قاضي غلام علي
ٺٽو
مير غلام علي
”مائل“ ٺٽوي
ٺٽي جي زمين نه فقط صوفين، بزرگن ۽ علمائن جي
سرزمين هئي ، پر هتي شاعرن جو پڻ وڏو انگ موجود
هو.
ٺٽي جو درخشان تابناڪ ماضي اسان کي ٻڌائي ٿو ته
ٺٽي جي اندر سوين شاعر حضرات پنهنجو شعر و سخن
ماڻهن کي ٻڌائي مجلسن ۽ ميڙاڪن کي محظوظ پيا ڪندا
هئا. انهن جي متانت ۽ انهن جو انمول شعر دنيا جي
ڪئين ملڪن ۾ مشهور هو. عربن جي دؤر کان وٺي سومرن
جي دؤر تائين ۽ سومرن جي زماني کان وٺي سمن جي دؤر
تائين ۽ سمن جي دؤر حڪومت کان ارغون ۽ ترخانن مغلن
۽ ڪلهوڙن جي دؤر تائين ٺٽي جي شاعرن جو وڏو چرچو
نظر اچي ٿو. ٺٽي شهر ۾ قاضي ابراهيم مؤلف شرح
مخزان الاسرار ملا ابوبڪر ٺٽوي، ابو الوالفتح ڪابل
خان ٺٽوي، ملا باقر ٺٽوي، مخدوم محمد معين ٺٽوي،
جلال الدين تعظيم ٺٽوي، محمد حامد حامد ٺٽوي، مير
علي شير قانع ٺٽوي، محمد حسن صباغ ٺٽوي، مير عظيم
الدين ٺٽوي، مير غلام علي مائل ٺٽوي، اسد الله
روشن ٺٽوي، محمد شجاع ٺٽوي، ضيائي ٺٽوي، معصوم مير
ٺٽوي، محمد افضل نزهت ٺٽوي، مير شاهه ولي الله شڪر
الاهي ٺٽوي جهڙا زماني جا يڪتا شاعر رهندا هئا. جن
مان هڪ شاعر مير غلام علي مائل هو. مير غلام علي
مائل 1181هجري ۾ تولد ٿيو. مير غلام علي مائل
ٽالپري دؤر جو تمام وڏو شاعر هو. شاعري جي سڀني
اضافن جو اُستاد هو سندس اصل نالو مير سيد غلام
علي مائل بن مير علي شير قانع ٺٽوي آهي. سندن ادبي
تخلص مائل هو. مير مائل سنڌ جي مير حڪمران مير فتح
علي خان ٽالپر 1217 هجري ۾ شاعرن جي درٻاري سلسلي
۾ شاعر شامل رهيو. پاڻ مير ڪرم علي ٽالپر جي
درٻار جو سال 1227 هجري کان 1244 هجري تائين
درٻاري شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪافي بياض لکيل
آهي جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ۽ قائد اعظم انٽرنيشل
يونيورسٽي لئبريري ۾ موجود آهن. سندن هڪ بياض شعري
مجموعن جو فارسي سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل
آهي. مير صاحب جي ٻين تصنيفاتن ۾ ديوان مائل اردو،
ديوان مائل فارسي، جنهن ۾ قصيدا ۽ منقبتون بيان
ڪيل آهن. ساقي نامه، رباعيون به آهن قطحات، تاريخ
۽ منقبتون موجود آهن. مير غلام علي مائل جو چوٿون
ڪتاب مجمع البلغاء آهي. هي تذڪرو فارسي گو شاعرن
جي سلسلي ۾ آهي هن تذڪري جو ذڪر مخدوم محمد
ابراهيم خليل نقشبندي رحمة الله عليه جن پنهنجي
جڳ مشهور فارسي ڪتاب تکملـﺔ مقالات شعراء ۾ بيان
ڪيو آهي. سيد حسام الدين راشدي مير قائل جي سوانح
حيات بابت لکي ٿو ته مون کي مسٽر ايلس هن بابت
جنهن ”تاريخ هنڌ“ جا 8 جلد لکيا هئا اهي مون
برطانيه ۾ ڏٺا آهن. انهن مان اهو ثابت ٿيو ته سندن
ڪتاب مجمع البلغاء 639 ورقن تي مبني آهي. سائين
حسام الدين شاهه راشدي صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته مون
سنڌي ادبي بورڊ ۾ رکيل چند بياض محفوظ ڏٺا انهن کي
منتخب شعرن ۾ جمع ڪري هتي ڏنا اٿم. تکملـﺔ مقالات
الشعراء مقالات الشعراء ۽ مڪلي نامه ۾ اهڙو تذڪرو
موجود آهي ته ٺٽي جو مشهور تاريخدان ۽ شاعر محمد
عظيم الدين ٺٽوي سندس سؤٽ مير غلام علي مائل جيڪو
اڃا ننڍي عمر جو هو پاڻ ٻئي مڪلي ٽڪريءَ تي مرزا
عيسى خان ترخان متوفي 1062 هجري جي رانڪ ۾ شعر و
سخن جو بزم ڄمائي ويٺا هئا ۽ ان رانڪ جي ٻاهرئين
دروازي تي هڪ طرف مير عظيم الدين ويٺو هو. ٻئي طرف
مير مائل مڪلي جي سبززار زمين تي ماڻهن جي آمد ٿي
رهي هئي اوچتو هڪ حسين جميل ڇوڪرو اچي لنگهيو ته
ان جي نڪ جي هيٺان تر موجود هو. مير عظيم الدين
في البديع جي هڪ مصرع چئي.
زيس حيرت بلال از منبر افتاد
ترجمو: بس حيرت آهي جو بلال منبر کان هيٺ لٿو آهي
يعني ان ڇوڪري جو تر جيڪو نڪ هيٺان هو مير غلام
علي مائل کي جواب ڏيڻو هو مگر هن ڪجهه دير لڳائي
ڇڏي ته مير عظيم الدين هن مصرع کي بار بار
ورجائيندو رهيو ته جيئن مير مائل ڪا ٻي مصرع چوي.
ان وچ ۾ مير مائل پنهنجو شعر پورو ڪندي پنهنجي
مصرع هن طرح بيان ڪئي.
چوديده آن فال زير بينيءَ بار
ز بس بلال از مٿير افتاد
ان وقت مير عظيم خوشي سان اُٿي ڪري پيار ۽ محبت
سان صغير سن مير مائل کي ڀاڪرن ۾ ورتو ۽ کين آفرين
ڏني ٻي ڏينهن مير عظيم الدين شڪريي خاطر طعام
پچايو ۽ چيائين ته الحمدلله هن وقت به اسان جو
خاندان زنده آهي. مير مائل شروع کان ئي شعر و سخن
جو ڄاڻو رهيو. هن خاندان ۾ ٻيا به ڪجهه شاگرد
گذريا آهن. مير غلام علي مائل 1251 هجري ۾ وفات
ڪئي.
مددي ڪتاب.
