سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2023ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

وارهه

 

 

علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو لوڪ ادب ۾ حصو

علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ سنڌ جو يگانو ۽ دُريڪتا عالم، شاعر، مصنف، مترجم، مؤلف ۽ اديب پڻ آهي، هن جي مزاج ۾ ڪيتريون ئي گوناگون لياقتون ۽ صلاحيتون موجود آهن. سندس ڪلام ۾ اها صنف نه آهي، جيڪا علامه تارڪ لکي يا چئي نه هجي. پوءِ اها ڪافي هجي، بيت هجي، جهولڻا هجي، شبد هجي، ٻاڻي هجي، غزل هجي، مرثيو هجي، قصيدو هجي، منقبت هجي يا شاعريءَ جي ٻي ڪا صنف هجي. هر صنف کي تارڪ فقير قلمبند ڪيو آهي. ان کان علاوه نثر ۾ واهڙ وَهايا اٿس. ٻوليءَ ۽ تاريخ جو به ڏاهو ۽ ماهر نظر اچي ٿو. هڪ ڪتاب ٻوليءَ تي فارسيءَ ۾ ”دانايانِ فرنگ“ جي نالي سان 1931ع ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪيائين، جنهن ۾ ان وقت جي انگريز عالمن، اديبن ۽ ماهرن جي ڪم تي نور نچويائين ۽ انهن کي هن لغات ذريعي آشڪار ڪيائين. هيءُ ڪتاب اڄ تائين قلمي حالت ۾ محفوظ آهي، جيڪو 95 صفحن تي آڌاريل آهي.

علامه تارڪ جو لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ ايترو ذڪر ڪونه ٿو ملي، ۽ سندس ڪافيون ڪافين جي ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ درج آهن، ان کان علاوه ادب جي ٻئي ڪتاب ”هفته، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا“ ۾ به صرف ٻارنهن مهينا سرائيڪي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيل آهن. جڏهن ته تارڪ فقير هفتي جا بيت ۽ ٻارنهن مهينا سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ چيا آهن. سندس ڪلام ٻولي ۽ گهاڙيٽي جي حسابَ سان منفرد مقام رکي ٿو. ڪليات تارڪ سنڌيءَ (قلمي) ۾ پاڻ هينئن لکي ٿو ته:

”ائين ڇو نه هجي جو منهنجي استعداد جي ماڻهوءَ کي سينگار نازش فضل جو ۽ تشريف منهنجي وجود کي سرمايو رازش ڪمال جو ناهي، نه ترانو گرامر ۽ اشتقاق جو منهنجي لب تي، ۽ نه راڳ شرط ۽ جزا جو منهنجي زبان تي، نه خون لغات قديميءَ سنڌيءَ جو منهنجي گردن ۾، نه لاش لغات لطيفيءَ جو منهنجي ڪلهي تي، نه ڦلهونهون پير واٽ ضايع جو آهيان، نه گوهر چمڪندڙ ڌاڳي بدايع جو آهيان، ڪباب آتش بيدود سنڌيءَ جو آهيان، ۽ خراب ڪَوڙائيءَ شراب پُرزور معنيٰ بَٺيءَ سنڌي ڄاڻندڙن سنڌ جو آهيان، مڇي آهيان درياهه ۾ رهڻ مون کان پڇ، ۽ گلزار جو آرائين سنڌ جو منهنجي چَپَ تي، جهونگار ۾ ڳيت سوڀي مان وٽان جاچ، سبزه ڄمايل ڪڪر جو آهي، ۽ گل ورهايل صبا جو. چونڊڻ ۽ دسته ٻڌڻ ٿوري صنعت آهي، ۽ يار انهيءَ ڪم وارا آهن. هائو! بيڪار جيئڻ نه جڳائي، ساهه آب ۾ پوکڻو آهي ۽ زبان درياهه ۾ گڏڻ ۽ پاڻ کان مايو وٺڻ، عجب حالت آهي، اسان انهيءَ لڙ ۾ آهيون، يعني مزي کان سگهجي ٿو.“

علامه تارڪ ڪهڙي نه سهڻي نموني لب ڪشائي آهي، مقصد اِهو آهي ته ڪير به هجي ۽ ڪٿي به هجي، کيس بيڪار جيئڻ نه جڳائي، ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهي، بيڪار جيئڻ ڪنهن ڪم جوئي نه آهي، علامه تارڪ جي هنن سِٽن کي پُرجهڻ ۽ پرکڻ ضروري آهي. زندگي ڪهڙيءَ طرح گذارجي، زندگي خدا پاڪ وٽان مليل هڪ سونهري موقعو آهي، جنهن جو ڪو مثال ئي نه آهي. زندگي کڻي ڪيترائي ڏينهن، مهينا ۽ سال هجي، پر آهي مختصر! اِن ۾ ٻه واٽون چڱيون ۽ لڱيون آهن. انسان کي جڳائي ته چڱي واٽ وٺي ۽ ان تي پاڻ کي هلڻ جو پابند بڻائي.

علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو لوڪ ادب جي سلسلي ۾ نالو نه ڳڻائڻ ساڻس انصاف نه ڪرڻ جي برابر آهي، هِن ڏس ۾ فقير تارڪ جو ڪافي ڪلام آهي، جيڪو اڄ تائين اسان جي پهچ کان پري رهيو آهي، وري به جَسُ آهي سيد واجد گيلانيءَ کي، جنهن علامه تارڪ جو ”ڪلياتِ تارڪ سنڌي“ جو فوٽو ڪاپي منهنجي حوالي ڪيو. هن قلمي نسخي تان استفادو ڪرڻ جي ادنيٰ ڪوشش ڪئي اٿم. فقير تارڪ تمام مختصر زندگيءَ ۾ ٻه سؤ ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ نظم ۽ نثر جون مڙيئي صنفون شامل آهن. تارڪ فقير ننڍپڻ کان وٺي پڙهڻ ۽ لکڻ جو نهايت ڪوڏيو ۽ شوقين هو، جنهنڪري واندو ويهڻ کي بيڪار ۽ بي سود ۽ فضول ڄاڻندو هو.

علامه تارڪ پنهنجي زندگي اجائي نه پر سڦلي ۽ سجائي صرف ڪئي، پاڻ فقير سائين سيلاني به هو، سنڌ جو ڪافي حصو گهميو هئائين ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت به ٿي ڪيائين ۽ پنهنجو غزل به ٿي پڙهيائين. اهڙي شاهدي سندس ڪلام مان نمايان پر گهٽ آهي، جنهن ۾ ڪنهن رتيءَ جو به تفاوت ۽ ويڇو نه آهي. چون ٿا ته ڳائڻو به واهه جو هو، ٿيندڙ ادبي محفلن ۾ پنهنجو ڪلام پاڻ ڳائيندو هو ته وري ان سان گڏ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪندو هو.

