سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:26

(جويي صاحب جا لکيل چونڊ ايڊيٽوريل، مهاڳ ۽ مقدما)

”اڳتي قدم“ سيپٽمبر 1947ع جو ايڊيٽوريل

”اڳتي قدم“ جو پهريون پرچو ڏسي پڇيو ويو آهي ته ڇا، ترقي پسند ادب صرف افادي ادب (Utilitarian literature) آهي، يعني ترقي پسند ادب جو مقصد صرف عوام ۾ بغاوت ڦهلائڻ ۽ مزدور هاري انقلاب جو بنياد وجهڻو آهي ڇا؟ جي ايئن آهي ته ترقي پسند ادب ۾ ڪهڙو لطف ۽ دلڪشي رهي سگهندي، ۽ اهو انسان ذات جي ٿڪل، ٽٽل دماغ کي ڪهڙي تراوت پهچائيندو؟

اسان جو جواب آهي، ته صحيح معنيٰ ۾ انقلابي ادب، ترقي پسند ادب آهي، پر ترقي پسند ادب، صرف انقلابي ادب نه آهي، انقلابي ادب کي به پنهنجو معيار آهي ۽ اهو صرف ”هاري مزدور انقلاب زندهه باد“ جي نعري تائين محدود نه آهي. اسان کي ڏسڻو آهي، ته انقلابي اديب، پنهنجي ڪهاڻيءَ يا شعر ۾، ڪيتري دلڪشي پيدا ڪري سگهيو آهي، ۽ ڪيتريقدر اسان جي جذبن ۽ احساسن کي اٿلائي پٿلائي، مزاح ۽ طنز، فطرت نگاري ۽ رومانيت، لکڻيءَ جي لچڪ ۽ مضمون جي انفراديت ۽ نزاڪت رستي، اسان جي دل دماغ تي ڇانئجي، اسان کي انقلاب لاءِ آماده ڪري سگهيو آهي. ادب ۽ آرٽ، حسن پيدا ڪن ٿا، پر اهو حسن صرف ماحول جي خوبصورتيءَ تي نه آهي، صرف الف ليليٰ جي ڪهاڻي جي خوبصورتي نه آهي، پر اهو حسن آهي شاعر يا اديب جي رنگ، طرز انداز، ڦهلاءَ جدت.

پر جيئن اسان مٿي چيو آهي، ته ترقي پسند ادب صرف انقلابي ادب نه آهي، ترقي پسند ادب، انسان جا نفيس جذبا ۽ لطيف احساس چٽي، هن جي روح کي راحت پهچائي ٿو، بشرطيڪ اهي جذبا ۽ احساس حقيقت تي ٻڌل آهن ۽ نه صرف تصور تي.

ان ڪري اسان اڳئين پرچي ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنو آهي، اياز جا ’ديهاتي گيت‘ ان جو مثال آهن، پر جي اڄ ڪوئي شاعر سسئي پنهون يا مومل راڻي جا بيت لکي، پنهنجي تصور جو تاڃي پيٽو پکيڙي، خوبصورت لفظن جو ڄار وڇائي، ته ان ادب کي رجعت پسند چئبو، ڇو ته اهو ادب اسان کي پنهنجي زندگيءَ کان ڀاڄ کارائي، حال ۽ مستقبل کان بي نياز ڪري، ماضيءَ جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ ان لاءِ حب پيدا ڪري ٿو. ماضيءَ جو مطالعو ضروري آهي، پر ان جي حب سخت ضرر رسان. جديد تهذيب ۽ ان جي ترقيءَ ۾ مڪمل يقين ئي صحيح ترقي پسندي آهي.

اچو ته هينئر هن پرچي جا ليک، ادب جي ڪسوٽيءَ تي لائي ڏسون:

”ڀونئرو“ شعر فراري ادب (Escapist literature) جو مثال آهي. ان کان ته انڪار نه ڪري سگهبو، ته شعر جي ٽيڪنيڪ دلڪش آهي ۽ ان ۾ روانيءَ جي ڪمي نه آهي. شعر پڙهندي، دل سچ پچ ڀونئري سان ”ڳائي، جهومي، موج لٽائي ٿي“ ۽ ”سک جي سندر ڦلواڙيءَ ۾ آنند، ناچ نچي ٿي.“ پوئينءَ سٽ ۾، مرڪب لفظ آنند ناچ ۽ استعارو سک جي سندر ڦلواڙي“ نهايت دلڪشي پيدا ڪن ٿا، پر اسين، ترقي پسند اديب ۽ هري دلگير هڪ چؤواٽي تي بيٺا آهيون. دلگير کليو کليو رجعت پسنديءَ ڏانهن گهلي رهيو آهي. ڪيئن؟...

اهو ته ظاهر آهي ته شاعر کي ڀونئري سان تشبيهه ڏني ويئي ۽ سندس آدرش ڄاڻايو ويو آهي:

جڳ ۾ منهنجو سک سوڀيا جي گلشن سان ئي مطلب، ڪنڊن کان مان پاڻ بچايان، ڦولن سان ئي مطلب: يعني ته شاعر صرف ”رس جو لوڀي“ آهي، پر زندگي ڪوڙي زهر جو ڍڪ آهي، ان سان هن جو مطلب نه آهي، شاعر سک، سندرتا ۽ آنند آشا جو پياسي آهي، ۽ هن جو دنيا جي دک درد بدصورتيءَ، بدانتظاميءَ سان ڪوبه تعلق نه آهي. شاعر صرف ”ڦولن جي هاڪ ڦهلايان“ پنهنجو آدرش رکي ٿو ۽ هو ڪنڊن کان صفا منهن موڙي وڃي ٿو، پوءِ ڀل ته دنيا ان ٻاٻري ڪنڊن تي پئي چلائي ۽ چيچلائي. هري دلگير جي ڀونئري ۾ خود غرضي ۽ خود پرستي آهي. هن جي شعر جو آدرش، نهايت نڪمو آهي. شاعر حسن جو طالب بيشڪ آهي، پر ساڳئي وقت هن محسوس ڪيو آهي، ته هيءَ دنيا هڪ بدصورت ڏائڻ جيئن ڏند ڏيکاري، کيس للڪاري رهي آهي. شاعر حسن جي پرستش ڪري ٿو، پر جي هو هن بدصورت دنيا کان ڀاڄ کائيندو ته سندس آدرش يعني حسن هن دنيا ۾ ڪيئن اچي سگهندو؟ هو ته هر ممڪن ڪوشش ڪندو، ته هن دنيا مان بدانتظامي ۽ بي انصافي نهوڙي وڃي، جيئن اها هر ڪنهن لاءِ ”سک جي سندر ڦلواڙي“ ٿي پوي.

اياز جا ”ديهاتي ۽ برساتي گيت“ سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ڳالهه آهي، ديهاتي زندگيءَ جي سادي جذبات، سڌيون تشبيهون، عام فهم ٻولي، مڪاني رنگ (Local colour) محبت جا هلڪا هلڪا، مٺا مٺا گيت، الهڙ جوانيءَ جا بي غم، بي پرواهه، نغما! ٽيڪنيڪ جي وڏي خوبي اها آهي، ته تقطيع جي ڄاڻوءَ کي لطف ڏيندا، پر عام ماڻهوءَ لاءِ به ساڳيءَ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندا.

سنڌي شعر ۾ گهڻيئي ڏينهن سنبل ۽ نرگس جا راڳ ڳايا ويا، ايراني اصطلاح ۽ تشبيهون ڪم آنديون ويون، وصل ۽ هجر، ناز نياز، شوخيءَ ۽ حيا، محبت ۽ نفرت جا جذبا، اردوءَ تان اڌارا ورتا ويا ۽ سنڌي شعر جي اصليت تي، ٺٺولي ڪئي ويئي. هي گيت سنڌ جي دقيانوسي (Orthodox) شاعريءَ ۾ ڀتي پراڻي غزل گوئيءَ کي للڪاري چئي رهيا آهن، ته سنڌ جو وارياسو وطن، ايران کان گهٽ خوبصورت نه آهي، هتان جي عوام جي جذبات، گهٽ لطيف نه آهي، احساس گهٽ شديد نه آهن! اردو شاعريءَ جون روايتون سنڌي شاعريءَ جي اصليت کي نهوڙي نينديون. اسان کي پنهنجي محبوب شاعر شاهه جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي، جنهن نئون ادب  ڏنو ۽ ڪنهن جي به پيروي نه ڪئي. پيروي ادب ۽ آرٽ لاءِ موت آهي. اصليت ۽ نواڻ سان ئي شعر جرڪي اُٿندو آهي ۽ سندس تجليون غيرن جي اکين ۾ ترورا آڻي ڇڏينديون آهن.

شيخ راز ۽ نارائڻ شيام،  سنڌ جي بهترين نوجوان شاعرن مان آهن. شيام جي شخصيت ته ڪنهن به تعريف جي محتاج نه آهي. باقي راز هن مهل تائين گودڙيءَ ۾ لعل مثال ٿي رهيو آهي. جنس، داڻي مان پرکبي آهي، ته راز جي هڪ ئي نظم ”اميري ۽ غريبي“ مان پتو لڳي ويندو ته هن جا احساس ڪيترا نه گهرا آهن ۽ اظهار ڪيترو نه دلڪش آهي!

ٻه تصويرون آهن، اوچا اوچا محل ۽ فٽ پاٿ، چمڪ دمڪ وارا لباس ۽ ليڙون ليڙون کٿا، وڏيون وڏيون ٽجوڙيون ۽ ننڍا ننڍا ڪشڪول نفرت آميز وڏائي ۽ حسن آميز خوداري! پوئين غريبيءَ جي ميراث، پهرئين اميريءَ جي سند، شاعر جي مصوري ته ڏسو!

هوءَ ڏسين ٿي؟ زرو زربفت ۾ ملبوس حسين يعني ساڙهيءَ جي دمڪ.

زرو زيور جي چمڪ

ترورا منهنجي اکين ۾ ٿا اچن

آهه هيرن جي ڪڻين جو هيءُ هار

ڪيئن نه چهٽي پيو آ گردن سان!

لفظن جو ڪهڙو نه خوبصورت انتخاب! ڇا نه جذبات جي تلخي ۽ الفاظ جي شيرينيءَ جي ملاوت! سنڌ ۾ هن مهل تائين، ٽي چار سٺا بي قافيه نظم لکيا ويا آهن ۽ انهن مان هيءُ به هڪ آهي، پر شاعر کي ٽيڪنڪ تي ضابطو البته گهٽ آهي.

شيام جو شعر ”ڌاءِ ڌاءِ اي لال!“ انساني فطرت جي هڪ دائمي احساس جي ترجماني آهي، پيريءَ جو احساس، گذريءَ جواني جي رنگين، ياد! شعر پڙهي سيسراٽ اُڀريو وڃي، سٽ سٽ ۾ سوز، لفظ لفظ ۾ محبت ۽ مادري شفقت! شعر جو مرڪزي خيال، نهايت بلند آهي، شعر جي ماحول سان لفظ به خوب ٺهڪي ٿا اچن. چپن جون چڳڙون، لڪڙي، نپوڙينم وغيره (شعر ۾ شفقت جي جذبي جي گهرائي ڏيکارڻ لاءِ ”ڙ“ جو ڪم آڻڻ، شيام جي ٽيڪنڪ جو ڪمال ڏيکاري ٿو).

ڇا نه درد جي پڪار!

”جنهن جي ڇاتي به ۽ تون ڀي سو ڪٿي...

چهٽي سمهه گل، ته وڃئي ننڊ کڄي.“

باقي شعر ۾ رواني اصل نه آهي. سٽن کي ڇڪي تاڻي وزن تي آندو ويو آهي. اها شيام جي شعر جي وڏي خامي آهي. ان جو سبب شايد اهو آهي ته شيام تمام گهڻو غور ۽ فڪر ڪري ٿو.

مسٽر لطف الله بدوي، ”نيڪي“ جي تشريح ۾ خود لکي ٿو: ”عمر خيام“ ايران جي مشهور شاعر پنهنجي رباعي ”ناکرده گناهه درجهان کيست بگو!“ ۾ ”نيڪيءَ جي احساس“ تي هڪ فلسفي جي نڪتهء نظر کان پنهنجي راءِ ڏني آهي. مگر ”خليل“
پنهنجي غير فاني تصنيف ”پيغمبر“ ۾ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي تخليق تي پنهنجو رايو ڏنو آهي.

