تاريخ ساز شخصيت، تاريخ جي آئيني ۾
پروفيسر سليم ميمڻ
سائين محمد ابراهيم جويو، 13- آگسٽ 2014ع تي
پنهنجي زندگيءَ جا 99 سال مڪمل ڪري، 100 سال ۾ پير
پائيندو. سنڌي ادب جي حوالي سان اها نئين تاريخ
جڙي رهي آهي، جنهن جي ساڀيان ٿيڻي آهي. پنهنجي
زندگيءَ جا اهي 99 سال، جويو صاحب، سنڌ، سنڌي ادب،
علم، ٻولي، سياست ۽ سماج کي ارپي ڇڏيا، بنا ڪنهن
شرطن شروطن ۽ معاوضي جي. پاڻ سنڌ ۽ سنڌي قوم کي
هميشہ ڏيندو رهيو آهي، ۽ حقيقت ۾ ڏيڻ ته ڪو کانئس
سکي.
99 سالن واري زندگيءَ ۾ هن گهڻي ڀاڱي ڏک ڏاکڙا
سٺا، تڪليفون برداشت ڪيون ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾
بيمارين کي به منهن ڏنو. هن بيمارين کي به گهڻو
ڪجهه ڏنو، پر کانئن ڪجهه ورتائين ڪونه. دل جي
بيماري به کيس ڪجهه نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته جويو
صاحب بظاهر ته سنهڙو سيپڪڙو آهي، پر دل مضبوط اٿس،
جنهن کي نه ڪو لهر نه ڪو لوڏو.
جويو صاحب جي هڪ ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته اسپتال ۾
جڏهن هو جويو صاحب کي چڪاسڻ ويندو هو ته ان کان اڳ
جو هُو جويو صاحب کان سندس طبعيت بابت پڇي، جويو
صاحب کانئس سندس طبعيت بابت پڇندو هو. ڊاڪٽر جو
چوڻ هو ته اهڙو مريض مون ان کان اڳ ڪونه ڏٺو هو.
جويو صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1938ع
ڌاري سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان ڪئي
۽ ان پيشي کي مقدس سمجهي، ان کي ڳنڍ ڏيئي ڇڏيائين.
جيتوڻيڪ پاڻ اٺن سالن کان پوءِ انتظامي عملدار طور
ٻئي کاتي ۾ مقرر ٿيو، پر سندس استاد واري حيثيت
اڃا به برقرار آهي. هن ڪڏهن شاگردن کي سبق پڙهايا
ته ڪڏهن اديبن ۽ عالمن جي رهنمائي ڪئي. ڪڏهن سياسي
ڪارڪنن ۽ سياستدانن جي تربيت ڪئي ته ڪڏهن ٻولي
پڙهائيندڙن جي رهنمائي ڪئي ته ڪڏهن صحافين کي به
سکيا ڏني. وٽس جيڪي ڪجهه به آهي، هُو اُن مان
هميشہ ٻين کي ڏيڻ واري روش تي عمل ڪندو نظر اچي
ٿو. ساڻس گڏ 1938ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ جيڪي ماستر مقرر
ٿيا، سي منزلون ماڻي وڃي وڏي حيثيت کي پهتا ۽ وڏا
پيسي وارا ٿيا، پر ابراهيم جويو صاحب پنهنجي سوچ ۽
فڪر کي مشن طور کنيو ۽ ان تي سڄي ڄمار عمل ڪندو
رهيو. اهو مشن اڄ به جاري آهي. هزارين ۽ لکين
ماڻهن سندس ان مشن مان لاڀ پرايو آهي، ۽ اڄ به
پرائيندا چن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقي پسند ادب تي اڪثر ڇوهه ڇنڊيا
ويا آهن، جڏهن ته ترقي پسند، باغي، تڙيل ۽ اڻ
قبوليل اديب، ترقيءَ جي راهه کي نئين ۽ صاف ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندا رهيا آهن، جن ۾ جويو صاحب به شامل رهيو
آهي، پر ان عمل ۾ ترقي پسندن کي انعام ۾ فقط ڏک
ڏاکڙا ۽ سختيون مليون آهن.
جويي صاحب تي مختلف دورن ۾ الزامن جي ڀرمار رهي
آهي، سندس سوچ کي ملحدانه ۽ ڪافراڻي سوچ ڪوٺيو ويو
آهي، پر پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کي جواب ڏيڻ جي ڪانه
ڪيائون. جي جوابن ڏيڻ جي عمل ۾ ڦاسن ها ته پنهنجا
ٻيا ڪم نه ڪري سگهن ها، البت اڻ سڌي طرح ڏاڍ ڪندڙن
کي جواب به ڏيندا رهيا آهن.
جويو صاحب جي ادبي خدمتن تي، جي نظر وجهبي ته
اٿاهه سمنڊ نظر ايندو. هت فقط مختصر لفظن ۾ سندس
علمي، ادبي ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان خدمتن جو مختصر
ذڪر ڪجي ٿو.
بنيادي طور تي سندس زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد ۽
محور آهي ته پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ علم ۽ ڄاڻ
جي روشني پکيڙڻ لاءِ جتن ڪرڻ، اهو ئي سندس زندگيءَ
جو بنيادي مقصد آهي. سندس علمي ڄاڻ، ڏاهپ ۽ فڪر جي
بلندي جي جهلڪ سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل سوين مضمونن،
مهاڳن، تنقيدي نوٽن ۽ تقريرن مان پسي سگهجن ٿا.
خاص طور تي شيخ اياز ۽ ٻين ليکڪن جي ڪتابن جي
مهاڳن تي نظر وجهبي ته سندن علميت جي پروڙ پوي ٿي.
جويو صاحب، مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جو زبردست حامي
آهي. سندن چواڻي:
”پهرين ٻولي، جا ٻار ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو، سکي ٿو ۽
ڪم آڻي ٿو، سا هن جي ماءُ جي ٻولي آهي، تنهن ڪري
تعليم لاءِ ماءُ جي ٻولي ئي نه رڳو مؤثر، سڀ کان
مؤثر پر واحد ذريعو سمجهي وڃي ٿي ۽ مڃي وڃي ٿي.“
اهو سبب آهي، جو جويو صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار
ٿيندڙ نصابي ڪتابن جي تياريءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ۽
اثرائتو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. اها ڳالهه فقط
نصابي ڪتابن تائين محدود ناهي، بلڪه سنڌي ادبي
بورڊ جي مختلف ڪتابن جي اشاعت جي مرحلن تي پاڻ
انهن ڪتابن کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ اهم ڪردار ادا
ڪندو رهيو. جويي صاحب جن ڪتابن جا مهاڳ لکيا آهن،
انهن ۾ گهربل درستيون پڻ ڪندو رهيو آهي، نتيجي ۾
ڪتاب کوري مان پڪل پختي ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙن
تائين پهچي ٿو. اهو حال ادبي بورڊ کان سواءِ جي
ڪتابن ۾ به رهيو آهي.
تعليم جي اهميت کي ذهن ۾ رکندي پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي
مالا مال ڪيو اٿس.
سائين محمد ابراهيم جويو جي انهن عظيم ڪارنامن جي
مڃتا ۾ سنڌ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ عالمن،
اديبن، ڏاهن ۽ علم دوستن 13 آگسٽ 2014ع کان 13
آگسٽ 2015ع کي سائين محمد ابراهيم جويو جو سال ڪري
ملهائڻ جو رٿيو آهي ۽ ان لاءِ سائين محمد ابراهيم
جويو سو ساله جشن ڪاميٽي جوڙي آهي، جنهن جي سرواڻي
سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر جناب
مظهرالحق صديقي ڪري رهيو آهي، اها ڪاميٽي مختلف
ادارن، علمي ۽ ادبي تنظيمن سان گڏجي پروگرام
ڪرائيندي ۽ اهڙيءَ ريت سائين محمد ابراهيم جويو جي
علمي ۽ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان
خدمتن جي مڃتا ۾ کين ڀيٽا پيش ڪندي.
ڪاميٽيءَ جا ميمبر:
محترم مظهر الحق صديقي چيئرمين
پروفيسر محمد سليم ميمڻ سيڪريٽري
محترمه مهتاب اڪبر راشدي ميمبر
محترم سيد مظهر جميل ميمبر
ڊاڪٽر فهميده حسين ميمبر
منظور احمد قناصرو ميمبر
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ميمبر
محترم جامي چانڊيو ميمبر
ڊاڪٽر مشتاق ڦل ميمبر
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ميمبر
محترم محمد احمد شاهه ميمبر
محترم شوڪت حسين شورو ميمبر
محترم شمس جعفراڻي ميمبر
محترم ذوالفقار هاليپوٽو ميمبر
محترم رفيق احمد جعفري ميمبر
محترم محسن جويو ميمبر
محترم نصير مرزا ميمبر
محترم الله ڏتو وگهيو ميمبر
ڊاڪٽر سيد جعفر احمد ميمبر
محترم تاج جويو ميمبر
ڊاڪٽر عرفانه ملاح ميمبر
محترمه امر سنڌو ميمبر
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ميمبر
محترم مدد علي سنڌي ميمبر
محترم مسلم شميم ميمبر
ڊاڪٽر امجد سراج ميمبر
پروفيسر انيس زيدي ميمبر
ڊاڪٽر ادل سومرو ميمبر
محترم اياز گل ميمبر
ڊاڪٽر ناهيد پروين ميمبر
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ميمبر
محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن کي ملهائڻ لاءِ
پروگرامن ۽ ڪتابن جي اشاعت جي ڏس ۾ جن ادارن جو
سهڪار شامل آهي، تن ۾ هيٺيان شامل آهن:
ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
سنڌي ادبي سنگت
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي
سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور
سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي، لياري، ڪراچي
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،
ڪراچي.
ادب،
ٻوليءَ ۽ تعليم جو فڪري محافظ
جامي چانڊيو
سائين محمد ابراهيم جويو هونئن ته سڄيءَ سنڌ جو
فڪري استاد آهي، پر سائينءَ جي سموري زندگيءَ جو
محور ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘ رهيا آهن. اهوئي سبب آهي
جو سائين پنهنجي اهم ترين فڪري ڪتاب جو عنوان ئي
’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘ رکيو آهي. مان نه ٿو سمجهان
ته ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم جهڙن ٽن بنيادي شعبن بابت
ٻئي ڪنهن به دانشور انهيءَ فڪري گهرائيءَ ۽ وُسعت
سان ايترو لکيو آهي. اڄ جڏهن سائينءَ پنهنجي
زندگيءَ جا 99 سال
پورا ڪري هڪ صديءَ جي آخري سال ۾ قدم رکيو آهي،
تڏهن مان سنڌ جي نوجوان نسل کي سندس ان ڪتاب بابت
ڄاڻ ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيئن هُو ان فڪري استدلال کي
پنهنجي هيئنين سان هنڊائي سگهن.
جويي صاحب جو هيءُ ڪتاب- ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘ سندس
چونڊ لکڻين جي چئن جلدن تي مشتمل ڪتاب ’هوءَ جا
ٽمڪي باهڙي‘ جي سلسلي ۾ ٻيو ڪتاب آهي، جڏهن ته هن
سلسلي جو پهريون جلد نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچيءَ،
هٿان شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو هو ۽ سنڌ جي سنجيده
پڙهندڙن وٽ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. هن سلسلي
جو هيءُ ٻيو ڪتاب ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘ به پنهنجي
مواد جي علميت ۽ افاديت، چونڊ ۽ خاص رٿا ۽ ترتيب
سبب وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. ڪتاب جي سموري مواد
۽ موضوعن مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب، ادب، ٻولي ۽
تعليم جي ڪارج بابت جويي صاحب جي ويچارن، روين،
نُڪتهء نظر جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو.
ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ”ادبي سنگت“،”مهراڻ“
۽ ”سنڌو“ بابت ڊاڪٽر دائودپوٽي، رحيمداد مولائي
شيدائي ۽ احمد بشير جي لکيل مضمونن جي آزادانا
(دعائيه پيشبنديءَ) کان پوءِ1-1955ع کان وٺي
4-1956ع تائين ”مهراڻ“ جي اَٺن اشاعتن ۾ غلام محمد
گراميءَ ۽ جويي صاحب جي لکيل ايڊيٽوريلن، ٻارن جي
ادبي پرچي ”گل ڦل“ ۾ غلام ربانيءَ ۽ جويي صاحب جي
ادارين ۽ ”مهراڻ“ ۾ شيخ حفيظ، رسول بخش پليجي،
جمال ابڙي، شيخ راز، محترم شمس صديقيءَ، بشير
مورياڻيءَ، ثميره زرين ۽ ٻين ادب دوستن جي ادبي
خطن ۽ پڙهندڙن جي پيغامن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي
پهرين ڀاڱي ۾ ”مهراڻ“ ۽ ”گل ڦل“ جا اداريا ۽ انهن
۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جا خط ۽ پيغام شامل
ڪرڻ جو هڪ خاص مقصد آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته جيئن
اها ڳالهه ادبي اتهاس جي رڪارڊ تي رهي ۽ هن دؤر جي
نوجوانن کي معلوم به ٿي سگهي ته جويي صاحب اُن
زماني ۾، جڏهن هو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽
”مهراڻ“ جو سرپرست ۽ ايڊيٽر هو، تڏهن هن ڪهڙيءَ
سوچ ۽ ساڃاهه تحت، سنڌي ادب جي آبياري ڪرڻ ٿي گهري
۽ اها عملي طور ڪري به ڏيکاري.
محمد ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري
ٿي اچڻ، سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ پس و پيش سنڌي عوام
لاءِ ڀاڳ ثابت ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ، دنيا جي جديد
علمن ۽ فڪري سرچشمن جي ڦهلاءَ جي مرڪز ۽ ذريعي طور
انيڪ ڪتابي رٿائن، دنيا جي شاهڪار ڪتابن جي سنڌيءَ
۾ ترجمن ۽ مهراڻ ۽ گل ڦل وسيلي دنيا جي جديد فڪري
ادب ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ جو مُهندار بڻجي ويو.
هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو، ان جو آئينه دار آهي.
مهراڻ جي ادارين ۽ ان ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن
جي راين، تبصرن ۽ خطن جي مواد مان ئي پتو پوي ٿو
ته جويو صاحب سنڌي ادب جي معيار کي ڪيڏين نه
بلندين تي کڻي ويو هو. انهيءَ ئي زماني ۾ جمال
ابڙو هڪ افسانه نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور اُڀريو، رسول
بخش پليجو ادبي تنقيد ڏانهن مائل ٿيو ۽ شيخ اياز
جي شاعري پنهنجي بلوغت کي پهتي. مهراڻ جا هي
اداريا ۽ پڙهندڙن توڙي اديبن جا تبصرا ۽ خط پڙهي
محسوس ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ئي اهو دؤر هو جڏهن
جديد سنڌي ادب ۽ شعور جا بنياد پئجي رهيا هئا ۽ ان
سڄي سفر جي سرواڻي ٻين سان گڏ سائين محمد ابراهيم
جويي پڻ ڪئي. اڄ جڏهن اسان جي ادبي ماحول ۾
سنجيدگي، علميت ۽ فضيلت جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي،
تڏهن مهراڻ ۽ گل ڦل ۾ ڇپيل هيءُ مواد، تهائين وڌيڪ
اهم ٿي وڃي ٿو، جو ان مان پروڙ پوي ٿي ته اُن دؤر
۾ جويي صاحب جهڙا ماڻهو ادب جي شعور ۽ تنقيدي
روايت کي ڪيترو نه مٿاهين درجي ۽ سطح تي کڻي ويا
هئا. ادب ۾ سنجيده رويا، روايتون ۽ رجحان ئي اعليٰ
۽ معياري ادب جي تخليقن جو سبب بڻيا آهن، ان لحاظ
کان اُن زماني کي سنڌي ادب جي معيار ۽ افاديت جي
حوالي سان سونهري دؤر چئي ۽ قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو، ادب بابت آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي
انجمن حيدرآباد سنڌ، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو
سوسائٽي لميٽڊ جا ۽ ٻيا جويي صاحب جا لکيل ادبي
پڌرناما، مختلف ادبي ڪانفرنسن ۽ اجتماعن جي موقعي
تي سندس پڙهيل صدارتي خطبا ۽ ادب بابت متفرقه
مضمون ڏنا ويا آهن. جيتوڻيڪ جويو صاحب پاڻ هڪ
دانشور اديب آهي پر ادب بابت هن جو نظريو توڙي
رويو عام رواجي قسم جو ۽ سطحي ناهي. جويو صاحب، هڪ
انسان دوست ۽ وطن دوست دانشور ۽ اديب آهي ۽ ساڳئي
وقت هُو فلسفي ۽ تاريخ جو شاگرد به آهي، ان ڪري هن
جو ادبي نڪتهء نگاهه ڏاڍو گهرو، وسيع، بيحد
ذميوارانه آهي. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو، جيڪو ادب بابت
آهي، دراصل جويي صاحب جي ادبي شعور ۽ ادراڪ جو
آئينه دار آهي. اچو ته ان لاءِ سندس ئي بيان ڪيل
بنيادي ڳالهين تي هڪ نظر وجهون.
”ادب رڳو واندڪائيءَ جي وندر نه آهي، پر ان سان گڏ
انسان جي ذهن کي اڇي اُجري ۽ صاف ڪرڻ جو هڪ آزمايل
وسيلو پڻ آهي. ادب ئي آهي جو پڙهندڙن جي دلين ۾
جذبا ۽ اُمنگ اُڀاري سندن ذهن کي صحيح سمجهه ۽
شعور سان روشناس ٿو ڪري. ادب ئي آهي جو پنهنجي
آسپاس جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪُڌاين، اوڻاين ۽
اڍنگاين تان پردا لاهي، پڙهندڙن جي دلين ۾ انهن
بڇڙاين سان ڀريل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جا
اُمنگ ۽ ارادا پيدا ٿو ڪري ۽ سندن سامهون اُهي
رستا ۽ طريقا پڻ روشن ٿو ڪري، جن جي مدد سان هو
پنهنجيءَ زندگيءَ جي نظام ۾ دل گهري اصلاح ۽ درستي
آڻي سگهن.“
”ڪافي وقت کان ويندي هيل تائين سنڌي ادب جي دنيا ۾
جيڪا چرپر يا واڌ ڏسجي ٿي، اها گهڻي قدر هڪ خاص
قسم جي ادبي پيداوار تائين محدود آهي، جنهن کي عام
پسند، نيم سياسي ۽ داخلي سرچاءَ جو ادب چئي سگهجي
ٿو. علمي، سائنسي ۽ فني ادب ته هونئن ئي ڪو خاص
اسان وٽ نه اڳ پيدا ٿيو آهي ۽ نه هاڻي ئي ڪو گهڻو
پيدا ٿو ٿئي، پر خالص ادب جي ذمري ۾ پڻ جنهن ۾
شعر، افساني ۽ تنقيد جون صنفون شامل آهن، ڪي ڳاڻ
ڳڻيا اضافا ٿي نه سگهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ايندڙ ڏهن
سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار چونڊ ڪتاب مختلف علمي،
سائنسي، فني ۽ ادبي نوع جا، دنيا جي ڪن ترقي ڪيل
ٻولين، خاص طرح انگريزيءَ مان ترجما ٿي پڌرا ٿيڻ
گهرجن.....“
”ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حُسن ۽ عشق
آهي. سڄيءَ زندگيءَ جي جدوجهد جو تتُ آهي ئي
زندگيءَ جي ڪوجهائيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي سونهن کي
وڌائڻ. اديب يا فنڪار جي دل ۾ تخليقي اُڌمو اُٿي
ئي اِنهيءَ لاءِ ٿو، ته جيئن زندگيءَ جي ڪنهن
ڪُنڊ، ڪنهن پاسي ۾ حُسن پيدا ٿئي، شعر، شاعري،
اسٽيج ۽ ناٽڪ، مصوري، راڳ ۽ رقص، مجسمي سازي- اها
سڄي ڪاوش زندگيءَ ۾ حُسن کي جنم ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ
لاءِ ڪئي وڃي ٿي. حُسن جي تلاش عشق آهي، عشق جي
منزل حُسن آهي، جيڪڏهن اسان جي اديبن ۽ فنڪارن
پنهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي پنهنجي ڏات جي ڏيهه
۾ حُسن ۽ عشق جي ڳالهه نه ڪئي ته ڄڻ زندگيءَ جي
مقصد جي نه سڃاڻپ ٿي، نه ڳولا ٿي ۽ ان جي ڪا
حاصلات ئي ٿي سگهي ٿي.“
”اسان جي ادب ۾ جيڪڏهن رڳو سياست، رڳو قومي مسئلو
۽ رڳو وطني قصيدو پيو پيش ٿيندو، ته اهو هڪ رنگو ۽
هڪ طرح، ٺلهو ۽ ڪُچَسو ٿي پوندو ۽ ان جا پڙهندڙ ۽
ٻُڌندڙ ٻئي ڪڪ ٿي پوندا. اڃا سنڌ هڪ وڏي آزار ۽
مهاڄار ۾ ڦاٿل آهي، ان ڪري ماڻهن تي اهي ڳالهيون
”هڪ رنگيءَ جون“ اثرانداز آهن، پر اڳتي هلي ادب ۽
فن جو اهو هڪ طرفو ڪردار ان جي آئنده کي اونداهو
ڪري ڇڏيندو. انهيءَ ڪري اسان جي ادب کي گهڻ
پاسائون ۽ هم گير ٿيڻ گهرجي. ان کي اسان جي جملي
زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ کپي.“
”سنڌي سماج لاءِ، جو اسان مٿي چيو آهي ته اهو
پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي، سو انهيءَ معنيٰ ۾ ته
اهو هڪ ڪرندڙ وڏيرا شاهيءَ يڪ پيرو شاهوڪار شاهي،
بيٺڪي سماج آهي. هاڻي، ان جا ماڻهو ۽ ان جا اڳواڻ
پنهنجي سماجي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن
ٿا؟ جيڪڏهن اهو ئي ته هيءُ سندن پوئتي پيل ۽ غلام
سماج اڳتي وڌي ۽ پاڻ ڀرو ٿئي ته سندن ادب کي اهو
ئي ڪردار يا رول ادا ڪرڻو پوندو، يعني هڪ نجات
ڏياريندڙ ۽ اڳتي نيندڙ ادب جو رول- نجات ڏيندڙ
ذهني ۽ سماجي پستيءَ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خود
اعتماد، پرُاُميد ۽ باوقار سماجي آئيندي ڏانهن ۽
ايئن خود ان جو پنهنجو آئيندو به انهيءَ ئي انداز
۽ انهيءَ ئي معيار جو ٿيڻو آهي، بلڪه اهو سنڌي
سماج جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن جو ئي
فرض آهي ته پنهنجي ادب جي انهيءَ علم دوست، فڪر
آفرين، انسان شناس ۽ ترقي پسند رُخ کي مستحڪم ڪن ۽
ان کي انهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين، ڇو ته ان جي
آئيندي جي راهه اها ئي آهي ۽ ان جو آئيندو نجات،
امن ۽ سلامتيءَ جي انهيءَ ئي منزل سان ڳنڍيل آهي،
جيڏانهن اها راهه وڃي ٿي.“
هاڻي اندازو لڳائي ۽ تصور ڪري سگهجي ٿو ته جويي
صاحب وٽ ادب ۽ ان جي سماجي ڪارج جو تصور ڪيڏو نه
سنجيده، ذميوارانه، گهڻ- پاسائون، لطيف ۽ بامقصد
آهي. دراصل هيءُ ئي ادب جو اهو تصور آهي، جنهن
ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ادب تخليق ٿي سگهي ٿو،
جيڪو نه رڳو اسان جي ماضيءَ ۽ حال جو ترجمان هجي،
قومي زندگيءَ جي سمورن تاريخي، سماجي، ثقافتي،
سياسي، تخيلاتي، فطري ۽ آدرشي پاسن جي عڪاسي ڪري،
پر آئيندي لاءِ به شعور، جاڳرتا، حُسناڪيءَ، لطافت
۽ اتساهه جو اهڃاڻ بڻجي. يعني ٿورن لفظن ۾ اهڙو
ادب جيڪو لطيفي روايت جو امين هجي. جويي صاحب جي
ادب بابت هنن سمورين تحريرن ۽ تقريرن ۾ نه رڳو
اسان کي اهڙي ادب جو واضح ۽ وسيع تصور ملي ٿو، پر
اها رٿابندي به ملي ٿي، جنهن وسيلي سنڌي ادب کي ان
گهربل معيار ۽ منزل تي رسائي سگهجي ٿو، خود جويي
صاحب جو پنهنجو سمورو ادبي پورهيو ادب جي اهڙي
سنجيده تصور ۽ روايت جو پاسبان آهي. اهو ئي سبب
آهي جو سنڌ جي روشن خيال ۽ ساڃاهه وند ليکڪن تي
جويي صاحب جي ادبي فڪر ۽ شعور جو وڏو اثر پيو ۽
پوندو رهيو آهي. جيستائين ادب ۽ ان جي ڪارج جو
تصور واضح نٿو ٿئي، تيستائين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اهو
ادب پيدا ٿيڻ محال آهي، جيڪو قومن جي شخصيت جي
تعمير ڪندو آهي ۽ ڪتاب جي هن ٻئي ڀاڱي ۾ اهو تصور
بلڪل چٽو ٿي سامهون اچي ٿو.
