ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
رسالو سيد عبداللطيف عارف بالله عرف
شاهه ڀٽائي سنڌي
هيءُ رسالو ”رساله سيد عبداللطيف عارف بالله عرف
شاهه ڀٽائي سنڌي“ (عڪسي قلمي نسخو 1284 هه /
1867ع) جنهن جي ترتيب تشريح ۽ لغات فارسي ميان نور
محمد لکي آهي.
تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي. جڏهن ته
مقدمو، ترجمو ۽ لغات سنڌي ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
صاحب لکي آهي. هن کي ڊاڪٽر ’اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ
آف هيريٽيج ريسرچ‘ ۽ ثقافت سياحت ۽ نوادرات کاتو
حڪومت سنڌ 2023ع ۾ ڇپايو آهي.
اسان جو لائق، فائق ۽ فهيم محقق جناب ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو تحقيق جي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل عالم
آهي. تصوف جي مطالعي ۾ هو پنهنجو جوڙ ڪونه ٿو رکي.
وڏي ڳالهه ته اسلامي تصوف جي سلسلي جا جيڪي
ڪلاسيڪي ادب جا فن پاره آهن اهي اشاعت ۾ آڻي انهن
جي تشريح ڪري انهن تي شاندار مقدما ۽ تعليقات لکي
اشاعت ۾ آڻيندو رهي ٿو. اسان جي سنڌي ادب ۾ سندن
تصنيفات جو چڱو خاشو تعداد آهي ۽ هر هڪ تصنيف
لاجواب تحفو آهي. مذڪوره تصنيفات جي تسلسل ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائيؓ جو هيءُ رسالو اشاعت
۾ آڻي جناب سومري صاحب لاجواب ڪم ڪيو آهي.
هن سلسلي ۾ سندن هڪ مضمون ٽماهي مهران (2/2023) ۾
اشاعت ۾ آيو آهي. جنهن جو عنوان آهي، ”شاهه
عبداللطيف جي شاعري کي فارسي ۾ سمجهائڻ جي روايت“
اهو مضمون وري پاڻ هن رسالي ۾ مقدمي طور رکيو اٿن.
هن رسالي ۾ ’اداري پاران‘ ڊاڪٽر الطاف جوکيو صاحب
لکيو آهي، جنهن ۾ لازمي وضاحتون آنديون آهن. ان
بعد پيش لفظ وري عبدالغفار صاحب لکيا آهن. جنهن ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪم کي ساراهيو آهي.
اڳتي هلي رسالي جو مهاڳ پڻ ڊاڪٽر سومري صاحب لکيو
آهي. مهاڳ ۾ پاڻ شاهه جي رسالي جي عالمي ادب ۾
اهميت کي اُجاگر ڪيو آهي. شاهه جي رسالي جي تاريخ
۽ ان جي غير معمولي مقبوليت تي لکيو آهي. هن غير
معمولي مقبوليت سبب رسالي جي نئين سر ترتيب تي
جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪم ڪيو آهي، ان
تي روشني وڌي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جنهن احسن
طريقي سان هي ڪم ڪيو آهي، جيڪي ماخذات ميدان تي
آندا آهن ۽ ڏهن جلدن جي آڻڻ کان اڳ ۾ جيڪي ڪتاب
شايع ڪيا آهن انهن ۾ 1976ع ۾ ”شاهه جي رسالي جا
سرچشما“ اهم آهي. هن ڪتاب جي اشاعت وقت وٽن موجوده
رسالو موجود ڪونهي، پر 1973ع ۾ جڏهن ’شاهه جي
رسالي جي ترتيب‘ لکن ٿا تڏهن سندن سامهون 45 قلمي
نسخن ۾ هيءُ رسالو به موجود آهي. محترم ڊاڪٽر
سومرو صاحب موجب ميان نور محمد جو هيءُ نسخو مير
امام بخش ٽالپر واري نسخي سان گهڻي هڪ جهڙائي رکي
ٿو ۽ ڀٽ شاهه واري روايت جو تسلسل آهي.
ان کان پوءِ ”شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ کي فارسي
زبان ۾ سمجهائڻ جي روايت“ واري مضمون ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سمجهاڻي جيڪا تصوف
جي تعليمات تي آڌاريل آهي. انجو سلسلي وار ذڪر ڪيو
آهي. هن ذڪر ۾ ميان نور محمد کان اڳ جن فارسي نسخن
جو ذڪر اچي ٿو ان کان وٺي قادر بخش بيدل ۽ ويندي
استاد غلام مصطفيٰ دادوي جي ڪجهه عربيءَ ۾ ڪيل
منظوم ترجمي ۽ نياز همايونيءَ جو ڪيل منظوم فارسي
ترجمي جو ذڪر آهي. هيءَ سڄي تحقيق مضمون جي شڪل ۾
اڳ ۾ ٽماهي مهران (2/2023ع) ۾ شايع ٿي آهي. جنهن ۾
برٽش ميوزم واري نسخي کانوٺي موجوده نسخي تائين جا
حوالا آهن. ۽ ان سان گڏ اسانجي بزرگن جن پنهنجي
مڪتوبات ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو حوالو رکيو آهي ان
جو بيان پڻ آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ کي فارسيءَ
۾ سمجهائڻ جي روايت موجب محترم سومرو صاحب لکي ٿو
ته شيخ عبدالرحيم گرهوڙي پهريون صوفي عالم آهي
جنهن ’سلطان الاولياء‘ حضرت مخدوم محمد زمان
لنواريءَ جي بيتن جي عربي شرح لکڻ وقت حضرت ڀٽ ڌڻي
جو حوالو آندو آهي.