”بديءَ ۽ نيڪيءَ کي ماحول جو ممنون ٿو سمجهي. اهوئي سبب آهي، جو هو چوي ٿو ته نيڪي رزق جي تلاش ۾ ٽڪرن ۾ ڀٽڪي ٿي، ۽ ان کي جو اُن حالت ۾ ميسر ٿئي ٿو، اهو ان جي پيٽ جي جهنم کي ڀرڻ لاءِ قبول ڪرڻو ٿو پوي. پياس جي منزل جڏهن موت جي درجي تي پهچي ٿي، تڏهن اڃايل کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي، جو هو پاڻيءَ جي متعلق ويهي بحث ڪري ته هيءُ چڱو آهي يا خراب! هن کي ان وقت هڪ ئي خيال رکڻو پوندو ته پاڻي ڪهڙو به آهي، ميسر ٿي سگهي ٿو يا نه؟ سچ ته فطرت، انسانيءَ جي حقيقي تقاضا به اها آهي، جو بديءَ جي فضا ۾ پليو هجي، ان غريب کي ڪهڙي خبر، ته نيڪيءَ جي صورت ڪيئن ٿئي ٿي.“

محترم لطف الله بدوي، ”خليل“ جي هن شاهڪار جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي، جو آسان ڪم نه آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي غير فاني ڪتاب جي ترجمي جي سخت ضرورت آهي. مگر ”نظم ۾ ترجمو“، پنهنجي جذبات تي ”شاعر“ جو قبضو ڪرڻ ۽ صحيح خيالن کي ٻيءَ زبان جي قالب ۾ وجهڻ، ڪيترو ڏکيو هوندو، ان جو احساس، هڪ اديب ڪري سگهي ٿو. بهرحال ڪتاب جي پوري ٿيڻ جو انتظار آهي، جو شايد سنڌي ادب ۾ هڪ گرانقدر اضافو ٿئي.

روشن جو شعر شاعره جي دل جي هڪ ڪيفيت جو ترجمو آهي. ترقي پسند ادب، صرف افاديت نه آهي. اهو اسان کي ”گهرو احساس“ پڙهڻ مان معلوم ٿيندو.

دوري ۽ مجبوري ڇا کان؟

گڏجي پنهنجي دنيا ٺاهي

تارو ۽ مهتاب!

مٿيون سٽون سڄيءَ تشبيهه کي نهايت خوبصورتيءَ سان ختم ڪن ٿيون. لکندڙ جي سڄي ڪيفيت پڙهندڙ جي دل تي ڇانئجي وڃي ٿي.

”واچ جا ڪانٽا“ هڪ انقلابي رومانيت (Romanticism) جو مثال آهي. ڪهاڻيءَ ۾ اتفاق جي مدد ورتي ويئي آهي. جي تار، نظير کي نه ملي، ته ايترو کٽراڳ ٿئي ئي نه. اتفاق جي مدد ڪٿي سهڻي لڳندي آهي، ڪٿي نه. اهو اتفاق ڪهاڻيءَ سان ڪيتري قدر ٺهڪي اچي ٿو، ان تي فتويٰ خود پڙهندڙ ڏين ته بهتر ٿيندو؟

”مريم“، احسان بدويءَ جو سنڌي ادب ۾ هڪ اڳتي قدم آهي. انسان جي ڪيتري نه ذلت ٿي رهي آهي، هن جي خودداريءَ کي ڪچليو ويو آهي، هن جي محبت، نفرت جي جذبات کي نهوڙيو ويو آهي، اُهو آندو آهي احساس پنهنجي دردناڪ ڪهاڻي ”مريم“ ۾. انسان جي جسم جي بها، اشرف المخلوقات جي قيمت صرف ٻه رپيا! عصمت هڪ دفعو لٽي ويندي آهي، خوداري هڪ دفعو لتاڙي ويندي آهي ۽ تنهن کان پوءِ عورت جو نفس مري ويندو آهي ۽ هن ۾ بغاوت جو جذبو نه رهندو آهي. اجهي، اٽي ۽ لٽي جي تمنا ۾ سندس پيار پڇتاءُ جو احساس، دفنائجي ويندو آهي. ان عورت جي، جا پنهنجي جسم کي دڪان تي وڪڻي، پنهنجي بي وسيلي زندگيءَ جا ڏينهن ڪاٽي رهي آهي. سندس ڇاتيءَ جا گل مرجهائجي ويا آهن، سندس اکين تي ڪجل مُرڪي رهيو آهي ته ”هينئر جواني ويئي، حسن جي قدرداني وئي.“ جيئڻ جي تمنا، تمنا جي جيئڻ تي مراد رکي ٿي. نه، نه، مريم ۾ تمنا ته مري چڪي آهي، هينئر هوءَ جيئي ٿي، ڇاڪاڻ جو جي رهي آهي. ”ڪهاڻي گلو ڦاڙي پڪاري رهي آهي ته هر عورت طوائف نه آهي پر هر طوائف عورت آهي، پر ڇا هوءَ سچ پچ عورت آهي“ يا ”ڪتيءَ کان به وڌيڪ ذليل!“

جڏهن مون رام پنجواڻيءَ جي ڪهاڻي”مڱڻو“
پڙهي ختم ڪئي، تڏهن ڄڻ ته ڪنهن دل ۾ ڪتڪتائي ڪئي، ڄڻ ڪنهن چهنڊي پاتي، نه، نه، ڄڻ ٺوڪر هنئي، دل ۾ عجيب احساس اٿيا ڄڻ ته ”شوِ لنگ تان برهما، چمبيلي (چنبيلي) گل سوڌو ڦرندو گهرندو، قلابازيون کائيندو، اچي پٽ تي ڦهه ڪري ڪريو.“ (پ) جيئن وسامندڙ ڏيئي جي پوئين لاٽ به ٻه ٽي وڏا ڀڙڪا کائي وسامي ويندي آهي، تيئن ڪهاڻي پوري ٿي ويئي. جيئن تلاءَ ۾ پٿر اڇلائبو آهي ۽ لهرون ڦهلنديون آهن، تيئن دل ۾ هڪ سوال ڦهلندو، وڏو ٿيندو ويو. ان جو مطلب الاجي ڇا هو، پر سندس پهريان ۽ پويان اکر ها ”اي ڪاش!...“

رام خط ۾ لکيو آهي، ته هو مشهور فرانسيسي اديب موپاسان (Maupassant) جو مطالعو ڪري رهيو آهي. شايد ان مطالعي جو ڪهاڻيءَ تي گهرو اثر ٿو ڏسجي. موپاسان جي هر ڪهاڻي دماغ ۾ چپٽي وڄائي، وائڙو ڪري، ختم ٿي ويندي آهي.

ڏيتي ليتيءَ جي مسئلي تي شايد هيءَ بهترين ڪهاڻي آهي. ان ۾ ڏنگ آهي، ڏينڀوءَ جو، نه ماکيءَ جي مک جو، ماکيءَ لڳل، مٺو مٺو ڏنگ!

ڪهاڻيءَ ۾ رجعت پسند عنصر، ذرا نمايان آهن. رام کي خبر هئڻ گهرجي ته موپاسان يورپ جو هڪ زبردست رجعت پسند اديب آهي ۽ ان جو زياده اثر، اسان جي ترقي پسند ادب لاءِ زهريلو ٿيندو، ۽ رام، خود ترقي پسند ادب جو حامي آهي. هندو ديومالا (Mythology) جي ڳالهه کي ايتري اهميت ڏني ويئي، جو اها ساري ڪهاڻيءَ تي ڇانئجي وئي آهي. ڪهاڻي، آهستي آهستي هڪ ڪوهيڙي ۾ ڇڊي ٿيندي، غائب ٿي وڃي ٿي. ان ڪوهيڙي (ڦ) ۾ ماضي اشارا ڪري رهيو آهي، خوبصورت وهم کيڪاري رهيو آهي!

ميمڻ غوث جي ”شمع“ کي، اسين پهريون دفعو سنڌي ادب سان واقف ڪرائي رهيا آهيون. ”شمع“ جي لکڻيءَ ۾ زور تمام گهڻو آهي. جهڙين سنگين حقيقتن جي ترجماني هو ڪري رهيو آهي، تهڙي تمام ٿورا نوجوان اديب ڪن ٿا. سندس طنز ۾ زهر جو اثر آهي، مثال طور پوئين سٽ ”شيطان خدا تي مرڪي رهيو آهي...“ زهر ماريندو آهي، دوا به ٿي لڳندو آهي. اڳتي ڏسجي.

(ڪتاب ”مون ڏات انوکي آندي آ“ م.ا.ب 2012ع ڇپائيندڙ: ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، تان ورتل)

راڄ گهاٽ تي چنڊ:

اسان جي پياري دوست، شيخ اياز، جي شعر جو هيءُ تيرهون مجموعو آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. لڳ ڀڳ ست سال اڳ، 1980ع ۾، اياز جو ڇهون مجموعو، ”لڙيو سج لڪن ۾“، شايع ٿيو، جنهن ۾ ناشر طرفان ٻڌايل هو ته ”شاعر شيخ ايازُ 1975ع جي شروع کان... خاموش رهيو“، ڇو ته فارسي شاعر ابو الفيض فيضيءَ جي بقول، اُن دور ۾ اياز جي ڄڻ اها ڪيفيت هئي، جو

باز گشتم از سخن زيراڪ نيست

در سخن معني  و  در معني  سخن

يعني- ”شعر چوڻ کان باز آيل آهيون، ڇو ته نه شعر ۾ معنيٰ رهي هئي ۽ نه معنيٰ ۾ شعر.“ اياز جي اُن ڪيفيت جو اشارو هُن جي اُن مجموعي جي نالي مان ئي پڌرو هو، جيڪو لطيف جي ساڳيءَ ڪنهن اهڙي ڪيفيت جي ترجماني ڪندڙ خود لطيف جي بيت مان هُن کنيو هو:

”لَڙيو سجّ لَڪن ۾، راسِيون رَتائين،

مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري!“

اياز جي اُن شعري مجموعي کي شاعر جي ”انتهائي نراسائيءَ جو ترجمان“ چوندي، ناشر کي اُن مان نراسائيءَ کان وڌ شاعر جي ”ناخوشيءَ يا ناراضپي“ جي ڪيفيت محسوس ٿي هئي.... ”ناخوشي يا ناراضپو، شديد کان شديد، ايترو شديد، جو اُن کان وڌ ڪنهن وصال جي تانگهه، ڪنهن تبديل جو اُمنگ ۽ اُن وصال ۽ اُن تبديل لاءِ وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن تيز آس جو اظهار شديد ئي ڪو ٿي سگهيو ٿي.“

اڄ، 1980ع کان پوءِ، بلڪ 1982ع ۾ ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ جي اشاعت کان 1987ع جي سندس هِن تازي شعري مجموعي ”راج گهاٽ تي چنڊُ“ تائين پنجن سالن ۾ اياز جي ستن شعري مجموعن جي تخليق ۽ اشاعت(1) مان پڌرو آهي، ته اياز جي اُها ڪيفيت ڪنهن شڪست قبولڻ ۽ فراريت ۾ پناهه وٺڻ واري ذهن جي ڪانه هئي، پر راهَه ۾ لهندڙ سج ۽ رات جي اوندهه ٿي وڃڻ تي ”سسئيءَ“ جي ناراضپي، ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت هئي، جن منزل ڏانهن هُن جي پَنڌ ۾ رڪاوٽ ٿي وڌي. اياز پنهنجي اُن ڪتاب کي ”ماضيءَ ۽ مستقبل“ ڏانهن منسوب ڪيو هو. ”حالَ ڏانهن“ يا
”حال ڏانهن به“ نه: اُن مان به اياز جي اُهڙيءَ ئي پنهنجي ”حال“ کان بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت جو اظهار ٿيو ٿي ۽ نه سندس هار کائي ڪنهن ڪنڊ پاسي ويهڻ يا ڪٿي ڀڄي پاڻُ محفوظ ڪرڻ جو.

