سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2023ع

باب:

صفحو:3 

سيد امداد شاهه رضوي

روهڙي

 

 

سکر ۾ پارسي برادريءَ جي آمد

 

پارسي آتش پرست زرتشتي مذهب جا پوئلڳ آهن، اصفهان يونيورسٽيءَ جي تحقيق موجب زرتشت اعظم 1100ق.م موجود هو، هن جي ديني ڪتاب اوست ۾ پلصراط جبرائيل ۽ پنجگانه نماز جو ذڪر آهي.

يهودي لوڪ ۽ قبيلا جيڪي تخليق جي خدا جي عبادت اوائل ۾ ڪندا هئا، ان ۾ پهڻ پوڄڻ، اُڀن پٿرن کي بيهاري ان کي باب ايل طور ڪئي ويندي هئي، اهوئي بابل ٿيو، معنيٰ خدا جو گهر اوستا وارن وٽ به الله جي گهر جو تصور ۽ عملي شڪل موجود آهي، هڪ روايت ۾ هيءُ به آهي ته پارسي مذهب جو باني زرتشت موجود اتر ايران ۾ 628ق.م ۾ پيدا ٿيو، 551ق.م دنيا مان رخصت ٿيو. پارسي هڪ خدا اهورا مزدا جي عبادت ڪندا آهن، سندن مذهبي ڪتاب اوستا سندن پيغمبر زرتشت تي نازل ٿيو. ساساني سلطنت 651 کان 226ق.م کي عروج حاصل هو. هيءَ دنيا جي اڪيلي سپر طاقت هئي جنهن جو باضابطه مذهب پارسي هو، جڏهن ايراني سماج ۾ بين المذاهب هم آهنگي متاثر ٿي ته پارسين ايران کي خيرباد چيو. هندستان ۾ پارسين جي آمد 8 کان 10 صدي جي درميان ٿي. هُو مهاجر ٿي هرمز ايران کان گجرات جي ساحلي ڳوٺ سنجان ۾ آيا، اتان جي مقامي راجا جادي رانا/ راجا مادهو کين کير جو ڀريل پيالو موڪليو، جنهن سان مراد ته اسان جو ملڪ پهرين ئي ماڻهن سان ڀريل آهي، ان ۾ وڌيڪ گنجائش ڪونهي. جواب ۾ پارسيءَ جي مذهبي پيشوا کير ۾ شڪر ملائي واپس موڪليو جنهن جو مطلب اسان ٻين جي جڳهه ڪونه گهيرينداسين بلڪه اسان جي دم سان ملڪ کي فائدو رسندو.

پارسي ثنويت جو ٻٽو عقيدو رکن ٿا، سندن عقيدي موجب خير ۽ شر جا ٻه الڳ الڳ خدا آهن اهي خير جي خالق کي يزدان يا اهرمزد ۽ شر جي خالق کي اهرمن چوندا آهن، هي باهه، سج، چنڊ ۽ تارن کي يزدان جا مختلف مظهر سمجهندا آهن، اهوئي سبب آهي جو هنن جي عبادتگاهه ۾ هر وقت باهه ٻرندي آهي، هي ماڻهو ان ڳالهه کي تسليم نٿا ڪن ته هي ڪي باهه جا پوڄاري آهن، پر باهه سندن مقدس مقام هميشه ٻرندي رهندي آهي، ان لاءِ سندن چوڻ آهي ته هُو باهه جي ۽ ٻين قدرت جي مظهرن جي صرف تڪريم ڪندا آهن. هنن جي مذهب ۾ ٽي ڳالهيون قابلِ ذڪر آهن، نيڪ پندار، نيڪ گفتار ۽ نيڪ ڪردار جن تي هُو هميشه عمل پيرا رهندا آهن. پارسي پنهنجي مُردن کي دفنائڻ يا ساڙڻ بدران هڪ کُليل مٿاهين عمارت تي رکي مُردي جي جسم مٿان ڏهي هڻي ڇڏيندا آهن، ته جيئن ان جي جسم کي ڳِجهون ۽ ٻيا پکي کائي وڃن اهڙي خاص عمارت کي دخمه يا خاموشي جو مينار ڪوٺيندا آهن، هن منار اندر 3 جايون ٺهيل آهن، مردن کي ٻاهرين پاسي عورتن کي وچين حصي ۽ ٻارن کي اندر رکيو ويندو آهي، جتي دخمه ڪونهن اتي هو مُردي کي مجبوريءَ ۾ دفن ڪندا آهن، پارسي مذهب غير تبليغي آهي، هيءُ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ داخل ڪونه ڪندا آهن، يعني پيدائشي پارسي هيءُ هنن کي قبول آهن.

