جاويد اختر پاشا
ترجمو: نياز مسرور بدوي
شڪارپور
اُڃ
صبح
جا ڏهه ٿيا هئا، پر اس جي تکاڻ برداشت کان ٻاهر
هئي. سرن جي بٺي تي پري پري تائين ڇانو جو ڪو نشان
ئي نه هو. مان چاهيان پيو ته برسات ٿيڻ کان اڳ ئي
گهر جي ڇت پئجي وڃي. ان کان وڌيڪ سرن جي بندوبست
ڪرڻ لا ملڪ الله داد جي بٺي تي پاڻ ئي آيس.
ٺيڪيدار ياسين گذريل هڪ هفتي کان گم هو. منشي نواب
الدين سان سرن جي چونڊ ، قيمت جي تڪرار ۽ فراهميءَ
جي وقت تي بحث مباحثي ۾ سج چڙهي آيو. هوا جا گرم
جھولا، کليل علائقي ۾ ساڙي رهيا هئا. مان تيز قدمن
سان جلد کان جلد گاڏيءَ ۾ پهچي، ٿڌي هوا جي پناهه
وٺڻ چاهيان پيو. سرن جي تياريءَ لاءِ مٽيءَ جي
کوٽائيءَ جي ڪري سڄو علائقو تمام گھڻو نشيبي ٿي
ويو هو. اچڻ مهل هڪ ته وقت تمام گھڻو نه ٿيو هو ۽
اس به تيز نه هئي. ٻيو لهوارو هئڻ ڪري ٿڪاوٽ به
محسوس نه ٿي. واپسيءَ تي اها ٿوري چڙهائي قراقرم
جي ڪائي چوٽي محسوس ٿي رهي هئي. مان دل ئي دل ۾
منشي نواب الدين کي پِٽي رهيو هئس، جنهن فضول بحث
۾ ايتري دير ڪرائي ڇڏي هئي. سڄي چڙهائي پار ڪري
مان گاڏيءَ جي ويجھو پهتو ئي هئس ته اوچتو زناني
رڙ، ڌيان پنهنجي طرف ڇڪي ورتو. غير ارادي طور ڏٺو
ته هڪ ننڍڙي ڇوڪري رستي جي ڪناري تي ڪريل پئي هئي.
ڊوڙي سندس ويجھو پهتس. اٿاريومانس. ڏٺم ته هُوءَ
ٺيڪ ٺاڪ هئي. بظاهر کيس ڪو ڌڪ نه لڳو نه هو. شايد
ڊنل هئي ۽ ڏاڍو ڪنبي رهي هئي. مون سندس مٿي تي هٿ
رکيو، آٿت ڏني پر سندس برو حال هو. بس روئي پئي.
ڏاڍي مشڪل سان هن ٻڌايو ته سندس پير ٿڙي ويو هو ۽
پاڻ به ڪري ۽ پاڻيءَ سان ڀريل دلو به مٿي تان ڪري
ڀڄي پيو هئس. مون ڏٺو ته ڪجھه قدم پريان ڀڳل دلي
جا ٽڪرا، ڇوڪريءَ جي مجبوريءَ جو قصو ٻڌائي رهيا
هئا.
”بابا ڏاڍو ماريندو؟“ ڇوڪريءَ روئندي ٻڌايو.
”ڇو، تون ڄاڻي واڻي ته نه ڀڳو آهي“ مون کيس تسلي
ڏني.
”پر هُو پوءِ به ماريندو.“ هن ڊنل لهجي ۾ جواب
ڏنو.
”ڪٿي رهندي آهين؟“ مون کانئس پڇيو.
”سامهون اسان جو گھر آهي؟“ هن اشارو ڪيو.
”هل، مان توسان گڏ هلان ٿو. تنهنجي پيءُ سان
ڳالهائيندس.“
منهنجي ان چوڻ تي ڇوڪريءَ کي ڪجھه آٿت ملي، پر خوف
به پنهنجي جاءِ تي ڏسڻ ۾ آيو. هوءَ منهنجي اڳ اڳ
هلي. ان کان سواءِ وٽس ٻيو چارو به نه هو. ڇوڪريءَ
جي عمر وڌ ۾ وڌ ڏهه سال کن هئي. سنهڙي، ڪمزور،
غربت جي ماريل، اگھاڙي پيرين، ميرا ڪپڙا پهريل،
وار وريل. ڇوڪريءَ جي پيءُ جي معاشي حالت جي عڪاسي
ڪري رهيا هئا. مون هن کان پڇيو :
”پاڻي ڪٿان ڀري ايندي آهين؟“
”گھڻو پري نالي تان“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
”پاڻي ڀرڻ لاءِ توسان گڏ ڪوئي ٻيو به هلندو آهي؟“
مون سوال ڪيو.
”امان ۽ ٻه وڏيون ڀيڻيون هلنديون آهن. اهي مون کان
ٿورو اڳ گھر هلي ويون آهن.“ هن ٻڌايو.
ايتري ۾ ڇوڪريءَ جو گھر اچي ويو. گھر ڇا هو. مٽيءَ
جي ننڍي چار ديواري جي اندر هڪ ڪچو ڪوٺو هو. جنهن
جي ڇت پکن جي ٺهيل هئي. چارديواريءَ جي اندر هڪ
ڪنڊ ۾ گاسليٽ جو چلهو ۽ ڪجھه ٿانو، گھر ڀاتين جي
زندگيءَ جي تلخين جي نشان دهي ڪري رهيا هئا. قدمن
جو آواز ٻڌي، اندران هڪ سخت آواز آيو.
”ڪير آهي؟“
”ادا! ٿورو ٻاهر ته اچو.“ مون وراڻيو.
آواز سان ملندڙ جلندڙ هڪ مضبوط ڊگھو ڪارو شخص
اندران ٻاهر آيو. ڇوڪريءَ کيس ڏسندي ئي زور زور
سان روئڻ شروع ڪري ڏنو. روئڻ جو آواز ٻڌي اندران
هڪ پڪي عمر جي عورت ۽ نوجوان ڇوڪريون به ٻاهر نڪري
آيون. ڇوڪري ڊوڙي وڃي، عورت سان چنبڙي پئي.
”ڇا ٿيو آهي؟“ ان شخص رڙ ڪئي.
کيس ڏسي مان به ٿورو گھٻرائجي ويس. ته نه ڄاڻ ڇا
سمجھي، پر نوعيت جي نزاڪت کي ڏسندي هڪدم مون ئي
جواب ڏنو.
”ٻارڙيءَ جو رستي ۾ پير ترڪي پيو هو، پاڻ به ڪِري
۽ دلو به ڀڄي پيو اٿس. توهان کان ڊڄي رهي هئي. مان
ساڻس گڏ ان ڪري آيس ته جيئن اوهان کانئس ناراض نه
ٿيو.“
”تون ڪير آهين؟ ۽ ڇو هن جي سفارش ڪري رهيو آهيان؟“
ان ڇوڪريءَ کي قهر ڀريل نگاهن سان ڏسندي مون کان
پڇيو.
”مان به هڪ پيءُ آهيان. منهنجي به هن جيتري هڪ
ڌيءَ آهي. دلو هن ڄاڻي واڻي نه ڀڳو آهي. اوهان هي
پنجاهه رپيا وٺو ۽ نئون دلو وٺجو.“
مون کيسي مان پنجاهه رپين جو نوٽ ڪڍي ڏانهنس
وڌايو. منهنجي حيرت جي حد نه رهي جو هن بنا ڌڙڪ
منهنجي هٿ مان نوٽ جھپي ورتو. ڄڻ مون کيس ڪا اوڌر
ڏني هئي.
”اوهان جي بستيءَ ۾ پاڻي ناهي؟“ مون پڇيو.
”هلو ڙي توهان سڀ اندر. تماشو ڏسي رهيون آهيو.“
مون کي جواب ڏيڻ کان اڳ هن شخص قهر ڀريل نظرن سان
پنهنجي زال ۽ ڌيئرن کي تڙيو ۽ پوءِ مون سان
ڳالهايائين.
”جي نه، هتي پاڻي بلڪل نه آهي؟“
”اوهان پاڻي ڪٿان ڀريندا آهيو؟“ مون سوال ڪيو.
