سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2023ع

باب:

صفحو:17 

لال ملوڪ کرڙ اوڏ

عمرڪوٽ

 

 

سُگُاڙ سيٺ سهچي سيٺياڻي

(عشقيه داستان، ڳهن سان ڳالهيون)

 

گهن گهور ٽڪور سين مور نه ڇُپي،

سورج ڇپي نه بادل ڇايا،

تاران ڪي اوٽ ۾ چندا نه ڇُپي.

تُري ڇُپي نه واڳ اُٺايان،

رڻ کيت ۾ رجپوت نه ڇُپي،

ڏاتر ڇُپي نه منگت گهر آيان،

چينچل نارڪي چال نه ڇُپي،

نيڻ ڇُپي نه نينهن لڳايان،

جوڳي ڪا ويس انيڪ هي

پرڪرم ڇُپي نه بڀوت لڳايان.

(مطلب: آسمان تي برسات تيار ٿي اچي ته مور بلڪل ڪٿي لڪي نه سگهندو، سج کي ڪڪر لڪائي نه سگهندا، تارن جي اوٽ ۾ چنڊ نه ڇپي سگهندو، واڳ ۾ هٿ وجهڻ سان، ڀلي گهوڙي نه لڪندي، جنگ جي ميدان ۾ راجپوت ظاهر هوندو، مڱڻهار جي آواز تي ڏاتار چپ نه هوندو، چنچل عورت، چال مان ئي ظاهر ٿيندي، نيڻ لڪائبا ته لڳل نينهن نه ڇپندو، جوڳي جا ويس ڪئين آهن، پر ڀاڳ، ڀڀوت لڳائڻ سان نه ڇندو.)

سيٺ سگاڙ اُجين نگري جو رهاڪو هو. اُجين نگري جي راجا نند جي پٽ سان سنگت اهڙي هئي جهڙو سڳن ڀائرن کان به مٿي. مطلب ته کائڻ پيئڻ اُٿڻ ويهڻ، گهمڻ ڦرڻ ڳالهه ٻولهه مطلب ته اٺئي پهر گڏ رهندا هئا. راجا جي پٽ جي شادي ٿيل هئي. سيٺ سگاڙ جي خالي ڪچي شادي ڪيل هئي. ٿورن گهڻن ڏينهن ۾ سيٺ سگاڙ جي شاديءَ جا ڏينهن چٽا ڪيا. آخرڪار پوري موقعي تي ڄڃ رواني ٿي. تنهن ۾ راجا جو پٽ وڏ ڄاڃي هجي. آخرڪار ٿورن گهڻن ڏينهن ڄڃ پهتي. هندو رواج موجب هڪ رات وناهه ٻي رات بير رات ڪئي ٽي رات نئون رنگ چؤنري لڳائي وئي.

سيٺ سگاڙ ۽ سهچي سيٺياڻي جا پلا ٻڌا برهمڻ هٿوڙيو جوڙايو. پهريون ڦيرو شروع ٿيو ته راجا جو پٽ سيٺ سگاڙ جو هٿ جهليو چؤنري ۾ ڦرڻ لڳو. ماڻهو چوڻ لڳا ته هي ٻئي ڄڻا چؤنري ۾ ڦرن پيا هي ڇا آهي. تنهن تي ٻين چيو ته هنن جي سنگت آهي اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي،  پر نيٺ ماڻهن جي گهڻي پڇا ٿيڻ تي راجا جي پٽ کان هٿ ڇڏايو ويو ۽ سيٺ سگاڙ چار ڦيرا چؤنري جا کائي چؤنري کان هيٺ لٿو.

* لال ملوڪ پُٽ واڌومل ’کرڙ‘ اوڏ تاريخ پهرين جنوري 1944ع تي ’سيٺ ٽيڪم شا‘ جي اوطاق (لڳ ڳموري) تعلقو عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. کيس ابتدائي تعليم ڳموري جي اسڪول مان حاصل ٿي ۽ سندس تربيت به ’سُگهڙن‘ ۽ ’ساڌن‘ جي وچ ۾ ٿي. کيس ڪبير ڀڳت کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي مارواڙي ڀڳتن جا ٻول ياد هئا. هُو پنهنجي ڌرم ۽ عقيدي ۾ ويدانتي هو. سماجي شعور وارو ماڻهو هو، خانصاحب عبدالڪريم پلي، سيٺ ٽيڪم شا ۽ حاجي فتح محمد راڄڙ جون زمينداريون سنڀاليائين. راڻو چندر سنگهه به سندس گهڻي عزت ڪندو هو، هو يونين ڪائونسل خانصاحب عطا محمد پلي ۾ ڪائونسلر به رهيو. پنهنجي هارپي ۽ هلٽ وارو هو، اوڏن جي راڄ ۾ کيس چڱي مڙس جي حيثيت حاصل هئي، کل ڀوڳ ۽ چرچو به سندس شغل هو. ڳموري جا محمد عمر ولد جان محمد پلي، عبدالرحيم ڪوري ۽ سومرو ڀيل سندس پڳمٽ يار هئا. سٺو سُگهڙ هو ۽ نثرنگار پڻ هو. ٽي فرزند هوند راج، هيمراج، ڀيمراج ۽ چار نياڻيون ڇڏي 12 ڊسمبر 2013ع تي پرلوڪ پڌاري ويو. سندس سپوت داماد (جمائي- جوائي) ساهو اوڏ هن احوال ۽ مواد ۾ اسان جي خاطرخواه مدد ڪئي، (اسد جمال)

 

