خليفو نبي بخش لغاري
سُر ڪيڏارو
شُجاع! نيڪ صلاح، وٺ ته ويري نه پَسين،
ڄاڻي هيڪ الله، قلم جنهن جي هٿ ۾.
شُجاع! سنڌ مَ ويـﮧ، اوڏا اڏي نجهرا،
هيءُ تَني جو ڏيـﮧ حامي حيدر جن جو.
شُجاع! ويـہُ مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجهرا،
هتي راوت رِند، وَتن قلعي ڪوڏئا.
اچي اَڄ اميرَ، کرڙيءَ خيمان کوڙيا،
ڀيچي ڀيڙا نه ٿيا، مَهند نه آيا ميرَ،
ڏنو سِرُ سڌير، مرتضيٰ ميدان ۾.
کرڙي کائي رَت، ڀقت نه وجهي وات ۾،
پِڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پَرکي پَت،
جَني نيڻ نِسَت، نينهن نه لائي تَن سين.
کرڙي کائي ماه، پِيئي رت پيالون،
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سِرُ ڏياچ جان.
کرڙيءَ کُپن پير، ته مون وڏو وس ڪئو،
ڪوڙين ڀڳا ڪيترا، ٻڌي دَنگ دلير،
وڏو سُڄي وير، ڪنهن پر ڪهي ڪاٽيان.
ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، نُونڌ نچندا پَسُ،
ڇڏي تَن ترس، پلٽيو شاهه پٺاڻ تي.
(”خليفي نبي بخش لغاري جو رسالو“، مرتب:
ڊاڪٽر بلوچ، ص 41)
”.....خليفو نبي بخش لغاري، سنڌ جي ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي جڳ مشهور ٽمورتي (شاهه، سچل ۽ سامي) ۾
هڪ اهڙي خوبصورت رتن جو اضافو آهي، جنهن طرف اسان
جي علمي ۽ ادبي حلقن تمام گهٽ ڏيان ڏنو آهي. سچل ۽
ساميءَ جي شاعريءَ جي روايت، منهنجي نظر ۾ لطيف جي
ڪلاسيڪي روايت کان ڪجهه قدر مختلف ۽ منفرد رهي
آهي. لطيف جي شاعراڻي روايت جو تسلسل ۽ اُن ۾
خوبصورت واڌارو، جيڪڏهن سڄي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ
۾ ڳولبو ته سواءِ نبي بخش لغاريءَ جي شاعريءَ جي
ٻئي هنڌ مشڪل لڀندو ؛ جهڙيءَ طرح شاهه لطيف، ميين
شاهه عنات ۽ اُن کان اڳ جي شهري روايت جو تسلسل
آهي. شاهه لطيف راڳ جو ڄاڻو، نون سُرن ۽ موسيقيءَ
جو موجد رهيو آهي ۽ سُر جي اها شناخت خليفي نبي
بخش لغاريءَ وٽ به اسان کي سگهاري صورت ۾
ملندي.....“
”.....خليفي صاحب جي نه رڳو سُر ڪيڏاري واري شاعري، پر سُر
ڪلياڻ، سُر گهاتو، سُر سارنگ ۽ سُر سسئيءَ جو
ڳوڙهو مطالعو به اسان تي واضح ڪندو ته خليفي جي
سموري شاعريءَ ۾ سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي
حالتن جو عڪس ۽ نقشو موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته خليفي صاحب جي رسالي جي هر سُر جو، سندس
دور جي تاريخ جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيو وڃي. اِن
نموني سان پنهنجي نئين نسل کي سنڌ جي هن انتهائي
اهم شاعر جي شاعريءَ جي اهميت ۽ فن مان واقف ڪري
سگهندا سون.....“
_تاج جويو
[”باهيون بيراڳين جون“، ص 66۽73]
فقير نواب ولي محمد خان لغاري
ڪافي
ڪر ڪو سهڻا سانگ سماوڻ دا،
ڏي ڪو محبت دلاسا آوڻ دا.