”هتان کان ڏيڍ ميل پري هڪ برساتي نالو آهي، اتان
اسان جون عورتون پاڻي ڀري اينديون آهن.“
سندس لهجي ۾ سختي نمايان هئي. نه ڄاڻ اهو سندس
مزاج هو يا حالتن جي پيداوار. مون اس جي تپش جي
باوجود ساڻس ڪجھه گفگتو ڪئي. جنهن جو خلاصو هيءُ
هو ته هن ڪچي بستيءَ ۾ تقريباً پندرهن گھر آهن. سڀ
جا سڀ غريب مزدور آهن، جيڪي شهر وڃي ڪم جي ڳولا ۾
مصروف رهندا آهن جنهن ڏينهن کين مزوري ملندي آهي
ان ڏينهن سندن چلهه ٻرندي آهي نه ته فاقو ڪرڻو
پوندو آهي.
ان شخص جو نالو ڪريم هو. ڪم هن به مزوري ئي ٻڌايو.
آباديءَ جو نالو هن جي ئي نالي تي ڪريم آباد هو.
بقول هن جي بستيءَ جا سڀ ماڻهو سندس ئي ڳالهه
مڃيندا آهن.
مون هڪ مختلف خيال تحت ڪريم کي ساڻ ڪري بستيءَ جو
چڪر هنيو. گھر ڪچا هئا. ڪنهن ڪنهن هنڌ اگھاڙا ٻار
گھرن منجھان تڪڻ کان پوءِ اندر لڪي پئي ويا. گندي
پاڻي جي نيڪال جو انتظام نه هئڻ ڪري ننڍين ننڍين
گھٽين ۾ گندو پاڻي هنڌ هنڌ تي بيٺل هو. گند ڪچري
جا ننڍا ننڍا ڍير ماحول کي گندو ڪري رهيا هئا. شهر
جي انتهائي خوبصورت ۽ جديد علائقي جي ڀر ۾ زندگيءَ
جي بنيادي سهولتن کان محروم ڪجھه غريب خاندانن جي
هي گندي ۽ غليظ بستي اسان سڀني جي صاف سٿرن چهرن
تي هڪ واضح سواليه نشان هئي. مان سوچيندو رهيس ۽
اهائي سوچ ساڻ ڪري ڪريم آباد کان ٻاهر نڪري آيس.
ان سوچ مون کي جڪڙي ورتو. اهو صحيح آهي ته ملڪ ۾
اهڙيون محروم آباديون هزارن جي تعداد ۾ آهن. محدود
وسيلن سان انهن سڀني جي محرومين جو ازالو نه ٿو
ڪري سگھجي، پر شايد ڪجھه نه ڪجهه ته ڪري سگھجي ٿو.
گھٽ ۾ گھٽ برسات جو پهريون ڦڙو به بڻجي سگھجي ٿو.
مان هڪ بين الاقوامي فلاحي تنظيم جو ڪارڪن آهيان.
انهن ڏينهنِ ۾ مان تنظيم جي مقامي شاخ جو نگران
اعلى به هئس. مون پنهنجي ڪوششن جي شروعات ڪري ڏني.
مان پنهنجي ساٿين سان ڳالهايو. اسان جي تنظيم جي
شاخن جو ڄار ملڪ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي.
سڀئي هڪ ٻئي جي جيترو ٿي سگھندو آهي، مدد ڪندا
آهيون. ننڍن وڏن فلاحي تنظيمن جي لاءِ دل کولي
سهڪار ڪيو ويندو آهي ۽ قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته
رنگ، مذهب، نسل ۽ سياست کان مٿڀرو ٿي ڪري اهو ڪم
ڪندا آهيون.
پاڻيءَ کان سواءِ زندگيءَ جو تصور ناممڪن آهي
ڪائنات جي حسن ۽ جمال ۾ رنگ پاڻيءَ جي مرهون منت
آهي. بار بار منهنجي نگاهن جي آڏو ان معصوم خوفزده
ڇوڪريءَ جي صورت اچي رهي هئي، جيڪا ميلن کان دلي
کي مٿي تي رکي زندگيءَ کي سيراب رکڻ لاءِ پاڻيءَ
جو بندوبست ڪري رهي هئي. اهڙو تصور ايندي ئي مان
پنهنجي ڪوشش کي تيز ڪري ڇڏيندو هئس. ڪجهه مهينن
کان پوءِ مون کي ڪاميابيءَ جي خوشخبري ٻڌڻ ۾ اچڻ
لڳي. منهنجي ڊڪ ڊوڙ رنگ لاتو. پهريائين ته منهنجي
مقامي ساٿين گھڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ ڪريم آباد ۾
ان جھڙين ٻين ڪيترين ئي محروم بستين جي لاءِ
پاڻيءَ جي فراهمي جو منصوبو تيار ڪيو. هر طرف ۽ هر
طرح کان ماهراڻي راءِ حاصل ڪئي ويئي.
اندروني توڙي بيروني ملڪ تنظيم جي شاخن کي خط لکي
منصوبي جي تفصيل کان واقف ڪيو ويو ۽ نيٺ اسان کي
ان سلسلي ۾ تعاون حاصل ٿيڻ لڳو. ڪيترن ئي ملڪن مان
گھڻا نقد عطيا وصول ٿيا ۽ اسان منصوبي تي عملي طور
ڪم شروع ڪري ڏنو. مان ڪريم آباد پهتس. ڪريم سان
ملاقات ڪئي. پهريائين ته هُو سڃاڻي نه سگھيو، پر
مون جڏهن کيس ياد ڏياريو ته هُو چپ ٿي ويو. مون
کيس ٻڌايو ته منهنجي تنظيم سندس بستيءَ ۾ پاڻيءَ
جي لاءِ هٿ وارو نلڪو هڻي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويئي
آهي. هُو جاءِ جي چونڊ ڪري ۽ ان جو انتظام ڪري.
ڪيترين ئي ملاقاتن کان پوءِ جاءِ جي چونڊ ڪئي
ويئي. اهو هنڌ ڪريم جي گھر جي بلڪل سامهون کليل
ميدان ۾ هو. جتان بستيءَ جا ماڻهو آسانيءَ سان
پاڻي ڀري پئي سگھيا.. مان ۽ منهنجا ساٿي شهر جي
جديد سهولتن جي وچ ۾ آباد هئاسين. اسان کي اهڙن
ڪمن جو تجربو نه هو، پر خواهش هئي ته ڏکيائون آسان
ٿي وينديون. اسان آخرڪار پندرهن ڏينهن جي ڏينهن
رات جي محنت کان پوءِ ڪريم آباد جي لاءِ پاڻيءَ جو
انتظام ڪري ورتو. اهو ڏينهن تمام گھڻين خوشين جو
ڏينهن هو. مان بلڪل نه ٿو وساري سگھان. ائين لڳو
ڄڻ اسان پاڻ صحرا جا رهندڙ آهيون ۽ اسان جي گھر جي
اڱڻ ۾ پاڻيءَ جو چشمو ڦُٽي پيو آهي. هڪ ننڍڙي
تقريب جو انتظام ڪيو ويو. بستيءَ جا سڀ ننڍا وڏا
ان ۾ شريڪ ٿيا. مون کي ياد آهي ته جڏهن اسان جي
تنظيم جي صدر اڪرام شيخ نلڪي جي ڳن کي هيٺ مٿي ڪيو
ته پاڻيءَ جي هڪ ٿلهي ڌار زمين جي گھراين کي
چيريندي اڃايل مٽيءَ تي ڪِري ته، اسان سڀني خوشيءَ
مان زبردست نعرن ۽ تاڙين سان ان جو آڌرڀاءُ ڪيو.
مٺو ۽ ٿڌو پاڻي. زندگيءَ جو نشان. بستيءَ جي ماڻهن
جي خوشي ڏسڻ جي لائق هئي. سندن جذبن مان احسان
مندي ظاهر ٿي رهي هئي. ان جو اظهار سندن نمائندن
لفظن جي ذريعي به ڪيو. مون پنهنجي ساٿين کي جيترو
خوش ۽ مطمئن ان ڏينهن ڏٺو، شايد ان کان اڳ ڪنهن
منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي نه ڏٺو هو.