علامه تارڪ کي اهڙي ته لوري لڳل هئي جو لکندي لکندي ڪيترائي ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيندو هو. خوشخط ۽ خوش نويس به سٺو ۽ سيبتو هو. سندس اکر به نهايت پڪا پختا ۽ دل موهيندڙ آهن. ڪلاسيڪي ادب سان گڏ لوڪ ادب کي به نه وساريو اٿائين.

هدايت علي پُٽ تراب علي عرف فقير الله داد تونيو، ڳوٺ لعلو رانئڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. هيءُ سنه 1277هه/1860ع ۾ ڄائو، ۽ سنه 1942ع ۾ وفات ڪيائين. درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي، ۽ نهايت پرهيزگار شخص هو، ايتريقدر جو شادي به ڪونه ڪيائين، ۽ سڄي عُمر ڪنوارو رهيو. سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي، عربي ۽ پشتو ٻولين ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس، پنهنجي ڪلام ۾ پهريائين ”نجفي“ ۽ پوءِ ”تارڪ“ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس ڪلام مان ”ٻارهن مهينا“ هتي ڏجن ٿا:

سنڌي بيت هفتي جا

ڇنڇر

ڇنڇر ڏينهن ڇنڇر ڇپي پيو، دل موهي دلدار،

اچي لڳو ڪو عشق جو، اندوهه ۽ آزار،

ويهڻ بيهڻ وِهُه ٿيو، ۽ لَنؤَ ڪيو لاچار،

ڪنهن کي سَلي ڪينڪي، دل عشق سندو اسرار،

ڪُڙم قبيلو ٿيو ڪَڙو، برهه ڪيو بيزار،

لڳي ناوڪ نيهنن جي، ناز منجهان نروار،

ڪَس نه لڳي ٿو ڪجهه ڪي، سار وهي سنسار،

دارُون آهي دل کي، دلبر جو ديدار،

ملندو جي منٺار، ته لهنديون مونجهان مَنَ جون.

آچـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــر

آچر ڏينهن اکين کي، اچي نا آرام،

اٺئي پهر اندر ۾، محبت جو ماتام،

هڪدم حبيبن ڏنو، جوس سندو هٿ جام،

نشو ڏاڍو نينهن جو، خيال ويو سڀ خام،

پلپل پُور پرين جو، پيو دل کي ڏاڍو دام،

من ڏيکاري منهن ڪڏهن، گُلرُوءِ سو گلفام،

ورد وظيفو وات کي، نرتيون تنهن جو نام،

عشق سندي آزار کي، ڄاڻي خاص نه عام،

سندو قرب ڪلام، دم دم آهي دل کي.

ســــــــــــــــــــــــــــــــــــــومــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــر

سومر ڏينهن سڀين پَرين، ٿي هجر جي هيهات،

ٻي سڀ وائي وسري، ٿي برهه سندي هڪ بات،

محبت تنهن محبوب جي، سڪ لاتي سڪرات،

پَسڻ خاطر پرينءَ جي، تهدل ڏاڍي تات،

راتو ڏينهان روح کي، ٿي وائي اُن جي وات،

من واڌائي وصل جي، ڏاتر ڏئي ڪا ڏات،

وحدت واري ويڙ ۾، هڪ ٿئي ذات صفات،

ساريندي سهڻي کي، ٿي پرهه ڦُٽي پرڀات،

عشق سندي آيات، وظيفو ۽ ورد ڪيم.

اڱـــــــــــــــــــــــــــــــــارو

اڱاري ۾ عشق جا، خاصا لڳا خيال،

ترڪ ڪيا مون منجهه طلب، مڏيون مايا مال،

گهر تڙ سڀ گهوري ڇڏيا، جيڪي هٿ ها جال،

وڇوڙي ۽ وِرهه هئي، هيڻا ڪيا اچي حال،

روئندي روئندي روز شب، جر هاريا مون جال،

سڪندي ساريندي سڄڻ، سارا گذريا سال،

کِلڻ کائڻ ۽ خوشي، ڀانيان جال جنجال،

صبح صادق جو اٿي، ڪيان سائينءَ کي هي سوال،

وارين ورق وصال، ته ٿئي سرهائي ساهه کي.

اربــــــــــــــــــــــــــــــــع

اربع ڏينهن عجيب مون، برهه پڙهايو باب،

مطالع من ٿيو، ڪرڻ سندو قرب ڪتاب،

حُسن حَسينن جو پَسي، اُڌو شوق شتاب،

منهن سارو محبوب جو، مسجد و محراب،

چشمن اُن جي چال سان، دل کي ڪيو ڪباب،

ڳل گلابي گل جيئن، يا مثل چوان مهتاب،

منهن منور جي مٿان، کوليو يار نقاب،

شمس ته شرمندو ٿيو، پرگم منجهه شرم گلاب،

سڀئي ڏوهه ثواب، ان جي وِرهه ۾ ويو هليو.

خميس

ڏينهن خميس جي خوبتر، نرتيون پئي نگاهه،

حُسن ڏٺم تنهن هوت جو، مات ڪيئين کي ماهه،

پرتيون پُرجهي ورتيم، رندن واري راهه،

ناگهه نڪتي سا نظر، وات منجهان وَهه واهه،

صورت جي سنسار کي، سَهجون سمجهو ساهه،

عقل اُوڃي جي مٿان، عشق ڪُڏي ڪئي ڪاهه،

علم اتي عاجز ٿيو، جاءِ لڌي نا جاهه،

معنيٰ جي ٿي ملڪ ۾، شاهي شام پگاهه،

صورت جي ساراهه، لکي لوح قلم ۾.

جمعو

جمعه ڏينهن جانيءَ سندو، سهجون ٿيو سامان،

حُور، پَري ۽ دَيوَ، جِنَ، سڀن مڃو فرمان،

اچي اظهر ٿيا اتي، عشق عجب عرفان،

ٿيو تفسير تمام سان، قرب سندو قرآن،

وحدت جي وهنوار جو، بَڪجي ڪهڙو بيان،

عاشق ۽ معشوق عشق، هڪ ٿيا ات هرآن،

هجر ۽ وصل به هڪ ٿيو، بي نيشان نشان،

هڪ باطن ظاهر ٿيو، هڪ ٿيو عيان نهان،

تارڪ دل ۽ زبان، هڪ ٿيا ٻئي هر حال ۾.

ٻارهن ماهه سنڌيءَ ۾

تون چيٽ اندر ويساک اندر تون ڄيٺ اندر اظهار ٿئين،

تون منجهه آکاڙ ۽ سانوڻ ۾، تون سندا بَڊي آثار ٿئين،

تون اَسوءَ اندر تون ڪَتيءَ اندر، تون ناهري ۾ نروار ٿئين،

تون پوهه اندر تون مانگهه اَندر، منجهه ڦهڳڻ تون’تارڪ‘ وار ٿئين.