مينهن ۽ مهمان ڪيترا ڏينهن  ڪنهن جي گهر. ٻه ڏينهن رهي واپس اُجين نگري ڄڃ رواني ٿي. ٿوري گهڻي ڏينهن ڄڃ واپس پهتي تنهن کان پوءِ ٻارنهن مهينا سيٺ سگاڙ ۽ راجا جو پٽ اُجين نگري ۾ گڏ ڏينهن رات رهيا. هڪ ڏينهن سيٺ سگاڙ چيو ته ادا ويٺا شينهن بُک مرن. ڌنڌو ڪرڻو پوندو. صبح جو آءٌ گاڏا غوراب ملڪيت جا ڀري ڪنهن ڏور ولايت واپار ڪرڻ ويندس. منهنجو گهر الله داني توداني ڇڏيو ٿو وڃان. توکي پارت آهي. راجا جو پٽ چوڻ لڳو ته ادا تون سمجهه ته تون ئي گهر ويٺو آهين. جنهن تي سيٺ سگاڙ راجا جي پُٽ کي سوا لک جو منڊڙو ڪڍي ڏنو ۽ چيو ته ادا تون هٿ ڌوئيندين ته توکي منهنجي يادگيري ايندي منڊڙي تي منهنجو نالو سيٺ سگاڙ لکيل آهي.

خيرن جو صبح ٿيو سيٺ سگاڙ گاڏا غوراب ڌن جا ڀري ڏور ولايت روانو ٿيو. اهو سفر ۽ ڌنڌو ٻارنهن مهينن جي مسافري جو هو.

عام طرح پراڻو رواج هو ته وڏن گهرن ۾ ڪُسبي قوم جهڙوڪ حجام، نائي، مڱڻهار، ڪنڀار. اهي قومون پنهنجو لاڳ وٺڻ لاءِ اينديون آهن. هڪ ڏينهن ٽي چار مهينا گذرڻ کان پوءِ سيٺ سگاڙ جي گهر هڪ نائڻ (حجامڻ) آئي جا سيٺياڻي سان سٺي رهاڻ ڪري ٽهل چاڪري ڪري ان ۾ سينڌون ڪڍڻ، ٺلهيون، ٺونگون هڻڻ، ٽيٻيون ڪڍڻ، نهن لاهڻ، نهن رنگڻ، تنهن کان پوءِ ان ڌنڌي جو اجورو وٺي گهر رواني ٿي.

محلات مان لهي ٿورو اڳتي روانو ٿي ته واٽ تي راجا جو پٽ ۽ هن جو ٻيو ساٿي جنهن کي هوڙدنگو به چئبو آهي، اهي ٻئي بيٺا آهن.

نائڻ راجا جي پٽ کي بيٺل ڏسي چوڻ لڳي:

اُجين نگري اڏيو ڀيو  مين نگر نرکيو اَج،

نڪي ڏيول ۾ پتلي نڪي تميڻي رج.

(مطلب: مون اجين نگري پوري ڏٺي آهي، ساهيچي جهڙي نڪي ڪنهن مندر ۾ پُتلي اهي نڪين اوهان راجائن جي گهر ۾ اهڙي مها سندري آهي.)

اي راجا جا پٽ سيٺ سگاڙ جي سيٺياڻي سهچي ايتري مها سندر آهي. جنهن جي واکاڻ ڪري نه ٿي سگهجي.

هيم، برڻ، ٻالڪ بدن، جهيڻ لڪ، مرگهه چک،

او سندر ڪيم بسري جيرو ايڪ جيوَ ڳڻ لک.

(مطلب: سون جهڙو رنگ، ننڍڙي ٻار جهڙو بدن، سنهي چيلهه، هرڻي جڙيون اکيون، اهڙي مها سُندري ڪيئن وسري، جنهن جو هڪ روح، گڻ لک آهي.)

توهان جي گهر به ڪي راڻيون آهن. سهچي سيٺياڻي راجا جي گهر سونهي جنهن جا نونهه به سون جي رنگ تي آهن.

راجا اهي نائڻ جا گهايل لفظ ٻڌي اڻ ڏٺو مست بنجي ويو، وري به ٿوري دير کان پوءِ راجا ئي پور ڳالهه دل تان لهي ويئي.

ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ ٻارنهن مهينا پورا ڪري اها ساڳي نائڻ سيٺ سگاڙ جي گهر آئي وري به ساڳيو ڌنڌو شروع ڪيائين.

سينڌون ڪڍڻ ۽ ٺلهيون ۽ ٺونگو هڻڻ، ٽيٻيون ڪڍڻ، نونهه رنگڻ، نونهه لاهڻ، پر نونهه وڏا هئڻ جي ڪري نونهه لاهڻ ۾ هڪ نونهه مان ٻه ڦاريون ڪرڻ لڳي. ڇو جو راجا جي پٽ کي   هن اڳي ٻڌايو هو ته سهچي جا نونهه سوني رنگ تي آهن. راجا جي پٽ کي اعتبار ڪونه ٿيو. تنهن ڪري راجا جي پٽ کي ڏيکارڻ لاءِ ٻه ڦاريون ٿي ڪيائين. ڇو جو ويهه نونهه سيٺياڻي کي سنڀالي واپس ڏيڻا هئا. باقي وجهه وٺي راجا جي پٽ کي ڏيڻ لاءِ کنيائين ڪجهه مزدوري جو اجورو وٺي محلات مان ٻاهر نڪتي. واٽ تي راجا جو پٽ ۽ ٻيو هوڙدنگو گڏيا تنهن کي پنهنجي مُٺ کولي سهچي جا نونهه ڏيکاريائين ۽ چوڻ لڳي ته توهان مڃيو ڪونه ٿئي ته انسان جا نُهن ڪي سون جهڙا ٿيندا ڇا. هاڻ هي ڏسو سهچي جا نونهه ۽ چوڻ لڳي ته توکي ڏيئي موڪليا آهن.