ساڳيءَ طرح حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي جي
ملفوظات جنهن جو مرتب خليفو محمود نظاماڻي ڪڙئي
گنهور وارو آهي ۽ سندن فرزند پير صبغت الله شاهه
جي ملفوظات ۾ ۾ ڀٽائيؓ جا حوالا موجود آهن اهڙيءَ
طرح وري جڏهن خليفو گل محمد خليفو محمود جي
ملفوظات ڪنوزالمعارف مرتب ڪئي ته هو شاهه جي وڏي
شارح طور سامهون اچي ٿو. اهي سڀ ڪتاب فارسيء ۾
لکيا ويا جن جو ذڪر محترم عبدالغفار سومري صاحب هن
مضمون ۾ ڪيو آهي.
ان کان پوء ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رسالي بابت
تعارفي مضمون آندو ويو آهي. جيڪو تفصيلي طور اڳ ۾
لطيف سالگره مخزن (73/1974) ۾ شايع ٿيل آهي. هن
مضمون ۾ رسالي متعلق ڄاڻايل آهي ته هن جا ٽي ڪاتب
آهن. شروعاتي 9 سر ڪلياڻ کان آبري تائين ميان نور
محمد ولد ميان شفيع محمد جا لکيل آهن. ٻيو ڪاتب
دوست محمد ولد ميان نور محمد آهي. جنهن معذور کان
سرود کاهوڙي تائين 10 سر لکيا آهن. ٽيون ڪاتب ميان
احمد فقير ولد حاجي محمد مهيه آهي. جنهن رسالي جا
باقي سر سرود ڪارايل تائين لکيا آهن. هيءُ رسالو
1284 هجري جي پڇاڙيءَ ۾ لکجي مڪمل ٿيو. جنهن ۾ ڪل
35 سُر آهن. رسالي جي حاشيه ۾ فارسي ۽ تشريح کان
سواءِ عبارتن جي معنى سمجهائڻ لاءِ ميان نور محمد
۽ سندن والد ميان شفيع محمد جا سنڌي ابيات ڏنل
آهن. هن رسالي جي صورتخطي ميان ابوالحسن جي سنڌي
واري بيهاريل آهي جيڪا انگريزن طرفان 1853ع ۾ لاڳو
ڪيل سنڌي صورتخطيءَ جي باوجود قديمي خط ۾ لکيل
آهي. هن رسالي جا ٽئي مرتب ڪي عام مرتب نه هئا بلڪ
خود وڏا عالم ۽ صوفي هئا.
جنهنڪري هو اصل صورتخطي جي نزاڪت کان آگاهه هئا.
هن رسالي جو هڪ ٻيو نسخو جيڪو حافظ صالح اوٺي
ولهاري جو ڪتابت ڪيل آهي، ميرپورخاص ۾ قائم ڪيل
ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي واري ميوزم ۾ هئو. جيڪو هاڻ
اتي ناهي. ان نسخي جي گم ٿي وڃڻ جو افسوس محترم
ڊاڪٽر سومري صاحب کي گهڻو آهي. پاڻ هيءُ مضمون
”شاهه جي رسالي جو هڪ قلمي نسخو“ جي عنوان سان
نئين زندگي 1981ع ۾ شايع ڪرايائون.
ان وقت صالح اوٺي وارو نسخو ميرپورخاص ڪلچرل هال ۾
موجود هو، جيڪو هِن ميان نورمحمد صاحب واري رسالي
جو اتار آهي.
رسالي جي آخر ۾ يعني متن کان پوءِ ضميمي طور پاڻ
ميان نور محمد جا تشريحي نڪتا جيڪي بلوچ صاحب جا
لکيل آهن، انهن جو سنڌي ترجمو به ڏنو اٿن. اهڙيءَ
طرح ٻي ضميمي طور رسالي جي لغات سنڌي فارسي جيڪا
ميان نور محمد جي آهي ان کي ترجمي سان ڏنو آهي. ان
بعد ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ميئين نور محمد جي خاندان
جو احوال ڏنو آهي. جنهن ۾ پاڻ ميئين صاحب جي
خاندان کي سندن پونيرن جي روايتن موجب عربستان کان
آيل ڄاڻائين ٿا. سندن خاندان جا وڏا ”کڏ وارا
مينهان“ سڏجن ٿا، جيڪي پراڻ جي ڪنڌيءَ تي آباد
هئا. ان کان اڳ ۾ هيءُ خاندان پٿوري طرف ”ماڙي“ جي
ڏکڻ ۾ ريلوي جي اتر طرف آباد هو. جتي سندن جد
اعلى ”مينهان ميران“ جو قبرستان موجود آهي. محترم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ميان مخدوم نور محمد
جو احوال ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جلد ڇهين ۾ ڏنو آهي.
ان کان علاوه ميان نور محمد ۽ سندن والد ميان شفيع
محمد جيڪي ٻئي شاندار شاعر هئا انهن جو ڪلام به
ڏنو آهي، جيڪو هن رسالي جي آخر ۾ آيو آهي. هن ڪلام
۾ ميان نور محمد جو ڪجهه سرائڪي ڪلام به آيل آهي.
هنن هيڏن پُختن شاعرن جو ٻيو ڪلام به هوندو، جيڪو
هن وقت محققن جي اکين کان اوجهل آهي. هن ڪلام سان
ڪجهه اهڙو ڪلام به آهي جيڪو محرم فقير خدمتگار جو
ڪتابت ڪيل آهي. اهو محرم فقير خدمتگار ڪير آهي اها
ڳالهه اڃا ڪٿي ظاهر نه ٿي آهي صرف حاشيه ۾ سندس
نالو آيو آهي.
