ڊاڪٽر تهمينه مفتي
ڄام شورو
شاهه
عنات رضوي جي ڪلام ۾ جمالياتي
خاصيتن جو اڀياس
ابتدا :
هن مقالي جو موضوع شاهه عنات جي ڪلام ۾ جمالياتي
خاصيتن جو اڀياس آهي. ان اصل موضوع تي اچڻ کان
پهرين چند اهم نُڪتا بيان ڪجن ٿا:
”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ جنهن جي تحقيق ۽ تصحيح
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي. سندس ڪيل تحقيق
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ارتقائي سلسلي کي ظاهر ڪيو.
سنڌي شاعريءَ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شعر جي
پختائيءَ ۾ بلوغت جي گُم ٿيل ڪڙي هٿ آئي. ڀٽائيءَ
جو فڪري سفر، سماج ۽ تاريخي پسمنظر نروار ٿيو.
ميين شاه عنات ۽ شاهه عبداللطيف جون هڪ ٻئي سان
ملاقاتون ۽ ڀٽائيءَ جو شاهه عنات وٽ قيام، شاعرانه
مجلسون هڪ ٻئي سان محبت عزت وارو ورتاءُ جنهن جو
ذڪر بخوبي معلوم ٿئي ٿو، جنهن مان سندن شاعرانه
ذوق ۽ شوق پروان ٿيندو ڏسي سگهجي ٿو. اهڙين محفلن
جي ڪري سنڌي شاعريءَ کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو ۽
بنياد حاصل ٿيو. جنهن جي مڃتا شاهه عنات ڏي منسوب
آهي. هن بزرگ ڄڻ شاعرانه سنگت جو بنياد وڌو. شاهه
عنات جي چيل بيتن تي لطيف ڀران بيت چيا ۽ پاڻ به
ان ريت ڀران بيت چيا. ڪن حڪايتن موجب شاهه عنات
مارويءَ کي سسئيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ڏيندو هو.
شاهه لطيف هڪ گڏجاڻيءَ ۾ شاهه عنات کي سسئيءَ بابت
بيت چوڻ لاءِ قائل ڪيو، پوءِ پاڻ به سسئيءَ بابت
بيت چيائين. ٻنهي اعليٰ پد تي پهتل شاعرن سومرن،
سمن جي دؤر جي اهم نالي وارن عورت ڪردارن کي
پنهنجي ڪلام ۾ مثالي ڪري پيش ڪيو. شاهه عنات ۽
شاهه لطيف جي هڪ ٻئي سان ڪچهرين ۽ ملاقاتن مان
معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف جيڪو ان وقت نوجوان هو
۽ شاهه عنات وڏي عمر تي پهتو هو. ڀٽائيءَ شاهه
عنات کان گهڻو سکيو ۽ همعصر هجڻ جي اثرن هيٺ خيالن
۽ تصورن جي هڪجهڙائي رسالي ۾ موجود آهي. جماليات
جي بنيادي خاڪي کي شاهه عنات جوڙيو ۽ شاهه لطيف ان
خاڪي ۾ لاجواب اڻ ڳڻيا رنگ ڀَريا. سندس رسالو
جماليات جي فلسفي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت آهي. سنڌي
اساسي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سنڌي لوڪ داستانن ۽ قصن
جي ڪردارن جي وسيلي تصوف، انساني نفسيات، سماجيات،
مذهب جي ضرورت، تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جو ڄڻ اڀياس
ڪيو. هڪ نئين سماج جي جوڙجڪ جي تصور کي پيش ڪيو.
جيئن ماروي، مومل، سسئي، ليلا، نوري، سهڻي، سورٺ ۽
موکي، پر هنن ڪردارن کان پهرئين ٻاگهيءَ جو ڪردار
به اهميت رکي ٿو. هيءُ تاريخي ڪردار جنهن کي
سُگهڙن، ڀَٽَنَ تي ڳائي وڄائي مشهور ڪري نروار
ڪيو. سنڌ جي ارتقائي شاعريءَ جي ابتدائي دؤر ۽ وچ
واري دور ۾ به ٻاگهيءَ جي ڪردار کي اهميت نه ڏني
وئي آهي يا نظرانداز ڪيو ويو. سنڌي شاعريءَ جي ٻن
اهم سڄاڻ شاعرن کان ٻاگهيءَ جو ڪردار رهجي ويو
آهي. جڏهن ته ٻين قصن ۽ داستانن جي سمورن ڪردارن
کي سُگهڙن ڀٽن تي ڳائي وڄائي مشهور ڪيو ۽ اهي سنڌي
شاعريءَ ۾ امر ٿي ويا.
تعارف:
شاهه عنايت جو ڪلام توحيد، تصوف، اخلاق، نيم
تاريخي داستانن، ثقافتي اهڃاڻن سان ڀريل آهي. هن ۾
ٻاويهه سُر آهن: ڪلياڻ، جمن کنڀات، سري راڳ،
رامڪلي، مارئي، پرڀات، ڌناسري، جيتسري، (هيءُ سُر
ڀٽ ڌڻي جي رسالي ۾ نه آهي). پورب ليلا، آسا،
ڪاپائتي، ڏهر، مومل راڻو ديسي، سورٺ، سارنگ توڏي
ڪاموڏ ۽ ڪارائيڙو.
سُر ڪلياڻ ۾ شاهه عنات عقيدي کي ۽ هڪ ٻانهي جو
ڌڻيءَ سان رابطي لاءِ عام فهم سولي ٻوليءَ ڪتب
آندي آهي. بنيادي عقيدي ۽ عاجزيءَ کي بيان ڪندي
الله تعاليٰ جي محبت ۽ رحمت جو اقرار ۽ ان تي يقين
رکڻ، ٻانهي جو پنهنجي خلقيندڙ جي آڏو ڪوتاهين جو
اظهار پڻ آهي. هڪ موحد صوفي جو اقرار آهي، ٻيو
نبي
صلي الله عليـﮧ وآلـﮧٖ
وسلم
سان محبت جي عظمت جو اظهار به ملي ٿو:
اوڳڻ انت نه ڪوئي، تونهين ڄاڻين سپرين!
آسري آهم پوءِ جئن اوگڻ مٽائي گڻ ڪرين.
