سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:9

ترقي پسند ادب جو مينار

 

 

 

 

تاجل بيوس

ڏيهه، وطن، ملڪ، ديس، ساڻيهه ۽ ٻيا به اهڙا نالا آهن، جي جنم ڀوميءَ يا اباڻن پڊن ۽ ماڳن مڪانن لاءِ ڪتب اچن ٿا. انساني رشتي ۾، ماءُ ۽ پيءُ جو هڪ اهڙو رشتو آهي، جو پيدائشي يا انساني نسل کي هڪ صديءَ مان ٻي صديءَ ڏي وٺي وڃڻ ۾ پاڻيءَ ۽ زمين جي زرخيزيءَ وارو ڪردار ادا ڪندا آيا آهن. پيءُ ته پيءُ آهي، پر ماءُ يا عورت جي اعليٰ مقام جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. چيو ويندو آهي ته ”تنهنجي مادري زبان ڪهڙي آهي“؟ ”بهشت، ماءُ جي پيرن جي هيٺان آهي“. ديس يا ساڻيهه ”ماءُ جو ملڪ“ ڪوٺبو آهي، ۽ قيامت واري ڏينهن هر ڪنهن کي ”ماءُ جي رشتي“ سان ئي سڏيو ويندو.

ڌرتيءَ جي سندرتا بابت آسڪر وائلڊ لکيو آهي ته ”فطرت منهنجي نگاهه کي تازو ۽ تيز ڪندي آهي.“

عيسوي ستين صديءَ جي مهان ڪوي ڀرتري هريءَ چيو آهي: ”زندگي جي ٻن وٿن کان سواءِ، سڄو سنسار بي معنيٰ آهي، اهي وٿون آهن: عورت جو جوڀن ۽ جهنگلن جا نظارا“.

ڌرتيءَ يا ساڻيهه جي سونهن ۽ اهميت جي سبقن ڏيندڙن مان مانوارو ابراهيم جويو به هڪ وڏو نالو آهي، جنهن کي سنڌ جي ادب ۽ ڏاهپ ۾ ”استاد“ واري حيثيت حاصل آهي. هي سائين جي.ايم.سيد، برڪت علي آزاد، شيخ اياز، غلام محمد گراميءَ، عبدالڪريم گدائيءَ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ ۽ نياز همايونيءَ جي نسلي دور (Generation era) سان تعلق رکندڙ آهي، جن مان نياز همايونيءَ کي ڇڏي، باقي ڇهه اسان کان جدا ٿي چڪا آهن. ڌڻي، جويي صاحب کي منهنجي باقي ڄمار به بخشي!

مان جڏهن ننڍو هوندو هئس، خاص ڪري پنجاهه واري ڏهاڪي ۾، تڏهن ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿي، سعادت حاصل ڪرڻ جا شروعاتي موقعا مليا هئم. ان وقت سڀ کان پهريائين مٿي ذڪر ڪيل سرجڻهارن جي تلاش ۾ اکيون گم ٿي وينديون هيون، جن مان ٻه چار وڏڙا ضرور ڏسي وٺبا هئا. اڳتي هلي ”روح رهاڻ“ جي سکاڻي حميد سنڌيءَ جي ”روح رهاڻ- جشن“، ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي محفلن ۽ لطيف سرڪار ۽ سچل سرمست جي عرس ملهائڻ وارين ادبي ڪانفرنسن ۾ به ذڪر ڪيل وڏن نالن جا چڱا خاصا دم ديدار ٿيڻ لڳا هئا.

جي. ايم. سيد، عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، ابراهيم جويي، تنوير عباسيءَ ۽ ٻين ادب جي حوالي سان سنڌ کي ”سنڌ امان“ سڏڻ جا سبق ڏيڻ سان گڏ، سنڌ جي تاريخ ۽ آزاديءَ لاءِ قومن جي جدوجهد ۽ آزاد ۽ سڦلي زندگي گذارڻ جا طور طريقا سمجهايا آهن. اهوئي سبب آهي، جو اسان جو اڄوڪو ادب، وطن دوستيءَ سان گڏ ادب جي آفاقي ۽ معروضي قدرن سان به مالامال نظر ٿو اچي.

