سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2023ع

باب:

صفحو:14 

ممتاز کوکر

ڳيريلو

غزل

اخلاق جي هر راهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ،

ان قرب واري چاهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

نفرت ڇڏي سيرت سڌو ڪلفت ڪڍي محبت رکو،

جيون سندي ويساهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

روزانه خوامخواهه جي تون ڪسوٽي پيدا نه ڪر،

احساس جي درياهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

مظلوم جي هر وقت پڄندي دانهن آ، ان عرش تي،

مظلومياڻي آهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

دنيا نڌڻڪو جي ڪري تنهنجو ڌڻي رَبّ پاڻ آ،

بي خوف ٿي بي واهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

ڪا مفلسي ڪو ڏوهه ناهي ڏوهه آهي ڪم غلط،

ڪنهن مفلسيءَ جي ساهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

غربت ڀلي غيرت هجي تهمت غليظي ڪونه ڏي،

مخلص سٺي ارواح کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

جيڪي نه ڪائي ڳالهه ٿي، گهر ۾ مشورو سو ڪجي،

پنهنجي گهر و صَلاح کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

ڇو سنڌ تي انياءَ جا طوفان ٿا، ڪڙڪن پيا،

۽ قوم جي اتساهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

سڀئي اهي ڏس اولياءَ رَبّ پاڪ کي پيارا اٿئي،

درويشاڻي درگاهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

اي آدمي ڪردار کي، بهتر ته ڪر وحشي نه ٿي،

قرآن ۽ الله کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

’ممتاز‘ جا هي ٻول سچ لڳندئي ماڻهن کي دل جيان،

حق سَچّ جي آگاهه کي، هرگز وساري ڪين هَلُ.

 

 

ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ

شڪارپور

 

 

 

غزل

اوهان ڏي اچڻ جي سهولت نه هئي،

مون کي پڻ ملڻ جي ضرورت نه هئي.

اڪيلو غمن ۾ گذاريان ٿو جيون،

مگر ڏک ونڊڻ جي اجازت نه هئي.

اچانڪ ڇڏي وئين ڇو سورن ۾ تنها،

ڏکن کي سهڻ جي ته عادت نه هئي.

وڇوڙي جا پڻ ڏينهن وڌندا رهيا،

اڃا گڏ رهڻ جي به ساعت نه هئي.

ڪڏهن ان عمل تي به سوچيو اٿئي،

دُعائون ڏيڻ جي ڇو فرصت نه هئي.

زماني ۾ رڙندا ته عاشق ويا،

سندن دل رکڻ جي به طاقت نه هئي.

رڳو پيار، سڪ، قرب دل ۾ سدا،

اوهان سان ڪرڻ جي شڪايت نه هئي.

گلستان خالي، نه مالهي نه مند،

گلن جي ٽڙڻ جي حفاظت نه هئي.

فقط هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون،

غزل ۾ لکڻ جي حقيقت نه هئي.

گذارو نياپن تي ڪرڻو پيو،

مگر خط لکڻ جي حمايت نه هئي.

دلاسن تي هردم هو رکڻو رڳو،

وطن ڏي ورڻ جي ضمانت نه هئي.

سزا بيوفائي، ڪري جا ملي،

انهيءَ ڏنڊ ڀرڻ جي ندامت نه هئي.

اوهان کي ڀلا ڪيئن سمجهائي ’عادل‘،

مٺا ڪجهه چوڻ لئه حڪايت نه هئي.

 

منٺار علي هوت

جهڏو

 

 

 

ڪافي

ڦٽو سک سهڻا اکين ويو آرام،

سڄڻ ڪر سگهيرو اچڻ جو انجام.

سڄو سال سڪندي آ گذاري ڇڏيو،

ڀورن تان تو ڀلجي نه ڀيرو ڪيو،

نڪي پاڻ، آئين نڪي خط سلام.

اُڏر ڪانگ قاصد تون پيارا پکي،

ڪجان عرض آزيون پيرين پر رکي،

وڇوڙي وڏا ويڌ دل ۾ وڌام.

نه ڪر يار مون کي ڌڪي ڌار تون،

ڪيل قول پنهنجا پرين پار تون،

ڏسان گس ڏهاڙي تنهنجا صبح شام.