1.
”تحفة الڪرام“ (سنڌي)، مير علي شير قانع) مخدوم
امير احمد ترجمو: مطبوعه ادبي
2.
”تحفة الڪرام“ (اردو ترجمو) اختر رضوي مطبوعه ادبي
بورڊ ايڊٽ حسام الدين راشدي
3.
”مڪلي نامون“ (سنڌي ترجمو) مير علي شير قانع
4.
”مڪلي نامون اردو“ مير علي شير قانع ايڊٽ حسام
الدين راشدي
5.
”تکملـﺔ مقالات الشعراء“ (فارسي) مخدوم ابراهيم
خليل ايڊٽ حسام الدين راشدي مطبوعه ادبي بورڊ
6.
”مقالات الشعراء“ (فارسي) مير علي شير قانع ايڊٽ
حسام الدين راشدي مطبوعه ادبي بورڊ
7.
”تذڪره مشاهير سنڌ“ (اردو) مولانا دين محمد وفائي
مطبوعه ادبي بورڊ
8.
”مير علي شير قانع ٺٽوي“، سنڌي ڊاڪٽر عبدالرسول
قادري مطبوعه ادبي بورڊ
”ڪُليات مائل“ (فارسي) مير غلام علي مائل مطبوعه
ادبي بورڊ.
مولائي ملاح
محرابپو
اساسي شاعريءَ جي سگهاري صنف: اوسارو
روءِ زمين تي برپا ٿيل، عرش فرش جي مخلوق ۽ پکين،
جانورن جي دلين کي ڌوڏيندڙ واقعي ڪربلا؛ جنهن کي
زندهه رکڻ ۽ ان ظلم تي احتجاج جو مضبوط ذريعو
عزاداري امام مظلوم آهي، جنهن جي عملي اظهار جو
ذريعو مجلس عزا ۽ ماتمي جلوس آهي. مجلس عزا جا
اَجزا خطابت، ذاڪري، مرثيو، سلام ۽ اوسارو آهن.
ماتمي جلوس ۾ زاري ۽ نوحو ان جو حصو آهن. هيءُ
صنفون رَثائي ادب جي شاعريءَ جون سگھاريون صنفون
پئي رهيون آهن، جنهن ۾ نبوي گھراڻي جي ڏکن ۽
ارمانن کي ياد ڪري روئڻ وارن لمحن کي شاعراڻي
انداز ۾ رقم ڪيو ويندو آهي.
مرثيو
مرثيو، رَثائي ادب جي عَروضي صنف آهي. ابتدا ۾
هيءُ مربع (چوسٽي) جي صورت ۾ لکيو ويو. پوءِ مُسدس
(ڇهه سٽي) جي روپ ۾ مقبول ٿيو. مرثيي لاءِ لازمي
آهي ته، هيءُ گھٽ ۾ گھٽ ٽن جزن ۽ وڌ ۾ وڌ نَون تي
ٻڌل هجڻ گھرجي.
مُهاڙي 1 مرثيي جو منڍ- هن جز ۾ اهڙا
مضمون بيان ڪيا ويندا آهن جن جو مرثيي جي مُک
ڪردار سان سڌو واسطو نه هوندو آهي. جيئن پنهنجي
شاعريءَ جي تعريف حمد، نعت، منقبت، صبح جو منظر،
دنيا جي بي ثباتي، پيءُ پٽ جا ناتا وغيره.
ماجرو: هن ۾ مُک ڪردار متعلق چند ڳالهيون لکيون
وينديون آهن. مثال طور حضرت حُر ع جو مرثيو آهي
ته، سندس پشيماني ۽ عمر بن سعد سان مڪالمو، حضرت
مسلم بن عقيل ع جو مرثيو آهي ته ڪوفي ۾ سندن آڌر
ڀاءُ، حضرت هانيؑ وٽ ترسڻ وغيره
موڪلاڻي: مُک ڪردار جو جنگ جي ميدان ڏانهن وڃڻ
لاءِ اجازت وٺڻ ۽ پنهنجي مٽن مائٽن کان موڪلائڻ .
آمد: مک ڪردار جو جنگ جي ميدان ۾ اچڻ.
قد ڪاٺ: مک ڪردار جا مُهانڊا، سندس دليري ۽ ڳڻن
جو بيان.
رَجز: جنگ جي ميدان ۾ مک ڪردارن جو دشمن جي فوج
آڏو فخر سان پنهنجي حسب نسب جو ذڪر ڪرڻ ۽ ڪارنامن
ٻڌائڻ ۽ پنهنجي بهادري ۽ برتري جو اظهار .
ڪيڏارو: مک ڪردار جي جنگ جو منظر، ان جي هٿيارن
جو ڪتب آڻڻ، گھوڙي ۽ تلوار جي تعريف وغيره
شهادت: مک ڪردار جو ڦٽجي پوڻ ۽ شهادت.
ويڻ: مک ڪردار جي شهادت تي روڄ راڙو، پوءِ
اختتامي طور چند بند دعا جا لکيا ويندا آهن.
سنڌ ۾ سنڌي عَروضي مرثيي جو باني سيد ثابت علي
شاهه سيوهاڻي آهي. جنهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي
دور ۾ سال 1186هه ۾ مربع جي صورت ۾ هيٺيون سنڌي
مرثيو: ”اي خدا جا لاڏلا سردار سرور ياحسينؑ “
لکيو. سيد صاحب جي پوئواريءَ ۾ پوءِ سيد عظيم
الدين ٺٽوي ۽ سيوهاڻي سيد جي شاگرد ميرزا مراد علي
بيگ ’سائل‘ به سنڌي مرثيا چيا. هن وقت تائين جي
تحقيق مطابق ڏيڍ سئو (150) جي لڳ ڀڳ سنڌي شاعر
مليا آهن جن سنڌيءَ ۾ مرثيا چيا آهن.
سلام
سلام، جو گھاڙيٽو غزل وارو ٿئي ٿو. جنهن ۾ سلام
پيش ڪندڙ پنهنجي مخاطب شخصيت جا مختلف پهلو بيان
ڪندو آهي، جن ۾ سندس مانَ مرتبي سان گڏو گڏ مصيبت
۽ مظلوميت پڻ شامل ڪندو آهي.
اوسارو
اوسارو، اساسي شاعريءَ جي سگھاري صنف آهي. ڪنهن جي
ڏکن کي ياد ڪري درديلا پارَ ڪڍي روئڻ واري عمل کي
اوسارو چيو ويندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيؓ جن
به اوساري لفظ کي سُر سورٺ جي وائي ۽ بيت ۾ هيئن
ڪتب آندو آهي: ”وائي: ’سورَٺِ سَرَتِنِ وچَ ۾، وو!