هن مختصر جائزي ۾ جيڪا ڳالهه اهم آهي اُها اِها
آهي ته تحقيق جي دنيا ۾ هن رسالي جو ظاهر ٿيڻ ۽
عڪسي اشاعت لطيفيات جي شاگردن لاءِ نهايت نيڪ شگون
آهي. محترم عبدالغفار سومرو صاحب کيرون لهڻي، جنهن
هيءُ ڪم پايئه تڪميل تي پهچايو آهي. سندس محبت ۽
جدوجهد سان هڪ انمول تحفو تحقيق جي دنيا ۾ نروار
ٿيو آهي. شاهه جي رسالي جي سلسلي ۾ جيڪو ڪم به
بلوچ صاحب ڇڏيو آهي ان جو سومري صاحب جي هٿان
سنورجي ميدان ۾ اچڻ خود هڪ نيڪ فال آهي. سائين
سومرو صاحب مبارڪ جو مستحق آهي. جنهن نه صرف هي
وڏو ڪم ڪيو آهي پر ايندڙ دؤر لاءِ تحقيق جي راهه
هموار ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ تصوف ۽ خاص طرح نقشبندي
سلسلي جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
وڻجــــــــاري وائــــــــي، منهنجو جــــــــيءُ
جياريو،
ڏک لاهيندم ڏيل تان، تهن جي (جيئن) تاري.
نصير مرزا
حيدرآباد
ڪلام
آهي ته بس ايترو ڪلام آهي
[امداد حُسينيءَ جو چيل سُر
ڪيڏارو]
آئون ئي ماتم زني پھرين ڪندس
جرم آهي جيڪڏهن ماتم زني
محققن ٻڌايو آهي ته ڪيڏارو معنيٰ ’جنگ جو ميدان‘.
معنيٰ ٺاٺ مالها ۾ راڳ ديپڪ جو هڪ شعلو، پر سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڪيڏارو معنيٰ، بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
”سورهيه جي سورهيائيءَ جو داستان“، بھادرن جي جرئت
۽ بھادريءَ جي واکاڻ ۽ اُهي سڀ معنائون به برحق!
پر ڪيڏارو معنيٰ حسين ابن علي و فاطمـﮧ. معنيٰ
ميدان ڪربلا، معنيٰ يزيد ابن امير شام جي قھر تي
شاعريءَ ۾ نندا.. معنيٰ بيبين جي ڏکن جو بحر
بڪيران ۽ بقول ڀٽائي صاحب جي هيءُ سانحو يعني:
قضيو ڪربلا جو، مڙوئي ملار
ذرو ناهه يزيد کي، اي عشق جو آثار
ڪسڻ جو ڪرار، اصل امامن سين.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سانحه ڪربلا تي بي شڪ سيد ثابت علي
شاهه، مير حسن علي خان، سچل سائين، مرزا قليچ بيگ،
ميرزا فتح علي بيگ ۽ ميرزا ٻڍل بيگ به قلم کنيو،
پر انهن شاعرن مسدس جي انداز ۾ مرثيه چيا، پر ٻئي
طرف نج نبار سنڌي رنگ يعني بيت جي ڍنگ ۾ واقع
ڪربلا کي سڀ کان اول جنھن هستيءَ بيان ڪيو، اهو
ڀٽائي صاحب هو ۽ اُن بعد صرف سيد امداد حسيني.
سادات ٽکڙ وسي ملوڪ شاهه. ڏٺو وڃي ته ٽکڙ جي
ساداتن ۾ ٻيون شاعر هستيون به بظاهر سڀئي سادات!
پر خالص حسيني، ماتامي ۽ محرم
الحرام ۾ هميشه سياهه پوش ڪو ٽکڙائي سادات هو ته
اهو صرف امداد حسيني... جيڪو ازل کان حسيني ۽
تحقيق ته ابد تائين حسيني ئي رهندو.
امداد بي شڪ پنھنجي صديءَ جو منفرد ۽ عظيم ترين
جديد سنڌي شاعر ۽ همعصرن وچ ۾ گلاب جو گل، جنھن
جھڙو ڪو به ته نه هو، ۽ هو صرف پنھنجي پاڻ جھڙو ئي
هو، جنھن کي صديءَ جي مڙني جديد همعصرن شاعرن مان
واقعه ڪربلا بابت ڪيڏارو چوڻ جو ڄڻ امر ٿيو ۽ اهڙو
ئي ڪيڏارو... جنھن جو پھريون اعلان خاتون جنت پاڻ
فرمايو ۽ ڀٽائي صاحب، سُر حسينيءَ ۾ ان کي هن ريت
بيان ڪيو:
’حسيني‘ حسين لئه، بيبيءَ پاڻ ئي
تھان پوءِ پئي، خبر ساري خلق کي.
ڀٽائي صاحب وٽ لفظ ”حسيني“ معنيٰ- بيبي فاطمـﺔ
الزهرا سلام الله عليها خاتون جنتِ. امن آڻڻ واري
هستي. ۽ ان ڏس ۾ اسان جو هي امداد ته سر... تا..
پا.. ”حسيني“ هو. اولاد اهلبيت ۽ ايئن اسان جي هن
حسيني سادات شعور جي ڏاڪي تي پھريون قدم رکيو ته،
”ممبر حسيني“ تي نمودار ٿيندي ئي سڀ کان اول هي
شعر چيو:
شرف ’حسينيءَ‘ کي مليو، ڪري اوهان جي مَدح ثنا
سِڪ نبي جي ساڻ آهي، آئون ڪٿي آهيان تنھا
آن جي در کان دؤر رهي، جي به جيا سي جاڙ جيا.
۽ بقول امداد، هي آن جو ”در“... ۽ اهو ڪھڙو ۽ ڪنھن
جو در...؟ جي ها، اهوئي باب... ”باب ابو تراب“ ...