ڪتاب جو ٽيون حصو ”ٻوليءَ ۽ تعليم“ بابت آهي، جنهن
۾ ٻوليءَ ۽ تعليم بابت جويي صاحب جا مختلف مضمون،
ادبي محفلن ۾ پڙهيل خطبا، ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ ۽
ٻيون لاڳاپيل موضوعن بابت متفرقه لکڻيون شامل ڪيون
ويون آهن.
ٻولي جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽ سماج جي شعور توڙي
تحت الشعور جي ترجمان ۽ زبان هوندي آهي، ان ڪري
جويو صاحب، هڪ اديب ۽ اسڪالر جي حيثيت ۾، سنڌي
ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي ۽ ٻوليءَ بابت
هن جي اها حساسيت ئي آهي جنهن سبب هن جي سڄي ڄمار
سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري ۽ صحت لاءِ پاڻ
پتوڙيندي گذري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ، ان جي
اصلوڪي حيثيت ۽ هيئت جي احياءَ، ويا ڪرڻي ٺاهه-
ٺوهه، نج ۽ نباز لفظن جي سنڀال سان گڏ نون لفظن،
محاورن ۽ اصطلاحن جي ٺاهڻ ۽ انهن جي سنڌي ٻوليءَ
جي صوتي مزاج موجب گهڙ، سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو
دائرو شاعريءَ، افسانن ۽ آکاڻين سان گڏ فلسفي،
سائنس ۽ اهڙن ٻين شعبن تائين وڌائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ
کي ان قابل بنائڻ لاءِ جاکوڙڻ ته جيئن اهي شعبا
پوريءَ طرح اسان جي ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪري
سگهن.
ان سلسلي ۾ جويي صاحب جو پورهيو بنيادي حيثيت رکي
ٿو. جويي صاحب پاڻ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اوائل ۾
شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا ۽
سينگاريندا آهن، پر جڏهن ٻولي وهيءَ چڙهندي آهي،
تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس ان جي حُسن ۾ هڳاءَ
۽ جوڀن جو رس ڀريندا آهن.“
ٻوليءَ جي پختگيءَ، لفظن جي ذميواراڻي استعمال ۽
سٽاءَ، ٻوليءَ جي وياڪرڻي ٺاهه ٺوهه ۽ صوتي اثرن
جي نفاست ڀري نڀاءَ، ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ، لطافت ۽
هڳاءَ کي نه رڳو برقرار رکڻ پر ان ۾ تخليقي واڌارن
جي لحاظ کان جويي صاحب جي ٻولي اسان جي ادب جو
اعليٰ علمي نثر آهي. ان ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ
جويي صاحب جو لکيل طبعزاد مواد توڙي سندس نگرانيءَ
۽ نظر هيٺ ايڊٽ ٿيل ۽ شايع ٿيل رسالا ۽ ڪتاب ڏسي ۽
پرکي سگهجن ٿا.
سائين جي.ايم.سيد کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ حسام
الدين راشديءَ کان وٺي الهداد ٻوهيي ۽
ايم.ايڇ.پنهور تائين، جويو صاحب ئي سندن ٻوليءَ جي
تصحيح ۽ تاليف ڪندو رهيو آهي ۽ اهو ڪو معمولي
اعزاز ناهي. ڪتاب جو هن حصي ۾ جتي جويي صاحب سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ، ان جي خاص مزاج، شاهوڪاريءَ ۽
زرخيزيءَ کي نروار ڪيو آهي، اتي هن موجوده دؤر ۾
سنڌي ٻوليءَ کي امڪاني خطرن کان پڻ خبردار ڪيو آهي
۽ نيٺ اهي گس به ڏَسيا آهن، جن رستي اسين پنهنجي
سدا ملوڪ ۽ سدا حيات ٻوليءَ جو نه رڳو بچاءُ ڪري
سگهون ٿا پر ان کي جديد دؤر جي ضرورتن ۽ تقاضائن
سان به هم آهنگ ڪري سگهون ٿا.
ٻوليءَ سان گڏ ڪتاب جي هن حصي ۾ جويي صاحب جا
تعليم بابت به ليک شامل آهن، جيڪي تعليم بابت هن
جي سوچ، نگاهه ۽ ادراڪ جو احاطو ڪن ٿا. جويو صاحب
پيشي ۽ ذهني رجحان سبب پاڻ به سدائين هڪ استاد ۽
معلم رهيو آهي. هڪ اهڙو استاد ۽ معلم جيڪو ساڳئي
وقت دانشور، مفڪر ۽ اديب به هجي، پنهنجيءَ قوم،
عوام ۽ وطن جي سڌاري، واڌاري ۽ آجپي لاءِ سوچيندو،
لوچيندو ۽ ووڙيندو هجي، ان جو تعليم بابت تصور
لازمي طور منفرد ۽ وسيع ئي هوندو. جيئن جويو صاحب
ادب ۽ ٻوليءَ جي سمورين سرگرمين کي پنهنجي وطن،
قوم، عوام ۽ پس و پيش سموريءَ انسان ذات لاءِ
ذميوار ۽ انهن جي اجتماعي مفادن سان مشروط سمجهي
ٿو، تيئن هو تعليم کي به محض روزگار حاصل ڪرڻ جو
ذريعو نه پر قومي اڏاوت جو بنياد تصور ڪري ٿو.
اهوئي سبب آهي جو جويي صاحب پائلو فراريءَ جو جڳ
مشهور ڪتاب "Pedagogy
for the Oppressed" (علم
تدريس- مظلوم لاءِ) جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيو ته جيئن سنڌي سماج ۾ تعليم جو روشن خيال ۽
عوام دوست تصور متعارف ٿي سگهي ۽ تعليم رياستي
مشنريءَ لاءِ پرزن پيدا ڪرڻ بدران سماج جي قومي
تعمير جو اثرائتو ذريعو بڻجي سگهي.
ڪتاب جو چوٿون حصو، جويي صاحب جي مختلف تنقيدي
مضمونن، تبصرن ۽ اڀياسي ليکڪن تي مشتمل آهي.
جيتوڻيڪ جويي صاحب پاڻ جديد سنڌي ادب ۾ تنقيد کي
وڌايو ۽ ادب ۾ ان بنيادي اهميت جي حامل شعبي ۽
لاڙي کي نه رڳو پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ ۽
ذميواريءَ سان متعارف ڪرايو، پر اهي قدر، معيار ۽
محرڪ به واضح ڪيا، جن کي بنياد بڻائي سنڌي ادب ۾
رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙا زبردست
۽ بي مثال ادبي نقاد پيدا ٿيا. هن نه رڳو تنقيد
لاءِ سنجيده معيار، قدر ۽ محرڪ واضح ڪيا، پر پاڻ
به انيڪ تنقيدي ليک لکيا، جن مان ڪجهه ڪتاب جي هن
چوٿين حصي ۾ ڏنا ويا آهن. جويي صاحب جي پنهنجي
شخصيت وانگر هن جي تنقيد جي انداز ۽ لهجي ۾ به
شائستگي ۽ فضيلت جا عنصر نمايان آهن. جيئن جويو
صاحب ذاتي زندگيءَ، ادب، سياست توڙي هر سماجي
وهنوار ۾ اخلاقي قدرن جو قائل آهي، تيئن هُو ادب
۽ خاص طور ادبي تنقيد ۾ به اخلاقي قدرن جو بيحد
قائل رهيو آهي. جويي صاحب جي تنقيد جو لهجو ۽
ڏانءَ رهنمائي ڪرڻ وارو هوندو آهي، يعني تنقيد ۾
به جويو صاحب هڪ ڄاڻو ۽ وضعدار استاد وارو ڪردار
ادا ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي ثابتي هن جون ڪتاب جي
هن ڀاڱي ۾ شامل تنقيدي لکڻيون آهن. مثال طور هن
حصي جو پهريون مضمون جيڪو 1954ع ۾ مولانا گرامي
صاحب جي ادارت هيٺ شايع ٿيل ادبي مخزن ”شاعر“ تي
تنقيد آهي، سو ئي جويي صاحب جي ان انداز ۽ ڏانوَ
جو مظهر آهي. مضمون ۾ جويي صاحب مولانا گراميءَ
سان مخزن جي مواد، ان جي سٽاءَ، ايڊيٽر جي ادارتي
ذميوارين ۽ اهڙين ٻين ڳالهين بابت سنجيده اختلاف
رکندي، ساڻس پنهنجن تحفظات ۽ اعتراضن جو اظهار ڪيو
آهي، پر مضمون جي آخر ۾ جنهن دل جي ڪشادگيءَ ۽
مثبت رويي سان بحث کي سهيڙيو آهي، ان جو مثال اسان
وٽ تنقيد ۾ گهٽ رهيو آهي، مثال طور هو لکي ٿو:
”گراميءَ صاحب وڏي مرتبي جو شاعر آهي ۽ اهل قلم
آهي، سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کان ڪنهن کي به
انڪار ٿي نٿو سگهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو
پورو احساس آهي ته رسالي جي ادارت هڪ نهايت ڪَٺن
ڪم آهي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اديبن جون ناراضگيون،
دوستن جون ڪاوڙيون، بارسوخ ماڻهن جا رعب تاب سِرَ
تي سَهڻا پون ٿا. ان هوندي به هر ڪنهن ايڊيٽر کي
هڪ محدود دائرو آزاديءَ جو نصيب هوندو آهي ۽
انهيءَ دائري ۾ جيڪڏهن هڪ محنتي ۽ باذوق ايڊيٽر
پنهنجي صحيح ۽ پخته اعتقادن ۽ پنهنجي تربيت يافته
ادبي پرک کان همت ۽ سمجهداريءَ سان ڪم وٺندو، ته
هو پنهنجي رسالي ۾ نهايت چڱيون چڱيون چيزون پيش
ڪري سگهي ٿو. اسان کي يقين آهي ته گرامي صاحب به
پنهنجي انيڪ تڪليفن ۽ مجبورين جي باوجود جيڪڏهن
اورچائيءَ ۽ محنت سان پنهنجي حقيقي ويساهن ۽ عقيدن
جي روشنيءَ ۾ ”شاعر“ جي تربيت ڪندو، ته هو ان جي
موجوده علمي، ادبي ۽ فني سطح کي گهڻو گهڻو بلند ۽
بهتر ڪري سگهي ٿو.“
اهڙيءَ طرح هن ڀاڱي ۾ جويي صاحب جنهن انداز سان
پليجي صاحب جي ڪهاڻي ”پسي ڳاڙها گُل“ جي پرک ڪئي
آهي، ڪهاڻيءَ جي موضوع، ٻوليءَ ۽ اهميت کي تنقيدي
شعور سان ساراهيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيءَ سان نڀاءَ
جي سلسلي ۾ رهجي ويل ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي،
ان ۾ به تنقيد جي حوالي سان جويي صاحب جو ساڳيو
رويو نظر اچي ٿو. مثال طور هُو لکي ٿو:
”هڪ ٻن هنڌ، افسانه نويس جي قلندري طبع سبب، يا
مسودي جي نقل نويس جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لاپرواهيءَ
سبب افساني ۾ ڪي خسيس تضاد ۽ خسيس نقص به رهجي ويا
آهن، مثلاً: افساني جي ثانوي مُک ڪردار، پاروءَ کي
هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اوچين ٽارين تي چڙهي ويٺل
ڏيکارڻ، حالانڪه ديويءَ جو وڻ عام طرح نه ايڏو
ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نه ان جون ٽاريون ايتريون اوچيون
ٿينديون آهن جن تي ايئن چڙهي ويهي سگهجي يا پهرئين
مُکَ ڪردار، ملوڪان جي ماءُ کي آخر ۾ هڪ ئي وقت
جيئرو ڏيکارڻ، جڏهن ملوڪان جهلجي پنهنجي اباڻي ڳوٺ
۾ آندي وڃي ٿي ۽ اتي ئي ان کي ملوڪان جي واتان مري
ويل بيان ڪرڻ، جڏهن ملوڪان نيئرن ۾ قابو ڪال
ڪوٺڙيءَ ۾ رتوڇاڻ ٿي ڪري پئي آهي ۽ پنهنجي ننڍي
ڀاءُ جمعي جي ننڍپڻ جو پيار وارو زمانو ياد ڪري
ٿي، جيڪو ساڳيو جمعو اڄ هن کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪري
بنهه سرڻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هو.