هڪ هفتي کان پوءِ اطلاع مليو ته پاڻي اوچتو بند ٿي
ويو آهي. فڪرمند ۽ پريشان ٿي ويس. مان پنهنجي ٻن
ساٿين سان هڪدم پهتس. ٿورڙي خرابي هئي. ٿورڙي ڊڪ
ڊوڙ کان پوءِ نلڪي کي درست ڪرايو ويو.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ وري اهو اطلاع مليو ته، ڪريم
آباد جون ٻارڙيون ۽ عورتون پاڻيءَ جي ڳولا ۾ وري
ميلن ۾ ڀٽڪي رهيون آهن. ڇا مصيبت آهي؟ پهتس. ڏٺم
وائٺم. اهوئي معمولي نقص. اهو نقص ته هي ماڻهو پاڻ
ئي حل ڪري ٿي سگھيا. خيال اُڀريو. ڳالهه ٻولهه
ڪئي. اسان جي هڪ تمام گھڻي سرگرم ڪارڪن کين
سمجھايو. هيءُ نلڪو اوهان جو آهي، اوهان جي لاءِ
آهي ان کي جاري ۽ صحيح رکڻ اوهان جي ضرورت آهي.
اسان بار بار انهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جي لاءِ
سڄو ڪم ڪار ڇڏي ايڏو پري کان نه ٿا اچي سگھون.
ڪريم جو هڪ ئي جواب هو. اسان غريب آهيون ۽ ان جي
مرمت نه ٿا ڪرائي سگھون.
هڪ عجيب ۽ ناقابل فهم پريشاني ورائي ويئي. پنهنجي
گھر جي اڱڻ ۾ پاڻيءَ جھڙي نعمت لاءِ انهن سڀني جو
رويو اوپرو هو. ڪريم ئي هر دفعي اسان سان
ڳالهائيندو هو. باقي ماڻهو مايوس نگاهن سان اسان
جي شڪلين کي تڪيندا رهندا هئا.
هڪ ڏينهن اطلاع مليو ته، اتان نلڪو گم ڪيو ويو
آهي. وري پهتاسين. واقعي اتان ڪنهن نلڪو مڪمل طور
تي پٽي اڇلائي ڇڏيو هو. نشانيءَ جي طور تي زمين جي
اندر هڪ گھرو سوراخ ۽ لوهي پائيپ جا ڪجھه ٽڪرا
موجود هئا. شايد ان کي لڳرائڻ ۾ اسان جون ڪوتاهيون
۽ لاعلمي شامل هئي، جو ڪوئي نلڪي کي ٽوڙي پيسن
خاطر آسانيءَ سان ڪڍي ويو هو.
ڪريم جون ڌيئر ۽ بستيءَ جون ٻيون عورتون مٿي تي
پاڻيءَ جا ڀريل دلا کڻي اينديون رهيون. منهنجا ۽
منهنجي ساٿين جا جذبا، وري اڀري آيا. مظلوم عورتن
جي لاچاريءَ جون تصويرون اکين ۾ کڻي واپس آياسين،
پر مختلف خيالن سان هن دفعي اسان کين وڌيڪ بهتر ۽
غلطين کان پاڪ پاڻيءَ جو وسيلو مهيا ڪنداسين.
وري اجلاس ٿيا. مشوارا ڪيا ويا. فيصلو ٿيو ته هاڻي
اسان وٽ جيئن ته ڪافي رقم آهي، ان ڪري ڪنهن وڏي
ماهر اداري کان اهو ڪم ڪرايو وڃي. ملڪ جي هڪ نامور
اداري جي چونڊ ڪئي ويئي. اسان کي يقين ڏياريو ويو
ته ڪريم آباد ۾ پاڻيءَ جو نظام مثالي هوندو. ڇهن
مهينن جي دوران ڪنهن به خرابيءَ جو ذميوار اهو
ادارو هوندو. اهو به طئي ٿيو ته اڌ پيسا ابتدا ۾ ۽
اڌ پيسا ڪم جي مڪمل ٿيڻ جي ڇهن مهينن کان پوءِ ڏنا
ويندا ۽ ان وچ ۾ منصوبو مسئلن جو شڪار ٿيو ته،
باقي ادائيگي نه ڪئي ويندي. ان اداري جي ذميوار
آفيسرن يقين ڏياريو ته پاڻيءَ جي فراهمي بنا ڪنهن
رنڊڪ جي ٽيهن سالن تائين جاري رهندي. ٺيڪو ڏنو ويو.
ٻن هفتن اندر منصوبو مڪمل ڪيو ويو. ڪريم آباد جي
رهندڙن لاءِ، هاڻي اڳ کان تمام گھڻو پاڻي بهتر ۽
محفوظ نموني سان موجود هو. مان خوش هئس ته هڪ خواب
خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ٿيو.
ٽن ڏينهن کان پوءِ روح رنجائيندڙ خبر ملي ته
پاڻيءَ جو سرشتو وري خراب ٿي ويو آهي. ”ناممڪن“.
جڏهن مون ان منصوبي جي اڏاوت جي سربراهه سان
ڳالهايو ته هن جو پهريون ردعمل اهوئي هو. ”اچو هلي
ڏسون ٿا.“ مون کيس پاڻ معائني جي ڪوٺ ڏني. واقعي
ئي پاڻيءَ جو سسٽم خشڪ پيو هو. اداري جي سڀني
ذميوار ماڻهن کي گھرايو ويو. اسان هن منصوبي جي
تڪميل جي لاءِ تمام گھڻي رقم ادا ڪئي هئي ۽ اڃا اڌ
رقم ڏيڻي هئي. سڀني جي جواب طلبي ٿي. سڀ چپ ۽ شڪي
هئا، پر ان ڳالهه تي سڀ متفق هئا ته ان کان اڳ
ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي.
مرمت ڪئي ويئي. پاڻيءَ جي سسٽم کي جاري رکڻ کان
پوءِ احتياط طور اداري جي طرف کان هڪ ماڻهوءَ کي
اتي مقرر ڪيو ويو ته جيئن معاملن جو جائزو وٺي
سگھي. پاڻيءَ جو سسٽم تمام سولو هو ۽ هڪ ٻار به ان
کي هلائي ٿي سگھيو. اسان بهرحال فڪرمند هئاسين ته
بار بار ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ڪريم آباد جا بدقسمت
ماڻهو ڪوششن جي باوجود پاڻي کان محروم ڇو ٿا ٿي
وڃن.
چوڪيدار ٽن ڏينهن کان پوءِ اطلاع ڏنو ته، رات جي
وڳڙي ۾ ڪنهن پاڻيءَ جي سسٽم کي هڪ دفعو ٻيهر نقصان
پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اهو ڪير آهي؟ ۽ ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ هيءَ ته
انتهائي بي ضرر قسم جو فلاحي منصوبو آهي. جنهن جو
مقصد بستيءَ جي ماڻهن کي پاڻيءَ جھڙي نعمت ميسر
ڪرڻ آهي. مظلوم ٻارڙين ۽ نادان ۽ ڪمزور عورتن کي
بي پناهه محنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي. ڀلا ڪوئي
منصوبي جو برو ڇو چاهيندو؟
مون پنهنجي دوست چوڌري شير عليءَ سان ڳالهه ڪئي،
جيڪو علائقي جي معززين ۾ شامل بااثر زميندار هو.
منهنجي سڄي ڳالهه ٻڌي سندس چهري تي معنى خيز مرڪ
اچي ويئي. ”چيائين ٺيڪ آهي، مان پنهنجي طريقي سان
معلوم ڪندس.“
چوڌري شير علي منهنجي سامهون ويٺو آهي. مان
پنهنجي مٿي کي هٿ ڏيئي، ڪاوڙ ۾ ڀريل سوچن ۾ گم
آهيان ته، پنهنجو پاڻ کي جاهلن ۾ ڳڻايان، پنهنجي
منهن تي پاڻ چماٽون هڻان، گريبان ڦاڙي ڪنهن جي عقل
تي ماتم ڪريان. چوڌري شير عليءَ مون کي ٻڌايو ته،
”ڪريم جي خيال ۾ اسان ڪنهن بين الاقوامي اداري کان
سندن نالي تي گھڻي رقم حاصل ڪئي آهي. ان مان ڪجھه
حصو پاڻيءَ جي نظام تي خرچ ڪيو آهي ۽ باقي رقم پاڻ
کائي ويا آهن.“ ”پر چوڌري مون کي ٻڌاءِ ته ان
مفروضي کي صحيح مڃڻ جي باوجود ڪريم آباد کي صاف
شفاف ٿڌو مٺو پاڻي ته مهيا ٿيو آهي. ان سان بستيءَ
جي غريب رهاڪن کي بار بار ڇو محروم ڪيو وڃي ٿو.“
مون جذبات کان مغلوب ٿي پڇيو.