وقت جو ڪرشمو واقعي به، هڪ طرح، اهڙيءَ نوعيت جو لڳي ٿو، ڄڻ”حال“ آهي ئي نه. رڳو”ماضي“
آهي ۽ ”مستقبلُ“ آهي، ۽ ماڻهو ”حال“ جو هر پَلُ
”مستقبل“ جي پَلَ لاءِ پيو گهاري. اِن معنيٰ ۾ ماڻهوءَ لاءِ آس ۽ نراس، خوشيءَ ۽ ڪاوڙ، شڪست ۽ فتح جي به ڪا ڳالهه ڪانه ٿي اُٿي، هڪ لاڳيتي مجبوري هئي، جنهن ۾ ماڻهو ڳهندو ٿي رهيو، پر هيءُ جو لطيف چيو ته”ڪِنين“،”ماضي“مَنَ ۾ ڪِنين ”استقبال“،
حيفُ تِني جو حالُ، جن وساريو ”حال“ کي!“. اِن جي معنيٰ ڇا؟ اِن مان ته اِئين ٿي لڳو ڄڻ ”ماضيءَ ۽ مستقبل“ جي ڳالهه ڪانه هئي، رڳو ”حال“ هو، ۽ ”حال“ ۾ ئي ماڻهو لڳاتار لوڙيندو ٿي رهيو!! برابر هيءَ وقت جي ڌارا، هيءُ وقت جو اَجهل سيلاب، ڪهڙيءَ به طرح اُن تي نظر رکجي. اِن جي آڏو ماڻهو پاڻ کي مجبور ئي ڏسي ٿو. پر حقيقت ۾ اُن اٽل مجبوريءَ ۾ به جيئڻ جي ضرورت آهي، جا ماڻهوءَ کي ارادو ڏئي ٿي. ارادو آزاديءَ سان رڪاوٽن کان آجي جيئڻ جو، پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو، هيڪل توڙي گڏجي، پر جيئڻ جو، ۽ جيئڻ کي ماڻڻ جو. ائين ارادي سان روش ”حال“ جو رستو جڏهن، هلندي هلندي، لَڪن ۾ سجَ لهي وڃڻ سبب، اونداهجي به ٿو، ته ماضيءَ جو تجريو ۽ ڏور ”جبل مٿي باهڙي“
مستقبل جو سدا چمڪندڙ پرانهون اُهو نشان ئي فردن توڙي قومن ۾ آڻ مڃڻ ۽ جيئڻ تان هٿ کڻڻ بدران بهتر ۽ خوشتر جيئڻ جو، جيئڻ جي جس کٽڻ جو، اُمنگ ۽ ارادو تازو رکن ٿا.

وقتَ ۽ زندگيءَ جي جبر ۽ اختيار جو هيءُ وستار ائين ۽ اِن ئي منطق سان جاري رهندو آيو آهي.

- ۽ ٻولي ۽ ادب، وقت جي مقابلي ۾، قومن جي اِنهيءَ جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي امنگ ۽ ارادي جا امانتدار، تربيت ڪندڙ ۽ مسلسل روايت طور، اُمنگ ۽ ارادي کي نسل کان نسل تائين رسائڻ جا ثابت ۽ اڻ گُس وسيلا پئي رهيا آهن. اِن مان قومن ۽ انهن جي بامراد زندگين کي اَٽوٽ سلسلو ملي ٿو، ٻولي ۽ ادب، جنهن لاءِ تسبيح جي ڌاڳي جو ڪم ڏين ٿا.

ٻوليءَ ۽ ادب جي اِها حيثيت ۽ اِهو ڪارج تاريخي طور عام مڃيل آهي. اوائلي مذهبي برادرين (جيڪي جديد قومن جي وجودجڻ جون پهريون جماعت بنديون ليکجن ٿيون) جي ٻولين جي سلسلي ۾، مثلاً اُنهن جون مقدس ٻوليون: سنسڪرت، هيبريو، اَوستا، پالي، يوناني/ لاطيني ۽ عربي وغيره، ۽ اُنهن کان پوءِ يا اُنهن سان شامل ۽ همعصر ملوڪيتي يا بادشاهي نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن علائقائي حد بندين ۽ علائقائي ٻولين هر هنڌ اُنهن مذهبي برادرين ۽ سندن مقدس زبانن جي جاءِ ورتي ۽ اُهي لکيت ۾ اچڻ ۽ ماڻهن جون ادبي ۽ علمي ٻوليون بڻجڻُ شروع ٿيون، ۽ سڀ کان وڌيڪ، جديد قومي جمهوري نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن قومي رياستون وجود ۾ آيون ۽ اُنهن جون قومي ٻوليون، پنهنجي سڄي فڪري ۽ تخليقي معجزي سان قومن جي سڃاڻپ جا بنيادي نشان بڻجي پيون، جيئن اڄ اُهي آهن.

قومي زندگيءَ ۾ قومي ٻوليءَ جي اِن اهميت ۽ اِن ڪارج جي ڳالهه ڪندي، تاريخ ۽ سماجيات جي هڪ عالم چيو آهي ته ”جيئن محبوب جي ڏسڻ لاءِ عاشق جي اک آهي، هُن جي پنهنجي اک، اصلي اک، تيئن محب وطن لاءِ ٻولي آهي، سڄيءَ هُن جي قوم جي تاريخ کان هُن کي مليل، هن جي پنهنجي اصلي ٻولي، مادري ٻولي. اُن پنهنجي ٻوليءَ وسيلي، جا هو ڄمڻ سان ٻڌي ٿو، ماءُ جي هنج ۾ سِکي ٿو، ۽ قبر تائين ساڻ نِئي ٿو، هو گذريل وقتَ ياد ڪري ٿو، سهيوڳي سنگَ ۽ رفاقتون خيال ۾ آڻي ٿو، ۽ پنهنجا هو آئيندي جي وقتن جا خواب لهي ٿو.“

ٻوليءَ ۽ ادب جي اِها زندگي بخش روح افزائي ۽ اِها اُنهن جي مسيحائي، هر محب وطن فرد ۽ خاص طرح محب وطن قومي شاعرن ۽ اديبن جي واسطي سان قوم لاءِ سدا موجود، سدا زندهه ۽ تر و تابنده رهي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جو ادب به اِنهيءَ طرح سنڌي قوم جي پنهنجي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي اِرادِي جدوجهد جي تاريخ جا محفوظ طومار يا رڪارڊ آهن، ۽ ائين ئي، خاص طور جديد قومي سنڌي ادب لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اُهو سڄي جو سڄو اڄوڪي دور جو، مخصوصاً 1947ع جي تقسيم برصغير ۽ اُن جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي ورهاڱي ۽ سنڌي قوم کي جنهن سياسي ۽ سماجي صورتحال سان دو چار ٿيڻو پيو، اُن جو اُهو شعوري رد عمل ۽ پورو ۽ سچو تفصيل آهي.

مون پنهنجي ڪتاب ”شاهه، سچل، ساميءَ“
 (1978ع) ۾ ارسطوءَ جو قول نقل ڪيو هو ته ”شاعري، فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي،“ ۽ چيو هو ته اِها حقيقت اِن طرح هئي، جو شاعريءَ مجموعي طور انساني فطرت ۾ زياده اونهو ڏٺو ٿي، اُن جي خصوصيت بلڪ اُن جي عظمت جو دليل ئي اِهو هو ته اُن اندر جي اسرار جي، ڳالهه جي اصل، ”اکرن“ جي نه، پر ”روح“ جي صورتگري ڪئي ٿي: ۽ ٻيو ته اُن پنهنجي دور تي، ۽ اُن جي ماڻهن تي وڌيڪ حساس روشني وڌي ٿي ۽ انهيءَ ڪري اُنهن سان زياده يڪدل ٿي، اُنهن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح سمجهيو ٿي. ائين عظيم شاعريءَ جي توصيف ڪندي، مون وڌيڪ لکيو هو ته اُن ۾ وقت جي حقيقت جو سچو ۽ پورو عڪس موجود ٿئي ٿو، ۽ اُن خيال کان ان ۾ تاريخ جي جهلڪ موجود هوندي آهي؛ ۽ ساڳئي وقت اُن ۾ حقيقتن جو تعبير به موجود هوندو آهي، ۽ اُن لحاظ کان اُن ۾ فلسفي يا حڪمت جي به جهلڪ هوندي آهي.

جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي. ايس. اِليٽ، جو چوڻ آهي ته ”شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جدتڪار (Innovator) جي ڪاوشن کي تاريخوار ويهي جانچيندا، ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌُن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم اُن جي پورائيءَ ۾ اڳتي وڌندي ڏسندا.“ جديد سنڌي ادب جو اڳرو ۽ جدت ڪار، اسان جو مهان اديب ۽ شاعر شيخ اياز، اسان کي سندس سڄيءَ اعليٰ تخليقي ڪاوش ۾ پنهنجي ضبط ٿيل مشهور پهرئين شعري مجموعي ”ڀونئر ڀري آڪاس“ (1964ع) کان وٺي، سڀني سندس نثري تصنيفن سميت، پنهنجي شعر جي هن زير نظر شاهڪار، ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“، تائين اهڙيءَ ئي ڪنهن هڪ پنهنجي لازم ڌُن ۽ اَجهل جذبي جي تڪميل ۾ اڳتي وڌندو پئي معلوم ٿيو آهي. ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ جي مهاڳ ۾ يوسف شاهين لکيو آهي ته:

”نثري نظمن تي مشتمل هيءُ بي مثال ڪتاب، شيخ اياز جي سڄيءَ زندگيءَ جي تجربن، ڄاڻ، مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي...“

دراصل اُهو اياز جي مطالعي جو نچوڙ به هُن جي پنهنجي اُن اندر جي جذبي، پنهنجي آئيندي جي هڪ خواب کي اڳتي نِئي ٿو، جيڪو هن جي دل ۾ پنهنجن ماڻهن لاءِ موجود پئي رهيو آهي؛ ۽ جنهن ڏانهن هن جي سڄي شاعري ۽ ٻي هر ادبي ڪاوش مسلسل سفر ۾ رهي آهي. هن جي سڄي اعليٰ تخليقي ادبي اُپت، هن جا سڀ ادبي شاهڪار، زندگيءَ جي همه رنگ صورت جِي مصوري هوندي به، اهڙا آهن، جو اُنهن سڀني ۾ هڪ يڪرنگي، هڪ يڪسوئي ملي ٿي. شاعر جي پنهنجي هڪ ”ڏور نگاهه“ (vision) هن جي هر نظم ۽ هر شعر ۾ موجود آهي، ۽ وچ ۾ ڪٿي، خاص طرح پنهنجي قومي حال ۾ مايوسيءَ جي خفيف عڪاسيءَ جي باوجود، جا حقيقت پسندانه ئي آهي، اُن ۾ هزارها سالن جي تاريخ، مستقبل جي اُن مثبت ۽ پُر اُميد تصور سان وڃي ملي ٿي:

اهڙي اڳ- ڳڻتي

ڪهڙيءَ ڪؤتا کي ئي؟

ڪنهن هئن دانهن ٻڌي هئي،

دکي ڌرتيءَ جي؟

ڇا اڳ ڏيهه ڏٺا هيا

ڏاهپ هئن ڏمري؟

من- پيڙا جي ٻولڙي

ڪنهن هئن ڪُرلائي؟

                   (وائي)

 

سهڙي جا سيکاٽ تي، کنوڻ سان کاڻوٽ،

متان کائو موٽ، ساري سنڌ ٻري پئي.

                           (بيت)

 

هي جو ريٽو رَتُ آ، کيسانو موريءَ،

اُڻي ڪنهن ڪوريءَ، ڳاڙهي اُڻت ڪيتري!

                           (بيت)

 

اوشل ڊهي ڊوهه، ڪائي آڳ ٻِري پئي،

لوهر ڦوڪي لوهه، رُڪ ڪري ڪو پڌرو!

                           (بيت)

 

اچي ٿو هيڪارَ، موتُ ته سڀني جي مٿان،

مُئي ناهه ميارَ، جي تون جيئين جسُ سان.

                           (بيت)

 

هي سرءُ چاليهه سال!

روز ساڳا ڏينهڙا!

 

سج اُڀري ٿو، اُٿن ٿا سوچ ۾ سڳا سوال،

سجُّ اُلهي ٿو، مُنهَن تي ٿا مِلن ساڳا ملال،

ها فقط سَرها لڳن ٿا، اڄ به ڌرتيءَ جا دلال،

هو وَسنتي ويس پائي، ٿا هڻن ڪوڙا گُلال،

ڪيترو تو لئه تڪيان؟ هاڻي ڀَلائي آءٌ ڀال!

 

روز ساڳا ڏينهڙا!

روز ساڳا ڏينهڙا!

روز ساڳا ڏينهڙا!

(وائي)

ٿي ٻري لينن گراڊ-

بم برسن ٿا پيا.

”اولگا“ جي شاعريءَ ۾،

اڄ به تازي آهه ياد،

بم برسن ٿا پيا.

