سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2023ع

باب:

صفحو:10 

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي       ]افسانو[

ڪراچي

 

 

 

روحن جو رشتو

مائيڪل اَوِبي خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو، جو قدرت واري سندس عرض اگهايو هو ۽ هُو جنوري 1949ع ۾ ندومي سينٽرل اسڪول جي هيڊماستر طور بدلي ٿي پنهنجي شهر کان وڃي رهيو هو. اهو مُنڍ کان وٺي هڪ غير معياري اسڪول رهيو هو ۽ ان ۾ پڙهائي به پُوري ساري هئي، تنهنڪري مشن جي اختيارين اهو فيصلو ڪيو ته ان اسڪول کي هلائڻ لاءِ ڪنهن نوجوان ۽ سرگرم ماڻهوءَ کي موڪليو وڃي. اِها ذميواري مائيڪل اَوِبيءَ کي سونپي وئي، جنهن کي هن وڏي جوش سان قبوليو. اسڪول کي بهتر بنائڻ جي ڏس ۾ وٽس ڪيتريون ئي رٿائون هيون، جن کي هن عملي شڪل ڏيڻ جو پَڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. سندس تعليمي پسمنظر به سرڪاري رڪارڊ ۾ کيس ”مرڪزي استاد“ جو درجو حاصل هو. مٿانهون رتبو ڏنو ويندو هو، هُو پوڙهن ۽ گهٽ پڙهيل هيڊماسترن جي تنگ نظرين جي مذمت ۾ بدتميزيءَ جي حد تائين وات ڦاٽوڙو هو.

”واهه جو موقعو مليو آهي. هاڻي ان اسڪول کي سڌارڻ جي ڏس ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏبي.“ هن پنهنجي مقرريءَ جو آرڊر پنهنجي زال نينسيءَ کي ڏيکاريندي چيو.

”ها! اسان پوري ڪوشش ڪنداسين.“
نينسيءَ وراڻيو، ”مان اسڪول جي آڳر تي هڪ سهڻو باغيچو به لڳائيندس، اُتي هر شيءِ نئين ۽ وڻندڙ هوندي.“

ٻن سالن جي ازدواجي زندگيءَ دوران نينسي پنهنجي مڙس جي تعليم جي جديد طريقن کي رائج ڪرڻ واري جذبي کان ڀليءَ ڀت سونهين ٿي چڪي هئي. هوءَ اڪثر پنهنجي مڙس کي چوندي هئي، ”انهن پوڙهن کي ته اَوِنتشا جي بازارن ۾ دڪانن تي نوڪري ڪرڻ کپي، تعليم ڏيڻ سندن وَس جي ڳالهه ناهي.“

هاڻي جڏهن سندس مڙس جي بدلي ندومي سينٽرل اسڪول ۾ هيڊماستر جي طور تي ٿي هئي ته هن پاڻ کي هڪ ذهين ۽ قابل هيڊ ماستر جي زال سان گڏوگڏ ”اسڪول جي راڻي“ سمجهڻ شروع ڪيو هو. هن اسڪول ۾ نيون ريتون رسمون ۽ رواج وجهڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا. هوءَ سوچڻ لڳي ته ٻين استادن جون زالون ساڻس ريس ڪرڻ لڳنديون.

اوچتو مائيڪل اَوبيءَ اها ڳالهه پڌري ڪئي ته اُتي استادن جون زالون ڪونه هونديون. نينسي ڏکاري ٿي وئي. هن مايوس اکيون مڙس ڏانهن کڻي کانئس پڇيو، ”پر ڇو....؟“

”منهنجا سڀ ساٿي نوجوان ۽ ڪنوارا آهن.“ مائيڪل اَوِبيءَ جوش سان وراڻيو، ”اها ڏاڍي ڀَلي ڳالهه آهي جو اهي سڀ ڇَڙا پُڙا آهن.“

”اها ڀلي ڳالهه ڪيئن؟“ نينسيءَ پڇيو.