دي ڪراچي زورسٽرين ڪيلنڊر جي مصنف جهانگير فرمروزاي پنتهڪي جي مطابق 1800ع جي ڏهاڪي جي وچ ۾ هندستاني بغاوت جي وقت جڏهن هندو ۽ مسلمان هڪ ٻي جي دست گريبان هئا تڏهن پارسين خاموشيءَ سان پنهنجا دڪان هتي کولڻ شروع ڪيا. 1830ع کان پارسي ٺيڪيدار، ڊاڪٽر، واچ ميڪر، تاجر، موم بتي ٺاهڻ وارا، گهوڙي سوار جي، شاهپورجي ۽ منڇرجي نمايان هئا، وقت گذرڻ سان گڏ ڪجهه مري ويا ڪجهه واپار سانگي جايون وڪڻي ڪراچي ۽ ڪوئٽا، ڪجهه ٻاهرين ملڪ هليا ويا ۽ گهڻا پارسي 1950ع سکر ڇڏي ويا، تنهن هوندي به 1980ع جي لڳ ڀڳ ٻه پارسي ڀائر جهانگير ڪارنجي ۽ هومي ڪارنجي پنهنجي اولاد سان سکر ۾ رهندا هئا، ان مان هڪڙو نيشنل بينڪ ۽ هڪ واپڊا ۾ نوڪري ڪندا هئا، والس روڊ تي تعمير ٿيل پارسي ڪمپائونڊ ۾ ماما پارسي اسڪول (1939ع اندر اسڪول ۾ 25 پارسي ٻار تعليم حاصل ڪندا هئا) خانبهادر مارڪر ڌرمشاله، فائر ٽيمپل، خانداني رهائشگاهون، سرونٽ ڪوارٽر، راند جو ميدان ۽ خاموشيءَ جو مينار جن مان ڪجهه عمارتون 1923ع ۾ مشهور واپاري ڪيڪوباد ارشير مارڪر (ڪراچي جي ميئر) تعمير ڪرايون، جنهن جو پٽ جمشيد مارڪر پاڪستان جو مشهور سفارتڪار هو.

پارسي ڪالونيءَ جا بنگلا پارسين کان آغا نظام الدين، آغا عطا محمد ۽ ٻين سنڌي زميندارن خريد ڪيا.

پارسين جي سکر ڇڏڻ بعد ڪجهه عرصو سندن ڪوئي مذهبي رهنما هيءَ عمارت سنڀاليندو هو، ان بعد ڪوئٽا جي پارسي انجمن هن ڪمپائونڊ جي نظرداري ڪري ٿي، سندن ڇڏيل آتش خانه ۾ هڪ افارگانيو رکيل هو، جيڪو سکر ريلوي جي انجنيئر فيروزشاهه رستم جي 1917ع ۾ ڊونيٽ ڪيو هو جنهن تي گجراتي ٻوليءَ ۾ هي لکيل هو:

سيٺ فيروز شاهه رستم جي مهتا تحفو ڪيو سکر پاڪستان دري مهر روج 20 مهينو 5 سال 1286 واءِ.جي 28 جنوري 1917ع.

پارسين جي سکر ڇڏڻ بعد آتشخانو بند ٿي ويو ۽ هي افارگانيو استعمال نه هئڻ سبب مٽيءَ ۾ پنهنجي اصلي شڪل مٽائي چڪو هو، جنهن کي بعد ۾ پارسي برادري 10 اپريل 1998ع زردشتي هيريٽيج ڪلچر سينٽر هوسٽن آمريڪا کڻي ويا، جتي اڄ هيءُ فعال آهي، سکر اندر سندن پهريون قبرستان سيشن ڪورٽ واري ٽڪريءَ تي ڊائريڪٽر ڪاليج جي دفتر پويان هو، جيڪو اڄ به موجود آهي جنهن جي گيٽ جي ٿنڀي تي سنگمرمر جي تختي لڳل آهي، جنهن تي انگريزي ۾ هيءُ لکيل آهي: The Old parsi cemetery closed 1907 غالباً سندن اندرين حصي تي ڪنهن قبضو ڪيو آهي، ڇو جو مون فوٽو ڪڍڻ لاءِ ماڻهو موڪليو ته هن کي ٻاهران فوٽو ڪڍڻ ڏنو ويو. اندر منع ڪئي ويئي. جنهن بعد هنن آدم شاهه جي ٽڪري هيٺيان مقام ٺاهيو، جيڪو اُجڙي ويو آهي. پارسي نئين سکر جا معمار آهن، 1838ع انگريز فوج لاءِ سکر ۾ فوجين لاءِ بيرڪس جا ٺيڪا پارسي، ڀورا، خواجا ۽ هندو ٺيڪيدارن کي مليا.