جنھن لاءِ ”خُمِ غدير“ جي ميدان ۾، حجة الوداع جي
موقعي تي اعلان ٿيو. من ڪنت مؤليٰ، فهٰذا عليٌ
مولا (علي مولا مولا علي موليٰ) ۽ گڏ قولِ مصطفيٰ
صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم هو، انا مدينة العلم و
عليٌ بابها ۽ اردو شاعر تنوير نقويءَ ڳجهه ڳوهه ۾،
رازداريءَ سان هڪ قواليءَ ۾ هي راز افشان ڪندي چيو
”سارے
نبی
تيری
در
کے
سوالی
شاہِ
مدينا ... يعني اُهو جنھن کي جنگ خيبر وقت مشڪلڪشا
جو لقب ۽ ذوالفقار عطا ٿي، ايئن دعا نادِ عليءَ جو
ظھور ٿيو ۽ پوءِ ان لفظ ”مشڪلڪشا“ جي استعمال ۾
خاص طرح سان سنڌيءَ ۾ ٻه زبردست شعر لکيا ويا: هڪ
مخدوم سائين طالب الموليٰ جن جو آهي ۽ ٻيو ڪيڏاري
جي صورت ۾ امداد حسينيءَ جو . . . لفظ مشڪلڪشا کي
مخدوم سائين طالب الموليٰ جن وسيع ۽ فصيح رنگَ سان
هن ريت رقم ڪيو:
وقت مشڪل تون فقط مشڪلڪشا کي ياد ڪر
دست گيري اُت علي المرتضيٰ پاڻهي ڪندو.
اهو شعر مخدوم سائين جن جي هڪ شاهڪار منقبت جو
بيمثال شعر هو. ٻئي پاسي قافله حسينيءَ جي 28 رجب
سن 61 هجريءَ تي مديني مان روانگيءَ بابت ان لفظ
مشڪلڪشا کي ڪيڏاري ۾ امداد حُسينيءَ هن ريت لکيو:
حسيني قافلو آهي ۽ آهي ڪربلا جو گس،
اهوئي گس ته آهي بس رڳو رب جي رضا جو گس،
هنن جو گس ته آهي بس محمد مصطفيٰؐ جو گس،
جفا جي ڏيهه ڏي ويندڙ اهو ئي هڪ وفا جو گس،
اَلا! ڪيڏو نه مشڪل آههِ اڄ مشڪلڪشا جو گس.
ياد رهي ته اهڙي قافله حسيني ۾ اهلبيت اطھار
خاندان جون 18 مرد هستيون موجود هيون ۽ محترم
مستورات کي ڇڏي انھن ۾ نمايان هستي ته خود امام
حسيني عليـﮧ السلام جن جي هئي. پوءِ حضرت عباس
علمدار. سندن ٻه ڀائر. پوءِ شھزاده علي اڪبر،
شھزاده علي اصغر، شھزاده قاسم ابن الحسن ۽ جناب
زينب خاتون جا ٻه شھزاده حضرت عون و محمد ۽ وارث
ولي عھد امامت، سيدِ سجاد امام زين العابدين....
امداد حسيني انهن سڀني هستين کي ڪيڏاري ۾ هن ريت
بيان ڪيو آهي:
هيءُ جي پُٽ علي جا، اُمتَ جا اڳواڻ،
سر ڏين ٿا ڏاڻ، وڏي سج ويڙهاند ۾،
مُور نه تنين مَٽ، هي جي پٽ عليءَ جا،
هڪڙو سورج چنڊ ٻيو، تاڃي پيٽي پٽ.
سبحان الله-
اهڙين هستين ۾، امام حسين عليـﮧ السلام کي، امداد
حسيني پنھنجي ڪيڏاري ۾ ”سورج“ ۽ قمر بني هاشم حضرت
عباس علمدار کي ’چنڊ‘ (قمر) سڏيو، يعني ٻيئي
هستيون
”تاڃي پيٽي پَٽ.“
اولاد علي و فاطمـﮧ حضرت شھزاده علي اڪبر، حضرت
قاسم ابن الحسن ۽ شھزاده معصوم علي اصغر لاءِ
امداد حسيني اسان کي آگاهه ڪيو آهي ته اهي سڀ ڳڀرو
ڳاڙها گهوٽ، پڙ مٿي پرزا ٿي ويا.
امداد ڪيڏاري ۾ لغت جي لحاظ کان به پنھنجو الڳ رنگ
۽ ڍنگ اختيار ڪيو آهي. اگرچه هن جي آڏو، شاهه لطيف
سائين وارو ڪيڏارو به رهيو، پر پنھنجي ڪيڏاري لاءِ
لفظن جي هُن پنھنجي چونڊ ڪئي آهي. مثال طور عام
طور شاهه سائين اولاد عليءَ پاڪ لاءِ ”عليءَ پٽ
اموٽ“ جي سٽ سرجي هئي، پر امداد اولاد علي لاءِ
گهوٽ پُٽ، امِٽ، اموٽ ۽ سردارين سردار جھڙا لفظ
استعمال ڪيا آهن ۽ اهي سڀ ايترا ته سورهيه آهن جو
ميدان جنگ ۾ نه زرهه ٿا پائن نه جنگي لباس. انهيءَ
ڏس ۾ امداد جي هيءَ سٽ ڏسو:
علي پُٽ اموٽ، ڍار نه ڳنهن ڍال جي.