”ڀلي ڳالهه ان ڪري جو اِهي پنهنجو سمورو وقت ۽ توانائي اسڪول کي ڏيندا.“ هن ٻڌايو.

نينسي ماٺ ٿي وئي، ڪجهه گهڙين کانپوءِ هن پنهنجي مڙس کي ڏٺو، جيڪو ڪاٺ جي هڪ ڪرسيءَ ۾ دٻيو ويٺو هو. سندس ڪُلها جهڪيل ۽ بدن ڏٻرو هو. تنهن هوندي به هُو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي پنهنجي جسماني سگهه جي اوچتي اظهار سان اچرج ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هاڻي لڳو ٿي ته هن پنهنجي سموري سگهه اسڪول جي بهتريءَ تي خرچ ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪري ورتو هو. هُو رڳو ڇويهن سالن جو نوجوان هو، ڪارو ڪلُوٽو، ڪوجهو ۽ چپن ڊولو.

”ٺيڪ آ.... تون ڀلي اڪيلوئي وڃ، پر اسڪول ۾ باغيچو ضرور لڳائجانءِ.“ نينسيءَ، عورتن جي هڪ رسالي کي بند ڪري ميز تي رکندي چيو.

”نينسي! مان هن وقت اهو سوچي رهيو آهيان ته انهن ماڻهن کي ڏيکاريندس ته اسڪول ڪيئن هلائبو آهي، هي منهنجي لاءِ هڪ عظيم موقعو آهي.“

ندومي سينٽرل اسڪول دنيا جي پٺتي پيل اسڪولن مان هڪ هو، اسڪول پهچي مائيڪل اَوِبيءَ پاڻ کي محنت ۽ جاکوڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن جا رڳو ٻه ئي مقصد هئا: تعليم جو معيار وڌائڻ ۽ اسڪول جي آڳر کي هڪ سهڻي باغيچي ۾ بدلائڻ. هن انهن ٻن مقصدن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. باغيچو لڳي ويو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ جڏهن بارش ٿي ته سندس زال نينسيءَ جي خوابن جي باغيچي کي زندگي ملي وئي، ۽ گل ٻوٽا ڦُٽڻ ڦولارجڻ لڳا. گهنٽيءَ  جهڙن تيز رنگن جي گلن جي وَلين، چمڪندڙ ڳاڙهن ۽ هيڊن گلن وارن ايلامانڊا جي ٻوٽن جي ڪيارين اسڪول جي آڳر کي سهڻو ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته اسڪول جي ٻين حصن ۾ ڦُٽل ڪُنڊ بيحد بڇڙي لڳي رهي هئي.

هڪ شام جو جڏهن هُو باغيچي کي فخر وارين نظرن سان ڏسي رهيو هو ته اوچتو ڳوٺ جي هڪ پوڙهي عورت کي منڊڪائيندي ميري گولڊ جي هيڊن گُلن جي ڪياريءَ ڏانهن ويندي ڏٺائين. ان ئي گهڙيءَ اُها عورت اُتي ئي گُم ٿي وئي. هُو ڏاڍو حيران ٿي ويو. هن اڳتي وڌي ڏٺو ته ڳوٺ کان هڪ رستو ٿي آيو، جيڪو اسڪول جي آڳر کان ٿيندو ٻئي پاسي ڦُٽل ڪُنڊ ۾ ختم ٿي ٿِي ويو. ڪجهه ماڻهن جي پيرن جا اڻ چِٽا نشان به ان رستي تي موجود هئا.

”اها منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي.“ ٻئي ڏينهن مائيڪل اَوِبيءَ پنهنجي اسڪول جي هڪ استاد کي چيو، جيڪو گذريل ٽن سالن کان اتي پڙهائي رهيو هو. ”توهان ڳوٺ وارن کي اهو رستو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پر مان ائين نه ڪندس. منهنجي برداشت کان اها ڳالهه چڙهيل آهي.“ هن نهڪار ۾ پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو.

