بادل جمالي
مسافر
محبتون
لاهور مان ريل ۾ سوار ٿيو، مٿئين سيٽ تي ٿيلهو
رکي، هيٺئين سيٽ تي ويٺو. گڏ ويٺل مسافرن، هن سان
دلچسپي نه ڏيکاري، ته ٿوري دير کان پوءِ، بور ٿيڻ
لڳو. مسافرن، ڪولين ۽ هاڪرن به کيس بيزار ڪري وڌو.
نيٺ موبائيل کڻي، مختلف پيج ڏسڻ لڳو. وڏيءَ دير
کانپوءِ، گاڏي رواني ٿي، ته هن سک جو ساهه کنيو…
شهر مان هوريان هوريان هلڻ دوران، مختلف منظر هن
جي اکين مان گذرندا رهيا… شهر مان نڪري، گاڏيءَ
اسپيڊ تيز ڪئي، ته هُو مٿئين سيٽ تي وڃي سُمهي
پيو، پر ننڊ کيس نه آئي، وچ وچ ۾ هاڪرن جي آوازن
تي، يا ڪنهن اسٽيشن تي بيهڻ واري شور تي به اُٿڻ
جي ضرورت محسوس نه ڪيائين. ننڊ ڪيڏي مهل آيس، خبر
ئي نه پيس.
ملتان ۾ گاڏي بيٺي، ته هو لٿو، پليٽ فارم تان برگر
کائي، چانهن پي، وري اچي سمهي پيو… صبح جو شور ٻڌي
هُو اوٻاسيون ڏيئي سجاڳ ٿيو، منهن هيٺ ڪري
پڇيائين: ”ڀائي صاحب، ڪهڙي اسٽيشن آهي؟“
”روهڙي“. ڪنهن مختصر جواب ڏنس. کيس ياد آيو ته
روهڙيءَ کان هن وارو گاڏو ڪٽجي، ڪوئيٽا وڃڻ واري
گاڏيءَ ۾ لڳڻو هو. هن کي ان گاڏي مان لهي، ساڳي
گاڏيءَ جي ٻئي گاڏي ۾ سوار ٿيڻو آهي. هن کي خبر
هئي ته روهڙي جنڪشن تي، گاڏي پورو ڪلاڪ بيهي ٿي،
انڪري هُو ٿيلهو کڻي هيٺ لٿو، پليٽ فارم جي نل تان
هٿ منهن ڌوئي، فريش ٿيو. چانهن جي اسٽال تي ويهي،
چانهن ۽ ڪيڪ سان ناشتو ڪري، وري اچي گاڏيءَ تي
چڙهيو، ڪوئيٽا وڃڻ وارن گاڏن مان لٿل، ڪيترائي
مسافر وري به نئين گاڏي ۾ ساڻس گڏ سوار ٿيا، ان
ڪري گاڏن ۾ رش وڌي ويئي ويهڻ ڇا، ڪٿي آرام سان
بيهڻ جي جاءِ به ڪانه پئي ملي. ٿيلهو پيرن ۾ رکي،
مٿئين سيٽ جي ڪنڊ کي پڪڙي، هُو جهُولندو رهيو. هيٺ
ٻنهي پاسن وارين سيٽن تي هڪ بزرگ خاتون، ٽن جوان
ڇوڪرين سان گڏ ويٺي هئي. ٻنهي بينچن تي ڪپڙو وڇائي
پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو هئائون. هُو بيهي بيهي
ٿڪو، ته همٿ ڪري پوڙهيءَ سان ڳالهايائين:
”مئڊم اوهان کي اعتراض نه هجي، ته مان هن ڪنڊ ۾
ويهي سگهان ٿو؟“
”اڙي واه! ڪيئن ٿا ويهي سگهو، سو به عورتن سان
گڏ…!!! هي ٻئي سيٽون اسان جون بُڪ ٿيل آهن ڪراچيءَ
تائين.“
”بيشڪ بُڪ ٿيل هونديون، پر رات جي وقت سمهڻ لاءِ.
رات گذري ويئي، هاڻي ته ٻيا پيسنجر به هِنن تي
ويهي سگهن ٿا.“
”پوءِ ته هيترا ٻيا ماڻهو بيٺا آهن، اهي به چوندا
ته اوهان وانگر، انهن کي به اسان پاڻ سان گڏ
ويهاريون…؟ ڪمال ٿا ڪريو! آخر تهذيب به ڪا شيءِ
هوندي آهي…!!“
پوڙهيءَ جي آخري جملي، هن کي ٽانڊا ڏيئي ڇڏيا، مفت
۾ ذليل ٿي ويو، شرم پرچائڻ لاءِ، دل تي پٿر رکي
معافي گهريائين:
”ساري مئڊم، مون کان غلطي ٿي، مان معافي ٿو
گهران…!!“
هُو ڦڪائيءَ کان منهن هيٺ ڪري بيٺو. اوسي پاسي
بيٺل ماڻهو، هن جي حالت تي طنزيه مرڪندا رهيا…
سامهون ويٺل شوخ ۽ چنچل ڇوڪريون، انڊين فلمن بابت
ڳالهائينديون رهيون. هُو ڪنهن ڳالهه تان پاڻ ۾
اٽڪي پيون، ته هن کي نه چاهيندي به ٽياڪڙي ڪرڻي
پئجي ويئي:
”معاف ڪجو، راجڪپور، ڪرينه ڪپور جو چاچو نه، پر
ڏاڏو هو، ڪرينه جو والد رنڌير ڪپور، راجڪپور جو
وڏو پٽ هو، ان جي وڏي ڌيءَ ڪرشمه ڪپور آهي، جيڪا
ڪرينه جي وڏي ڀيڻ آهي.“
هن جي تفصيل ٻڌائڻ سان، ڇوڪرين پنهنجو ڌيان
ڦيرائي، هن طرف ڪيو.