1858ع مسٽر آرچر لکي ٿو سکر ۾ اولهه پاسي وڏي بازار جُڙي آهي، جتي پارسين اچي هٽ کوليا آهن، جن ۾ قيمتي شراب سوڊا واٽر، کٽاڻ ۽ ٻيون شيون رکن ٿا.

گزيٽيئر آف سکر J w smith لکي ٿو سکر ۾ بهترين عمارتون پارسين جا دڪان هئا.

سنڌ گزيٽيئر اي ڊبليو هيوز لکي ٿو: شڪارپور ۽ سکر تعلقي اندر يورپين هندستاني پارسي ۽ سکن جو تعداد 453 هو، سنڌ گزيٽيئر اي ايڇ ايڪٽن 1901ع سنڌ ۾ 2 هزار پارسي رهن ٿا، جن مان 1841 ڪراچي اندر ۽ باقي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد آهن. 1941ع ۾ سکر اندر 117 پارسي آباد هئا.

ٽيڪس وصول ڪرڻ وارا ۽ نيلام ڪرڻ وارو پيشو اختيار ڪيو، جڏهن يورپي قومون هندستان جي ساحل تي پهتيون ۽ تجارتي بيٺڪون جوڙيون ته آڙهت ۽ دلالي جو ڪم زياده تر پارسين سنڀاليو.

هاڻي ذڪر ڪجي پارسين جي سکر آمد جو جڏهن پهرين دفعو 1836-1840ع هينري پوٽينجر سکر انگريزن طرفان اُتر سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ ٿي برٽش ريزيڊنسي (منزلگاهه لڳ بندر روڊ) تي رهائش اختيار ڪئي ته هن سان پارسي تاجر مانڪجي لمجي هاتريا بن لمجي هوسنگ گڏ هو، جيڪو ٽي سال هتي رهيو مانڪجي لمجي هاتريا هتان کان پهرين ڊاڪٽر جيمس (اليگزينڊر برنس جو ڀاءُ) 1827-1828ع ميرن جو علاج ڪرڻ آيو ته هي ان سان صندوق بردار، ڪلارڪ، ڪيشئر ۽ اڪائونٽنٽ جي روپ ۾ گڏ هو.

1839ع ۾ جڏهن انگريز فوج افغانستان وڃي رهي هئي ۽ اچي سکر ۾ ترسي ته هن اليگزينڊر برنس جي چوڻ تي نئين سکر ۾ دڪان کوليو m/sjahangir nussarwa waghi jussawalla نالي سان جنهن ۾ شراب، سوڊا واٽر، کٽاڻ، سوئر جو گوشت ۽ ٻيون انگريز فوج جي کاپي جون شيون رکيون، 1840-1841ع هي جنرل جان ڪين سان گڏ ڪابل ويو ۽ اتي به هن انگريز فوجين لاءِ دڪان کوليو ۽ هُو اتان ايران هليو ويو، وري هي 1846ع سکر موٽي آيو ۽ پاڻ Manager and Agent in the trading enterprise of the Bombay Parsi جي فرم طرفان ڪاروبار شروع ڪيو، جنهن ۾ دڪان، رهائشي هوٽل هئا، جو رهائشي سراءِ لمجي چاڙهي تي به هيون، جيڪا چاڙهي سندن نالي سان اڄ به قائم آهي، جيڪي هي ڪرائي تي هلائيندو هو، 1858ع ڪتاب نيريٽو آف اي ريزيڊنس ايٽ دي ڪورٽ آف مير علي مراد جي مصنف ايڊورڊ آرچر لينگلي جڏهن سکر آيو هو ته هي لمجي سان ڪرائي تي جاءِ وٺڻ لاءِ مليو جنهن کيس هن چاڙهيءَ تي اڌ درجن جايون ڏيکاريون، جيڪي مسٽر آرچر کي صفائي جي ڪمي سبب ڪونه پسند آيون، ۽ پاڻ وڃي مير معصوم شاهه جي جڙيل سراءِ هشت پهلو ۾ رهيو. (ڊسٽرڪٽ جيل جي سامهون هي عمارت آهي، جيڪا هن وقت مدرسي وارن جي ملڪيت آهي، انگريز دور ۾ هتي پهرين اسڪول هلندو هو پوءِ ميونسپالٽي وارن تيل جو ڊيپو قائم ڪيو هو) ان کان علاوه هن سيٺ Seth Jahangir ji faramji hormusji bags jamasji & sons جو ڪاروبار به سنڀاليو، جنهن جو مالڪ سيٺ سکر ڪاروبار بعد ۾ هن فرم کان الڳ ٿي راولپنڊي ۾ ڪاروبار شروع ڪيو ۽ گيرنٽي بروڪر ۽ وولڪاٽ برادرس ۽ نپني ڪمپني جوڙي پاڻ 1884ع مري ويو، جنهن بعد سندس پٽن سيٺ ڪورجي نسوانجي، حورمسجي، جمشيدجي، ڪائوسجي جو ساوالا ڪاروبار سنڀاليو. 1947ع کان پوءِ هيءُ خاندان بمبئي لڏي ويو. انگريز دور ۾ پهريون پارسي تاجر سيٺ مانڪجي لمجي هاتريا سکر ۾ ڪاروبار شروع ڪيو، پاڻ 1813ع گجرات جي ڳوٺ مورا سمالي ۾ پيدا ٿيو ۽ 15 مئي 1890ع تهران ۾ مري ويو، سندس نالي سان سکر جي لمجي چاڙهي اڄ به مشهور آهي.

