عبدالله
فهيمي
(قسط ٻي)
لاڙڪاڻو
مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جون دستياب تصنيفون
(1)
پهريون نسخو:
هيءُ
نسخو الجزائر
جي لائبريري (دار الکتب الوطنية)
۾ نمبر 532
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. هيءُ نسخو 3 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 127 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 130 تي ختم
ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط
نسخ آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. هن
نسخي کي الحاج مصطفى بن عبد الله سنه 1159هجري ۾
الجزائر ۾ ڪتابت ڪيو آهي.
(2)
ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي ڪتبخاني ”مکتبة عاطف افندي“ ۾ نمبر 2783
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. هيءُ نسخو هڪ ورق تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 101/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 102/الف تي
ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي پهرين صفحي ۾ 41 سٽون
آهن ته وري ٻئي صفحي ۾ 9 سٽون آهن. خط نسخ آهي،
ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. نسخي تي سنِ
ڪتابت لکيل نه آهي ۽ نه ئي وري ڪاتب جو نالو لکيل
آهي.
انهن ٻنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
فائدو:
الامارات العربية المتحدة جي محقق علي بن احمد
الکندي المرر، الجزائر واري نسخي کي سامهون رکي
تحقيق ڪري مجله ”الاصلاح“ جي مجلد 6، عدد 29،
محرم/صفر 1433هـ مطابق جنوري/فيبروري 2012ع ۾ شايع
ڪيو آهي.
2-
شرح الترغيب والترهيب للمنذري:
شيخ محمد حيات جي هن
اهم
تصنيف کي مؤرخين گمنام ڄاڻايو آهي،
پر الحمد لله هيءُ
ڪتاب ڪتبخانن ۾ موجود آهي. هن وقت تائين اسان جي
هن ڪتاب جو هڪ نسخو معلوم ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل
هن طرح آهي:
شيخ محمد حيات پنهنجي هن تصنيف کي جمعي جي ڏينهن
محرم مهيني ۾ سنه 1144هجري ۾ لکيو آهي.
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي شهر استنبول
جي مشهور قومي عجائب گھر جي ڪتب خاني ”امانت
خزينة“ ضمن ”متحف طوپ قاپي سراي“ ۾ نمبر 625
تي
موجود آهي. هيءُ نسخو 418 ورقن تي مشتمل آهي، نسخي
جي هر صفحي ۾ 33 سٽون آهن، خط نسخ آهي، نسخو ڪاري
مَس سان لکيل آهي، ۽ حديث جي متن تي ڳاڙهي مس سان
لڪير ڏنل آهي. نسخي تي سنِ ڪتابت لکيل نه آهي ۽ نه
ئي وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي().
البته غالب گمان آهي ته شيخ محمد حيات جي هٿ اکرن
سان هيءُ نسخو لکيل آهي؛ ڇوته شيخ صاحب نسخي جي
اختتام تي لکي ٿو ته:
يقول
أضعف
العباد محمد حياة السندي:
إني
فرغت منه في المدينة المنورة ضحى يوم الجمعة في
شهر عاشوراء سنة مائة وألف
وأربع
وأربعين....
نسخي جي شروعات:
الحمد لله کما ينبغي لجلال وجهه ولعظيم
سلطانه....اما بعد: فهذا تعليق وجيز لشرح احاديث
الترغيب والترهيب الذي الفه الامام الحافظ ذکي
الدين ابو محمد عبد العظيم.....
نسخي جي پڄاڻي:
ربنا آتنا في الدنيا حسنة وفي الآخرة حسنة وقنا
عذاب النار، هذا آخر الکتاب.
نوٽ: هن نسخي جا اول ۽ آخر ورق حاصل ڪيا آهن،
جنهن مان نسخي جي وجود جو ته معلوم ٿيو. باقي نسخي
جي حصول لاءِ به ڪوششون جاري آهن. ان شاء الله جلد
نسخو حاصل ٿي ويندو.
3-
مواهب الحکم:
شيخ محمد حيات مدني جي هن تصنيف جو هن وقت تائين
اسان کي هڪ نسخو معلوم ٿيو آهن، جنهن جو تفصيل هن
طرح آهي:
هيءُ نسخو مکتبة الخزانة العامة بالرباط ۾ نمبر
D 1188
تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هيءُ نسخو انهيءَ
مجموعي ۾ هيءُ نسخو 26 صفحن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 53/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري
66/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر صفحي ۾ 29 سٽون آهن.