اڄ به منهنجا ديس تو ۾

ڄڻ ته نازي بدنهاد!

بم برسن ٿا پيا.

اي ڏکڻ! گُهلندي ڪڏهن تون،

آءُ اي بادِ مراد،

بم برسن ٿا پيا.

                   (وائي)

ڌرتي! بس توسان،

ماڻهوءَ ٻولَ نه پاڙيا!

آڌيءَ مانجهيءَ گيت ٿو، ڳايان آءٌ اڃان...

سپني منجهه رچي وڃي ماڻهو نيٺ متان!

(ماڻهو سپنا ٿو اُڻي، پنهنجي رُت پُنءِ مان)

رانئي جَرُ ٿَرُ آئيو، ڳاڙهو سجُّ مٿان!

(وائي)

 

”تون“ تي تون آهين

منهنجي ڀُون آهين،

او آيل! او سنڌڙي!

منهنجي ساري ڏات تون،

منهنجي ”مون“ آهين،

او آيل! او سنڌڙي!

تون ئي منهنجا بيت آن،

تون وايون آهين،

او آيل! او سنڌڙي!

اڃان نڪتي ڇو نه تُون،

کاهيءَ کؤن آهين؟

او آيل! او سنڌڙي!

ويريءَ جي والارَ ۾،

ڏينهن ته ڏون آهين!

او آيل! او سنڌڙي!

 

بادل ٿا برسن،

جيڏا، وري جهوڪُ تي.

شاهه عنايت اُڀَّ مان، ڇمڪي ٿو ڇَن ڇَن،

نه تو سونگي سنڌڙي، نه تو ڏاڍي ڏَن!

مٿن مٿي هٿڙا، سدا شهيدن،

آهن اسان سان اڃان، مري جي نه مرن!

                                     (وائي)

 

پير کوڙي رهو پهاڙن تي،

پٿّرن جي ڪِرڻ جيان نه ڀڄو!

رٿّ روڪي وڙهو ”اياز“ اڃا،

ڪانئرن جي ڀڄڻ جيان نه ڀڄو!

                                 (غزل)

 

سمجهو ٿا لوڪو!

راهُو مرڻو ڪونه آ،

مري ويو ٻيو ڪو.

               (ٽِه سٽو)

 

اکيون پٽيو ڙي!

هيءَ جا باک بسنت جي

اُٿي جهٽيو ڙي!

                  (ٽِه سٽو)

 

موت نه کاڌي مات،

وري سج لهو لهان

راهوڪيءَ تي رات!

                   (ٽِه سٽو)

 

ڇا تون ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو؟

لاهور ۽ دليءَ جي جي رستن تان،

رتُ ڌوپي چڪو آهي،

۽ اُها رُتِ ويجهي آهي،

جنهن ۾ مالتيءَ جا آڇا پُشپَ،

من جي پوترتا وانگر ٽڙي پوندا آهن...

 

(نثري نظم)

دور ستارا پوڙها آهن

چنڊ به پوڙهو آهي،

يا هو پوڙهو ناهي؟

 

هن ساري سنسار کي ڪوئي

چوڌاري ڪو لوڙهو ناهي

يا ڪو وڙهو آهي؟

 

ديپ ٻُجهن ٿا ديپ ٻرن ٿا

ڏاڍوڏور ڏياٽيون آهن

جي وسِمئه مان مَنش ڏسن ٿا.

 

وِشوُ جيئن ڪو مندر آهي

ڇا اِن ۾ ڪوئي در آهي؟

 

مورتيون ۽ سڀ پوڄاري

اِن کان ٻاهر ڇو نه وڃن ٿا؟

 

هونءَ وشال لڳي ٿو، ليڪن

گهيرو ڪيڏو سوڙهو آهي!

                   (نظم)

 

منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!

چئه، توکان ڪو مُلهه گهرن ٿا؟

 

مون کان پوءِ اِهي اِئن لڳندا

اِنڊَ مان جي چانڊوڪيءَ ۾

ڄڻ ڪي هڏڙا پکڙي آهن.

 

هڏڙا ڪنهن کان ڇا ٿا چاهِن

ڇا ڪوئي سوچي ٿو!

ڇا ڪوئي سوچي ٿو!

 

                   (نظم)

 

ڪنهن جو خون وهيو ٽوڙيءَ ۾،

او ڊايَر؟

توکي ڪيئي سال مُئي ٿيا،

رُومَ رُومَ مان تنهنجي نڪتا،

جيڪي ڪيڙا،

سي به مٽيءَ سان مٽّي ٿي ويا

ڪالهه مگر تو ٽوڙيءَ م،

لڳ ڀڳ ساڳيءَ ورديءَ ۾،

ساڳي هولي کيڏي!...

           (نظم، ص 113)

 

وَنُّ به ساڳو، واسُ به ساڳو،

مَنُّ به ساڳو، ماس به ساڳو،

......

هڪٻئي سان گڏ ڇو نه جيون ٿا؟

هڪٻئي کي سَڏُ ڇو نه ڏيون ٿا؟

هڪٻئي جو مڏ ڇو نه ٿيون ٿا؟

 

                   (نظم)

 

هو سڀ آڌيءَ رات اچن ٿا،

مُگرمانَ تي ناچ نچن ٿا.

 

مُگرمان جي چمڙي هيٺان،

تن جون ڪيئي پيڙهيون آهن،

هڪٻئي پويان سيڙهيون آهن،

تن تي گڏجي هيٺ لهن ٿا،

دودي تائين، ٻاگهيءَ تائين،

ڪُنڊَّ ڪُنڊَّ ۾ ديپ جلن ٿا،

مُگرمان تي ناچ نچن ٿا.

 

جيڪي ڪالهه اِنهيءَ ڌرتيءَ تي

ماريا ويا ها، سي به اُٿن ٿا،

۽ پوءِ پنهنجن پيرن هيٺان

لاش چنيسر جو چيڀاٽي،

ڇاتي کولي، اوچي ڳاٽي،

ڏاڪولن سان ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا،

مُگرمانَ تي ناچ نچن ٿا.

                   (نظم)

 

... اِن طرح، آءٌ هوند هن ڪتاب تان اياز جا سڄي جا سڄا نظم ”سارو عرش منور آهي/ چنڊ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو...“، ”ڪيڏو ياد ڪريان ٿو توکي/ تنهائيءَ ۾/ تون جو جيئڻ جو جس آهين، ڪير چوي ٿو تون ڪس آهين!...“، ”آزاديءَ لئه روز مرن ٿا/ ماڻهوئڙا...“، ”موت مسئلو ناهي/ مسئلو حياتي آ...“، ”هي شاعر جي لهرائن ٿا/ هي جيڪي آداب عرض ڪن/ جن کي ڪوبه ضمير نه آهي...“، پنهنجي جيئري يارو/ انقلاب اچڻو آ....“، ”حڪمرانن کي ڪونه مڃون ٿا/ پوءِ به اسان محڪوم ته آهيون!...“، ”باک ڦُٽي جو روز ٻڌان ٿو/ ”وڪٽر جارا“ کي...“، ”عمر گذري وئي/ دک هن ديس جا/ اڄ به ساڳا هئا...“، ”رات جي سياهيءَ ۾/ روشنيءَ جي جهرمر ۾/ ڪيترا نوان ماڻهو/ سچ ڏي وڌن ٿا پيا...“، ”جوت ٻرندي رهي.../ رات ٺرندي رهي...“ پيش ڪريان بلڪ اياز جو ڪهڙو ڪهڙو بيت، ڪهڙو ڪهڙو شعر، ڪهڙو ڪهڙو نظم ۽ اُن جو ڪهڙو بند پيش نه ڪريان، جي پنن تي جاءِ جي گنجائش ڏسي سگهان، ۽ جي اِها خبر نه هجيم ته هيءُ سڄو ڪتاب، پنهنجي واقعي هڪ ايڏيءَ امر شاعريءَ سان لائق پڙهندڙن جي آڏو پاڻ موجود آهي ۽ سنڌ جا محڪوم ۽ مظلوم باشعور ماڻهو ضرور اُن جي سِٽ سِٽ پڙهندا ۽ اُن جي ”ايجاز“، ”ايما“ ۽ علاماتي ادا ۾ جيڪي معنيٰ جي موتين جا انبار سندن آڏو آهن، اُهي هو پاڻ ئي ڏسندا ۽ گڏ ڪندا!

اياز جي هيءَ شاعري، اياز جي پنهنجي چواڻيءَ، هُن جي ”زندگيءَ جي پوئين پهر جي شاعري“ آهي. اِنهيءَ ڪري اُن ۾ لائق پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي زندگيءَ جي اختصار ۽ اُن جي خاتمي کان پوءِ جي اوني جو اطهار به ملندو. جيئن هيٺينءَ وائيءَ ۾:

ويل آن ساهي پٽڻ جي،

موت، منهجي لاءِ تون،

آخري منزل نه آهين.

 

مان اُٻن ۾ ڪيئن رهندس،

مون ڀُلائي نانهه ڀون!

 

هو وسي ٿو وڏ ڦڙو

سايون ٿين ٿر ۾ ڀٽون!

جي اَچان موٽي ته مون کي

ڪنهن هرڻ ۾ پاءِ تون!

موتَ! منهنجي لاءِ تون،

آخري منزل نه آهين!

 

يا، جيئن هن نظم ۾:

اڇا اُجهاڻل ڏيئو ناهيان

تون جو اچڻو آهين، آءٌ!

 

تنهنجي ڪارڻ ليئا پاتا

ساري رات جَلي مون در تي،

ڪيڏو ڪارو انڌيارو آ

ڀنڀرڪي تائين سانڀر تي!

 

ڄاڻ پرهه جي پنڇي اُڏريا!

توڙي پوئين آهي ويرا،

منهنجي جوت اڃا به ٻري ٿي

اڃا تڪيان ٿو تنهنجا پيرا.

 

اڃا به ساڳيو ليئو آهيان،

اچڻو آهين، جي، تون آءُ!

 

يا، ”سارو عرش منوّر آهي“ واري نظم ۾:

... ڇا، هي منهنجو بستر آهي،

جنهن وٽ ڪوئي روئي ٿو؛

چي، ”هي شعر اڌورو آهي،

”ويٺي ڪالهه لکيائين ٿي جو،

”جهونگاري سوچيائين ٿي جو،

”ڀانيان ٿو اڻپورو آهي!“...

 

 يا، سندس نظم ۾:

عمر گذري وئي،

دکَّ هن ديس جا،

اڄ به ساڳا هئا،

جي هئا مون ڏٺا،

سال چاليهه اڳ،

ڪوبه ڦيرو نه آ

ديس جي دانهن ۾!....

1976ع کان 1979ع تائينءَ جي وائيس چانسيلريءَ واري دور ۾ ۽، اُن دور کان فوراً پوءِ واري ڪجهه عرصي ۾ به، نه لکڻ سبب، اياز جي شعري آمد ۾ اُها رواني نه رهي هئي، ته هن فقط نثري نظم ”پتڻ ٿو پورَ ڪري“، (1982ع) وارا لکيا هئا. جيئن گرديو ٽئگور پنهنجي آخري دور ۾ ڪجهه ڪتاب نثري نظم جا لکي، وري پنهنجي منظوم شاعريءَ ڏانهن موٽيو هو. ٽئگور وانگر اياز جي اُنهن نثري نظمن ۾ اُها ڳالهه نه هئي، جا شاعر مان متوقع هئي. اُن سلسلي ۾ اياز مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هو، ۽ ٻئي هڪ هنڌ آءٌ اِئين لکي به چڪو آهيان، ته ڪيترو وقت هن جي تخليقي قوتن جا سرچشما بيٺل رهيا؛ ۽ اُن ڪري هن ڪٿي ڪٿي (نثري نظمن ۾) پنهنجي مطالعي جو سهارو ورتو هو، پر اُن سان اياز جي اُنهيءَ پيشڪش جي به مخصوص اهميت کان ڪڏهن به انڪار نٿي ٿِي سگهيو.