”اهڙيءَ طرح شايد ڪجهه قدر افساني جي ڇپائيءَ ۾ پڻ
ڪي اوڻايون اتفاق سان رهجي ويل آهن. مثلاً: ان جي
بنهه پڇاڙيءَ واري پئرا جيڪا ان کان اڳ واري پئرا
جي ٻئي جملي کان پوءِ لاڳيتي مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ
گهربي هئي ۽ افساني جو خاتمو اتي ئي ٿيڻ کپندو هو،
جڏهن تڏي تي پيل ڦٽيل ۽ سڄيل، بدن چچريل ۽ زخمي
روح واريءَ ملوڪان ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ايڏو
ته قياس اچي ٿو جو پاڻ کي پاڻ کان الڳ ٻي ڪا ڇوڪري
سمجهي ان سان همدردي ڪري ٿي ۽ افسوس وچان سوچي ٿي
ته هيتري سور سهڻ کان پوءِ هوءَ ويچاري ڏاڍي ٿڪي
پئي هوندي ۽ پوءِ آٿت ڏيندي چويس ٿي: ”..... سمهي
رهه، ملوڪان ادي سمهي پئو!...“
”اهي ۽ اهڙا ٻه چار نقص ان افساني ۾ ايڏا ته ڏٺا
وائٺا ۽ ساڳئي وقت ايڏا ته بنهه معمولي ۽ خسيس آهن
جو انهن کي پڙهڻ سان ذهن کي ايئن ڪو لوڏو رسي ٿو
ڄڻ ڪنهن مصور جي عظيم تصوير ۾ ڪٿي ڪنڊ تي ڪو ليڪو
پئجي ويو هجي يا ڪنهن حَسين چهري تي ڪٿي ڪو هڪ اڌ
ڪارٺ جو داغ اچي ويو هجي. انهيءَ خيال کان اهي
معمولي نقص افساني جي تاثر کي پاڻ وڌائين ٿا، بلڪه
ايئن جيئن ڪو ڪارو تر معشوق جي گلابي ڳل کي شاعرن
کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪندو آهي. افساني جي مجموعي
رٿا، ان جي موضوعي ۽ جذباتي پهچ ۽ ان جي پيشڪش ۽
اظهار جي شاعرانه پرواز تي انهن هڪ اڌ بنهه رواجي
اوڻاين سبب ڪنهن به قسم جو ڪو اثر ڪونه ٿو پيدا
ٿئي.“
مون مٿي اهي ٽڪرا ان ڪري ڏنا آهن، جيئن تنقيد ۾
جويي صاحب جو اسلوب، ڏانءُ ۽ رويو پوريءَ طرح واضح
ٿي سگهي ۽ ايئن ڪتاب جي چوٿين ڀاڱي ۾ شامل سمورين
تحريرن، تقريرن ۽ تبصرن ۾ جويي صاحب جو اهوئي
انداز ۽ لهجو اسان کي نظر اچي ٿو. مان سمجهان ٿو
ته هڪ ادبي استاد کي اهڙو ئي انداز ۽ رويو سونهين
ٿو.
ڪتاب جو پنجون حصو- ”پيغام ۽ شعر“ جي نالي سان
جويي صاحب جي مختلف علمي تنظيمن ۽ ادبي مجلسن
ڏانهن موڪليل پيغامن ۽ ست فرئنسيس آسيسي، پي.بي شيلي
(1832-1792ع)، جي.ايم.محڪريءَ، سروجني ديوي ۽ ندي
وِرما جي نظمن جي تخليقي سنڌي ترجمن ۽ سندس پنهنجي
هڪ طبعزاد اصلوڪي نظم ”او سنڌ!“ ۽ ٻن مختصر
انٽرويوز تي مشتمل آهي. ذهني ۽ فڪري طور هڪ صاف،
واضح ۽ ڪميٽيڊ دانشور جي زندگيءَ جي هر سوچ، لوچ،
ان جو هر قدم ۽ قلمي پورهيو سندس زندگيءَ جي متعين
ڪيل بنيادي محرڪ ۽ مقصد تي ئي مرڪوز هوندو آهي.
جويو صاحب به ايئن آهي. هن ڀاڱي ۾ شامل مواد پوءِ
پيغام هجن يا دنيا جي مختلف شاعرن جا چونڊ نظم يا
سندن انٽرويوز ۾ ڪيل ۽ چيل ڳالهيون هجن. انهن جي
پويان محرڪ ۽ مقصد به اهوئي ساڳيو آهي ۽ اهو آهي
زندگيءَ سان ڪمٽمينٽ. سنڌ سان اٿاهه وابستگي، سنڌ
جي آزاديءَ ۽ ان جي عوام جي دائمي سلامتي، خوشحالي
۽ شان لاءِ سوچڻ، لوچڻ ۽ ان عظيم مقصد ۽ آدرش جي
حاصلات جي جدوجهد ۾ سدائين جنبيل رهڻ ۽ ڪڏهن به
ورچي نه ويهڻ. هن ڀاڱي ۾ شامل سندس اصلوڪو نظم ”او
سنڌ“ سندن انهن ئي آدرشن جو آئينه دار آهي. هي چئي
ٿو:
او سنڌ!
منهنجي پنهنجي سنڌ!
اڄ ٿو آئون توکان پڇان،
ٻڌاءِ‘
تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟
تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟
آئون ڪير آهيان؟
تون ٿي مون کان پڇين؟
.... ماءُ
آئون.... تنهنجو اولاد!
تنهنجي مامتا جي گهراين،
تنهنجي شادابين، سبزين،
تنهنجي مٽيءَ تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجي هوا،
۽ تنهنجي وسعت مان اُٿيل هڪ ٻالڪ!
تنهنجو اولاد....!
تنهنجو آندو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!
منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،
تو مون کي ڄڻيو،
تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،
تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:
تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،
تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،
تنهنجون ماٿريون ۽ ميدان،
تو مون کي ڄڻيو،
تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،
تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:
تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،
تنهنجون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،
تنهنجيون ماٿريون ۽ ميدان،
تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،
تنهنجيون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ
هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت
منهنجا ڀائر،
هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،
هي تنهنجي تلائن ۾ ڍنڍ ۾،
ڀانت ڀانت جون مڇيون ۽ ننڍڙا جيت،
هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾،
گهمندڙ ڦرندر طرح طرح جا جانور ۽ حيوان:
هي اسان جا رنگ، اسان جا آواز، هي اسان جون
نگاهون:
.... منهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي
نگاهون ته آهن!
هي سڀئي!
هي ۽ آئون ..... اسين سڀئي تنهنجو ئي ته اولاد
آهيون!
اسان سڀني جو ساهه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل
آهي!
اسان سڀني جو جسم، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي
اسان مان هر ڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾ توسان ڳالهائي
ٿو،
.... توکان ڪجهه گهري ٿو، توکان ڪجهه طلبي ٿو:
۽ تون،
جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،
سو سڀ ڪجهه اسان سڀني کي،
اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پئي ٿي هميشه ڏين!
۽ آئون....
انهيءَ جي عيوض ڪجهه ڏيان،
ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،
۽ ڪجهه ڏيندس
اهو ڪجهه، جو توکان،
تنهنجي وسعتن مان،
تنهنجي شادابين مان،
چورائجي ويو....
ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو!
۽ تون هڪ سوال بڻجي وئينءَ،
منهنجي لاءِ، منهنجي ڀائرن لاءِ،
ڪمين، ڪاسبين ۽ پورهيتن لاءِ
جيجل....!
..... تڏهن ٿو اڄ توکان آئون پڇان!
سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!
منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!
ٻُڌاءِ....
تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟
تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟
…۽ ان کان اڳ، جو ڌرتيءَ ماءُ هن کان ڪجهه طلبي
ها، هن ڌرتيءَ جي هڪ فرض شناس ڏاهي پُٽ جي ثابتي
ڏيندي پنهنجي سموري حياتي ۽ سگهه سندس آجپي، جياپي
۽ اؤسر کي ارپي ڇڏي. ان لحاظ کان جويي صاحب جو
هيءُ ڪتاب، سندس انهيءَ مقصد حيات جو احاطو ڪري
ٿو.
مجموعي طور سائين محمد ابراهيم جويي جو هيءُ ڪتاب،
سنڌي ٻوليءَ جي سنجيده ادب جو اهم ورثو ۽ اسان جي
پڙهندڙن لاءِ وڏي وٿ آهي، جنهن ۾ ادب، ٻوليءَ ۽
تعليم بابت عقليت پسند ۽ ترقي پسند فلسفيانه نڪتهء
نگاهه کي نه رڳو واضح ڪيو ويو آهي، پر مستقبل لاءِ
قومي زندگيءَ جي انهن ٽنهي شعبن جي حوالي سان
رٿابندي به ڪئي وئي آهي، ۽ اها واٽ به ڏسي وئي
آهي، جنهن تي هلي اسين سنڌي سماج کي پستين،
جهالتن، اونداهين، غلامين ۽ محرومين جي ڪُن مان
ڪڍي هر قسم جي آجپي، ذهني توڙي سماجي، ثقافتي ۽
اقتصادي آسودگيءَ جي حاصلات لاءِ هڪ زندهه ۽ متحرڪ
قوم طور اڳتي وڌي سگهون ٿا ۽ دراصل اهوئي ته قومن
جي حقيقي سونهن ۽ سرجڻهارن جو ڪم ۽ ڪردار هوندو
آهي، جيڪو اسان جي ڏاهي ۽ سٻاجهي ڪاتار اسان لاءِ
۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ سڄي ڄمار پئي ڪتيو آهي.