اهو ٻڌي راجا جو پٽ اَڪن ڇڪن ٿي ويو. تنهن تي نائڻ چوڻ لڳي ته هاڻ تنهنجي سوچ ائين چئي نائڻ رمندي رهي.

ٻئي ڏينهن راجا جو پٽ هوڙدنگي کي وٺي سيٺ سگاڙ جي گهر ويو. انهيءَ ٽائيم تي سيٺياڻي رسوئي ٺاهي رهي هئي. راجا جي پٽ کي ڏسي هن سوچيو ته يا منهنجي خبر وٺڻ آيو آهي يا خزاني ۾ کوٽ آهي، پئسن لاءِ آيو هوندو مون وٽ ڌن گهڻو پيو آهي جام ڏيندس! اِهو سوچي گهڻي ادب ۽ اخلاق مان دروازي جي ڏيڍي وٽ بيهي راجا کان پڇڻ لڳي:

آج آويڙا آويا ڪهڙو پڙيوج ڪام،

ماهتو مانهنجو گهري نهين مين شڪڙڻي رو شام.

(مطلب: اڄ بيگاهه وقت جو آيا آهيو، ڪهڙو ڪم پيو آهي ۽ منهنجو سيٺ ته گهر ڪونه آهي.)

راجا جواب ۾ چوي ٿو ته:

آج اويڙا آويا تجهه ٻلاوڻ تج

ماهتو ٿارو گهرين نهين جيرو اتر ڏيجو اڄ

 (مطلب: توسان ڳالهائڻ آيو آهي، تنهنجو مهتو به گهر ڪونهي، هاڻ ڇا مرضي آهي.)

سيٺياڻي جواب ڏنو ته،

واڙ ڏيان کيتر نا واڙ کيتر نا کاءِ،

راجا ڏنڊي رعيت نا جيري ڪوڪ ڪڻ لگ جاءِ.

(مطلب: فصل کي بچائڻ لاءِ واڙ ڏيون ۽ واڙ ئي فصل کي کائي ۽ راجا رعيت کي کائي ته دانهن ڪنهن کي ڏجي.)

راجا وراڻي ڏني،

تي ڏن لوٽ آپيو توني ميلهاج نک،

تي ڏهاڙي چٽ پٽ لاگي گهڙي هيڪ نه سک.

راجا چوي ٿو ته نونهه موڪليا تڏهن آءٌ آيو آهيان. اڄ وري ڇا پوي چوين. راجا چوي ٿو:

ڪُوڪَ مَتِ ڪامڻي، ڪوڪي ڪَيمَ هو

شينهان مُکي ٻڪري، ڇوٽي نه چري ڪو.

(مطلب: ڪوڪون مَ ڪر، رڙين مان ڪجهه نه ورندو، شينهن جي اڳيان ٻڪري چري نٿي سگهي.)

سيٺياڻي سوچيو ته راجا شينهن بنجي ويو آهي. هاڻي آءٌ ڳئون ٿي جند ڇڏايان راجا هندو آهي من گاءِ ٿيڻ تي بچاءُ ٿي پوي. سيٺياڻي جو جواب:

ڏينهن گيو گهران ني تون راجا گهران ني جاءِ،

مين اٻلا سين ڪيهو ٻولڻو تون ڪيهر هون گاءِ.

(مطلب: ڏينهن لهڻ تي ويو آهي، تون پنهنجي گهر وڃ، مون عورت سان ڇا ڳالهائڻ، تون شينهن آئون ڳئون آهيان.)

راجا وراڻي ڏني:

ڪيهر بک ڪَوَلي، آجيان بک بگهاڙ

ڪيهر ڪَوَلي ني کاسي توڻي هيلا ڪرين هزار

(مطلب: ڪيهر جو کاڌو ڍڳي آهي، بگهڙ جو کاڌو ٻڪري آهي، ڪيترا به هيلا هلائين، شينهن ڍڳي کي کائيندو.)

تنهن تي سيٺياڻي جواب ڏنو،

جيڪڏهن تون شينهن آهين ته واڻيو ويچارو ڪئو آهي. ان ڪوئي جي گهر ڏانهن نه نهار توکي شرم هئڻ کپي.

ٿانرو تن تگمگيو مانرو تن تين،

اونڏران ري گهران سمهون جووين تنا شرم نه آوي شينهن.

(مطلب: تنهنجو روح وارياسو آهي، آئون پنهنجي حق تي پڪي آهيان، تون ڪوئي جي گهر ڏانهن ڏسي ٿو، تو شرم نه ٿي اچي شينهن.)

تنهن تي راجا کي گهڻي ريس چڙهي  سو اٿي سيٺياڻي جي طرف وڌڻ لڳو. تنهن تي سيٺياڻي راجا کي عرض ڪيو،

آڻ ڏيان راجا نند ڪي آڻ م لوپو آپ،

هو ٿانري ٻيٽي لاگان تون مانروج ٻاپ.

(مطلب: راجا نند جي ڪار ٿي ڪڍان (منع ٿي ويندي)، تون منهنجي ويجهو نه اچ، آئون تنهنجي ڌي آهيان، تون منهنجو پي آهين.)