يوسف شاهين، اياز جي اُن مجموعي کي علم ۽ فلسفي جي دنيا جو ”هڪ عظيم شاهڪار“ چوندي، شاعر جي ڪن سالن جي لڳاتار ماٺ کان پوءِ جي پهرينءَ خوش آئند اشاعت طور ”نئين نينهن جو نياپو“، ”پرهه ڦٽيءَ جو پيغام“ ۽ ”من اندر جون ڳالهيون“ سڏيو آهي، جن کي ٻڌڻ لاءِ سچي دل ۽ اُجرو من گهربل هئا، ۽ جن جي مطالعي کان پوءِ شيخ اياز جي سموري شاعري (پاڻ) وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پڙهي ۽ پروڙجي سگهي ٿي. اڄ اياز جي هن ”پوئين پهر جي شاعري“ ۾ به سندس ان وسيع مطالعي ۽ جهان، گرديءَ جون جهلڪيون ملن ٿيون. هن جي مطالعي ۾ اِن طرح ڪيترائي شاعر، اديب، فلسفي آيل آهن، جن جو ذڪر هن هنڌ هنڌ پنهجي ”اندر“ جي اظهار ۾ تمثيل (Allegory) طور ڪيو آهي. جيئن ڀٽائي، سچل، بيڪس، اولگا پرگال (لينن گراڊ جي شاعره)، ڪبير، فريد، بلي شاهه، روحل، ڀاڳو ڀانُ، ويد وياس، گوئٽي، بيٿوون، مولانا آزاد، اصغر گونڊوي، مايو ڪووسڪي، ڪنفيوشس، فيض، سبط حسن، دارا، شيوسانگ (قديم چيني عالم)، آلندي، امير خسرو، مرزا ”رسوا“، فيڊرل ڪاسترو، وڪٽر جارا (هسپانوي راڳي ۽ شاعر)، وغيره ائين ٿو لڳي ته شعر ۽ ادب جي ساري دنيا هن جي آغوش ۾ آهي، ۽ هن کي ديس، پوري برصغير ۽ ساريءَ دنيا جو فڪر آهي، ۽ ٽنهي جي تقدير ۾ ڪوئي رشتو آهي، ۽ اُن رشتي جي بحاليءَ جي هن کي اڻ تڻ آهي. جيڪو رشتو هٻڇ، غصي، خوف ۽ تاريڪ خياليءَ سبب ڇڄي، ڇيهون ڇيهون ٿيو پيو هو، ۽ جيسين اُن جا ٽُٽل ڦٽل ڌاڳا ڳولي، ڳنڍي جوڙي، سلجهائي ۽ صاف ڪري نٿا سگهجن، تيسين هن جي پنهنجي قوم ۽ دنيا ۾ ٻئي مظلوم انسان جي نجات ممڪن نه هئي.

پُڇڻ تي اياز مون کي ٻڌايو ته پاڻ سڄو هيءُ شعر، جيڪو هن مجموعي ۾ پيش ٿيل آهي، سواءِ اُن جي، ٻن چئن نظمن جي، مارچ ۽ اپريل 1987ع ۾، روزانه علي الصبح چئين وڳي کان ڇهين وڳي تائين ڪم ڪندي جوڙيائون؛ ۽ پڻ ٻئي شعر جو سندس مجموعو، ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“ به، ائين آگسٽ- سيپٽمبر جي ٻن مهينن جو تخليقيل، وٽن تيار آهي، جو عنقريب شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو.

راتين جو جاڳي، صبح جي پهر ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي پابزنجير ۽ ڏکاريءَ زندگيءَ تي ائين ڪُرلائڻ جا آثار، اسين اياز جي هن تخليق ۾ ڏسي ۽ پڙهي به سگهون ٿا:

رڻ- ٻارڻ باري ويا، آڌيءَ اُٿي جي،

ساري ٿي تن کي، اُڀري باک بسنت جي.

(بيت)

رات ڀر تُنهنجي پڪار،

ننڊ کي نيندي رهي.

اَڌ ڌرتي سرخ ٿي وئي، ايترا آيا بهار!

ڪويَلون ڪوڪن پيون، ڪوئي ته ناهي چپ يار!

ڇو اڇا گلنار ناهن، روءِ تنهنجي جا اَنار؟

ٿو ڇڪين ڇوهي جيان، مون کي پراهين پار يار!

(وائي)

اُٿي اُڌيءَ رات جو،

تو لئه ٻولن ٻولڙيون،

پکي ڪي پرڏيهه جا.

ڦڙا ڦڙا ماڪ جا،

جڏهن ڦُلن جهولڙيون،

تو لئه ٻولن ٻولڙيون،

پکي ڪي پرڏيهه جا.

جن تو لاءِ سڳنڌ جون،

ڪيئي ڳليون ڳولڙيون،

تو لئه ٻولن ٻولڙيون

پکي ڪي پرڏيهه جا.

ڀنڀرڪي جو ڀُنءِ مٿان،

ريکون نيٺ رتولڙيون،

تو لئه ٻولن ٻولڙيون،

پکي ڪي پرڏيهه جا.

(وائي)

 

باک ڦٽيءَ جو شعر لهن ٿا

مون تي سج اُهاءُ ڪري؛

رت اَٻڙڪا کائي ٿو اِيئن

ڏينهن تتو جئن تاءُ ڪري!

سارو وقت ته رهندو ناهين،

ويندو آنهه سماءُ ڪري!

ڪيسين ڪُوءِ ڪلاڪن جي

۾

منهنجي ڏات هڳاءُ ڪري؟

آءٌ ته آڌر ڀاءُ ڪري  ڪو

تنهنجو آڌرڀاءُ ڪري!

                   (نظم، ص 172)

 

باک ڦٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو

”وِڪٽر جارا“ کي.

هي جو چِلَيءَ جو راڳي آ

منهنجي ڀاءُ جيان آ،

اُن جي دکياري ڌرتي ڄڻ

منهنجي ماءُ جيان آ...!

                   (نظم)

 

اياز جي شعري فن تي لکندي ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (1970ع) جي مهاڳ ۾ مون چيو هو ته ”اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انهن کان مٿي اُڀري ٿو؛ ۽ پوءِ مون هن جي ”سادن ۽ سهڻن لفظن ۽ اُنهن جي چونڊ ۽ پوري استعمال“ جو ذڪر ڪيو هو ۽ لکيو هو هن جي ”شعر جي نغمگيءَ ۽ اُن جي دلبرانه انداز“ بابت، ۽ هن جي ”ننڍڙن ۽ نزاڪت ڀرين وزنن ۽ بحرن“ بابت، ۽ هوا کان هلڪن رديفن ۽ قافين، ۽ هندي ڇند جي بنهه معصومانه ۽ من موهيندڙ استعمال ۽ لوڪ گيتن جي ڌُنن ۽ انوکين علامتن ۽ اشارن، بابت، جن سان هن جا پڙهندڙ هن جي آڇيل معنائن جي موتين سان پنهنجا جهول ڀري ٿي سگهيا ۽ سندس دل ورائي ورائي هن جي شعرن ٻڌڻ لاءِ آتي ۽ زبان اُنهن جي نغمن کي وري وري جهونگارڻ لاءِ تيار رهي ٿي. اياز جي هن تازي ڪلام جي فني اوچاين لاءِ پڻ آءٌ اِهو ئي ڪجهه چئي سگهان ٿو. اياز جي شعري اظهار ۾ مون هميشه هڪ ڳالهه ڏٺي آهي، جنهن کي آءٌ جذبي جي ڌارا (Stream of Passion) به چئي سگهان ٿو، شعور جي ڌارا (Stream of Consciousness) وانگر، ادب ۽ فن جي ڪاوش ۾ جڏهن اِهي ٻه ڌارائون گڏجن ٿيون، يعني جڏهن شعور جي ڌارا کي جذبي جي ڌارا اُمنگ، اُتساهه، عشق جي ڌارا ميسر اچي ٿي (جنهن کي ٽي. ايس. اِيلٽ ”اندر جي ڌُنَ“ ۽ اسان جي لطيفَ ”اندر جي آگ“ چيو آهي)، ۽ پوءِ جيتر اُهي ٻيئي ڌارائون ڪنهن اديب ۽ شاعر سان شامل حال هجن ٿيون، تيتر جيڪا تخليق وجودجي ٿي، اُها پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن خاص ڪوشش يا اڳ رٿا جي به محتاج نٿي رهي. ائين ئي اياز جا ڪيترائي نظم آهن. جن جي ڪائي مقرر يا ٻڌل صورت (Fixed Pattern) نه آهي،  جي پوءِ به پنهنجي فني تڪميل ۽ منطقي نتيجي تي پهچن ٿا، ۽ پوري آب تاب سان پهچن ٿا؛ ۽ توڙي جو اُنهن جي وچ جون سٽون هم قافيه نه آهن ۽ انهن جا ڪي پدَ يا مصرعون به ناتمام هجن ٿيون، ته به اُنهن ۾ ترنم ۽ تاثر پابند شاعريءَ کان به وڌي ملي ٿو؛ اُنهن جون تشبيهون ۽ استعارا بنهه نوان، جن جي نواڻ به نئين کان نئين، ڪابه انهن جي سٽ اَجائي ۽ ڀرتيءَ جي نه ته به معنيٰ جي ايتري اَولِيت، جو اُنهن جي ٻوليءَ جو حسن ۽ خوبي ثانوي ڳالهه پيئي ڀاسي. اِن طرح جي فطري شعر جي هر صنف بيت، گيت، وائي، ٽسٽي، نظم، نثري نظم تي شاعر جي ڇاپ ٿئي ٿي، ۽ شاعر جي نالي جي خبر نه هوندي به ڏسي ۽ پڙهي، چئي سگهجي ٿو ته اُهي اياز جا شعر آهن.

منهنجي تخليقيل مثالي ٻه نظم ”ڪالهه ڪڏهن مون وارياسي ۾/...“ ۽ ”گيت به ڄڻ گوريلا آهن،/...“ هتي لائق پڙهندڙن جي آڏو آڻي به سگهان ٿو. پهرئين نظم ۾ ۽، خاص طرح اُن جي آخري ڇهن سٽڻ جي بند ۾، شاعر ڏاڍي هڪ دلنواز انداز جو اندروني ترنم حاصل ڪري سگهيو آهي، جيئن بند جي ٽين سٽ جي لفظ ”فلسطين“ جو قافيو اُن جي مٿينءَ سٽ جي آخر ۾ ”جيسين“ آهي، پر ان کان پوءِ باقي بند ۾ قافيو ڪونه آهي، ۽ رڳو ”حسرت“، ”فلسطين“،
”ياسر“، ”سارا“ ۽ ”ڏي“ لفظن ۾ آندل ”سين“ (س) جي آواز، ۽ ساڳيءَ طرح ”حسرت“، ”فلسطين“، ”ياسر“،
”عرفات“، ”سارا“ ۾ ”رتورت“ ۾ آندل ”ر“، ۽ ”حسرت“، ”عرفات“ ۽ ”رتورت“ ۾ ”ت“ / ”ط“ جي تڪرار (
Repetition) سان ترنم پيدا ڪيو ويو آهي، ساڳيءَ طرح ٻئي ۾ آوازن ”گ“، ”ر“، ”ج“، ۽ ”ڙ“ جي تڪرار ۽ پڻ انداروني هم قافيائي لفظن ”جاڙ“،
”آڙ“، ”پهاڙ“، ”تاڙ“، ”لاڙ“، ۽ ”اکاڙ“ سان نظم جي ترنم ۽ تاثر کي عروج تي پهچايو ويو آهي. اِهي تجربا ڪڏهن ڪڏهن مغربي شاعريءَ ۾ ملندا آهن، ته اُنهن جا نقاد هوندا آهن، جي شاعر تان ٻلهار ويندا آهن. اياز جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ اهڙا سوين مثال موجود ڏسي سگهجن ٿا.

اياز جي اِهي هيٺ ڏنل ٻه نظم، جتي هن جي شعري فن جا ۽ اُن جي تمثيلي انداز جا، ۽ هن جي شعرو ۽ جذبي، ذهن ۽ قلب جي فطري امتزاج جا نمائنده مثال آهن، اُتي اُهي سندس مجبور وطن ۽ محروم ۽ ستم رسيده قوم جي شانائتي ۽ جس ڀرئي جيئڻ لاءِ مٿن تاريخ جي عائد ڪيل جدوجهد جي طويل ۽ مشڪل رستي جي ڳالهه به ڪن ٿا: اسان جا محب وطن ۽ عوام دوست اديب ۽ شاعر اڄ اسان لاءِ اِهوئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا: ۽ اڄ اِهوئي فرض ادا ڪرڻ کان اُنهن کي غافل رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ جاهه ۽ جلال جا صاحب ۽ ملڪ ۽ مال جا مالڪ، هم تن ۽ ڪل جِهت مصروف نظر اچن ٿا:

(1)

ڪالهه جڏهن مون وارياسي ۾

ڳاڱيون، ڳَمَ ڳنڍيرَ ڏسي،

سج جي ڀاڄي ڏانهن ڏٺو،

سونَ وَرني ساواڻ هئي

منهن ڦيري جاڏنهن ڏٺو.