روايتن ۾ آهي، ته ميدانِ ڪربلا ۾ امام حسين عليـﮧ
السلام، پنھنجي ڀائٽي حضرت شھزاده قاسم کي پنھنجي
هٿن سان گهوٽ بنايو هو ۽ پنھنجي نياڻي جناب بيبي
ڪبره فاطمھ سان سندن عقد ڪرايو هو. رساله شاهه
لطيف واري ڪيڏاري ۾، ڀٽائي صاحب پڻ شھزاده قاسم کي
ڳاڙهو گهوٽ چئي مخاطب ٿيا ها، پر امداد پنھنجي چيل
ڪيڏاري ۾ کين ”ڳڀرو“ ۽ ڳاڙهو گهوٽ سڏيو آهي. ياد
رهي ته شھزاده قاسم جي ڄمار سن 61 هجري ۾ صرف
چوڏهن ورهيه هئي. امداد ڪيڏاري ۾ سندن بابت چيو:
اڃان وهي راند جي، مس مُڇين جي ريهه
ايندي سورهيه سامهان، ڇڄي پيئڙن ڇيھه
تاريخ ڪربلا ۾ رقم آهي ته شھزاده قاسم گهوٽ ميدان
ڪربلا ۾، جنھن موذي مروان کي ٻه اڌ ڪيو هو اُهو
شام شھر جو مشھور ملهه پھلوان هو ۽ جنھن جو نالو
هو ”ارزق شامي.“ شھزاده قاسم يومِ عاشور ميدان
ڪربلا ۾ جڏهن شھيد ٿي ويا ته سندن لاش گهوڙن جي
سنبن هيٺان پامال ڪيو ويو ۽ سر نيزي تي سوار ڪرايو
ويو. اهڙي سورهيه گهوٽ جي، رڻ ڏانھن راهي ٿيڻ وقت
سندن ڪنوار بيبي ڪبره جي ڇا ڪيفيت هئي. امداد
پنھنجي ڪيڏاري ۾ جناب بيبي ڪبره فاطمـﮧ واتان ان
وارتا کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
کنهبا پائيندياس، آڻي پرڻي راتڙي
ويھي سرتين وچ ۾، مُنهن مرڪائيندياس،
رڻ ۾ رائيندياس، ڳاڙهي ڳڀرو گهوٽ کي.
امداد- علامتي انداز ۾، شھزاده قاسم جو رجز وري هن
ريت پڙهيو آهي. جنھن مطابق کين مخاطب ٿي، چيو اٿن:
رتو رت شجانءِ،
نراڙ تي ۽ ڇاتيءَ تي
نو سو نوَ ڌڪ جهلجاءِ
ڳڀا ڳڀا ٿي وڃجانءِ
پر اغيار جي آڏو،
هٿيار ڪڏهن به ڦِٽا نه ڪجانءِ.
امداد جي شعري سفر ۾ گمان غالب ته
”ڪيڏاري جي صورت“ جيڪو پھريون جديد فارم ۾ شعر لٿو
هو، اُهو به گهوٽ اڻموٽ شھزاده قاسم جي شان ۾ ئي
هو ۽ ان جي وچ وچ ۾ سڀ ولي عھد شھزادن کي به هو
ياد ڪندو ويو آهي.
اڄ وري اتر ڪنان ڪا ڪونج ٿي ڪرڪي پئي
ٻاٽ آهي واٽ اُن ۾ لاٽ ڪا جرڪي پئي
روح ۾ مينديءَ رتي خوشبو وئي آ اوتجي
لال ۽ کُنهبي لهوءَ ۾ لات ڪا لڇندي وڃي.
ڇا چوان هر لفظ آهي تير ڪو منھنجي نڙيءَ ۾ آر پار
هي اُفق تي آ شفق يا موڙ قاسم ٿو ٻڌي
هو گلابي گل ٽڙيا يا آهي لالڻ جو لباس
چنڊ چوڏهين جو چڙهيو آ، يا چڙهيو دلدل سوار
سج اُڀريو يا گلابي گهاءُ، آهي گهوٽ جو
ڌرتتي ڌرتيءَ مٿان آهي رڳو رت جي رئي
هنج ٿا موتي چڳن ۽ مڙد ٿا پڙ کي پُڇن
۽ جنگ جو نالو ٻُڌي، ڪانئر پيا ٿڙ ٿڙ ڏڪن
امداد جي چيل ’ڪيڏاري‘ ۾، جنھن ٻئي 18- هن ورهين
جي ڦوهه جوان سورهيه کي سلام آهي ان جو نالو آهي
شهزاده علي اڪبر ابن امام حسين عليـﮧ السلام. يعني
هم صورت رسالت ماب صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم-
اِجهو شھزاده علي اڪبر جي جنگ جو منظر بيان ڪندي
امداد ڪيڏاري ۾ لکيو:
ماري يا کاري، ڌڪ انهيءَ ڌا ڌاڪ جو.
اوهان ٻڌو... امداد جي استعمال ڪيل ان لفظ ”ڌا
ڌاڪ“ ۾ ڇا ته هشمت، هيبت طاقت ۽ هُل هلاچو... يا،
دشمن تي وار ڪرڻ وقت سندن هي به انداز- هڻي/هوڪاري
هڻي، هَڻي هُوڪاري
۽ ائين صرف لفظ ڌا ڌاڪ ئي نه ... امداد جا ڪيڏاري
داستان ۾ استعمال ڪيل، هي ٻيا لفظ ۽ ترڪيبون به
ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان آهن. جيئن ”رڻ رڱيو راول“، ”بر ۾
ببر شينھن...“ ”وهانءُ وهيڻو گهوٽ“،
”پڙ مٿي پاونگ“، ٿيندي ويڙهه وڏاندري، ”وسندا رت
جا مينھن“، ايئن اهل بيت اطھار جا هي جيڪي ٻيا
سترهن آفتاب و مھتاب ميدان ڪربلا ۾ روشن هئا،
امداد انهن جي سورهيائيءَ کي به بيان ڪيو آهي:
بَر ۾ ببر شينهن، اُلرن اُڀرن ائين ٿا
راتين جي پنجوڙ مان، جيئن ٿا نڪرن ڏينھن
وسندا رت جا مينھن، ٿيندي ويڙهه وڏاندري.