نسخي جو خط مشرقي وسط آهي. نسخي جو متن ڳاڙهي مس
سان لکيل آهي ته وري شرح ڪاري مس سان لکيل آهي.
نسخي تي نه سنِ ڪتابت ذڪر ٿيل آهي ۽ نه ئي وري
ڪاتب جو نالو لکيل آهي().
فائدو:
شيخ محمد حيات مدني جي هن تصنيف کي اسان جي دوست
نزار حمادي جي تحقيق سان مڪتبي دار الضياء ڪويت
سنه 1434هـ مطابق 2013ع ۾ شايع ڪيو آهي.
4-
شرح مقدمة في العقائد:
شيخ محمد حيات جي همعصر عالم خواجه ميرزا عقيدن تي
مختصر متن لکيو، پوءِ شيخ محمد حيات مدنيءَ
کان گُهر ڪيائين ته هو انهيءَ جي شرح لکي، تنهن تي
پاڻ شرح لکيائون.
هن تصنيف جو هن وقت تائين اسان کي هڪ نسخو معلوم
ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:
هيءُ نسخو الجزائر
جي لائبريري (دار الکتب الوطنية)
۾ نمبر 532
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. هيءُ نسخو 9 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 133 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 140 تي ختم
ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط
نسخ آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي ۽ متن تي
ڳاڙهي مَس سان لڪير ڏنل آهي. هن نسخي کي شيخ محمد
حيات مدنيءَ
جي شاگرد مصطفى بن عبد الله ذي الحجه سنه 1158هـ
جزائر ۾ ڪتابت ڪيو آهي.
انهيءَ نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
فائدو:
شيخ محمد حيات مدنيءَ جي هن تصنيف کي اسان جي دوست
نزار حمادي جي تحقيق سان مڪتبي دار الضياء ڪويت
سنه 1433هـ مطابق 2012ع ۾ شايع ڪيو آهي.
5-
قطع النزاع في باب السماع:
شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جا هن وقت تائين اسان
کي 3 نسخا معلوم ٿيا آهن، جنهن جو تفصيل هن طرح
آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هيءُ نسخو ايران
جي لائبريري (مکتبه مجلس شوراي)
۾ نمبر 16180
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. هيءُ نسخو 4 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو
صفحي نمبر 47 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 50 تي ختم
ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 13 سٽون آهن. خط
نسخ آهي، نسخو ڪاري ۽ ڳاڙهي مَس سان لکيل آهي، هن
نسخي کي غوث محي الدين بن سيد ابو الحسن القادري
20 رجب سنه 1263هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي().
نسخي جي شروعات:
الحمد لله حمدا يليق بعلو جلاله....اما بعد: فهذا
قطع النزاع في باب السماع، قال الامام ابن القيم
في اغاثة اللهفان.....
نسخي جي پڄاڻي:
قال دع ما يريبک ومن اراد طهارة دينه فليترک
الشبهات، والله اعلم.
هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
(2)
ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو هندستان جي شهر ويلور (Vellore)
جي لائبريري ”مکتبہ مدرسہ لطيفيہ“ ۾ مجموعي ۾
موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هيءُ نسخو 11 ورقن تي
مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 83 کان شروع ٿئي ٿو ته
وري 94 تي ختم ٿئي ٿو.
(3)
ٽيون نسخو:
هيءُ نسخو هندستان جي شهر ويلور (Vellore)
جي لائبريري ”مکتبہ کلية الباقيات الصالحات“ ۾
نمبر 8909 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. انهيءَ
مجموعي ۾ هيءُ نسخو 6 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق
نمبر 224 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 229 تي ختم ٿئي
ٿو.
6-
رکضة في ظهر الرفضة:
شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جا هن وقت تائين اسان
کي
4
نسخا معلوم ٿيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هيءُ نسخو سعودي عرب جي شهر رياض جي مشهور
لائبريري ”مکتبة ملڪ عبد العزيز“ ۾ نمبر 3909/5 تي
هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد حيات جو هيءُ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 13 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 132/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر
145 تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 21 سٽون آهن. خط
نستعليق آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي.