محمد ابراهيم جويو، ويهين صديءَ جي اوڙاهه کي اُڪري، ايڪهين صديءَ ۾ پهتو آهي. ويهين صدي، دنيا جي تاريخ ۾ اهم صدي آهي. هن ئي صديءَ ٻه مهاڀاري لڙايون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي آزادي، سرمائيدار نظام جي ڀيٽ ۾ سوشلزم جون اُٿلون ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ آواز ۽ تصوير جي ڪرشمن کي وٺي، ماڻهوءَ کي خلا ۾ اُڏامندي ۽ چنڊ تي لهندي ڏٺو.

دنيا جي هن انقلابي صديءَ ۾، محمد ابراهيم جويي صاحب 'Save Sindh, Save the Continent' جهڙو ڪتاب لکيو، جيڪا رهنمائي، 1998ع ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ’ادب، ٻولي، تعليم‘ تائين هلندي پئي اچي.

ڄيٺمل پرسرام ۽ ڏيارام گدومل جي معتبر نالن سان، اسان جي سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ اٺ هستيون ادب جي بنيادي ٿنڀن سان ڄاتيون سڃاتيون وڃن ٿيون. جويو صاحب ته ترقي پسند ادب جو مکيه ٿنڀو نه پر هڪ مينار آهي.

آخر ۾ نذراني طور جويي صاحب جي خدمت ۾ هڪ بيت عرض رکان ٿو:

جويو ۽ جهانُ، بهشت برابر ڀانئيان،

سرجيو ’جويو‘ سنڌ مان، مٽيءَ لڌو مان،

جهين آدجڳاد ۾، عشق ٿيو عنوان،

ڏنو جنهن ڏاتار آ، صورت جو سامان،

جنهن جو ديرو دل ۾، عشقَ ڪيو آسان،

جنهن سمايو ساهه ۾، رام ۽ رحمان،

جنهن وٽ عشق ’اياز‘ جو، ڪعبو ڪوهستان،

’شاهه، سچل، ساميءَ‘ ۾، گاروڙي غلطان،

سوئي جادم جکرو، ڄام سپڙ سلطان،

سما، جوکيا، سومرا، ’فيڪوني‘ فرمان،

ڪعبي، ڪاڇي ۾ ڏٺم، آهي هڪ عنوان،

توڙي سُرَ نه تند سان، بيوس جهڙو ڀان،

توڙي سِرَ ساڃاهه سان، ماڻهو چئي مهان،

جنهن جو اَن ايمان، جنهن جو ڪعبو ’ڪل‘ ۾!

 

(”سٻاجهو ساڃهوند“ تان ورتل)

جيئي جويو.....

 

 

 

 

 

زيب سنڌي

غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘  ۾ لکيو آهي ته: ”سنڌ ويهين صديءَ ۾ ٻه وڏا اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا. ٻئي غريب گهرن ۾ پيدا ٿيا ۽ پنهنجي غربت تي ناز ڪيائون. سڄي عمر غريبن جا حمايتي ٿي رهيا ۽ ڪڏهن به اميرن سان سور نه سليائون. نه وري ڪڏهن ڪنهن خان خانان جي پٽ جي پرواهه ڪيائون. محنت ۽ اورچائيءَ سان اهڙو ته نالو پيدا ڪيائون، جو تاريخ جي صفحن تي مهر هڻي ڇڏيائون. پهريون ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ سنڌ جي آسمان تي اڀريو ۽ ٻيو پوئين اڌ ۾. پهرين جو نالو هو مرزا قليچ بيگ ۽ ٻئي جو محمد ابراهيم جويو.“