هي جو پوڙهو جُهور، وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾
محمد ابراهيم جويو ۽ هڪ صديءَ جي
ويڙهه
مدد علي سنڌي
تازو سنڌ جي مشهور دانشور محترم محمد ابراهيم جوئي
صاحب کي اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان ڪمال فن ايوارڊ
ڏنو، اهو ايوارڊ 5 لک رپين جو آهي، هن کان اڳ
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي پڻ اِهو ايوارڊ ڏنو ويو
هو، ته ان وقت ڪيترن ماڻهن جو خيال هو ته ”ڪامريڊ
کي ايوارڊ جي رقم پنهنجي سڪيلڌي پٽ آنجهاني ڊاڪٽر
ڪنعيا لعل گيانچنداڻيءَ جي ياد ۾ ڊونيٽ ڪرڻ گهرجي
ها“، پر اعتراض ڪندڙن کي اهو خيال نه آيو هو ته،
”ڪامريڊ ڪو ارب پتي ڪونهي ۽ زندگي گذارڻ لاءِ پئسو
هئڻ لازمي آهي.“ ائين ته سنڌ سرڪار جو ثقافت کاتو
پڻ هر سال اديبن جي مالي سهائتا ڪندو رهي ٿو ۽
ڪيترن ئي نامور اديبن کي علاج لاءِ 5-5 لک رپيا
ڏنا ويا آهن. سو ڪامريڊ سوڀي کي ڪمال فن ايوارڊ
مليو، يا هن اها رقم پنهنجي علاج معالجي لاءِ رکي،
ته ان ۾ ڪا اربع خطا ڪونهي. سنڌ ۾ ڪامريڊ سوڀو ۽
محترم محمد ابراهيم جويو، روشنيءَ جا مينار آهن،
هنن جي زندگي، نئين نسل لاءِ روشنيءَ جو ڪم ڏيندي
رهي ٿي.
سو هن سال جڏهن جويي صاحب کي ڪمال فن ايوارڊ ڏنو
ويو ته هن ايوارڊ جي رقم 5 لک رپيا ايس.آءِ.يو.ٽي
کي ڏيئي ڇڏي، اهو ادارو سرجن اديب الحسن رضويءَ
جهڙو قابل احترام شخص هلائي رهيو آهي، جتي هزارين
ماڻهن جو مفت علاج ٿئي ٿو، ڪراچيءَ کان پوءِ هاڻ
هن سکر ۾ ايس.آءِ.يو.ٽي کوليو آهي.
جويي صاحب جي انهيءَ نيڪ جذبي کي معاشري جي هر
سجاڳ ماڻهوءَ ساراهيو، اها هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي،
نه ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي ايم.اين.اي ۽ سنڌ جي
ايم.پي.اي حضرات جي ذاتي اثاثن جي لسٽ اخبار ۾
شايع ٿي، خبر پئي ته ڪيترائي ڄاتل ۽ سڃاتل ماڻهو
ڪروڙن رپين جا مالڪ آهن، پر خدا کين اها توفيق نه
ڏني آهي، ته هو پنهنجن پئسن مان ٻه چار هزار رپيا
ڪنهن اداري کي ڏين يا ڪنهن غريب شاگرد جي تعليم جو
خرچ برداشت ڪن. اسان جو پيارو دوست مرحوم نورالدين
سرڪي اڄ هن جهان ۾ موجود ڪونهي، هن جو تعلق
شڪارپور شهر سان هو، ان ڳالهه جي تمام گهٽ ماڻهن
کي خبر آهي ته سرڪي صاحب، شڪارپور جي غريب شاگردن
کي اسڪالرشپون ڏيندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي
غريب شاگرد لکي پڙهي وڃي نوڪرين سان لڳا، پر هن
نيڪ مرد ڪڏهن به اهڙو لکاءُ نه پوڻ ڏنو، ڪاش! اسان
جا ايم.پي.اي ۽ ايم.اين.اي پڻ پنهنجي پنهنجي
علائقي ۾ هن قسم جي رسم شروع ڪن ته هوند گهڻو ڪجهه
ٿي سگهي ٿو.
اڄ سنڌ جي تعليم يعني سرڪاري اسڪولن جي حالت خراب
آهي، سرڪاري هاءِ اسڪولن ۾ تعليم جو حال بهتر
ڪونهي، سرنديءَ وارا پنهنجن ٻچن کي خانگي اسڪولن ۾
داخلائون ڏياري، انهن جي ماهوار هزارين رپين جي في
ڀري سگهن ٿا، پر غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃي؟ هنن لاءِ
ته باقي بچيا وڃي سرڪاري اسڪول، سو انهن جي حالت
اها آهي جو اتي چار چار ڏينهن استاد نٿا اچن، پوءِ
تعليم اڳتي ڪيئن وڌي؟ اسان جو ڪامورو نوڪريءَ ۾
آهي ته کيس ان مهل ڪا يادگيري نه ٿي رهي، پر
نوڪريءَ تان لهڻ کان پوءِ کيس سنڌ به ياد اچيو وڃي
ته سنڌ جا مسئلا به کيس ياد اچن ٿا، پر ڪو هنن کان
پڇي ته منهنجا ڀاءُ اوهين جڏهن مختلف کاتن جا
سيڪريٽري هئا ته ان مهل حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ
اوهان ڇو نه هٿ پير هلايو؟ تعليم کاتو، ايريگيشن،
زراعت، اهي سڀ ڏاڍا اهم کاتا آهن، پر انهن جو جيڪو
ٻيڙو ٻڏو آهي، انهن کاتن جو تنهن تي ڇا چئجي؟ خدا
جي پناهه وري اچو سنڌ جي ننڍن شهرن تي، ترقياتي
اسڪيمن جو الائي ڪيترن سالن کان وجود آهي ئي ڪونه!
اهو هڪ خوفناڪ سفر آهي، جنهن جو انجام ڇا ٿيندو؟
تنهن جي خدا کي خبر.
بهرحال، ڳالهه هلي رهي هئي سائين محمد ابراهيم
جويي جي نيڪ جذبي جي، اهو جذبو مثال آهي 98 سالن
جي عمر جي هڪ پوڙهي جُهور جو. سنڌ جي قومي شاعر
شيخ اياز، سائين جي.ايم.سيد لاءِ هي بيت لکيا هئا:
هيءُ جو پوڙهو جهور
وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾
اڃا ڏمري ڏاڍ تي
آڻ نه مڃي مور
سوچي ڏسي ڏور
آڏو آرڻ ڏينهڙا
زندگي، ڪنهن تيز رفتار ستاري وانگر تيزيءَ سان
تاريڪيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿي. رگويد ۾ هڪ هنڌ صبح کي
اشاس سڏيو ويو آهي. هڪ هنڌ آيل آهي ته: ”سهڻي
اشاس! تون جيڪڏهن ڪيترن ئي ورهين کان جيئري رهندي
پئي اچين، ته هر ڪنهن صبح جو تون نئون جنم، وٺين
اچين ٿي، تنهنڪري تون ٻڍي به نه آهين ۽ جيڪي ماڻهو
ننڊ ۾ ستل آهن، تن ۾ سجاڳي پيدا ٿي ڪرين!“
سو جويو صاحب به هڪ روشن صبح وانگر آهي، هن جي
ڄمار جو هڪ وڏو وقت ويڙهه ۾ گذريو آهي، سنڌ جي
شاندار مستقبل جا خواب ڏسندي ۽ انهن جي ساڀيائن جا
سُٽ اُڻيندي وقت گذريو اٿس، مون ڪڏهن به هن عظيم
شخص کي مايوس نه ڏٺو آهي. شيخ اياز تي به محمد
ابراهيم جويي ۽ هن کان به وڌيڪ حشو ڪيولراماڻيءَ
جو اثر رهيو هو. جويي صاحب ۽ حشو، شيخ اياز لاءِ
زندگيءَ جي اونداهين ۾ کلندڙ روشندان هئا، سو هنن
روشندانن يا روشنيءَ جي مينارن جي جيڪڏهن روشني نه
ملي ها ته گهڻا ماڻهو اونداهه ۾ رهجي وڃن ها،. حشو
ڪيولراماڻيءَ لاءِ سائين جي.ايم.سيد لکيو آهي ته:
”حشو، مون کي اونداهه ۾ روشني ڏيکاري.“ اڄ، حشو
ڪيولراماڻي موجود ڪونهي، هو بيرحم وقت جي
اونداهيءَ ۾ هميشه لاءِ گم ٿي ويو، پر محترم محمد
ابراهيم جويو اڄ اسان وٽ موجود آهي.
وہ سامنے ہو منزل چراغ چلتے ہیں!
اُهي ٻرندڙ ڏيئا، سنڌ جي سڃاڻپ آهن، مشهور فلسفي
گوئٽي جا آخري لفظ هئا: ”۽ روشني! سچ پچ ته روشني
زندگي جي علامت آهي.“ بلڪ ائين کڻي چئجي ته ان ۾
ڪو هروڀرو وڌيڪ وڌاءُ ڪونهي ته روشني زندگيءَ آهي،
انسان جي زندگيءَ ۾، روشنيءَ سان ئي ترقي ٿي آهي،
اها روشني علم جي آهي اها روشني ڄاڻ جي آهي، اها
روشني سڃاڻپ ۽ ايجاد جي آهي. پر اها ڳالهه به ڏاڍي
اهم آهي ته روشنيءَ جي راهه ڏيکاريندڙن کي پنهنجي
وقت جي ڏاڍ ۽ جبر سان ضررو مقابلو ڪرڻو پئجي ويو
آهي، ۽ اها روايت نئين نه آهي، انهن روايتن جو سفر
صدين کان هلندڙ آهي. سنڌ جي به ڪيترين صدين ۾ لکين
ستارا چمڪيا ۽ اُلهي ويا، پر انهن مان جن جي اسان
کي خبر پوي ٿي، اهي يا انهن جو قد ۽ قدر ڪٿڻ وقت
جو آواز آهي.
محترم محمد ابراهيم جويي جي اعزاز ۾ ايس.آئي.يو.ٽي
يعني سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ
ٽرانسپلانٽيشن ڪراچي وارن 31- ڊسمبر 2013ع تي هڪ
تقريب سڏائي، اها تقريب سال 2013ع جي آخري ڏينهن
تي ٽپهري جو اداري جي آغا حسن عابدي آڊيٽوريم ۾
سڏايل هئي. اهو ادارو ڪراچي سول اسپتال جي ويجهو
واقع آهي، جويي صاحب لاءِ ڪراچيءَ جو شهر نئون
ڪونهي، هن ئي شهر جي سنڌ مدرسي ۾ 80 ورهيه اڳ پڙهڻ
آيو هو، اتي ئي هيءُ پڙهيو، ان ئي اداري بعد ۾ کيس
ٽيچر ڪري رکيو ۽ سنڌ مدرسي مان ئي کيس 1946ع ۾
’سيوِ سنڌ سيوِ دي ڪانٽيننٽ‘ ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾
نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، بعد ۾ هن ئي شهر ۾ جويي
صاحب نوڪري به ڪئي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
ٿي به ڪم ڪيائين، تڏهن يعني پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس بندر روڊ تي واقع
اين.جي.وي هاءِ اسڪول ۾ هوندي هئي. هن ئي شهر ۾
سندس هڪ دوست احمد ڀائي هوندو هو، ان جي آگي قدم
پريس نيوچاليءَ ۾ هوندي هئي، جتي شيخ اياز به اچي
ويهندو هو ۽ هتان ئي ٻئي گڏجي 1946ع ۾ ٿيندڙ سنڌ
اسيمبلي جي اليڪشن ۾ عمرڪوٽ مان هاري ڪميٽي جي
ڪامريڊ عبدالغفور سرهندي جي اليڪشن ورڪ ڪرڻ ويا
هئا.