(بيت 4، سُر ڪلياڻ)
سندس ڪلام ۾ گڻ يا اوڳڻ، صباحت ۽ قباحت وارو سوال
به نمايان آهي ۽ اوڳڻ کي بدلائي گُڻ ڪرڻ به
سپرينءَ جي وس آهي، پر باقي پڙهندڙ ئي پنهنجي
جمالي ذوق موجب ان جي معنيٰ ۽ مقصد جا موتي چونڊي
اهو هن تي منحصر آهي. سندس ڪلام ۾ لغت جي وسعت نظر
اچي ٿي. سندس ڪلام ۾ احساس جي لاٽ آهي. سُر پرڀات
جو هيءُ بيت:
اجهو نه ڪي آڳ منهنجو جهوپو سهي نه سيء،
اگهيائين ’عنات‘ چئي، عرض منهنجو ايءُ،
ڍوليا ڍڪڻ ٿيءُ ته لوئي جي لڄ رهي.
(بيت 12، سُر پرڀات)
ان انهيءَ ڏيهه ۾ ڏيج جني جو ڏاس،
پٽولي نه پاڙيان لوئيءَ جي لباس،
اَلا پڄي آس اڪنڊين ’عنات‘ چئي.
(بيت 3، سُر مارئي)
جوڳين يارانو آهي نه آدم ذات سين،
سٺم سڀ جهان ۾ تني جو طعنو،
جن ري هينئڙو حيرانو سي اچي وري ’عنات‘ چوي.
(بيت 4، سُر پورب)
شاهه عنات
(Physiological)
جسماني، خاصيتون جيڪي سونهن کي نروار ڪن ٿيون،
پنهنجي ڪلام ۾ سينگار شاعريءَ جي اثر هيٺ ان جو
بنياد وڌو.
شاهه عنات جي ڪلام ۾ معروضي سونهن ۽ جمالي خاصيتن
جا مثال:
گلبدن جون گجريون ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل سين، واسنگ ويڙهيائون،
مشڪ محبت پاڻ ۾ لڱين لايائون،
ڪوڏان پوتائون ڪچئان سيلا سنڌيائون،
اهڙي پر ’عنات‘ چوي راڻو ريبيائون،
سو مٽي ڪينءَ پاهون، جو وڃي ڪاڪ قرارئو.
(بيت 1، فصل پهريون، سُر مومل راڻو)
راڻو ريجهايو جيڏين سڻ پٺن سندا پار،
ڪن سينگار سيد چئي وجهن هزاري هار،
وار وسر اڳرا مٿي ڪيس ڪپار،
هئا سائو سوار پر مومل ماڻي مينڌري.
(بيت 3، سُر مومل راڻو)
سنڌي شاعريءَ جي موضوعن ۽ مقصدن جي ارتقا ۾ شاهه
عنات جو ڪلام اهميت رکي ٿو. تصوف جي سمجهاڻي، ان
جو فڪر مجاز، سڪ، عاشق، عشق جوڳين، سامين جو شاهه
عنات کان پهرئين قاضي قادن لطف الله قادري جي ڪلام
۾ اُتم موجود آهي، ۽ شاهه عنات به ساڳين عنوانن کي
ڪلام ۾ آندو.
شاهه عنات پنهنجي ڪلام ۾ فطري نظارن، سنڌ جي ماڙين
ڪوٽن، محلن جي سونهن اڪن سان ڍڪيل ميدانن، جبلن،
برپٽن، پکين، جاندارن سنڌ جي سماجي ۽ تاريخي
واقعات کي شعر ۾ آندو:
لڏن ليمي لام وٽيو پينگهون پٽ جون،
اتان ئي عنبير جا اڌمئا عذبان،
ڍنگر ڍٽ ڪنڌين تان، اٺا پاڻو اَڻ،
ڇٽ ڇڳيرن آئئي، ڪاهيائون ڪيڪان،
اچئو اجهورن ۾، ٿا ٻهڪن ٻور ٻهاڻ،
ڪوٽن تان ڪر کنيائون، ته ڪر نانگن جا نڌاڻ،
آئي گام گمان، لٿا لوڌيڙن کي.
(بيت 7، سُر مومل راڻو)
باغ باغيچا بنگلا، راڻيون جت رمن،
اوئش اڀرئو عنبرين، ڪر کنوڻيون ٿيون کون،
اتان ئي عنبير جا، ڇٽا ٿا ڇلن،
عاقل ڪي اچن، ڪاهي انهيءَ ڪاڪ تي.
(بيت 8، سُر مومل راڻو)
ٿري ماروئڙن جي سونهن:
ڳچن ڳانا پٽ جا لڏن لال لٽڪ،
اڏيا ان ’عنات‘ چئي، جهوپا منجهه جهٽڪ،
سدائين همير جي ڪٽنبن ڀر ڪٽڪ،
انهين ساڻ اٽڪ سچي آهم سومرا.
(بيت 14، سُر مارئي)
سر ڪاموڏ مان مثال:
جهڙي سونهن سندياس، تهڙو ڪنجهر ۾ ڪين ٻيو،
طول تنهين جي سين راڻيون اچڻ نه راس،
مور ڇل مٿاس اڀو تماچي هئي.
(بيت 3، سُر ڪاموڏ)
هڪ ٻيو مثال شاعر جيڪو سونهن ۽ قباحت جو ذڪر ڪندي
ٻنهي جا مثال ۽ قدر مقرر ڪري ٿو، سونهن ۽ بدصورتي
جي وصف ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ هي جمالياتي فلسفي جا
سوال آهن، جن کي عنات پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
ديا دائر دوءِ کاڄ جني جو ککيون،
اني منجهان اڀري مشڪ کٿوري بوءِ،
تن راڻين اهڙي روءِ آئڙيون گهڻو ’عنات‘ چئي.
(بيت 5، سُر ڪاموڏ)
جمالياتي خاصيتن ۾ فطرت ۽ مشاهدو هڪ ٻيو اهم جز
آهي، جيڪو شاعر جي مشاهدي ۽ احساسن کي جياري ٿو.
سونهن مندن جي بدلاءَ سان احساسن جو پيوند،
جمالياتي خاصيتن جي پرورش ڪري ٿو:
وليون ٿيون ويهين، اٺا مينهن ’عنات‘ چئي،
سائون سيارڇ مکڻي ساريان ساڻ هيئن،
بند بندياڻي لاهين، تون جان ڪيتان جئن،
موڪل مون ڏئين ڏسان ڏاڏاڻن ڏيهه.