انهيءَ تي راجا پوئتي هٽي وڃي پلنگ تي ويٺو. ويهي هٿ مهٽڻ لڳو. ايترو ته ڪمزور ۽ وياڪل ٿي پيو جو سيٺ جو ڏنل منڊڙو آڱر مان نڪري ڪري پيو. راجا جي پٽ منڊڙو ساريو ئي ڪونه ماٺ ماٺ ڪري اٿي هليو ويو.

ايتري ۾ شهر ۾ پڙهو گهمايو ويو ته سيٺ سگاڙ ٻارنهن مهينن کان واپار ڪري گاڏا غوراب ملڪيت جا ڀري واپس اُجين نگري پهچي ويو آهي. اهو پڙهو ٻڌي سيٺياڻي نموني نموني جون رسويون ٺاهڻ لڳي ٻتريس ساگ ڇترس ڀوجن تيار ڪرڻ لڳي.

نموني نموني جا زيور ۽ ويس وڳا پائڻ لڳي ڪهڙا ڪهڙا زيور پاتا آهن سي ٻڌو.

ڪڙا، سانڪڙا، اڻوٺ، ويڇيا، جهانجهر نو جهمڪار،

ٻاجو بند، ٻيرکا موتئي جڙيو  نو نو سر هار،

هيم جڙيو هار، موتئي ني ميڙيا،

ڪيسر چندن للاٽ، هڙوي تي تاڻيا،

سينٿو ڀريو انوپم گج موتيون ڪي لاکوڙي،

ٻولي چنياري ون، ڦولون ڪي پاکڙي،

ڪاٻيڙاني ڪڙهولا، جاجهر نون جهمڪار،

گهوگهر باجڻي ڦير رمتي گوگهو ڇير رماڙ.

پتريسي جيوي، اوجڙي، ڏاڙم، ڪڙيان، ڏانت،

ٻني ري ايڪ پوتلي جڻ چوڏس پونم  ني رات.

(مطلب: پيرن ۾ سنهون آواز، هنس پکي جيئن هلڻي، شينهن جهڙي سنهي چيلهه، سون جهڙو جسم، سيني تي ٻه ليمان لڳل آهن، شري ڪانجي کان پڇو ته گوڪل گڍ ۾ اهڙي تنهنجي گوپي آهي.)

اهي زيور ۽ ملڪا پوري ساڙهي پاتل ڏسي راوي وستار ۾ ڇا ٿو چوي.

جهيڻي جهيڻي پاوَ جهمڪت جانجهر او هنس تڻي گت هالنت هي ڪيهر لنڪ ڪنچن جيسي ڪا يا اُرهه ڪي بيچ ڏو نيٻو هي ڪانجي آگڙ جائي پڪارو. ڪي گوڪل گڍ ۾ ايسي گوالن هي،

وري راوي وستار ۾ راوي چوي ٿو،

هالوڪان وڏي برج هالان، خيال ديکو پڻهارن ڪا،

پڻهياري گهڙي ٺمٺور چلي، جيسي گيند چٽا بجدران ڪا،

ساڙون ڪي ڪور اور بني، جيسي هاٿ کليا مڻهارن ڪا،

سيند ڪي اوپر سِنڌ کليا، جيسي گها کليا تلوار ڪا.

(مطلب: هلي شري ڪانجي وڏي دربار ۾ هلي پڻهاري جا خيال ڏسون، پڻهاري ايئن هلي ٿي جيئن ڪو هاٿي پنهنجي مستي ۾ هلي، ساڙهي جي ڪور اهڙو چمڪاٽ ڪري ٿي جهڙو ڪنهن مڻياري جو دڪان کليو، سينڌ مٿي تي ايئن آهي ڄڻ جهڙو تلوار جو وار ٿيل آهي.)

توهان ائين کڻي سمجهو ته اِندر مهراج جي آکاڙي جي پري هئي هن کان مٿي واکاڻڻ مورک پائي آهي.

جڏهن ڀوجن تيار ڪري رهي تڏهن پلنگ جي ڀرسان ٽپائي لڳائي مٿس ٻٽيهه ساگ ڇٽيهه ڀوجن ٽپائي تي رکي سيٺ کي اُٿارڻ لڳي. سيٺ جاڳي پيو پر ڪوڙا کونگهرا هڻي پيو. تمام گهڻو سيٺياڻي سيٺ کي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چوڻ لڳي.

ڌن گهڙي ڌن ڀاڳ ڌن اجوڻي رات،

پرين پڇوڙو اوڍيو ڪهي نه من ري بات.

(مطلب: سٺو وقت، سٺا ڀاڳ، سٺي اڄوڪي رات، تون چادر اوڍي سمهي رهيو آهين. تنهنجي من ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي.)

تنهن تي سيٺ جواب ڏنو

گونگي من سپنو لاڌو سمجهه سمجهه پڇتاءَ،

سخي تميڻي باتڙي ڪهي نه ڪس وڌ جاءِ.

(مطلب: مون گونگو خواب ڏٺو آهي، جو چئي نٿو سگهجي، تنهن ۾ تنهنجو ذڪر سمايل آهي.)

اهو ٻڌي سيٺياڻي سوچيو ته راجا جو پٽ ڪا شيءِ پلنگ تي وساري ويو آهي  جيڪا هن سيٺ کي هٿ آئي آهي تنهن مان هن کي شڪ ٿي پيو آهي. شڪ جي خاطري ڏيارڻ جي لاءِ سيٺياڻي چوڻ لڳي،

بنيادي چوکي نهين ڏک پڙي انيڪ،

شينهن ڪي چال گدڙ چلي نهين ڪيا سوندر بن ٽيڪ.