 رباني صاحب جي راءِ سان ته اختلاف ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪو ٽيون، چوٿون ۽ پنجون نالو شامل ڪرڻ جهڙو بحث ٿي سگهي ٿو ، پر انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مرزا قليچ بيگ جديد سنڌي نثر جا بنياد رکيا ته محمد ابراهيم جويي جو نه فقط سنڌي نثر، پر سنڌي شاعريءَ کي به جديد فڪر سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار آهي. بيشڪ ته جويي صاحب قليچ بيگ جيان سوين ڪتاب ته نه لکيا يا ترجمو ڪيا، پر هن تحرير سان گڏو گڏ مختلف فورمن تي پنهنجي فڪري گفتگوءَ سان سنڌ جي سوچ ۽ ڏاهپ ۾ لڳاتار واڌارو ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن به طرح ڪنهن وڏي ڪارنامي کان گهٽ ناهي.
    منهنجي خوشقسمتي آهي جو، جويي صاحب جي نئين سوچ جي ساٿي ۽ ويهين صديءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز سان مون کي ڪيتريون ئي اڪيلائيءَ واريون ڊگهيون ڪچهريون ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيو. اهڙي ئي هڪ ذاتي ڪچهريءَ ۾ شيخ اياز چيو هو،”ابراهيم جويي جهڙا دانشور ڪڏهن ڪڏهن ئي جنم وٺندا آهن، پر سنڌ جويي صاحب جو قدر ناهي ڪيو.“ پر خود جويي صاحب پنهنجي هڪ صديءَ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙي شڪايت ناهي ڪئي، جو مڃتا جي خواهش کان وڌيڪ مقصد جي حاصلات کي ئي جويي صاحب سدائين اهميت ڏني آهي. جيڪڏهن شيخ اياز زندهه هجي ها ته اڄ ڏسي سگهي ها ته سنڌ سان عشق ڪندڙ جويي صاحب سان سنڌ به پيار ڪري ٿي.

سنڌ سان غير مشروط محبت ڪندڙ ڏاهي، محمد ابراهيم جويي صاحب جون سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ادبي منظر کان وڌيڪ ادبي پس منظر ۾ به موجود آهن. شيخ اياز جي خطن جو مجموعو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، جنهن کي جديد سنڌي ادب جو ڪلاسڪ ورثو تسليم ڪيو ويو آهي، انهيءَ ڪلاسڪ ورثي جو ڪريڊٽ به امر شاعر اياز سان گڏو گڏ جويي صاحب ڏانهن به وڃي ٿو، جو اهي سمورا خط شيخ اياز جويي صاحب جي چوڻ ۽ اتساهڻ تي لکيا هئا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ کان اڳ جويي صاحب ئي پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا هئا. انهيءَ ڪتاب جي مهاڳ ۾ جويي صاحب مشهور فرانسيسي مصور پال گاگن جا لفظ ورجايا آهن ته، ”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ان ماڻهوءَ جي تشريح آهن.“

جويي صاحب جا ورجايل اهي لفظ ته خود جويي صاحب تي منڊيءَ مٿان ٽڪ جيان ٺهڪي ٿا اچن، جنهن جي هٿن جي حاصلات، سندس سمورين لکڻين سان گڏو گڏ، هن جي سوچ ۽ هن جو فڪر، جنهن جي هڪ ڊگهي عرصي کان گفتگوءَ جي صورت ۾ هن  سنڌ واسين سان ونڊ ڪئي آهي، اها خود جويي صاحب جي شخصيت جي تشريح آهي. سنڌ لاءِ سوچڻ ۽ سنڌ لاءِ نيون راهون تلاش ڪرڻ ئي، جويي صاحب جي زندگيءَ جي سفر جو مقصد ۽ محور رهيو آهي. سندس هڪ صديءَ جي راتين جو فقط هڪڙو ئي خواب آهي، خوشحال ۽ پاڻ ڀري سنڌ جو خواب.

اسان جي ڪيترن ئي ليکڪن ۽ دانشورن انعامن اڪرامن، ”ڪمائو ڪرسين“ توڙي وڏين مراعتن سبب آسائشن واري زندگي گذاري آهي، پر جويي صاحب انعامن اڪرامن، ڪمائو ڪرسين توڙي مراعتن کان منهن موڙي، پاسيري زندگي گذاري آهي. مون جيان ڪيترن حيدرآباد واسين، جويي صاحب کي سندس اسي سالن واري عمر کان پوءِ به پنهنجي صحافي ڪالونيءَ واري گهر کان گاڏي کاتي تائين روز ڊگهو پنڌ ڪندي به ڏٺو هوندو ته، ڪڏهن وري گاڏي کاتي کان پنهنجي گهر تائين ماڻهن سان سٿيل فورسيٽر ۾ سفر ڪندي به ڏٺو هوندو. هن هڪڙو صدارتي اوارڊ قبول به ڪيو ته انهيءَ انعام جي سموري رقم هن ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي اداري کي خلق جي خدمت خاطر ڏئي ڇڏي.