اُڀِي اوساري.‘ بيت: ’سهسين سورَٺِ جهِڙيون،
اُڀِيُون اوسارِينِ.‘ معنى: روڄ ڪن، پار ڪڍي
روئن.“ سنڌي ٻوليءَ جي خاموش خدمتگار عبدالله جيسر
جي راءِ موجب: ”اوسارو، اهڙو ٻاجھارو روئڻ جيڪو
پرچائڻ سان به نه پرچي، ڪافي دير تائين هلي ۽ ٻين
کي به روئاري وجھي.“ اوساري بابت ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب: ’رسمون رواج ۽
سوَڻ ساٺ‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: ”قضيي جي پٿر تي زالون
”پار“ ڪڍي روئن ۽ ”اوسارا“ ڏين ۽ ان سان گڏ ڏک
وارا ٻول چون. جن کي ”پار“ يا ”اوسارا“ چون.“
پروفيسر شيخ محمد فاضل پنهنجي ڪتاب: ’ماٿيلي-
اوٻاوڙي جي ٻولي‘ ۾ هڪ هنڌ اوساري بابت لکي ٿو:
”اسارِي (اوسارو)
=
پِٽڪو، ماتم ۽ فوتيءَ جون وَصفون بيان ڪرڻ.“
اوساري لفظ جي بنياد بابت لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر
الطاف حسين جوکيي جي راءِ موجب: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ
’اوسارو‘، مرثيي جي مراد جو نعم البدل آهي. لفظ
’اوسارو‘ جو بنياد مصدر
’سارڻ‘ مان ئي لڳي ٿو. جيڪڏهن ان لفظ کي کولجي
ته هيٺين ريت بيھي ٿو:
اوسارو: اسم (اُ/ اُد/ اُت
<
او = مٿي + سارڻ = ياد ڪرڻ) ڪنھن کي گهڻو سارڻ-
ڪنھن جي ياد ۾ روئڻ پٽڻ- ڪنھن کي ساري روڄ راڙو
ڪرڻ.
اوساري ۽ پارَ لفظ جي بنياد بابت ولي محمد طاهر
زادو، لوڪ ادب تي سهيڙيل پنهنجي ڪتاب: ’سنڌ جو لوڪ
ثقافتي ورثو‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو: ”اوسارا ۽
پارا: اوسارا، اصل لفظ ”انوسريا“ جيڪو گھڻي
استعمال کان اوسارا ٿيو آهي، امامن جا اوسارا دهل
جي وڄت جنهن کي ڊڍ يا ڍنڍ چون تنهن تي چون، ڪي وري
وڏن ماڻهن اميرن، نوابن ۽ پيرن جي موت تي چون، پر
هاڻ وڏن ماڻهن تي ڪونه اوسارين، فقط امامن کي
اوساريو ويندو آهي. جنهن کي ”پِڙَ“ به ڪوٺين.
پار، اصلي لفظ ”پاروڻا“، جيڪي وعدا، ٻول، انجام،
سخن ۽ وچن ڪجن. گھڻي استعمال کان فقط پار لفظ رهيو
آهي، اهي پاروڻا روز الست جا آهن. جو روحن کان رب
سائين پڇيو هو ته الست بربڪم چيائون ڀلا. آءُ
توهان جو پالڻهار ناهيان؟ چيائون هائو. پار ان
وعدي پوري ڪرڻ جي يادگيري ٿا ڏيارين. زالون سڀڪنهن
ماڻهوءَ جي موت تي پار ڪڍن. اُهي اهڙيءَ ته جھيل.
آلاپ ۽ جذبي ۽ جولان سان چون، جو پتو ئي پگھرجيو
وڃي! سخت دل ماڻهو به هيڪر ڪونئرو ٿيو پوي.
پارُ، ڪنهن عِلم عَروض يا موسيقيءَ جي قدرن مان
ناهي. پار اندر جو اُڌمو آهي، ڏک درد وارين زالن
جي هانءَ جي باهه آهي، جا ڀڙڪو ڪريو ٿي اُڀري ۽ ان
جي گھٽجڻ تي ڏک هلڪو ٿيو وڃي! هن جا مختصر جملا پر
بيان حقيقت کي نروار ڪن ٿا. اوساري جي معنى بابت
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي ڪتاب: ’لُغات
سنڌي مُخففات‘ جي صفحي 90 تي لکي ٿو: ”اوسارين،
اوسارن، ماتم ڪن. هو اوسارين. اوساريوم، اوساريم،
حسينؑ جي غم ۾ مون اوساريو. اوسار جئين، اوسارجان،
اوسارج، تون به حسينؑ جي غم ۾ اوسارجان.“ اوساري
بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب: ’جامع
سنڌي لُغات‘ ۾ لکي ٿو: ”اوسارڻ- پِٽڻ. (اُساريو-
اُساريل- اُساريندو)، اُسارو ج اُسارا: ذ.
ڀت جي تعمير. پِٽڪو- اوسارو.“ ڪتاب: ’تاريخ هند
ڳڙهي‘ ۾ واجد بخاري سنسڪرت جي حوالي سان لکي ٿو
ته: ”سنسڪرتي ٻوليءَ ۾ اوسارا يعني ڳوڙها ڳاڙڻ،
مرثيي جو ٻيو روپ آهي.“ اوساري جي لکت ۽ چَوتِ جو
هڪ مخصوص انداز آهي جنهن ۾ ڏک درد جو اظهار ٿيل
هوندو آهي.
اوساري جي قدامت
اوسارو، جُڳن کان ضائفن جي برپا ڪيل عزاداريءَ ۾
غمِ حسينؑ جي اظهار جو مخصوص ذريعو پئي رهيو آهي.
جيڪو رَثائي ادب جي ڪلاسيڪي شاعري جي نج سنڌي صنف
آهي. جنهن جي ابتدا بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگھجي، ته
ڪڏهن ڪنهن سرجيا ۽ چيا. پر هڪ اندازو آهي ته، جڏهن
کان عراق جي صحرا مان سنڌ جي ڌرتيءَ تي قتلِ حسينؑ
جو پيغام پهتو، تڏهن کان عورتن جي عزاداريءَ ۾ ان
جي شروعات ٿي هوندي. ڇو ته واقعي ڪربلا تاريخ
انسانيت جو اهڙو هانوَ ڏاريندڙ واقعو آهي، جنهن جي
درد جي سيڪ کان ڪابه درد وند دل رهي نه ٿي سگھي.
مطلب ته جڏهن کان سٻاجھي سنڌ ۾ غمِ حسينؑ جي سوڳ
جي ابتدا ٿي، تڏهن کان مردن جيان مستورات به ان
سوڳ ۾ حصو ورتو. گھرن ۾ غمِ حسينؑ جا تڏا وڇائي
ڪربلا جي شهيدن کي اوساريو.