(مطلب: بنيادي انسان کي ڪيترا به ڏک اچن هو پنهنجو اصل نه ڇڏيندو آهي، جهڙي طرح شينهن جهڙو هلڻ گدڙ کان نه ٿيندو، سُندري وري پنهنجي ست سِوا ڪهڙي.)

سيٺ پلنگ تي ليٽاڙا ڪيا ته هن کي منڊڙو پاسن کان لڳو هن سوچيو هي منڊڙو آءٌ منهنجي تن يار ڀاءُ کي ڏيئي ويس هي منهنجي پلنگ تي منهنجي گهر ڪيئن آيو. انهيءَ سوچ ۾ خاموش سوچيندو رهيو. سيٺياڻي جي گهڻي چوڻ ۽ عرض ڪرڻ تي سيٺ جواب ۾ ڇا ٿو چوي.

موتي ميلا هوئا ڪڙئو هوئوج ڏُڌُ،

محلي لاڌو منڊڙو، سهچي مون من ڀاگو تجهه.

(مطلب: موتي ميلا ٿي ويا، کير کارو ٿي ويو، تنهنجي ست کي ڪس لڳي ويو، مون کي منڊڙو منهنجي محلات ۾ لڌو آهي.)

سيٺياڻي جواب ڏيڻ لڳس،

موتي ميلا نه ٿين ڪڙوو ٿي نه ڏُڌُ،

سهچي ڪڏي نه پلٽي جيري سڪڙڻي ڪُڙَ سڌ.

(مطلب: موتي ڪڏهن به ميرو نه ٿيندو، ڏڍ ڪڏهن به ڪڙو نه ٿيندو، سهچي ڪڏهن به بدلجي نه سگهندي، ان جو بنياد صحي آهي.)

سيٺ جواب ڏنو،

ڪونپو ڀاگو ڪاچ ڪو، من ڀاگو ڪهه ويڻ،

موتي ڀاگو وينڌتان جيني سانڌو نه لاگي سيڻ.

(مطلب: شيشي جو برتن ڀڳو ته سڄو نه ٿيندو، من ڪنهن وين سبب موتي ڀڳو ته وينجهارن جي سنڌي سان سڄو نه ٿيندو.)

سيٺياڻي چوڻ لڳي ته توکي مون تي اعتبار نه هو ته پوءِ مون کي گڏ وٺي وڃي ها، ڇڏي نه وڃين ها. سيٺياڻي جواب ،

ڪاڇ ڪُڙي ڏوڌ ڪٽورو موتيا ورڻو من

اتنا ڀاگا ساجا نه ٿين جيرا پهلائي ڪرو جتن.

(مطلب: شيشي، کير جي ڪٽوري يا موتين کي پهرين سنڀالجي ها ته نه ڀڄن ها.)

سيٺ مُسافري جو ماريل گهڻي منزل کان گاڏن غورابن تي آيل سو ٿڪجي اچي ڪريو تنهن کي ننڊ اچي ويئي سو سمهي رهيو.

سيٺياڻي کي جيئن گلاس پاڻيءَ جو هٿ ۾ جهليل هو سو تيئن انهيءَ پيرين بيهي سج اُڀاريو.

سيٺ صبح جو اٿي سنان ڪري ڪپڙا بدلائي سودو آندل ڌن نوڪرن کان جڳهه جڳهه رکرائڻ لڳو ايتري ۾ سندس تن يار راجا جو پٽ اچي نڪتو. ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هر روز ڀاڪر پائي گهمندا هئا. سيٺ سوچيو ته منهنجي سيٺياڻي نه من ڦيري ها ته راجا جو پٽ ڇا ڪري ها. هي سڀ ڪم سيٺياڻي جو آهي.

ائين سوچيو راجا جي پٽ سان گهمندو هو. هلندي هلندي ڇهه مهينا ٻيا به گذري ويا نه سيٺ سيٺياڻي سان ڳالهائي نه هن جي هٿ جي رسوئي کائي.

سيٺياڻي جڏهن مائٽن ۾ هئي تڏهن به هن جي عادت هئي ته نوڪر ميدان صاف ڪندا هئا جڏهن پرهه ڦُٽندي هئي تڏهن داڻا کڻي بارديون (بالٽيون) ڀري صاف ٿيل ميدان ۾ پکين کي داڻا وجهندي هئي، جڏهن پرڻجي آئي سهرن جي گهر ته به هن جي عادت ساڳي رهي. ساڳئي نموني پکين کي داڻا وجهندي هئي. پکين ۾ ٽي پکي قاصد هوندا آهن. هڪ ڪانگ، ٻيو چتون ۽ ٽيون ڪبوتر.

هڪڙي اسور ڌاري پيلي پرڀات ٿي انهيءَ وقت سيٺياڻي پکين کي داڻا وجهي رهي هئي. وڇوڙي جو داغ سدائين دل تي هوندو هو. آسماني ٿڌيون هيرون ڏسي سج جي ڪرڻن جون شاخون ڏسي، پکين جون پلواتون ٻڌي سيٺياڻي جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. اهي لُڙڪ ڏسي چتون پکي کانئس پڇڻ لڳو ته سيٺياڻي توکي ڪهڙو ڏک آهي. سيٺياڻي سڏڪا ڀرندي چتون کي چوڻ لڳي ته چتون تون چوڻ ڪر منهنجو ڏک تون ميٽي نه ٿو سگهين. چتون چوڻ لڳو ته سيٺياڻي هاڻ مون کي داڻو کائڻ حرام آهي، سڄي عمر تنهنجو نمڪ کاڌو آهي.

