي رهي هئي. سٺي کان سٺو
کارائڻ، پهرائڻ، سمئه تي ننڊ ڪرائڻ، سمئه تي
کيڏائڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ. هوءَ هن جي جيون ۾ ڪابه
کوٽ ڏسڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئي، هن چاهيو ٿي ته
ڇوڪري جي نيت ۽ من شانت رهي، ته جيئن هن جي اڳتي
جي راهه سهنجي ٿي وڃي.
ڇوڪري ايڏي ته سک ۾ جيون گهاريو هو، جو جواني به هن تي جوانيءَ
کان پهرين اچي پهتي هئي. ماءُ گهر ۾ پوڄا پاٺ ۽
سانجڻ ۾ پوري هئي ۽ هو ٻاهر مزا ماڻيندو وتندو هو.
ماءُ سڀ ڪجهه سمجهندي هئي، تنهن ڪري ئي، ڏينهن جي
اٺن پهرن جي ڪن پلن ۾ آديس ۽ وينتي گاڏڙ لهجي ۾
چوندي هيس:
”پٽ، تون وڏو ٿي ساڌو بڻجندين.“
۽ هو، ماءُ کان اکيون ڦيري هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيندو هو.
سچ ته اهو هو ته هاڻي ڇوڪري کي ان سهائي ۾ ڪابه دلچسپي نه رهي
هئي، جيڪا هن جي گهر جي اڌ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ ڪنهن
پڳ جيئن رکيل هئي، ان کان ته وڌيڪ جڳمڳائيندڙ ميلو
ٻاهر، موج مستيءَ ۾ هو.
هڪ ڏينهن – هو ميلي ۾ نچندڙ ڪنيا جو هٿ پڪڙي، ماءُ آڏو وٺي آيو:
آيل، مون کي پيار ٿي ويو آهي.“
سندس ڳالهه ٻڌي ماءُ مرڪي سوچيو: ’موهه ڄار ۾ ڦاسندين...! توکي
ته موهه ڄار ٽوڙڻو آهي پُٽ!؟‘
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ماءُ ڏٺو-هو هڪ ئي وقت ٻن ڪنيائن جو هٿ
پڪڙي سندس آڏو اچي بيهي رهيو. ڇوڪري جو وس نٿي
هليو. جيڪڏهن هن جا ڪيئي هٿ هجن ها، ته هو هڪ ئي
مهل ڪيئي ڪنيائن جا هٿ جهلي ماءُ آڏو اچي پنهنجي
پيار جو اظهار ڪري ها.
ماءُ ڏٺو ته ڇوڪري سان پيار ڪندڙ ڪنيا پنهنجو هٿ هن جي هٿ مان
ڇڏائڻ جو جتن ڪري رهي هئي. پر هن ڪنهن به صورت هن
جو هٿ ڇڏڻ نٿي چاهيو ۽ ٻي ڪنيا جو هٿ به جهليو
بيٺو هو.
(ماءُ مرڪي پئي)
پيار ڪرڻ کانپوءِ به سندس پُٽ جو ٻالڪپڻ ويو ڪو نه هو.
ڇا ٿيندو منهنجي ٻچڙي جو...؟ ماءُ سوچ ۾ پئجي ويئي.
سندس پٽ جي پريمڪا پنهنجو هٿ زوري ڇڏائي اڳتي وڌي وئي. اهو ڏسي
ڇوڪري گهٻراهٽ مان ٻيءَ ڇوڪريءَ جو هٿ به ڇڏي ڏنو
۽ پري تائين پريمڪا جي پويان ڊوڙندو رهيو، پر هوءَ
هٿ نه اچڻي هئس. سو نه آيس.
”هاڻي منهنجو پٽ ڪجهه وڏو ضرور ٿي ويندو.“ ماءُ آٿت سان سوچيو.
”پُٽ، ماني کائي وٺ!“ سومهڻيءَ مهل نيٺ ماءُ نه رهي سگهي.