ماهه چيٽ

اڄ چيٽ مهينو آهه ڏسو، چوڌار حقيقت شور ڪيو،

ٻيو ڪجهه نه هيو ريءَ ذات خدا، تنهن منجهه ٿي صفت جي زور ڪيو،

ڪٿ ڪِيلي ڪئي ڪٿ هاٿي ڪيو، ڪٿ بوم ڪيو ڪٿ مور ڪيو،

هي ’تارڪ‘ ان بيرنگ احد، ڪٿ ساڌ ڪيو ڪٿ چور ڪيو.

ماهه ويساک

ويساک مهينو آيو ويساکي، حُسن حقيقت واري لڳي،

جا ذات هئي بيرنگ سدا، سا اڇي لڳي ڪٿ ڪاري لڳي،

پڻ هوش خرد جي ديدن کي، ڪٿ نوري لڳي ڪٿ ناري لڳي،

ڪئي ’تارڪ‘ ان جي جاچ جنهين سڀ تنهن کي حقيقت ساري لڳي.

ماهه ڄيٺ

اڄ ڄيٺ ڏٺو ٿو، صد سندا، آثار نمايان خوب ٿيا،

ڪٿ زاهد ٿيا منجهه زهد ڪٿي رنديءَ ۾ رندان خوب ٿيا،

انسان جي چولي پاڻ ٿيو، سڀ ماڻهو تنهن کان خوب ٿيا،

بيجان ۽ جان ۾ ’تارڪ‘ خود جاندار ۽ بيجان خوب ٿيا.

ماهه آکاڙ

آکاڙ ڏٺو اسرار ڏسو هڪ ذات صفات سموري ٿي،

جو ڌرتيءَ ۾ سو مٿي فلڪ هر جاءِ سندس مشهوري ٿي،

خود ناظر ٿيو خود منظر ٿيو هيءَ دل کي سندس منظوري ٿي،

بيرنگ ظهور و رنگ ۾ ڪيو هيءَ ’تارڪ‘ پرت ته پوري ٿي.

ماهه ساوڻ

اڄ سانوڻ ماهه ڏٺو سون يارو، عشق سندو اسرار ٿيو،

خود عاشق خود معشوق ٿيو، خود يار ٿيو اغيار ٿيو،

ڪٿ وصل سندو اقرار ٿيو، ڪٿ هجر سندو آثار ٿيو،

هي ’تارڪ‘ جلوهء ذات احد، هر مظهر ۾ نروار ٿيو.

ماهه بڊو

وهه  ماهه بڊي جو آيو جنهن کان وحدت ڪثرت ۾ آئي،

دريائي حقيقت جي مون ڏاڍي لهر طريقت ۾ آئي،

پاڻ حقيقت پاڻ طريقت ذات جي حڪمت ۾ آئي،

’تارڪ‘ بي صورت جي حڪمت، حڪمت صورت ۾ آئي.

ماهه اَسو

پڻ ماهه اَسو اظهار ٿيو، بيرنگ سندو خوشرنگ ڏسو،

سو وَسين ڏسو ويران ڏسو، سو باغ ڏسو سو جهنگ ڏسو،

سو شاهه ڏسو سو فوج ڏسو، سو صلح ڏسو سو جنگ ڏسو،

سو ’تارڪ‘ ساقي مطرب آه، سو ساغر آه سو چنگ ڏسو

ماهه ڪَتي

اڄ ماهه ڪَتيءَ جو آيو هرجاءِ، وحدت جي گلزاري ٿي،

سڀ دين ۽ فڪر جي ويس اندر اچي هو حق جي هٻڪاري ٿي،

جا ذات ڳجهي ادراڪ کان هئي، سا جلوه نما چوڌاري ٿي،

اي ’تارڪ‘ نعرو اناالحق هڻ تون سرس سندءِ سرداري ٿي.

ماهه ناهري

هي ناهري وارو ماهه ڏٺو ٿيو، جنهن ۾ نفي اثبات عجب،

۽ سالڪ سر ۾ ٿي پيدا ذات صفت جي بات عجب،

آدم ۾ دم ذاتي ٿيو هي آهي، احد جي ڏات عجب،

مَلڪ، اُڀ ۽ جِن، دَيوَ اي ’تارڪ‘ ان تي پڙهن صلوات عجب.

ماهه پوهه

وهه پوهه مهينو ظاهر ٿيو، تصوير حقيقي ظاهر ٿي،

اظهار نبّوت جي اولي ۾، رمز ربوبي ظاهر ٿي،

۽ آدم کان تا احمد ساري، طرز سلوڪي ظاهر ٿي،

تون سَوَ شڪرانا ڪر ’تارڪ‘، جو سيرت صوفي ظاهر ٿي.

ماهه مانگهه

اڄ مانگهه مهينو يارو ٿيو، اسرار بطون جو سير ٿيو،

لئي عشّاق جي دو جڳ ۾، ناويري نا ڪو ويري ٿيو،

هي، تون، مون، هي، هُو آهي، هڪڙو تنهن ۾ ناڦند ٿيو،

اي ’تارڪ‘ چئُو همه اوست سدا، موجود احدريءَ ڪير ٿيو.

ماهه ڦڳڻ

ڏس ماهه ڦڳڻ موجود ٿيو، ويا پردا غير جا جمله سڙي،

سو پاڻ ٿيو بندو پاڻ خدا، اک اک ۾ عشق کان اچي اڙي،

هو پاڻ پَسائي پاڻ پسي ٿو، پرت حقيقي ائين پڙي،

اي ’تارڪ‘ ان ريءَ ناهه ٻيو، خود تَن تنهن ۾ جان جڙي.

ايضاً

هي ٻارهن ماهه ۽ هفتا سارا ڏينهن ۽ راتيون آهي اُهو،

خود موجودات سموري يارو، ڊاهي ٿو ۽ ٺاهي اُهو،

خود اهل سلوڪ جي دل جا وهم ۽ وسوسه سڀ ٿو لاهي اُهو.

ڪافي

صورت سڄڻ جي سهڻي، سبحان جي نموني،

آيو پرين پيارو، انسان جي نموني.

موتي نه مَٽُ ڪو گوهر، دندان جي نموني،

لب لعل لطف وارا، مرجان جي نموني.

آهه و فغان اسان جي، ارمان جي نموني،

اکڙين جي اَشڪ باري، باران جي نموني.

چشمن سندي آهه چالي، جولان جي نموني،

ماري انهن ڪيو آه، تالان جي نموني.

نيڻن ڪيو آه ’تارڪ‘، نيشان جي نموني،

منهنجو سخن سمورو، سلطان جي نموني.