عبدالغفور سرهندي هاري ليڊر هو، پر اهي سڀ متاثر
ننڍي کنڊ جي مشهور ڪميونسٽ ليڊر ايم.اين.راءِ کان
هوندا هئا ۽ ’انقلاب‘ سندن نعرو هوندو هو،
عبدالغفور سرهندي 1946ع ۾ عمرڪوٽ مان پنهنجي وقت
جي هڪ مشهور جاگيردار خانبهادر غلام محمد وساڻ جي
خلاف چونڊ وڙهيو هو.
مقصد ته هن ئي شهر ڪراچيءَ ۾ جويي صاحب جو اچڻ خود
ڪراچيءَ لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو، مون سمجهيو ته 31-
ڊسمبر 2013ع جي آخري ڏينهن تي ٿيندڙ هن تقريب ۾
ڪراچيءَ جا برک سنڌي اديب ضرور موجود هوندا،
بهرحال هال ۾ پهتس ته اسٽيج تي محترم محمد ابراهيم
جويي سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس
چانسيلر مظهرالحق صديقي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر علي محمد
انصاري ويٺل هئا، پر تقريب جو ميزبان ۽ اداري جو
سربراهه ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي سامعين ۾ پنجين
قطار ۾ ويٺل نظر آيو.
جويي صاحب تي اردوءَ ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکندڙ مظهر
جميل ان مهل تقرير ڪري رهيو هو. مظهر جميل جي
تقرير کان پوءِ مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي تقرير
ڪندي چيو ته: ”محمد ابراهيم جويو پاڻ هڪ صدي آهي ۽
اسان هڪ پوري صديءَ کي پورو ٿيندي ڏسي رهيا
آهيون.“ هن چيو ته: ”اسان کي خبر پوي ٿي ته صديءَ
کي ڪيئن ويهي گذارجي ۽ اها هڪ صدي اسان جي آڏو
آهي.“ اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات يوسف جمال پنهنجي
تقرير ۾ فيض احمد فيض جا خوبصورت شعر ٻڌائيندي چيو
ته: ”محمد ابراهيم جويو ڏکويل انسانيت جي نه رڳو
سڃاڻپ آهي بلڪ هن ماڻهن جي مسئلن جي عڪاسي به ڪئي
آهي.“ هن چيو ته: ”جويو صاحب هڪ آدرش آهي، ڇاڪاڻ
جو شهر ناقدران ۾ جيئڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي.“ هن چيو
ته: ”ظلم سان ويڙهه ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، جو اها
ويڙهه شروع کان پئي هلندي اچي، مون کي هڪ شعر ٿو
ياد اچي، جنهن جو مفهوم آهي ته: ”هڪڙو ته خواب کڻي
هلو ٿا زماني جا ۽ پوءِ وري وڙهو ٿا خريدارن سان،
مقصد ته ڊاڪٽر رضوي پاڻ ترقي پسند فڪر لاءِ ڪم
ڪندو رهيو آهي، ان ڪري سندس اداري لاءِ جويي صاحب
جو ڏنل 5 لکن جو ڊونيشن 5 ڪروڙن رپين جي برابر
آهي.
هن صلاح ڏني ته ”سنڌ جي سرڪاري ادارن کي محمد
ابراهيم جويي جي هڪ صدي شاندار نموني ۾ ملهائڻ
گهرجي، ان ڏس ۾ موهاٽا پئلس وارن، حميد آخوند ۽
سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ اطلاعات کاتي کي اڳتي وڌڻ
گهرجي، بلڪ جويي صاحب جي هڪ صديءَ جو جشن ڪراچيءَ
جي موهاٽا پئلس ۾ ٿيڻ گهرجي.“ هن چيو ته: ”جيئن
مرزا غالب، امير خسرو ۽ فيض احمد فيض جا جشن
ملهايا ويا آهن، اهڙيءَ ريت جويي صاحب جو جشن ٿيڻ
گهرجي.“ اڳوڻي بيورو ڪريٽ شفيق الرحمان پراچا چيو
ته: ”جويي صاحب جهڙا ماڻهو الله جي بندن سان محبت
ڪندا آهن“، هن چيو ته: ”جويي صاحب يا اديب الحسن
رضوي جهڙا شخص ماڻهن جون دليون ريجهائڻ ڄاڻن ٿا.“
هن ٻڌايو ته: ”هڪ ڀيري مان ڀٽ شاهه تي ويو هئس ۽
واپسيءَ مهل مان شيخ اياز جي قبر تي به ويو هئس،
اتي مون پويان کان ڏٺو ته جويو صاحب، شيخ اياز جي
قبر آڏو ويٺو هو ۽ ڪجهه ٻارڙا اتي راند ڪري رهيا
هئا. پراچا چيو ته: ان مهل مون کي خيال آيو ته
جويو صاحب ۽ اهي ٻارڙا سنڌ جو آسمان آهن ۽ سنڌ جو
مستقبل آهن، هن چيو ته: ”جويي صاحب جهڙا انسان
ڌرتيءَ تي پير رکي آسمان کي ڏسندا آهن، آءٌ به
حيدرآباد شهر جو آهيان ۽ حيدرآباد جي ماڻهن جو
مزاج پنهنجو آهي، جو اسان جا ماڻهو پنڌ هلندا آهن
۽ هڪٻئي جي اکين ۾ ڏسي هڪٻئي کي سڃاڻندا آهن، محمد
ابراهيم جويي به سنڌ جي سفر ۾ سنڌ جي قافلي سان
پيرين پنڌ هليو آهي.“
اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ڀڳوانداس چيو ته: ”اڄ اهو وڏو
اعزاز آهي جو جويو صاحب اسان ۾ موجود آهي ۽ مون
کي هن تقريب ۾ اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.“
ڊاڪٽر علي محمد انصاري ٻڌايو ته: ”هو جويي صاحب وٽ
سنڌ مدرسي ۾ پڙهيو آهي، ان وقت جويي صاحب کي ماڻهن
جي سڃاڻپ هوندي هئي.“ مظهرالحق صديقي چيو ته:
”محمد ابراهيم جويي جهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا
ٿيندا آهن.“ هن تقريب کي جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾
خطاب ڪيو، پر هُو مشڪل سان ڪجهه اکر ڳالهائي
سگهيو، اهو ڏسي منهنجي اکين مان لُڙڪ وهي آيا، ڪو
وقت هو جو محمد ابراهيم جويو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقرير
ڪندو هو. شيخ اياز جي ورسيءَ جي تقريب هاڻ ته
حيدرآباد ۾ نٿي ڪئي وڃي، پر ڪنهن وقت جڏهن اها
تقريب 28- ڊسمبر تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد
۾ ٿيندي هئي ته جويو صاحب ڪلاڪ کن ڳالهائيندو هو،
وقت سچ پچ ته وڏو بيرحم آهي، انهي ئي وقت سان جويي
صاحب مقابلو ڪيو آهي.
جويي صاحب سان ڪجهه گهڙيون ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي
جي آفيس ۾ چانهه تي ملاقات ٿي، اتي زيبسٽ جي
محترمه غزاله رحمان پڻ ڏاڍيءَ اُڪير سان اچي جويي
صاحب ملاقات ڪئي. جڏهن جويي صاحب کي وهيل چيئر تي
وٺي وڃڻ لڳا ته هوءَ روئڻ لڳي، سندس روئڻ مان
محسوس ٿي رهيو هو ته، جويو صاحب سان سان ماڻهو
ڪيڏي نه عقيدت ۽ محبت ڪن ٿا، ڇا هڪ انسان جي اها
وڏي عظمت ناهي ته هو اڄ به پنهنجين اکين ۾ ايندڙ
دور کي بدلائڻ ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي عروج جا
سپنا رکي ٿو، هن جو ارادو هن جو عزم اڃا به اهو
ساڳيو آهي.
سچ پچ ته جويي صاحب پاران ڪمال فن جي ايوارڊ جي
رقم 5 لک رپيا هڪ اداري کي ڊونيٽ ڪرڻ، انهن ماڻهن
جي لاءِ مشعلِ راهه آهي، جيڪي بحث براءِ بحث ڪن ٿا
۽ جن نوڪرين مان ڪروڙين روپيا ڪمايا آهن، اهي به
هن مثال مان سبق حاصل ڪري سگهن ٿا، پر ڇا ڪجي،
بقول ڪنهن دوست جي ته، ”جن جا پيٽ اڳي ئي ڀريل
آهن، تنهن لاءِ بک ڪا معنيٰ نٿي رکي.“ تڏهن ته
جويي صاحب انعام ۾ ملندڙ رقم پاڻ وٽ رکڻ يا پنهنجن
ڏوهٽن ۽ پوٽن کي ڏيڻ بدران هڪ موچاري اداري کي
ڏيئي هڪ روشن قدم کنيو.
جڏهن جويي صاحب کي لفٽ ۾ وٺي وڃي رهيا هئا ته، هن
هٿ کڻي مون کي آهستي چيو: ”ادا، حيدرآباد ۾ ضرور
ملنداسين، ۽ سندس هٿ جهليندي، مون کي شاهه سائين
جو هيءُ بيت ياد اچي ويو:
لڙ مَ لاڙائو ٿيو، ملي ڪر همٿ،
سج سامهون منهن ۾، متان ڪرئين ڪٿ،
سپريان جي سٿ، ڳاڙهي سج ڳالهه مِڙين!
جويو- من موهيو!
ولي رام ولڀ
(1)
پنهنجين يادگيرين کي ڏوڪڙن وانگر ڳڻ
مون ماهوار ’گل ڦل‘ (ڊسمبر 1979ع) ۾ سائين محمد
ابراهيم جويي صاحب جو لکيل خاڪو ’سائين ٽيڪن مل‘
پڙهيو. هُو جويي صاحب جو پهريون اُستاد هو. سندس
زندگيءَ ۾ جن شخصيتن جو ساڻس واسطو پيو ۽ مٿن
اثرانداز ٿيون، ۽ ڪنهن طرح انهن جي بيان مان
پڙهندڙن لاءِ اُن وقت جو وايو منڊل چٽو ٿي بيهي
ٿو، انهن مان جويي صاحب جو لکيل اُهو خاڪو پڻ هڪ
آهي. هيءُ خاڪو جويي صاحب پنهنجي ننڍپڻ جي
يادگيرين جي آڌار تي لکيو آهي ۽ اڄ جي دور جي
هلندڙ منظر جو فلئش بئڪ آهي، جنهن جو تعلق ماضيءَ
۽ حال سان جُڙيل آهي.
جويو صاحب پنهنجيءَ ڄمار جي لحاظ کان مُني صديءَ
جي لڳ ڀڳ هوندو. سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ۽ تجربا
بي مثال آهن. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند قوميت جي
رجحانن ۽ ادبي لاڙن ۾ ترقي پسنديءَ جي ڇاپ سندس
مؤثر محنت جو نتيجو آهي. هيل تائين پاڻ جيڪا هڙان
وڙان سنڌي ادب جي آبياري ڪئي اٿن، انهيءَ جي
پسمنظر کي جانچڻ لاءِ سندس اهي ۽ اهڙا ٻيا آتم-
ڪٿائي مضمون ۽ خاڪا نهايت ڪارائتا ٿي سگهن ٿا.
سنڌي ادب جي حوالي سان انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو وهم ۽
گمان به ناهي ته جويو صاحب هڪ دؤر يا عهد جو نالو
آهي. پاڻ جن اڻانگن رستن تان هلي، جنهن هنڌ تي اڄ
بيٺو آهي،ا هو سمورو سفر هڪ تاريخ آهي، سنڌ جي
تاريخ آهي، سنڌي ادب جي تاريخ آهي، سنڌ جي مظلوم ۽
مظلوميت مان اُسري اُڀرندڙ طبقي جي تاريخ آهي،
جنهن جي تصوير سندس خاڪن مان جهلڪي ٿي، جيڪو
پنهنجي پاڻ ۾ وڏو سرمايو آهي.