عوام سان گڏ رهندڙ ۽ سادگيءَ واري عوامي زندگي گذاريندڙ هن ڏاهي جي نظر فقط ماضي ۽ حال تي ئي ناهي رهي، پر هو مستقبل تي به گهري نظر رکي ٿو. جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه جلاوطني ڪاٽي وطن واپس آئي هئي ته جويي صاحب هڪ طويل نثري نظم ”اي سنڌ ڄائي“ لکيو، انهيءَ نظم ۾ بي بي صاحبه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ، کيس صلاحون به ڏنيون، تنبيهه به ڪئي ته ايندڙ وقت جي خدشن جو اظهار به ڪيو؛

او سنڌ ڄائي!

تون ڄاڻين ٿي

هي دهشت ڦهلائڻ وارا ڪيرهئا،

هي ته اهي ئي غير هئا،
جن وير اسان سان پئي پاڙيو آ
اڃا ته ڪلهه جي ڳالهه لڳي ٿي،
انهن ئي تنهنجي بابا کي ڦاهي چاڙهيو
۽ تنهنجي موڀي ۽ جوڌي ڀاءُ کي
رستي ۾ بيهاري ماريو
ڇا پوءِ به اياڻي رهندينءَ،
يا سڀ ڪجهه سوچي
پاڻ تي هيئن ماٺ مڙهيندينءَ،

تون ته سڀ جي ڳالهه ڪرين ٿي،
ايءُ پڻ چڱو ڪم

پر،
هيءُ نه وسار
تنهنجي بابا پڻ اهو رستو ورتو هو،
هن به سڀن کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
هن جو ڇا انجام ٿيو_ تون ڄاڻين ٿي،
هاڻ اهي ئي تنهنجي رت جا پياسا آهن!

.... ۽ پوءِ اهو ئي ٿيو، جنهن خطري جو اظهار جويي صاحب پنهنجي انهيءَ نثري نظم ۾ ڪيو هو. سنڌ ڄائيءَ کي پنهنجي عظيم پيءُ ۽ ڀائرن جيان شهيد ڪيو ويو ۽ ڳڙهي خدا بخش سميت، سنڌ جي رت سان ڳاڙهي ٿيل مٽي وڌيڪ ڳاڙهي ٿي ويئي!

زندگي ته هر انسان گهاري ٿو، پر”اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾“ جهڙو مثال ڪو ڪو ماڻهو ئي بڻبو آهي. بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿو ته محمد ابراهيم جويي صاحب مثالي زندگي گذاري آهي، جنهن سان ملي هر دفعي اهو احساس ٿئي ٿو ته، ڄڻ اسين سنڌ جي فڪر ۽ شعور سان ملي رهيا هجون. زندگيءَ جي سالن جي سينچري هڻي، هڪ صديءَ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ جويو صاحب پنهنجي فڪر وسيلي، سمورين صدين تائين سنڌ سان گڏ زندهه رهندو، ڇوته فڪر جو موت ڪڏهن به ناهي ٿيندو.

سائين محمد ابراهيم جويي جي صد ساله جنم ڏينهن تي، دل جي ايوان ۾ اهوئي آواز گونجي ٿو ته: جيئي جويو، سدا جيئي!

 

محمد ابراهيم جوئي جي ڀارت ياترا

 

 

 

 

گوبند مالهي

”الله اچن اوء، جن آئي من سرهو  ٿئي.“

سنڌ جو اعليٰ اديب ۽ مقبول مفڪر ادي ابراهيم جوئي جي ڀارت ۾ دل سان مرحبا، جيئن سنڌ جي شاعر دوست ۽ سنڌي ادبي سنگت (جنهن جي پهرئين جنرل سيڪريٽري هجڻ جو شرف 1948ع ۾ منهنجو رهيو،) جتي ڪنهن به وقت جي جنرل سيڪريٽريءَ جي راءِ پٽاندڙ، ”جوئي صاحب اسان کي، اسان جي ٻوليءَ ۾ سدائين پختو، سچو، صحتمند، زندگيءَ جي قدرن جي نمائندگي ڪندڙ ۽ قوم لاءِ ڪارائتو ادب پئي ڏنو آهي؛ پوءِ اهو مضمونن جي صورت ۾ هجي، ترجمي جي شڪل ۾ هجي يا ڪتاب جي جامي ۾.“ هڪ نقاد ۽ استاد طور محمد ابراهيم جوئي جو سنڌ ۾ ممتاز درجو مڃيل آهي.