”اوهان کي به فلمن سان دلچسپي آهي ڇا…؟“
”ها، مون کي به فلمن ۽ گانن سان ٿوري ٿوري دلچسپي
آهي.“
”ڀلا اهو ٻڌايو ته شاهه رخ خان، دليپ ڪمار جو ڇا
لڳي، ڀائيٽو يا ڀاڻيجو…؟“
”شاهه رخ خان، دليپ صاحب جو ڪجهه ڪونه لڳي، ٻئي
مذهب جي حوالي سان مسلمان آهن، باقي رت جو رشتو
ڪونه اٿن.“
هن جي فضيلت سان ڳالهائڻ، پوڙهيءَ کي چڱو متاثر
ڪيو، پنهنجو موڊ بدلائي، نرميءَ سان چيائين:
”پٽ، اوهان ويهي ڳالهايو ڀلا، هيڏي دير کان بيٺا
آهيو…“
”ٿئنڪيو مئڊم، مان اِتي ئي ٺيڪ آهيان، خوامخواه
اوهان کي تڪليف ٿيندي…“
”نه پٽ، تڪليف ڇو ٿيندي، هيڏي ساري سيٽ تي رڳو ٻه
ڄڻيون ته آهيون، اچو…“
هن سُري، کيس پاسي ۾ جاءِ ڏني.
”فضي باجي، اوهين ڇو خاموش آهيو؟ اوهان به ڪجهه
پڇو نه سر کان؟“
”پڇڻ لاءِ اوهين ڪافي آهيو، مون کي فلمن سان
دلچسپي ڪانهي.“
هن موبائيل ڏسندي چيو.
”پوءِ ته اوهان کي يقيناً شاعريءَ سان دلچسپي
هوندي…؟“
”اوه ييس، شاعريءَ جي ته مان ديواني آهيان…!“
فضيله، شاعريءَ جي نالي تي ڀڙڪي پيئي، هن جو موڊ
ڏسي، نبيله جملو هنيو:
”اِجهو، هن جو وات کليو، هاڻي ٻين کي ڳالهائڻ ڪٿي
ڏيندي!“
”اوهان جو وات ڪنهن بند ڪونه ڪيو، اوهين به ٻڌايو
نه شاعري؟“
”اسان واري شاعري ڪهڙي هوندي.
رب کا شکر ادا کر بهائی۔
جس نے
ہماری
گائے
بنائی۔
عقيله
نخري سان شعر ٻڌايو، جنهن تي ننڍڙو ٽهڪڙو اڀريو.
”شاعري ڪرڻ ۽ شاعري ٻڌڻ، ڪو آسان ڪم ڪونهي جناب.
اهو اهلِ ذوق جو ڪم آهي.“ ياسر چيو.
”اهلِ ذوق آهي نه اسان وٽ مس فضيله پروين… آپي،
هاڻي ڪو ڦڙڪندڙ شعر ٻڌائي، محفل کي گرم ڪريو.“
”منهنجا ته سڀ شعر اوهان جا ٻڌل آهن، سر کان ٿا
ٻڌون نوان شعر، سر پليز، اوهان پنهنجي پسند جا شعر
ٻڌايو…“
”مان اوهان کي ڀٽائي گهوٽ جو سنڌي بيت ٿو ٻڌايان،
اردو شعر ته اوهان روز ٿيون ٻڌو.“
”ارشاد“، فضيله اتساهه مان چيو.
”کامان، پچان، پَڄران، لُڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تئونس پرين جي، پيئان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سُرڪيائي نه ٿئي!“
”واه سر واه! بيت ته ڪمال جو آهي، پر مٿان مٿان
گذري ويو، سمجهه ۾ ڪونه آيو، سر پليز تشريح ڪيو
نه…“
نبيله چيو.
”مان ته سمجهي ويئي آهيان سر، اهو بيت ڪاليج ۾
اسان جي سنڌي ٽيچر اسان کي ٻڌائيندو هو، سر هنن کي
اهو بيت سمجهه ۾ نه ايندو. هنن کي ته سڌوسنئون ڪو
اردوءَ جو شعر ٻڌايو…“
”بيٽا ڪجهه خدا جو خوف ڪريو، پنهنجا معاملا پاڻ
ڄاڻو، سائينءَ کي سک سان سفر ڪرڻ ڏيو…“
”امي، اها چُڻ ڀُڻ نه رهندي، ته ڪراچيءَ جو سفر
ڪيئن ڪٽبو؟ اڃان هاڻي ته سنڌ ۾ داخل ٿيون آهيون.“
نبيله وضاحت ڪئي.
”سر توهان شعر ٻڌايو پنهنجي پسند جو.“ فضيله
فرمائش ڪئي:
"کرم کرو کہ
ستم،
ہم گلہ نہیں
کرتے
خزاں
میں
پھول عموماً کھلا نہیں
کرتے
ملاؤ خاک میں
ہم کو، مگر خیال
رہے
کہ ہم سے
لوگ دوبارہ، ملا نہیں
کرتے!"