هن نسخي کي شيخ محمد حيات جي شاگرد جمال الدين
محمد بن شيخ عبد الواسع اڱاري جي ڏينهن مهينو رجب
سنه 1158هجري ۾ لکيو آهي.
(2)
ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي معروف ڪتبخاني ”مکتبة ولي الدين افندي“ ۾ نمبر
801 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. سندس هيءُ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 10 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 137/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 166/ب تي
ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نسخ
آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت
ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو
نالو لکيل آهي. البته نسخي جي شروعات ۾ نسخي جي
عنوان جي هيٺيان مهر لڳل آهي،
جنهن ۾ لکيل آهي: وقف شيخ الاسلام ولي الدين افندي
بن المرحوم الحاج مصطفى آغا بن المرحوم الحاج حسين
آغا سنة 1175. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ نسخو
1175هجري کان پهريان جو لکيل آهي.
(3)
ٽيون نسخو:
هيءُ نسخو آذربائجان جي شهر ”باڪو“ جي لائبريري
”معهد مخطوطات العربية“ ۾ نمبرB-124
تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد حيات جو هيءُ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 12 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 179 کان شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 190
تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 19سٽون آهن. خط
نستعليق آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. هن نسخي
کي مصطفى بن حاجي مراد سنه 1264هجري ۾ لکيو آهي.
(4)
چوٿون نسخو:
هيءُ نسخو هندستان جي لائبريري ”مکتبة الناصرية“ ۾
نمبر
1941تي
هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد حيات جو هيءُ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾
19 ورقن
تي مشتمل آهي، هر هڪ صفحي ۾ 21 سٽون آهن. خط
نستعليق آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخي تي
تاريخِ ڪتابت لکيل نه آهي ۽ نه ئي وري نسخي جي
ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
انهن چئني نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
فائدو:
غزه فلسطين مان اسان جي دوست محمود بن محمد حمدان
انهيءَ ڪتاب تي جامعة الاسلامية غزة فلسطين ۾ سنه
2015ع ۾ ايم اي جو مقالو لکيو آهي. جنهن جي فوٽو
ڪاپي راقم وٽ موجود آهي.
ٻيون فصل:
اهي ڪتاب، جن جي نسخن جو تعارف ڊاڪٽر مڱرئي پنهنجي
پي ايڇ ڊي مقالي ۾ ذڪر ته ڪيو آهي، پر اُن کي ڪوبه
نسخو نه ملي سگھيو آهي:
7-
رسالة في الاقتداء بالمخالف:
شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جو هن وقت تائين اسان
کي هڪ نسخو معلوم ٿي سگھيو آهي، جنهن جو تفصيل هن
طرح آهي:
هيءُ نسخو هندستان جي لائبريري ”المکتبة الناصرية“
۾ نمبر 1941 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد
حيات جو هيءُ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 3 ورقن تي مشتمل آهي، هر هڪ
صفحي ۾
26
سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي.
نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽
نه وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
رسالي جو عنوان هن طرح لکيل آهي: رساله مولانا
حيات السندي المدني في الاقتداء بالمخالف.
هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
نوٽ:
انهيءَ مجموعي ۾ شيخ حيات مدني جا ٻيا هيءُ
رسالا به موجود آهن:
(1)
الايقاف على سبب الاختلاف.
(2)
رساله لمحمد حيات في رد الشيعة.
8-
رسالة في النهي عن عشق الامرد والنسوان:
شيخ محمد حيات جي هن تصنيف جو هن وقت تائين اسان
کي هڪ نسخو معلوم ٿي سگھيو آهي، جنهن جو تفصيل هن
طرح آهي:
هيءُ نسخو يمن ۾ آل غالبي ضحيان جي ذاتي لائبريريءَ
۾ هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد حيات جو هيءُ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾
5
ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو صفحي نمبر
80
کان شروع ٿئي ٿو ته وري
85
تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾
26
سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل
آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه
آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
رسالي جو نالو نسخي تي لکيل نه آهي. نسخي جي
شروعات ۾ لکيل آهي:
هذه الرسالة المفيدة للشيخ العلامة محمد حياة
السندي رحمه الله.
هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
9-
العون في کشف حال فرعون:
شيخ محمد حيات جي هن رسالي جا اسان کي هن وقت
تائين 2 نسخا معلوم ٿي سگھيا آهن، جن جو تفصيل هن
طرح آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هيءُ نسخو هندستان جي شهر ”رامپور“ جي مشهور
لائبريري ”مکتبه رضا رامپور“ ۾ نمبر (1971
M 1290)
تي هڪ مجموعي ۾
موجود آهي.
انهيءَ مجموعي ۾ هيءُ نسخو 5 ورقن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 1/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 5/ب تي
ختم ٿئي ٿو.
۽ هر صفحي ۾ 20 سٽون آهن. نسخي جو خط نسخ آهي. هن
نسخي کي شيخ محمد حيات جي شاگرد محمد سعيد سفر جي
فرزند احمد المدني جمعي جي ڏينهن 21 رمضان سنه
1183هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي().
(2)
ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو به انهيءَ لائبريري ”مکتبه رضا رامپور“
۾ نمبر (1759
D 11091)
تي هڪ مجموعي ۾
موجود آهي.
انهيءَ مجموعي ۾ هيءُ نسخو 4 ورقن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 80/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 83/ب
تي ختم ٿئي ٿو.
۽ هر صفحي ۾ 28 سٽون آهن. نسخي جو خط نسخ آهي.
هيءُ نسخو سنه 1185هجريءَ ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي().
انهن ٻنهي نسخن جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
10-
رسالة في تحريم اخذ الاجرة على العبادة:
مخدوم صاحب جي هن رسالي جا هن وقت تائين 2 نسخا
معلوم ٿيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هيءُ نسخو يمن ۾ آل غالبي ضحيان جي ذاتي لائبريري
۾ هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد حيات جو هيءُ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 8 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 69/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 76/ب تي ختم
ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نسخ آهي،
ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟
انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو
لکيل آهي.
(2)
ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو يمن ۾ مؤسسة الامام زيد بن علي الثقافية
۾ مکتبة محمد بن محمد بن محمد بن اسماعيل الکبسي ۾
نمبر 53 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد حيات
جو هيءُ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 8 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
صفحي نمبر 199 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 202 تي ختم
ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 23 سٽون آهن. خط نسخ آهي،
ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو
انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو
لکيل آهي.
انهن ٻنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
مخدوم محمد حيات جي هن رسالي جو رد سندس همعصر
علامه محمد بن اسماعيل الامير الصنعاني وفات:
1182هـ) ”اقامة البرهان على جواز اخذ الاجرة على
القرآن“ جي نالي سان لکيو آهي.
اهي ٻئي رسالا هڪ ڪتاب جي صورت ۾ خالد حموده جي
تحقيق سان شايع ٿيا آهن.
11-
الاعانة الصمدية في الطريقة النقشبندية:
مخدوم محمد حيات مدنيءَ
جي هن رسالي جا هن وقت تائين 3 نسخا معلوم ٿيا
آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي ڪتبخاني ”مڪتبه رئيس الکتاب، ضمن السليمانية“ ۾
1208 نمبر تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هن مجموعي ۾
مخدوم صاحب جو رسالو 4 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
انهيءَ مجموعي جي ورق نمبر
31/ب
کان شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر
34/ب
تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 20 سٽون آهن. نسخي جو
خط نسخ آهي. ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي.
نسخي تي سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي.
نسخي جي شروعات ۾ رسالي جو نالو هن طرح لکيل آهي:
الاعانة الصمدية في الطريقة النقشبندية.
نسخي جي شروعات:
الحمد لله الذي تحيرت العقول في فهم ذاته....اما
بعد: فيقول شيخنا الامام برکة الخواص والعام شيخ
مشائخ الکرام بمدينة سيد الانام عليه الصلاة
والسلام محمد حياة افندي ....
نسخي جي پڄاڻي:
فامنن علينا محبتک ومعرفتک يا رحمن .....
فائدو:
محمد حيات سنڌيءَ کي سندس تُرڪ شاگرد ”افندي“ جي
لقب سان ياد ڪندا هئا.