مٺا موٽ جلدي تون ’منٺار‘ ڏي،

دلاسو اچي هوت کي يار ڏي،

محبت ۾ ڪاوڙ مٺا آ حرام

 

غزل

جڏهن گڏ تون ناهين پيارا، ڊسمبر ڪم ڪهڙي جو،

سگهو آ ڇڏ انگل آرا ۽ ڊسمبر ڪم ڪهڙي جو.

وصل جا ڏيئي وڏا وعدا وساري تون وڃين ويٺين،

نه ڪر ايڏا ڪنارا، ڊسمبر ڪم ڪهڙي جو.

لڳين تون لوڪ جي آکئي، جدائي ڪين ڪر جاني،

کلي هل تون خدارا، ڊسمبر ڪم ڪهڙي جو.

ٿڌيون راتيون سياري جون، اچي مل هير ٿڌڙي ۾،

پرين ڏس پيا پون پارا، ڊسمبر ڪم ڪهڙي جو.

هجر هت ’هوت‘ کي مٺڙا ڪيو بيمار آ بيوس،

ڪندين ’منٺار‘ کان ٽارا، ڊسمبر ڪم ڪهڙي جو.

 

حافظ حبيب سنڌي

چوهڙ جمالي

 

 

 

رهن ڪين رهاڻ کان ڪنول ڪوماڻيون،

ڪينجهر ۾ ڪالهه هيون، ڪي گندريون مهاڻيون،

ڪهڙيون ڪهاڻيون، پڇين ٿو پرياڻ جون.

الله وري آڻ، ڪو آب اگوندرو،

لهن ڏکّ، ٿين سُک، پسون پرين پاڻ،

اهڙا ڪي اهڃاڻَ، ڪينجهر ايندا ڪڏهين؟

الله آڻج آب، ڪينجهر ۾ ڪثير تون،

وري اچي واهري، اوج اڳوڻو تابِ،

رڳون ٿين روحَ جون راڳ ۽ ربابِ،

ٿين سڌون صابِ، خيرن جون کٽي چوي.

وري اچن واهري، نوريءَ جا ته نياز،

وري ڄام ڄُلي اچي نايو پڙهي نماز،

۽ ڪينجهر هندورو ٿئي، ۽ ساڳيا ٿين سازَ،

وري رازَ، نيازَ، مولا پون نه مامري.

موٽي پون نه مامري اڄ جا عشق عليل،

سَدا واهي سڌا تُرو تنهنجو جَر جليلج،

تنهنجو سلسبيل، قيامت تائين قائم رهي.

قيامت تائين قائم، رهي تنهنجو عروج ۽ اوج،

سدا رهين سُکي تون، ماڻين سدائين موج،

خانم* تنهنجو کوج، لڳائيندڙ لڏي ويا.

وڻ راهه تنهنجيءَ واسيا، ڪينجهر ڪنڌيءَ گُل،

گل، ڦُل گَسن مٿي تيئن، آهن اَجرڪ ڦُل،

تنهنجي عميق منجهه، اَملهه، اڃا آهن اوترا.

 

 

’مصروف‘ محمد حسن چانڊيو

دڙيلو


 

غزل

رهجي ويا هي اڌورا ساجن،

پنهنجا خواب سمورا ساجن.

دردن دل کي آهه وڪوڙيو،

ٿي پئي ٽڪرا چورا ساجن.

جيءُ جُدائي آهه جلايو،

اندر ٻرن کورا ساجن.

سپنا جيڪي دل ۾ سانڍيم،

نيٺ ته ٿيندا پورا ساجن.

گيت غزل ۽ وايون تولئه،

ٺاهيم ڪيئي مورا ساجن.

مِل اچي ’مصروف‘ سان جاني،

ڀانڪر پائي ڀورا ساجن.

 

غزل

ڪاريون راتيون ڪَٽجن ڪيئن،

غم وڇوڙا گهٽجن ڪيئن.

نفرت جي هن دنيا اندر،

ٻج محبت ڇٽجن ڪيئن.

دل ۾ درد هزارين جاني،

توبن هرگز هٽجن ڪيئن.

تون ته اکين کان دور او دلبر،

محبت مزا وٺجن ڪيئن.