ڪافي روپ جهنگلي

سِڪايا نه سِڪاءِ يار، نيڻ کڻي ڏس ناز مون.

داڻا جي ديدار جا، پاند اسانجي پاءِ يار.

عشق نه آه اڄ ڪلهه جو، اسان توکان اڳ آءِ يار.

ايڏو حجاب حُسن تي، جانب ڪين جڳاءِ يار.

طالب هن ’تارڪ‘ کي، پرين پاڻ پَساءِ يار.

ڪافي

روپ بروهه ۽ تلنگ

عُمر آهه مارن جي ماريو وڇوڙي،

قضا قيد ڪئي، سا لکيو ويٺي لوڙي،

اجڙوال آهيون کائُون ڏت ڏهاڙيون،

نه ڄاڻون ٿا واڙن رئ محلات ماڙيون،

ڀنگا ڀر ڀٽن جي ويهون جال جوڙي.

عُمر ڄام اوڏنهن وري شال وينديس،

سڄو حال سرتين سان ويهي ونڊينديس،

ڪرين قيد ڪيئن ڀي رکين تاب توڙي.

سندم لال لوئي جي لڄ رب رَهائي،

امانت سلامت سانگين سان مِلائي،

لاهي قيد ڪڙيون ڀڃي سڀ ڀروڙي.

اُوهو ڏينهن ايندو، وينديس وَيڙ موٽي،

وڇوڙي جي ويندي، وڃان شل وڇوٽي،

نيو نينهن ’تارڪ‘ نڌر کي نهوڙي.

ڪافي

هي ته عشق ٿو، موجان ماڻي، ٻيو ڪو ڄاڻي توڙي نه ڄاڻي.

برهه جي بات سدائين بالا، ڪوئي ويسهه آڻي نه آڻي.

علم اناالحق عشق پڙهايو، تهدل توڙ رساڻي.

عشق اسان جَي ٻُڌي ٻولي، ڳهلا پيا ڳاراڻي.

عشق اسان جو تابع نه ڪنهن جو، سو ته نِوين نا ڪنهنجي ناڻي.

’تارڪ‘ هڻ تون نينهن جو نعرو، تون ٻيا ڇڏ خيال اُڪاڻي.

ڪافي

آيو جلوو پَسائڻ جاني، پرين پوش ڍَڪي انساني.

حُسن سڄڻ جو آهه هزاري، سج چنڊ کان سو سرس سؤ واري،

لاشڪ آهي لاثاني.

خاڪي چولو خاص ڪيائين، پيدا منجهان اخلاص ڪيائين،

نُورئون نُور نوراني.

برهه جي بازي يار بنائي، پاڻ لئي پاڻ وتي سودائي،

سڪ اندر سيراني.

الانسان جو ڏيئي اشارو، ’تارڪ‘ هنيائين نينهن جو نعرو،

ٿيو سو عين عياني.

ڪافي

سرائيڪي روپ سارنگ

مئن سر برهه بهار هوئي ري.

بوند حسن دي برسر برسي، برسر برسي، تل نا ترسي،

محبت مينگهه ملهار هوئي ري.

رعد دمادم ماري نعرا، ماري نعرا هو هونگارا،

اناالحق گجڪار هوئي ري.

برهه جي بجلي چمڪ چلاوي، چمڪ چلاوي غير جلاوي،

چؤطرف چمڪار هوئي ري.

عشق ازل دي بوند بهاري، بوند بهاري، بي اختياري،

’تارڪ‘ سر نروار هوئي ري.

 

رسول بخش تميمي

جاتي

 

 

 

ٺٽو ننگر

 

باب الاسلام سنڌ جو ممتاز تاريخي شهر نگر ٺٽو، هن وقت تمام ننڍو شهر وڃي بنيو آهي. ليڪن ڪو وقت هو جو هتي سڄي دنيا اُٿلي ايندي هئي. ٺٽو خوشبوئن جو شهر هو. هن جي چوڌاري باغ باغيچا هوندا هئا ۽ شهر سدائين سرهاڻين سان واسيو پيو هوندو هو. هن ۾ علم و هنر ۽ تجارت توڙي اڏاوت جا شاهڪار موجود هئا، ان وقت ٺٽو قرطبه ۽ بغداد سان ڪلهو هڻيو بيٺو هو ۽ ڪافي وقت سنڌ جو تختگاهه رهندو پئي آيو. ان کان اڳ سنڌ ۾ منصوره، سيوهڻ ۽ ديبل اهڙا شهر هئا جن جو ناماچار سڄي دنيا ۾ پکڙيل هو، پر جڏهن انهن جو زوال ٿيو ته انهن شهرن کان ماڻهو جديد اسلامي تهذيب جي گهواري، عالمن، فاضلن، عاملن، عارفن، عابدن، شاعرن، ڪاتبن، عادلن، عاقلن، عاشقن، معشوقن، فقيرن، پيرن، صوفين، ولين، قطبن، ڪاملن، قلندرن، وريامن، ويڙوهن، دولهن، دودن، دلاورن، دليرن ۽ درياءَ دل انسانن جي ڌرتي نگر ٺٽي جا اچي مسڪني ٿيا. جيڪو هن زمين جي گولي تي عالمن ۽ عارفن جي جنت هو. هو علاه ازين بڪار، ٿرڙي، ساموئي، ساڪري جي سرزمين جي ڦٽڻ سبب اڪثر باشندا ٺٽي طرف وريا، جن ۾ هر فن ۽ عمل وارا شاهه شاهوڪار شامل هئا.

مصر ۾ نيل، عراق ۾ شام ۾ دجله ۽ فرات، هندستان ۾ گنگا ۽ جمنا ته سنڌ ۾ مهراڻ، جنهن جي ٻنهي ڪپن تي حسين ۽ خوبصورت شهر آباد آهن. ٺٽي کي به مهراڻ جي آب سيراب ڪيو. هي شهرن، ڪوٽن، قلعن، مسجدن، مقبرن، بندرن، بازارين وارو شهر هو، تنهنڪري سڄي دنيا جا واپاري به هرکجي هتي آيا هئا.

نگر ٺٽو، مڪليءَ جو مقام، پير پٺو،

جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجهه نه ڏٺو.

اها چوڻي سئو فيصد سچ آهي، اڄ به کنڊر ٻڌائين ٿا ته واقعي اها هڪ حقيقت آهي. ٺٽو ۽ ان جي آسپاس وارو سموروئي علائقو ويندي پير پٺي تائين هڪ انتهائي اهم تاريخي دستاويز آهي، جيڪو اڄ به ٺٽي جي عظمت جي گواهي پيو ڏي.