”سَر! اهو رستو انهن ماڻهن لاءِ بيحد اهم آهي.“ استاد معذرتاڻي انداز ۾ ٻڌايو، ”هي رستو گهٽ ئي استعمال ٿيندو آهي، پر اهو ڳوٺ جي مندر کي قبرستان سان ملائيندو آهي.“

”ته پوءِ ان جو اسڪول سان ڪهڙو ڪم؟“ هيڊ ماستر پڇيو.

”سَر! مون کي ناهي خبر.“ استاد ڪلها لوڏيندي جواب ڏنو، ”اسان ان رستي کي بند ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر هر ڀيري ناڪامي ٿي آهي.“

”ڇا به ٿي پوي، پر هاڻي هي رستو هرگز استعمال نه ٿيندو.“

مائيڪل اَوِبيءَ زور ڏيندي چيو، ”تعليم کاتي جو بالاآفيسر ايندڙ هفتي اسڪول جي انسپيڪشن تي اچي رهيو آهي. اهو رستو ڏسي ڇا سوچيندو؟ ۽ ها! ٻڌو اٿم ته ڳوٺ وارن منهنجي اجازت کانسواءِ انسپيڪشن واري ڏهاڙي اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ ڪا مذهبي رسم ادا ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.“

اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وارن رستن تي وڻن جا وڏا بُنڊ رکي انهن کي بند ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ ڪنڊيدار تارون به لڳايون ويون.

ٽن ڏينهن کانپوءِ ڳوٺ جي پادري هيڊ ماستر سان ملڻ لاءِ وٽس آيو. هُو بيحد پوڙهو هو ۽ ٿورو جهُڪي ٿي هليو. سندس هٿ ۾ هڪ ٿلهي ٿنڀري لٺ به هئي، جنهن کي زور زور سان زمين تي هڻندي هُو هيڊ ماستر جي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو.

مان ٻڌو آهي ته رسمي دعا سلام کانپوءِ هن ڳالهايو، ”اسان جي وڏڙن جو رستو بند ڪيو ويو آهي.“

”ها.“ مائيڪل اَوبِيءَ جواب ڏنو، ”مان ماڻهن کي اها اجازت ڪونه ڏيندس ته اهي اسان جي اسڪول جي آڳر کي رستي طور استعمال ڪن.“

”منهنجا پٽ! ڳالهه ٻُڌ!“ پادريءَ لٺ هيٺ هڻندي چيو، ”هي رستو تنهنجي پيدا ٿيڻ ۽ تنهنجي اَبي ڏاڏي جي پيدا ٿيڻ کان به اڳ جو آهي. ڳوٺ وارن جي زندگيءَ جو دارومدار ان رستي تي آهي. اسان جا مري ويل مٽ مائٽ اسان کان ڌار ٿي ان رستي کان ويندا آهن ۽ اسان جا وڏڙا به اسان سان ملڻ لاءِ ان ئي رستي کان ايندا آهن، پر سڀ کان مکيه ڳالهه اها آهي ته نون ڄمندڙ ٻارن جو رستو به اهوئي آهي.“

مائيڪل اَوبيءَ ڌيان سان سندس ڳالهه ٻُڌي ۽ مسڪرائي ڏنو.

”اسان جي اسڪول جو مقصد اهڙن عقيدن جي پاڙ پٽڻ آهي.“ هن ڳالهايو، ”روحن کي رستن جي ضرورت ٿوروئي هوندي آهي. اهو توهان جو وهم ۽ خام خيالي آهي. توهان جي ٻارڙن کي اهڙن عقيدن تي چَٿرون ڪرڻ جي تعليم ڏيڻ ئي منهنجو فرض آهي.“

”تنهنجي سوچ تو وٽ....!“ پادريءَ جواب ڏنو، ”پر اسان وڏڙن جي واٽ ڪونه ڇڏينداسين. جيڪڏهن تون رستو کوليندين ته پوءِ توسان ڪو جهيڙو ڪونهي. مان سدائين اها ڳالهه چوندو آهيان ته، ”باز کي به ويهڻ“ ڏيو ۽ڳيري کي به ويهڻ ڏيو.“ اهو چئي هُو اُٿڻ لڳو.