”واه سائين واه! ڇا ته خوبصورت قطعو آهي، ناصر
ڪاظمي جو آهي نه سر؟“
”جي نه مس فضيله، هي هڪ ٻئي وڏي شاعر قمر صديقيءَ
جو آهي.“
”بيوٽيفل! فضي باجي، اڄ سر اوهان کي ٽف ٽائيم
ڏيندو…؟“
”سر ته سر آهي نه، منهنجو سر سان ڇا مقابلو ٿيندو…
سر اوهان جو گڊ نيم؟“
”ياسر محمود.“
”۽ سروس؟“
”سروس ڪائي ڪانهي، پنهنجي ننڍڙي زمينداري آهي، سؤ
سوا سؤ ايڪڙن جي، گهمڻ ڦرڻ جو شوق گهڻو اٿم، ان
ڪري ڪڏهن ڪراچي ڪڏهن ڪوئيٽا ته ڪڏهن لاهور، اسلام
آباد جا چڪر لڳائيندو ٿو رهان.“
”رهائش ڪٿي اٿو؟“
”حيدرآباد، قاسم آباد ۾، اوهان به پنهنجو ٻڌايو
نه.“
”اسان گلستان جوهر ڪراچي ۾، اچو نه ڪڏهن اسان وٽ
ته ڄمايون شاعريءَ جي محفل.“
”اچبو، ضرور اچبو، ڪنهن مناسب وقت تي.“
”سر وقت ته سدائين مناسب ئي هوندو آهي، رڳو ارادو
پڪو ڪري وٺجي.“
”ارادو به پڪو ٿي ويندو… گهر ۾ ٻيو ڪير ڪير اٿوَ؟“
”ٻيو ته ڪير ڪونهي، رڳو اسين ٽي ڀيڻيون ٿيون رهون
امي سان گڏ. پنهنجو نمبر ته ڏيو سر، ڪٿي ڳالهين ۾
رهجي نه وڃي…“
”بلڪل نمبر وٺو…“
”سر مان اوهان کي مس ڪال ٿي ڏيان، منهنجو نمبر نوٽ
ڪري وٺو… شام چار کان ڇهين بجي تائين نمبر بند
هوندو آهي، ٽيوشن ٽائيم جي ڪري، باقي ڪيڏي مهل به
فون ڪري سگهو ٿا.“
ان دوران هڪ اڌڙوٽ عورت، ٻن ٻارڙين سان گڏ، اچي
ڇوڪرين واريءَ سيٽ تي ويٺي، هُنن کي اهو تمام گهڻو
برو ته لڳو، پر ڪجهه چئي نه سگهيون، ٻارڙين جي زور
سان ڳالهائڻ ۽ شرارتن جي ڪري، هنن جي ڪچهري متاثر
ٿي، ڳچ دير تائين ته هنن وٽ خاموشي ڇانئجي ويئي…
هن ٻاهر نهاريندي چيو:
”مان سمجهان ٿو ته منهنجي منزل اچي ويئي آهي، مان
هاڻي لهندس، مئڊم اوهان به هلو اسان سان گڏ، ته دل
سان اوهان جي خدمت ڪيون…؟“
”مهرباني پٽ، سدا سلامت هجو، آباد هجو…“
هڪ زنده دل همسفر جي جدائي تي، ڇوڪرين جي منهن تي
به اداسي ڇانئجي ويئي، دل مَلور ٿي وين، هو پنهنجي
سفري ٿيلهو کڻي، سڪ ڀريل ”ويوَ“ وٺي، حيدرآباد
اسٽيشن تي لهي ويو. هُو چارئي کيس پرجوش انداز ۾
”باءِ“ ڪنديون رهيون…
سفر جون خوشگوار يادون کڻي، هُو گهر پهتو، ٻئي
ڏينهن کان وري پنهنجو ساڳيو سلسلو کنيائين، ٻنيءَ
جا چڪر، فصلن جي سارسنڀال، هارين سان حساب ڪتاب،
هفتو ائين گذري ويو، رات دير سان کيس فون آئي،
نمبر اهوئي هو، جيڪو سفر دوران کيس مليو هو.
”هيلو…؟“
”سر مان ٿي ڳالهايان فضيله پروين.“
”هيلو مس فضيله، هائو آر يُو…“
”سر مان بلڪل ٺيڪ آهيان، اوهان کي سڀ گهر وارا ياد
پيا ڪن، اوهان ته فون ئي ڪانه ڪئي سر…؟“
”ساري، مان دراصل زمين جي معاملن ۾ هارين سان ڪجهه
بزي ٿي ويو هئس، فون ڪرڻ جو وقت ئي نه مليو، چڱو
ٿيو جو اوهان فون ڪئي.“
”سر ڪراچي ڪڏهن ٿا اچو…؟“
”ڪراچي ايندس، جلدي ايندس ڪجهه ڏينهنِ ۾.“
”سر ڪو ٽائيم ڏيو ها، ائين ته انتظار رهندو.“
”مان اوهان کي وڌيڪ انتظار نه ڪرائيندس، مٿئين
هفتي ضرور ايندس.“
”اوڪي سر، انتظار رهندو اوهان جو…“
”ڇوڪرو فضيلت وارو ٿو لڳي، مون کي ته وڻيو آهي، پر
آهي ته وري به سنڌي نه، مائٽ اسان کي طعنو ڏيڻ ۾
دير ئي نه ڪندا، هونئن به اسان وٽ دهليءَ وارا،
دهلي وارن سان ٿا گڏجن، ته لکنؤ وارا لکنؤ وارن
سان ٿا ملن، شاديون به اهي ٿيون ڪامياب ٿين.“