تنهنجي جدائي ۾ اي جاني،

ويس هي ڪارا مٽجن ڪيئن.

ويساگهاتين جي وَر چڙهيل،

قوم جون اکيون پٽجِن ڪيئن.

’مصروف‘ محبت راه ڏکي،

واٽون اهڙيون وٺجن ڪيئن.

 

عبدالغني ’غني‘ هاليپوٽو

 ...........

 

غزل

مٺا مرڪي ملڻ جي ڪر سٺي بيگانگي ناهي،

جڏو ٿم جيءُ جدائي ۾ بدن ۾ تازگي ناهي.

نماڻا نيڻ هي پُرنم زمانا ٿيا ستا ناهن،

پڄاڻان تو پرين پيارا اکين آرامگي ناهي.

بنا مقصد جي اي ساقي پيڻ مان فائدو ڪهڙو،

لڏن ڪنڌ مئي ڪشن جا ٿا مگر ڇو زندگي ناهي.

جواهر ٿي جهڪا ويڙا جمالِ يار جي اڳيان،

اڙي او چنڊ تو ۾ ڪا رهي تابانگي ناهي.

غذا آ روح جي ليڪن هجي پاڪيزه موسيقي،

نه ٻڌجي راڳ اهڙو راڳ جنهن ۾ نغمگي ناهي.

رهي انسان ٿو زنده مرڻ کان پوءِ محبت سان،

محبت جيڪڏهن ناهي ته گويا زندگي ناهي.

ڏسي ها حال مون هيڻون ڏنو پٿر دلين روئي،

’غني‘ جي درد دل جي تو ڪئي درمانگي ناهي.

غزل

ڏکن سورن ۽ دردن سان اڳي پيئي ڀري آهي،

اڃا ڀل ڏي زمانا تون سندم دل ويڪري آهي.

لنگهي ويا سال سنڀران ڪين ساعت ڪا سُکن واري،

نماڻيءَ جي نصيبن ۾ رڳو دردن ڀري آهي.

ڏهوڻان ڏک ڏيڻ آيون سرد راتين سياري جون،

ڪچهرين قرب وارين جي وري موسم وري آهي.

مٺا هڪ منٽ ۾ دليون هزارن جو هڻي ويندين،

انهي فن ۾ سڄن توکي نِمايان برتري آهي.

ڏسيان اوقات مان ڪهڙي بُري بدخواه بدتر کي،

عيان ٿيندي افعالن مان ئي جنهن جي جيتري آهي.

سندم هر شعر ڇا جي لئه هٿوڙا ٿي لڳو هن کي،

حقيقت تي رهي مُبني اسان جي شاعري آهي.

اٿئي هن پار ڏي هلڻو ثمر ۾ سوجهرو گهرجي،

قبر اونداهه واريءَ ۾ نه ڪوئي در دري آهي.

ڪکن منهنجن تي قربن مان پرين پيرڙا پاتا،

عنايت ٿي عجيبن جي ’غنيءَ‘ تي مٿڀري آهي.

 

نُور ناچيز

ٽنڊوالهيار

 

 

 

 

غزل

سجاڳ نيڻ جڏهن ٿيا نظر نه تون آئين،

لنگهي ويا ڪي زمانا مگر نه تون آئين.

وري فراق جي چاڪن ڪيو آ ميڙاڪو،

وري ويراڳ وڍي ويو اندر نه تون آئين.

جيان به هاڻي جيان ڪاڻ ڪنهن جي بلآخر،

هي جيءَ منهنجو بڻائي زهر نه تون آئين.

منهنجي اکين ۾ ڪهاڻي آ پياسي دريا جي،

اُڃائي ريت تي بڻجي لهر نه تون آئين.

سفاڪ رات انڌيري ٿي روز تڙپائي،

لنگهي ٿي رات جيان هر سحر نه تون آئين.

نظر اُداس آ ’ناچيز‘ تنهنجي راهن تي،

هُئي اُڪير اَندر هر پَهر نه تون آئين.

غزل

خيال يار خود خيما اچي من ۾ اڏي ويو آ،

ڏئي اوجاڳ اکڙين ۾ سرابن ۾ ڇڏي ويو آ.