انگريز دور ۾ پارسين جو مسڪن لمجي چاڙهي هو، جڏهن اتي آبادي وڌي ته 1917ع هنن پارسي انجمن قائم ڪئي، جنهن سندس برادريءَ لاءِ الڳ رهائشي ڪالوني، اسڪول ۽ آتشخانو تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. خانبهادر رستم جي پٽيگرا سول سرجن سکر ميونسپالٽي جو سرڪاري ٿاڦيل ميمبر ۽ سينيٽري چيئرمين (سندس يادگيري ۾ سول اسپتال اندر غريب مريضن لاءِ وارڊ جڙيل آهي)، پاڻ 1928ع مري ويو ۽ ڊاڪٽر شاپور اسسٽنٽ سول سرجن جي ڪوشش سان ميونسپالٽي پارسين کي والس روڊ تي سيٺ پالجي جي برف ڪارخاني لڳ (سيٺ پالجي جي ڪارخاني جي سڄي برف نارٿ ويسٽرن ريلوي وارا کڻندا هئا) وارا اسڪول ۽ آتشخانو لاءِ پلاٽ ڏنو ۽ سول اسپتال جي ٽڪري جي هيٺان رهائش لاءِ زمين ڏني، جتي لمجي چاڙهيءَ تي رهندڙ پارسين پنهنجا بنگلا جوڙايا، جن ۾ نمايان رستم جي، ماڻڪ جي، ڪائوس1951ع ۾ سکر اندر 28 پارسي آباد آهن.

هن وقت پارسين جي دنيا ۾ آبادي گهٽبي وڃي ٿي، جو هي شادي گهٽ ڪن ٿا، ٻين برادرين ۾ نٿا ڪن ٻين کين مذهب ۾ قبول نٿا ڪن.

دنيا ۾ پارسين جا 167 آتشخانا آهن، جن مان 45 بمبئي ۾، 105 هندستان جي ٻين شهرن ۾ آهن. سڀ کان وڏو آتشخانو بمبئي ۾ آهي، جيڪو 55 ايڪڙن مٿان بمبئي جي سڀ کان قيمتي علائقي مالابار ۾ آهي، جيڪو 1672 ۾ کين مليو، ان کان علاوه کين جهانگير مغل بادشاهه 1619ع ۾ به جاگير ڏني هئي.

بمبئيءَ ۾ Tower of silance پهريون 1672ع جڙيو ان بعد 1756ع، 1778ع، 1832ع ۽ 1844ع جڙيا.

دنيا ۾ پارسين جو تعداد 2 لک آهي، جن مان 2002ع جي آدمشماري موجب 70 هزار هندستان اندر، پاڪستان ۾ 29 اپريل 2019ع موجب 2831 پارسي رهن ٿا، جن مان 2647 ڪراچي، 94 لاهور، 45 ڪوئيٽا، 8 اسلام آباد، راولپنڊي 7 پشاور ۾ رهائش پذير آهن.

چيو وڃي ٿو ته 2051ع تائين دنيا ۾ صرف 32 هزار پارسي بچندا ڇو جو هنن جو نسل وڌي ڪونه ٿو، سندن مشهور پارسي تاجر رتن ٽاٽا زوبن مهتا مشهور ڳائڻو فريدي جديد ڪراچي جو باني جمشيد نسروانجي.