”مون کي افسوس آهي“ نوجوان هيڊ ماستر وڏي اعتماد سان چيو، ”اسڪول جو آڳر رستو نٿو ٿي سگهي. اهو اسان جي ضابطي جي اُبتڙ آهي. مان توهان


 

کي اها صلاح ڏيندس ته توهان اسان جي اسڪول جي پاسي کان ڪو ٻيو رستو ٺاهيو. ان رستي کي ٺاهڻ لاءِ مان پنهنجي اسڪول جي شاگردن جي مدد به اوهان کي ڏئي سگهان ٿو. منهنجي خيال ۾ ته اوهان جي وڏڙن کي ٿورو پَرڀرو رستو استعمال ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانه ٿيندي.“

”مان وڌيڪ ڪجهه به نه چوندس.“ پادريءَ وراڻيو ۽ لٺ ٽيڪيندو ڪمري مان نڪري ويو.

ٻن ڏينهن کانپوءِ هڪ عورت ٻار کي ڄڻيندي مري وئي، هڪ روحاني هستيءَ سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته رستي بند ٿيڻ ڪري روحن جي توهين ٿي آهي، اهي روح ڏاڍو چِڙيل آهن. انهن جي تاءَ کان بچڻ لاءِ ڳَري قرباني ڏيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو مائيڪل اَوبي اٿيو ته سندس ڪئي ڌري جو ستياناس ٿي چڪو هو. سڄو باغيچو اُوکاڙي تباهه ڪيو ويو هو. اسڪول جي عمارت جو هڪ حصو به ڪيرايو ويو هو. تنهن ڏينهن اعليٰ آفيسر به انسپيڪشن تي آيو. هن اسڪول جي عمارت جي حالت تي هڪ سخت ناخوشگوار رپورٽ لکي، پر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ريمارڪس هي لکيا ته: ”اسڪول ۽ ڳوٺ جي وچ ۾ هڪ قبائلي ويڙهه جي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، ان ڏس ۾ نئين هيڊ ماستر جو جذبو سخت چِڙ ڏياريندڙ آهي، تنهنڪري کيس هڪدم بدلي ڪجي ٿو.“

 

بهادر ٽالپر

بدين

 

 

 

چار مختصر ڪهاڻيون

 

 (1) سائنسي مهم جوئي

مون کي ناسا وانگر اچي شوق ورايو ته ڪائي سائنسي مهم جوئي ڪريان…! آءٌ رات جو بيگاهه وقت ٻاهر نڪري ويس…، پريان هڪڙو گهاٽو وڻ بيٺو هو…!! آءٌ وڻ جي هيٺان بيهي وڻ ۾ مٿي ڏسي رهيو هئس… ته وڻ جي ٽارين جي وٿين مان مون کي چنڊ ڏيکاري ڏيندو نظر آيو… ته مون سوچيو اڄ ڇو نه چنڊ لاءِ اُسهجي… وڻ مون لاءِ چنڊ گاڏي هو… آءٌ تصور جي طاقت سان وڻ کي خلائي گاڏي بڻائي مٿي وڌي رهيو هئس… ته وڻ جي ڪنهن پکي آکيري مان ائين ٻوليو… ڄڻ هُو منهنجو حوصلو وڌائيندو هجي…! پريان هڪڙو ڪڪر ڊوڙندو ٿي آيو… جنهن ۾ وڄ جي چمڪ سان هڪ ڌماڪو ٿيو… ۽ ٽاري ٽُٽڻ جو آواز به آيو…!! منهنجون ٻيئي خماريل اکيون کُلي ويون… جن کي ڪوبه بند ڪرڻ وارو ڪونه هو… منهنجو بي جان جسم بستري تي پيو هو… ۽ وڻ ۾ ويٺل پکي ٽاهه کائي آکيري مان اُڏامي چڪو هو…!!