(بيت 1، سُر مارئي)
اڀو آب ’عنايت‘ چئي، ڍريو مٿان ڍٽ،
پيرون چونڊيان پرين سان، پلوءَ منجهه پائي،
پسان ماڳ ملير جا جي ڀلو ڀلائي.
(بيت 4، سُر مارئي)
شاهه عنات جو خيال ۽ تصور، سُر سارنگ ۾ هي بيت 5
سٽن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ روم جيسلمير، عمرڪوٽ
ڇاڇرو ۽ ٻين ملڪن ۾ مينهن وسڻ جي مند کي موضوع طور
آندو آهي. هنن سٽن ۾ شاهه عنات سنڌ وطن ۾ مينهن
وسڻ جي خواهش جو اظهار ملي ٿو:
روم رجائي موٽئين، سنڌڙي کي ڪر لهن،
پڪو ڏٿ پنجاب جو جيسر مير جهمن،
آيون عمرڪوٽ تي، ونگي واڄا ڪن،
ڇڇ ڇور ڇاڇرو ڇلايو ڇمڪن،
ان پر مينهن وسن الاهي ’عنات‘ چئي.
(بيت 6، سُر سارنگ)
هڪ مدبر، سڄاڻ گڏجي شعر چوڻ جي گڏجاڻين جو بنياد
وجهڻ وارو شاعر ڪيئن پنهنجي ديس جي عوامي ڪردار
رکندڙ انهن ڀلين شخصيتن کي وساري سگهي ٿو. سُر
بلاول ۽ پرڀات ۾ شاهه عنات، سورهيه سردارن کي خوب
ڳايو آهي. سخي جکري، ڄام سپڙ، ڪرن کي اهميت ڏني
اٿس. مڱتن سورهيه ابڙي جي سورهيائيءَ کي اهميت ڏني
آهي. اهي خاصيتون سنڌي شعر جي جمالياتي انساني گڻن
کي تقويت ڏين ٿيون ۽ سندس ڪلام سماج کي منصفاڻي
فڪري بنياد ڏين ٿيون. سندس ڪلام سماج کي هڪ سکيي ۽
انصاف پسند سماج جو بنياد ڏيندي ۽ رياستي جوڙجڪ کي
بيان ڪري ٿو:
رنڍا جني رهڙيا، محبت پائي من،
تني سندي سٽ کي صراف ئي سڪن،
سي کڻي هٽ نه وڃن، ان جو گهر ويٺي اگهيو.
(بيت 4، سُر ڪاپائتي)
معروضي سونهن(Objective)
۽ عمل
(Phenomenological)
جا جز جماليات ۾ اهميت رکن ٿا. ساهه وارن ۾ ڪرت
کي پرکڻ(Phenomenological)
ٿيندڙ عمل کي پرکڻ ان درجي ۾ ڪهڙيون خاص وصفون ۽
گڻ آهن. ٻيو اهم
(Physiological)
جسماني سونهن جي جوڙجڪ احساس کي اڀارين ٿيون. جن
کي شاهه عنات جي ڪلام ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڪجهه ٻيا مثال هيٺ ڏجن ٿا، جن مان جاندارن يا
ڪردارن جي جمالياتي خاصيتن جو ذڪر ملي ٿو:
تتيءَ ڪوسي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
اٿ سسئي ٻڌ سندرو تنهنجو پنڌ پرانهون آه،
عشق آري ڄام جو چقمق جيين چهٽاء،
اکين مان ’عنات‘ چئي پاڻي پنبڻين واهه،
ڪانهي ان اونداهه، جن ڏٺو پير پنهونءَ جو.
(بيت 10، سُر ديسي)
پنهون علامت آهي رهبريءَ جي، اڳواڻي جي. شاهه عنات
هتي پنهونءَ جي پير کي منزل جو نشان طور بيان ڪري
ٿو. هن ۾ سسئي ته آهي پر هن جي منزل جو نشان لڀي
ته ڪاميابي آهي ۽ انهن لاءِ اونداهي نه پر روشن
منزل ۽ روشن راهون آهن. شاهه عنات پنهونءَ جي پير
کي تمثيل ڪري بيان ڪيو آهي. شاهه عنات سُر توڏيءَ
۾ سهڻيءَ لاءِ هينئن بيان ڪري ٿو:
دل درماندي دوس ري، تن جي تاڻو تاڻ،
لڌيس نيهن نڌاڻ، نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي!
(بيت 6، سُر توڏي)
ڪنهن ڀيڻي شاهه عنات ڪنڊيءَ جي وڻ کي ڏسي کيس
مخاطب ٿيو (شاهه لطيف جي ڪنڊي سان گفتگو رسالي جي
سُر ڏهر ۾ موجود آهي).
ڪنڊا تو ڪيهي ڪئي، پر ڀونء منجهه پرت،
ري ساڻهه سيد چوي تون ڪئن گهارئين هت،
نگاهه ڪج نرت متان وڍي ڏينئي واڙ ۾.
(بيت 1، سُر ڏهر)
ٻيو مثال:
ڀلي ڪي ڀونرن جي واس وٺڻ آيا،
تني کي ڪؤنرن ڏنا هنڌ هنين ۾.
(فصل ٽيون، سُر ڏهر)
هيءُ سر جيتسري رسالي ۾ جيتسري جي عنوان سان
پهريون ڀيرو شامل ٿيل آهي، سڄڻ جي سڪ ۽ ڪانگل جي
بابت آهي، سنڌي شاعري ۾ ڪانگل جو هڪ ڪردار آهي.
جيڪو مهمان ۽ سڄڻ جي اچڻ جا سنيها پهچائي ٿو. ٻارن
جي هٿن مان مٺا لولا کسي کائي ٿو. پر گهر ڌياڻيون
خفي ڪونه ٿين. چون ته ڪانگل دعا ڪر ته هي اڱڻ ڀريو
تريو هجي. هن ڏنل سِٽن ۾ سپرينءَ جي، سڪ جو اظهار
ملي ٿو:
اتائين ٿي آيو ڳالهيون ڳاٽ ڀري،
مون سين مان ڪري سڄيون سپرين جون.