اڄ توسان ڏک آهي انهيءَ ۾ ڀائيوار ٿيڻ منهنجو فرض آهي هڪ ڏينهن مرڻو آهي ڇو نه نڀائي مرون هي پکين جي پريت آهي. ائين چئي چتون وڃي سيٺياڻي جي ويجهو ويٺو. تنهن تي سيٺياڻي چيو ته چتون هتان منهنجا مائٽ ٻه سؤ ڪوهه پري آهن آءٌ تنهنجي ڪنڌ ۾ خط ٻڌان ٿي تون اُڏامي اُتي وڃ پر پنڌ پري آهي توکي رات وچان پئجي ويندي. ڪنهن وڻڪار ۾ رات رهي پئجان. صبح جو اتي جا پکي پرتي اُڏامندا تون انهن پکين سان گڏجي وڃجان. منهنجي ڀاڄائي سجاڳ عورت آهي. اها به پکين کي اهڙي نموني داڻا وجهي ٿي تون داڻا نه کائج پاڻهين توسان ڳالهائيندي.

اهو احوال ٻڌي چتون اُڏاڻون.  اُڏامندي اُڏامندي رات وچان پئجي ويئي. مٿان چتون اڻ واقف سو ويچارو ڪنهن وڻڪار ۾ پئجي رهيو. پرهه ساک ڏيڻ واري ٿي تڏهن هن پنڌ جي ماري کي سار ٿي سو ويچارو پکين جي مٽڻ جا آواز ٻڌي پٺيان ڪاهي پيو اُڏامندو اُڏامندو ڪنهن پدم پتي سيٺ جي گهر جي اڳيان پکين جا ميڙ ڏسي اتي لٿو ڇا کڻي ڏسي ته هڪ مَها سوندر عورت من موهڻي سهچي سيٺياڻي جي ڀاڄائي پکين کي داڻا وجهي رهي هئي.

چتون سيٺياڻي جي چوڻ موجب چوڻ نه ڪيو داڻا وجهندڙ مها سندري جي ڀرسان وار ڪنڊاري ويهي رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ سيٺياڻي جي نظر پئي ته هو سمجهڻ لڳي ته طوطو شايد بيمار آهي سو هن کي جهلي مٿان هٿ گهمائڻ لڳي هٿ گهمائيندي گهمائيندي نيٺ انهيءَ تعويذ (خط) کي لڳو جيڪو چتون جي ڪنڌ ۾ ٻڌل هو.

سيٺياڻي اهو خط چتون جي ڪنڌ مان ڇوڙي ورتو  پوءِ چتون داڻا کائڻ لڳو سيٺياڻي اهو خط کولي ڏسڻ لڳي هن ۾ هڪ بيت لکيل هو جنهن کي هندي ٻولي ۾ ڳهه (ڳاهه) چئجي ٿي، اها ڪهڙي لکيل هئي:

”رت آئي بن موريا کليا ڪيتڪي گل،

سوهڻا ماري باڀچ ني ايم ڪهجوڪ ڀمر ٻيسي نه ڦل“.

(مطلب: رت آئي آهي، بن ۾ مور نچي ٿو، ڪيئي گل کُليا آهن، طوطا تون منهنجي ڀاڄائي کي ايئن چئجان ۽ ڀئونر گل تي نٿو ويهي يعني منهنجو پتي مون سان نٿو ڳالهائي.)

سيٺياڻي سوچيو ته هي ڳهه منهنجي نڙاند (نڻان) جي موڪليل، ڪهڙي نموني منهنجي سُهري کي ٻڌايان. سو ويچار ڪري نوڪر کي چوڻ لڳي ته ٻچا تون وڃ شهر ۾ ڪو ويدي وٺي اچ. ويدي چئبو آهي ويد پڙهڻ واري کي. نوڪر ويو سو هڪ برهمڻ کي وٺي آيو. سيٺياڻي هن برهمڻ کي چوڻ لڳي ته برهمڻ توکي ويد، شاستر ايتري تائين پڙهڻو آهي. منهنجو مڙس ۽ سُهرو ٻئي سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهن جڏهن انهن کي موڪل ملندي هو گهر ايندا. آءٌ انهن کي. ماني ڏيئي توکي چوندس ته ادا برهمڻ هاڻ ڀلي گهر وڃ تڏهن تون هليو وڃج.  تنهنجي مزدوري توکي تمام سٺي ڏبي. اهو ٻڌي برهمڻ پنهنجو ڪم شروع ڪيو. جڏهن ڏينهن جا 12 ٿيا تڏهن ڇُٽي ملي. سيٺ ساهه سجاڻ ۽ سندس ٻئي پٽ گهر آيا. سيٺياڻي انهن کي رسوئي ڏيئي لوٽا پاڻي جا پاسي ۾ رکي برهمڻ کي چوڻ لڳي، ابا برهمڻ هاڻ ڀلي وڃ، تنهن تي سيٺياڻي جو سُهرو سيٺياڻي کان پڇڻ لڳو ته اڄ ويدي ڇا چيو تنهن تي سيٺياڻي جواب ڏنو.

ويدي ويد باچتي ماٿو ڌوڻيو اُجين نگري ڏک وسي

تنهن تي سيٺ چيو ته:

اُجين نگري ۾ ٻيو ڪير آهي منهنجي ڇوڪري پرڻايل آهي هاڻي صبح جو سماءُ وٺڻ لاءِ روانو ٿيندس. مٿان رات پئجي ويئي خيرن جو نيٺ سج اُڀريو. ساهه سڄاڻ گهوڙي تي سنج ٻڌا وسيلو الله جو ڪري روانو ٿيو. منزل به گهڻي هئي. ’گهوڙا ۽ گهر ڏور ڪسيا ۽ رسيا.‘

منزلون ماڻيندو ٿوري گهڻي ڏينهن  وڃي اُجين نگري رسيو وڃي پنهنجي نياڻي سيٺ سگاڙ جي گهر گهوڙي جا سنج لاهي گاهه پٺو ڏيئي وڃي پنهنجي نياڻي سهچي سيٺياڻي کي کيڪاريائين.