ٺٽي جو بنياد ۽ نالو:

ٺٽو ڪڏهن جڙيو، ڪنهن جوڙايو ۽ ڪيئن جڙيو سو هڪ جدا موضوع آهي. تنهن کان اڳ مختصراً آئون ٺٽي جي بندر واري حيثيت بابت ڄاڻ ڏيان ته ٺٽو هڪ وسندڙ شهر سان گڏ هڪ معروف بندر جي حيثيت پڻ رکندو هو. اسان وٽ لاڙ پٽ ۾ ٺٽي يا ٺٽِ ان هنڌ کي چون جتي ماڻهن جي گهڻس هجي. اڄ به ڪٿي گهڻا ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن ۽ اچ وڃ رهندي آهي ته اتي چوندا آهن ته هتي ته سڄو ڏينهن ٺٽي لڳي پئي آهي. هونئن جتي پاڻي جو تڙ هجي ۽ ماڻهن جي گهڻس ۽ اچ وڃ ته انهيءَ هنڌ کي به ان لفظ سان سڏين ۽ جڏهن تڙ وري زياده مصروف ٿي وڃي ته پتڻ بعد کيس بندر جو نالو ملي ٿو. سو ٺٽي تي نالو پوڻ جو سبب به مذڪوره بالا آهي. ٺٽي تڙ ۽ پتڻ بعد بندر جي شڪل اختيار ڪئي، مختلف تاريخن جي مطالعي مان پڌرو آهي ته ٺٽو ۽ ديبل هڪ ئي وقت هئا ۽ ٺٽو بعد ۾ ديبل جو تسلسل بنيو هو. هڪ پورچوگيز سياح ۽ ليکڪ نڪولس وٿنگٽن لکي ٿو ته ٺٽو هڪ وڏو واپاري مرڪز ۽ خاص بندر آهي، جتي سدائين جهازن جون قطارون بيٺل هونديون آهن. هن وقت به موجوده ٺٽي شهر ۽ مڪلي ٽڪريءَ جي درميان هڪ پراڻي دريائي وهڪري جا چٽڪا نشان موجود آهن، قياس قرين آهي ته بلڪل انهيءَ تمام وڏي دريائي وهڪري تي هڪ وڏو بندر آباد هوندو.

ٺٽو دنيا ۾ وڏي چنگ چڙهيل هو. هن شهر جي آباد ٿيڻ جي زماني تي ڪي اختلاف پڻ آهن. ڪي هن کي ڄام نظام الدين جو جوڙايل ٿا سڏين. ليڪن اها ڳالهه بلڪل غلط آهي. هتي حوالا ڏيئي پڌرو ڪبو ته ٺٽو ڄام نندي کان گهڻو اڳ آباد هو.

جڏهن بادشاهه محمد تغلق جي هڪ غلام طغي نالي بادشاهه سان بغاوت ڪري، کنڀات، ڀڙوڇ، گرنار، لکپت، جاتي، سجاول کان ٿيندو ٺٽي پهتو، جتي سومرن حاڪمن کيس پناهه ڏني، محمد تغلق شاهه، منگولن جي لشڪر سان اڃا ٺٽي تي حملي جي تياري ڪئي ته 20 مارچ 1351ع تي سونڊا وٽ بادشاهه فوت ٿي ويو(1). پير حسام الدين تحفـﺔ الصفر جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته امير خسرو ديوان 16 کان 19 سالن جي ڄمار تائين چيل غزلن کي مرتب ڪري تيار ڪيو. ان ۾ هڪ شعر ۾ امير خسرو ٺٽي جو قافيو ڪتب آندو آهي:

سرِوچوتو، در اُچ و در تته نباشد،

گل مثل رخ خوب تو، البته نباشد.

اميرخسرو جي شعر مان صاف ظاهر آهي ته ٺٽو 471هه 667هه ۾ نه فقط آباد، مشهور ۽ معروف هو، بلڪه ايترو بارونق ۽ متمدن شهر هو جو شاعر اُتان جي خوبصورت گلن ۽ سروقد سهڻن جي تشبيهه پنهنجي محبوب جي تعريف ۾ ڪتب آندي آهي(2). پير حسام الدين تاريخ فيروزشاهي جي حوالي سان لکي ٿو ته سلطان محمد تغلق جي وفات بعد سلطان فيروز تغلق ٺٽي تي ڪاهيو، ليڪن مضبوط قلعو هجڻ سبب ٺٽو فتح نه ڪري سگهيو. ٻي واري ٺهي جڙي آيو ته ٺٽي جي ڄام مجبور ٿي اُچ جي بزرگ سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت کي وچ ۾ آڻي صلح ڪري پيش پيو(3). پير صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته مطهر شاعر، جيڪو سلطان فيروز جو مدح خوان هو، هن سلطان فيروز جي شان ۾ ٻه قصيدا چيا آهن، انهن ۾ ٺٽي جو ذڪر اچي ٿو، هيٺ ٻه بند ڏجن ٿا:

وز جمله فتوح، گل فتح تهته،

بود کز استماع آن هم خلق انتشار بود،

صفدار سنده بانبهنيا را، ورائي جام،

اندر رکاب باهمه خلق و تبار کرد.

---

تهته که آن جزيره بلائيست پر کهف،

درياش يک طرف شد و پنج آب يک طرف.

انجوي شيرازي سيد، شيراز ڇڏي، سيوهڻ ۽ ساموئي مان اچي ٺٽي ۾ قاضي نعمت الله عباسي وٽ قاضين جي پاڙي ۾ رهيا(4).

صاحب مڪاتبات رشيدي، خواجه رشيدالدين فضل الله طبيب پنهنجي پٽ ڏانهن (جيڪو حاڪم شيراز هو) لکيل خط ۾ ٺٽي جو نالو کنيو آهي. خواجه رشيد کي سلطان بندي 718هه ۾ قتل ڪرايو ۽ سندس پٽ عزيزالدين ابراهيم کي پڻ 18 جمادي الاول 718هه ۾ قتل ڪرايو(5). ڇٻلاڻي صاحب رقمطراز آهي ته سلطان علاؤالدين نصرت خان کي ڏهن هزارن فوج سان ملتان، اُچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي تي رکيو(6). انهن سڀني حوالن ۽ واقعن کي نظر ۾ رکندي اهو واضح ٿيو وڃي ته ٺٽو شهر سمن جي دؤر کان اڳ جو آباد ٿيل آهي. ساموئي ۽ ٺٽو هڪ ئي وقت آباد هئا. ديبل ۽ ٺٽو پڻ هڪ ئي وقت آباد هئا، پر ديبل جو جوڀن نه رهيو هو ۽ ٺٽو جوڀن ماڻي رهيو هو. محل وقوع جي لحاظ کان ساموئي ۽ ٺٽو جاڙا شهر محسوس ٿين ٿا. مٿين حوالن ۽ احوالن سان ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي ته ننگر ٺٽو- سمن جي دؤر کان ڪافي اڳ آباد هو. پير حسام الدين شاهه جي راءِ موجب ٺٽو ڄام نظام الدين جي وقت کان ٻه سئو سال اڳ موجود بلڪه سنڌ جو پايه تخت هو، هو صاحب لکي ٿو ته(7):

1)            ٺٽو ۽ ديبل ٻئي هڪ وقت موجود هئا.