سگِ در ٿي رهڻ جنهنجو ڪيو مون خيال هو جنهن سان،

فراقن سان چِڪيل سارا زخم مونسان گڏي ويو آ.

ڪئي آ هاڻي مون سنگت حجر آلود سوزن سان،

وڇوڙن ساڻ سُرندو ساز ڪو مون کي سڏي ويو آ.

ڪيا ڪيڏا هُئا وَس مون صنم تنهن کي ريجهائڻ جا،

منهنجي چاهت سندا سارا سي نذرانا ٿُڏي ويو آ.

سُڃيون اکڙيون سُڃيون نظرون سُڃي آ بزم يارانه،

لڳي ٿو ڏيهه مان، ’ناچيز‘ ڏوراهون لڏي ويو آ.

 

ڏاتل خان چنا اُداسي

ڦلجي وليج

 

 

 

غزل

مون کي تُنهنجي مُحبت ٿي گهُرجي،

نِڪي مون کي تنهنجي نَفرت ٿي گهُرجي.

 

ڏِسان مان اهڙوئي نَظارو،

مون کي اهڙي ئي حَسرت ٿي گهُرجي.

 

سُبحان الله آهي اڄ ڏينهن ڀَلارو،

مون کي اهڙي ئي مُسرت ٿي گهُرجي.

 

سڄڻ جوئي ته بيشڪ سَهارو آهي،

بَس مون کي ان جي ئي نظرت ٿي گهُرجي.

 

ڪيان ديدار پيو تنهنجو دَم دَم،

مِٺا مون کي تنهنجي بَشرت ٿي گهُرجي.

 

’اُداسي‘ اَزل کان آهي تنهنجو سُهڻا،

پوءِ به مون کي تنهنجي صورت ٿي گهُرجي.

 

شفيق عاصم منگي

شڪارپور

 

 

 

غزل

خواهشن کي ڀي لڳي ڄڻ پَرَ ويا،

عرش کي مَسڪن بڻائي ويٺيُون.

جي ٿيون گُم چاهه جي پولارَ ۾،

پاڻ سي ڪيڏو وڃائي ويٺيُون.

ڏِس اُميدن آسري پنهنجي وَري،

دِل ستارن سان سَجائي ويٺيُون.

عِشق راهون دور ٿي کانئن ويون،

ڪيترو هَرجا رُلائي ويٺيُون.

چاهه راهُن ۾ وڇايل نيڻَ ها،

ديد سا ساري لَٽائي ويٺيُون.

جي هُيون مهمان حُجتون ساريون،

سارَ ساگر ۾ وَهائي ويٺيُون.

ريت رَسمون چاهتون پنهنجون رَکن،

پَر اُهي ڀي ڪِٿ نڀائي ويٺيُون.

نينهَن ناتن ساڻ جُڙيل زندگي،

يارَ ’عاصم‘ سا مَٽائي ويٺيُون.

غزل

سُور صدمن اَذيتن جي ڄڻ ڀري آ زندگي،

عشق سان پُختي اَٽل ڪيڏو کري آ زندگي.

چاهَتن جي ڌوڙ ۾ پنهنجا وڃائي حال سڀ،

پو به ڏس ته چاهه ۾ ڪيڏي چَري آ زندگي.

ساعتون سُک سانت سنديون گهاريون جيڪي اَٿم،

باهه تن ۾ عاشقيءَ جي ڏس ٻَري آ زندگي.

آ وَسائي يارَ دنيا مون خيالن جي وري،

تن مٿان پهرا هَڻي ڀي ڪِٿ ٺري آ زندگي.

سوچ ساري خوابَ ڀي ڄڻ ٿي هوا اُڏري ويا،

پَــرَ لڳي سڀ تي اَٿم ڪيڏي ڳَري آ زندگي.

بيرُخيءَ جو راڄُ آ جِت آس تِت دم ٽوڙيو،

درد سارا اُت وساري جي مَري آ زندگي.

ٿاڪَ احساسن مٽايا ذهن ٿي خالي ويو،

ڏِس پلئه پئجي وئي ڄڻ ڪمتري آ زندگي.

پير ڀي پنهنجا پِٿون پُرخارُ راهون عشق جون،

چاهه گهيڙن گهيڙيو ’عاصم‘ وري آ زندگي.