”اهي پراڻيون ڳالهيون آهن امي، منهنجي ٻنهي ڀائرن
پنجابين ۽ پٺاڻن مان شاديون ڪيون، اسان جي مائٽن
ڪيو ڪو اعتراض؟“
”ظاهر ٿي ته ڪونه ڪيائون، پر اندر ۾ ڏک ته سڀني کي
ٿيو هو نه… مان ڏسان پئي ته ڪڏهن تون پنهنجي
زميندار گهوٽ سان گڏ، چمڪندڙ پيجيرو گاڏيءَ مان
اچي لهندينءَ، ته اوڙي پاڙي واريون توکي ڏسي سڀ
رشڪ ڪنديون تنهنجي بخت تي، ڇا ته شاندار منظر
هوندو!“
”امي توهان ته نعمان لاءِ به ائين ئي چيو هو، ته
ناظم آباد جو سيٺ ڪُڙتي پائجامي تي شيرواني پائي،
جڏهن اسان جي اڱڻ تي اچي لهندو، ته پاڙي وارين جون
اکيون، حيرت مان ڦاٽي وينديون، پوءِ ڇا ٿيو…؟
”تون به ڪمال ٿي ڪرين فضيله پٽ، ڪٿي ناظم آباد جي
ڪِرياني جو دڪاندار، ڪٿي سنڌ جو وڏيرو! توکي فرق
نظر نٿو اچي…؟
بس، دعا ڪر ته پروردگار، آسون اميدون پوريون ڪري…“
”ڳالهه چُري، ته ڳالهائجي نه، اڃان ته رڳو اسان
جون پنهنجيون سوچون آهن…“
واعدي مطابق هُو ڪراچيءَ پهچي ويو، رسمي ڳالهين ۽
کائڻ پيئڻ کان پوءِ پڪنڪ جو موڊ ٿيو، هُو فئمليءَ
کي کڻي سمنڊ ڪناري سِي ويو واري جديد پارڪ پهتا،
ٻئي ننڍيون ته گاڏيءَ مان لهندي ئي، لهرن جي نظارو
ڪرڻ لاءِ، ڊوڙي وڃي پٿرن واري ديوار تي چڙهيون،
پويان هي ٽيئي کائڻ پيئڻ وارو سامان کڻي، ديوار کي
ويجهو پهتا، پلاسٽڪ مئٽ وڇائي، ماءُ چيو:
”بس پٽ، مون کي هتي ڇڏيو، ههڙي ماحول ۾ اسان جهڙا
ماڻهو روز روز ته نٿا اچي سگهن… اوهان ڀلي پنهنجي
مرضيءَ سان گهمي ڦري انجواءِ ڪريو… گهڻو پري نه
وڃجؤ.“
هُو خوبصورت راهدارين تان هلندي، بيهندي چيوئنگم
چٻاڙيندي، گلن ٻوٽن ۽ ماحول تي تبصرا ڪندي، هڪ ٻئي
کي متاثر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهيا. ماحول جو
اثر وٺندي، ياسر کان رهيو نه ٿيو، هو ڪجهه وڌيڪ
رومانٽڪ ٿي ويو:
”هيءَ حسين شام. هيءُ سمنڊ ڪنارو، ٿڌڙي هير ۽
اوهان جو حسين ساٿ، قرب ڪري اهو حسين ساٿ، هميشه
هميشه لاءِ مون کي ارپي ڇڏيو نه…!!“
هُن مرڪ ڀريل نظر هن تي وڌي، ۽ پاسي مان اڳتي وڌي
ويئي، ياسر کي عجيب لڳو:
”مان پنهنجي عرض ڪيل سوال جو جواب ٿو چاهيان
مئڊم!“
”اوهان تمام وڏي ڳالهه ڪئي آهي سر. اهڙي ڳالهه ڪرڻ
کان اڳ، سؤ دفعا سوچبو آهي، ته ڪٿي اوهان جلدبازي
ته ڪونه پيا ڪيو؟“
”توهان ته سؤ دفعا سوچڻ جو ٿيون چؤ، پر مون شايد
هزار ڀيرا سوچيو هوندو. جڏهن کان اوهان سان ملاقات
ٿي، تڏهن کان شايد ئي ڪو اهڙو لمحو گذريو هجي، جو
مون اوهان بابت نه سوچيو هجي، منهنجو فيصلو اٽل
آهي، رڳو اوهان جي جواب جو انتظار آهي.“
”ڏسو، اسان ڪجهه ڏينهن اڳ ملياسين. هڪٻئي کي متاثر
ڪيوسين. شايد… شايد پسند به ڪيوسين. ان ڪري اسان
اڄ هيترو قريب اچي وياسين. پر اڃان به اسان کي هڪ
ٻئي بابت پوري معلومات ڪانهي. شاديءَ کان پوءِ
ممڪن آهي، ڪٿان نه ڪٿان ڪا اهڙي ڳالهه نڪري سامهون
اچي، جيڪا اسان جي پُرسڪون زندگيءَ ۾ ڪي مسئلا
پيدا ڪري وجهي. انڪري بهتر آهي ته اهڙي معاملي کي
اڳ ۾ ئي ڪليئر ڪري ڇڏجي…“
”مون وٽ ته اهڙو معاملو ڪونهي، اوهان وٽ هجي ته
ٻڌايو…“
”ڳالهه ڪندي چڱو نه پيو لڳي، پر خير… منهنجي ڪنهن
سان مڱڻي ٿي هئي. ماڻهو تمام سٺي حيثيت وارا هئا.
