سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2023ع

باب:

صفحو:18 

گل محمد ”گل“ ڪنڀار

وِهرو عمرڪوٽ

ننڍڙو ويچار

وِهري سَندي واٽ تي،

مون ويهي ڪَيو ويچار

مالڪ پنهنجي مَهر سان،

پاڻي مون کي پيار

ڏاڏاڻــــــــــي ڏيهـــــــــه ۾،

وِجهه هيڻن کي تون هار

سُکيا هوندا سيئي،

جِن ديس نه ڇڏيو دلدار

ڪُونجون ڪُرڪـــــــــي آيون،

جيڪي وَيون ٿي هُن پار

ٻوليون جِن جُون مٺڙيون،

پَرن ۾ هـــــــــو پيار

رانجهن پنهنجي پرين کي،

پَل پَل ويٺو پُڪار

ڏوري ايندا ڏکڻ کان،

ڪري قُربن جي قطار

قُرب ڪري تون ڪَجلا،

ٿي سُهڻن جـــــــــو شِڪار

ڪاريون لويون ڪُلهن ۾،

جِت رهاڻيون ڪَن ريڍار

’سائيناڻي‘ سامروٽي جي،

سِگهڙي لَهه تون سار

وسندا ميگهه مَـــــــــلار،

ساري هِـــــــــن سَنسار ۾.

*

ڏِٺ

سَنڀري نِڪتا سَفر تي،

ساٿي ڪي ٽي چار

اڳيان مليو اوچتو،

ٻَڪرين سان ٻَڪرار

پَهرين پُڇيسون اُن کان،

خاصي خـــــــــبر چـــــــــار

ڪير آهين ڪيڏانهن وَڃين،

ڪاهيو مال مَتار

تَنهن ڏِنا اسان کي،

هِن پَر سَما چـــــــــار

ته آئون پينار پريت جو،

نَڪي ڌڻ ڌَنـــــــــار

آئون گُذاريان غَمن ۾،

ٻيا دل ۾ درد هزار

بِنا ساجن صفا لڳي،

سُڃو هـــــــــي سَنســـــــــار

پکي پکڻ سڀ ڳوليم،

ٻيا جانور جانـــــــــدار

پَر نه مليو هو مون کي،

جيڪو دلبر ٿي ويو ڌار

ويٺل آهيو ڪَچهري ۾،

سُگهڙ سڀيئي هوشيار

ڏاڏو مور ڪَچهري جو،

ٻيو قُرب ڀريو ڪمدار

ڏِيو سُگهڙو سَماچار،

’گل‘ چوي انهي گس جـــــــــا.

 


 

 

*

يَتيمن جـــــــــي زندگـــــــــي،

آ عجب سندو اُهڃاڻ

رَب جڏهن راضي ٿئي،

ته هَر هنڌ ٿئي واکاڻ

سُنت ۾ ته سڀ کان آهي،

پَهريون نمبر پـــــــــاڻ

ٻُڌو جڏهن ڪَريم جـــــــــو،

رَچي ويهي رِهـــــــــاڻ

آمنه جي گهر پُهتو،

ٻنهي جهانن جو اڳواڻ

مَڪي ته موج ٿـــــــــي،

پکڙي ويئي سُرهـــــــــاڻ

حَليمان جـــــــــي هَنج ۾،

پَليا آهـــــــــن پـــــــــاڻ

جڳ سَڄو روشن ٿيو،

جهڙي چَمڪ آ چانڊاڻ

آخرت ۾ اُمت جـــــــــو،

ساٿـــــــــي رَهندو ســـــــــاڻ

غَفلت ڇَڏ تون ’گل‘ ڪُنڀر،

ڄاڻين ٿو سَڀ ڄـــــــــاڻ

اهڙي ڪَر رِهاڻ،

جو ڪَم اچي وقت ۾.