(2)
ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي ڪتبخاني ”عاشر افندي“ ۾ نمبر 414 تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. هن مجموعي ۾ مخدوم صاحب جو رسالو 12
ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو انهيءَ مجموعي جي ورق
نمبر 11/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 22/الف
تي ختم ٿئي ٿو. هن نسخي کي محمد بن علي بن رجب
مصري حنفي ڏينهن خميس 14 رجب سنه 1161هه ۾ ڪتابت
ڪيو آهي. ڪتاب جو عنوان نسخي جي شروع ۾ ئي ڪارن
اکرن ۾ لکيل آهي. نسخي جو خط نسخ آهي. سمورو نسخو
ڪاري مس سان ڪتابت ٿيل آهي. ۽ عبارتن تي اعراب پڻ
لڳل آهي.
(3)
ٽيون نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي ڪتب خاني ”مڪتبه رشيد افندي“ ۾ نمبر 383/1
تي موجود آهي. هن مجموعي ۾ مخدوم صاحب جو رسالو 8
ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو انهيءَ مجموعي جي ورق
نمبر 1/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 9/الف
تي ختم ٿئي ٿو. نسخي جو خط نسخ آهي. ڪتابت ڪاري ۽
ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. نسخي تي سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب
جو نالو لکيل نه آهي.
مجموعي جي شروعات ۾ رسالن جو نالو هن طرح لکيل
آهي: رسالتين في التصوف للحياتي.
”للحياتي“ مان مراد شيخ محمد حيات سنڌي آهي.
انهن ٽنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
12-
الانوار المحمدية في اسرار النقشبندية:
مخدوم صاحب جي هن رسالي جا هن وقت تائين 4 نسخا
معلوم ٿيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي.
(1)
پهريون نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي ڪتب خاني ”مڪتبه اسعد افندي“ ۾ نمبر 1326 تي
موجود آهي. هن نسخي ۾ مخدوم صاحب جو رسالو 19 ورقن
تي مشتمل آهي، جيڪو انهيءَ مجموعي جي ورق نمبر 3/ب
کان شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 21/الف تي ختم
ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 7 سٽون آهن. هن نسخي کي
اسماعيل بغدادي سنه 1176هه ۾ دار السلطنة العلية
قسطنطنيه ۾ ڪتابت ڪيو آهي. ڪتاب جو عنوان نسخي جي
شروع ۾ ئي سهڻن اکرن ۾ لکيل آهي. نسخي جو خط تمام
سهڻو آهي. نسخو ڳاڙهي، بِلو ۽ ڪاري مس سان ڪتابت
ٿيل آهي. ۽ عبارتن تي اعراب پڻ لڳل آهي.
نسخي جي شروعات:
الحمد لله الذي دعى المذنبين الى رحمته ووفقهم
لتوبته....اما بعد: فاعلم يا اخي ان المقصود الاهم
والمطلب الاعظم.....
نسخي جي پڄاڻي:
ثم الفناء في الرسول صلى الله عليه وسلم واعذنا
وتب علينا انک انت.....
(2)
ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي ڪتبخاني ”مڪتبه قسطموني“ ۾ نمبر 2081/2
تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هن مجموعي ۾ مخدوم صاحب
جو رسالو 10 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو انهيءَ
مجموعي جي ورق نمبر 12/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري
ورق نمبر 21/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 11
سٽون آهن. نسخي جو خط نسخ آهي. سمورو نسخو ڪاري مس
سان لکيل آهي البته ڪٿي ڪٿي لفظن تي ڳاڙهي مس سان
لڪيرون لڳل آهن. نسخي تي سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو
لکيل نه آهي.
(3)
ٽيون نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي ڪتب خاني ”مڪتبه رشيد افندي“ ۾ نمبر 383/2
تي موجود آهي. هن نسخي ۾ مخدوم صاحب جو رسالو 8
ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو انهيءَ مجموعي جي ورق
نمبر 9/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 16/ب تي
ختم ٿئي ٿو. هن نسخي ۾ سنِ ڪتابت لکيل نه آهي.