ڇوڪرو بئنڪ ۾ جاب ڪندو هو. ڇهه مهينا کن ته رشتو
سهڻي نموني هليو. اچ وڃ به رهي. جڏهن ڳالهه شاديءَ
تائين پهتي، ته حيرت انگيز طور هُو ماڻهو، انتهائي
لالچي ٿي پيا. ڏاج جو مطالبو ڪري وڌائون… ڏاج به
ڪو جهڙو تهڙو نه، پندرهن تولا سون، نئين ماڊل جي
ڪلٽس ڪار، ۽ گهر جو پورو سامان…!!“
اميءَ چيو، ”رشتو ڪرڻ وقت ته اوهان اهڙو ڪو مطالبو
ڪونه ڪيو هو. اسان اهو سڀ نٿا ڏيئي سگهون…“ ان تان
اهو رشتو ٽُٽي ويو…
سڀاڻي، ان معاملي کي، نئين سر لوڻ مرچ لڳائي، ڪير
اوهان آڏو پيش ڪري، تلخيون پيدا ڪري، مان ان کان
اڳ ۾ اوهان کي ٻڌائي ٿي ڇڏيان…“
”چڱو ٿيو، جو ٻڌائي ڇڏيو اٿو. جوان ڇوڪرين لاءِ
رشتا اچن به ٿا، ته رشتا ٽٽن به ٿا، حقيقي رشتو ته
مقدر سان ئي ملي ٿو… منهنجو ڏاج وغيره جهڙو ڪو
فضول مطالبو ڪونهي، مون کي صرف اوهان جي ٻانهن
کپي…!“
هن سندس هٿ کي، پنهنجي هٿن ۾ جهلي، سندس کير جهڙي
اڇي تِريءَ تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا…! هوءَ تڙپي
پيئي، جسم ۾ جهُرجهُري ڊوڙي ويس…!! هٿ ڇڏائي،
پنهنجي جهوليءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين! ياسر ٿورو پريشان
ٿي ويو:
”ڇو، ڳالهه پسند نه آئي شايد…“
”ڇوڪري آهيان نه آخر، مرد جو ڇهاءُ، برداشت کان
ٻاهر هوندو آهي.“
”اهائي ته ڪنوارپ جي نشاني آهي…“
”منهنجي خوش بختي آهي، جو مون کي اوهان جهڙو ساٿي
مليو آهي، مون کي اوهان تي پورو پورو اعتماد آهي،
منهنجي اعتماد جو مانُ رکجو پليز!
”اوهان بي فڪر ٿيو، قدم قدم تي ساٿ رهندو
انشاءالله.“
”هاڻي هلون امان وارن ڏي، انهن کي به ٿورو ٽائيم
ڏيون.“
”جيڪا اوهان جي مرضي… “
هُو اُٿي ماءُ ڏانهن روانا ٿيا.
مين گيٽ تي ڪنهن بيل ڏني، ماءُ چانور سوئيندي، وڏي
آواز ۾ چيو:
”فضيله، ڏس ته ڪير آيو آهي…؟“
فضيله جواب نه ڏنس، ته ڪم ڇڏي، هُوءَ پاڻ دروازي
تي پهتي:
”اڙي سراج پٽ تون آهين…؟ اڄ ڪيئن ڀلجي پيو آهين،
زمانن کان پوءِ اسان جو گهر ياد آيو اٿئي…“
”ڀلجي نه پيو آهيان چاچي، سهي سنڀري اوهان سان ملڻ
آيو آهيان.“
”آهي ته خير، اسان ڏانهن سهي سنڀري اچڻ جو ڪو
مقصد؟“
”ها خير ئي آهي، ٻڌون پيا ته اڄڪلهه اوهان وٽ
ڌارين ماڻهن جي اچ وڃ ڪجهه وڌي ويئي آهي، سير
سپاٽا پيا ڪريو، پڪنڪون پيا ملهايو، بابا چيو جاچ
وٺي آءُ، ته ڇا معاملو آهي…؟“
”هي تون ڇا پيو چوين سراج…؟ هوش ۾ ته آهين نه…
مهرباني ڪري اسان جي گهر جي جاسوسي ڪرڻ ڇڏي ڏيو!
اسان پنهنجي گهر جي حفاظت پاڻ ڪري سگهون ٿيون…!“
”آنٽي مون ته ٻڌل ڳالهه پڇي. اوهان ته صفا ناراض
ٿي پيون آهيو. مون ته پنهنجائپ جي ڪري پڇيو آهي…“
”اها پنهنجائپ اوهان کي هاڻي ياد آئي، جڏهن
اميرالدين کي دنيا ڇڏي، پندرهن سال گذري چڪا آهن…؟
هڪ بيوه عورت، پنجن ٻارن جي پرورش ڪيئن پئي ڪري،
اهو ڪڏهن سوچيو هُيوَ…؟
صبح جو اسڪول ۾ پڙهائڻ، شام جو ٻارن کي ٽيوشن
پڙهائڻ، ان کان پوءِ گهر سنڀالڻ، اهو ڪو سولو ڪم
هو؟ ڪڏهن اهو به سوچيو هُيوَ، عيدن تي ٻارن کي
نوان ڪپڙا مليا به هوندا، يا نه؟ گهر ۾ چُلهه ٻري
به هوندي يا نه؟ هاڻي جڏهن اسان ڏڪي ڏڪي پنهنجي
پيرن تي بيٺا آهيون، تڏهن اوهان کي رشتا ياد پيا
آهن… ڪانهي اسان کي اهڙن منافقانه رشتن جي
ضرورت…!!“
خيرخواهيءَ جي نالي ۾، لوڻ جا لپ ڀري، ٻُرڪڻ ٿا
اچو، اسان کي ڇڏي ڏيو اسان جي حال تي، وڏي مهرباني
ٿيندي…!!“
سراج هيسجي، خاموش ٿي ويو، ٿوريءَ دير کان پوءِ
پڇيائين:
”ڇوڪريون ڪٿي آهن چاچي…؟“
”ننڍيون پڙهڻ ويون آهن، فضيله پنهنجي ڪمري ۾
هوندي.“
”سڏ ڪيوس ڀلا، آيو آهيان، ته ملندو وڃانس…“
”ڪانهي ضرورت ملڻ جي، هوءَ پنهنجي حال ۾ خوش آهي!“
”گهر آيل مهمان سان ايڏو رکو ته نه ڳالهائبو آهي،
چاچي، آخر ته اسان پاڻ ۾ آهيون، اوهان جون نياڻيون
به جوان ٿي ويون آهن، انهن جا رشتا به…“
”جي نه، رشتن لاءِ به دنيا گهڻي پيئي آهي، پنهنجن
کانسواءِ ٿي ويندا! اوهان پريشان نه ٿيو…!!“
”ٺيڪ آهي، مان هلان ٿو، پر اوهان چڱو نه پيا
ڪريو…“
سراج منهن سُڄائي نڪري ويو، هُوءَ پنهنجي منهن
ڀُڻڪندي رهي.