”انهن مظلوم ٻارڙين ۽ عورتن جو ڪهڙو ڏوهه، جيڪي
ميلن کان پاڻي ڀري اچڻ لاءِ تڪليف ڪري رهيون آهن.“
”اهو هنن جو زندگيءَ جو لازمي حصو آهي. هيءُ ان
لاءِ ئي پيدا ٿينديون آهن ۽ مري وينديون آهن.“
چوڌري شير عليءَ جواب ڏنو.
”پر ڪريم کي ان سهولت مان فائدو وٺڻ تي ڪهڙو
اعتراض آهي؟“ منهنجو دماغ ساڻو ٿي رهيو هو.
”اهو چاهي ٿو ته سندس مطالبو پورو ڪيو وڃي ته اهو
پاڻيءَ جي سسٽم ۾ ڪائي رنڊڪ پيدا نه ڪندو.“
چوڌريءَ طنزيه لهجي ۾ ٻڌايو.
”هُو ڇا ٿو چاهي؟“ مون پنهنجي خون جي گردش کي
نارمل رکڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو.
”هن جو مطالبو آهي ته کيس ريفريجريٽر ڏنو وڃي.“
چوڌريءَ جواب ڏنو.
”چوڌري صاحب! مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ کان پهريائين
توهان کي، ان دغاباز ۽ مڪار انسان کي پوليس جي
حوالي ڪري اچڻ گھرجي ها.“ مون رڙ ڪئي.
”تون هڪ ڀورڙو بادشاهه آهين. سادو شهري. مون کي
ايندڙ چونڊن ۾ ڪريم آباد جي ووٽن جي ضرورت آهي.“
يار محمد چانڊيو
ٻه ننڍيون ڪهاڻيون
قلندر جي نگري ۾!
ڪراچيءَ کان سيوھڻ پھچندي بک متاثرن جي رستا روڪ ڏٺم… سڄو روڊ عورتن
۽ مردن جي ھجوم سان ڀريل ھو،
چيائون پئي:
”ووٽ
وٺڻ مھل اسان جي درن تي گيسيون پئي ڪيائون... ھاڻي
جڏھن اسان جا ٻچا مانيءَ
ڳڀي لاءِ
ٻاڏائن ٿا، تڏھن گم آھن…!“
بک متاثرن وٽ آفيسر آيا ۽ ويا، ليڪن ماني جا ٽڪر ڪنھن نه آندا!!
مون بک ستايل خاندانن جي سموري منظرن کي
غور سان ڏٺو پئي،
ان سمي ھڪ جوان جماڻ ڇوڪري ھجوم چيريندي ماڻھن
اڳيان ھٿ ٽنگيندي مون تائين پھتي، چيائين
”راتوڪي برسات ۾ گھر ڪري پيو آ…
ٻچا بک تي آھن…
ماني وٺي ڏيندئو؟!“
منھنجي اکين مان ڳوڙھا تري آيا، کيسي ۾ پيل پئسا کيس ڏئي ڇڏيم، شايد ٿورا پئسا ڏسي ھن ڀڻ ڀڻ ڪئي،
ڄڻ چوندي ھجي
”چشمو ته اميرن وارو پاتو اٿئي…
پر آھين…
تون به برسات متاثر…!!“
”شيش…
ڇا گھرجئي!“
اوچتو ھڪ گاڏيءَ مان ھڪ اڌڙوٽ عمر واري ھمراھ کيس پاڻ ڏانھن متوجھ ڪيو.
”مون
کي ٻچن لاء ماني وٺي ڏي!“
”ويھ
گاڏي ۾…!
ريسٽ ھائوس ۾ راشن آيو آ…
جيڪو چوندينءَ…
وٺي ٿو ڏيان توکي…!!
پئسا به ته راشن به…!“
مون ڏٺو اڌڙوٽ عمر واري مرد جي نيت قلندر
جي نگريءَ
۾ رھندڙ انھن شيطانن جھڙي ھئي،
جيڪي انسان جي روپ ۾ وحشي ۽ درنده ھوندا آھن!!
ان گھڙيءَ
جواڻ جماڻ ڇوڪري به سندس نيت پرکي کيس ڇڪي ڀونڊو
ڏنو
”ھل
ڪتي جا پٽ!!“
ان گھڙيءَ مون تڙ تڪڙ ۾ موبائل ڪڍي ان اڌڙوٽ عمر جي بيغرت مرد
جو فوٽو ڪڍي ورتم ته غصي گاڏڙ آواز ۾
چيائين
”تون فوٽو ڇو ٿو ڪڍين؟“
”مان
روز توکي ھڪ بجو ڏيندس،
ان لاءِ
ٿو فوٽو ڪڍان!!“
اڌڙوٽ عمر وارو مرد ڪجھ نه ڪڇيو ۽ وڌيڪ
ذلالت جي ڊپ کان ھن گاڏيءَ
کي پوئتي موڙي ڀڄڻ جون تياريو ڪيون!!
پاڻي درياهه
۾ ناهي !
مان پرائمري استاد آھيان!
منھنجي ڊيوٽي هڪ پٺتي پيل ڳوٺ جي اسڪول ۾
آھي،
جتي پڙھائڻ لاءِ ايندي ۽ ويندي جيتوڻيڪ وڏين تڪليفن مان
گذرڻو پوي ٿو، مگر باوجود ان جي مان ان ئي ڳوٺ جي
ٻارڙن کي پڙھائڻ جو عزم ڪري ڇڏيو آھي…!!
پيرين اگهاڙي ۽ ڦاٽل ڪپڙا پهري ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي
علم جي روشنيءَ
سان معطر ڪرڻ جو خواب ئي منھنجي منزل آھي. منھنجي
ان ئي جذبي کي ڏسي سڀ ڳوٺاڻا منھنجو احترام ڪندا
آھن…!!
اڄ هفتي جو پهريون ڏينهن هو، شھر کان ڳوٺ
اسڪول ڏانهن ايندي مون کي لڳ،
ڀڳ منو ڪلاڪ لڳي ويو هو،
سنڌ جي ٻين هزارين ويران ٿيل اسڪولن جيان منھنجو
اسڪول به ڀڙڀانگ ۽ زبون حال آھي، جنھن جي
ورانڊي ۾ ٻارڙن کي پڙھائيندي، منھنجي حيرانگي
تڏهن وڌي وئي، جڏهن اوچتو اسڪول کان ٿورو پرتي، ماڻھن جي هجوم کي
لٺيون ۽ ڪھاڙيون کڻي وڏو هل هنگامو ڪندي ڏٺو هئم.
”ڪير
آھن…؟
ڇو ٿا وڙھن…؟“ اسڪول جي هڪ شاگرد کان پڇيم ته سھڪندي
وراڻيائين:
”سائين چاچا الھيار ۽ ماما فيضل وارا آھن…!!“
”ڇا
تي ٿا وڙھن ؟“
”پاڻيءَ جي واري تان!“
”وڏا
ڪي
ڄٽ آھن!“ دل ئي دل ۾ سوچي هنن ڏانھن وڌي ويس، سندن ڀرسان پهچي
پنھنجي آواز کي بلند ڪندي چيم ”خبردار…!
ڪير به نه وڙھي…!!
ڏاها ٿيو…
پاڻيءَ جي وارا
بندي تي وڙھبو آھي ڇا…؟
پاڻي، پاڻي ٿي ويندو، هڪ ٻئي جي احترام کان نه وڃو…!!“
”ماستر…!