(بيت 4، سُر جيتسري)
سي ڪارائيڙو ۾ هنجن جو نهايت خوبصورتيءَ سان بيان
ٿيل آهي. هن سُر ۾ هنجن جي اوٽ ۾ انسان جي ڪردار
کي ڪئن خرابيءَ کان بچڻ گهرجي ۽ سچ جو موتي ڪئن
چڳجي. تنهن جي هدايت ڏنل آهي، سُر جي وائي مان
مثال:
جو سر سرهو سوجهرو، هنجهه اُتي هون،
ذاتي ذڪر جبار جو چت چيتاريو چون.
(سُر ڪارائيڙو، وائي 2)
هن ۾ وڏي معنيٰ ۽ مقصد سمايل آهي، هڪ بيت جي سِٽ ۾
جنهن ۾:
”لالائي سي لهن جنين سودو سچ سين.“
وائيءَ جي هڪ سِٽ:
چلهي چلڙ چڪ ۾ پنهنجا پک نه ڌوئن، هنجهه هتييء
هون.
ائين کڻي چئجي ته شاعريءَ ۾ جمالياتي خاصيتن جو
بنيادي ڪم ۽ عمل
(Phenomenological)
ائين سراپ يا معروضي جسماني
(Physiological)
سونهن کي بيان ڪرڻ آهي ان جي ذريعي اثر ڇڏيندڙ
سونهن سوز ۽ احساسن کي تخليق ڪري ٿو.
سنڌي اساسي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي هن عنوان اهم شاعر
جي ڪلام جو تاڃي پيٽو ان ٻنهي جمالياتي خاصيتن تي
آڌاريل آهي. ٻئي نمبر تي جسماني يا سونهن کي گهڻو
بيان نه ڪيو ويو آهي، پر ضرورت موجب بيان ڪيو آهي.
هر پل ٿيندڙ عمل
(Phenomenological)
جي ذريعي ماضيءَ جي قصن ۽ داستان مان عمل، عملياتي
قدر ۽ اصولن کي بيان ڪيو آهي. پکين، ڀؤنرن،
ڪاپاتين، دلير مڙسن ۽ عورتن سهڻن سُرن ۾ زندگي ۽
پل پل ۾ ٿيندڙ عمل ۽ تبديلي جو بيان آهي، انساني
فطرت سان جڙيل ڳُن ۽ اوڳڻن سان قباحت واري،
بدصورتي جي خصلتن کي شعر وسيلي ڄڻ ته جمالياتي
خاصيتن جو پهراڻ پارايو آهي. مثال چلڙ چڪ ۾ هنج جو
ترسڻ يا ڪتڻ واري زائفان کي تنبيهه ڪندي چوي ٿو:
چرخو ائين چور جئن ڀونء نه ڀڻڪو سڻي،
آڌي جو ’عنات‘ چوي اٿي آتڻ اور،
تهان پوءِ تور ته تنهنجو سٽ برابر سون ٿئي.
(بيت 12، سُر ڪاپائتي)
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ شاهه عنات رضوي ڪيترن ئي
نون عنوانن جو تخليق ڪندڙ آهي. سنڌي شاعريءَ جي
ارتقا ۾ هڪ وڏو نالو آهي ۽ جمالياتي خاصيتن جو هڪ
خاڪو سندس ڪلام ۾ موجود آهي، جيڪو سماجي، تاريخي،
نفسياتي، ثقافتي ڪارج کر نروار ڪري ٿو. انساني
حيات کي متحرڪ ڪندي مثبت خيالن جي پٺڀرائي ۽ منفي
روين کان پاسو ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو. لال سنگهه جي
چواڻي ”تنهنجي سڌ جيتري شاعر کي آهي تيتري ٻئي
ڪنهن کي ڪين هوندي عالم ۽ فاصل ماڻهو گيان سان
ڀرپور آهن، پر شاعر کي ئي اندرين درشٽي جو ورثو
عطا ٿيل آهي. شاعر جو ڪم نه آهي پر ٻوڌ ڏيڻ، يا
شين جو جيون بابت گيان پلٽڻ. هن جو ڪم آهي: سونهن
پسڻ ۽ ان سونهن جو مزو ٻين کي چکائڻ. انهيءَ سونهن
جو ڪٿو انساني وٽن دنيوي ڪسوٽين سان ٿيڻ مشڪل
آهي.“ منهنجي خيال ۾ هر شاعر کي پرک پنهنجي پنهنجي
آهي. انساني وٽن، پيمانن سان ته نه پر علمي طرح
فلسفو ئي سونهن جي معيارن انساني عمل ۽ هن منڊل جي
بي انت وسيع سونهن جي وهڪ
(Flow)
کي ظاهر ڪري ٿو ۽ شاهه عنات جي پرک به پنهنجي آهي.
مددي ڪتاب:
1.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي تاريخ، جلد
پهريون، سال 2006ع
2.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه
عبداللطيفؓ، ماهوار نئين زندگي، فيبروري 1952ع،
حيدرآباد.
3.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ميئين شاهه عنات جو ڪلام،
سنڌي ادبي بورد، 2010ع.
4.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو رسالو، ثقافت
کاتو حڪومتِ سنڌ.
عبدالقادر قادري کٽي
ميرپوربٺورو
علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي
سنڌ جي تاريخ ڪئين انمول انسانن کي پنهنجي ڪُک مان
جنم پي ڏنو آهي، سنڌ جي تاريخ جا ورق اُن تي شاهد
آهن. سنڌ جي اهڙن تاريخي شهرن مان ميرپوربٺورو به
هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن جي مٽي تاريخ ساز شخصيتن
جي جنم ڀومي رهي آهي. اهلِ قلم، اهلِ علم،
دانشورن، شاعرن، نثر نويسن، محققن ۽ مؤرخن جو مرڪز
رهيو آهي. ميرپوربٺوري جي تاريخ جو اڱڻ ڪڏهن به
عالمن، اديبن ۽ محققن جي وجود کان وانجهيل نه رهيو
آهي. ميرپوربٺورو شهر علم ۽ ادب جي سرهاڻ کان ڪڏهن
به خالي نه رهيو آهي. ميرپوربٺورو وڏن عالمن ۽
اديبن جي سرزمين رهي آهي. جن پنهنجي علم جي جوت
سان ڏيهان ڏيهه شهرت ماڻي، انهن عالمن، فاضلن،
فقيهن، محدثين، فيلسوفن، تاريخدانن، تاريخ نويسن،
درويشن ۽ جوڌن مان علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي به
هڪ ٿي گذريو آهي.