جيڪو سلسلو آڳاٽي دورکان اڄ تائين سنڌ جي لاڙ،
وچولي ۽ اتر جي علائقن حيدرآباد، تاج پور، ٽنڊو
آغا، ٽنڊو جهانيان، هالا، ڳوٺ لال خان لاشاري-
ٽنڊو آدم، ڀٽ شاهه، سيوهڻ، جھانگارا، نوشهرو
فيروز، محرابپور، ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي، ٽنڊو مير
علي اڪبر، ٽنڊو مير علي مردان، رضا آباد، راڻيپور،
گنبٽ، سوڀوديرو، جاگير علي اڪبر- ڪنب، ڪوٽ ڏيجي،
ڪوٽ بنگلو، ڪنڌرا، داڙا واهڻ، روشن آباد،
خيرپورميرس، سکر، روهڙي، دونهون، ٻٻرلوءِ، کاهي،
چڪ، هوٿي، ڀرڪڻ، ناپَرِ، قاسم ڳوٺ، شڪارپور ۽ سنڌ
جي ٻين علائقن ۾ قائم آهي. فقير مقبول حسين گاڏهي
ٻڌايو: ڪاڇي ۾ به اوسارا چياويندا هئا. جنهن جي
جاءِ اڄ نوحي ولاري آهي.
هن رچنا جي شاعره گمنام عزادار عورت آهي. اوساري ۾
اثرائتن لفظن ۾ اندر جي اڌمن ۽ احساسن جي ترجماني
ٿيل هوندي آهي. مرد جي ڀيٽ ۾ عورت وڌيڪ نرم دل
هوندي آهي. اوساري ۾ شاديءَ جي ساٺن سوَڻن، ويس
وڳن ۽ ميندي، موڙن، سيجن ۽ گھوٽ ڪنوار جي ارمانن
جو درد ڀريو احوال سادن لفظن ۾ سرجيل هوندو آهي.
شاديءَ جي مُند ۾ پُٽَ جي موت تي پارَ ڪڍي روئڻ-
اوسارو چوڻ کي آدم ذات جي ابتدائي شاعري چئي سگھجي
ٿو. دنيا ۾ اوساري جي شروعات دنيا جي پهرين ڏکايل،
دردوند دل عورت کان ٿي هوندي. جنهن جي درد ۾ واقعي
ڪربلا کانپوءِ دلين کي ڌوڏيندڙ، قيامت خيز مصائب
جو رنگ سمايو. اهو درد روءِ زمين تي مختلف صورتن ۾
مرثيي، سلام، زاري ته ڪڏهن اوساري ۾ عام ٿيو.
اوساري جي جنم ۽ قدامت جو هڪ اندازو ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي هنن لفظن مان به لڳائي سگھجي ٿو:
”غالبا آدمزاد انسان سڀ کان اول شاعري ڪنهن وڏي
خوشي يا غم جي موقعي تي ڪئي هوندي: مثلا جڏهن پٽ
ڄمڻ يا پرڻائڻ جي موقعي تي باغ بهار ٿيو هوندو يا
ڪنهن پياري عزيز يا ساٿي جي مرڻي تي رُنو هوندو، ۽
انهن موقعن کان متاثر ٿي، پنهنجا جذبات اثرائتن
لفظن ۾ ٻين جي آڏو ظاهر ڪيا هوندائين. مرد جي ڀيٽ
۾ عورت زياده حساس آهي، ۽ ماءُ جي اولاد لاءِ محبت
پڻ ازلي آهي، انهيءَ لحاظ سان غالباً پٽ جي شادي
يا ڪاميابيءَ تي ماءُ جو ”ڳيچ“، ۽ موت ويلي ماءُ
جو ”پار“ يا ”اوسارو“ انسان ذات جي ابتدائي
شاعريءَ جا ڪُهنا يادگار آهن.“
اوساري جو انساني سماجي زندگيءَ تي اثر
جيئن مرثيو عرب ۾ جنگجوئن ۽ بهادرن جي مرتئي تي
چيو ويندو هو، ائين ئي اوسارو به اميرن ڪبيرن، عام
ماڻهو توڙي لاڏائو قبيلن ۾ مرتئي تي پڙهيو ويندو
هيو. اوسارو خانه بدوش قبيلن جي ريتن ۽ رسمن ۾
رائج هو. اهڙا اوسارا چوندڙن کي رودالي چيو ويندو
هو، جيڪي مختلف علائقن ۾ مختلف ذاتين مان هيون
جنهن جي شاهدي خالد ڪنڀار پنهنجي ڪتاب: ”خانه بدوش
قبيلا“ جي صفحه 102تي هيئن ڏئي ٿو: ”انهن ٻلهاڻي
رودالين جون اڃان ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. ٿر ۾،
ٺڪرن ۾، اهي روداليون وري ڍاڍي مڱڻهارن مان
هونديون آهن. ميرپورخاص جي پيرن ۽ ميرن ۾ شيدي
روداليون هونديون آهن. ٿر ۾ اڄ به ڪير مري ويندو
آهي ته روجه چيو ويندو آهي، جيڪو اوساري جو ئي
هڪڙو قسم آهي.“
ائين ئي رياست خيرپور جي ميرن جي تاريخ لکندڙ عطا
محمد حامي پنهنجي ڪتاب: ”خيرپور جي ميرن جو ادب،
سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“ جي صفحه 203 ۾ ميرن جي مرتئي
تي اوسارا چوڻ جي شاهدي ڏيندي لکي ٿو: ”جڏهن ميرن
مان ڪوبه ماڻهو وفات ڪندو آهي ته، قضيي جي خبر ٻڌڻ
شرط ٻلهاڻي، ميراسي ۽ مڱڻهار قوم جون عورتون مٿو
پٽينديون ڏيڍيءَ تي پهچي وينديون آهن ۽ ميرن جي
عورتن سان گڏ بيهي پار ڪڍنديون آهن ۽ سينه زني
ڪنديون آهن ۽ اوسارا چونديون آهن. هڪڙي عورت
اوسارو چوندي ويندي آهي ۽ ٻيون هن کي ورندي
ڏينديون زار زار رئنديون آهن.“ اوسارو، اميرن ۽
عام ماڻهن جي مرتئي تي هڪ ئي موضوع تي چيو ويندو
هو. پر سادات جي مرتئي تي غم حسينؑ جو درد ڀريو
اوسارو چيو ويندو هو. جنهن جي هڪ شاهدي روهڙي ۽
سکر جي سادات گھراڻن مان ملي ٿي، جتي اڄ به روهڙي
۽ سکر جي رضوي ۽ موسوي سادات گھراڻن ۾ مستورات جي
مرتئي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سرجيل اوسارا
چيا ويندا آهن.
مطلب ته، مرثيي جيان اوسارو به انساني زندگيءَ ۾
ريتن ۽ رسمن جو حصو رهيو جيڪو ڪنهن مڙد، عورت ۽
جوان جي ميت تي چيو ويندو هو. جنهن جا ٻول الڳ
هئا. اساسي شاعري، لوڪ ادب جي هن صنف ۾ هانوَ
ڏاريندڙ گھري مصائب وارو دک درد، مرثيي جيان واقعي
ڪربلا کان پوءِ پيدا ٿيو. جنهن بعد هي لوڪ ادب جي
صنف واقعي ڪربلا جي امر ڪردارن جو درد بيان ڪرڻ
سان رثائي ادب جو حصو بڻجي وئي. هيءَ صنف تاريخ جي
اهڙن امر ڪردارن بنا تشنه لڳي رهي هئي.