 

ذوالفقار ٽالپر

شڪارپور

 

 

 

غزل

تنهنجي اچڻ جي آس ڀلي آ،

گل ٿا جهومن واس ڀلي آ.

سهڻي صورت من کي موهي،

چپ سنهن جي چاس ڀلي آ.

جيئڻ جا جاني جتن ڪبا هِت،

سهڻي سوچ شناس ڀلي آ.

ڪجهه گهڙيون گهارڻ آيو آهيان،

توسان کيڏيل ”تاش“ ڀلي آ.

ڪم ڪجي ڪو سبتو سهڻو،

مليل پوءِ شاباس ڀلي آ.

ڏينهن به ڪي، ڪي ڏنڀ ڏين ٿا،

’ذوالفقار‘ ڪا ته اُماس ڀلي آ.

بيت

خودڪشي ڪيڏي خراب، ماري ملوڪ مور!

ڪريو ڇڏي ڀور، هر ڪنهن ماڻهو من کي.

ساڃاهه ڪرين ها سپرين، آپگهات کان اڳ،

ڪڏهن نه غلط دڳ، وٺين ها ويندي ساٿ ڏي...!

خودڪشي ڏاڍي خراب، جيءَ ٿي جهوري،

آ تون اوري، رهون سهڻي ساٿ ۾.

سنڌوءَ ۾ ساهه آ، سنڌو لاءِ وڙهندس،

جاني مان جُڙندس، ماري ويري ملڪ جا.

سنڌو جو رُخ هو، پاپي پيا موڙن،

هڻي هنبوشيون هَوس مان، ڪيئن پيا ڊوڙن،

ناتو پيا ٽوڙن، ڀلاري هن ڀونءَ سان!

 

ڪريم بخش ’ڪاظم‘ چانڊيو

دڙيلو

 

 

 

ڪافي

مل محب مٺا پئي ٿي جان جلي،

رويو ريهون ڪريان حيلو ڪونه هلي.

تنهنجي سڪ ۾ سڄڻ برباد آهيان،

تون قرب ڪندين آباد آهيان،

نه ڪي دم ٿو ٽٽي نه حيات آهيان،

سوا تنهنجي سڄڻ نه ٿو چارو چلي.

تنهنجي تن اندر ۾ تات اٿم،

ٻي وائي روئڻ جي وات اٿم،

ٿي سورن ڪئي سڪرات اٿم،

اهو سور سڄڻ توري ڪير سَلي.

’ڪاظم‘ جي وئين تون دلڙي لُٽي،

هو قيدن جان ويٺو ڏينهن ڪٽي.

جنهن جي توکان سواءِ ساعت ڪيل سٽي،

برهه باهه ٻاري وهه واهه بلي.

غزل

آ پرين منهنجا پرين، توکي سڄڻ ٿو ساريان،

لڙڪ ڪيو لارون وهن، تولئه هنجهون ٿو هاريان.

مان وڃان پرديس پيو، تنهنجو وسي شل ديس پيو،

توکي چوان ان پيش پيو، هت ڪيئن گنگهر ڏينهن گهاريان.

تون آن سڄڻ سُهڻو سدا، توتان ڪئي مون دل فدا،

تون نه ٿيءُ جاني جدا، پلپل پيو پوڪاريان.

ڪر نه ’ڪاظم‘ ڪو به غم، دوست ملندو دم بدم،

پائي سڄڻ ايندو قدم، اکر اهي اُچاريان.

 

محمد طاهر’تائب‘راهمون

عمرڪوٽ

 

 

 

التجا

گهُران توکان توکي ٿو تون ئي عطا ڪر؟

گناهن کان مون کي تون باري بچا ڪر.

ڪروڙين ڪرم تو وري ڀي ڪرم ڪر،

سدا عشق تنهنجي ۾ دلڙي نرم ڪر.

تنهنجي عشق جي باهه دل ۾ گرم ڪر،

مڙيئي معاف موليٰ تون منهنجي خطا ڪر.

تنهنجي نعمتن جو شڪر ٿو ڪريان،

اڳيان تنهنجي پيارا ٿو گردن ڌريان،

ڇڏي در توهانجو مان ڪيڏانهن وڃان،

سچو ڪر سَچو ٿيان، تون مولا سچا ڪر.