مٿان اچي شام ٿي ايتري ۾ سيٺ سگاڙ به پنهنجي گهر آيو ۽ وڃي پنهنجي سُهري سان مليو، پر نه جهڙو نه خوش خرابت  (خيرعافيت) ڪئي نه ڪا خبرچار وڃي پنهنجي منهان ماٺ ڪري ڪنهن ڪمري ۾ ويهي رهيو. صبح ٿيڻ تي ماٺ ڪري نڪري هليو ويو. پنهنجي تن يار راجا جي پٽ سان گڏ وقت گذرندو رهيو ٽي راتيون گذرڻ کان پوءِ سگاڙ سيٺ جي سُهري چيوته پٽ صبحاڻي آءٌ هليو ويندس! اهو ٻڌي سيٺ سگاڙ گهران نڪتو پنهنجي تن يار سان وڃي مليو ڪچهريون ڪندي سيٺ سگاڙ سندس دوست کي چيائين ته ادا منهنجو سهرو آيو آهي تنهن کي اڄ چوٿين رات آهي مون هن سان ويهي نه ڪچهري ڪئي آهي، نه خبر چار ڪئي آهي اڄ هن صبح جو چيو ته آءٌ اڄوڪو ڏينهن آهيان صبح جو هليو ويندس تنهن تي راجا جي پٽ چيو ته يار تو حد ڪري ڇڏي مون کي ٻڌائين ها ته هلي ڪچهري ڪريون ها ۽ خبرون وٺون ها. هاڻ هل ته هلي خبرون وٺون مٿان سج لهڻ وارو ٿيو. راجا جو پٽ ۽ سيٺ سگاڙ گڏجي سيٺ جي گهر آيا. ساهه سجاڻ کان راجا جو پٽ مليو وڏي قرب مان ريجهه رهاڻ شروع ٿي ڳالهيون هلندي هلندي ساهه سڄاڻ دل ۾ خيال ڪيو ته جنهن ڪم لاءِ آءٌ آيو آهيان اهو راز کوليان اهو سوچي ساهه سجاڻ چوڻ لڳو:

مين ڏيني ٿاني تڙاوڙي پاڻي پيئڻ ڪي تج،

 تم ڪم هيري جيرو اُتر ڏيجو اَج.

(مطلب: مون توکي پنهنجي نياڻي سنڀالڻ لاءِ ڏني، تون هن سان ڇو ڪاوڙيو آهين، ان جو اڄ جواب ڏي.)

اڳين زماني ۾ ساکون هيون ڍارن تي سيٺ سگاڙ ڍارو هٿ ۾ کڻي جواب ڏيڻ لڳو:

جڻ مارگي ڪيهر چاليو او رَجي لاگي تڻي،

اوکڙ اُوڀا سو ڪسي نهين چريا هرڻي.

(مطلب: جنهن مارڳ تان شينهن چري ويو، اُها اوبار ڪنهن به هرڻي نه چري.)

ڍارو هنيائين ته سترنهن جا ارڙهن وڃي پيو. ڍاري به ساک ڏني تنهن تي ساهه سجاڻ سوچيو ته نياڻو منهنجو صحي آهي. ايتري ۾ راجا جي پٽ سوچيو وارو ساک ڏيڻ جو منهنجو اچي ويو سو ڍارو کڻي چوڻ لڳو،

ڪيهر آويو ٻهه ويلاڙو ٻهه وير،

پاڙ چڙهي ۾ تانگهيو هٿ نه لايو نير.

(مطلب: آئون برابر آيس پر هِن جل کي مون هٿ نه لاتو.)

ائين چئي ڍارو هنيائين ته، سترنهن جا ارڙنهن وڃي پيو. ڍاري ساک ڏني راجا جو پٽ به سچو ٿي ويو.

هاڻي وارو سهچي سيٺياڻي جو سو ويچاري ڪمزور هٿن سان وڃي ڍارو کنيائين ڍارو کڻي چوڻ لڳي:

ميهر پلٽي درو ڏکڻ اوگي پڇم اوگيج ڀاڻ.

سهچي ڪڏي نه پلٽي سنڀڙي ساهه سجاڻ.

(مطلب: ڌرتي اُٿلي، قطب تارو ڏکڻ ۾ اُڀري،، سج اولهه کان اُڀري، پر اها ساهه سڄاڻ کي خبر هجي ته سهچي ڪڏهن نه بدلجي.)

چئي ڍارو هنيائين وڃي سترنهن جا ارڙنهن پيو. اها ساک پهرين پنهنجي پيءُ کي ڏنائين. جيڪو شڪي ٿي ويٺو هو. سهچي جي لڄ لڄپال بچائي هئي هن کي ڪو به کُٽڪو ڪونه هو.

ٻيو وارو وري پنهنجي مڙس کي ساک ڏي ٿي.

تارا منڏڙ ڊهه پڙي ڌرتي ڌان نه هو.

اَوَران سين چت ڌرون تو دنيا ڪر اٿل هو.

(مطلب، تارن جو مانڊاڻ ڊهي پوي، ڌرتي اناج نه اپائي، ٻين سان دل لڳايان ته ڌرتي اٿلي پئي).

ائين چئي ڍارو هنيائين. سترنهن جا ارڙنهن وڃي پيو. ڍاري ساک ڏني سيٺياڻي جو ساهه وريو.