حوالا:

1.      سنڌ منهنجي نظر ۾، رچرڊ ايف برٽن

2.     تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي

3.     گزيٽيئر آف سکر، جي ڊبليو سمٿ

4.     سنڌ گزيٽيئر، اي دبليو هيوز

5.     سنڌ گزيٽيئر، اي ايڇ ايڪٽن

6.     انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون

7.     سجاد اظهر، انڊپينڊنٽ اردو

8.     بي.بي.سي اردو

نيريٽو آف ريزيڊينس ايٽ مير علي مراد، ايڊورڊ آرچر لينگلي

 

معمور يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

 

 

حاجي منٺار پلي

 

(1862ع – 1941ع)

 

حاجي منٺار ولد ڄام پلي، ”پلي فقير“ جي وڏي پٽ ”پيرج“ جي اولاد مان ”حسناڻي“ پاڙي مان هو، سندس ولادت سال 1279هه/1862ع ڌاري ڳوٺ ڳموري تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿي.

تعليم ۽ تربيت:

حاجي صاحب جي تعليم رواجي سنڌي ۽ مدرسي جي تعليم هئي. مدرسي جي تعليم خواه بزرگن جي صحبت جو اثر اِهو ٿيو جو پاڻ روزي نماز جا پابند ۽ شريعت جي اصولن تي سڄي زندگي بسر ڪيائون. سخي، صابر ۽ شاڪر طبيعت جا مالڪ هئا.

ڳموريءَ جو ڳوٺ انهيءَ دور ۾ تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺن ۾ برک هو. ڳوٺ ۾ هر فن مولا هستيون ساڪن هيون. حاجي منٺار به اهڙين يادگار هستين مان هڪ هو، کيس سير ۽ سياحت جو ڏاڍو ڪو شوق هوندو هو، خاص ڪري ٿر سان ته ايتري دل هوندي هئس جو وسڪارو ٿيڻ سان ئي گهوڙي سنجي روانا ٿي ويندا هئا.

گهوڙن ڌارڻ جو ته کيس ڪو جنون هو، جيڪو گهوڙو کيس پسند اچي ويندو هو ته ان کي ڪنهن به طرح نيٺ وڃي حاصل ڪندو هو.

هُو نه رڳو سٺا سٺا گهوڙا ڌاريندو هو، پر سٺو سوار به هو.

ڪهڙو به نِسل ۽ بدمعاش گهوڙو کڻي هوندو هو، پر حاجي منٺار سوار ٿيڻ سان کيس سڌو ڪري ڇڏيندو هو.

سنجن ته وري اهڙو شوق هوندو هئس جو ڪٿي به ڪو مشهور ڪاريگر (جو ڪوبه گهوڙائون ساڄ جوڙيندڙ هجي) ٻڌندو هو ته ڪهي وڃي ان کان اهو ساڄ ٺهرائي ايندو هو. مهل جو مڙس ماڻهو هو، اڪثر ڊڊي چور کانئس لهرائيندا هئا، دلير ۽ بهادر شخص هو، جنهن به وهراڙي ۾ ويندو هو ته اُهو وهراڙو خالي نه موٽندو هو.

اثر:

حاجي منٺار نه رڳو پنهنجي راڄ ۽ ڳوٺ ۾ مشهور هو، پر ٻين راڄن ۾ به وڏو اثر رکندڙ ۽ مقبول هو. هُو اگر ڪنهن به ڪم لاءِ، ڪنهن به راڄ وٽ ويندو هو ته ضرور ڪامياب ٿي موٽندو هو.

جيئن ته ٿر ملڪ سندس پسنديده ايراضي هو ۽ سال جو وڏو حصو پاڻ اتي گذاريندو هو، تنهنڪري ٿر ملڪ ۾ سندس هلندي بلڪل گهڻي هئي.

انهيءَ اثر جي ئي ڪري ناري پٽ جي ڪيترن ئي وڏن ماڻهن جون شاديون سندس ئي هٿان ٿر ملڪ مان ٿيون، جا راڄن جي قانونن ۽ رسمن موجب تمام مشڪل ڳالهه هئي.

سندس شادي خانه آبادي به ڳوٺ لاکي ٽوڀو تعلقي مٺي مان راڄڙ ذات مان ٿي، جنهن مان کيس ٻه پٽ: (1) مبين (2) ڄام ۽ هڪ نياڻي ڄاوا جن مان سندس پٽ مبين جا به ڪيترا ابتدائي بيت ٻڌجڻ ۾ اچن پيا.* محترم نياز علي ’نياز‘ پنهنجي دؤر جو سجاڳ صحافي، ڪالم نگار، ادب نواز شخصيت هو.

پاڻ 1941ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ڳموريءَ ۾ 79 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين، سندس قبر ڳوٺ جي قبرستان ۾ موجود آهي.