ڪتاب جو عنوان به لکيل نه اٿس، البته نسخي جي
شروعات ۾ ”هذه رسالة لطريق النقشبندية لمحمد حياة“
لکيل آهي. نسخي جو خط تمام سهڻو آهي. سمورو نسخو
ڪاري مس سان ٿيل آهي. البته ڪٿي ڪٿي لفظن تي ڳاڙهي
مس سان لڪيرون لڳل آهن.
نسخي جي آخر ۾ لکيل آهي:
هذا آخر ما افاد المولى العلامة حيات الارواح سيدي
محمد حيات المدني متعنا الله تعالى به، آمين.
انهيءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ
نسخو مؤلف جي زندگيءَ
۾ لکيو ويو آهي.
(4)
چوٿون نسخو:
هيءُ نسخو ترڪيءَ
جي ڪتبخاني ”مڪتبه بغدادلي وهبي“ ۾ نمبر 2190 تي
هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هن مجموعي ۾ مخدوم صاحب جو
رسالو 4 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو انهيءَ مجموعي جي
ورق نمبر
1/ب
کان شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 4/ب تي ختم ٿئي
ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 19 سٽون آهن. نسخي جو خط نسخ
آهي. سمورو نسخو ڪاري مس سان لکيل آهي. نسخي تي
سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي.
انهن چئن نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود
آهن.
13-
ثبت:
شيخ محمد حيات پنهنجي هن تصنيف ۾ صحاحِ سته ۽ حديث
جي ٻين ڪتاب جي اجازتن کي ذڪر ڪيو آهي،
جن کي پاڻ پنهنجي استاد شيخ عبد الله بن سالم بصري
کان حاصل ڪيون آهن. مخدوم صاحب جي هن ثبت جا هن
وقت تائين 4 نسخا معلوم ٿي سگھيا آهن.
(1) پهريون نسخو:
هيءُ نسخو مدينه منوره جي لائبريري ”مڪتبه ملڪ عبد
العزيز“ ۾ نمبر 1054 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي.
شيخ سنڌي جو هي ثبت انهيءَ مجموعي ۾ 5 ورقن تي
مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 231/ب کان شروع ٿئي ٿو
ته وري 235/ب تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 23 سٽون
آهن. خط نسخ آهي، جيڪو تمام سهڻو آهي. ڪتابت ڪاري
مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي
نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
البته هن نسخي جو خط انهيءَ مجموعي جي ٻين نسخن جي
خط سان هوبهو مِلي ٿو، جنهن کي ابراهيم ابن محمد
البخشي الخلوتي الشافعي الحلبي سنه 1131هجري ۾
ڪتابت ڪيو آهي. اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته مخدوم
محمد حيات جي ثبت به انهيءَ سال ۾ ڪتابت ڪيو
هوندائين.
(2) ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو ولايت متحده آمريڪا جي شهر پرنسٽون ۾
پرنسٽون يونيورسٽي جي لائبريريءَ
۾ هڪ مجموعي نمبر 492 ۾ موجود آهي. شيخ سنڌي جو هي
ثبت انهيءَ مجموعي ۾ 5 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 25/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 29/ب تي ختم
ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 23 سٽون آهن. خط نسخ آهي،
ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟
انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو
لکيل آهي.
البته نسخي جي پڇاڙي ۾ شيخ محمد حيات طرفان پنهنجي
شاگرد احمد نجيب کي اجازت نامو پڻ عطا ڪيل آهي.
جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ نسخو شيخ محمد حيات
جي زندگيءَ ۾ ئي ڪتابت ٿيو آهي.
ٻيو ته هن نسخي جو خط مجموعي جي پهرين نسخي ”اوائل
الکتب الستة“ جي خط سان مشابهت رکي ٿو، جنهن مان
هِن نسخي جي ڪتابت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ۽
مجموعي جي پهرين نسخي جو ڪاتب يوسف بن مصطفى
المدني آهي، جنهن ”اوائل الکتب الستة“ کي 8 ذي
الحج سنه 1162هـ ۾ ڪتابت ڪيو آهي().
نسخي جي شروعات:
الحمد لله اخبر آثار الآية المتواترة، انه کبير
المتعال... اما بعد: فيقول المسکين محمد حياة
السندي المدني عفا الله عنه، فقد اجازني بصحيح
البخاري الشيخ عبد الله بن سالم المکي....