۽ هاڻي... ”وقت شام غريبان“، حق و باطل جي
معرڪي ۾، امام حسين عليـﮧ السلام دلدل تي سوار آهن
۽ هٿ ۾ جنگ خيبر وقت علي سائين کي غيب مان عطا ٿيل
تلوار ”ذوالفقار“ ۽ جنھن جي تيزي بابت مير انيس
مدح سرائي ڪندي فرمايو:
ایک بجلی تھی مگر لاکھ جگہ گرتی تھی
یا
تلوار تھی کہ حلق سے پانی گذر گیا
۽ اسان جي امداد... ميدان ڪربلا ۾، حشمت امام حسين
جي بيان ۾ هيءُ به فرمايو آهي:
پڙ مٿي پاونگ، تاري هُئي تلوار جا
سِرَ لُڻي ٿي ايئن جيئن، لُڻي هاري سنگ
ننگي توتي ننگ، آهن مير حُسين جا
اهڙي بيان ۾، امداد جون منفرد ترڪيبون هي به
آهن-”ويري، ڍيري ٿي ويا“... ”کڻي کيڏي ائين، جيئن،
کنوڻين جا کجڪار.“
مير انيس مولا حسين کي، ذوالجناح تان شامِ غريبان
وقت زمين ڪربلا تي ايندي ڏٺو ته چيو:
اُنیس سو ہین زخم تنِ چاک چاک پر
زینب نکل حسین تڑ پتا ہئے خاک پر
گھوڑے سے ڈ گمگا کے جو حضرت نے آہ کی
تھرا گئی ضریح رسالت پناہ کی
اسان جي امداد ڪيڏاري ۾ چيو:
زخم زخم جسم هوس، پوءِ به ويڙهه ٿو وڙهي
علي وليءَ جو گهوٽ پُٽ، اُمٽ اُمِٽ اموٽ پُٽ.
ذوالجناح تان فرش ڪربلا تي ايندي هو لھوءَ ۾ لال
ته آهي، پر جُهڪي هرگز نٿو، آڻ مُور نٿو مڃي ۽
حُسين بيعت نٿو ڪري، يزيد ابن معاويه جي. (۽
دوستو) امداد اسان کي هي به ته ٻڌايو آهي:
جُهڪي به ٿو ته رب اڳيان جُهڪي ٿو هو نماز ۾،
ايئن ئي جيئن آسمان ٿو زمين تي جُهڪي
اِها پري جي پَر اٿس، ته پَر پرڻ نٿو ڇڏي.
سر ڪيڏاري جي صورت، واقعه ڪربلا ۽ ڪربلا وارن سان
يڪجهتيءَ ۾ امداد جي جيڪا به شاعري ڊائرين ۽ رسالن
مان ميسر ٿي آهي، انهن ۾ ٻه عدد نظم، ويھه کن بيت
۽ ڪي ”مفرد شعر“ به آهن، جيڪو پڻ ان ئي رنگ واري
شاعري جو حصو آهن ۽ ائين اهڙي سموري شاعري جو لب
لباب امداد جي هن شعر ۾ ڏسو ٻڌايو اٿس:
ڪلام آهي ته بس ايترو ڪلام آهي
حُسين ابن علي تي سدا سلام آهي.
سانحهءِ ڪربلا ۽ شھادت امام حسين عليـﮧ السلام
بابت امداد حسينيءَ جي چيل ڪيڏاري جي هنن سٽن کي
ته امداد پاران آئون حرف آخر ٿو سمجهان ۽ انهن ئي
سٽن تي هن اڀياس کي ختم ٿو ڪريان.
پڙ مٿي پرزا ٿيڻ، ابن عليءَ کان ڪو سکي
سر ڏئيءَ سر هو ٿيڻ، ابن علي کان ڪو سکي
رڻ ۾ لانئون لهڻ، ابن علي کان ڪو سکي.
هي آکاڻي لکي جيڪو اُهو، سِر ڪري،
پنھنجو قلم، مس بدران رت ۾ ٻوڙي لکي.
حيدرآباد
[2023-8-27]
زرار پيرزادو
ڪراچي
سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز
پاران ڪوٺايل
چوٿون لطيف آرٽ اينڊ
لٽريچر فيسيٽول ۽ ”اک اُلٽي ڌار“ جو ڏنل پيغام
سانئڻ فهيمده حسين، سانئڻ انيس ميمڻ ۽ ڊاڪٽر امجد
سراج جي دانشمنديءَ مان ڦُٽي نڪتل انسٽيٽيوٽ جنهن
جو نالو ”سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز“ رکيو ويو
آهي، تنهن جي انتظام هيٺ سال 2023ع جو چوٿون لطيف
آرٽ اينڊ لٽريچر فيسٽيول جيڪو ٻن ڏينهن تي ٻڌل هو
سو آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ 4 ۽ 5 نومبر تي ٿي
گذريو.
هن چوٿين فيسٽيول ڪرائڻ ۾ سراج انسٽيٽيوٽ آف
پاڪستان ڪراچي، اينڊووميٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ سنڌ ثقافت
کاتو، ان سان گڏ سنڌي ميڊيا، سنڌي ادبين شاعرن،
نوجوانن ۽ عورتن وڏي تعداد ۾ ٻنهي ڏينهنِ تي وڏي
انگ ۾ شرڪت ڪري ادبي ميلي کي واقعي به ميلي جو
سمان بڻائي ڏيکاريو.
سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز طرفان ٿيل هن ادبي
ميلي جي خاص ڳالهه ان جو سلوگن ”اک الٽي ڌار“ هو
جيڪو ڀٽائي صاحب جي عظيم شاعريءَ مان کنيل هو ته :
اکِ اُلِٽِي ڌارِ، ونءُ اُلِٽو عامَ سين،
جِي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَهُه اوڀار،
مَنجهان نُوچ نِهار، پُرُ پُٺيِرو پِريِنءَ ڏي.