اڄ جي سنڌي شاعر اعظم شيخ اياز مڃيو آهي، ته هن ئي ٽن شخصيتن جو ان وٽ اثر آهي: اهي ئي ٽي هستيون آهن: حشو ڪيولراماڻي، محمد ابراهيم جويو ۽ سوڀو گيانچنداڻي، منهنجي نظر ۾ ادي جوئي جو اياز تي گهڻو اثر آهي. جيئن تازو ’سيتا سنڌو ڀون‘ ۾ محمد ابراهيم جي پهرئين پبلڪ آجياڻي جي دؤران ۾ مون چيو؛ اياز، اياز ئي نه ٿئي ها جي اياز کي جوئي جهڙو سونهون، ساٿي ۽ قدردان نه ملي ها. جوئي اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکي نه صرف اياز جي شاعري قوتن کي اڀاريو آهي، بلڪ اياز جي ادبي اهميت واضح، اڃا وڌيڪ واضح پئي ڪئي آهي.

شاهه، سچل ۽ سامي اسان جا رهبر، شاعر رهيا آهن، سنڌي ادب جي ارتقا هنن کان شروع ٿئي ٿي، هڪ سلسلي طور ادي ابراهيم جوئي ان عظيم ترين شاعري ٽه مورتيءَ تي لاثاني تحقيقي ڪتاب لکيو آهي، ”شاهه، سچل، سامي- هڪ مطالعو“ ان ۾ جوئي انهن ٽن عاليٰ شاعرن کي، ”سنڌ ۽ سنڌي سماج جي سڃاڻپ جا شاعر“ سڏيو آهي. جيئن مون ’سيتا سنڌي ڀون‘ ۾ چيو، ”سنڌ هند جو ڪوبه سنڌي اديب جو انهن ٽن يا انهن مان ڪنهن هڪ تي ڪجهه به چوڻ يا لکڻ چاهيندو ته هُو ادي جوئي جي ڪتاب کي نظر انداز نه ڪندو، ان جو اڀياس ڪندو، ڪي نه ڪي ٽڪرا ضرور حوالي طور ڏيندو.“ ان ڪتاب جو پنجون ۽ وڌايل ڇاپو تازو شايع ٿيو آهي.

جوئي صاحب سيتا سنڌي ڀون ۾ پنهنجي ڀارت ياترا جو مقصد سمجهائيندي چيو: ”ادو ڄيٺمل پرسرام منهنجو گرو هو. هن جي اثر هيٺ مان ٿياسافسٽ ٿيس ۽ مڃيم ته سچ ئي ڌرم آهي، سچ کان مٿي ٻيو ڪو ڌرم ڪونهي. مان هن جو اڻ ڇپيل سنڌي انگريزي ادب سهيڙڻ آيو آهيان ته اهو هند يا سنڌ ۾ ڇپجي ۽ عام پاٺڪن تائين پهچي.“  

جيئن جويو- اياز همعصر ۽ سيڻ رهيا آهن، تيئن هنن کان اڳ لالچند جڳتياڻي ۽ ڄيٺمل پرسرام به همعصر ۽ سيڻ رهيا.

ادي جوئي پوءِ ڄيٺمل جي فرزند ۽ لالچند جي ناٺي رام گلراج جي گهر ٻڌايو ته هُو اها ڪوشش ڪندو جيئن سنڌ هند ۾ الڳ الڳ ۽ هڪ ٻئي سان تعاون ڪندڙ ڄيٺمل لالچند فائونڊيشن قائم ڪيو وڃي، جنهن تي عاليٰ اديب/ ساهتيه پريمي هجن، اهي فائونڊيشن هنن اديبن جا اڻ ڇپيل  ۽ خلاص ٿي ويل ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو جاري ڪندا.

ادي جوئي جي آمد مبارڪ آهي، جت ڪٿ هن کي ايترو مانُ، سمان ۽ سهڪار ملندو، جنهن جي هو طرح لائق لائق آهي، ۽ بس.