تون ئي ڳالهيون ٻڌ، تون ئي فيصلو ڪر…
!!“ ڪاڪو فيضل تڪڙيون ٻرانگهون کڻندو اچي
مون تائين پهتو .
”مان
ڪو چڱو مڙس يا علائقي جو
نالي چڙهيو
وڏيرو ڪونه آھيان، جو اوهان جا فيصلا ۽ نبيرا
ڪيان…!
پر هاڻي مان اوهان کي وڙھڻ به ڪونه ڏيندس…
!!“
مون ڪاڪي فيضل جون ڳالهيون ٻڌيون،
اڻ ٻڌيون ڪري ڪاڪي الھيار ڏانھن وڌي ويس.
سندس ڀرسان پھچندي کيس چيم ”اوهان هتي پاڻيءَ جي لپ تي پاڻ ۾ لڙ لڳايو ويٺا آھيو…
اصل پاڻي چورن کي اڳيان ته اوهان چپ لڳا
ويٺا آھيو…
زبان تي تالا لڳل اٿو اتي…!!“
”ڇا
مطلب ماستر…!
ڪير آھي، اسان جي پاڻيءَ
جو چور…!“
”پھريان
ڦٽي ڪيو هيءُ
لٺيون ۽ بانٺا…
پوءِ
اچو ته ويھي ان ڳالھ تي ويچاريون ٿا...“
مون ڪاڪي فيضل ۽ الھيار جي ڌرين جي ماڻھن
کي هٿ جوڙي وڌيڪ لڙ ڪرڻ کان روڪي، اسڪول وٺي اچي
پنھنجي سامھون ويهاريم.
”توهان
پاڻيءَ
جي لپ تي ھڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙيو ۽ خون ڪيو…
هوڏي پاڻي جا اصل چور سڄو سارو درياھ چورايو وڃن…
!!“
مون غور ڪري ٻنھي ڌرين جي ماڻھن ڏي تڪيو،
سڀئي مون
کي غور سان ٻُڌي رهيا هئا!
”اوهان
ڪنھن پڙهي لکئي ماڻھو کان پاڻي ۽ درياھ جي اصل
ڪھاڻي ته پڇو نه…!
هو توهان کي سڀڪجھ کولي ٻڌائيندا ته اسان
جي زمينن جي حصي جو پاڻي ڪاڏي ٿو وڃي…؟
ڪير ٿو کڻين…
؟“
”ڪير
ٿو کڻين اسان جو پاڻي؟؟“
ٻنھي ڌرين جي ماڻھن کي منھنجي گفتگو ٻڌڻ ۾
دلچسپي محسوس ڪئي هيم، ان وقت موقعي جو فائدو
وٺندي پنھنجي آواز کي ڳورو ڪندي وراڻيو هيم :
”ڪاڪا
فيضل…!
۽ الھيار…
اوهان مون کي هڪ ڳالھ جو جواب ڏيو…؟“
”ڪهڙي
ڳالھ جو؟“
”توهان
ڳوٺاڻن کي ڪيتري زمين آھي…؟
پنج ايڪڙ…
پندرنھن ايڪڙ…!
يا پنجاھ ايڪڙ…؟! پر هتي ته لکين ايڪڙ زمين پاڻي بنان
سڄي ٺوٺ
ٿي رهي آھي…
هتان جا سڀ هاري ھاڻي سڃا ۽ ڪنگال ٿي رهيا
آھن…
!!“
مون ڪجھ
گهڙين
لاءِ
ڳالھائي، جھٽ پل چپ ڪئي ۽ پوءِ
وري ڳالھائڻ شروع ڪيو:
”منھنجا
ڀائرو…!
اوهان خبردار ٿيو…!!
ڪي اندروني هٿ ۽ سازشون آھن، جيڪي اوهان
جي حصي جو پاڻي چوري ڪري اوهان ۾ جنگيون ۽ جهيڙا
ڪرائڻ گهرن ٿا…!
اوهان جي دلين ۾ نفرتون وڌائي، اوهان جي
قومي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿا…!!“
”ھو
ڪير آھن ؟ “
”درياھ جا ڌاڙيل! “
”درياھ جا ڌاڙيل؟! “
”ھا!“ وراڻيم ”اوهان پنھنجي وڏن ڀائرن کي
سڃاڻو؟“
”وڏا
ڀائر…!
ڪهڙا وڏا ڀائر ؟؟“
”اهي جن کي وڏي صوبي جي مالڪ هجڻ ڪري، جتي
ڪٿي اڪثريت حاصل آھي…!
هُو هر وقت پنھنجي مرضي ۽ حڪم ٿا هلائين…!!
اسان قسمت ۾ آيل انھن جا ننڍا ڀائر
آھيون…
هو اسان جي حقن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ، اسان جي مٿان ئي ظلم ڪن ٿا…
هنن ڪيترا سال اڳ پنھنجو درياھ وڪڻي ڇڏيو هو ۽ اڄ هنن جون
بيمان نظرون اسان جي حصي جي تاريخي درياھ ”سنڌو
درياھ“ ۾ کپيل آھن…
هنن اسان جي درياھ مان ڪيترائي ڪئنال کوٽي، پنھنجي
لکين ايڪڙ غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو
آھي ۽ اسان جون زرخيز زمينون وري پاڻي سواءِ
ويران ٿي رهيون آھن…
اسان جي وات مان گرھ کسيندي هنن کي ڪير نه ٿو
روڪي…
!!“
”ڪير
آھي اهو،
جيڪو اسان جي درياھ تي ڌاڙا ٿو ھڻين…
؟!“
”وڏو ڀاءُ!
“
مون ڏٺو، ان سمي ڪاڪي فيضل ۽ الهيار جي
ڌرين جي ماڻھن ۾ حيرانگي ڇائنجي وئي ۽ پوءِ
ٻنھي ڌرين جي ماڻھن هڪ ٻئي کي پرچائي ڀاڪرن ۾ ڀريو، جهٽ رکي چيائون ”ماستر! تنھنجي وڏي مھرباني، تو اسان کي
حقيقت کان آگاھ ڪيو… ھاڻي گهڻو ٿيو…
هتي اسان پاڻي جي لپ،
چڪي جي گهٽ، وڌ تي هڪ ٻئي جا نسل ٿا ڪھون ۽ هوڏانھن
اسان جو سڄو درياھ ٿو چوري ٿئي…!!
ماستر تون ڏسجانءِ، اسان جو واعدو آهي، هاڻي اسان پنھنجي نسلن جي دشمن کان
پنھنجي حصي جو پاڻي ڇڪي وٺنداسين…!!“
سڀ ڳوٺاڻا اٿي هليا ويا ۽ مون اسڪول جي
شاگردن کي سنڌو درياھ جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏيڻ شروع
ڪئي!!
ليکڪ: ٽالسٽاءِ
مترجم: منور ٻٽ
ٽنڊوجان محمد
انسان ۽ شيطان
نوجوان ۽ خوبصورت نائب لئبريرين مس شهناز پڙهندڙن
واري ڪمري ۾ جهاتي پائي ڏٺو، اتي ٻه ماڻهو ويٺا
هئا، مس شهناز کي ڪجهه حيرت ٿي، ڇو ته اها ان گهڙي
تائين انهن جي موجودگيءَ کان بيخبر هئي، خبر نه
آهي اهي ڪهڙي وقت اچي اتي ويٺا هئا. ڇهه وڄي چڪا
هئا ۽ انهيءَ وقت لئبريريءَ ۾ گهڻو ڪري ويراني
ڇانئجي ويندي هئي، انهن جي اُٿڻ جو ڪو ارادو ڪونه
ٿي ڏٺو.
انهن ٻنهي مان هڪ ڪراڙو هو، اهو وچولي قد ۽ معمولي
مهانڊي وارو هو، انهن ئي ماڻهن مان هڪڙو، جن جي
سامهون انسان جيڪڏهن هڪڙو سڄو ڪلاڪ به ويٺو هجي ته
به بعد ۾ انهن جو حليو يا ڪو واضح نشان صحيح طور
تي بيان ڪري نه سگهندو.