سندس ولادت:
علامه مخدوم محمد معين جي ولادت جو سن ۽ جنم ڀومي
ڪهڙي ۽ ڪٿي آهي، ان تي محقق فقط اندازو لڳائي
سگهيا آهن. هتي انهن محققن جو ٿورو تفصيل ڏجي ٿو:
ڪتاب ”قرت العين في البکاء علي الحسين“ جو ليکڪ
دانش نبي بخش شر صاحب ۽ ”مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽
سندس فلسفو“ جو ليکڪ ڊاڪٽر مولانا انس راڄپر جي
پي.ايڇ.ڊي ٿيسز آهي، ان ۾ سندس ولادت جو سن
1093هجري لکيل آهي جنهن جو هيءُ ٻئي محقق حوالو
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي مخدوم محمد معين جي ولادت
جو سن اعجاز الحق قدوسي جي هڪ قلمي بياض مان سندس
ولادت جي سال جو مندرجه ذيل مان لڌو، مخدوم عالم
محمد معين 1093هجري، جنهن مان سندس جنم جو سن نڪري
ٿو، ان مطابق چئي سگهجي ٿو ته علامه مخدوم محمد
معين جي ولادت 1093هجري ۾ ٿي هئي. اعجاز الحق
قدوسيءَ جو اهو قلمي نسخو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄام شورو ۾ موجود آهي.
هندستان ۾ علامه محمد معين جي هڪ ڇپيل ڪتاب ”مواهب
سيدالبشر في حديث ائمه الثانيٰ عشر“ ان ڪتاب ۾ به
ان جو جنم جو سن 1093 هجري لکيل هو. اهو به پنهنجي
جاءِ تي هڪ مضبوط دليل آهي، انڪري جو علامه محمد
معين جي هندستان طرف شاهه ولي الله سان خط و ڪتابت
جو هڪ مضبوط سلسلو قائم هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان
ذريعي موصوف جا ڪيترائي علمي آثار هندستان جي علمي
مرڪزن ۾ موجود هجن. انهن مان ئي هڪ مٿيون ڄاڻايل
ڪتاب به آهي، جنهن کي اُتان ”خسرو قاسم“ نالي هڪ
محقق پروفيسر ايڊٽ ڪري ڇپرايو آهي. (دانش نبي بخش)
جنم جو هنڌ:
مخدوم محمد معين تي سڀئي محقق ۽ پي.ايڇ.ڊي ڪندڙ
مولانا انس راڄپر به ان جي ڳوٺ متعلق خاطرخواه ڄاڻ
ناهن ڏيئي سگهيا. مختلف محققن چار نالا ڏنا آهن:
ڊائي، دالي، والي ۽ ڏائي. جڏهن ته سندس هنڌ ڳوٺ
دالي دل آهي، مخدوم محمد معين به ذات جو دل هو،
انڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سندس جنم جو ڳوٺ
دالي دل آهي. جيڪو ميرپوربٺورو، کور واهه روڊ کان
اُتر طرف 9 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڳوٺ دالي دل هن
وقت به موجود آهي. ڳوٺ دالي دل کان ڏکڻ طرف فرلانگ
جي پنڌ اڄ به مخدوم محمد معين جو پڍ موجود آهي،
جنهن کي اتي جا رهواسي اڄ به ان کي مخدوم جو پڍ
سڏين ٿا. مخدوم محمد معين جو والد محمد امين هي
بزرگ پنهنجي دؤر جو هڪ معتبر ماڻهو ٿي گذريو آهي.
عالم ۽ فاضل شخص هو. تقويٰ جي لحاظ کان ڪابه ڪمي
نه هئس، مير علي شير ’قانع‘ سندس متعلق لکي ٿو:
فضيلت جي لحاظ کان پنهنجي وقت جو مشهور ماڻهو هو،
مالي اعتبار کان به ڀلي حيثيت جو مالڪ هو. پهريان
پاڻ ڳوٺ دالي ۾ رهائش پذير هو، پر بعد ۾ ٺٽي شهر
جي علمي هاڪ ۽ بزرگن جو نالو ٻڌي لڏي اچي ٺٽي ۾
مقيم ٿيو. مير علي شير ’قانع‘ پنهنجي ڪتاب ”معيارِ
سالڪان طريقت“ مخدوم محمد معين ٺٽوي بابت لکي ٿو
ته محمد امين جو فرزند هو، مخدوم عنايت الله
دانشمند معروف جو شاگرد هو، مختلف علوم ۾ بحر هو.
ٺٽي ۾ سندس مثال ڪونه هو. ان کان سواءِ کيس علم
دنيا ۽ علم معرفت ۽ باطني ۾ کيس ڪماليت حاصل هئي.
نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جو پڪو
مريد هو. انهيءَ کان ئي باطني فيض ڪيو هئائين. آخر
۾ قدوت العارفين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي خدمت ۾
پهچي سندس ارادت ۾ داخل ٿيو. شاهه صاحب موصوف ٺٽي
۾ ساڻس مجلس ڪندو هو. اها ان کي ڏاڍي پسند هوندي
هئي. گهڻو ڪري ٺٽي شهر ۾ انهيءَ جي ملاقات لاءِ
ويندو هو. آخري ڏينهنِ ۾ مخدوم معين ۽ شاهه موصوف
ويهي راڳ جي مجلس قائم ڪندا هئا. مخدوم معين جڏهن
راڳ ٻڌندو هو ته منجهس وجد واري ڪيفيت قائم ٿي
ويندي هئي.