”امان، مان ورت رکيو آهي.“
ماءُ مرڪي پئي، ”منهنجي پُٽ ورت رکڻي سکي ورتو.“
ماءُ کي پنهنجي سُڌ پوري ٿيندي نظر ڏسڻ ۾ آئي ته سندس نيڻن ۾
آرزوئن جي پوري ٿيڻ جي چمڪ اڀري آئي، پر ڪجهه ئي
ڏينهن پڄاڻا اها چمڪ جهيڻي پئجي وئي، ڇو ته ماءُ
ڏٺو، سندس پُٽ، ورت نٿي رکي سگهيو. هن کي ڏاڍي
جلدي جلدي بک لڳي ٿي. ۽ ورت واري سڄي ڏينهن ۾ هن
جي تصور ۾ نت نوان گرما گرم کاڌا ۽ تازا ڦل نچڻ ٿي
لڳا. هيترو سٺو پلجڻ کانپوءِ به هن جي نيت ۽ پيٽ
ڀرجي نه سگهيا هئا!
ماءُ کي لڳو ته، هو هاڻ ڪڏهن به ساڌو ٿي نه سگهندو شايد. هن
سمجهيو هو، سندس پٽ جي زندگيءَ مان محبوبا جو هليو
وڃڻ ڪا وڏي تبديلي آڻيندو پر...
- هڪ ڏينهن، هڪ ڀيرو ٻيهر هو هڪ ڪنيا جو هٿ پڪڙي ماءُ آڏو اچي
بيٺو:
”امان، مان وهانءُ ڪرڻ ٿو چاهيان.“
شوق جي اجهلتا سان گڏ هن جي لهجي ۾ هلڪو ٿَڪ به محسوس ٿيو ٿي. ۽
اهوئي احساس ماءُ جي اُميد هو.
ماءُ، هن جو وهانءُ رچائي ڇڏيو. هو گهر ٻار ۾ اهڙو مُنجهيو جو
پيءُ جي روشن کڳ ۾ ويڙهيل ماءُ جو خواب ويڙهيل ئي
رهجي ويو. هاڻي هن موهه ڄار سان گڏ مايا ڄار ۾ به
مڇيءَ جيئن ڦاسي ڦٿڪڻ شروع ڪيو.
-ڪڏهن ڪنهن سانجهه سمي ٿڪي ٽُٽي ماءُ ڀرسان اچي ويهندو هو ته،
هوءَ چوندي ته ڪجهه ڪونه هئس، پر هن جي مرجهايل
نيڻن ۾ سندس خواهشن جو اشارو، ڇوڪري ڏانهن نهارڻ
لڳندو هو.
هڪ ٻچڙيوال شخص روزي روٽيءَ کي منهن ڏئي يا ڏسندي وائسندي سڀ
ڪجهه ڇڏي تياڳ جي ماڳ ڏانهن وک وڌائي ساڌو بڻجي
وڃي...!؟ ”ماءُ به، عجيب ماءُ آهي، ماٽيلي آهي
ڇا...؟“
۽ انهيءَ سوچ سان هن کي ياد اچي ويندو هو پنهنجي پاڙيسري دوست
جو جملو، جيڪو هن جي دوست کي سندس ماءُ ٻڌايو هو:
”هو ته شهر جي ويران عمارت جي ڏاڪڻين تي روئندي مليو هو۽ هنن
کيس پنهنجو پٽ بڻائي ڇڏيو.“ ۽ هو، ماءُ جي باري ۾
بي رحميءَ سان سوچڻ لڳندو هو: ”ماٽيلي آهي نه...؟
تڏهن ته تياڳ جي ڪنڊائن جهگلن ڏانهن ڌڪڻ ٿي چاهي!“
هن، ساڌو بڻجڻ جو خيال ۽ ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو هو،
ها ڪڏهن ڪڏهن اڌ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ جهڪي سُهائي جا
ڪرڻا پکيڙيندڙ پَڳ سندس نگاهن آڏو ظاهر ضرور ٿي
پوندي هئي. جنهن کي هاڻي هو محبت ۽ عقيدت بجاءِ
لالچي نگاهه سان ڏسڻ لڳو هو. اهوئي سبب هو جو مايا
ڄار ۾ ڦاٿل هئڻ جي باوجود، ٻالجتيءَ کان ماءُ جي
رٽايل سبقن جو پرچار به ڪرڻ ٿي چاهيائين، ته جيئن
پنهنجيءَ محنت سان گڏ، ماءُ جي ڏنل تعليم ۽ تپسيا
ٻنهي جو ڀوڄڻ کائي سگهي. هو، ساڌوءَ بجاءِ، راڪشش
بڻجي لڳو هو.