 

(2) مهربان دوست

شهر ۾ ڪيترائي نامهربان دوست هئا… جيڪي مهربانن جي صورت ۾ مون جهڙن سادن سان پيش اچڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي رهيا هئا… انهن جي ٽولي سان جڏهن منهنجو مکا- ميلو ٿيو ته محسوس ٿيو ته آءٌ الائي ڇو ايستائين اهڙن مهربانن کان محروم رهيو پيو هئس…!! انهن مون کان منهنجي کيسي واري سڀ پونجي ورتي… ۽ هڪ ڪاري ٿيلهي بدلي ۾ هٿ ۾ ٿمائيندي چيائون: ”هي گهر وڃي کولجانءِ…!“ منهنجي خاطر- تواضع به ڪيائون… ۽ وڌيڪ چيائون ته: ”اڄڪلهه هر شيءِ ٻيڻي ٿيڻ لڳي آهي… ۽ تون اڳتي لاءِ اهڙي نعمت کان محروم نه رهجانءِ…!!“ گهر اچڻ کان پوءِ باقي ايندڙ سڄو مهينو آءٌ ان نعمت جي سحر ۾ رهندي ايترو معذور بڻجي ويس… جو ماڻهن کان مهيني لاءِ کنيل اوڌر به نه ڏئي سگهيس… منهنجي گهرواري مون تي کلندي کلندي گهر جو ڪم ڪار به ذري گهٽ وساريندي رهي…!!

(3) قرض

هُن کي ماڻهو انتهائي حيرت مان ڏسندي وري هڪٻئي ڏانهن منتظر نگاهن سان ڏسندا ٿي رهيا…! هُو واقعي اهوئي ماڻهو هو… يا ڪو ٻيو هو… جنهن جي نسبت ۾ ماڻهن ڪي انتهائي عجيب قسم جون ڳالهيون ٻڌيون هيون… جيڪي ويساهن ڏکيون هيون! آءٌ به انهن حيرت زده ماڻهن ۾ هئس… پر جڏهن ماڻهن منهنجي مُنهن ۾ چِتائي ڏٺو… ته اهي شڪجي پيا… ۽ هاڻ انهن جي نظرن ۾ آءٌ ئي اهو ماڻهو هئس… جنهن لاءِ هنن ڪي انتهائي عجيب ڳالهيون ٻڌيون هيون…!! هُو مون کي ڏسي وري هُن شخص کي ڏسندا رهيا…!! مون لاءِ هڪ لحاظ کان اهي شڪراني جا پل هئا… جو اهي سڀئي ماڻهو مون کان ڪو لهڻو ليکو ۽ قرض وغيره نه گهرندا هئا… نه ته شڪراني جا ٻه نفل پڙهي خوش ٿين ها… ۽ چون ها ته هُو موت ۽ قبر جي اندران اُٿي واپس اچي ويو آهي… ۽ هاڻي کانئس پنهنجو قرض اوڳاڙڻ اسان لاءِ بنهه آسان آهي…!!