 

تيسين ٿي تيڏانهن ڏٺو

سارو سج ٻڏي ويو جيسين،

حسرت سان ڪنهن وقت فلسطين،

جئن ياسر عرفات ڏسي،

چَپَ ائين ڀيڪوڙي پنهنجا

سارا رَتّو رتُّ لڳن!

 

(2)

گيت به ڄڻ گوريلا آهن،

جي ويريءَ تي وارَ ڪرن ٿا.

 

جئن جئن جاڙ وڌي ٿي جڳ ۾

هو ٻوليءَ جي آڙ ڇُپن ٿا،

ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا

موٽي منجهه پهاڙ ڇپن ٿا؛

ڪيڌي تِرڇي تاڙ رکن ٿا،

اُتر اُڀري، لاڙ ڇپن ٿا؛

سانوڻ سنگ وسن ٿا ڏاڍو،

بادل ٿي آکاڙ ڇپن ٿا.

 

ڪالهه هيا جي سرخ گلن جئن

اڄڪلهه نيلا پيلا آهن:

گيت به ڄڻ گوريلا آهن

جي ويريءَ تي وار ڪرن ٿا.

 

محمد ابراهيم جويو

حيدرآباد، سنڌ

20 نومبر 1987ع

اياز ۽ اڳتي قدم

اياز سان منهنجي غائبانه ڄاڻ سال 1938ع ڌاري ۽ روبرو ملاقات 1941ع جي آخر ۾، منهنجي پياري دوست جمال صديقيءَ جي وسيلي، ڪراچيءَ ۾ ٿي. جمال ۽ اياز وڏي ۽ سڌريل شهر شڪارپور جا هئا، ۽ آءٌ ننڍي سادي شهر تيرٿ لڪيءَ جي لڳ سنڌوءَ جي ڪپ سان ڳوٺ ”آباد“ جو رهندڙ، ٺيٺ ٻهراڙيءَ جو هوس.

سال 41-1940ع ۾ آءٌ بمبئيءَ جي وڏي ننگر مان بي.ٽيءَ جي ٽريننگ پوري ڪري، ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسته الاسلام ۾، جتي آءٌ پڙهيو به هوس ۽ پوءِ ماستر به مقرر ٿيو هوس، موٽي اچي دخلڪار ٿيو هوس. اياز ۽ جمال ڊي.جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ بي.اي لاءِ ادخل ٿيا هئا.

بمبئيءَ مان آءٌ ڪامريڊ ايم.اين.راءِ سان متعارف ۽ سندس ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کان متاثر ٿي، موٽيو هوس. ڪراچيءَ ۾ ناگيندر ناٿ وياس نالي هڪ گجراتي برهمڻ نوجوان جي تحريڪ ۽ اڳواڻيءَ ۾ ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي سنڌ شاخ قائم ٿي چڪي هئي، جنهن سان آءٌ ۽ منهنجا دوست، گجر ڳالهائيندڙ بوهرا جماعت جو احمد اي. جيواجي، مزدور ليڊر ڪونڪني خطب ۽ اياز، جمال ۽ ٻيا ساٿي وڃي شامل ٿياسين. وياس هڪ وڏي سيٺ جو پٽ هو ۽ پيار جي شادي هڪ پڙهيل ڳڙهيل سُشيل اڇوت ڇوڪريءَ سان ڪئي هئائين ۽ اُن سبب پيءُ جي گهر مان تڙجي نڪتل هو، احمد اي.جيواجيءَ کان به سندس اعتقادي ۽ مذهبي پيءُ ڪجهه رُٺل هو ۽ احمد پاڻ بوهرا جماعت جي هڪ روشن ذهن سڌارڪ حاتم علي علويءَ جي زير اثر پنهنجي ”آگي قدم“ نالي پريس مان ”آگي قدم“ جي ئي نالي سان ماهوار گجراتي رسالو ايڊٽ ڪندو، ڇاپيندو ۽ شايع پڻ ڪندو هو ۽ اياز ۽ جمال ٻئي پڻ هن جي اَلهڙ جوانيءَ جي پهرئين پيار جا چپيٽ کاڌل هئا، شعر ۽ شاعريءَ سان دل هُينِ ۽ علم جي نئين روشنيءَ جي ڪجهه سرسُ چُڪي  پيتل ۽ وڌيڪ اُن جا پياسي هئا. ٻيا سڀ اسان جا ڪامريڊ به ريڊيڪل پارٽيءَ ۾ اُهڙا ئي پنهنجي پنهنجي نوع ۾ ”حال کان ناراض ۽ بهتر مستقبل لاءِ اُتساهيل“، جي اچي گڏ ٿيا هئا.

41-1941ع ۾ اسان ريڊيڪل پارٽيءَ جي آواز طور انگريزيءَ ۾ هفتيوار اخبار، ”فريڊم ڪالنگ“
 (
Freedom Calling) جي نالي سان ڪڍي هئي سون، جنهن کي ڪامريڊ وياس ايڊٽ ڪندو هو ۽ جنهن ۾ وقتي آءٌ به لکندو هوس، گمنام ٿي ۽ ڪڏهن پنهنجي نالي سان به. ٻي مهاڀاري لڙائي (1945ع-1939ع) کان ئي اُها اَئنٽي فاشسٽ Anti Fascist جنگ هئي. اسين اُن لڙائيءَ ۾ سرڪار جي حمايت ۾ هئاسين ۽ سرڪار جي نئشنل وار فرنٽ ۾ شامل هئاسين. اسان جو آزاديءَ ۽ جمهوريت لاءِ فڪري خواب ٽه طرفو هو؛ سيڪيولزم ۽ نئشنلزم، سوشلزم جنهن جي ساڀيان لاءِ اسان ”هن دنيا ۾، هن ڌرتيءَ تي حق نيڪيءَ ۽ خير جي جنت“ بنائڻ ٿي گهري.

ڪامريڊ، ايم.اين.راءِ ان سياست جي فڪري سلسلي کي هيومنزم (Humanism) جو نالو ڏنو هو.

1946ع ۾ مون کي پهريون پٽ منور علي ڄائو، جنهن جو پهريون نالو لاڏَ پئي ”منور اختر“ رکيوسين. مون سندس ماءُ کي شاديءَ جي نشانيءَ طور سونا ايرنگ ٺهرائي ڏنا هئا، جن تي پنهنجي سياسي ادا جي تسڪين لاءِ ڪميونزم جي عالمي نشان ”ڏاٽو ۽ مُترڪو“ جڙيل هئا. منهنجي سياسي اعتقاد پڻي جو اُن دور ۾ اهو رنگ هو!

ان ئي سال مون ٻه ڪتاب لکيا؛ هڪ ايم.اين.راءِ جي ڪتابن Historical Role of Islam جو سنڌي ترجمو؛ ”اسلام جو تاريخي ڪارنامو“ ۽ ان هڪ ئي پنهنجي تحرير جي ڇپجڻ جو، بلڪ هٿان ئي نڪري وڃڻ جو، مون کي سڄي عمر بيحد افسوس رهيو.

ٻيو ڪتاب، Save Sindh Save the Continent انگريزيءَ ۾ لکيم (جنهن جو ٻيو ڇاپو تازو جنوري 2001ع ۾ شايع ٿيو آهي) ان جي جزا طور مون کي سنڌ مدرسي جي ملازمت تان دستبردار ٿيڻو پيو هو.

1946ع ۾ ئي اسين (وياس، مائي سُشيلا، اياز ۽ ٻيا ڪجهه ساٿي) پراڻي هڪ بار بردار لاري، ڀاڙي ڪري، سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ريڊيڪل پارٽيءَ پاران بيهاريل اميدوار، ڪامريڊ عبدالغفور جان سرهنديءَ جي ورڪ لاءِ عمرڪوٽ، سامارو، کپرو تڪ ۾ ويا هئاسون ۽ سڄو مهينو ٿر جي ڀٽن تي اياز جو گيت ”او باغي، او راڄ دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني.“ ڳائيندا رهياسون، جنهن لاءِ اياز پوءِ پنهنجي ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (1986ع) ۾ لکيو هو ته ”ان ۾ ڪم آندل ٻولي ابراهيم جي صحبت جو اثر هئي.“ ۽ ٻيو گيت، جو گڏجي اُتي اسان ڳايو ٿي، سو هو ڊاڪٽر اقبال جي ”جس کيت سي دهڪان ڪو...“ جو سنڌي ترجمو، ”جنهن کيت مان هاريءَ کي ميسر نه ٿئي داڻو، تنهن کيت جي هر ڪڻڪ جي تيلي کي جلايو!“

هن ئي 1946ع جي سال جي آخر ۾ اسان دوستن صلاح بيهاري ته سنڌيءَ ۾  ترقي پسند، وطن دوست رسالو شايع ڪجي، اياز تيستائين ايل. ايل. بي پاس ڪري چڪو هو ۽ ڪراچيءَ کي ڇڏي، شڪارپور ۽ سکر ۾ پرئڪٽس ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. فيصلو اهو ٿيو ته رسالي جو نالو ڪامريڊ احمد. اي جيواجيءَ جي گجراتي رسالي ”آگي قدم“ جي پٺيان سنڌيءَ ۾ ”اڳتي قدم“ رکجي، ۽ پوءِ اهو رسالو شڪارپور مان جاري ٿيو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو ۽ مقبول ٿيو.

پنجونجاهه سالن کان پوءِ 2 مارچ 2001ع تي، شيخ اياز جي اٺهترئين جنم جي ڏينهن تي، ”اڳتي قدم“ جا نڪتل اُهي ٽئي پرچا گڏي، ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا ويا.

- محمد ابراهيم جويو

* * *

اياز شناسي اڄ جي ضرورت

شيخ اياز جي شاعريءَ جو ٽيون جلد، ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران ڇپجي پڌرو ٿي رهيو آهي، هن جلد ۾ شيخ اياز جا هيٺيان ڪتاب ترتيب وار شامل ڪيا ويا آهن:

1. لڙيو سج لڪن ۾

2. پن ڇڻ پڄاڻان

3. چنڊ، چنبيلي ول

4. رڻ تي رم جهم

5. ڀڳت سنگهه کي ڦاسي

هنن ڪتابن مان پهريون ڪتاب ”لڙيو سج لڪن ۾“، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد پاران مون 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ۽ ان بعد ان جا ٻه ڇاپا جنوري 1988ع ۾، ۽ سيپٽمبر 1995ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. هيءُ ڪتاب، اصولي طور شيخ اياز جي ڪتابن جي ٻئي جلد ۾ شامل ڪرڻو هو، پر پهريون ڇاپو دستياب نه ٿيڻ ڪري، ان جي ڇپائيءَ جي سال جي ترتيب، هيٺ مٿي ٿي وئي. هاڻي هن ٽئين جلد ۾ اهو ڪتاب، پهرئين ڪتاب طور شامل ڪيو ويو آهي، ۽ ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته اياز جي ڪتابن جي ترتيب ڇپائيءَ وارن سالن جي حوالي سان رکي وڃي.

”لڙيو سج لڪن ۾“ ۽ ان کان پوءِ ڇپيل ڪتابن ۾ شيخ اياز جي شخصيت ۽ ذهن جي نراسائي بلڪ ناخوشي ۽ ناراضپي واري ڪيفيت جي جهلڪ پسائين ٿيون. ڇو ته اهي سمورا ڪتاب، هن وائيس چانسلريءَ واري قيد (سندس چواڻي) مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ لکيا هئا. پوءِ به انهن ۾ وصال جي تانگهه تبديليءَ جي امنگ ۽ آس جو اظهار، شدت سان ملي ٿو، جيڪا ڳالهه ٻڌائي ٿي، ته تخليق ڪار هميشه هڪڙي ڪيفيت ۾ نٿو رهي ۽ ڪيفيتن جي تبديلي ئي سندس تخليق جي امرتا ۽ دائميت جو ڪارڻ بڻجي ٿي.