تيڏا شوق توڙي ذوق ٻهون،
بناين ويکڻ تيڏي خوش ڪيوين رهون،
انهين حال دي ڳالهه ڪنهن نال ڪهون،
نهين ڳُجهه ڪهيندي سڻاوڻ دا.
تيڏا رخ مهتاب حجاب دي وچ،
جيوين گل نرگس نيم خواب دي وچ،
هُڻ کول نقاب شتاب دي وچ،
وعدا ڏي ڪو نينهن نڀاوڻ دا.
تيڏي لالي لبان ڪيتا لعل خجل.
من موهه نيتا تيڏي ڍار ڪجل،
ڇن دام دوئي دا لاهه خلل،
گهت فرق نه ماڳ مٽاوڻ دا.
تيڏي هار سينگار دا مُل نه ڪو،
اَبر سيف تيڏي دا تُل نه ڪو،
تيڏي گل رخ جيها گل نه ڪو،
جلدي نام ٺها ڪو ملاوڻ دا.
تيڏي ناز دي ساز وڄن دم دم،
جيوين چنگ اُپنگ مرڌنگ دي ڌم،
ساڏا حال احوال تئڪن معلم،
اِيهو بار تهين ساڏي چاوڻ دا.
”ولي محمد“ چا تون رندي دا قدم،
آخر چلڻا هئي وچ ملڪ عدم،
هڻ سمجهه معنيٰ ’وفي انفسڪم’،
رک ذاتي شوق وڌاوڻ دا.
(”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري، مرتبِ ڊاڪٽر
بلوچ، ص 16)
”.....فقير نواب ولي محمد خان لغاري سنڌي کان
سواءِ سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ پڻ مثنويون، ڪلام ۽
غزل چيا. اهو ذوق کيس پنهنجن وڏن بزرگن کان ورثي ۾
مليو. ڪافين ۽ ڪلامن کان سواءِ مداحون ۽ مناقب به
چيائين ، پر سندس مشهوري خصوصاَ سندس سنڌي ڪافين ۽
ڪلامن جي ذريعي ٿي. سندس اُنهن ڪافين ۽ ڪلامن جي
زبان سليس آهي، مگر منجهن معنوي نڪات ڪافي سمايل
آهن. مصري شاهه جهڙو نامور شاعر پڻ فقير نواب ولي
محمد جي ڪلامن ۾ سمايل معنوي نڪات جو گاهي به گاهي
داد ڏيندو هو. فقير صاحب راڳ مان پوريءَ طرح واقف
هو ۽ ڪي ڪافيون اهڙين راڳنين ۾ سٽيائين جي هن وقت
تمام ڪن ٿورن کي ياد آهن_ مثلاَ ڍوليو، مارئي،
سسئي، ڀاڳ، معذوري، اوغان، بنس وغيره اُنهن انوکين
راڳڻين
مان آهن، جن ۾ فقير صاحب جا چيل ڪلام موجود
آهن.....“
_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“، مقدمو،ص
179]
خوش خير محمد هيسباڻي
ڪافي
رند روز شب آهن سدا وحدت جي واديءَ ۾ غرق
ڪوڙين ڪتابن جو پڙهين ته به آهه هِن هُن ۾ فرق.
تن کي نصيحت ڇا ڪندي، ڄاڻڻ ٿا هڪ نيڪي بدي،
هيءَ ڪا رسم آهي رندي، اصلؤن ملامت جن مرڪ.
ڪرين محتسب تون ڪيترو، عاشقن کي وعظ ايترو،
ناهي تنين تر جيترو، لعنت ۽ رحمت جو فرق.
آزاد ٿيا هن اجر کان، روزي نماز جي فڪر کان،
خوف ۽ رجا جي خطر کان، توحيد ريءَ ڪن ڪل ترڪ.