امي، ياسر ٻڌايو ته هو ٽن ڏينهن لاءِ ڪوئيٽا وڃي
پيو، وڃڻ کان پهرين، اسان وٽان ٿيندو ويندو.“
”ياسر سيلاني ماڻهو آهي پٽ، گهمڻ جي وَهي اٿس، ڀلي
گهُمي.“
”ياسر ايندو ته، هن ڀيري مان هن کي پنهنجي ڪمري ۾
ويهاريندس مون کي هن سان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون
آهن.“
”نا بيٽا نا، اهڙي غلطي متان ڪرين! ڪنواري ڇوڪريءَ
جو ڌارئين مرد سان ڪمري ۾ هجڻ، فضول خواهش کي دعوت
ٿو ڏي، جنهن جو نتيجو، اڳتي هلي، عذابن ۾ وجهيو
ڇڏي…!!“
”اوهان کي مون تي اعتماد ڪونهي امي؟ مان اول آخر
هن جي ته ٿيڻي آهيان…؟“
”بيشڪ، پر اهو وقت اڃان آيو ڪونهي پٽ، جڏهن وقت
ايندو ته اسان نچندي ڪڏندي، ڳائي وڄائي، توکي گهوٽ
جي حوالي ڪنديونسين، تيسين ته صبر ڪر نه… هينئر به
جهڙي نموني تون هن سان ملين ٿي، ڳالهائين ٿي، سچ
پُڇين ته مون کي اهو پسند ڪونهي…“
”امي، اسان به هن دنيا ۾ ٿيون رهون، اسان کي به
دنياوارن وانگر، آزاديءَ سان ساهه کڻڻ ڏيو. ڇو ڀلا
اسان کي آثارِ قديمه جي ميوزيم ۾ بند رکڻ ٿيون
چاهيو…؟“
”اهو مان نٿي چاهيان پٽ، اخلاقي تقاضا آهي، نياڻي
نڪاح ڪري، جڏهن گهوٽ وٽ پهچي ٿي ته اُها ٻوٽي مان
نڪتل ڪپهه وانگر صاف، شفاف ۽ پاڪ پوتر هجڻ گهرجي،
ڪوبه ميرو هٿ هن تائين نه پهتو هجي! عزت ڀري
زندگيءَ لاءِ، اهو معيار پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏ…!
”الائي ڪڏهن ايندو اهو پاڪ پوتر ڏينهن، اڌ وهي ته
گذري وئي…!!“
”ڄاڻ اچڻ وارو آهي. بس ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي،
عدنان پٽ ستين تاريخ تي ايندو، ٻارهين يا تيرهين
تاريخ نڪاح لاءِ هنن کي ڏيندو، ان کان پوءِ تون ۽
تنهنجو گهوٽ، پاڻ ۾ ڄاڻو…!!“
فضيله سمهڻ جي تياري ڪرڻ لڳي. هُوءَ اڃان بيڊ
تائين پهتي ئي هئي، ته مٿان موبائيل جو ميسيج وارو
بيپ وڳو، هن موبائيل کنيو، ته ميسيج پڙهندي ئي
پيرن مان زمين نڪري ويس! بدحواسيءَ ۾ بيڊ تي ستل
ماءُ تي چڙهي ويئي:
”امي، امي هو ڏس ته ڇاهي…؟؟“
”ڇا ٿيو، ڇا ٿيو، خير ته آهي امان…؟“
ماڻس تڙتڪڙ ۾ عينڪ لڳائي، موبائيل وارو ميسيج پڙهڻ
لڳي:
”نادان ڇوڪري، تنهنجي عيش عشرت واري زندگي، ڄاڻ ته
پڄاڻيءَ تي پهتي… تنهنجي گهر ۾ عنقريب اهڙو ڌماڪو
ٿيندو، جنهن کان پوءِ گهر، توڙي گهروارن جو دنيا ۾
نالو نشان نه رهندو…!! ياد رک، اسان جيڪي چؤن ٿا،
سو ڪري ٿا ڏيکاريون…!!“
”ميسيج پڙهندي، ماڻس جي به ساڳي، هن واري حالت ٿي
ويئي…
”امان، هيءَ ته سنئين سڌي ڌمڪي آهي، دهشتگردي آهي،
پر ڪير ٿو ٿي سگهي…؟؟ نمبر به ڪونه ڏنو اٿس، نه
وري ڪا نشاني ڇڏي اٿس، ياالله اسان تي رحم ڪر…!!“
”امي مون کي ڊپ ٿو ٿئي…!!“
”ڊپ نه ڪر منهنجي راڻي، رب خير ڪندو، مان آهيان نه
توسان گڏ…!“
هوءَ ننڍڙي ٻارڙيءَ جيان، ماءُ کي چنبڙي پيئي.