علامه مخدوم معين ٺٽويءَ جو ذڪر مولانا عبيدالله
سنڌي پنهنجي ڪتاب ”شاهه ولي الله ڪي سياسي تحريڪ“
۾ ڪيو آهي. مخدوم معين مخدوم محمد هاشم جو همعصر
هو، مخدوم محمد هاشم وٽس ڪجهه سبق پڙهيا هئا. پر
پوءِ به مخدوم محمد هاشم پنهنجي استاد سان ڪافي
مسئلن تي اختلاف به ڪندو هو ۽ ان جي ڪتابن جي جواب
۾ ان جا رد به لکيا هئا. انڪري ديني مسئلن ۾
اختلاف هوندي به سندس وڏو احترام ڪندو هو. مخدوم
معين مخدوم عنايت الله کان تعليم پرائي، منقول ۽
وقت جو عالم ٿي گذريو، وري ميان ابوالقاسم نقشبندي
سان ارادت جو رستو استوار ڪيائين ۽ کانئس تصوف ۾
بيعت ورتائين. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان گَهري
دوستي ٿي ويس، انهيءَ ڪري جڏهن به راڳ ٻڌندو هو ته
مٿس ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ پاڻ ڏاڍا شعر چوندو
هو. سنڌي شعر ۾ سندس تخلص ”بيراڳي“ ۽ فارسي ۾ تخلص
”تسليم“ هو. مخدوم معين شروع ڄمار ۾ رهي تحصيل
ڪئي. گهڻن محققن جو موقوف آهي ته مخدوم معين شاهه
ولي الله جو شاگرد آهي، پر اها ڳالهه غلط آهي، ڇو
ته مخدوم معين شاهه ولي الله کان عمر ۾ ويهه سال
وڏو هو. جڏهن مخدوم معين فارغ التحصيل ٿيو تڏهن
شاهه ولي الله ڄائو هو. جڏهن شاهه ولي الله حج تي
ويو ٿي تڏهن پاڻ ٺٽي آيو هو. تڏهن ان کان حديث جي
علم ۾ روبرو سَنَدَ ورتائين. ان بعد شاهه ولي الله
سان سندس خط وَ ڪتابت هوندي هئي. شاهه ولي الله جي
ڪتب ”تفهيمات الاهيه“ ۾ مخدوم معين ڏانهن شاهه ولي
الله جا خط به لکيل آهن. جن ۾ ان کي وڏن لقبن سان
ياد ڪيو ويو آهي. ٺٽي ۾ سيد علي رضا جيلانيءَ کان
شيخ محي الدين ابن عربي مشهور ڪتاب ”فصوص الحڪم“
سبق ڪري پڙهيائين. مخدوم معين ٺٽي ۾ درس و تدريس ۽
تصنيف ۽ تاليف جو شغل جاري رکندو آيو. سندس هڪ وڏو
مدرسو به هو، جنهن ۾ وٽانئس تمام گهڻا ماڻهو علم
پرائي فيض ۽ فتويٰ جا صاحب ٿيا. پر افسوس آهي
هينئر ڪٿي به ان مدرسي جو ڪو نالو نشان ئي نٿو
ملي. مخدوم معين تمام وڏا عالم هئا ۽ تقريباً 125
کان مٿي ڪتابن جا خالق هئا، جن جا نالا مولانا انس
راڄپر پنهنجي ٿيسز ۾ ڏنا آهن:
حافظ محمد اسماعيل مرحوم جي ذاتي لائبريريءَ جي
فهرست:
مخدوم محمد معين جي رسائل جي هيءَ ٻي فهرست آهي،
جيڪا حافظ محمد اسماعيل مرحوم ذاتي ڪتبخاني ۾
موجود قلمي بياض جي آخر ۾ ڏنل آهي. هيءَ فهرست ذڪر
ڪيل بياض ۾ مخدوم معين جي چند رسالن کان پوءِ ڏنل
آهي. جيڪا پڻ مخدوم موصوف جي ڪنهن قريبي شاگرد جي
تحرير ٿيل معلوم ٿئي ٿي. جيئن اهو لکندڙ جي لفظن
مان معلوم ٿئي ٿو. جن ۾ مخدوم موصوف کي ”مولانا و
استاذنا و قبلتنا“ جي لفظن سان سڏي ٿو. هيءَ فهرست
جن ڪتابن ۽ رسائل تي مشتمل آهي، سي اڪثر ناياب
آهن. تنهنڪري انهن جو الڳ ذڪر ڪرڻ بجاءِ، ناياب
ڪتابن جي فهرست ۾ انهن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪا فهرست
ذڪر ڪيل ٻنهي فهرستن جي روشنيءَ ۾ ٺاهيل آهي.
ناياب تصنيفات:
1.
الحجـة الباهرة في لزوم المعادين علي الاشاعرة
2.
نزهـﺔ الفهوم في تعريف اعجبـﺔ العلوم
3.
بهجـﺔ الانظار في برائت الابرار
4.
الخواطب من منع العواطف
5.
شرح المثنوي المعنوي
6.
مدد الغيوب في حل نڪات کشف المحجوب
7.
لمان الاشراقات في حل بعض مواضع النفحات
8.
المدار القيمه علي الحاشيه القديمه
9.
بياض الحديث
10.
الزبدة التدقيقات في تحقيق باقيـﺔ الصفات مع
اجويـﺔ الاعتراضات للسيد السند السيد صفـﺔ الخير
آبادي
11.مرقات
الافهام في مسئله الڪلام
12.
خرق العادة في بعض ما يتعلق بسمئله الاعادة
13.
نزل الازکياءِ في شرح بيت واحد من ديوان سيد
الاولياء
14.
رسالـﺔ في بعض مصطلحات الزيج
15.
الدقيقـﺔ الفاخرة في ڪشف نزاهـﺔ العارفين عن حب
الآخرة
16.
ترصيص الاساس في اثبات تکوين مع الانفاس
17.
وصل الاصل في ابطال الفصل
18.
شفاء العليل في حديث امامه جبرئيل
19.
نورالعين في تحليل قول صاحب حکمـﺔ العين في خطبـﺔ
فاطر ذوات العقول
20.
دفع ازدراء الصدراء عن عبارت الزوراء
21.
اداء الذمـﺔ فيمابدي من عصمـﺔ الائمـﺔ
22.
سجق الصلايـﺔ لسمئلـﺔ ختم الولايـﺔ
23.
تحفـﺔ التحرير فيمن نزلت في آيت التطهير
24.
ابراء العين العميا في عدم تبکت البتول الزهراء
25.
القصيدة المسمات بنعيم الاذواق
26.
القصيدة المسمات بانين الکريمـﺔ في احزان الغريـﺔ
27.
تنبيه القاصر في منع تاجر خلق السماء عن العناصر
28.
غايـﺔ التحرير ري تعقب عبارة فتح القدير
29.
هدايـﺔ اولي الالباب في دلالـﺔ المطلق علي
الاستيعاب
30.
رباعيات و غزليات علي مذاق اهل الذوق
31.