شاعري:

سندس شاعري اڪثر ڪري واقعاتي آهي، پاڻ ڪنهن به واقعي کان متاثر ٿيڻ تي ان واقعي بابت اتي جو اتي ڪيترائي بيت چئي ويندو هو. انهيءَ واقعاتي شاعريءَ ۾ مزاح، مناظرو مقابلو، هجو وغيره جا مضمون اچي وڃن ٿا.

سندس شاعريءَ جو مضمون سولو، سادو ۽ سلوڻو آهي، شاعريءَ کان سواءِ ڳجهارت جي فن ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي، سندس ٺاهيل بيشمار ڳجهارتون، ڳجهارتن جي خزاني ۾ گڏجي ويون آهن. جن کي جدا ڪرڻ تمام مشڪل  ڳالهه آهي.

سندس شعر نه پاڻ لکي رکيائين ۽ نه وري دوستن ۽ پٽن سنڀاليو، انڪري هينئر فقط ٿورن واقعن بابت پورو شعر مليو آهي.

واقعاتي شعر جو دستور آهي ته جيئن اهو سڀ مطالع نه ڪبو تيسين منجهانئن مزو نه ايندو، انڪري هتي هيٺ سندس شاعريءَ مان انهن شعرن جو بيان ڪبو جيڪي مڪمل هٿ اچي سگهيا آهن.

پاهوري جا بيت:

تعلقي ڇاڇري ۾ ”احمد جو تڙ“ ۽ ”لالوءَ جو تڙ“ مشهور ڳوٺ آهن، انهن ڳوٺن ۾ ”رند“ قوم اڪثريت سان آباد آهي، انهن ٻنهي ڳوٺن جي وچ ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ ”ڊوڙاسر“ نالي پڻ آباد اهي.

هڪ سال حاجي منٺار ”احمد جي تڙ“ تي ڪا ٻني پوکائي هئي، جڏهن اها ٻني گُڏ ڪڍڻ جي ايام ۾ آئي تڏهن پاڻ اتي وڃي ڇيڙ ڪري ٻنيءَ جي گُڏ ڪڍائڻ لڳو. گهوڙو ته هميشه ساڻس گڏ هوندو هو، سو ان گُڏ واري ڏينهن تي ”سيريو“ نالي هڪ بجير، گهوڙي تي چڙهي ڊوڙاسر جي ڳوٺ مان واڻيي جي هٽ تان ڪجهه سامان وٺڻ ويو. هو جڏهن ”ڊوڙاسر“ ۾ واڻئي جي هٺ تي پهتو، تڏهن واڻئي چيس ته ”تون هتي پنج منٽ ويهه ته آئون لالوءَ جي تڙ“ تان لالوءَ جي گهران گيهه کڻي ٿو اچان.“

ائين چئي سيريي کي اتي ويهاري، واڻيو گهوڙي تي چڙهي، ”لالوءَ جي تڙ“ روانو ٿيو، جڏهن اتي پهتو تڏهن لالوءَ جي زال ”نازيءَ“ پاهورو ڇوڙي ڪوٺليءَ ۾ لڪائي رکي ڇڏيو. واڻيو جڏهن گيهه کڻي گهوڙي وٽ پهتو، تڏهن پاهوري نه ڏسي وٺي شور ڪيائين، جنهن تي لالوءَ جو وڏو ڀاءُ پانڌي به اچي نڪتو، پانڌيءَ واڻيي جي ڳالهه ٻڌي ان تي ڌيان ته ڪونه ڏنو پر الٽو کيس چيائين ته ”تو پاهورو هتي آندو ئي ڪونه آهي، شايد ڪٿي واٽ ۾ ڪيرائي آيو آهين.“

انهيءَ دوران ۾ ڳوٺ جي هڪ ٻي عورت ”مهربي“ نالي به اتان لنگهي هئي، واڻيي جو ان ۾ به شڪ هو، پر غريب واڻيو رندن سان نه پهچي ماٺڙي ڪري ”ڊواڙاسر“ موٽي آيو ۽ اها سڄي خبر اچي ”سيريي“ کي ٻڌايائين، جنهن اهو سمورو قصو وڃي حاجي منٺار کي ٻڌايو.

حاجي منٺار کي پاهوري جي وڃڻ جو تمام گهڻو ارمان ٿيو، هن رندن جي سڀني چڱن مڙسن کي ستايو، پر پاهورو ڪين مليو، آخر نيٺ دل جو سور دل ۾ سهي هيءُ موٽي وطن آيو.