عشق ڇا ڄاڻي ايمان مان، ڇا نفعي ڇا نقصان مان،
ڇا مسجد ۽ بُتخان مان، ٿيو درس خاصي ۾ درڪ.
گمراهه ڄاڻڻ غير آ، صوفيءَ جوسڀ ۾ سير آ،
آهي قسم ٻيو ڪير آ، سوليءَ چڙهي پڙهه هي سبق.
خوش ’خير محمد’ ڄاڻ تون، پنهنجو نه آڻج پاڻ تون،
صورت صفاتي سڃاڻ تون، پير مغان هادي آ حق.
(”ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي“، مرتبِ تنوير عباسي، ص 50)
”.....خوش خير محمد سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين ۾ هڪ نئين اسلوب
توڙي نئين تاثر جو اظهار ڪيو آهي.خير محمد
هيسباڻيءَ جي ڪافين ۾ هر موضوع تي رومانيت جو
وڻندڙ رنگ چڙهيل ملندو. اِهو اثر سندس همعصرن توڙي
کانئس اڳ آيل شاعرن وٽ پڻ ملي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي، ۽
اُهو ايترو رچيل به نه آهي، جو اُنهن شاعرن کي
رومانوي شاعر ڪري ليکجي. شاهه لطيف توڙي سچل سرمست
تصوف تي رومانيت جو پوش چاڙهيو، اُن اسلوب جي چوٽ
خير محمد هيسباڻيءَ وٽ ٿي_ خير محمد جي هر ڪافي
مجاز جي رگ ۾ رڱيل آهي. هن وٽ سونهن جو بيان سراپا
تائين وڃيو پهچي. هن کي صوفياڻي فلسفي ۽ همه اوست
جي ڳوڙهن ۽ منجهيل مسئلن جي بيان ڪرڻ وقت به
پرينءَ جا پار نظر ٿا اچن. اُتر توڙي لاڙ ۾ اُن
اسلوب جي انتها هن ئي شاعر وٽ نظر اچي ٿي. سندس ڪي
ڪافيون ته ’انتهائي رومانيت‘ جوبه اظهار آهن:
عشق سارا تقدير، متان ڪو تدبير هلاوي!
يعني عشق اڻٽر آهي، اُن جي اڳيان ڪابه تدبير نٿي هلي سگهي_ هٿ
پير هڻڻ اجايو آهي_ ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ جو ضرور
ڪونهي.....“
”.....خوش خير محمد هيسباڻي سنڌيءَ جي صوفياڻي شاعريءَ ۾ سچل
سرمست کان پوءِ هڪ نئون ورق ورايو. هن سنڌ جي عظيم
صوفي شهيد شاهه عنايت جو نالو کڻي ذڪر ڪيو آهي ۽
اُن کي وڏو خراج تحسين پيش ڪيو اٿائين. اُن مان
ظاهر آهي ته خير محمد کي سنڌ جي تاريخ جي پوري ڄاڻ
هئي۽ هن عظيم شهيد لاءِ بي پناهه عقيدت هيس. سچل
سرمست بعد خير محمد هيسباڻي ئي پهريون شاعر آهي،
جنهن سڌو سنئون نالو کڻي شاهه عنايت شهيد کي ڳايو
آهي، نه ته هن کان اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ فقط اشارن ۾
هن شهيد جو ذڪر ايندو هو. ساڳي ئي ڪافيءَ ۾ خوش
خير محمد سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم صوفي شهيد مخدوم بلال
جو به ذڪر ڪيو آهي، ۽ اُن سان گڏ فارسي شاعريءَ جي
مروج صوفي ڪردارن توڙي ٻين صوفي ڪردارن جو نالو
آندو اٿائين، پر سڀ کان اول ذڪر شاهه عنايت شهيد
جو آهي.....“
_تنوير عباسي
[ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي“، ص 18۽32] |