”ياد ڪر، ته پنهنجا دشمن ڪير ڪير ٿي سگهن ٿا…؟
متان نعمان ته اها حرڪت نه ڪئي آهي، جيڪو اڃان
تائين اندر ۾ سڙيو ويٺو آهي…؟“
”نعمان ڇو ڪندو هاڻي؟ ان کي ته هيڏو عرصو ٿيو آهي،
شادي به ڪري ڇڏي اٿس، هو ڇو ڪندو؟“
”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي… ياسر جي مائٽن ته نه ڪيو
هوندو، جيڪي هن شاديءَ مان بلڪل به خوش نه
هوندا…؟“
”نه امي، ياسر ته اڃان تائين مائٽن سان هن سلسلي ۾
ڳالهه ئي نه ڪئي آهي، ته ڪو ڪٿان ڪندا… تازو ان
ڏينهن سراج ڀائي اوهان سان ڏند ڏيئي ويو هو، ڪٿي
ان ته نه ڪيو هوندو…؟“
”ها پٽ، واقعي سراج ڪري به سگهي ٿو! ان کان بعيد
ڪونهي…!! پر خبر ڪيئن پوي ته اِها حرڪت سراج ئي
ڪئي آهي؟ عدنان پٽ سان ڳالهايون. هُو شايد ڪا چڱي
صلاح ڏئي…“
”عدنان ڀائي سان به صبح جوئي ڳالهائجي، هينئر ڇو
هنن جي ننڊ ڦٽائجي؟“
”صحيح ٿي چوين… هاڻي هن گهر ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو
آهي، ڪِنا ماڻهو پويان پئجي ويا آهن، مان ڪٿي وڃان
پنهنجيون نياڻيون کڻي…؟“
”مون کي ڀؤ ٿو ٿئي امي، ننڊ ڪانه ايندي مون کي…“
”ڀؤ نه ڪر مِٺي، اچ منهنجي بيڊ تي، مون سان اچي
سُمهِجُ، آيت الڪرسي پڙهي، پاڻ تي دم ڪري، سمهي
پئه، الله خير ڪندو پٽ…“
جيئن تيئن ڪري، عذابن جهڙي رات گذاري ورتائون، صبح
سوير ئي فون ڪري، عدنان ڀائي کي سڄي حقيقت
ٻڌايائون، راتوڪو ميسيج به هن سان شيئر ڪيائون.
”امان اوهان ڇوڪرين کي وٺي، فوراً اسلام آباد پهچي
وڃو. اهو شهر هاڻي رهڻ لائق رهيو ئي ناهي، اتي
اوهان کي ڪوبه نقصان پهچي سگهي ٿو!“
”پٽ، فضيلا جي شاديءَ جون تياريون لڳيون پيون آهن،
گهوٽيتن جا لکين روپيا خرچ ٿي چڪا آهن، انهن جو ڇا
ٿيندو…؟“
”اِن ڳالهه کي ڇڏيو في الحال، زندگي پياري اٿوَ ته
هيڏانهن نڪري اچو. پڙهيل ڪڙهيل نوجوان هتي به آهن،
هتي به شاديون ٿين پيون… مان ڪوچ وارن سان
ڳالهائي، آن لائين اوهان جي بڪنگ ڪرائي ٿو وٺان،
ڪجهه ڪپڙا لٽا ۽ ضروري سامان کڻي، اوهان نائيٽ ڪوچ
۾ هليا اچو…“
فضيلا ۽ ڀينرن، اسلام آباد وڃڻ جي خوشيءَ ۾ فوراً
سامان جي پئڪنگ شروع ڪري ڏني، هميشه وانگر صبح کان
ئي ياسر فون ڪرڻ لڳو، پر هر دفعي کيس اڳيون فون
بند مليو، هو پريشان ٿي، ڪراچيءَ لاءِ نڪري پيو.