هڪ ڏينهن ڪنهن جذبي تحت انهيءَ واقعي بابت ويهي بيت چوڻ لڳو، جن ۾ مٿيون سمورو بيان اچي وڃي ٿو. جنهن وقت هن اهي بيت چيا تنهن وقت اتي بيتن جي ياد ڪرڻ وارا ڪي شوقين جوان به ويٺا هئا، جن اهي بيت دهرائي ياد ڪري ورتا، جي پوءِ جلدئي مشهور عام ٿي ويا. جڏهن حاجي برهاڻ راڄڙ (مل فقير جي دوست) جي والد جٽيءَ راڄڙ اهي بيت ٻڌا تڏهن ياد ڪري، لالوءَ جي تڙ وڃي رئيس لالو خان کي ٻڌايائين، جي ٻڌي لالو خان کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ پوءِ جلدئي جٽئي کي ساڻ ڪري هُو حاجي منٺار وٽ ”ڳموريءَ“ ۾ آيو ۽ اچي کانئس معافي ورتائين ۽ کيس پنهنجو ڀاءُ ڪوٺي دعوت ڏيئي ڳوٺ وٺي ويو، دعوت کان پوءِ سندس زال جو لڪايل پاهورو ڪوٺيءَ مان ڪڍي آڻي حاجي منٺار کي ڏنائين.

ان کان پوءِ حاجي منٺار ۽ لالو خان جي اها دوستي سندن موتن تائين هلندي رهي.

لالوءَ جي زال ”نازيءَ“ به 1953ع ڌاري  وفات ڪئي آهي.

ڄار ۽ ڪنڊي:

هڪ سال حاجي منٺار مال ڪاهي ڳوٺ ”گوٺيي“ تعلقي ٿي ويو هو، ان سال ٿر ۾ به ڏُڪار هو ته نادي ۾ به ڪک ڪونه هو، فقط ٿر جا ڪي ڪي ڀاڱا هئا جن ۾ اڃان ڪجهه گاهه هو، گوٺيو به اهڙن هنڌن مان هڪ هو.

هڪ ڏينهن حاجي منٺار جيئن وارو ڇوڙي، پاڏا ڪاهي، لڪ کان هيٺ لاهي، اچي لڪ تي هڪ ڄار ۽ ڪنڊڙي جي کڙيل ڇانو هيٺ ويٺو ته تيئن کيس وطن اچي ياد پيو ۽ عزيز و اقارب اکين آڏو تري آيا.

ڄار ۽ ڪنڊي پاڻ ۾ اهڙي طرح وچڙيل هيون، جو ڄڻ هڪ آهن، پر تيز هوائن لڳڻ ڪري ڪنڊيءَ کان ڄار ٿورو جدا ٿي ۽ نِمي پئي هئي، ائين پي سمجهڻ ۾ آيو ته اگر ڪو تيز طوفان آيو ته ڄار ڪنڊي کان جدا ٿي ويندي.

اتي اهو نظارو ڏسي حاجي منٺار کڻي بيت شروع ڪيا، انهن بيتن ۾ ڪنڊيءَ ۽ ڄار جا سوال جواب به آهن ته گوٺيي تي رهندڙ گرگيجن جي راڄ جو ذڪر به آهي ته سندس دل جو احوال به آهي.

حاجي منٺار جو پٽ ”مبين“ به انهيءَ سال ڄائو هو، ان جو به نالو آيل آهي، اهو واقعو (1914ع) جو آهي.

بيت

ڪنڊئ ايئن ڳالهايو، ته ڀلو اٿئي پرور،

”ڀلي تون پاڻهين آئين، هاڻ سُڻج ڳالهه سکر،

ته مون ۽ ڄار پاڻ ۾ واري ڏنا ها ور،

ننڍي هيءَ نپائي مون، ڪري اوجاڳا اڪثر،

هئا اسان جا اصل کان گوٺيي پاسي گهر،

پيرون لڳائي هن جي پانڌ ۾ مونتان سانگين لاٿي سڱر،

ڀيرون هن جي پاند ۾ ۽ منهنجي سر سڱر،

چنڊيو ڏاڍي چاهه مان ڪيا گرگيجن گذر،

هاڻ ڏڪار پئي ويو ڏيهه ۾ هيءُ ٿيلهيو ڇڏي ٿي ٿر،

منٿ ڪرينس مون پاران، چئينس چڱيءَ پر،

ٻي ڪا آهي اهڙي پهر، جا ڄمائي هتي هن ڄار کي.

جواب ڄار جو

اڙي ڪنڊي ڪوڙا ڪاڇڙا ڪيم ڪر!

تون ئي دانهون ڏيين ’درس‘ کي ته آئون وري وهان ٿي گهر،

هلين ته ٻئي گڏجي هلون، هلي ڪريون پورهي جي پر،

وري اينديوسون وطن ۾ جڏهن ڪارا ٿيا ڪڪر،

پوءِ ناحق ڏوهه مَ ڌر، تون موڪل ڏي ’منٺار‘ کي.