۽ هڪ بهار جي مند ۾ هن، اڌ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ جهڪو سُهائو
پکيڙيندڙ پَڳ کڻي پنهنجي مٿي تي رکي ڇڏي هئي.
ماءُ، پهريان ته حيران ٿي، پوءِ مرڪي سوچڻ لڳي:
”پڳ پائي شايد هو ساڌو بڻجڻ جي گم ٿي ويل سڌ کي
جيارڻ چاهيندو هجي...“ ماءُ جي نيڻن جا ڪوماڻيل
گلاب آس جي ماڪ ڦڙن ۾ جڳمڳ ڪرڻ لڳا.
-هاڻي هو سمورو ڏينهن اُجري پڳ سِر تي سجائي ساڌوءَ جو سانگ
رچايو پيو گهمندو هو.
هن جي ماءُ، ۽ سندس گهر واري ٻئي هن کي چڱيءَ ريت سمجهڻ لڳيون
هيون. پر اُجري پڳ سِر تي سجائڻ کانپوءِ هو
پنهنجيءَ زال کي ڏاڍو ڏيا وارو لڳندو هو.
ماءُ هن کي نراسائيءَ مان ڏسندي رهندي هئي. ۽ گهڻو ڪري تڏهن
جڏهن به پنهنجي موجو ۾، نت نين چلتر بازين سان جڳ
کي موهڻ، رموهڻ، نار موهڻ جا ڪرتب ڏيکاريندو هو.
منهنجو پٽ ساڌو ڪڏهن بڻجندو...؟ ماءُ نراسائيءَ جي کنڊريل سوچ ۾
سوالن جي ڦڻي ڏيڻ لڳندي هئي. هن، ماءُ جي نهار کي
لنوائڻ سان گڏ سندس ساڌو واري خواهش کي به مروڙي
سورڙي اڌ اونداهي ڪوٺيءَ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو
هو. (سپنا به ته، ماءُ ڏٺا هئا، هن ته ڪو نه ڏٺا
هئا، جو انهن جي ساڀيان لاءِ جاکوڙي ها!)
پٽ جو ورتاءُ ڏسي ماءُ جو حوصلو جواب ڏيڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن هو
ساڌوءَ واري اُجري پڳ سجايون پاڙي واري گهر جي
ديوار تي جهڪيل انب جي ٽار مان انبڙيون پٽيندڙ
’ابهم ڪنيا‘ کي ڪام روپ نهار سان تاڙي رهيو هو ته
ماءُ جي لهجي ۾ سختي اڀري آئي هئي:
”پُٽ...“
۽ هو ماءُ جي سخت لهجي تي پچي کامي ماءُ طرف مڙيو هو.
”پُٽ، توکي ساڌو بنجڻو آهي.“
ماءُ جي لفظن ۾، سختيءَ سان گڏ اڻڄاتل سُڏڪو به اڀري آيو هو.
”ها، ها، ها آ...“
پٽ هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ ماءُ جي اکين ۾ نهاري پڳ ڏانهن اشارو ڪري چوڻ
لڳو،
”سو ته مان بڻجي ويس نه!؟“
”پُٽ“، ماءُ ٻيهر سڏڪو ڀريو. ”تو اهي لڙڪ به وساري ڇڏيا ڇا،
جيڪي تو پهريون ڀيرو منهنجي هنج ۾ اچي لاڙيا
هئا!!؟“
پُٽ جي اکين ۾ هڪ وار ٻيهر نمي لرزي وئي، ته ماءُ کي لڳو هن جو
پٽ اڃا به ساڌو بڻجي سگهي ٿو. ٺيڪ انهيءَ پَل هن
جي زال انبڙيون پٽيندڙ ’ابهم ڪنيا‘ کي سڏي چيو:
”چنچل، سانجهي مهل اچجانءِ.“
هوءَ پنهنجي وَرَ جي عادتن کي خوب ڄاڻندي هئي، پوءِ به کيڏڻ،
کائڻ يا ڪنهن ڪم جي بهاني چنچل ۽ سندس سکين کي سڏي
پاڻ وٽ ويهارڻ هن کي وڻندو هو.