شيخ اياز، جديد سنڌي شاعريءَ جو ئي نه، پر اسان جو ئي فڪري ۽ تهذيبي تاريخ جو اهم شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي فڪري ۽ تهذيبي  حسن جي جلوي سان گڏ اُن دور جي تخليقي ۽ سنڌي ٻولي جو ڪرشماتي اظهار به آهي.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثري تخليقن کي مختلف ادارن سهڻي نموني ڇپائي پئي پڌرو ڪيو آهي، پر گذريل سال کان ثقافت ۽ سياحت کاتي، جنهن رٿابنديءَ ۽ خوبصورتيءَ سان اياز جي ڪتابن کي مختلف جلدن جي صورت ۾، نئين سر ترتيب ڏيارائي، مارڪيٽ ۾ آندو آهي، ان نه رڳو هڪ طرف اياز جي شاعريءَ جي افاديت ۽ اهم کي عيان ڪيو آهي، پر نئين نسل/ پڙهندڙن ۾ ”اياز شناسيءَ“ جي شعور کي به پکيڙيو آهي.

اياز جي ڪتابن کي سهڻي ترتيب ۽ تسلسل سان پيش ڪرڻ جو مقصد به اهو آهي ته نئين دور جو کوجنا ڪار ۽ متلاشي ذهن، اياز جو اڀياس، نئينءَ نظر سان ۽ همعصر دور جي تقاضائن موجب ڪري ۽ پنهنجي تاريخ، تهذيب ماضيءَ جي روايتن ۽ حال جي ڄاڻ حاصل ڪري، مستقبل طرف نئين عزم، حوصلي، ولولي ۽ وطنيت جي جديد احساس، اُتساهه ۽ ويساهه سان اڳتي وڌي.

آءٌ ثقافت کاتي سنڌ جي هن نيڪ قدم کي ساراهيندي، شيخ اياز جي مختلف جلدن جي سهيڙ ۽ سنوار ڪندڙ کي به جس ڏيان ٿو، جنهن کي نه رڳو اياز شناسيءَ جي ساڃاهه آهي، پر هن اياز جي تخليقي پورهيي کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ، هنڌ هنڌ جيڪي وضاحتي نوٽ ڏنا آهن، تن ڪتابن جي اشاعت کي ويتر اهميت جوڳو بنائي ڇڏيو آهي.

محمد ابراهيم جويو

30 جولاءِ 2009ع

* * *

مون کان سنڌ نه وسري!

”شيخ اياز- سنڌ جو آواز“ اهو خطاب ۽ اعزاز، سنڌي قوم پنهنجي بي مثال قومي شاعر کي وڏي پيار ۽ پنهنجائپ منجهان ارپيو. شيخ اياز، هڪ باڪمال ڏات ڌڻي، هڪ محبت وطن ۽ سنڌ دوست شاعر طور، پنهنجي ڪل ڄمار قومي سجاڳي ۽ بيداريءَ واريءَ ڪيفيت ۾ گذاري. سندس ”للاٽ جي لاٽ“ ڪڏهن نه اجهاڻي، سندس من ۾ ديس جي محبت جو ڏيئو ڪڏهن به جهڪو نه ٿيو، سندس سياسي وابستگيءَ (Committment) جو مرڪز ۽ محور سنڌ ئي هئي ۽ سنڌي ماڻهو ئي هئا. انهيءَ وابستگيءَ ۽ پيوستگيءَ جي ڪيفيت ۾ ڪل ڄمار رهيو:

”توکي ڪهڙي ڪَلَ،

جيءَ اچي نه جهلَ،

مون کان سنڌ نه وسري!

اڏرن ٿا جنهن جوءِ تي،

پاريهر جان پَل،

مون کان سنڌ نه وسري!

ڪونجون ڪڻڪن روهه تي،

تارن هيٺان تَل،

مون کان سنڌ نه وسري!

باکون ساکون سُونهن جون،

راتيون روپَ رتل،

مون کان سنڌ نه وسري!

تون ڇا ڄاڻين اوپرا،

توکي ڪهڙي ڪَل،

مون کان سنڌ نه وسري!

ههڙي شعر کان پوءِ، اياز جي سنڌ سان سچي سٻنڌ ۽ سنڌ سان سندس سياسي وابستگيءَ تي ڪي به ٻه رايا نٿا رکي سگهجن ۽ هئڻ به نه گهرجن. اياز، پنهنجي ڄمار جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ به ڏات جا ڀلارا بادل برسايا. سندس شعر ۾ وڄ وراڪا ساڳيا رهيا، سندس فن جا روپ سروپ تڏهن به ملوڪ ۽ من موهيندڙ رهيا، ۽ حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ ڀلارن بادلن جهڙي ڏات، وڄ وراڪن جهڙي شعر ۽ سدا ملوڪ فن وسيلي ئي هو پاڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ هو:

”پائي ڳَل ڳراٽڙيون، پاڻ سڃاڻو پاڻ“

اياز لاءِ، خاص طرح پڇاڙڪن ڏينهن بابت گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته سندس ڏات ”جهيڻن اڱارن“ وانگي نه ٿي هئي. ان جي ڄَر ۽ ڄڀيءَ ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي هئي. انهيءَ ڏس ۾، ثابتيءَ طور سندس ڪتابَ ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ خاص ڌيان لهڻي. اهو ڪتاب، سندس نظمن جو مجموعو آهي. ان ۾ سندس شاعراڻي مشق ڪمال اوج تي پهتل آهي. ان مجموعي ۾ سندس شعر، بسنت رت جي باک وانگي، اڇو اجرو، من موهيندڙ ۽ فرحت بخش آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ جنهن تڙپ ۽ بيتابيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، اها ائين آهي جيئن ماڪ جي ڪرشمي تي مکڙي ٽڙي، فضائن کي مهڪائي ڇڏيندي آهي. انهيءَ ڪتاب جي پهرئين نظم ۾ اياز پنهنجي پاڻ کي هڪ گهوڙي سوار سان ڀيٽيو آهي، جيڪو وڃي ٿو منزلن اڳيان منزلون لتاڙيندو، پر ڪٿي به ساهي نٿو کڻي، ڪٿي به ٿڪجي نٿو بيهي،  ائين واقعي به آهي ته اياز جي سڄي ڄمار، ائين ئي سرگرميءَ ۽ سرگردانيءَ ۾ گذري، جيئن هن انهيءَ نظم ۾ چٽي آهي:

اوءِ گهوڙي سوارَ!

تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا

پير ڌرتيءَ لٿو، ناهِه تنهنجو اڃا،

هنج ڪنهن جي مٿو، ناهِه تنهنجو اڃا

 روڪ هاڻي اڏارَ!

اوءِ گهوڙي سوار!

تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا؟

مٿئين شعر ۾ اياز پنهنجي اندر جي بيچينيءَ جو ۽ پڻ پنهنجي لڳاتار شاعراڻي سفر ۽ جهد جو ذڪر بيحد اثرائتي تخليقي انداز ۾ ڪيو آهي. اهڙي بيچيني هر ڪنهن سچي ۽ وڏي شاعر  ۾ ڏٺي ويئي آهي. اڃا به لطيف فنن سان لاڳاپيل هر وڏي تخليقڪار ۾ عام طرح ڏٺي ويئي آهي. خاص طرح اهي ديس، سماج ۽ قومون، جيڪي غلام هونديون آهن، جيڪي پَروس هونديون آهن، اتان جي تخليقڪارن ۾ اهڙي بيچينيءَ جو هئڻ هڪ لازمي عمل هوندو آهي. اياز، هڪ غلام ديس جو شاعر هو ۽ کيس پنهنجي غلام هئڻ جو شديد احساس به هو، جنهن جو اظهار هن پنهنجي شعر ۾ هنڌين ماڳين ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو ”نصب العين“ به آزادي هئي. آزادي ئي سندس منزل مقصود هئي، جنهن کي پائڻ لاءِ هن پنهنجي شاعراڻي پورهئي وسيلي ڊگهو ۽ گهڻن مرحلن تي تلخ سفر به ڪيو ۽ ان ڪري ئي هو پاڻ کي اهڙي گهوڙي سوار سان ڀيٽيندو پئي آيو، جيڪو ڪنهن جاءِ تي به نٿو رڪجي ۽ وڃي ٿو ڪاهيندو اڳتي، ۽ انهيءَ کان اڃا اڳتي. هڪ ٻئي شعر ۾ پاڻ چيو اٿائين:

شاعري جي روح گرمائي نٿي،

منزل مقصود کي پائي نٿي.

مٿئين شعر ۾ ”روح گرمائڻ“ وارو اصطلاح  ڌيان لهڻي. ان روح گرمائڻ کي عام معنيٰ ۾ به وٺي ٿو سگهجي. يعني شعر اهو، جنهن کي پڙهي يا ٻڌي هرڪو پيو وهوا ڪري ۽ مزو وٺي، پر آءٌ ڀانيان، ته اها شاعريءَ جي عام ۽ بنهه سادي تشريح وڃي بيهندي. جيڪڏهن اسين اجتماعي معنيٰ جي لڙهيءَ ۾ پويون ته ڪنهن چڱي ۽ قبول پوندڙ تشريح تائين رسي سگهنداسين. روح رڳو ڪنهن فرد جو نه ٿيندو آهي، روح ته قوم جو به ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجيءَ گرميءَ ۽ سگهه سان ڪنهن قوم کي جياريندو رهندو آهي ۽ ان کي سدائين متحرڪ ۽ باعمل رکندو آهي.

ائين به ٿيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخي حالتون ڪنهن قوم جي حق ۾ نه هونديون آهن ته اها برفجڻ ۽ جمودجڻ لڳندي آهي. انهيءَ انتهائي نازڪ ۽ اهم موڙ تي شاعر پنهنجيءَ قوم جي روح کي برفجڻ کان بچائڻ لاءِ ۽ ان جي اڳوڻي حرارت جي بحاليءَ لاءِ شاعريءَ جو سج اُڀاريندا آهن ۽ پنهنجيءَ قوم ۾ ساڳي گرمي واپس آڻڻ لاءِ هر ممڪن وس هلائيندا آهن. ائين جڏهن ڪو شاعر ”روح گرمائڻ“ جو اصطلاح استعمال ڪري ته ان جو مطلب قوم جيارڻ هوندو آهي. ياد رهي ته جيستائين ڪنهن به شاعر جو شعر، منزل مقصود کي جيارڻ ۽ جاڳائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا نٿو ڪري، تيستائين سندس شعر، منزل مقصود (اهو ماڳ جنهن تائين اجتماعي طرح هر حال ۾ پهچڻو آهي) کي نٿو رسي. اسين اهو به ڏسي چڪا آهيون ته شيخ اياز پنهنجي شعر کي پنهنجيءَ قوم جي روح گرمائڻ لاءِ ئي ڪتب آندو.

ان حساب سان ڪنهن شعر جي مُهڙين ۽ ترجيحي ذميواري به اها آهي ته هو وطن ۽ قوم لاءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ کي وڏيءَ حد تائين وقف ڪري. ان کان سواءِ هڪ ٻي وڏي ذميواري به شاعر جي حصي ۽ ذمي ۾ اچي ٿي ته هو پنهنجي شعر وسيلي پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪري. ڇاڪاڻ ته ڪنهن قوم جي بنيادي سڃاڻپ ٻولي ئي آهي. ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن فردن جي گروهه کي قوم قرار نٿو ڏيئي سگهجي. ٻولي قومن جي انفراديت کي اجاگر ڪري ٿي. اڄ به دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي قومون پنهنجيءَ ٻوليءَ جي بنياد تي ئي سڃاپجن ٿيون. وطن دوستيءَ يا حب الوطنيءَ جون ٻيون به ڪي ڪسوٽيون آهن، پر انهن مان اهم ۽ بنيادي ڪسوٽي هيءَ آهي ته ڪير ڪيتريءَ حد تائين پنهنجي ٻوليءَ سان سچو ۽ وفادار آهي. ڪنهن شاعر جو مجموعي طور چڱو يا لڱو هئڻ الڳ شيءِ آهي، پر جڏهن اسين ڪنهن شاعر کي ”محب وطن“ يا ”وطن دوست“ قرار ڏيون ٿا ته انهيءَ پرک لاءِ مٿيان ٻه پهلو ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجن.

انساني سماج ۾ آزاديءَ سان محبت واقعي به وڏو آدرش آهي، پر غلاميءَ کان نفرت اڃا به وڏو آدرش آهي. جيستائين غلاميءَ کان نفرت، شديد نفرت، نه ڪبي، تيستائين حاصل ۽ موجود آزاديءَ کي برقرار ۽ بدستور رکي نه سگهبو، پر جيڪڏهن آزادي ڪنهن سچ نه، پر ڪنهن خواب يا تصور جي روپ ۾ آهي ته ان جو حقيقي طرح ماڻڻ به غلاميءَ سان نفرت سان مشروط آهي. محبت وانگي نفرت پڻ سگهارو ۽ فيصلائتو جذبو آهي. اسان کي به گهرجي ته آزاديءَ ۽ اُن جي احساس سان محبت ته رکون، پر ان سان گڏ غلاميءَ ۽ ان جي احساس کي شدت سان محسوس ڪريون ۽ ان کان هر وقت بيزاريءَ جو اظهار ڪريون.