’ريڊرس ڊائجسٽ‘ ۾، ڪارل سينڊ برگ جو قول پڙهيو
هئم، “Count
reminiscences like money” (پُنهنجين
يادگيرين کي ڏوڪڙن وانگر ڳڻ‘). انهيءَ قول موجب،
جويي صاحب پنهنجين قيمتي ۽ مِٺين يادگيرين کي
قلمبند ڪري نه رڳو پاڻ انهيءَ زماني کي پنهنجي
اکين آڏو وري محسوس ڪري آنند ماڻيو هوندو، پر
پڙهندڙن کي پڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ليئو پائڻ جو
موقعو ڏنو اٿس. هن خاڪي ۾ هڪ شخصيت جي حوالي سان
اُن دؤرجي تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي، جنهن جي پس منظر
۾ اسان کي جويي صاحب جو ڳوٺ ’آباد‘ پسڻ ۾ اچي ٿو.
’آباد‘ جيڪو اڄ شايد آباد ناهي، اکين آڏو ناهي، پر
ائين ٿو لڳي، ڄڻ اها سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ جي وارتا
هجي. اُن وقت ڳوٺاڻي زندگي ڪيئن هئي، ڳوٺاڻو سماج
ڪيئن روان دوان هو، رشتا ڪيڏا گهرا هئا، چوڌاري
ڦهليل مٽ مائٽ ۽ والدين ڪهڙين سماجي ۽ معاشي حالتن
مان لنگهي رهيا هئا، سندن سادگي ۽ خلوص، پنهنجي
اولاد جي پالنا ۽ اُن وقت جي اسڪولي وايو منڊل ۾
ٻار جي سکيا لاءِ اُستاد جي سلوڪ ۽ ڪردار جو ڪهڙو
اثر ٿئي ٿو- اُن جو احوال نهايت وڻندڙ ۽ دلچسپ
پيرائي ۾ ڪيو ويو آهي. جويي صاحب، جنهن داخليت ۽
خارجيت جي گاڏڙ ڪيفيت ۾ اهو خاڪو لکيو آهي، اهو
سندس اسٽائيل جو عمدو مثال آهي. ڳوٺاڻو زرعي سماج
ننڍپڻ ۾ ذهني اوسر تي ڪهڙيءَ ريت اثرانداز ٿئي ٿو،
اسڪول ۾ اُستاد جو عملي ڪردار ڪهڙي ريت ڀؤ کي
ڀڄائي ٿو ڪڍي، اهڙن نفسياتي نُڪتن جي اُپٽار هن
خاڪي ۾ ملي ٿي. سندس انهيءَ خاڪي ۾ ڏکڻ هندستان جي
وڏي ناول نگار آر. ڪي نارائڻ جي ڳوٺ ۾ اسڪول ۾ گهر
تائين پکڙيل زندگيءَ بابت سندس لکيل آتم ڪٿا `Swami
and Friends` جي
جهلڪ ملي ٿي، جيڪو انگريزي مشنري اسڪول جي مذهبي
ڪٽرپڻي ۽ سختيءَ جي پسمنظر ۾ ٻارن جي ننڍڙين
اڻپورين خواهشن جي باري ۾ لکيل آهي: جڏهن ته هيءُ
خاڪو محبت ۽ ڀائيچاري جو مثال پيش ڪري ٿو، جيڪو
اسان جي سنڌ جو خاصو آهي. ڪيڏو نه چڱو ٿئي، جو
جويو صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ لاءِ قلم کڻي ۽
سنڌ جي سموري صورت اسان کي ڏسڻ لاءِ ڏئي.
]15
جنوري 1980ع- اڻ ڇپيل[
(2)
محمد ابراهيم جويو- هڪ اعليٰ آدرشي مترجم
هونئن ته پائلو فريري (Paulo
Freire) جو
نالو اسان وٽ سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ ايڏو عام،
ڄاتل سڃاتل ۽ هرواسي نه هو، پر آمريڪي کنڊ ۾ جڏهن
سندس فڪر ۽ نظرين کي اهميت ملڻ لڳي ۽ قومي ترقيءَ
جي مجموعي جدوجهد لاءِ سندس پيغام جو پڙاڏو
ڏورانهن ملڪن تائين پهتو، تڏهن جس هجي اسان جي
عالم، دانشور ۽ علم تدريس سان زندگيءَ ڀر جو ساٿ
نڀائيندڙ، محمد ابراهيم جويي صاحب کي، جنهن وقت جي
ضرورت کي پروڙيندي، پنهنجي علمي حاصلات کي
’ايميلي‘، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘، ’ٻارن جو
مسيح‘، ’وحشي جيوت جا نشان‘ ۽ ٻين ڪتابن ۽ مضمونن
جا ترجما ڪرڻ سان گڏ، ’پائلو فريري‘ جي اسپيني
زبان ۾ لکيل سندس مشهور تصنيف `Pedagogy
of Oppressed` جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘ عنوان
سان، 1984 ۾ شايع ڪرائي، نه رڳو انهيءَ موضوع جي
مواد ۾ واڌارو ڪيو، پر سنڌي سماج جي سوچ کي نئون
سج پڻ ڏيکاريو.
’علم تدريس مظلومن لاءِ‘ عنوان مان چٽو آهي ته اهو
ڪتاب سماجي طور تي ڏُتڙيل، پوئتي پيل ۽ ڏاڍ ڏمر جو
نشان بڻيل ماڻهن کي پڙهائڻ جي علم بابت آهي؛ تنهن
ڪري پرماريت جي هٿ ٺوڪين هَٿَين جي شناخت ڪري،
اُهي اُپاءَ ۽ عمل ڏسيا اٿس، جيڪي کين غربت ۽
مظلوميت جي ’موجود سدا موجود‘ (Status-
quo) جي
اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍي، شعور جي روشن فضا جو روپ
پسائيندا.
منهنجي خيال ۾، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اهم ڪتاب، عام
پڙهندڙ جي نظر کان گُسي پڙهڻ کان رهجي ويندا آهن.
منهنجي بدقسمتي آهي، جو ’پائلوفريري‘ جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ٿيل ڪتاب ’علم تدريس، مظلومن لاءِ‘ مون کان
ڪنهن طرح پڙهڻ کان رهجي ويو هو، پر هاڻي جڏهن سندس
آتم ڪٿائي ڪتاب پڙهيم ۽ مٿس تبصرو لکڻو پيو ته
1984ع جو ڇپيل اهو ڪتاب هٿ ڪري پڙهيم ته دنگ رهجي
ويس ۽ محمد ابراهيم جويي صاحب جي سنڌي سماج تي
انهيءَ ترجمي جي احسان لاءِ سندس وڏائيءَ جو قدر
ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس.
(3)
جويو- من موهيو!
سائين محمد ابراهيم جويي جو نالو سنڌي ٻولي، ادب ۽
سماج لاءِ هڪ سُکاڻيءَ مثل آهي، جنهن جي تدبر ۽
ڏاهپ ڀرئي اشاري کان سواءِ ٻيڙي صحيح رُخ ۾ کارو
کيڙي نه سگهندي آهي. سندس نالو `Save
Sindh, Save Continent (1947)ع` لکڻ
۽ روسو جي ’ايميلي عرف تعليم‘ جي سنڌي ترجمي
(1949ع) جي صورت ۾ گذريل صديءَ جي چاليهن واري
ڏهاڪي جي پوئين حصي دوران سنڌ جي سياست، تعليم ۽
ادب جي اُفق تي اُڀريو، جنهن ڪري سنڌ جي پس منظر ۾
نون لاڙن جي پيڙهه پوڻ لاءِ ذهن هموار ٿيا، ترقي
پسند سوچ ۽ شعور کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿي؛ سنڌ هڪ Entity طور
مٿي اُڀري آئي؛ تضادن مان پيدا ٿيل گس ۽ سيمائون
طئه ٿيون؛ ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ قربانيون ڏيڻ
جي جذبي کي جِلا ملي. اهي سمورا پهلو سنڌ سان
واڳيل آهن، جيڪي مجموعي طور تي سنڌ جي سڃاڻپ جا
پهلو آهن ۽ اهي سموريون جويي صاحب جون سڃاڻپون
آهن، انهيءَ ڪري آءٌ اهو چوندس ته جويو صاحب خود ۾
سنڌ آهي.
اڄ جڏهن جويي صاحب پنهنجي ڄمار جا ستاسي ورهيه
پورا ڪري اٺاسيءَ ۾ قدم ڌريو آهي ته اچو ته هيءَ
دعا ڪريون ته پاڻ گهٽ ۾ گهٽ صديءَ جا باقي سال
پورا ڪري ۽ ڪيترائي رهيل ڪم ۽ اڌورا ڪتاب مُڪمل
ڪري، اسان کي پنهنجو احسانمند ڪري. پاڻ پنهنجي
زندگيءَ ۾ ٽماهي مهراڻ (1955ع کان وٺي) جا
ايڊيٽوريل ۽ شيخ اياز جي ڪتابن جا مهاڳ لکڻ کان
سواءِ ڪيترائي ترقي پسند فڪر ۽ انساني قدرن تي ٻڌل
ڪتاب ترجمو ڪري، علمي ۽ ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا
اٿس. هُن سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري ۽ چيئرمئن جي
حيثيت کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ڇپائيءَ جي ادارن،
تعليمي مرڪزن، سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي فڪر ۽ شعور
کي عام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، جن جو ورڻن ڪرڻ
لاءِ وقت ۽ دفتر درڪار ٿيندا. ڪاش، تاج جويي جهڙو
ڪو اورچ ۽ اڻٿڪ جاکوڙي اديب کيس نصيب ٿئي، جو انهن
سڀني ڪمن ۽ ڪارنامن کي سهيڙي ۽ سيبتي انداز سان
ڇپيل صورت ۾ عوام آڏو پيش ڪري، ۽ ماڻهو بي اختيار
چون ته ’اڃا ڪي آهين، ڪلجُڳ ۾ ڪاپڙي‘!
ڪجهه ڏينهن اڳ، جويي صاحب مون کي پنهنجن ۽ هڪ ٻئي
اُستاد غلام علي چنا جي خطن جو مجموعو ’خط ٻن
استادن جا‘ (2002ع) مهرباني ڪري سوکڙي طور ڏنو.
مون اهو ڪتاب هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيو ۽ بروقت
جيڪو تاثر ورتم، اُهو هيءُ هو ته جويي صاحب پنهنجي
دوست جي 86 خطن جي جواب ۾ فقط 26 خط لکيا هئا؛ جن
مان اُستاد غلام علي چنا جي شخصيت ۽ سماجي پس منظر
جي ته خبر پوي ٿي، پر پاڻ پنهنجي شخصيت سميت
هزارين پردن پويان لڪل محسوس ٿئي ٿو. هونئن به
جويو صاحب ذاتي طور پنهنجو شخصي انٽرويو ڏيڻ يا
سوانحي خاڪي يا سوانح حيات لکڻ جي فائدي ۾ نه رهيو
آهي ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن ۾ اصل ڪم کي اهميت ڏئي،
پاڻ پوئتي رهڻ ۾ خوشي يا اطمينان محسوس ڪندو آهي.