ٻول ڪنڊيءَ جا

موڪل ڏيان منٺار کي جي، ڪريين تون قسم،

تون سنڀري آهين سنڌ کي، مونکي اچي ٿو شرم،

جو اڌ ڇڏي ڀڄي سڄي ڏي، تنهنجو وڃي سڀ ڀرم،

ڪر ڪنڊيءَ تي ڪرم، تون وري ويهه وطن ۾.

جواب ڄار جو

آئون ويٺي آهيان وطن ۾، تون ڇڏ بيماني جي بات،

قسم ڪيم ڪيترا ته به توکي اها تات،

داد تنهنجو درس ڪيو، آئون ويندس ڪين ولات،

جي لڳتم ڪهاڙا، ڪات، ته به مون منٿ مڃي ’منٺار‘ جي.

ڪنڊيءَ ۽ ڄار جي منٺار کي موڪل

دليان جا نيان ’درس‘ تي کي موڪل آهن ’منٺار‘،

وڃ تون پنهنجي وطن ڏي، وڃي ڏس ٻچا ٻار،

ڏينهن توکي ڏاڍا لڳا، اسان تي ’مبين‘ رکندو ميار،

پر هاڻ خدا ڪارڻ توسان، اسان جي ياري آهي يار،

قسمت سان هي قرب ٿيو، پرديسي توسان پيار،

تون نباهج انهيءَ نينهن کي، وسارج نه وار،

موٽي تون ٻيهار، سگهو اچج ساڻيهه ۾.

جواب حاجي منٺار جو

سگهو ايندس ساڻيهه ۾، جڏهن ڪارا ٿيندا ڪڪر،

وسي مينهن وسون ڪندو، سکيو ٿيندو ٿر،

تازيون ڀربيون ترايون، ٿيندا پوٺن تي پلر،

سانگيئڙا ساڻيهه جا، ڪندا گولن تي گذر،

مولا ڪندو مهر، آنکي ملندس اچي ’منٺار‘ چئي.

ڄار ۽ ڪنڊي

ملڻ تنهنجي ۾ منهنجا سائين، آهي ڦير نڪو فتور،

پر اڳي اڻ سينڌا هئاسون، هاڻ سانڍيو ڪين سور،

سمهڻ اسان جو سور ٿيو، وهڻ ٿيو وهلور،

پرديسيءَ جي پريت جو، پئجي ويو سون پور،

رت روئڻ، جهوري جهڄڻ، اندر ۾ انبور،

ڪيئن ڪيون؟ ڪيڏانهن وڃون؟ چا ڪن ڪيوسون چور،

ڪڇڻ پڇڻ ڇڏي ڪيوسون ماٺ کي منظور،

هاڻ دلبر ڪنهن دستور، تون سهو اچج ساڻيهه.

---

جڏهن سگهو اچين ساڻيهه ۾، تڏهن خبر ڪج کري،

ته اچون توکي ملڻ لئي چوٿين تان چڙهي،

بيهي منجهه برهه جي، ڪاريون ٿيوسون ڪڙهي،

جهونيون ٿيوسون، جهنگل ۾ روئي ۽ رڙي،

هنيون ڦٽي ڦارون ٿيو، اندر سڪ سڙي،

راول رات رمي ويا، ڪاهي ڪاپڙي،

ڏئي ويا ڏاج ڏکن جو، دردن جي ڌڙي،

ان جي انتظار ۾ آئون کامان ڀڻي کڙي،

جن سان جيءَ جڙي، سي ملندا ڪڏهن ’منٺار‘ چئي.

---*

ملندا ڪڏهن منٺار چئي، دوست دلدارا،

جن مان پريت پينگهي جي، سي ڪامل قرارا،

پرديسين لئي ’پلي‘ چئي، وهن نيڻ، ڪريو نارا،

آهن روز اندر ۾، ٻارڻ ۽ ٻارا،

اچي آهن اوچتا، هي محبت ڪيا مارا،

دردن دونهون دکايو، سور اٿيا سارا،

ائين آهه آگم اکين تي، جيئن اُڀ ۾ ڪڪر ڪارا،

جي مندائتيون برسن ڀڻيون، وسن ڪريو وارا،

هو پرمل پيارا، ملندا ڪڏهن ’منٺار‘ چئي.


* راوي (1) حاجي مبين (2) حڪيم راڄڙ (3) حسن راڄڙ

 (1) لوڪ ادب سيريز جو ڪتاب: مناظرا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org