*

قُرب منجهان ڪوجهل کي،

نيڻن ســـــــــاڻ نِهـــــــــار

پاڻي بِنـــــــــا پريـــــــــن جـــــــــا،

وِکريـــــــــل ڏِٺـــــــــم وار

پاڻي سندي پريـــــــــت ۾،

پِيا ڏونگـــــــــرن ۾ ته ڏار

جِت رَهن پيا مِرگهلا،

ساري ســـــــــڀ ڄَمـــــــــار

مِرگهه اک محبوب جـــــــــي،

آ دُنـــــــــيـــــــــا ۾ دَرڪـــــــــار

سائيناڻي شُڪر ڪَر،

توکي واهَه جي مِلي وَڻڪــــار

ايندو ويندو عُمر ڀَـــــــــر،

ڏِسندو رَهجان يـــــــــار

اَرمـــــــــان ســـــــــان اُٿڻـــــــــو آ،

ته پو ويهي ڪَر ويچار

ڏُکـــــــــن بِـــــــــنـــــــــا سُکڙا،

هوندا آهن بيڪـــــــــار

ڪَٽ لڳل آ قَلب کـــــــــي،

تَنهن کي ڪَلمي جي ڏي مار

ڪَلمون پَڙهي قُرب مـــــــــان،

ٿي سُهڻن منجهه شُمار

وَڻ لڳائِج واٽ تـــــــــي،

جنهن جي گِلا ڪَرڻ بيڪار

ڦل لڳي ٿو جنهن ۾،

مِـــــــــٺـــــــــڙو مـــــــــزيــــــــــــــــــدار

قُرب جي ته ڪوٺ ڏيئي،

بيهجان مَنجهه قطـــــــــار

رنگ رَچائي رَب ٿـــــــــو،

تَنهن کي پَل پَل پيو پُڪار

ضرور ٻُڌندو ٻاجهه سان،

ڪَـــــــــرم ڪندو ڪلتـــــــــارَ

وَسيلو جهَلجان رسول جـــــــــو،

ٻنهي جَهانن جو سَـــــــــردار

سائيناڻي سامروٽي جـــــــــو،

دِل ۾ رَکجان پيـــــــــار

ڪَرم ڪندو ڪَلتار،

قُربَئون هِن ’ڪُنڀار‘ تي

       سنڌ جي تهذيب دنيا جي سڀ کان آڳاٽي چئي وڃي ٿي، جنهن جو جيئرو جاڳندو ثبوت ”موهن جو دڙو “ آهي، هن ڦٽل دڙي جي آڳاٽن آثارن تي غور ڪرڻ سان ذهن ۾ سوال اُڀري ٿو ته جڏهن اتان جا رهواسي پنهنجي رهائش لاءِ مڪمل طور تي شهري اڏاوتي رٿابندي موجب گهر ۽ گهٽيون، کوهيون ۽ حوض، وهنجڻ جون جايون، تلاءَ ۽ نالا ۽ ڪسيون جوڙي سگهيا ٿي ته پوءِ وٽن ترقي يافته لکيت ۾ ڪم ايندڙ ٻولي ڪيئن نه هوندي؟ هنن پنهنجي روزمرهه جي سماجي وهنوار ، ڳانڍاپي ۽ ڪاروبار جو وسيلو ضرور ٻوليءَ کي بنايو هوندو، سندس ٻوليءَ جي اهڃاڻي شڪل، جيڪا ٺڪرين تي اُڪريل يا ڇاپيل ملي ٿي، موجوده نسل، پنهنجي سمورين سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي سهوليت حاصل هئڻ جي باوجود پڙهڻ يا ان جو مطلب سمجهڻ کان قاصر آهي، ان دؤر کان هن دور جي وچ ۾ ڪيترائي طوفان آيا هوندا، ڪيترائي ڀيرا ڌرتي ڌُڏي هوندي، ڪئين ڀيرا سگهارو سنڌو ٻنيون ٻارا، وسنديون واهڻ، شهر ڳوٺ ٻوڙي ماڻهن کي پنهنجي ايندڙ پيڙهين لاءِ پويان ڪجهه ڇڏي وڃڻ کان سواءِ، گمنامين جي  اونداهين ۾ غرق ڪري ويو هوندو؛ ۽ ڪيترن ئي حملي آور جنگجُو مهمجوئن تهذيبن جا نشان به ناس ڪري ڇڏيا هوندا. ان ڪري زمانن جي گذرڻ کانپوءِ انهن نسلن ۽ اڄ جي نسلن ۾ ڪو تعلق قائم نه ٿي سگهيو آهي، ڪا به ڪڙي، ان دؤر جي ڪڙي سان نه ٿي ملي، ايتري قدر جو هاڻي رڳو تصورن، انومانن ۽ مفروضن جي بنياد تي نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا، يا انهن لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

         اهو به تاريخ کان اڳ وارو دؤر هو، پر هندو ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم جي دورن ۾ هتي ڇا وهيو واپريو هوندو، انهن جي باري ۾ پڻ تاريخ  گونگي آهي، يا سندس وات تي پٽو چڙهيل آهي، ان کانپوءِ وري اسلامي دور کي پڻ اسان کي دوربين سان ڏسڻوپوي ٿو، ته  تاريخ ۾ اسان ڪٿان ڪٿان گذريا آهيون ۽ اسان جي قدمن جا نشان باقي ڪٿي ڪٿي آهن، اهي سڀ دؤر ۽ انهن جا مختلف پهلو تحقيق طلب آهن.

ولي رام ولڀ

مهراڻ 3/1996ع تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org