اوساري جو سِٽاءُ
اوساري جو سِٽاءُ عام فهم ۽ سادي ٻولي- سادن لفظن
۾ آهي. اوساري جي شروعات ٿلهه سان ٿئي، ان کانپوءِ
مصراعون شروع ٿين. هن ۾ ثاني مصرعو ناهي ٿيندو.
مصرعو هڪ ۽ ڏيڍ سٽ جو ٿئي. هڪ سٽ واري مصرعي کي
وري ٿلهه جي وراڻي ڏني ويندي آهي، جيئن هي هڪ ڏيڍ
صدي پراڻو اوسارو آهي:
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
(1)
خطڙو مون لکيو، نير اکين مان وهائي،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
(2)
ميندي مان ڀڄائي، نير اکين مان وهائي،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
(3)
ڳانا مان ٺاهيا، نير اکين مان وهائي،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
(4)
سيج مان وڇائي، نير اکين مان وهائي،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
(5)
کُهنبا تنهنجا ٺاهيا، نير اکين مان وهائي،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
(6)
پلَوَ مان ٻڌان هان، نير اکين مان وهائي،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
(7)
موڙ ٺاهيا هئم، نير اکين مان وهائي،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين،
(8)
ويس مان ٺاهيا، نير اکين مان وهائي،
واعدو ڪري اڪبرؑ وٺڻ ڇو نه آئين.
اوساري جي لکت جو هڪ نمونو هي به آهي، جنهن جي
ٿلهه کانپوءِ آخري مصرعي تائين، ٿلهه واري ساڳئي
سٽ هلندي اچي. مصرعي جو صرف پهريون لفظ تبديل
ٿيندو رهندو. اوساري جو مضمون ساڳيو هوندو ۽
قافيو، رديف هوندو. چَوتِ ۾ به تسلسل هوندو. آڳاٽي
دور ۾ اوسارا ڳيچن _ سَهرن جي ڌُنَ تي لکيا ويندا
هيا جيڪي ننڍي بحر ۾ هئڻ ڪري آسانيءَ سان چئي
سگھبا هئا. جيئن ننڍي بَحر ۾ هيءُ اوسارو آهي.
ويهان محمل تي ڪيئن روئي ٿي ڀيڻ صغرا سلام الله
عليها،
(1)
بابي حسينؑ سواءِ جيئندي ڪيئن صغرا سلام الله
عليها،
(2)
چاچي عباسؑ سواءِ جيئندي ڪيئن صغرا سلام الله
عليها،
(3)
وير اڪبرؑ سواءِ جيئندي ڪيئن صغرا سلام الله
عليها،
(4)
وير اصغرؑ سواءِ جيئندي ڪيئن صغرا سلام الله
عليها،
(5)
ڀيڻ سڪينه سواءِ جيئندي ڪيئن صغرا سلام
الله عليها.
قافيي ۽ رديف سان لکيل هيءُ اوسارو آهي.
اڪــــــــــبــــــرؑ جـــــــــي وڇوڙي آ
مــــــــــــاري صـغــــرا سلام الله عليها،
(1)
بـابـي حـسيـنؑ جـي آ پـياري صـغرا، ڏکـن واري
صـغـرا سلام الله عليها،
(2)
چاچي عباسؑ جي آ پياري صغرا، وڇوڙي ماري صغرا
سلام الله عليها،
(3)
سئوٽ قاسمؑ جي آ پياري صغرا، جدائيءَ ماري صغرا
سلام الله عليها،
(4)
ويــــــــر عـابدؑ جـي آ پـياري صـغرا، قـسمــت
مـاري صـغرا سلام الله عليها،
(5)
ويـر اڪــبرؑ جـــــي آ پــياري صغـرا، غــمـن
واري صغــرا سلام الله عليها،
(6)
ويـــر اصغــرؑ جـــي آ پــياري صـغـرا،
ولــــــر واري صغــرا سلام الله عليها.
اوساري جي چَوتِ جو انداز
سنڌ ۾ عزاداري روايتي ۽ ثقافتي انداز ۾ ملهائي
ويندي آهي. نيري آسمان تي محرم الحرام جو چنڊ بيهڻ
کانپوءِ ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ ضائفائون گھرن ۽
امام بارگاهن ۾ وڇايل سانئڻ جي تڏي تي گول دائري ۾
ويهي اوسر ڪنديون آهن. اوسارو چوڻ واري مومنا وچ
دائري ۾ ويهي اوسارو شروع ڪندي آهي، ته دائري ۾
ويٺل ٻيون مومنياڻيون جوٽُن (سٿرن) تي هٿ هڻي ان
جي وراڻي ڏينديون آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ
جي ثقافت تي مرتب ڪيل ڪتاب: ’رسمون رواج ۽ سوَڻ
ساٺ‘ ۾ اوسارن بابت لکي ٿو: ”اوسارن ۾ ڏک واريون
هڪ طرف بيهنديون، مٿو اُگھاڙو ۽ سندرو ٻڌل، اوسارو
کڻنديون، ٻئي هٿ ٻنهي ڳلن تي هڻي، وري هيٺ سٿرن تي
هڻنديون، ڏک ڀائي يعني شريڪ پاڙي واريون عورتون،
ڏک وارين جي آڏو ٿي بيهنديون. سندرو ٻڌل پر مٿو
اُگھاڙو نه ڪنديون ۽ نڪي هٿ ڳلن يا جوٽُن تي
هڻنديون. فقط پاسن کان پيون هٿ لوڏينديون.“ اوساري
جي چَوتِ واري انداز تي انهيءَ ئي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ اڳتي لکي ٿو: ”اوسارا بيٺي ڪڍن ۽
ٻن کان وڌيڪ عورتون گروهه جي صورت ۾ گڏجي ڪڍن.