رباعيات و قصائد في مرثيـﺔ سيد الشهداء
32.
تنوير الهادي في رفع الايادي في جواب ڪشف الرين عن
مسئلـﺔ رفع اليدين
33.
اللمعـﺔ في شروط الجمعـﺔ
34.
البيان المحمود في ان الحقائق من النفس في الهبوط
والصعود
35.
صحو المعلوم عن الموهوم في ..... بين العال
والمحمود والمذموم
36.
تحفـﺔ الظريف في جمع الحديث الصحيح بالضعيف
37.
القول الجلي في بطلان النڪاح بغير اذن الولوي
38.
منهج السداد في قسمـﺔ معاش الاولاد
39.
رفع الالتباس في امر الخاتم والقرطاس
40.
القصيدة الخرسيـﺔ في تحرير جمال خير البريـﺔ
41.
خرق العادة الدرسيـﺔ في بيان اسرار نقصيدة الخرسيد
42.
شرح ابيات ثلاث من القصديـﺔ التائيـﺔ من ديوان ابن
الفارض
43.
حاشيه شرح عمدة الاحڪام لابن دقيق العيد
44.
جلاء العين العمياء في حل عبارات شرح الزوراء
45.
حصول المرام في التوسل بخير الانام صلي الله عليه
وسلم
46.
رفع الغين في المنع علي ان المهدي ليس من ولد حسين
47.
رسالـﺔ في جواب عما اورد الشيخ محمد حيات علي
مواضع مواهب سيد البشر
48.
عقد الانامل في الايمان علي علم الڪامل
49.
رسالـﺔ في الجواب عما کتب الشيخ محمد حيات علي
الرساله المسمات بنير الضحيٰ
50.
العليقات بحل العقود عن نقود بادهـﺔ الورود
51.
التعليقات علي رسالـﺔ صدع القدم
52.
تعليقات علي رسالـﺔ التوجه الاتم للشيخ صدرالدين
القوني
53.
القوي الذريعـﺔ في الفرق بين الرافضي والشيعـﺔ
54.
الحجـﺔ الجليـﺔ في نقض الحڪم بالافضليـﺔ
55.
الجود الثمين
56.
رساله في تحقيق اهل البيت
57.
رساله في بحث اثبات التناسح
58.
رسالـﺔ بالاجويـﺔ الفاضلـﺔ لامسئلـﺔ العشره
الکاملـﺔ
59.
اثبات رفع اليدين في الصلواة (عربي)
60.
اثبات رفع اليدين الصلواة (فارسي)
61.
الابداح في محاڪمـﺔ بين النووي وابن الصلاح
62.
مجمع النڪات
63.
منتخب النڪات في الاربعينات
محترم انجنيئر اوڀايو خشڪ صاحب پنهنجي ڪتاب
”چيتاري چيام“ ۾ مخدوم معين جي مضمون ۾ لکي ٿو ته
مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي ڪتابن جي ڳولا ۾ سنڌ
جون مختلف لائبريريون گهمي ڏٺيون، پر فقط هڪ
لائبريري ڪنڊياري جي ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس
السندي سومرو صاحب واري مان ويهه ڪتاب مليا، جيڪي
مون فوٽو ڪاپي ڪرايا، انهن ڪتابن جا نالا ۽ احوال
هن ريت آهي.
مخدوم صاحب جا ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿيل هوندا، پر
هِتي فقط انهن 20 ڪتابن جي فهرست ڏجي ٿي، جيڪي
اسين ڏسي سگهيا آهيون:
1.
بادهت الورود في اثبات وحدت الوجود: وحت الوجود جي
فلسفي تي عربيءَ ۾ لکيل هي ڪتاب 10 صفحن تي مشمل
آهي، ڪتاب جي ڪاتب جو نالو ۽ سن لکيل نه آهي.
2.
بواد رالجود في تحرير وحدت الوجود: وحدت الوجود تي
عربي ۾ لکيل هيءُ ڪتاب 25 صفحن تي مشتمل آهي، هيءُ
ڪتاب مخدوم معين جي ڪنهن ڇپيل مجموعي يا رسالي مان
کنيل آهي.
3.
مرات الشهود بوحدت الوجود الموجود: وحدت الوجود جي
فلسفي تي عربي ۾ لکيل هيءُ ڪتاب 3 صفحن تي مشتمل
آهي ۽ هن ڪتاب تي ڪاتب جو نالو ۽ سن لکيل نه آهي.
4.
بادهت الورود في وحدت الوجود: صوفياڻي مسلڪ تي
عربي ۾ لکيل ڪتاب 5 صفحن تي مشتمل آهي.
5.
صدع القدم في تحقي الوجود با العدم: عدم ۽ وجود تي
عربي ۾ لکيل هيءُ ڪتاب 9 صفحن تي مشتمل آهي.
6.
طريقت العون في حقيقت الڪون: 21 صفحن تي مشتمل
عربي ۾ لکيل هن ڪتاب تي ڪاتب جو نالو۽ سن ڪتابت
لکيل نه آهي.
7.
الاعتدالات الاربعت: منطق ۽ فلسفي تي عربي زبان ۾
لکيل هيءُ ڪتاب 4 صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ مڪمل
ڪتاب آهي، محسوس ائين ٿئي ٿو ته ڪنهن رسالي ۾ هيءُ
مضمون شايع ٿيل آهي پوءِ تحقيق ڪندڙن ان کي الڳ
ڪتابي صورت ڏني آهي.
8.
رسالت الڪلمي الطبعي: عربي زبان ۾ منطق تي لکيل
هيءُ ڪتاب 7 صفحن تي مشتمل آهي.
9.
الحق الصريح فيما بلحق بشعور الميت في الفريح:
عربي زبان ۾ لکيل هي ڪتاب 32 صفحن تي مشتمل آهي،
هن ڪتاب تي ڪاتب جو نالو ۽ سن ڪتابت لکيل نه آهي.
10.
رفيع العين في تنزل العليءِ م اليٰ لعين: وحدت
الوجود تي 26 صفحن تي مشتمل ٿي ڪتاب عربي ۾ لکيل
آهي.
11.