”هائو ڀاڀي!“
چنچل جواب ته سندس گهر واريءَ کي ڏنو، پر ويندي ويندي سندس وَرَ
جي نيڻن ۾ مرڪي ڏسڻ نه وساريو هيائين. ۽ هو اُجري
پڳ سنڀاليو هڪ چنچل سانجهيءَ جو سپنو نيڻن ۾ سجائي
اڳتي وڌي ويو هو.
شام جو جڏهن چنچل هن کي انبڙين جو آچار چٽائي کجڪو مچايو ويٺي
هئي، ته ماءُ کي لڳو ڄڻ هُوءَ گونگي ۽ ٻوڙي ٿيڻ
سان گڏ انڌي به ٿي چڪي آهي. هن کي پيريءَ ۾ ڏسندي
به ڪجهه نٿي نظر آيو. چنچل جي وڃڻ کان پوءِ پُٽس
ساڳي راند پنهنجيءَ گهر واريءَ سان کيڏڻ شروع ڪري
ڇڏي هئي ۽ هوءَ کلي کلي کيري ٿيڻ لڳي ۽ هو چپن سان
زال جي ڪن کي ڪتڪتائيندي چوڻ لڳو:
”ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ڀاسندو آهي، تون گهر واري نه، منهنجي ماءُ
آهين، ايڏو سُک، ايڏو لاڏ ته ڪا ماءُ ئي ڏئي سگهي
ٿي.“
اهڙين ڳالهين تي زال جهومي مُرڪڻ لڳي ۽ هن جا وار بلڪل ائين
سنوارڻ لڳي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجين آڱرين سان پُٽ
جا وار سنوارڻ لڳي.
”آيل...؟“ هو جذبات جي شدت ۾ ننڊاکڙو ٿيڻ لڳو ۽ پنهنجي ڳهريل
آواز ۾ زال کي سڏيندي ماٺ ٿي ويو. سامهون ئي ماءُ
بيٺل هئي، ماءُ پٽ جي دل جو آواز ٻڌي ورتو هو، هڪ
پاسي ماءُ جو من شانت ٿيو ته ٻئي پاسي ڏکويل به،
هوءَ ڏاڍي وياڪل ٿي ويئي. ’جنهن گهر ۾ زال، ماءُ
جي جاءِ والاري ڇڏي، اتي ماءُ جي لاءِ باقي ڇا ٿو
بچي...!؟‘ ماءُ سوچيو ۽ ٿڌو ساهه ڀري خشڪ پنبڻين
کي رئي جي پلاند سان اگهڻ لڳي. هن کي لڳو هاڻ پٽ
جي گهر ۾ هن لاءِ ڪابه جاءِ ناهي رهي، ڇو ته سندس
پُٽ کي هاڻ ماءُ جي ضرورت نه رهي هئي ۽ هونئن به
هوءَ سندس جنميندڙ ته ڪانه هئي، هن ته فقط هن کي
تاتيو نپايو هو.
ماءُ ڏٺو، ڏور ڪٿي، هن کي جنميندڙ ماءُ پنهنجي هر ساهه ۾ هُن
لاءِ اڻ ڏٺل دعا پوئي رهي هئي:
”ان جو مطلب ته منهنجو پٽ هاڻ ڪڏهن به ساڌو بڻجي نه سگهندو!“
ان شام ته ماءُ جو خيال وڌيڪ پختو ٿي ويو هو، جڏهن هُن جي پٽ
گاهه جي ڀري ڌرتيءَ تي سَٽي هٿ ۾ جهليل ڪاڳر هوا ۾
جُهولائي زال کي زور سان سڏيو هيو:
”او-گواي، هيءَ ڪويتا ڏس؟“
ڪنهن جي...؟ تو رچي آ ڇا!؟“
هو کلي پيو ۽ کلندي چيائين:
”منهنجي ئي سمجهه، هڪ وڻ هيٺان ڪو لکيل ڇڏي ويو هو. مون کي سُٺي
لڳي، کڻي آيس.“
”ڪٿي رکان هن کي!؟“ زال پڇيو.