نسخي جي پڄاڻي:
اللهم ارحمنا رحمة واسعة في الدنيا والآخرة يا
ارحم الراحمين. وصلى الله على خير خلقه محمد وآله
وصحبه وسلم اجميعن.
(3) ٽيون نسخو:
هيءُ نسخو
تونس جي لائبريري (دار الکتب الوطنية)
۾ نمبر (A-MSS-08484
(03))
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. هيءُ نسخو 7 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 61/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 67/الف تي
ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 15 سٽون
آهن. خط نسخ آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي،.
هيءُ نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو آهي؟ ان جي نشاندهي نه
آهي.
البته نسخي جي پڇاڙي ۾ شيخ محمد حيات طرفان سندس
هٿ اکر پنهنجي شاگرد کي اجازت نامو پڻ عطا ڪيل
آهي. جنهن ۾ سنه 1163هـ لکيل آهي. جنهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته هيءُ نسخو شيخ محمد حيات جي زندگيءَ جي
آخري سال ۾ ڪتابت ٿيو آهي.
انهن ٽنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
(4) چوٿون نسخو:
هيءُ نسخو بمبئيءَ
جي مشهور ۽ معروف جامع مسجد جي ڪتب خاني ”مکتبة
محمديه“ ۾ نمبر
AM 23
تي موجود آهي. هيءُ نسخو 7 ورقن تي مشتمل آهي. ۽
هر صفحي ۾ 9 سٽون آهن. نسخي کي مخدوم محمد حيات جي
شاگرد لکيو آهي، البته پنهنجو نالو ذڪر نه ڪيو
اٿئين.
14-
فتح الودود في التکلم في مسئلة العينية ووحدة
الوجود :
شيخ محمد حيات جي هن رسالي جا هن وقت تائين 6 نسخا
معلوم ٿي سگھيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
(1) پهريون نسخو:
هيءُ نسخو ترڪي جي ڪتب خاني ”مکتبة الوطنية انقرة“
۾ نمبر
A 6047
تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هيءُ نسخو انهيءَ
مجموعي ۾ 5 ورقن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 7/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 11/الف
تي ختم ٿئي ٿو.
۽ هر صفحي ۾ 21 سٽون آهن. نسخي تي نه سنِ ڪتابت
ذڪر ٿيل آهي ۽ نه ئي وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
(2) ٻيو نسخو:
هيءُ نسخو بغداد جي ڪتب خاني ”مکتبة بيت الحکمت“ ۾
نمبر 11024/6
تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هيءُ نسخو انهيءَ
مجموعي ۾ 7 ورقن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 121/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري
127/الف تي ختم ٿئي ٿو.
۽ هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس
سان ٿيل آهي. نسخي کي 7 شوال سنه 1218هجري ۾ ڪتابت
ڪيو ويو آهي. نسخي ۾ ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي.
(3) ٽيون نسخو:
هيءُ نسخو ترڪي جي ڪتب خاني ”مکتبة البلدية
اتاتورک“ ۾ نمبر
K-143
تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هيءُ نسخو انهيءَ
مجموعي ۾ 7 ورقن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 142/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري
144/الف تي ختم ٿئي ٿو.
۽ هر صفحي ۾ 27 سٽون آهن. ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل
آهي ۽ لفظن جي مٿان لڪيرون ڳاڙهي مس سان لڳل آهن.
نسخي تي نه سنِ ڪتابت ذڪر ٿيل آهي ۽ نه ئي وري
ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
(4) چوٿون نسخو:
هيءُ نسخو ”دار الکتب الظاهرية“ ۾ نمبر 6981
تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هيءُ نسخو انهيءَ
مجموعي ۾ 7 ورقن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 76/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 86/ب
تي ختم ٿئي ٿو.
۽ هر صفحي ۾ 22 سٽون آهن. ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل
آهي ۽ لفظن جي مٿان لڪيرون ڳاڙهي مس سان لڳل آهن.
نسخي کي سنه 1219هجري ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي. نسخي ۾
ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي.