2)          ٺٽو 651هه (امير خسرو جي ڄمڻ) کان گهڻو اڳ آباد ٿيو هو.

3)          ورنه ناممڪن هو جو آباد ٿيڻ بعد 9 يا 13 سالن جي مختصر عرصي ۾ ايڏي واکاڻ پيدا ڪري جو 16 يا 19 سالن جو نوجوان متاثر ٿي ان جي تشبيهه ڪم آڻي.

4)          ٺٽو موجود هو، ليڪن ان جي اهميت ديبل جي زوال کان پوءِ تمام ستت ٿي.

5)           اهوئي سبب ٿيو جو ماڻهن جي ذهنن تان ديبل جو نالو اڃا لٿوئي ڪونه هو جو ٺٽي جي شهرت شروع ٿي، جنهنڪري ماڻهن جي زبان تي ”ديبل- ٺٽو“ گڏجي اُچار هيٺ آيا(8).

انهيءَ گڏيل اُچار سبب مؤرخن ۽ مصنفن ۾ منجهه پيدا ٿي ۽ ديبل ۽ ٺٽو نگر کي هڪ ڪري سمجهيو ۽ جڏهن ديبل جو ذڪر ٿي ڪيائون ته ٺٽو لکي ويا. جڏهن ٺٽي جو ذڪر ٿي ڪيائون ته ديبل لکي ويا. تاريخِ معصومي ۽ تحفـﺔ الڪرام جا خالق پڻ ايئن ڪري ويا آهن. جنرل هيگ، ڪننگهام جي حوالي سان ٺٽي کي وري مينانگر سڏي ٿو(9). سو پڻ سراسر غلط آهي. انگريز سياحن ۽ ليکڪن ته اهڙا ڌڪا هنيا آهن جو سڄي جاگرافي تبديل ٿي وڃي. ميجر راورٽي وري ٺٽي کي ڄام بابيني جو جوڙايل ٿو سڏي.

جيڪو پڻ غلط آهي. اهي سڀ مفروضا آهن. ٺٽو سومرا دؤر جو شهر آهي، بلڪه سندس بنياد ان کان به اڳ جو پيل آهي. ٺٽو، ملتان جو همعصر آهي. ڊاڪٽر بلوچ هيٺيون شعر حوالي طور ڏنو آهي:

جڏ ٺٽي ٿي ٺاهه ڪيو، اڏيو ٿي ملتان،

تڏ سئو سهيلين ساڻ، مون مٽي کنئي مٿي تي.

ٺٽي جي ڀل ڀلان:

تحفـﺔ الڪرام واري لکيو آهي ته هڪ بهترين ۽ منتخب شهر معرفت وارن جي جاءِ ۽ يقين جي ڌڻين جو وطن آهي. اتي جي سرزمين جي خاصيت آهي جو هوءَ فضيلت ۽ ڪمال جي کاڻ ۽ اتي جي مٽي حال ۽ قال جي صاحبن جي پيدا ٿيڻ جو هنڌ آهي(10). مير قانع، عبدالرزاق اصفهاني جي حوالي سان لکي ٿو ته ٺٽي جي سرزمين دراصل يونان جي زمين جي شاخ آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪماليات جا صاحب اڪثر هِتي پيدا ٿين ٿا. اڳتي لکي ٿو ته سڄي سنڌ ۾ ههڙي لطافت ۽ صفائيءَ واري سير و سياحت جي لائق ٻي ڪابه جاءِ ناهي، هتي جو صبح غمگينن جي دلين تان غم جي ڪٽ لاهيندڙ ۽ شام مسافرن لاءِ صبح جيئن وندرائيندڙ آهي. هتي جا ماڻهو ٽوليون ٽوليون ٺاهي، مڪلي يا باغن ۾ دل وندرائڻ لاءِ باغن ۾ محفلون ڪندا آهن(11). اڳ ۾ امير خسرو جو هڪ شعر ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ شاعر هِتان جي خوبصورت گُلن ۽ سروقد سهڻن جي تشبيهه پنهنجي پياري محبوب جي تعريف طور ڪم آندي آهي. هي شهر جڏهن کان وٺي ٺهيو آهي، انهيءَ ڏينهن کان وٺي رنگ محل رهندو آيو آهي. حسن و عشق جا ميل ۽ ملاقاتيون، شعر و سخن جون محفلون ۽ مجلسون، خوش باشي ۽ خرمي انهيءَ شهر جون خاص وصفون هيون(12). سرمد شاعر انهيءَ ئي شهر ۾ ابيچند جي ور چڙهيو، سڄو ايران ڦريو، سمورو هندستان ڏٺائين، ڪٿي دل ڪونه اٽڪيس، تير نشاني تي نيٺ اچي ننگر ٺٽي ۾ لڳو ۽ نعرو بلند ڪيائين:

خدايت کيست؟ اي سرمد! درين دير،

نمي دانم ابيچند است يا غير(13).

ذخيرة الخوانين جي مصنف، ٺٽي جي فسق ۽ فجور ۽ عورتن جي رنگين لباسن، عاج جي ٻانهين، شراب جي بٺين، طنبورن ۽ ڍولڪن طرف جيڪو اشارو ڪيو آهي. سو ٺٽي جي ماڻهن جي عيش و نشاط تمدني ڪيفيت ۽ روزمره جي خرميءَ ۽ خوش باشيءَ تي روشني وجهي ٿو(14).

تته رابجحسب آب و هوا و ميوه ترشحات باران بهشت روي زمين ميتوان گفت، وعورات جميله سبز رنگ، مثل حوران بهشتي پيدامي شوند، ودرهر خانه بهشتي شراب و آواز دهو لکي است، وپوشاک دختر باکرده وزال فرتوت صد ساله، از رخت رنگين گل معصفر که پوشاک عروسانه است. وبانهين دندان فيل هر کدامي درد دست وارد، ومردن آنجا بکوچه غر نگذشته اند، عيش و نشاط بر آنها غالب است، ظهر و اوليا، الله و فضلا و شعر اهم در آنجا زياده از تعداوند و فسق فجورهم بسيار نشان ميدهد گويند روز، ميد بناي اين شهر شده و علم نحو و صرف و فقهه و نظم دران شهر بسيار است، ومي توان گفت که عراق ثاني است(15).