انهن کي ڏک واريون، اوساري واريون يا اوساريندڙ
چئبو. ٻيون ڏک شريڪ ٻئي طرف وراڻي ڏينديون.“
اوسارن کي لاڙ پاسي پِڙَ، ساهتي ۽ اتر پاسي عاشورا
۽ اوسارا چيو ويندو آهي. جنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سنڌ جي لوڪ ادب تي مرتب ڪيل ڪتاب:
’رسمون رواج ۽ سوَڻ ساٺ‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: ”محرم
جي ڏهي ۾ زالون مجلس ڪن ۽ ان ۾ امامن سڳورن لاءِ
اوسارا ڏين. جن کي ”پِڙَ“ به چون. اهي اوسارا وٺي
چون، ۽ اوسارن چوندي جوٽن تي هٿ هڻن. هڪڙي ڄڻي
”اوسارو“ چوندي، ٻيون ”وراڻي“ ڏينديون. اوسارن ۾
گھڻو ڪري امامن جي مظلوميت جو مضمون هوندو آهي.“
عام طرح اوسر جي پُڄاڻيءَ تي سڀ عورتون شبيهه، سيج
۽ عَلم حضرت عباسؑ جي چئو گرد بيهي ساڄي پاسي کان
ست ڦيرا ڏينديون آهن. طواف دوران ٻئي هٿ مٿي تي
ورائي وري هيٺ سٿرن، گوڏن تي هڻنديون آهن. طواف
وقت سندن لبن تي جذباتي انداز ۾ بلند ڪيل يا
حسينؑ…هائي حسينؑ …يا عباسؑ… شير عباسؑ …هائي
سڪينه سلام الله عليها … هائي پياس… جون درد ڀريون
صدائون هونديون آهن ۽ اکين ۾ نير…اتر پاسي عورتون
اوسر پَخُوات (ننڍي دهل)، لاڙ ۽ وچولي ۾ ڊَڍَ
(دهل) تي ڪن. گھوٽ قاسمؑ جي ميندي- سيج کڄڻ، عَلم
عباس ع جي طواف ۽ عزاداريءَ جي پُڄاڻي مهل دهل جي
ڌُن تبديل ٿي ويندي آهي.
عزاداريءَ جي پڄاڻيءَ تي، موقعي جي مناسبت سان
صدائون بلند ٿينديون آهن. جيئن نائين محرم الحرام
شهزادي قاسمؑ گھوٽ جي مينديءَ رات سيج جي طواف وقت
جڏهن هيءَ صدا بلند ڪئي ويندي آهي ته، هر اک مان
هزارين نيرَ نديون ڪري وهندا آهن:
قاسمؑ گھوڙي چڙهي، منهنجو اصغر پينگھي لُڏي،
پينگھن لُڏندا ماريا.
(1)
قاسمؑ گھوڙي چڙهي، منهنجو اصغر پينگھي لُڏي،
گھوڙي چڙهندا ماريا.
(2)
قاسمؑ گھوڙي چڙهي، منهنجو اصغر پينگھي لُڏي،
موڙ ٻڌندا ماريا.
(3)
قاسمؑ گھوڙي چڙهي، منهنجو اصغر پينگھي لُڏي،
کير پيئندا ماريا.
قاسمؑ گھوڙي چڙهي، منهنجو اصغر پينگھي لُڏي،
مينديءَ لائيندا ماريا.
(4)
قاسمؑ گھوڙي چڙهي، منهنجو اصغر پينگھي لُڏي،
ڳانا ٻڌندا ماريا.
(5)
قاسمؑ گھوڙي چڙهي، منهنجو اصغر پينگھي لُڏي،
پڳ ٻڌندا ماريا.
10محرم الحرام جي رات علم حضرت عباس ع جي طواف
وقت هيءَ صدا بلند ٿيندي آهي: حيدر مولا …عليؑ
مولا… يا حسينؑ … هائي حسينؑ … هائي سڪينه سلام
الله عليها… هائي شام… هائي سڪينه سلام الله عليها
شام ويندي… هائي زينب سلام الله عليها شام ويندي…،
هائي علي عابدؑ شام ويندو… هائي قافلو شام
ويندو. ياحسينؑ الوداع… هائي حسينؑ الوداع… جي
وائي وقت دهل تيز وڄايو ويندو آهي. چهلم حضرت امام
حسين عليہ السلام جي موقعي تي برپا ڪيل عزاداريءَ
جي پڄاڻي هن صدا سان ٿيندي آهي: ’نانا رسول ﷺ خدا
جا، مان آئي آهيان قيد نڀائي.‘ مخصوص موقعي، ميندي
کڄڻ ۽ ماتم جي پُڄاڻيءَ مهل دهل جي ڌُن تبديل ٿي
ويندي آهي. محرابپور ۾ 9 محرام جي رات شهزادي
قاسمؑ ابن حَسن عليها السلام جي ميندي، پهرين
مير سبحان علي خان ٽالپر (اول) ۽ هاڻ مير حبيب
الله خان ٽالپر، (مير ڏاڏو) جي گھران نڪرندي آهي.
ميندي جي جلوس ۾ مستورات شهزادي قاسم ع جو هي
مخصوص سَهرو چونديون علم حضرت عباس عليہ السلام تي
اينديون آهن:
قاسمؑ بَنا ميندي لاءِ، صدقو وڃي پُڦي ماءُ،
سيد بَنا ميندي لاءِ، صدقو وڃي پُڦي ماءُ،
اوساري جا مضمون
سانئڻ صغرا سلام الله عليها جو وڇوڙو، شهزادي
قاسمؑ جو کهنبو، ميندي، موڙ، ڳانا ۽ سيج، اوساري
جا مضمون آهن. سن 60 هجري جي 28 رجب جي وڇوڙي کان
وٺي سن 61 هجري جي 10 محرم الحرام مقتل گاهه ۽
ڪربلا مان قيدي بڻجي شام پهتل اهلِ حرم جي قافلي
جي ڏکين سفرن ۽ بازار، زندان ۽ درٻار جي تڪليفن ۽
شام جي سخت قيد خاني مان هڪ سال جي عرصي بعد آزادي
ماڻي ڪربلا چهلم ڪري، 8 ربيع الاول سن 62 هجري تي
واپس مديني پهتل، قافلي جي سمورن واقعن کي اوسارن
۾ رقم ڪيو ويو آهي. اوساري ۾ صرف امامن- شهيدن جو
مصائب لکيل آهي. خاص ڪري حَسنؑ امير جي شهزادي
قاسمؑ گھوٽ جي شاديءَ جي ساٺن سوَڻن ۽ ارمانن ۽
سانئڻ صغرا سلام الله عليها جي وڇوڙي تي تمام گھڻو
لکيو ويو آهي. ان کان علاوه ٻين معصومن شهزاده علي
اڪبرؑ، مولا عباسؑ، مولا سجادؑ، سانئڻ سڪينه سلام
الله عليها جي شهادتن تي به موقعي جي مناسبت سان
لکيل آهي. جن جو ڳاڻيٽو مختصر آهي.
اوساري جا ڪردار
حضرت امام حسين عليھ السلام
نالو: حسينؑ، والد: امير المومنين عليؑ، والده:
فاطمه سلام الله عليها، ولادت: 3 شعبان، 4 هه-ق،
ڪنيت: ابو عبدالله، لقب: سيد الشهدا، اولاد: 4 پٽ
3 نياڻيون، پاڻ مسلمانن جا ٽيون نمبر امام هئا.
مدت حيات: 57 سال، مدت امامت: 11 سال، تاريخ
شهادت: 10 محرم الحرام سن 61 هجري، قاتل: شمر،
جائي مدفن گاهه: ڪربلا، پاڻ اسلام جي اُچڳاٽائي
خاطر ساٿ ڪهائي سَرها ٿيا.