”واءُ مينهن ڪندي، هُو ڪراچيءَ پهچي ويو:
”خير ته آهي، آنٽي، مسلسل بيل پيو ڏيان، دروازو
پيو ڪُٽيان، در نه پيا کوليو، ڇو…؟“
”پٽ اسان دنيا ۾ آهيون ئي ڪونه، ته در ڪٿان
کوليون…!!“
”ڇو، ڇو، ڇا ٿيو؟ هي ڪهڙيون ڳالهيون پيون ڪيون،
آنٽي فضيله ڪٿي آهي؟“
”پئڪنگ پئي ڪري، پنهنجي ڪمري ۾.“
”پئڪنگ…؟ ڇا جي پئڪنگ؟“
”سامان جي پئڪنگ. وڃون پيا اسلام آباد.“
”هيءُ اوچتو
”ڇا ٿيو جانو اسلام آباد وڃڻ جو ڪهڙو پُور پيو
اٿوَ…؟“
”اچو، مٿي اچو فضيله جي ڪمري ۾.“
هو مٿي پهتا، ته فضيله ڪپڙا ۽ ڪتاب ٻڌڻ ۾ مصروف
هئي، ياسر کي ڏسي به، هن ڪا گرم جوشيءَ ڪانه
ڏيکاري، پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي ڀيڻن سان گڏ.،،
ڪهڙي پريشانيءَ ۾ آهيو…؟“
”اميءَ کان پڇو.“ هن مختصر جواب ڏنو، ماڻس هن جو
موبائيل کڻي، راتوڪو ميسيج هن کي ڏيکاريو:
”پٽ رات هيءُ ميسيج آيو آهي، جنهن اسان جو ساهه
سُڪائي ڇڏيو!“
”اڙي آنٽي، هي ته فئڪ ميسيج آهي، بلڪل ڪوڙو، هن تي
نه ته موڪليندڙ پنهنجو نمبر ڏنو، نه وري ٻيو ڪو
نشان ڇڏيو اٿس. هي ته ڪنهن ٽرڙي ڇوري جي شرارت ٿي
لڳي! اوهان خوامخواهه پريشان ٿيون آهيو…“
”پٽ، اسان عورتون ته جهرڪيءَ جي اڏامڻ تي به
پريشان ٿيو ٿِيون وڃون، هيڏي ساري ڌمڪي اسان کي
ڪيئن برداشت ٿيندي؟“
پٽ عدنان سان ڳالهه ڪئي سون، هن فوراً اسلام آباد
پهچڻ لاءِ چيو آهي…“
اهو ٻڌندي ئي ياسر جي من ۾ سياٽو ڊوڙي ويو، ڪن
گهڙين لاءِ ته دماغ سُن ٿي ويس، پاڻ سنڀالي، اندر
جي ڳالهه چپن تي آندائين:
”پوءِ هي شاديءَ جو تياريون هيڏو سارو انتظام،
انهن جو ڇا ٿيندو…؟“
”دعا ڪريو ته خير ٿئي، زندگي رهي، ته گهوٽن لاءِ
ڪنوارون گهڻيون، ڪنوارن لاءِ گهوٽ گهڻا…!!“
اهو ٻڌي، ياسر وڏي ٻوڏار ۾ اچي ويو! ڪجهه سوچي،
پنهنجي طرفان نئين تجويز ڏنائين:
”آنٽي، اوهان ته هڪ خسيس ميسيج تي پريشان ٿي ويون
آهيو… منهنجي مڃو ته اسلام آباد وڃڻ بدران،
حيدرآباد هلي منهنجي گهر ۾ رهو. پنهنجي گهر جهڙو
سڪون ملندوَ…“
”مهرباني پٽ، پر اهو اسان لاءِ ممڪن ڪونهي، ته
ناٺيءَ جي گهر ۾ رهون…!!“
”پوءِ ڀلا مون کي پاڻ وٽ رهايو، مان ڏسندس ته ڪيئن
ٿو ڪير اچي ڌماڪا ڪري…!!“
”هي اسان جو خانداني معاملو آهي بابا، ان کي اسان
پاڻهي نبيرينداسين. منهنجا پٽ، ماشاءالله ايڏي
هلندي پڄندي وارا آهن، جو اسان کي هتي به تحفظ
ڏياري ٿا سگهن، اوهان جي آڇ جي مهرباني…“
گهر جو بدليل ماحول ڏسي، ياسر تمام گهڻو پريشان
ٿيو، پر ان جو اظهار سِڌن سَنون لفظن ۾ ڪرڻ بدران،
اشارن، ڪِناين ۾ ڪيائين:
”مسافريءَ دوران مليل محبتون به، ڪڏهن ڪڏهن عجيب
نتيجا ڏيئي وينديون آهن… جي چڙهڻ تي ٿيون اچن، ته
پهاڙ جي چوٽيءَ تائين به چڙهيو وڃن، وري جي ڪِرڻ
تي ٿيون اچن، ته پراڻي بلڊنگ وانگر ڌڙام سان، زمين
بوس ٿيو وڃن! نه شِڪوه، نه شڪايت، نه داد نه
فرياد…!!“
ماءُ وٽ، هن جي هيڏي ساري ڏک جي جواب ۾ چوڻ لاءِ
ڪجهه ڪونه هو، ان ڪري جان ڇڏائڻ لاءِ، هوءَ رڳو هڪ
ننڍڙو بهانو ئي بڻائي سگهي:
”پٽ، هاڻي توهان ڀلي هلو، پاڙي واريون اسان کان
موڪلائڻ اچن پيون، اوهان کي هتي ڪنهن ڏسي ورتو ته
وري نوان قصا جُڙندا، ڪير انهن کي منهن ڏيندو…!!“
اهو چئي، هوءَ اتان هلي ويئي…
ياسر محسوس ڪري ورتو ته اسلام آباد جي دلاسن تي،
گهر جو ڪلچر ئي بدلجي ويو.
هو کامي، پچي، پڄري ويو! هڪڙي لمحي لاءِ سوچيائين
ته ڊوڙي وڃي فضيلا کان پڇي، ته هن کي ڪهڙي ڏوهه جي
سزا ڏني پئي وڃي؟ جو جنهن گهر جو کيس مالڪ بنايو
پئي ويو، ان مان هن کي فالتو سامان وانگر ڌڪي ٻاهر
ڪڍيو پيو وڃي…؟ پر هُو پاڻ تي جبر ڪندي، غصي کي
چپن اندرئي پي ويو، رت ڇڏيندڙ اکين سان فضيلا
ڏانهن ڏٺائين، هن جي پريشانيءَ کان بي نياز هوءَ
ڀيڻن سان گڏ، پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئي! زهر جا ڍُڪ
ڀري، هارايل زندگيءَ جيان، ڪنڌ هيٺ ڪري، چپ چاپ
هُو ٻاهر نڪري ويو…!!“ |