(سنڊي ٽائيمس بمبئي، سومر 1- اپريل 1991ع)

اديب، استاد ۽ دانشور

 محمد ابراهيم جويو

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر محمد لائق زرداري

 

سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ عملي ڪردار ادا ڪندڙ ڪيترائي سنڌ دوست ۽ اهل علم پنهنجي سڄي عمر انهيءَ نيڪ ڪم ۾ مصروف رهندي گذاري آهي. سنڌ جي انهن گهڻ گهرن جي کيپ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو نالو به سرفهرست آهي. جنهن نه رڳو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي، پر ان سان گڏ پنهنجي اعليٰ صلاحيتن کي استعمال ڪندي سنڌ جي تعليم ۽ واڌاري لاءِ پنهنجي سڄي ڄمار پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي.

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب پنهنجي پيشيورانه ڪيريئر جي شروعات استادي پيشي سان ڪئي ۽ تعليم جي ميدان ۾ مختلف عهدن تي رهندي، هن سنڌ جي تعليم، ادب، ٻولي ۽ سنڌ جي مختلف اعليٰ تعليمي ادارن ۾ رهندي پنهنجون خدمتون ڏنيون آهن. محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌ جي انهن هڏ ڏوکين ڪردارن مان هڪ اهڙو ڪردار آهي جن ماڻهن پنهنجي سڄي عمر سنڌي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود سان گڏ انهن کي اعليٰ تعليم يافته ڏسڻ پئي چاهيو. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي خدمتن کي ۽ سنڌ دوستي جي جذبن کي سنڌي قوم نهايت اعليٰ قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو هن وقت بزرگ اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن جي سڄي زندگي ڪتاب ۽ قلم سان دوستي هئڻ ڪري اڄ سندس سنڌ جي مايهء ناز شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهڙي منزل ماڻڻ ۾ جويي صاحب ڪيترن ئي ڏکوئيندڙ مرحلن مان زندگيءَ کي گذاريو آهي، پر هن مانجهي مرد ڪڏهن به همت نه هاري ۽ سگهاري جدوجهد ۽ قلمي پورهئي سان گڏ سڄي عمر هن پنهنجو ناتو ڪتاب ۽ قلم سان انتهائي ايمانداريءَ سان جوڙي رکيو. سائين محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌ جو حلالي پٽ آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن.

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي قبيلي جو تعلق ميان والي ضلعي پنجاب جي سرائڪي پٽي سان آهي. هيءُ قبيلو سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ اچي آباد ٿيو، ڇو ته سرائڪي قبيلن جي اٿڻي ويهڻي ۽ ڪلچر سنڌي ڪلچر سان ملندڙ جلندڙ آهي، اڄ به پنجاب جي علائقن ۾ هيءُ قبيلو آباد آهي، جنهن کي نون سڏين ٿا ۽ سنڌ ۾ هن قبيلي کي ’نوڌا‘ ۽
’جويا‘ سڏيو وڃي ٿو.

سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي ڏاڏي ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي جڏهن ملتان ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو ته ان جي جنازي کي وصول ڪرڻ وارا جويا قبيلي جا ماڻهو هئا، ۽ سندس وصيت موجب کيس سکر ۾ جبلن جي ٽڪري تي دفن ڪيو ويو، جتي اڄ به سندس مزار ڀرسان جويي قبيلي جي فرد جي قبر پڻ موجود آهي.

 محمد ابراهيم جويي صاحب جو خاندان پنجاب کان لڏي اچي ڳوٺ آباد لڳ لڪي، سن ڀرسان اچي آباد ٿيو. سندس والد جو نالو محمد خان ولد محمد اسماعيل جويو آهي. جڏهن ته سندس امڙ ڪامل ٻائيءَ جو گهر وارو محمد خان جويو (محمد ابراهيم جويي جو پيءُ) وفات ڪري ويو، جنهن کان پوءِ ڪامل ٻائي جي ٻئي هنڌ (محمد قاسم جويو) سان شادي ڪرائي ويئي ۽ محمد ابراهيم جويو پنهنجي ڏاڏي محبوب علي جويي ۽ ڏاڏي جادل ٻائيءَ سان گڏ رهڻ لڳو. ان وقت سندس عمر ست سال هئي.