رفع الاشڪال و الرحمت مال الڪل الوالي الرحمت:
عربي ۾ لکيل هي ڪتاب مخدوم معين جو ڪنهن ڪتاب ۾
ڇپيل مضمون لڳي ٿو، جيڪو ڪنهن رسالي مان ڪڍي ان کي
الڳ ڪتاب جي صورت ڏني وئي آهي. 7 صفحن تي مشتمل
آهي، ڪتاب تي ڪاتب جو نالو ۽ سن ڪتابت لکيل نه
آهي.
12.
غايت الايضاح في الحڪمت بين التوري وابن صلاح:
اصول حديث جي موضوع تي لکيل عربيءَ زبان ۾ هي ڪتاب
12 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ڪاتب ابن صلاح
آهي ۽ ڪتاب تي سن لکيل نه آهي.
13.
الجوهر الثمين في اثبات قدم التڪوين: عربي زبان ۾
لکيل هيءُ ڪتاب 59 صفحن تي مشتمل آهي.
14.
مطارجات التحقيق في برهان التطبيق: ڪتاب جو نالو:
نامعلوم، سن ڪتابت: نامعلوم، ڪل صفحا: 54، زبان:
عربي.
15.
الاداب الباقيت عليءَ الشريفت في علم المناظرت:
ڪاتب جو نالو نامعلوم، سن ڪتابت: نامعلوم، ڪل
صفحا: 135، زبان: عربي.
16.
غايت ما ظهر الاضعف الانام: عربي زبان ۾ لکيل هي
ڪتاب 23 صفحن تي مشتمل آهي ۽ مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جي فتويٰ جي رد ۾ لکيل آهي.
17.
منتجيب من جمع النڪات: ڪاتب جو نالو: نامعلوم، سن
ڪتابت: نامعلوم، ڪل صفحا: 18 آهن.
18.
ثبت الشيخ محمد معين: فارسي زبان ۾ لکيل هي ڪتاب
19 صفحن تي مشتمل آهي.
19.
رسالو اويسيه: فارسي زبان ۾ لکيل هي ڪتاب 20 صفحن
تي مشتمل آهي، هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي پاران
هڪ خط وسيلي پڇيل سوالن جي موٽ ۾ ڏنل عالمانه جواب
آهي. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ نياز همايونيءَ ترجمو
ڪيو آهي، جيڪو ڇپيل پڻ آهي.
20.
بياض مخدوم محمد معين: مخدوم صاحب جو هيءُ ڪتاب
700 کان مٿي صفحن تي مشتمل آهي، هن جو اصل مسودو
سنڌ پراونشنل لائبريري ڪراچيءَ ۾ رکيل آهي.
مخدوم معين ۽ سندس سڀني تصنيفن تي وڌيڪ تحقيق جي
ضرورت آهي، دلچسپي رکندڙن لاءِ مٿين ڪتابن جون
فوٽو ڪاپيون ”مخدوم معين لائبريري مڪليءَ“ ۾ رکيون
ويون آهن.
مولانا محمد ادريس السندي سومرو ٻڌايو ته کيس
مخدوم صاحب جي 100 ڪتابن جا نالا ياد آهن. تذڪره
مشاهير سنڌ جو ليکڪ به مخدوم معين جي 19 ڪتابن جا
نالا لکي ٿو، جن جا نالا هن ريت آهن.
مخدوم صاحب ڪيئي ڪتابن جو خالق آهي، سندن ڪتابن جا
نالا ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۾ هيٺين ريت ڏنل آهن:
1.
دراسات البيب
2.
حجت الجليله
3.
نورالعين
4.
انور المجد في نح الواجد
5.
مواهب سيد البشر
6.
المجود الثمين
7.
الخواطف التصوف
8.
مطلوحات لاتحقيق في برهان التطبيق
9.
رسالت الاعتدالات الاربع
10.
رفع العين
11.
رفع الاشڪال و الرحمت
12.
ايقان الوسان
13.
وحدت الوجود الموجود
14.
الابراح في الحاڪمت بين الزوي و ابن الصلاح
15.
الحق الصريح
16.
رسالت الکلمي الطبعي
17.
المدرار الدبيت عليءَ حاثيت القريمت
18.
شرح ديوان حافظ
19.
حاشيه شرح زورا
مخدوم محمد معين جا ڪتاب رسائل مخدوم معين ”وجود ۽
شهود“ تحقيق ۽ ترجمو: مولانا انس راڄپر ۽ ٻيو
”مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ سندس فلسفو“ هي ڊاڪٽر
مولانا انس راڄپر جي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄام
شوري طرفان شايع ٿيل آهن. مخدوم معين جي وفات
1161هجري ۾ سماع جي مجلس ۾ ٿي. چون ٿا ته شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي فقيرن کي چيو ته هلو يار
جو آخري ديدار ڪري اچون. پوءِ پاڻ ٺٽي پنهنجي دوست
وٽ آيا، ڪچهريءَ کان سماع جي مجلس منعقد ڪيائون.
مخدوم موصوف به ان صحبت ۾ شامل ٿيو، محفل جي اوج ۾
ذوق ۽ جذب جي حالت ۾ اُٿي اندر ويو ۽ بنا دير ساهه
حق حوالي ڪيائين. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنازي ۾
شموليت کان پوءِ واپس ٿيندي چيو ته سندن ئي وجهه
سان ٺٽي اچڻ ٿيندو هو، بس اڄ کان پوءِ اهو بند
ٿيو. مير علي شير ’قانع‘ به اها ساڳي روايت لکي ٿو
ته مخدوم موصوف جي آخري ڏينهنِ ۾ شاهه عبداللطيف
ڀٽائي اچي راڳ جي محفل رچائي، راڳ ٻڌي مخدوم موصوف
اهڙي حالت کي پهتو جو ساهه صدقي ڪرڻ کانسوءِ ٻيو
ڪو چارو نه رهيس، چون ٿا شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جنازي کان موٽندي زبان ڪرامت ترجمان سان فرمايائون
اسان هن پنهنجي يار کان الوداع لاءِ آخري اچڻ آهي.
ٿيو به ائين شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1165هجري ۾
مخدوم محمد معين جي وفات کان چار سال پوءِ وفات
ڪئي، پر وري ٺٽي طرف نه ويو. زندگيءَ جو باقي حصو
ڀٽ شاهه تي ئي يادِ الاهي ۾ گذاريائين.
مخدوم معين ٺٽويءَ کي سندس مرشد مخدوم ابوالقاسم
نقشبنديءَ جي پيراندي دفن ڪيو ويو. |