سندس ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب پنهنجي نالي ڏيڻ بدران
ٻين جي، يا فرضي نالن سان شايع ٿيل آهن. اُن جو
ڪارڻ شايد اهو هجي ته مُلڪ جي سياسي ۽ حڪومتي
ڍانچي ۾ هڪ سرڪاري ملازم جي حيثيت ۾، نالي جي
قرباني ڏئي، اصل ڪم کي اهميت ڏجي. نالي ۾ ڇا رکيو
آهي! هتي مون کي سائينءَ جي هڪ مڃيل مترجم جي
حيثيت بابت پڻ ٻڌائڻو آهي ته مترجم ڀلي خود ڪيڏي
به مرتبي جو هجي، هُو هميشه پس منظر ۾ رهڻ پسند
ڪندو آهي. پاڻ مارڻ، پاڻ کي فنا ڪرڻ يا پنهنجي نفي
ڪرڻ جو فلسفو انهيءَ ڳالهه مان سمجهي سگهجي ٿو.
گهٽ ۾ گهٽ هڪ عام مترجم جي حيثيت سان آءٌ ائين
سمجهان ٿو.
ٿورا ڏينهن ٿيا ته جويي صاحب، سوڀي گيانچنداڻيءَ
جي مانَ ۾ ڪوٺايل هڪ ميڙاڪي ۾ چيو هو ته پاڻ
زندگيءَ کي ڪنهن مقرر ٽائيم ٽيبل مطابق گذارڻ، نيم
۽ عادتن جا نڪي عادي ۽ نه ئي قائل آهن. اها ڳالهه
هن الائي ڪهڙي Context (مفهوم)
۾ چئي هئي، پر آءٌ ته اهو چوندس ته سندس زندگيءَ
جو ٽائيم ٽيبل، ڪم ۽ رڳو ڪم جي فريم ورڪ کان ٻاهر
آهي ئي ڪونه. اهو ڪم، چاهي ادب جي آبياريءَ جو
هجي، يا وري سياسي منظر کي سُڌاري بيهارڻ جو هجي-
اُهي ۽ انهن سان لاڳاپيل ٻيا سمورا ڪم، سندس
روزمرهه جي زندگيءَ جي ايجنڊا طور رٿيل هوندا آهن.
سنڌ جي سينڌ، سنوار سندس زندگيءَ جو مشن آهي. کيس
رڳو انهيءَ فريم ورڪ ۾ پسي سگهجي ٿو. اُن کان ٻاهر
يعني ’آئوٽ آف فوڪس‘، سندس شخصيت جو تصور ڪري ئي
نٿو سگهجي. جيئن هُو ٻوليءَ جي گرامر ۽ بيهڪ جي
نشانيءَ کان سواءِ هجڻ کي، ٻوليءَ جي بگاڙ سان
جوڙي ٿو، تيئن هُو پنهنجيءَ شخصي زندگيءَ کي پڻ هڪ
آهنگ ۽ رِدم تي هلائڻ جو عادي آهي. ستاسي ورهين جو
هيءُ سنتُ، طبعيت جو مالڪ، اڄ به هميشه وانگر
ڪِلين شيوَ ۽ اڇا ۽ استري ٿيل ڪپڙا پائڻ ۾ فرحت
محسوس ڪري ٿو. سندس ڪنن کان خط ورتل وارَ، ايڏا ته
سِمٽريڪل ڪٽيل هوندا آهن، جو جيڪر ائين چئجي ته
هُو پنهنجو پاڻ کي ائين ئي پڌرو ڪرڻ گُهري ٿو،
جيئن شروع کان ڪندو ٿو اچي. ايڏي مستقل مزاجي، هڪ
عرصي کان ساڳي هلندي اچي، اُن مان سندس زندگيءَ کي
ڏسڻ جي Vision (نڪتهء
نظر) جو اندازو ٿئي ٿو. هُو اڄ به پيرين پيدل هلڻ
پسند ڪري ٿو. هُو چاهي سرڪاري منصب تي هجي يا
پنهنجي ڪم ڪار ۽ سماجي اُٿ ويهه ۾ هجي، سندس رويو
ڪنهن گهر جي وڏڙي وانگر ڏاهپ ڀريو ۽ نصيحت آميز
رهيو آهي. عام زندگيءَ ۾ سادگي پسند هئڻ سان گڏ،
هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ ۾ خوشيءَ ڀريل تسڪين واري
احساس سان هيءُ شخص، کاڌي پيتي ۾ هلڪو کاڌو، خصوصي
طور تي ڀاڄيون کائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. مون کي ياد
آهي ته ڏهه ٻارهن ورهيه اڳ، جڏهن آءٌ ’شمس چئمبرس‘
جي فلئٽ ۾ رهندو هوس ته هڪ ڀيري سائين منهنجي گهر
آيو. منجهند جو وقت هو، ماني کائڻ جو چيم ته انڪار
ڪيائين. ائين کيس بنا کائڻ پيئڻ جي ڇڏڻ مون کي نه
آئڙيو، سو گهر ۾ پيل موسميون/ مالٽا کائڻ لاءِ پيش
ڪيم. پاڻ چاقو کڻي، موسمين جي ٻاهرين کل اهڙي ته
نفاست ۽ هنرمنديءَ سان ڪپيائين، جو آءٌ سمجهان ٿو
ته اُها هر ڪنهن جي وَس ۽ ذوق جي ڳالهه ناهي.
آءٌ اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڪجهه ڏينهن ٿيا ته هڪ
ڏينهن صبح جو آءٌ ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر ويس. وٽس
ڪجهه مهمان ويٺل هئا. انهن کان موڪلائيندي، مون کي
پنهنجي ڪمري ۾ وٺي اچي ويهڻ جو چيائين. سندس
ڪُرسيءَ جي اڳيان پيل ٽيبل تي ڊبل روٽيءَ جا ٻه
سلائيس ۽ چانهه جو ڪوپ رکيو هو، جيڪي شايد موڪلائي
ويل مهمانن جي اچڻ وقت سندس نوڪر نيرن ڪرڻ لاءِ
رکي ويو هو ۽ منهنجي اچڻ تائين ٿڌا ٿي ويا هئا.
پاڻ ئي چيائين ته مهمان ڪنهن ذاتي ڪم سان آيا هئا.
مون کيس پهرين نيرن کائڻ لاءِ چيو، پر پاڻ چيائين
ته ٿڌا ٿي ويا آهن، پوءِ گهرائي کائيندس. مون
سوچيو ته هُو ڪيتري قدر نه پنهنجن ملڻ وارن کي
اهميت ڏئي ملي ٿو، جو نيرن ڪرڻ جو به نٿو سوچي.
هاڻي ته سائين منهنجي وڃڻ کان پوءِ ئي نيرن ڪندو.
آءٌ سندس اخلاق، نهٺائي ۽ حجاب جو هيءُ عالم ڏسي،
پاڻ کي ڪُمهلو آيل ڄاڻي، من ئي من ۾ پشيمان ٿيڻ
لڳس، پر مون کي پورو وقت ڏنائين، ڪچهري ڪيائين ۽
لحظي لاءِ اهو تاثر به نه ڏنائين ته مون سچ پچ صبح
جو سوير وٽس اچي، سندس ٽائيم ٽيبل ڪو ڊسٽرب ڪيو
هو.
سندس ڪمرو، جيڪو هڪ ئي وقت لوِنگ روم، اسٽڊي روم ۽
بيڊروم آهي، منجهس هر طرف، هرهنڌ ۽ هر ڪنڊ ۾ ڪتاب
پکڙيا پيا آهن. ڪٻٽن ۾ رکيل ڪتاب توڙي جو ترتيب ۾
رکيل آهن، پر هاڻي عرصي کان ٻيهر سنواري ۽ ڇنڊي
رکيل نه هئڻ ڪري ڦاٽل ۽ پُراڻا هجڻ جي چُغلي هڻن
ٿا. ڪُرسيون، صوفا ۽ ٽيبل، ايتري قدر جو فرش به
ڪتابن ۽ رسالن سان سٿيو پيو آهي، ۽ سندس سنگل بيڊ
جو اڌ کان وڌيڪ حصو به ته ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن
سان والاريو پيو آهي. ڪاش، سندس ڪتاب ۽ ٻيو سامان
سنواري سجائي رکڻ سان گڏ، سندس هر دم خيال رکڻ
وارو ڪو هجي ته جيئن هو ٻئي هر مسئلي کان آجو ٿي،
رڳو پنهنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري سگهي.
هونئن ته سندس ڪمري جو اهو منظر هڪ عرصي کان هڪ
هنڌ بيٺو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سائين پنهنجي پاڻ کي
انهيءَ ماحول ۾ ڪمفرٽيبل محسوس ڪندو هجي. مون کي
لڳي ٿو ته پاڻ ڪتابن جي سنگت جو عادي ٿي ويو آهي،
جو ڪتابن سان گڏ گهاري، پاڻ به هڪ اهڙو ڪتاب ٿي
ويو آهي، جنهن کي جڏهن به ۽ جتي به کولبو ته علم،
دانش ۽ ڏاهپ جا نُڪتا هٿ ايندا، بشرطيڪ کيس کولجي.
سندس فيض ۽ سخا هر ڪنهن لاءِ، هرهنڌ ۽ هر وقت،
هيڪاندا ۽ هڪيا آهن.
منهنجي دعا آهي ته سائينءَ جو ساٿ اسان سڀني سان
سدا سلامت رهي، جو گهٽ ۾ گهٽ اسين اهو چئي سگهون
ته اسان جويي صاحب جي دور ۾ جيئرا هئاسين ۽ ساڻس
ٻه چار گهڙيون گهاري سُڪارتيون ڪيون هيون سين.
آخر ۾ موقعي جي مناسبت ۽ حسبِ حال پنهنجو هيءُ
نظم، ’ڪتاب‘ سندس نذر ڪريان ٿو:
ڪتابَ
نه، هن ڪمري ۾
نه هوڏانهن
هُن ڏاڪڻ هيٺ
هن گئريج جي ڪُنڊ ۾ کڻي وڃ
ڪتابَ-
اُتي جتي نٿو رکي سگهجي فِرج،
جتي نٿو لڳي، سگهي آدم قد شيشو-
کڻي وڃ اُهي
سنڌالاجي يا آرڪائيوز جي آفيس ۾
يا جتي چاهين،
اسان کي ته بس
اُتي ٻڌائڻ لاءِ گهرجن،
ڪتابَ-
ڪو جَهپ هڻندو پاس بُڪ تي،
يا چيڪ بُڪ تي،
ڪو ڳوليندو لاڪر جي چاٻي،
ڪنهن جي اکين ۾ چمڪندا،
سرسبز ٻنيون ۽ کيت،
جتي آهي پُوريل سونا سِڪا پڻ شايد-
هاءِ هاءِ! وقت!
پوڙهي ڏاڏيءَ وانگر
اُداس ٿي ويندا
|
ڳوڻ ۾ ٻڌي،
دُڇتيءَ ۾ ڍَڪي،
ڪجهه تختي جي هيٺان
ڪجهه ٽٽل ڪُونڊين مٿان
رکي ڇڏ
ڪتابَ-
ڪتاب! جتي به رک
اُهي پيا هوندا انتظار ۾،
ايندو ڪو نه ڪو،
پتڪڙا پير کڻندو
ڀٽڪيل ٻار ضرور
ڪنهن سال-
اونداهيءَ ۾ ڳوليندي پنهنجو رستو،
ڇهاءُ سان سڃاڻي وٺج کيس،
آهستي آهستي کولي ڇڏج پنهنجو اندر،
جنهن ۾ سُمهيو پيو آهي،
وقت ۽ ٿڪل سچُ،
دبيل غصو،
۽ گونگو پيار،
دشمنن جو مينٽل ڊڪٽيٽر*
قابو نه ڪري سگهندو جنهن کي- |
] محترم
برڪت چوهاڻ جي گهر تي، محمد ابراهيم جويي جي 88
هين جنم ڏينهن جي موقعي تي رات جي وقت پڙهيل.
اُتي اسان موجود هئاسون: محمد ابراهيم جويو،
مراد علي مرزا، اعجاز قريشي، تاج جويو، ادريس
جتوئي، نذير احمد ميمڻ، علي آڪاش، برڪت چوهاڻ ۽
آءٌ.[
|