ٻئي جو معاملو ڪجهه مختلف هو، اهو نوجوان به هو ۽
سهڻي صورت وارو پڻ، ان ڏانهن ڏسڻ سان مس شهناز جي
دل جي ڌڙڪن تِکي ٿي پئي وئي، مس شهناز جي دل ان
ڏانهن ڇڪندي پئي وئي، پر ان مشڪل سان پنهنجي دل کي
قابو ۾ رکيو ٿي، اهو اڪثر مس شهناز کي فرمائش ڪري
قانون جا ٿلها ٿلها ڪتاب ڪڍرائيندو هو، ۽ انهن جي
پڙهڻ ۾ غرق هوندو هو. اهو لئبريريءَ ۾ باقاعدي
ايندو هو، ان جو نالو ڪجهه عجيب هو، مسٽر چرٻٽ.
چيف لئبريرين مس فاطمه کي ان نوجوان جي نالي تي
ڪوئي تعجب ڪونه هو، ڪيترا سال پهريائين انهيءَ
نالي وارو ٻيو ماڻهو لئبريريءَ جو ميمبر هو، پوءِ
اوچتو ئي ان اچڻ ڇڏي ڏنو هو، خبر نه آهي ڪيڏانهن
غائب ٿي ويو هو، ڪوئي اطلاع به ڏئي ڪونه ويو هو.
مس شهناز پڙهندڙن واري ڪمري ۾ وڃڻ ۽ ڪتاب ٿانيڪا
ڪري رکڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ميز وٽ
موٽي آئي.
مس شهناز هلي وئي ته ڪراڙي ماڻهوءَ ڳالهه شروع
ڪئي. ان جو آواز توڙي جو آهستي هو پر اوچيءَ ڇت
واري پُرسڪون ڪمري ۾ خبر نه آهي ڇو ڪجهه غيرمعمولي
لڳي رهيو هو. سخت ۽ وڍ ڏيندڙ.
”ان کان پهريائين جو اسان پنهنجا معاملا طئي
ڪريون“ ان چيو پئي ”مان ان ڳالهه جو داد ڏيندس ته
تون وقت جي پابندي ۽ واعدي وفائيءَ جو قائل آهين.“
”اهائي عادت ته منهنجي زندگيءَ جو سرمايو رهي
آهي.“ چرٻٽ مرڪندي چيو. ان جي مُرڪ ڏاڍي دل کي
وٺندڙ هئي.
ست سال پهريائين به اهي ٻئي ماڻهو انهيءَ ئي ميز
تي آمهون سامهون ويٺا هئا، ڪراڙو ماڻهو ان وقت به
اهڙوئي هو، جهڙو هينئر ڏسڻ ۾ ٿي آيو، پر چرٻٽ انهن
ڏينهن ۾ هڪ مختلف ئي انسان هو، جيڪڏهن ست سال
پهريائين ان کي ڪنهن ڏٺو هجي ها ته اڄ ان کي ٻڌايو
وڃي ها ته اهوئي ماڻهو اهو چرٻٽ آهي ته ان کي ڪڏهن
به يقين نه اچي ها.
ست سال پهريائين اصل ۾ اهو هڪ ڪراڙو ۽ بدشڪل انسان
هو، مشڪل سان ئي ڪو ان سان ڳالهائيندو هو ۽ انهيءَ
دوران به ان جي گهنج پيل منهن ڏي ڪونه ڏسندو هو،
ان وقت به پڙهڻ ان جي واحد مصروفيت هئي.
ان ڏينهن اهو لئبريريءَ ۾ ويٺو پڙهڻ ۾ غرق هو ته
اهوئي ڪراڙو ماڻهو جيڪو اڄ سندس سامهون ويٺو هو،
هن جي ميز تي اچي جهڪيو هو.
”ڇا پيو پڙهين؟“ ان دوستاڻي نموني سان چيو، پوءِ
ڪتاب جي مٿان ان جو عنوان پڙهندي پاڻ ئي چيائين
”اوهه.... ڊاڪٽر فاسٽس جو قصو پڙهي رهيو آهين.“
چرٻٽ شرميلي انداز ۾ مُرڪيو، وڏي عرصي کان ڪنهن هن
سان دوستاڻي لهجي ۾ ڪونه ڳالهايو هو. هن هلڪي آواز
۾ چيو، ”مون جهڙو ڪراڙو ۽ بيوقوف ماڻهو اهڙائي عقل
کي حيران ڪندڙ ڪتاب پڙهي ٿو سگهي، پر ائين پنهنجي
ڳالهه آهي.... مان گذريل هڪ ڪلاڪ کان هڪ لفظ به
پڙهي ڪونه سگهيو آهيان، مان ته ڪتاب جي پهرئين باب
۾ ”وري نوجوان ٿيڻ“ جو نظريو پڙهي ان جي ئي باري ۾
سوچيندو پيو وڃان. ٻيهر جوان ٿيڻ ڪيئن لڳندو
هوندو؟ خاص ڪري ان وقت جڏهن انسان کي ڪراڙن وارو
عقل ۽ تجربو حاصل هجي. خبر نه آهي آسڪروالڊ ۽
برناڊشا مان ڪنهن چيو هو ته جواني نوجوانن کي ڏئي
ڄڻ وڃائي ٿي ڏجي. جواني جيڪڏهن انسان کي ان وقت
ملي جڏهن ان کي ڪراڙپ جو عقل ۽ تجربو حاصل ٿي ويو
هجي تڏهن اها فائديمند ثابت ٿي ٿِي سگهي.“
”گهڻو ڪري برناڊشا چيو هو“. ٻئي ڪراڙي ماڻهوءَ
چيو، ”مڙئي خير آهي ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي ته
ٻنهي مان ڪنهن چيو هو. ٻئي اڪثر هر وقت ڪجهه نه
ڪجهه چوندا ئي رهندا هئا. آئرش ماڻهن ۾ اهائي ته
خرابي آهي ته اهي ڳالهيون گهڻيون ڪندا آهن.“
تمام گهڻو سوچڻ به منهنجي خيال ۾ گهڻيون ڳالهيون
ڪرڻ وانگر ئي خراب ڪم آهي.“ چرٻٽ چيو. ”مان هاڻي
اهوئي سوچي خوش ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته
جيڪڏهن منهنجي اها شڪل نه رهي جيڪا آهي پر مان
پنهنجي پسند جي ڪا شڪل چونڊي سگهان ته ڪهڙو مزو
رهي؟ هاڻي ڀلا هيءُ به ڪا شڪل آهي.“ ان ڪمزور ۽ بي
طاقت آنڱرين سان پنهنجي گهنج پيل چهري ڏانهن اشارو
ڪيو. ”گهڻيئ جي ڪنڊ وٽ اخبار وڪڻڻ واري ڪراڙي به
مون ڏانهن اک کڻي ڏسڻ به پسند نٿي ڪري.“ ان هڪ ٿڌو
ساهه کنيو ”۽ هڪڙا اهي به ماڻهو هئا جن تي قلوپطره
۽ مومل جهڙيون عورتون موهت هيون.“
چرٻٽ جي لهجي مان ظاهر هو ته اهو اهڙي قسم جون
ڳالهيون ڪندي ڪجهه هٻڪ به محسوس ٿو ڪري، پر شايد
اهو هڪڙي عرصي کانپوءِ هٿ آيل ٻڌندڙ کي وڃائڻ به
نٿو گهري، انهيءَ ڪري ڳالهه کي جاري رکندي چيائين،
”تو جهڙو ماڻهو به اهڙو اندازو نٿو ڪري سگهي ته هن
دنيا جي گهل ۾ هڪ بي طاقت ۽ نادار ماڻهو هجڻ ڪيتري
تڪليف جي ڳالهه آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن جو هجڻ ۽
نه هجڻ برابر هجي، ان جي سوچ جو اندازو تون به نٿو
لڳائي سگهين. توکي اها به خبر نه آهي ته مون ڪيتري
بي مزي ۽ قابلِ رحم زندگي گذاري آهي. حسين ۽ رنگين
تجربن کان خالي ۽ غربت واري زندگي، دولت جي ته خير
مون کي ڪڏهن لالچ نه رهي آهي ليڪن زندگيءَ جي
رنگارنگ تجربن جو مان سدائين آرزومند رهيو آهيان،
منهنجو روح اُڃايل ئي رهيو.“
چرٻٽ ساهي کڻڻ لاءِ خاموش ٿيو ۽ جلدئي ان ائين
ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڄڻ کيس انديشو هجي ته ٻيو ماڻهو
ڪا ڳالهه نه شروع ڪري. ”تو ڪڏهن اهڙي ڪوٺڙيءَ ۾
ويهي ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪائي دري نه هجي، جنهن جي
ڀتين ٻاهران ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو هجي. جنهن ۾
ماحول کي خوش رکڻ لاءِ هڪڙي تصوير به لٽڪيل نه
هجي، ڪوٺڙي ڇا پر ڄڻ جيل جي هڪ کولي هجي، جنهن ۾
ويهي ڪري تنهن جو دنيا کان رابطو ڪٽجي ويندو هجي.
اهڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ ويهي مان سالن کان خوبصورت ۽ نازڪ
ڪپڙا ٺاهيندو آهيان ۽ ماڻهن لاءِ اهڙا ڀلا ۽ قيمتي
سوٽ سبي رهيو آهيان، جن کي پائي اهي خوبصورت دنيا
جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ نڪرندا آهن. اها
دنيا جنهن مون لاءِ ڪڏهن ٻانهون ڪونه کوليون آهن.
انهيءَ لاءِ مون کي اهڙا ڪتاب بيڪار ڳالهيون
سُٺيون لڳنديون آهن، مان انهن ۾ پناهه ڳوليندو
آهيان.“
گهڙيءَ کن کانپوءِ ان پنهنجي هٿ ۾ جهليل ڪتاب ڪجهه
مٿي ڪندي چيو. ”جيڪڏهن مون کي اهو سڀڪجهه ملي وڃي
ها، جيڪو ڊاڪٽر فاسٽس کي ستن سالن ۾ حاصل رهيو ته
مان به بنا هٻڪ جي پنهنجي روح جو سودو ڪري ڇڏيان
ها، روح وڪڻي ڇڏيان ها.“
ان اجنبيءَ ڏانهن انهيءَ اميد سان ڏٺو ته اهو هن
جي خيال جي مخالفت ڪندو، پر اجنبيءَ ان جي بجاءِ
پنهنجي پيتيءَ کوليندي چيو. ”مون کي خبر آهي ته
تون روح وڪڻڻ لاءِ تيار آهين. انهيءَ لاءِ مان هتي
نظر اچي رهيو آهيان.“
ڪا گهڙي ته چرٻٽ جي منهن جو پنوئي لهي ويو پر
اجنبيءَ کي ڄڻ ان جي تاثرات سان ڪابه دلچسپي ڪونه
هئي، چرٻٽ وچڙندڙ آواز ۾ چيو، ”ته ڇا تون....؟“
”نه، مان شيطان ڪونه آهيان.“ اجنبيءَ ان جي ڳالهه
کي ڪٽيندي چيو. ”تو ڊاڪٽر فاسٽس جي قصي ۾ پڙهيو
آهي نه ته شيطان ان جي روح جو سودو ڪرڻ ايندو آهي
۽ روح جي بدلي ۾ ان کي ڪجهه عرصي لاءِ جواني ۽
خوبصورتيءَ جي پيشڪش ڪندو آهي، بهرحال مان شيطان
نه آهيان.“
چرٻٽ جي منهن تي جتي اطمينان جي جهلڪ نه آئي اتي
نااُميدي به محسوس ٿي. اجنبيءَ ڳالهه جاري رکي.
”تنهنجو خيال آهي ته شيطان تو جهڙي ماڻهوءَ کي
معمولي روح لاءِ وقت وڃائيندو وتندو؟ خبر نه آهي
ڪيترا اهم ماڻهو پنهنجو روح وڪڻڻ لاءِ بيقرار
وتندا آهن ۽ پوءِ ان کي دوزخ بابت معاملا نڀائڻا
هوندا آهن. شيطان صرف وڏن وڏن مسئلن سان سڌوسنئون
واسطو رکندو آهي، مان ان جو ايجنٽ آهيان، منهنجو
نالو ليجن آهي.“ ان جي آواز ۾ هڪ ئي وقت سختي به
هئي ۽ متاثر ڪندڙ نرمي به.
”هي آهي تنهنجي معاهدي جو فارم. ان پيتيءَ مان
باضابطه ۽ عدالتي قسم جو فارم ڪڍندي چيو. ”ان کي
پڙهڻ جي ضرورت نه آهي، ڇپائي ايتري ته سنهڙي ۽ ڏسڻ
۾ نه ايندڙ آهي جو ان کي پڙهڻ لاءِ تنهنجي اکين تي
گهڻو زور پوندو. هي ستن سالن جو معاهدو آهي، تون
ان ۾ صرف خالن کي ڀري ڇڏ. مثلاً تون ڪهڙو ڏسڻ ۾
اچڻ پسند ٿو ڪرين، ڪيتري عمر جو ٿيڻ ٿو گهرين،
توکي ڪيتري دولت کپي، ڪهڙين ڪهڙين عورتن کي تون
حاصل ڪرڻ ٿو گهرين وغيره وغيره.
”خالي ليڪن تي اهي سڀ شيون لکندو وڃ.“ ليجن هڪ
سونهري پين ان ڏانهن وڌائي جيڪا نه ڄاڻ ڪٿان اوچتو
ان جي آڱرين ۾ اچي وئي هئي.
”ڊاڪٽر فاسٽس جي قصي ۾ ته مون پڙهيو هو ته صحيح
پنهنجي رت سان ڪرڻي پوندي آهي.“ چرٻٽ هڪ جذبات ۾
ڀريل آواز ۾ چيو. ”آڱر ۾ ڪا شيءِ چپائي رت ڪڍڻو
پوندو آهي.“
”تنهنجي خيال ۾ هن پين ۾ ڇا ڀريل آهي؟“ ليجن
اطمينان سان چيو، ”توکي ياد نه آهي، اڄ صبح ڏاڙهي
ٺاهيندي وقت تو ڳل تي ٿورو ٽُڪو ڏئي وڌو هو. اسان
ان ئي وقت هن پين ۾ تنهنجو رت ڀري ڇڏيو هو، عين
معاهدي جي وقت ڪنهن جي اڱر ۾ ڪجهه چپائڻ
غيرمهذبانه ۽ بيڪار عمل محسوس ٿيندو آهي. هاڻي،
مهرباني ڪري توهان جلدي صحيح ڪريو ته جيئن اڳتي
روانو ٿي وڃان. مان جلدبازيءَ جو مظاهرو ڪري توکي
پريشانيءَ ۾ مبتلا نه ڪرڻ نٿو گهران پر ڇا ڪريان،
مون کي پنهنجو ڪوٽا پورو ڪرڻو هوندو آهي، جيڪڏهن
مان پنهنجي ڪارڪردگي پوري نه ڪندس ته مون تي ڏنڊ
پئجي ويندو.“
”پر.....“ چرٻٽ بيوسيءَ مان هيڏي هوڏي ڏٺو، ”مان
ايترو جلدي فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهان، ڪجهه وقت ته
مون کي کپي.... آخر هي منهنجي زندگيءَ جو اهم ترين
فيصلو آهي، مون کي ان لاءِ ذهني طور تي تيار ٿيڻو
پوندو.
”ذهني طور تي تون پهريائين تيار آهين ورنه مان هتي
نه اچان ها.“ ليجن چيو، ”مون کي خبر آهي ته پنهنجي
گهربل نعمتن ۽ عياشين جي عيوض تون پنهنجو روح
شيطان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهين.“
”دوزخ ڪهڙي جاءِ آهي؟“ چرٻٽ گهٻرائيندي پڇيو. ان
کي خبر هئي ته شيطان سان پنهنجي روح جو سودو ڪرڻ
کان پوءِ ان کي لازمي طور دوزخ ۾ وڃڻو پوندو.