(4) شڪ- پڪ

مون کي به پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ تي ٻي ڪهاڻي سان هئڻ! جو شڪ ٿيو… اهو شڪ تڏهن پڪ ۾ بدليو… جڏهن هُو قاريءَ جو مون ڏانهن ميسيج پهتو… مون ٽيڏي عينڪ سان بي دليءَ مان اهو ميسيج پڙهيو… جنهن ۾ منهنجي هڪ ڪهاڻيءَ لاءِ ڏاڍا اڻ وڻندڙ لفظ هئا… لفظ پڙهندي ڄڻ پٿر منهنجي وجود مٿان ٿي وسيا… آءٌ هڪ قاري کي ڪيئن سمجهايان ها ته هڪ ڪهاڻي ٻي ڪهاڻيءَ سان ڪجهه به ڪري… پر اُن سان ڪنهن به قاريءَ جو ڪجهه به بگڙي نه ٿو… ۽ ته هڪ ڪهاڻي جو ٻيءَ سان هئڻ! ڪو انساني هم جنسياتي مسئلو ڪونهي… پوءِ اهي ٻئي ڪهاڻيون ڀل ته Lesbian ئي ڇونه هجن!!

ڊاڪٽر فريده ڏاهري

شاهپورچاڪر

 

 

 

تيرهون سال

 