(سُر آسا)
هن سڄي ادبي ميلي جي روح ۾، ان جي هر سيشنز جي
موضوعن ۽ انهن سيشنز جا ماڊريٽر توڙي مهمان به اهي
ئي شخصيتون هيون، جن وٽ شعور جي الٽي ۽ ڌار اک رهي
آهي.
زيد پيرزادي هڪ تعليمي سيشن جي ميزبان طور اها
بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي ته اک الٽي ڌار جي جيڏي اڄ
تعليمي کاتي کي گهرج آهي شايد ايڏي ڪڏهن به نه
هئي. مطلب ته ڪجهه عام رواجي سوچ ۽ نظرين کان هٽي
ڪري ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سراج انسٽيٽيوٽ بلڪل ان سوچ مطابق هيءُ ادبي ميلو
ڪرايو ۽ ڪجهه نئون سوچڻ ۽ ڪرڻ جو اتساهه ڏنو.
ڀٽائي، سنڌ جي تعليم، عورت ۽ نوجوان ان ميلي جا
خاص موضوع هئا ۽ انهن موضوعن جي حوالي سان اهو
ويچاريو ويو ته انهن لاءِ ڇا ڪجهه نئون ڪرڻ جي
ضرورت آهي.
ايئن امر پيرزادي، لطيف جو وطن بابت تصور واري
سيشن ۾ ميزبان طور ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، جامي
چانڊيو ۽ نور الهديٰ شاهه کان اهو سمجهڻ ۽ ٻڌرائڻ
پئي چاهيو ته وطن جو تصور ڏيڻ ۽ سنڌين ۾ قومي ٻڌي
پيدا ڪرڻ ۾ ڀٽائيءَ صاحب جو ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪردار
هو جنهن کي نئين سر متعارف ڪرائڻ ۽ نئين نسل
ڏانهن منتقل ڪرڻ جي گهرج آهي.
سراج انسٽيٽيوٽ جي ادبي ميلي جو تحقيقي ۽ اڪيڊمڪ
پاسو انتهائي طاقتور هوندو آهي. خاص ڪري پراجيڪٽر
ذريعي پيش ڪيل مقالا منفرد نوعيت جا هوندا آهن.
انهن ۾ زبيده برواڻي، احسان دانش، رفيق وساڻ جا
مقالا انتهائي اهميت وارا هئا.
”اک الٽي ڌار“ جي نقطه نظر سان ”ڀٽائي اينڊ
پرفارمنگ آرٽ“ وارو سيشن جنهن جي ماڊريٽر بختاور
مظهر هئي سو سيشن به نئون ۽ تازو لڳو جنهن ۾ ڀٽائي
صاحب جي فڪر کي پرفارمنگ آرٽ ذريعي ڪيئن ڦهلايو
ويو آهي تنهن جو جائزو ورتو ويو.
ڀٽائي صاحب کي ڪنهن هڪ رخ تائين محدود ڪرڻ واري
موضوع تي ٿيل هڪ سيشن ۾ پڻ نوان نقطه اُٿاريا ويا.
شاهه لطيف جي سُر گهاتوءَ تي ڀٽائي آرٽس ڪائونسل
ڪراچيءَ پاران سراج ميمڻ جي لکيل ناٽڪ ”گهاتو گهر
نه آيا“ پڻ پيش ڪيو ويو. مشاعري جي نشست ۾ سنڌ جي
ڏاهي اديب تاج جويو جي صدارت ۾ سنڌ جي ناليوارن
شاعرن: بخش مهراڻوي، عطيه دائود، سلطانه وقاصي،
خالده نسرين، رکيل مورائي، شبنم موتي، ثمينه ميمڻ،
حسينه ساند، نجمه پنهور، امر پيرزادو، بختاور
منصور، سنڌوپيرزادو، شاهه محمد پيرزادو، ريحانه
چنڙ، ساڀيا سانگي، مسررو پيرزادو، زيد پيرزادو
پنهنجون نڪور لکڻيون پيش ڪيون. هن مشاعري جون
ماڊريٽر آمنه ابڙو هيون. جنهن پڻ پنهنجي شاعري
ترنم سان پڙهي داد حاصل ڪيو.
ٻن ڏينهن جي پروگرام ۾ ميوزڪ جو پروگرام پڻ رٿيل
هئو، جنهن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ راڳين فهيم علڻ فقير، سيف
سميجي ۽ ميوزڪ بينڊ ۽ ننڍڙي جانب سومري شاهه جي
واين کي ڳائي پنڊال کي جهومائي ڇڏيو.
سو ”اک الٽي ڌار“ جي سوچ ۽ پيغام جنهن کي اياز
لطيف پليجي صاحب هڪ ليڪچر ۾ بهترين نموني بيان
ڪيو، ان تحت ٿيل هن ادبي ميلي جو هر سيشن نئون
ڪجهه ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
هن ادبي ميلي کي عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين جو ميلو
چئجي ته غلط نه ٿيندو ۽ اهو لقاءُ به ”اک الٽي
ڌار“ واري سوچ جو ئي مظهر آهي. هن ميلي ۾ اڄ جي
رول ماڊل ۽ بااختيار عورتن کي به زبردست خراج پيش
ڪيو ويو.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو عشق آهي سراج
الحق ميمڻ جنهن جي تعليم، شعور ۽ اتساهه مان سانئڻ
ڊاڪٽر فهميده حسين، سانئڻ انيس ميمڻ، ڊاڪٽر امجد
سراج ۽ سنڌ جي هڪ وڏي باشعور ادبي، سياسي، سماجي،
لطيفي ۽ صحافتي حلقي اتساهه ورتو ۽ هي ادبي ميلا
ڪرايا، جيڪي سنڌين لاءِ ”اک الٽي ڌار“ واري شعور
جي علامت بڻيا آهن.