ليجن مضطربانه انداز ۾ واچ ۾ ڏٺو ۽ چيو. ”جيئن
پنهنجي ڪردار ۽ خواهشن جي مناسبت سان هر ماڻهوءَ
جا خواب مختلف هوندا آهن. مثلاً شرابي سدائين شراب
جي سمنڊ جا خواب ڏسندو آهي ۽ حسين ۽ نوجوان ڇوڪرين
کي ڏسي ڪن ڪراڙن ماڻهن جي گِگ ڳڙندي رهندي آهي،
انهيءَ ئي وانگر دوزخ جو ماحول به هر انسان کي
پنهنجي اعمالن مطابق مختلف لڳندو.“
”۽ شيطان جي شخصيت ڪهڙي آهي؟“ چرٻٽ پڇيو.
”پنهنجي دل ۾ جهاتي پائي ڏس، توکي شيطان جي شڪل
نظر اچي ويندي.“ ليجن جواب ڏنو پوءِ هيڏي هوڏي ڏسي
ان ڪجهه رازدارانه لهجي ۾ چيو. ”ائين اڄڪلهه ان تي
ڊراڪولا ٿيڻ جو شوق سوار آهي. دوزخ جي اَبدي باهه
کانسواءِ باقي سڀ روشنيون وسايل رکندو آهي ۽ پرنس
آف ڊارڪنيس.... اوندهه جو شهزادو ٿيڻ جي ڪوشش ۾
خبر نه آهي ڇا ڇا ڪندو وتندو آهي، ڪجهه ٻيو پڇڻو
اٿئي؟“
چرٻٽ ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”مان توکي خبردار ڪري ڇڏيان.“ ليجن چيو، ”هڪ دفعو
تو معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي ته پوءِ ڀڄڻ جو ڪوئي
رستو نه رهندئي، گهٽ ۾ گهٽ هاڻي نه رهندو.“
”چئبو ته ماضيءَ ۾ فرار جو رستو نڪري ايندو هو؟“
چرٻٽ پر اشتياق لهجي ۾ پڇيو.
ليجن چپ کي ڏندن ۾ اهڙي نموني سان جهليو ڄڻ سندس
بي احتياطيءَ جي ڪري هن جي واتان ڪا راز جي ڳالهه
نڪري وئي هجي پوءِ هو بي دليءَ سان ٻڌائڻ لڳو.
”شروع ۾ شيطان ڏاڍو ڀولو ڀالو، بامروت ۽ لحاظ وارو
هو، انکي اندازوئي نه هو ته انسان ڪيترو چالاڪ ٿي
سگهي ٿو، ڪيترن ئي ماڻهن ان جي شرافت مان وڏو
فائدو ورتو. تڏهن کان اهو پنهنجن معاملن ۾ وڏو
ڪاروباري ۽ محتاط ٿي ويو آهي، ان پنهنجن ايجنٽن جي
وري نئين سر سکيا ڪئي آهي ۽ واسطيدارن ڪاغذن تي به
نظرثاني ڪئي آهي، هاڻي اهو جنهن معاهدي تي صحيح
ڪرائيندو آهي، ڦڏي جي صورت ۾ ان کي دنيا جي ڪنهن
به عدالت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.“
”تنهنجو مطلب آهي“، چرٻٽ ڪنبندڙ آڱر سان فارم
ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هي عهدنامو انساني قانونن
کي مدِنظر رکي ٺاهيو ويو آهي؟“
”ها، بشرطيڪه تون انهن قانونن کي انساني چئي
سگهين.“ ليجن طنز واري لهجي ۾ چيو.
چرٻٽ قلم ڏانهن هٿ وڌايو ليڪن هڪ دفعو وري گهٻراهٽ
جو شڪار ٿي ويو.
فرض ڪيو مان صحيح ڪري به ڇڏيان ته ان پريشانيءَ
مان چيو، ”ته مون کي اهو يقين ڪيئن ٿيندو ته شيطان
پنهنجي واعدن کي پاڙيندو؟“
”اهو پنهنجا واعدا ضرور پاڙيندو، ڇو ته اهو شيطان
آهي، انسان نه.“ ليجن چيو. ”هونئن، هن معاهدي ۾
اهو فقرو موجود آهي ته جي اسان توکي تنهنجون گهربل
شيون نه ڏنيون ته معاهدو ختم ۽ بي اثر ٿي ويندو.“
”پر ان جي ضمانت يا ثبوت ڪهڙو آهي؟“ چرٻٽ مطمئن نه
هو.
”ثبوت؟“ ليجن ڪجهه بيزاريءَ مان چيو. ”ڇهه کرب روح
اڄ تائين ان معاهدي تي عمل درآمد کان پوءِ دنيا
مان غائب ٿي ويا آهن، ڇا اهو ثبوت ڪو گهٽ آهي؟ ڇا
توکي انهيءَ مان اندازو نٿو ٿئي ته ماڻهو اسان جي
عمده ڪارڪردگي کان ڪيترا مطمئن آهن؟ هاڻي جي صحيح
ڪرڻي اٿئي ته ڪر، تمام گهڻي دير ٿي وئي آهي.“
چرٻٽ کي ڏڪڻي وٺي وئي، معاهدي تي صحيح ڪرڻ پنهنجي
موت کي يقيني بنائڻ هو، ليڪن اهو خطرو ته هن کي
کڻڻوئي هو.
”پهريائين تون منهنجو حليو تبديل ڪر، ان کانپوءِ
مان صحيح ڪندس.“ ان فرمائش ڪئي.
”جيڪڏهن مون تنهنجو حليو تبديل ڪيو ۽ ان کانپوءِ
تو صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته؟“ ليجن شڪ ڪندي
پڇيو.
”تڏهن تون هڪدم منهنجو روح ڪڍي وٺجان.“ چرٻٽ چيو.
ليجن مطمئن ٿيندي مُرڪيو ۽ چيائين، ”ٺيڪ آهي،
ٻڌاءِ تون ڪيتري عمر وارو ٿيڻ ٿو گهرين، مان
پهريائين تنهنجو اهو مطالبو پورو ٿو ڪريان، فارم
تون بعد ۾ ڀرجانءِ.“
”مان ويهن سالن جو هڪڙو خوبصورت نوجوان ٿيڻ ٿو
گهران.“ چرٻٽ بي ڌڙڪ چيو.
”شاعرن بابت چيو ويو آهي ”لله ڪنوز تحت العرش
مفاتيحها السنةـ الشعراء“: يعني الله تعاليٰ کي
عرش هيٺيان خزانا آهن، جن جون ڪُنجيون آهن شاعرن
جون زبانون. ائين پڻ چيو ويندو آهي ته ”الشعراء
السنة الرحمان“ يعني شاعر الله تعاليٰ رحمان ۽
رحيم جون زبانون آهن. تڏهن چئبو ته شاعر کي نهايت
وڏو رتبو حاصل آهي. شاعر اهو آهي جنهن کي شعور يا
احساس هجي، جنهن جي دل دنبوري جي تارن وانگر ڇهڻ
سان نيرنگي نغما ڪڍي ۽ سندس تن جون تندون وحدت ۾
وڄن. جو الاهي اسرارن کي، جي عرش هيٺان سانڍيل
آهن، ۽ ڪائنات جي ڪرشمن کي اهڙن عجيب ۽ لاثاني
لفظن ۾ ادا ڪري، ۽ ان جي رازن جو اهڙي فطري نموني
۾ تعبير ڪري، جو عام توڙي خاص ماڻهن جو عقل چرخ
کائي وڃي. شاعر اهو آهي، جنهن جي سخن مان سچ،
سونهن ۽ سچائيءَ جون ٽيئي وصفون باڪمال طور بَکن.
شاعر اهو آهي جنهن جي اندر مان شعر اُڌمو کائي
نڪري، ۽جبل جي جهرڻي جيان اُڇلون ڏيئي مٿي اُڀري.
شاعر اهو ناهي، جو هڪ هنڌ ويهي، ڪاغذ کڻي قافين جي
لانڍ لکي، بحر ۽ وزن بنائي ۽ باقي حشو کي مصنوعي
لفظن سان ڀري. بيشڪ، اهڙي ڪارگذاريءَ ۾ نزاڪت ۽
نفاست، صناعت ۽ مهارت آهي، پر اهڙي سخن کي
سگهڙپائي سڏبو، نه شاعر.“
شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائودپوٽو
مهراڻ 1-2/1994ع تان ورتل |