پير حسام الدين دکني ٻوليءَ جو هڪ شعر نقل ڪيو آهي، جنهن مان اهو اندازو ڪري سگهبو ته دکن ولايت ۾ ٺٽي نگر جي ڪهڙي واکاڻ هئي. اهو شعر عثمان شاعر پنهنجي مثنوي ۾ چتراوليءَ ۾ نظم ڪيو آهي.

ھیرے سے ٹھٹہ نگر سوھاوا

بیھن ھرن سیوہن گنجاواں

يعني- ٺٽو هيري جهڙو خوبصورت آهي، منجهس سارين جون سايون سايون پوکون، هرڻ ۽ ڪشادا ۽ سهڻا جهنگل موجود آهن(16). طاهر محمد نسياني، جيڪو سما دؤر جو مصنف هو سو ٺٽي نگر بابت لکي ٿو ته حقيقت ۾ ٺٽي جو بنياد ڪنهن اهڙي سڀاڳي ساعت ۾ پيو هو، جو هتي جي رهواسين رنج ۽ تڪليف ڪڏهن به نه ڏٺا آهن. جيڪي وٽن آهي ان تي قناعت ڪندا آهن. جهڙو آرام ۽ خوشي هنن کي نصيب آهي. اهڙي ٻي ڪنهن به هنڌ ڪا ورلي لڀي سگهندي. جهڙي ٺٽي جي رهواسين کي حاصل آهي(17). سترهين صديءَ جي هڪ مقامي مصنف فريديءَ ٺٽي متعلق لکيو آهي ته ٺٽي کي ڌرتيءَ جي جنت سڏي سگهجي ٿو. هتي جي رهندڙن ڪڏهن به ڏکن جي گهٽيءَ ۾ پير نه پاتو آهي، هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت آهي ۽ ٿورن لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته ٺٽو عراق ثاني آهي(18). هي شهر، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن ۽ مغل نوابن جي وقت تائين لڳ ڀڳ چار سئو ورهيه سنڌ جي گادي رهيو. تنهن وقت ۾ هي شهر ڪمال درجي جو اوج تي رسيل هو. علم و ادب، هنر، فن، صنعت، ثقافت، ڪلچر، خصوصاً اسلامي ادب، تعليم، تهذيب، تبليغ جو مرڪز هو. شام، بغداد، مصر، سمرقند، بلغ، بخارا، ايران، يورپ، آفريڪا، ايشيا ۾ هن شهر کي وڏي هاڪ حاصل هئي.

1555ع ۾ پورچوگيز فوجي ڪمانڊر پيڊرو هن شهر تي حملو ڪري شهر کي باهه ڏئي ساڙيو ته اتڪل ويهه لک سونين مهرن جي ملڪيت سڙي رک ٿي ويئي هئي. هنن کي ايترو مال هٿ آيو جو ايشيا ۾ شايد ئي ڪنهن کي مليو هوندو(19). نڪولس وٿنگٽن 14-1613ع ۾ ڊچ سياح منوڪي، 1659ع ۾ انگريز سياح اليگزينڊر هملٽن جو بيان آهي ته هي شهر، ملڪ جي وڏي مارڪيٽ آهي. هي هڪ تمام وڏو آسودو شهر آهي. اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو آهي. لاهري بندر کان هي شهر چاليهه ميل پري آهي. منجهس اولهه طرف هڪ وڏو قلعو ۽ پناهه گاهه آهي، جنهن ۾ پنج هزار ماڻهو ۽ گهوڙا رهي سگهن ٿا، جن جي رهڻ لاءِ جايون ۽ طنبيلا آهن. انهيءَ قلعي ۾ نواب جي رهڻ لاءِ عاليشان محلات آهي. ٺٽو سنڌونديءَ کان ٻه ميل پري آهي. درياءَ مان نهرون ڪڍي شهر کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. شهر جي چوڌاري بادشاهه جا تمام عمدي طرز جا ۽ وڻندڙ باغ آهن، جن ۾ هر قسم جا گُل ڦُل، ميوا ٿيندا آهن. انهن باغن ۾ ڏاڙهون ته خاص قسم جا ٿيندا آهن. اهي اهڙا ته لذيذ ٿيندا آهن جو جن جهڙا مون (هئملٽن) زندگيءَ ۾ ڪڏهن چکيا به نه آهن، هي شهر دينيات، فلسفي ۽ سياسيات جي علمن ۾ گهڻو مشهور آهي. هت چار سئو مدرسا آهن، جن ۾ مٿي ڄاڻايل مضمونن کان سواءِ ٻيا مضمون به پڙهايا ويندا آهن. انهن کان سواءِ هتي هندن جا گروڪل به آهن. جيڪي يونيورسٽين جهڙو درجو رکن ٿا، ٽي سال اڳ يعني 1696ع ۾ هن ملڪ ۾ پليڪ جي وبا اهڙي ته اچي ويئي جو ان ۾ صرف ٺٽي شهر ۾ اَسي هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿيا ۽ اڌ کان وڌيڪ شهر خالي ٿي ويو. هن شهر جا اوڀر طرف پورچوگيزن جي هڪ ديول ٺهيل هئي. جنهن جي ٻاهرينءَ ڪوٺيءَ ۾ مقدس درويش ۽ بزرگن جون پراڻيون شڪليون ٽنگيل هيون(20). الانه مختلف حوالن سان لکي ٿو ته نادر شاهه جي حملي وقت ٺٽي ۾ چاليهه هزار ڪوري هئا. ويهه هزار ٻيا ڪاريگر موجود هئا، ٺٽي مان ململ، چمڙو، چمڙي مان جڙيل شيون، اُٺن جا پاکڙا، گهوڙن جون زينون، ڍالون، ڇيٽون، بسترن جون عمدون چادرون، لونگيون، بافتو، سوئي ۽ ريشمي ڪپڙو، قلمي شورو ۽ ٻيو ڪيترن ئي قسمن جو قيمتي سامان ٻاهرين دنيا ڏانهن موڪليو ويندو هو. تنهن وقت ٺٽي شهر ۾ مختلف هنرن جا هڪ لک کان مٿي هنرمند موجود هئا. ائبٽ جي ڏنل ڄاڻ موجب ٺٽي شهر ۾ اٽڪل سَٺ هزار واپاري مصروف روزگار هئا. جتي سندن واپاري ڪوٺيون قائم هيون. هن شهر جو بخت سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هٽڻ لڳو، جڏهن ميان يارمحمد ڪلهوڙي پنهنجي گادي ٺٽي مان بدلائي خداآباد ۾ قائم ڪئي. اليگزينڊر برنس 1830ع ۾ مهراڻ ذريعي سفر ڪيو. هو ٺٽي متعلق لکي ٿو: شهر سنڌونديءَ کان ٽي ميل پري آهي. اوڀر جي تاريخ مطابق ڪيترن شاندار روايتن سان لاڳاپيل مشهور شهر آهي. هي شهر موجوده ٽالپر گهراڻي جي حڪمرانيءَ دؤران تباهه ٿيو. هن وقت سندس آدمشماري 15000 کان مٿي ڪونهي. ڪل آدمشماريءَ جي اڌ ماڻهن وٽ ته رهڻ لاءِ گهر به ناهن(21). موجود دؤر ۾ ٺٽي ۾ ڪابه خاص ڳالهه ڪونهي جيڪا قديم ٺٽي جي عظمت جو حال ٻڌائي. هن تعصب پرست انگريز کي سوين اهڃاڻن جي باوجود ڪا به شيءِ نظر نه آئي. جيڪي اڃا تائين به هن جي عظمت تي دلالت ڪري بيٺا آهن.