هڪ ڀيري سائين جويي صاحب سان ڪچهريءَ دوران مون کانئس سوال ڪيو ته زندگيءَ جو ڪو اهڙو ڏک جيڪو اوهان کان اڄ تائين نه وسريو هجي، ته پاڻ فرمايائين؛ جڏهن منهنجو ويڳو پيءُ منهنجي امڙ کي مار ڏيندو هو ۽ امان روئندي هئي ته مان پنهنجي امڙ جا ڳوڙها ڏسي نه سگهندو هئس ۽ امڙ کي مار کائيندي ڏاڍو ڏکارو ٿيندو هئس. انهيءَ ڪري اتان ڀڄي اچي ڏاڏا سائين وٽ رهڻ لڳس.

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي والد صاحب کي ٻه پٽ- محمد عيسيٰ ۽ محمد ابراهيم هئا. انهن مان محمد عيسيٰ ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي نانيءَ جو نالو سعيدان هو، ۽ سندس پڦي حليمان ٻائي هئي، جنهن سڄي ڄمار شادي نه ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب پرائمري تعليم استاد ٽيڪن مل کان ورتي، جنهن کان پوءِ هن سن جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اڳتي هلي سنڌ مدرسي ۾ پڙهيو ۽ استاد به ٿيو.

سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جا سوهو قبيلي جا مائٽ جيڪي ٽلٽيءَ ۾ رهندا هئا، پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان انهيءَ سوهو قبيلي مان شادي ڪيائين. انهيءَ نينگرِ جو نالو مائي ’سڀائي‘ هو. جنهن مان کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو جيڪي ننڍي هوندي ئي گذاري ويون، جنهن مان هڪ نياڻي جنهن جو نالو ’ڀانان‘ هو جيڪا درياءَ ۾ ٻڏي ويئي هئي ۽ ان جو موت ڳوٺ آباد ۾ ٿيو.

جي.ايم.سيد سان ويجهڙائي ۽ قومپرست لڏي سان تعلق هئڻ ڪري هن کي ڪيتريون ئي تڪليفون پڻ آيون. انهيءَ دور جي وزير تعليم پير الاهي بخش کيس نوڪري تان برطرف پڻ ڪيو هو. هيءُ پنهنجي زندگيءَ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪيترن ئي عهدن تي رهيو، ماستريءَ کان سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيڻ تائين، ۽ بورڊ جو اعزازي چيئرمين کان علاوه ڊائريڪٽوريٽ ۾ اسڪالرشپ جو ڪنٽرولر پڻ رهيو. سائين ابراهيم جويو صاحب 1951ع کان 1961ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو. 1962ع کان 1973ع تائين تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي، هن پنهنجون خدمتون ڏنيون آهن ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. ان کان علاوه ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا آهن. ان کان علاوه سندس ڪتاب جن ۾ ماڻهو جو ڀاڳ، سنڌ بچايو ننڍو کنڊ بچايو، عورتازاد، اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، ٻولي ادب تعليم، سنڌ منهنجي خوابن جي، ڳالهيون ڪتابن جون، سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندس قلم هيٺ سرجيا آهن.

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو پسنديده سياستدان سائين جي.ايم.سيد هو، جنهن هن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏ سندس شخصيت ۾ نکار پيدا ڪيو ۽ هن کي سن کان مدرسة الاسلام تائين پهچائڻ ۾ رهبري ڪئي سائين محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ دنيا ۾ ٻن عظيم شخصيتن- اسٽالن ۽ لينن کان متاثر هو.

سنڌ جو هيءُ عظيم ڏاهو پنهنجي طبعيت ۾ هميشه پيار ۽ محبت رکي سنڌ واسين کي ڪيترائي ڪتاب ۽ شاگرد ڏنا. اڄ سندس نانءُ وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.

هيءُ پنهنجي تيز طبيعيت هوندي به اڄ تائين ڪنهن سان به ڪو جهيڙو، جهٽو، فتنو ۽ فساد نه پکيڙيو آهي. هيءُ امن، علم، ادب سان پيار ڪندڙ ۽ سنڌ جو عاشق رهيو آهي ۽ اڄ به سنڌ ۽ سنڌين جي عشق جي تسبيح سوري رهيو آهي. سندس 100 سال جنم ڏهاڙي تي اڃا به سندس صحت ۽ وڏي ڄمار جي دعا ڏيون ٿا ته الله تعاليٰ کيس خضري حياتي عطا فرمائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org