”منهنجين ئي ڪويتائن سان گڏ رکي ڇڏ، سُٺي آهي.“
هن جي جواب تي زال کلي پئي، ۽ شرارت منجهان نظر گهمائي هن ڏانهن
نهاريائين ۽ سوچڻ لڳي: ”ساڌوءَ جي پڳ ۾ ڪيڏو سجيل
پيو لڳي آڄ ۽ هاڻ ته ڏينهون ڏينهن سهڻو ڪوي به
بڻجندو پيو وڃي ۽ اڄ هيءَ نئين ڪويتا...!“ هن مرڪي
پراڻين ڪويتائن سان رکي ڇڏي.
”هاءِ هاءِ منهنجو ٻچڙو...“ ماءُ ڏکاري ٿي وئي.
۽ هُو، ماءُ کي انڌو، گونگو، ٻوڙو سمجهي پنهنجي زال سان هر
ڳالهه کُلم کُلائي ڪرڻ لڳو:
”چنچل کي ڏٺو تو غور سان؟ ڪيڏي نه تراشيل آهي، ڪٿي به ماس نه
ذرو گهٽ نه زرو وڌيڪ.“
هو ٻيو به نه ڄاڻ ڇا ڇا بڪندو ۽ کلندو رهيو ۽ ساڻس گڏ زال به
کلندي مُرڪندي رهي.
”تون ڄاڻين ٿي؟ چنچل مون کان ايتري ته ننڍي آهي، جو هڪ ڀيري
سندس ماءُ، کيس وهنجاري سهنجاري مون کي ڏيندي چيو
هوءِ ”هن کي ڪپڙا پهرائي ڇڏ ته مان ديڳڙي جو داڳ
ڏسي وٺان، ڪٿي سڙي نه وڃي.“ هُو ٻئي گڏجي ٻارن
جيئن کلڻ لڳا.
ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، ۽ ان رات ته ماءُ جا ڪوماڻيل نيڻ
وڌيڪ ماڪ ڀنل بڻجي ويا هئا. جڏهن ڏيئي جي جهيڻي
سوجهري ۾ ماءُ کي سڏي پڇيو هئائين:
”آيل، اڃا تائين ماني نه کاڌي اٿئي ڇا!“
”نه پٽ، منهنجو ورت آهي.“
ماءُ هميشه جهڙي سادگيءَ سان وراڻيو:
”آيل، ڪيسين تائين ورِت رکندينءَ!!، کائيندي پيئندي ڪر!.“
هن لاڏ مان اٿيو، ۽ زبردستي ماءُ جي وات ۾ گرهه وجهڻ لڳو.
”پٽ منهنجو ورِت آهي.“
ماءُ گهٻرائي پٽ جو هٿ جهٽڪي ڇڏيو، گرهه زمين تي وڃي ڪريو. ماءُ
ڪاوڙ ۾ ڀرجي سوچيو:
’منهنجو پٽ ڪڏهن به ورِت جو مطلب سمجهي نه سگهندو.‘
هن جي دل چاهيو هوءَ پُٽ جو گهر ڇڏي هلي وڃي. ۽ ٻئي ڏينهن پُٽس
سندس سامان به ٻڌي ڇڏيو.
”آيل، تنهنجي هن مِٽيءَ جي گهرڙي جا ٽيهه ٽڪا ملي ويا ۽ هي
هونءَ به ڪنهن ڪم جو نه رهيو هو هي مٽيءَ جو گهر،
نه گرميءَ ۾ اُس روڪيندو هو، نه برسات ۾ پاڻي...
اونهاري ۾ اُس، سياري ۾ پارو. هنن پئسن کي هاڻي
ڌنڌي ۾ هڻندس. ڪمائي سٺو گهر جوڙائيندس، تيسين
هيءَ پيڪن ۾ رهندي ٻارن سميت، تون به ڀرپاسي جي
گهرن ۾ ويهي وقت گذاري ڇڏجانءِ،
”پٽ ترس.“ ماءُ جو لهجو حڪم وارو هو.
’هاڻي، ماءُ کي ٽيهن رپين جي لڳي وئي ڇا!؟ جوڻس سوچڻ لڳي.
”ڇاهي آيل...!؟“
”هيءَ پڳ لاهي ڇڏ.“
”ڇو!؟“
”چيم نه، پڳ لاهي ڇڏ!“
ماءُ جي سخت گير لهجي تي پُٽس جي زال حواس وڃائڻ لڳي، جڏهن کان
هو اها پڳ پائڻ لڳو هو، سندس مُلهه به ٻيڻو ٿي ويو
هو.