سانئڻ زينب سلام الله عليها
حضرت علي عليہ السلام جي عليؑ ڌيءَ، ڪربلا جي
شير دل خاتون ۽ دنيا جي ديرپا انقلابِ ڪربلا ۾ اڌ
جي ڀائيوار، سانئڻ زينب سلام الله عليها جن جي
ڄَمَ ۽ شهادت جي تاريخ ۽ سن بابت تاريخن ۾ اختلاف
آهي. جنم: 5 جماد الاول، سن 6 هجري، شهادت: 15 رجب
المرجب، سن 62 هجري. مولا حسينؑ جي شهادت وقت
سندن ڄمارَ 55 ورهيه ۽ سندن شهادت وقت 56 سال
ٻڌائي وڃي ٿي.
پاڻ حضرت علي عليہ السلام جي اولاد ۾ سڀ کان وڏي
نياڻي هيون. سندن عقد سندس سئوٽ حضرت عبدالله بن
جعفر بن ابي طالب عليہ السلام جن سان ٿيو. هڪ
روايت موجب: مولا جن حضرت عبداللهؑ کان ڀاءُ امام
حسينؑ سان سفرِ عراق وڃڻ جي اجازت لکرائي هئي.
مديني منوره کان ڪربلا تائين ڀاءُ حسينؑ سان هر
موڙ ۽ هر منزل تي ساٿ ڏنو. مقتل مان سندس مقصد جو
پرچم کڻي، ڪربلا کان شام پهتي. جتي سندس مقصد کي
تڪميل ڏئي فاتح شام بڻي. ڪربلا ڀاءُ جو چهلم ڪرڻ
بعد، لُٽيل قافلو ساڻ ڪري 8 ربيع الاول تي مديني
پهتي. مديني کان مديني تائين ڀاءُ حسينؑ ۽ ان جي
مقصد سان ساٿ نڀايو. ٻيهر مديني کان قيد ٿي شام
وئي ته اتي دنيا کان موڪلايو. سندن روضه اطهر شام
۾ آهي.
مولا سجاد عليھ السلام
نالو: عليؑ، والد: حسينؑ، امڙ، بي بي شهربانو
(سلام الله عليها)، لقب: زين العابدينؑ ، ڄَمُ: 5
شعبان المعظم 38 هجري، ڪنيت: ابومحمد، تعدا اولاد،
11 فرزند، 4 نياڻيون. پاڻ مسلمانن جا چوٿان امام
هئا. 28 رجب- سن 60 هجري وقت عشاءَ مدينه منوره
کان حسيني قافلي سان روانا ٿيا. 10 محرم الحرام
بابي حسينؑ جي شهادت بعد کين امامت جي ذميواري
ملي، 11 محرم تي شهيدن جي لاشن تان ڪربلا جي قيدي
قافلي جي سرواڻي ڪندي ڪوفي ۽ دمشق، جي بازارن ۽
درٻارن جون پيشيون ڪاٽي شام پهتا، شام جي بازار،
زندان ۽ درٻارِ يزيد (لعين)، جي پيشين وارين
تڪليفن کي سهندا، 10 صفر تي ڀيڻ معصوم سڪينه سلام
الله عليها کي شام ۾ غريبن جي قبرسان ۾ دفنائي،
20 صفر سن 62 هجري تي چهلم ڪرڻ ڪربلا پهتا. غيرت
جي سلطنت جو تاجدار سيد سجادؑ ڪربلا کان پوءِ
مختصر قافلو ساڻ ڪري رت جا نير وهائيندا 8 ربيع
الاول تي مدينه منوره ۾ پهتا. سندن حياتيءَ جو
عرصو: 57 سال، مدتِ امامت : 35 سال، تاريخ شهادت،
25 محرم الحرام، 95هه. ق، قاتل، هشام، جاءِ دفن :
بقيع آهي.
سانئڻ فاطمھ صغرا سلام الله عليها
علامه شيخ حسين بخش بن شيخ سعدي دهلوي پنهنجي
ڪتاب: ”توضيح عزا“ ۾ لکيو آهي: امام حسين عليہ
السلام جن سفر جا سانڀاها ڪندي سڀني کي سنڀرڻ جو
حڪم ڏنائون سواءِ فاطمہ صغرا سلام الله عليها جي.
پاڻ پنهنجي ڌيءَ کي مدينه ڇڏڻ نه پيا گھرن، پر
نياڻيءَ جي ناچاقائي ڪارڻ ته جيئن سفر جي ڏاکڙن
کان محفوظ رهي. روايت ۾ آهي: ”جنهن ڏينهن امام
حسين عليہ السلام مديني مان پلاڻيو پئي امام ڄائي
فاطمه صغرا سلام الله عليها بيمار هئي. ان ڪري پاڻ
پنهنجي ڌيءَ کي بيبي امه سلميٰ سلام الله عليها جي
حوالي ڪيائون ۽ فرمايائون: اي امڙ هن ڏکاري ۽
وڇوڙي جي ماريل جو خيال رکجو. آقاء محمد باقر
دهدشتي بهبهاني نجفي ڪتاب: ’الدمعـﺔ الساکب‘ ۾
ڪتابن ’عوالم‘ ۽ ’بحار‘ جي حوالي سان نقل ڪيو آهي
ته، مفضلَ، امام جعفر صادقؑ کان ۽ انهن امام محمد
باقرؑ ۽ انهن امام سجادؑ کان روايت ڪئي ته، جڏهن
ڪربلا ۾ رسول الله ﷺ جو ڏوهٽو شهيد ٿي ويو ته،
ڪربلا جي پِڙَ ۾ هڪ ڪانءُ آيو. ان پنهنجا پر امام
حسينؑ جي رت ۾ رڱيا ۽ اتان اڏري مديني آيو، ۽ امام
جي گھر جي ڀت تي ويهي رهيو. ان گھر ۾ اڪيلي فاطمه
صغرا بنت حسينؑ رهندي هئي.
سانئڻ کي ڪانوَ جي کنڀن مان ٽمندڙ رَت مان پنهنجي
پيءُ جي خوشبوءِ آئي، ۽ اُمالڪ روئي ڏنائين ۽ هي
مرثيو چيائين:
ڪانوَ موت جي خبر ڏني پڇيو مانس،
اي ڪانو ڪنهنجي مرتيي جي خبر ڏيڻ
آيو آهين،
چيائين: امام جي، پڇيو مانس ڪهڙو امام؟
چيائين: اهو ئي جيڪو سدائين حق جي واٽ جوسالڪ
هوندو هو،
ڪربلا ۾ حسينؑ نيزي ۽ ترارن ۾ ٽڪر
ٿي ويو آهي،
حسينؑ تي ڳوڙها ڳاڙي وٺ،
ثواب سان گڏ الله کان رحمت جي آس
به آهي،
چيم: ڇا حسينؑ مٽي ۽ رت ۾ ڀرجي چڪو آهي،
پوءِ کنڀڙاٽيون هڻڻ لڳو ۽ وڌيڪ
ڳالهائي نه سگھيو.