ڏنئي دينِ اسلام اعليٰ اُچو،

ڇُٽي مون کان هرڪو ڪنو ڪم ڪچو،

آهي نفس مون  لئي وڏو ئي ڏچو؟

بچا ڪر تون باري تون باري بچا ڪر.

آهي انوري* ”تائب“ هي عاصي انڌو،

سچائي ڏي سائين سچو ڪر بندو،

معافي ڏي تون موليٰ بندو ڪر سَندو،

ڪِنايون ڪڍي قلب ڪوري صفا ڪر.

 

نِم ناز

ٽنڊو جان محمد

 


 

غزل

اڄ جو انسان، حيوان ٿيندي ڏٺم،

تن جو ايمان، مهان ٿيندي ڏٺم.

 

جت به جهيڙا جهٽا ۽ هجن نفرتون،

ڳوٺ سارا سي ويران ٿيندي ڏٺم.

 

شوق جنهن ڀي رکيو، علم ۽ هُنر سان،

تنهن گدا کي به، سلطان ٿيندي ڏٺم.

 

ويڄ جون ڪَن ٿيون، فرق ڦڪيون جڏهن،

پاڪ قرآن، درمان ٿيندي ڏٺم.

 

پيار سان پيار آ، هن سان آ مگر،

ڀاءَ ڀاءَ جو ويري جان ٿيندي ڏٺم.

 

چور لوفر هِتي، ٺاٺ ٺٺ سان هلي،

لوڪ ساري جو، نقصان ٿيندي ڏٺم.

 

خوف سڀ کان بنا، وئي جواني لنگهي،

سي پيري ۾ پشيمان ٿيندي ڏٺم.

 

’ناز‘ زنده رهڻ، ٿيو مهانگو هتي،

موت سستو ۽ آسان ٿيندي ڏٺم.

 

فراخ جانوري

لاڙڪاڻو

 

 

 

غزل

ڪنهن ڪليءَ جي هڪ سُهاني سار ڳالهايو پئي،

منهنجي من سان رات ڄڻ مهڪار ڳالهايو پئي.

 

نيڻ نيڻن سان ملائي هُن پئي مُرڪيو ائين،

ڄڻ اُڃي ٿر سان ٿڌي وسڪار ڳالهايو پئي.

 

هاءِ قارونيت وڌائي بک ڇڏي آ هر طرف،

شام ڌاران هڪ بُکي پينار ڳالهايو پئي.

 

بس سگهوئي هي سڄو سنسار ٿي ويندو تباهُه،

وحشتن مان ايٽمي هٿيار ڳالهايو پئي.

 

جو ڇڳو مون کان دڳن جي ڌوڙ ٿي ويندو اُهو،

باک ويلي وقت جي رفتار ڳالهايو پئي.

 

ڪجهه ڏهاڙا زندگي آ، مهڪي ۽ مُرڪي جِيو،

واءُ ۾ جهومي سرنهن، ڦولار ڳالهايو پئي.

 

جي خدا آهي ته پو ڇو دانهن ورنائي نٿو؟

رات هڪ مظلوم ۽ لاچار ڳالهايو پئي.

 

دل جي احساسن جا هٿڙا پيار سان رنگين ڪر،

هڪ جوانيءَ ساڻ ميندي ڏار ڳالهايو پئي.

 

ڄڻ تتيءَ دل ۾ ٿڌيون هيرون گهُليون پئي هر طرف،

ڀر ۾ ويهي ٻاجهه مان غم ٽار ڳالهايو پئي.

 

ڌرتتي آ، اچ مُسافر ڇانوَ ۾ ڪُجهه ساهُه پَٽِ،

دڳ ۾ هيکل وڻ جي مون سان ڏار ڳالهايو پئي.

 

جو اڳيان ايندو ته ويندو مارجي پل ۾ اهو،

شامِ قاتل ڪجلي اک جو ڍار ڳالهايو پئي.

 

هر انڌيرو ڏيهه مان جلدي ختم ٿيندو ’فراخ‘،

ديپَ ٻاري ديس جي دلدار ڳالهايو پئي.


* انوري سائين محمد طاهر جو مرشد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org