”ڇو آيل...!؟“ هُو حراسجي ويو: ”آيل... مان، ساڌو بڻجندس...“
”ڪڏهن!؟“
”وڏو ٿي“ پنهنجي جملي تي هو من ئي من ۾ لڄي ٿي ويو.
”پٽ، تون ڪڏهن به وڏو نه ٿيندين.“
ماءُ کي لڳو، هو جنهن حالت ۾ ويران گهر جي ڏاڪڻين تي روئندي
مليو هيس، هن کي سڄي حياتي ائين ئي رهڻو هو. هن
ٻار جو ڀاڳ ”وڃايل ٻار“ جهڙو ئي هو. هُو اجايو
سالن تائين تپسيا ڪندي رهي هئي.
”هيڏانهن اچ، منهنجا چنڊَ.“
ماءُ جي دل رقت سان ڀرجي ويئي. ماءُ ڌيان ۽ ڌيرج سان، پٽ جي سِر
تان پوتر اُجري پڳ لاهي ڇڏي ته هن جي پُٽ جا وار
نئين ڄاول ٻار جي نرم جهنڊ جيان، جابلو گاهه بڻجي
هوا ۾ اڏامڻ لڳا. ماءُ، پٽ جي وارن کي آڱرين سان
سنواريو.
”هاڻي وڃ، پُٽ...“ چوندي ماءُ کي لڳو هن، پٽ جي وارن کي
(پنهنجيءَ هر سڌ ۽ سپني کان) آزاديءَ سان جهولائڻ
جي اجازت ڏئي ڇڏي هجي.
”ماءُ هن پڳ جو ڇا ڪندينءَ؟“
پٽ جي لهجي ۾ روسامي جي جهلڪ پڌري هئي. ماءُ سندس جملي تي کلي
ڏنو:
”هيڏانهن اچ.“ هوءَ، پٽ جو هٿ پڪڙي، ٻئي هٿ ۾ پڳ ڌيان سان کنيو،
هڪ پاسي هلڻ لڳي. پُٽ کي وڃڻ جي تڪڙ هئي. هُو ته
ماءُ کان پڇي پڇتائي رهيو هو. ”هاڻي الئجي
ڪيڏانهن...“ هو ۽ سندس زال نه چاهيندي به ماءُ سان
گهلبا رهيا. ماءُ هلندي هڪ وڏي ٽڪرَ سامهون اچي
بيٺي، ڪجهه پل ساهه پٽيائين ۽ پوءِ پٽ کي ٻانهن
کان وٺي گهليندي ٽڪر تي چڙهڻ لڳي.
۽ آخر هٿ ۾ کنيل اُجري پڳ کي ٽڪر جي مٿاهين ڇپ تي رکي چيائين:
”جيسين هن جو مالڪ اچي، هيءَ اتي ئي پئي هوندي.“
”آيل، ان جو مالڪ ڪير هوندو!؟“ پٽ ڳيت ڏئي پڇيو.
ماءُ، پٽ جي سوال تي چپ رهي.
”آيل پر تو ته مون لاءِ سپنا ڏٺا هئا...!“ هن ٻيهر نڙي آلي ڪئي.
ماءُ مرڪي ڏنو. هن ڄاتو ٿي ته سندس پٽ ماٺ کي
ٽوڙيندڙ ڪي لفظ سندس واتان ٻڌڻ لاءِ اتاوِلو هو.
”پُٽ، ضروري ناهي ته منهنجو هر سپنو پورو ٿئي.“
”آيل، پر...“ پُٽس ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي.
ماءُ ٻيهر مرڪي پئي ۽ چيائين:
”جنهن ڏينهن هن جو مالڪ ايندو، تون ڏسجانءِ هن کي، ضرور ڏسجان
منهنجا ٻچڙا، هيءُ پوتر سهائو هن جي ئي کڄيل اوُچي
سِرَ تي سهڻو لڳندو ۽ جڏهن هو ايندو ته تون
ڏسندين، هو هن ٽڪر جيان هوندو، سگهارو، اٽل، ارڏو. |