(سنڌي ترجمو: انجينئر سيد عبدالحسين موسوي)
هم شڪلِ پيغمبر شهزاده علي اڪبر عليھ السلام
اسلام تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته، اهو مشڪلڪشا جي
در تي آيو. امير المومنين جي لال نينوا ۾ اسلام جي
سربلنديءَ خاطر قربانيءَ جي شروعات ئي پنهنجي ان
فرزند کان ڪئي جيڪو سڄي قافلي جي سونهن هو. جنهن
کي سڄي حياتي عاليه سانئڻ پاليو. پر ظالم حصين بن
نَمير جي نيزي کيس ڪربلا ۾ نشانو بڻايو.
هيءَ اها هستي هئي جنهن جو ڏاڏو علي امير ع، ڏاڏي
فاطمه زهرا (س)، والد امام حسين ع ۽ ماءُ امه
ليلا بنت ابي مره سلام الله عليها، پُڦي زينب سلام
الله عليها، ڀيڻ فاطمه صغرا سلام الله عليها، ۽
سڪينه بنت الحسينؑ هيون. ڀاءُ امام زين العابدينؑ
۽ ٿڃ پياڪ معصوم عبدالله عليہ السلام. سندن ’ڪنيت
ابوالحسن، لقب اڪبر، عمر 28 سال، جنم: 11 شعبان
المعظم سن 33 هجري شهزادي جي جنم تاريخ ۾ اختلاف
آهي. اڪثر عالم، ذاڪر ۽ شاعر سندس عمر ڪربلا ۾ 18
سال ٻڌائين ٿا. شهادت 10 محرم الحرام سن 61 هجري،
جاءِ مدفن گاهه ڪربلا آهي.
شهزاده قاسم ابن حَسن عليهم السلام
جناب قاسم بن حسن عليهم السلام جي ولادت 7 شعبان
46 هه 12 آڪٽوبر 666ع جي ٿي. سندن امڙ سانئڻ امه
فروه سلمي بنت امراء القيس يمني جي حضرت امام حَسن
عليہ السلام سان شادي 35هه جي لڳ ڀڳ ٿي. سانئڻ امه
فروه ۽ سانئڻ رباب زوجه امام حسين عليہ السلام پاڻ
۾ ڀينر هيون. پيءُ امام حَسن عليہ السلام جي شهادت
وقت جنابِ قاسم عه چئن ورهين جا هيا. امام حسينؑ
جن جنابِ قاسم عه سان مخاطب ٿيندي چوندا هئا.
“فداک عمک”_ چاچو تنهنجي مٿان گھور وڃي.
جناب قاسمؑ کي الله سائين سهڻو الحان عطا ڪيو هو.
پاڻ جڏهن مسجد نبوي ۾ قرآن جي تلاوت ڪندا هئا ته،
مديني جا ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. جناب قاسمؑ جن
اڪثر ڪري ماڻهن کي پنهنجي ڏاڏي جا خطبا پڻ
ٻڌائيندا هئا. جناب قاسمؑ جن فنِ حرب حضرت عباس
علمدارؑ کان سکيا هئا. علامه عماد الدين حسين عماد
زاده اصفهاني پنهنجي ڪتاب: ”سوانح حضرت عباسؑ “ ۾
لکيو آهي: امام حسينؑ جن ڪربلا ۾ ڏهين ڏينهن بني
هاشم جي جوانن ۾ جڏهن گھوڙا ورهايا ته، ”ميمون“
نالي گھوڙو حضرت قاسمؑ کي ڏنو، علامه محمد عسڪري
”زبدة المصائِب“ ۾ لکيو آهي ته، جڏهن جناب قاسمؑ
ازرق سان ويڙهاند ۾ هئا ان وقت ازرق ڪاوڙ ۾ اچي
جنابِ قاسمؑ جي گھوڙي ”ميمون“ جي پيٽ ۾ نيزو هنيو
جنهن ڪري گھوڙو ڦٽجي پيو. ان مهل امام حسينؑ جن
بيتاب ٿي ٻيو گھوڙو جناب قاسمؑ ڏي موڪلي ڏنو. جناب
قاسمؑ جي قاتل جو نالو عمر بن سعدبن نفيل الازدي
هو. شهزادي جي شهادت 10 محرم ڪربلا ۾ ٿي. پاڻ
ڪربلا جي تاريخ جا اهي انوکا شهيد هئا جن جي لاش
سلامت خيمي ۾ نه آئي.
سانئڻ سڪينه بنت الحسين عليهم السلام
سانئڻ سڪينه سلام الله عليها، جن ننڍڙي عمر ۾ ئي
پنهنجي بابا سان، ناني نبي ﷺ جي دين جي نصرت ۽
الله جي ڌرتي تي الله جي نظام کي نافظ ڪرڻ لاءِ 28
رجب المرجب سن 60 هجري تي سفرِ عراق لاءِ اُسيا.
مدينه منوره مان نڪرڻ سان ئي سفر جي هرمشڪل گھڙيءَ
کي صبر سان سَٺو. ڪربلا جي قتلام ۽ شامِ غريبان جي
خوني منظرن کي اکين سان ڏٺائون. پنهنجي حصي ۾ آيل
ڏکن کي صبر سان سهندي رهي. 12 هين محرم الحرام سن
61 هجري تي ٻين بيبين سان گڏ شهيد اعظم جي لاش تان
رسول خدا ﷺ جي دين ۽ الله جي نظام جي دنيا تي بقا
خاطر، عشقِ الله ۽ عشقِ حسينؑ جي الفت ۾ قيد جا
زيور پائي قيدي بڻجي شام جا ڏکيا سفر ڪيا ۽ سفر جي
هر مشڪل ۽ ظلم کي صبر سان برداشت ڪيو. وقت جي حاڪم
يزيد (لعين)، جي ظلم اڳيان ڪڏهن به هيڻي نه ٻولي.
همت ۽ حوصلي سان بابي حسينؑ جي قاتل کي شڪست
ڏنائين. سانئڻ ام رباب سلام الله عليها جي هن
نياڻيءَ چاچي عباس علمدار ع جي شهادت بعد دنيا تي
ڏاڍا ڏک ڏٺا.
سانئڻ سڪينه سلام الله عليها، جن جي تاريخ شهادت ۽
مدفن جي ماڳ ۾ اختلاف آهي. سانئڻ جي ’شهادت 11
صفر 117هجري مديني منوره ۾ ٿي.‘ سانئڻ سڪينه سلام
الله عليها جن جي شهادت جي تاريخ، عمر ۽ مدفن جي
هنڌ بابت اڪثر عالم، ذاڪر ۽ شاعر حضرات هيئن
ڏسيندا آهن. عمر چار سال، تاريخ شهادت 10/
11 صفر سن 62 هجري، مدفن گاهه شام . سنڌ ۾ سندن
شهادت اڪثر 10 صفر تي ملهائي ويندي آهي.
|