ڏاهن ۽ سگهڙن جو چوڻ آهي ته ساکون ٽي آهن. تنهن تي سيٺياڻي ٽي ساک ڏيڻ لاءِ ڍارو هٿ ۾ کنيو۽ چوڻ لڳي،

ڀونگَ مڻ، ڪيهر مُڇ، سرڻا گت سورا

ستي ڀَوَهَرَ ڪرپڻ ڌن، پنچيئي ملن مئا

هن ڳهه جو مطلب آهي ته، نانگ جيئري مڻ کڻڻ ڪونه ڏيندو. شينهن جيئرو مُڇ کي هٿ لائڻ ڪونه ڏيندو. سورهه مرد پنهنجي سام ڪڏهن به ڪونه مارائيندا، پاڻ ڀلي مري وڃن. سَتي عورتون پنهنجي وارث کان سواءِ ڌارئين مرد کي ڪپڙو به جيئري لڳڻ نه ڏينديون. موذي ماڻهو جيئري ڌن ڪڏهن ڪونه ڏيندو. مطلب ته سيٺياڻي جو چوڻ هو ته ست جيئري ڪونه هاربو، مئي کان پوءِ ميار ڪونهي.

اُتي سڀ شڪ شڪوڪ نڪتا سڀ خوش ٿي هڪ ٻئي کي مليا. ٻئي ڏينهن ساهه سجاڻ  واپس روانو ٿيو.

تن ترسيا من مڙيا ڏک به ڏور ٿيا

سڄڻ پاڻو پاڻ ۾ کلي کير ٿيا.

 

معنيٰ: (1) نرکيو= ڏٺو، جاچيو، (2) ڏيول= مندر، (3) تيمڻي= توهان جي، (4) هيم ورن= سون جو پاڻي (رنگ)، (5) جهيڻ= سنهي،(6) لڪ= چيلهه، (7) مرگهه= هرڻ، (8) چک= اکيون، (9) جيرو (جيڪي رو) = جنهن جو، (10) اَويڙا= اويلو، بيگاه وقت، (11) پڙيو= پيو، (12) ماهتو= واڻيو، (13) تج= تجهه، توکي، (14) ٻلاولڻ= ٻولائڻ، ڳالهائڻ، (15) کيتر= ٻني، (16) تي= تڏهن، (17) ميلهياج= موڪليا، (18) نک= ننهن، (19) چٽ= پٽ (بيچيني)، (20) ڪوڪ= رڙيون ڪرڻ، (21) مت= نه، (22) ڪامڻي= عورت، (23) گيو= ويو، (24) گهران نان= پنهنجي گهر، (25) اٻلا= نڌر، (26) ڪهيو= ڪهڙو، (27) ٻولڻو= ڳالهائڻو، (28) ڪَوَلي= ڍڳي، (29) اجيان= ٻڪريون، (30) ني-کاسي= کي کائيندو، (31) ٿانرو= اوهانجو، (32) تگمگيو= وارياسو، غير مستقل، (33) مانرو= منهنجو، (34) تين= لوهه، (35) اونڏر= ڪوئو، (36) سمهون= ڏانهن، (37) جووين= ڏسين، (38) آڻ= ڪار، منع، (39) لوپو= پٺي ڏيڻ، (40) ٻيٽي= ڌيءَ، (41) لاگان= لڳان، (42) سانڪڙ= هار، (43) ويڇيا= پير جي آڱر جو ڇلو، (44) بازوبند، (45) للاٽ= پيشاني، (46)

راکڙي= گلي جو ماڏريو، (47) ڪڙولا= پيرن جون ڪڙيون، (48) گهوگهر= گهنگهرو، (49) باجڻي= وڃڻي، (50) رمتي= راند ڪندي، (51) رماڙ= رماءِ، راند ڪراءِ، (52) ٻتريسي= ڏندن جي (53) ڏاڙم= ڏاڙهون، (54) ڏانت= ڏند، (55) هالو= هَلو، (56) ڪان= ڪانجي جو مخفف، (57) برج= ڪوٽ، (58) پڻهارن= پاڻي ڀرڻ واري، (59) ساڙون= ساڙهي، (60) اور بني= ٻي نموني ٺهي، (61) مڻهيارن= مڻياري، (62) مينڍ= مينڍو، (63) پڇوڙو= پٺيرو، (64) لاڌو= لڌو، (65) تميڻي= تنهنجي، (66) چوکي= چڱي، (67) هوئوج= هئو، ٿيو، (68) ڪونپو= برتن، (69) ويڻ= طعنو، (70) وينڌتان= وينجهارن، (71) جيني= جنهن کي، (72) سانڌو= سنڌو، (73) جي را= جنهن جو، (74) پهلائي= پهريائين، (75) تڙ اوڙي= تڙ واري (مهاورتً، پاڻي پيارڻ واري)، (76) ڌجي= ڌور، ڌرتي، (77) تڻي= بوءِ واري، (78) اوکڙ= اوبار، (79) آويو= آيو، (80) ويلاڙو= ويٺو، (81) پلٽي= اٿلي، (82) درو= قطب، (83) اوڳي= اڀري، (84) ڀاڻ= سورج، (85) سنڀڙي= ٻڌي، سڻي، (86) تارا منڏڙ= تارن جو منڊل، تارن جو منڊل، ڪهڪشان، (87) ڌان= اناج، (88) ڀونگ= نانگ، (89) سرڻا= سورهيه، (89) سئورا= سام، (90) ڀوهر= ست، (91) ڪرپڻ= ڪنجوس.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org