  اڃان تيرهون سال پورو ڪري چوڏهين تي چڙهي هئي،  اڃان مس سندس چڙهندڙ جواني مکڙي مان گلاب ٿي خوشبو پکيڙي  هئي، رنگ گلابي، سهڻا نقش، نازڪ بدن جي گل خاتونءَ کي ڏسي ماڻس سڄڻِ کي اچي ڳڻتيءَ ورايو، پيءُ ڏسي پريشان ٿيو، ڀاءُ حيران هو، سندس حسن جي سُڳنڌ لوڙها، گھٽيون ٽپي ٻاهر پهتي هئي، هن کي هر ڪو ڏسڻ لاءِ آتو پئي ٿيو، گل خاتونءَ تي اٿندي ويهندي  هروڀرو جو ٿڪ بجو وسڻ لڳو، سندس گھر کان نڪرڻ بند ڪيو ويو جلد کيس ننڍپڻ جي مڱيندي سوٽ اَجوءَ جيڪو کائنس ٽي سال ننڍو هو تنهن سان پرڻايو ويو، اجوءَ سان شادي ڪرائي مائٽن پنهنجون سڀ پريشانيون ڄڻ بار سمجهي تي لاهي ڇڏيون، پر کين اها خبر ته نه هئي ته پکي هاڻ قيد کان آزاد هو ، گل خاتون آزاد هوا ۾ ساهه کنيو ٻاهر جي دنيا، فطرت جا حسين نظارا، کليل آسمان ڏسي هوءَ  خوشيءَ مان وڌيڪ خوبصورت ٿي پئي، هاڻ هوءَ شادي شده هئي. گھر کان ٻاهر نڪرڻ واري پابندي هن تان ختم ٿي وئي هئي، هوءَ ٻني مان گاهه ڪرڻ،  پاڻي ڀرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ مطلب جيڪي ڪم گھر کان ٻاهر جا هئا سي وڏي شوق سان ڪرڻ لڳي، هڪ ڀيري هن ڪپڙا ٿي ڌوتا ته ڀر واري زمين تي ٽريڪٽر هر ٿي ڪاهيا. ٽريڪٽر جي ڊرائيور ’خان‘  اڏول ، ويڪري ڇاتي، قداور رنگ جو ڀورو، اکين، ڀروئن ۽ مڇن جو رنگ ڪارو  ڇوهه جوان، جي نظر گل خاتون تي پئي خان سندس سونهن ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ٽريڪٽر ماڳهين ٻٻر جي وڻ سان ٿي لڳس، جيڪا حالت ڏسي گل خاتون ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي،  بس هڪڙو سلسلو شروع  ٿيو تڪڻ، پوءِ ڳالهائڻ، ملڻ ۽ سوکڙيون ڏيڻ تائين اچي پهتو. ڪپڙا پئي ڌوتائين  خان لوڙهي جي ڀر جھليندي اچي وٽس پهتو. پويان بيهي سڏ ڪيائينس. سندس خوبصورت وجود ڏڪي ويو. رڙ ٿي ڪيائين ته خان جلدي وات تي کڻي هٿ رکيس، ڇڪي ٻانهن ۾ ڀريائينس، سندس دل ائين ٿي ڦٿڪي ڄڻ سندس چوليءَ مان ٻاهر ٿي نڪري، سندس ساهه جي رفتار تيز ٿي وئي، الائي ڪهڙي ڪيفيت تاري ٿي ويس. جسم تپي ويس، رنگ ڳاڙهو ٿي ويس، ذري خوشي ٿي محسوس ڪيائين ته ذري خوف ٿي ورايس،  بس خان به وَل جيان ويڙهجي ويس، ان ڏينهن کان پوءِ پاڻ تي مغروري ٿيڻ لڳيس اڃان به وڌيڪ چمڪي پئي، هاڻ سندس خوف ختم ٿي ويو. ڏينهن، راتيون، ملاقاتيون وقت ويو گذرندو ويو، هڪ  ڏينهن نبوءَ (هڪ سهڻو جوان)  پنهنجي زمين تي ڪم ٿي ڪيو گل خاتون سندن زمين تي نلڪي مان پاڻي ڀريندي هئي. نبوءَ اوچتو جو هي جلوو ڏٺو ته هوش گم ٿي ويس. گل خاتون جي مستيءَ جا ڏينهن هئا، جواني ديواني هئي عاشق مجبور ٿيا معشوق جا ماڻا وڌيا، هاڻ نبوءَ سان به معاشقو شروع ٿيو، اجو ويچارو انهن ڳالهين کان بي خبر هُو سڄو ڏينهن محنت ۽ مزدوريءَ ۾ پورو هوندو هو، جيڪو وقت بچندو هو هو اُٺ گاڏيءَ تي بار کڻندو هو، بخشو، گل خاتونءَ جو مامو هو، جيڪو ڪجھه عرصي کان ٻئي پاسي ڪم لاءِ ويل هو، بخشوءَ کي گل خاتون جي ڪرتوتن جي ڪجھه  ٻاٻور پئي ۽ سندس چال چلت نه وڻي آخرڪار سندس چانچ ڪرڻ لڳو. ڳچ وقت  جي جانچ کان پوءِ  هن معاملي جي پڪ ڪئي ۽ گل خاتونءَ کي تنبيهه ڪئي، پر هوءَ جوانيءَ جي نشي ۾ گم هئي، خان ڊرائيور بخشوءَ جي زميندار  رئيس ڪرم  علي جو پٽ هو، ۽   نبوءَ  جو چاچو گل خاتون جي پيءٌ  جو زميندار  هو، هڪ واري بخشوءَ  جي ڪاوڙ وڌي وئي. ڪهاڙي ٺپي ٺاهي رکيائين ته اڄ ڪارو ڪاري پورا ڪندس سندس ڪاوڙ نبوءَ تي گھڻي هئي، پر ان رات گھر ۾ خان گھڙيو هو،  بخشو خان کي نبوءَ سمجھي  پويان کان مٿي ۾ ڪهاڙين جا وسڪارو  ڪري ڏنو ۽ هي جوان اونڌو وڃي ڪريو ،  انهيءَ وچ ۾ گل خاتون  گھر کان ٻاهر ڀڳي پر بخشو پهچي ويس  ڌڪو ڏئي ڪرايائين پيرين پيَس مرشد جا واسطا ڏنائينس ماما مون کي نه مار منهجي توبهه آهي اڳتي ائين نه ڪنديس بخشوءَ جي ڪهاڙِي خان جي رت سا رڱيل هئي، هوءَ  ڏڪي رهي هئي ۽ اوچتو مٿان  ڪهاڙين جو وسڪارو ٿي ويو صبح ٿي ڪاروڪاري گھر ۾ هڪ کٽ تي سمهاريا ويا پوليس آئي بخشو ڪهاڙي سوڌو پيش ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org