انهن مٿين چئن نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
(5) پنجون نسخو:
هيءُ نسخو مکتبة الخزانة العامة بالرباط ۾ نمبر
D 1197
تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. هيءُ نسخو انهيءَ
مجموعي ۾ هيءُ نسخو 4 ورقن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 64/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 67/ب
تي ختم ٿئي ٿو.
۽ هر صفحي ۾ 22 سٽون آهن. نسخي جو خط مشرقي وسط
آهي. نسخي تي نه سنِ ڪتابت ذڪر ٿيل آهي ۽ نه ئي
وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي().
(6) ڇهون نسخو:
هيءُ نسخو آئرلينڊ جي لائبريري ”مکتبة چيسٽربٽي“ ۾
نمبر 4907 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي.
انهيءَ مجموعي ۾ هيءُ نسخو 7 ورقن تي مشتمل آهي،
جيڪو ورق نمبر 34 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 40 تي
ختم ٿئي ٿو.
فائدو:
ترڪي
محقق اورخان موساخنو
(Orkhan
MUSAKHANOV)
مڪتبه بلدية اتاتورڪ
واري نسخي کي سامهون رکي تحقيق ڪري ترڪي جي مجله
(AKİD
Afyon Kocatepe
Üniversitesi
İslami)
جي واليم 1، شماره 1، 2018ع ۾ شايع ڪيو آهي.
ٽيون قسم:
اُهي ڪتاب، جن جو ذڪر ڊاڪٽر مڱرئي پنهنجي پي ايڇ
ڊي مقالي ۾ به ڪيو آهي، ۽ وري انهن جي نسخن جو
تعارف به لکيو آهي، البته انهن ڪتابن جا وڌيڪ نسخا
معلوم ٿيا آهن.
1-
رسالة في تحريم التنباک:
شيخ محمد حيات جي هن رسالي جو اسان کي هن وقت
تائين فقط هڪ ئي نسخو معلوم ٿي سگھيو آهي.
نسخي جي وصف:
هيءُ نسخو يمن ۾ آل غالبي ضحيان جي ذاتي لائبريري
۾ هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. شيخ محمد حيات جو هي
رسالو انهيءَ مجموعي ۾ هڪ صفحي تي مشتمل آهي، جيڪو
صفحي نمبر 100 کان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ صفحي ۾
26
سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي.
نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽
نه وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
2-
مختصر
الزواجر:
شيخ محمد حيات جي هن ڪتاب جا اسان کي هن وقت تائين
2 نسخا معلوم ٿي سگھيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح
آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هيءُ
نسخو هندستان جي شهر مظفرنگر جي لائبريري ”مکتبة
اکاديمية المفتي الهي بخش الکاندهلوي“ ۾ نمبر 542
تي موجود آهي. هيءُ نسخو 220 ورقن تي مشتمل آهي.
(2)
ٻيو نسخو:
هيءُ
نسخو جرمني جي شهر برلين جي لائبريري ۾ نمبر (Ms.
or. oct. 1118)
تي موجود آهي. هيءُ نسخو 310 ورقن تي مشتمل آهي.
هر صفحي ۾ 17 سٽون آهن.
(هلندڙ)
()
فهرس مخطوطات متحف طوبقابي سراي، جلد 2،
صفحه: 212،
()
فهرس المخطوطات العربية المحفوظة في
الخزانة العامة بالرباط، القسم الثالث،
المجلد 1، الصفحة: 301، سن طباعة: 1973ع.
()
فهرستگان نسخهاي خطي ايران (فنخا)، جلد
24، صفحه 645، مؤلف: مصطفى درايتي، ناشر:
سازمان اسناد وکتبخانه ملي جمهوري اسلامي
ايران،
()
Catalogue of the Arabic Manuscripts in
Raza Library Rampur, vol:2, page:456,
()
Catalogue of the Arabic Manuscripts in
Raza Library Rampur, vol:2, page:456,
()
مجموع محفوظ مکتبة پرنسٽون لائبيري، رقم:
492، ورقة: 24/الف.
()
فهرس المخطوطات العربية المحفوظة في
الخزانة العامة بالرباط، القسم الثاني،
المجلد 1، الصفحة: 143، طبعة ثانية:
1421هـ/2001ع.
|