ڊاڪٽر حسين مسرت
حيدرآباد
سنڌي ادب جي روشن ستاري
ولي رام ولڀ جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪو
خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي ھفتيوار ادبي ويھڪ ۾
سنڌ جي ڏاهي اديب وليرام ولڀ جي ياد ۾ تعزيتي
ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو.
پروگرام جي ڪاروائي ھلائيندي محترمه امر سنڌوءَ
چيو ته خانه بدوش رائيٽرس جي گھڻي وقت کان خواھش
ھئي ته وليرام ولڀ سان پروگرام ڪيو وڃي، جنھن جو
ساڻس اظھار به ڪيو ويو، پر بدقسمتي سان اھو وقت
نه اچي سگھيو ۽ ھاڻي سندن تعزيتي ميڙاڪو ڪري رھيا
آھيون.
وليرام ولڀ سنڌي ادب جو روشن ستارو آھي جنھن بين
الاقوامي ادب کي ترجمن ذريعي سنڌي ادب ۾ روشناس
ڪرايو. سندس ترجمن نئين پڙھندڙن جي نسل جي دل ۾
سنڌي ادب پڙھڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو ھو. ان موقعي
تي وليرام جي پُٽ ڊاڪٽر ڪمليشور تعزيتي ميڙاڪي ۾
سندس حوالي سان يادگيريون ونڊيندي چيو ته پاڻ
پنھنجي آخري ڏينھن تائين لکڻ پڙھڻ جي ڪم سان
وابسته رھيو ۽ پنھنجي سوانح عمري لکائڻ به شروع
ڪيائين. سندس چوڻ ھو ته ھن پنھنجي گھر ۾ والد جي
ڪري اديبن جي اَچ وڃ ڏٺي. سندس والد جو سندس تربيت
۾ وڏو ھٿ رھيو، جنھن جي ڪري سڀ ٻار علم دوست ۽
اديب آھن.
نوجوان تولارام سوٽهڙ چيو ته، سائين وليرام ولڀ
اسان جي ٿر سان تعلق رکندڙ قلم قبيلي جو تمام وڏو
نالو هو. سندس ٻاروتڻ ٿر ۾ گذريو. هُو مٺيءَ کان
چيلهار جا پنڌ، ٻنين تان ڀيرا ۽ شهر جون ڪيتريون
حسين يادون آخر تائين ڪچهرين ۾ سليندو رهندو هو.
سندس خمير ۾ مٺيءَ جي سِراڻ جي کوهن جو پاڻي هو ۽
ان جو ميٺاڄ آخر تائين سندس طبيعت ۾ پيو بَکندو
هو. هُو ادب جي ڪلاسيڪي روايتن ۽ جديد لاڙن سان گڏ
تحقيق، ترجمي، ترتيب ۽ ايڊيٽنگ جي سمورن مرحلن تي
عبور رکندو هو. هو دنيا جي جديد فِڪشن سان سنڌي
ٻوليءَ کي مالامال ڪري ويو آهي.
سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويو چيو ته
وليرام جو ساڻس رشتو گھر ڀاتيءَ جيان رھيو، پاڻ
ادبي توڙي گھريلو معاملن ۾ ساڻس مشورو به ڪندو ھو.
ھن وليرام ولڀ جي تخليقي توڙي ترجمي نگاريءَ جي ڪم
جي حوالي سان چيو ته سنڌي ادب تي مرزا قليچ بيگ
کانپوءِ سندس وڏا ٿورا آھن، جو سندس ترجما پڙھندڙ
کي ادبي تحرڪ ڏيئي ادب لاءِ اُتساھيندڙ رھيا. ھن
سندسن چويهه کان مٿي ڪتابن جا نالا وٺندي چيو ته
سندس پورھيو سنڌي ادب لاءِ وڏو خزانو آھي.
سينئر اديب ۽ شاعر نياز پنھور جو چوڻ ھو ته اديبن
کي وفات کان پوءِ ياد ڪرڻ کان بھتر آھي ته کيڻ
زندگي ۾ ياد ڪيو وڃي. ھن ڪاوش اخبار ۾ سندس
ڪيترائي انٽرويو ڇپيا، جنھن ۾ وليرام ولڀ پنھنجي
ادبي زندگي توڙي سنڌالاجي ۽ ٻين ھنڌن تي ڪم ڪرڻ
دوران تڪليفن جو ذڪر پڻ ڪيو، سندس اھو ڏک رھيو ته
سندس ڪتاب ٻين نالن سان ڇپايا ويا، جن وري اُھي
ڪتاب پنھنجي نالي سان کين تحفي ۾ ڏنا.
نصير مرزا جو چوڻ ھو ته سندس شمس چيمبر واري آفيس
نوجوان اديبن جي لاءِ ڪشش رکندڙ ھئي، سندس چوڻ ھو
ته کيس ۽ طارق کي وليرام ولڀ فلمون ڏسڻ جي عادت
وڌي. ھن سندس گھر ۾ قائم اسڪول جي حوالي سان پڻ
چيو ته اھو سندس علم سان چاهه جو ھڪ نمونو آھي ھن
اھا خواھش ڏيکاري ته اتي وليرام جي سماڌي ٺاھي وڃي.
پروگرام ۾ ناميارن اديبن شرڪت ڪئي، جنھن ۾: اڪبر
سومرو، ڊاڪٽر چندي رام، فرحين مغل، رخسانه پريت،
ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر حسين مسرت، اشتياق
انصاري، ڊاڪٽر بختاور، نجمه پنھور، شبنم گل، دادا
قيمت رائي، ديدي گوداوري ۽ علم سان چاهه رکندڙ
معززين شرڪت ڪئي.
|