هن عظيم ۽ شهره آفاق شهر کي ٽي دفعا ساڙيو ويو. 1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون سمن حاڪمن کان ٺٽو هٿ ڪرڻ لاءِ کيس باهه ڏياري. ٻيو وارو مرزا عيسيٰ خان جي دؤر ۾ 1555ع ۾ پورچوگيزن هن باغ عدن ثاني کي باهه ڏني. ٽيون وارو پنهنجن هٿان سڙيو. مرزا جاني بيگ 1591ع ۾ خان خانان جي ڊپ کان ته متان خان خانان قبضو نه ڪري وڃي، سو پنهنجي پٽ کي نياپو ڪري سڄي شهر کي باهه ڏياري. هن باهه کان پوءِ هن وري ساڳيو اوج حاصل نه ڪيو. پراڻي ٺٽي جا سنڌ، اسلام پور، ٺٺ يا ٺٽ پاڙو جيڪو اسلام پور کان ڏکڻ کڻ هو. ملن ٿا.

اول ٺٽو غالباً اسلام پور واري حصي ۾ هو، تنهن بعد ٺٺ يا ٺٽ پاڙي واري حصي ۾ ٽيون ٺٽو غالباً دابگير مسجد جي اوڀر ۾ ۽ چوٿون ٺٽو موجوده ٺٽي واري هنڌ قائم ٿيو. جنهن جا محلا يا پاڙا هن ريت هئا:

هن وقت به جيڪي آثار بچيا آهن سي تاريخ جا عظيم نشان آهن. اهڙن قديم اهڃاڻن جي فهرست ڏجي ٿي: محلا يا پاڙا، مير احمد محلو، ملا محمد علي محلو، هاڻي ڪُمري مسجد محلو، خواجه شڪر محلو، سورهين محلو، محلو ڪشمشيان شاهه گوهر گنج محلي جي لڳ هتي ڪشمش جا واپاري رهندا هئا، سنگتراش محلو، بادشاهي مسجد جي اوڀر ۾ اڃا به ڪي سنگتراش رهن ٿا، محلو نقارچين، هاڻي قاضي محلو، مسگر، ساهتيا محلو، تندسر محلو، آگره محلو، محلو ٺٺ مولو، ڄام نظام الدين جي وقت جو هاڻوڪي پوسٽ آفيس واري ايريا، محلو قضيان، هن وقت قاضي ۽ عقيلي رهن ٿا. محلو رضوي سادات، شڪرالاهي سيدن جو پاڙو اڃا موجود آهن. محلو ميرڪي سيد، اميرخاني محلو هاڻي بادشاهي مسجد جي ڏکڻ ۾، امير خان محلو، شڪرالاهي محلو، انجوي سيد محلو، شاهه مراد شيرازي جي پوين جي، هي هاڻي پلنگ پاڙو سڏجي ٿو. جمنا سرزمين، اسلام پوره محلو، ڀائي خان محلو موجود آهي. نورسيا محلو، هاڻي ڪوٽائي ميمڻ محلو، مرزائي محلو، هاڻي کماڻ محلو ۽ مسڻ محلو، سواڪي محلوموجود آهي. انهن محلن ۽ پاڙن کان سواءِ مسجد، ملا ملوڪ شاهه مسجد، لڪي مسجد، اسلام پوره مسجد، مسجد ابوالقاسم نقشبندي ۽ مسجد محمد معين، مشهور حويليون، خسرو خان حويلوي، عارب ڪوڪي حويلي، خستي حويلي، قاضي ابراهيم حويلوي، مرزا علي بيگ محلات، مرزا عظيم الدين جو بنگلو، مرزا غازي بيگ جا ٺهرايل عمدا محلات عشرتگاهه ۽ دلڪشا خاص هئا. ٺٽي جا چوڪ ۽ مشهور بازارون جيڪي مکيه مرڪز هئا، انهن ۾ چوڪ، ملڪ مان، چوڪ عبدالغني، جملي پير جو ميدان، غله بازار، مرزائي بازار، گذاري بازار، گدا بازار، پٽيهٽ بازار، امير بيگ بازار، قصاب بازار، گلن جي بازار ۽ مڇي بازار، ٺٽي جي چئني پاسن کان باغ لڳرايا ويا هئا، بادشاهن، نوابن، اميرن جا باغ مشهور هئا ۽ انهن باغن جو ميوو پري پري تائين سوکڙي طور ويندو هو. خصوصاً بيداڻا ڏاڙهون، اورنگزيب پنهنجي پيءُ شهنشاهه شاهجهان کي تحفي طور موڪليندو هو. خواجه مير ابوتراب باغ، سيد علي ثاني شيرازي باغ، شيخ عالي باغ، خورشيد باغ، مُشڪين باغ ته هاڪارا هئا.

حوالا:

1.         غلام محمد لاکو، ”سمن جي سلطنت“، ص 8

2.       پير حسام الدين، ”مڪلي نامو“ تعليقات،  ص 21-22

3.        ايضاً، ص 23

4.       ايضاً، ص 32

5.        ايضاً، ص 36

6.       ايضاً، ص 21

7.       ايضاً، ص 261

8.        ايضاً، ص 38

9.       ايضاً، ص 38

10.  M.R Haig, The Indus Delta Country, London, 1894, P.31

11.   مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفته الڪرام“، ص 263

12. ايضاً، ص 265-264

13.  پير حسام الدين راشدي، ”مڪلي نامو“ تعليقات، ص 8

14. ايضاً، ص 8

15.  ايضاً، ص 8

16. ايضاً، ص 7

17. ايضاً، ص 4

18.  ايضاً، ص 53

19. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ص 200

20.ايضاً، ص 68

21. اليگزينڊر برنس، ”سنڌوءَ جو سفر“ (سنڌي ترجمو) سنڌيڪا اڪيڊمي، جولاءِ 1994ع ص 31

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org