ياد رکڻ گهرجي ته اسان ويجهيءَ تاريخ جو وڏو زمانو غلاميءَ ۾ گذاريو آهي ۽ نه وسارڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه ته غلاميءَ جهڙي ٻي ڪا به بدعت يا برائي نه ٿيندي آهي ۽ جڏهن اها بدعت لڳاتار صدين تائين هلندي ته ٻين به ڪيترين ئي بدعتن، اڍنگاين، عيبن ۽ غلاظتن کي جنم ڏيندي آهي. غلامي پنهنجي ڊگهي مدي ۾ هڪ قوم کان اڳ جي حوصلي جي سگهه، ارادي جي پختگي، تبديليءَ جي خواهش، عمل جي افاديت ۽ سوچن ۽ تصورن جي بلنديءَ کسي وٺندي آهي. اسين گهڻا ڀاڳوند آهيون، جو اسان جي ادب ۽ ٻئي تخليقي پورهئي آزاديءَ جي پرهه جهڙي احساس کي ترجيحاتي بنيادن تي پئي جاءِ ڏني آهي، ۽ غلاميءَ جهڙي ڊگهي، گهگهه انڌيري ۽ سرد رات جي کُٽڻ جا نياپا پئي ڏنا آهن. اسان جي تخليقي ادبَ، آزاديءَ جي استقبال ۽ غلاميءَ کان بيزاريءَ جو اظهار پئي ڪيو آهي. ان مٿان سندس ڦٽڪار وسندي پئي رهي آهي. خاص طرح اسان جي شاعرن پنهنجي ديس جي آجپي جي سلسلي ۾ گهڻو کُليو ۽ چٽو اظهار پئي ڪيو آهي. اسان جي عظيم شاعر شيخ اياز چيو:

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو،

سهندو ڪير ميار!

نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي،

دوکي جي ديوار،

جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ،

ڪرندا ڪنڌ هزار،

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!؟

هن پنهنجي منظوم ڊرامي ”دودي سومري جو موت“ ۾ هڪ هنڌ هيئن به لکيو آهي:

جي تون وڙهندي ماريو ويندين،

هن وسنديءَ تان واريو ويندين،

دودا! تنهن جو ساهه ته ويندو،

ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو!

جڏهن اسين حب الوطنيءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن هڪ اهڙي وسيع ۽ ڪشادي احساس کي اظهاريون ٿا، جنهن جا لکها لک اهڃاڻ ۽ آثار آهن. وطن سان محبت جي معنيٰ ان جي هر شيءِ سان پيار، پيرن هيٺ ڌرتيءَ کان وٺي سِر مٿان آڪاس تائين ۽ چوڏسائن ۾ پکڙيل هر شيءِ ۽ هر لقاءُ ان دائري ۾ اچي ٿو. ان ڪري جڏهن اسين وطن دوستيءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اها رڳو هڪ رخ ۾ نه هئڻ گهرجي، پر ان تصور کي وسعتون ارپجن. وطن جي فطري نظارن، ان جي گلن، پکين، موسمن، اتهاسڪ واقعن ۽ سورمن، ان جي ماضيءَ جي قصن ڪهاڻين ۽ تاريخي اهڃاڻن جا گڻ ڳائجن ۽ ان سان گڏ نئين ۽ بهتر سماج جي تخليق جو پرچار ڪرڻ گهرجي. آئيندي جو اونو رکندي، پنهنجن ماڻهن جي تربيت لاءِ جديد اوچن انساني قدرن جي تبليغ ڪجي. پراڻن ۽ پنهنجو وقت چوڙي ويل خيالن، تصورن، عقيدن ۽ سرشتن جي خلاف ٿي بيهجي ۽ سماج دشمن ۽ انسان دشمن طبقن خلاف نفرت جو اظهار ڪجي. اهي مڙئي شيون به وطن دوستيءَ ۽ قوم دوستيءَ جي دائري ۾ اچن ٿيون. مٿي ڏنل مثالَ وطن جي حب جي وسيع ڀاڪر ۾ ڀرجي اچن ٿا، پر جيڪڏهن اڃا به پڙهندڙن جي اُڃ نه اُجهي هجي ته انهن لاءِ وطن جي تصور ۽ ان جي وسعت جي سلسلي ۾ شيخ اياز جو هيءُ لازوال مسلسل غزل پيش ڪجي ٿو:

ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،

ڍڪي ڪيئن اجرڪ سو واس ون!

مياڻي به مهڪي مڇيءَ ڇٽ ۾،

مسافرَ اهو آهه منهنجو وطن،

نه ”خسرو“ ڏٺو هو، نه غالب ڏٺو،

غزل در غزل آهه منهنجو چمن!

اها سنڌ ڪعبو به ڪاشي به آ،

چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن!

انهيءَ تي اسان جي خدائي کُٽي،

نه فردوس بهتر نه باغ عدن،

جڏهن ”ڪن“ چيائون اسان کي ملي،

اها ئي ته ڌرتي، اهو ئي ته ڌن!

گوالي نه گوپيءَ ڏٺي هيئن ڪا،

ڏسي جي ته ساري نه بنسي نه بن!

انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا،

انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن،

جڏهن سنڌ تي سرمئي راتڙيون،

کسي ننڊ نيڻان اسان جي گگنُ،

ڏسي چيٽ جو چنڊ آڪاسَ ۾،

اسان کي اچي ياد پنهنجو سجن،

هتي گيت جيتي ويو موت کي،

تنبورو هيو يا ڀٽائيءَ جو تن!

اُٺي جي هوا آ، ٿڌا ساهه آ،

الا جُهڙ ٿيو مارئيءَ جو ڪفن،

چنيسر به دودو به منهنجو ميان!

چوان آءٌ ڪيسين انهن جو چلن.

هيءُ آهي اسان جو عظيم شاعر شيخ اياز ۽ هيءُ آهي وطن جو تصور ۽ اها حسن جي وسعت. ههڙو شعر ان وقت تخليق ٿيندو آهي، جڏهن وطن کي پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح جذب ڪري ڇڏجي يا پاڻ ان ۾ ڪُليءَ طرح جذب ٿي وڃجي. ڪنهن ڏات ڌڻيءَ جي ڏات ۾ اهڙو رنگ، اهڙو رچاءُ، زباني ڪلامي وطن سان سڪ ۽ سنيهه جي اظهار سان نه ايندو آهي. جڏهن وطن کي من اندر پوريءَ طرح لاهبو آهي ته اهو عجب رنگ پسائيندو آهي ۽ انيڪ روپ ۽ ڀانت ڀانت درسن ڪرائيندو آهي. وطن جو موهه جڏهن اندر ۾ وار ڪندو آهي ته ٻيون مڙيئي وايون وسري وينديون آهن ۽ ماڻهو سراپا سِڪَ بڻجي ويندو آهي:

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،

راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪي،

...

ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون

جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

(شاهه)

جيڪي اڇاتري ۽ مٿاڇري نموني، يعني زباني ڪلامي ساڻيهه جي سڪ جو ورد پيا ڪندا آهن، اُهي ڪڏهن به ان جا حقيقي جلوا ۽ ان جو نج نبار روپ پسي نه سگهندا آهن ۽ جڏهن ڪنهن امتحان يا آزمائش جي گهڙي ايندي آهي ته اهي ڊِڄي، هَڄي ۽ گهٻرائجي پري ٿي ويندا آهن:

 ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ”ساهڙ ساهڙ“ ڪن،

ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي ”گهوريس“ ڪيو گهڙن،

ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي!

وطن دوستي، لڳاتار سرگرم ۽  باعمل رهڻ جو نالو آهي، اڳتي وڌڻ ۽ نون نون طريقن سوچڻ ۽ اُنهن کي پنهنجائڻ جو نالو آهي، ته جيئن وطن کي اهڙو گلزار بڻائي سگهجي، جنهن تي ڪنهن به سرءُ جو پاڇو نه پئجي سگهي. اسان کي به پنهنجي ڪم سان، عمل سان، لکڻ ۽ پڙهڻ سان، محنت ۽ محبت سان، همت ۽ جذبي سان پنهنجي وطن کي هڪ محفوظ چمن بڻائڻو آهي. ان ڏي کڄندڙ ميرين نظرن ۽ پليت پيرن کي روڪڻو ۽ انهن کي مهاڏو ڏيڻو آهي. وطن خلاف ٿيندڙ سازشن سان وجود جون سموريون توانايون ميڙي سميٽي مقابو ڪرڻو آهي. وطن جي تاريخ، ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪرڻي آهي. ان جي هر ڪنهن شيءِ درياهن، سمنڊن، جبلن، پٽن، کيتن، پکين، مال متاعن ۽ ان جي اسان لاءِ وقف ڪيل جيئڻ جي ٻين وسيلن تي پنهنجي وارثيءَ ۽ مالڪيءَ جو حق قائم رکڻو آهي. ان طريقي سان ئي اسان کي ان کي هڪ محفوظ چمن بڻائي سگهنداسين ۽ اهو ڪڏهن به نه وسارجي ته وطن دوستيءَ ئي روشنيءَ جو سفر آهي، جيڪو انڌيري ۽  ظلمتن کان پري رکندو.

آءٌ پڇاڙي ۾ شيخ اياز جي منظوم ڊرامي ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ مان ڪجهه بند ڏيڻ چاهيان ٿو. هن نظم ۾ هڪ پيغام آهي، جيڪو اسان سڀني کي وِهڃائڻ کپي ۽ ان تي ويچارڻ کپي. هن نظم ۾ جيڪو سڏ آهي، انهيءَ کي لبيڪ چوڻ ۾ ئي اسان جي قومي مُڪتي ۽ ڇوٽڪارو آهي. هڪ قوم طور اسان مٿان سڀ کان وڏي ذميواري پنهنجي ڀونءِ ۽ ڀونءِ واسي بچائڻ آهي. هيءُ نظم جيڪڏهن
”ڪورس“ جي انداز ۾ ڳايو وڃي ته وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيندو:

اي معصومو! اي مظلومو!

گهنگهور گهٽائون ٿي جهومو!

هر ڏونگر تي للڪار ڪيو

۽ اُڀري ان تي وار ڪيو!

انڌير نه ڪوئي رهڻو آ،

۽ پير نه ڪوئي رهڻو آ...

ڪنهن پاپيءَ جو هن پاڙي ۾،

اڌ رات ڪٽيسين ڌاڙي ۾،

هيءَ باقي رات به ڪٽڻي آ،

پر هاڻي بات به ڪٽڻي آ،

۽ ويريءَ پويان وڃڻو آ،

۽ تنهن جو ڳاٽو ڀڃڻو آ،

سو ماڻهو مور نه مرڻو آ،

جو ساهه ڏئي ٿو ننگن تي،

۽ جهانگين تي ۽ جهنگن تي،

۽ پنهنجيءَ کيتيءَ پوکيءَ تي،

۽ پنهنجي ريت انوکيءَ تي،

ڪو سورج ٻاري اينداسين،

۽ ڏينهن اڀاري اينداسين،

هيءَ جهنڊو ڳاڙهيءَ مستيءَ ۾،

ڀل جهولي پنهنجي وستيءَ ۾!

هو ماري مارِي اينداسين،

هو ڏونگر ڏاري اينداسين!

ايازُ، هن دور ۾، ايندڙ دور ۾، اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ جو پاسبان آهي.

اياز شناسيءَ جو ادراڪ، نئين نسل لاءِ ائين ضروري آهي، جيئن لطيف شناسيءَ جو ادراڪ؛ جيڪو ادراڪ اسان جي زندگيءَ ۽ آجپي لاءِ اشد ضروري آهي.

- محمد ابراهيم جويو

* * *

شيخ اياز: پنهنجي تحريرن جي آئيني ۾

 

ويهين صديءَ جي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تقدير تي ٽن اول نمبر شخصيتن نهايت اُونها نقش رقم ڪيا آهن اُهي هي آهن:

محمد علي جناح، سيد اعظم جي. ايم. سيد ۽ صديءَ جو شاعر شيخ مبارڪ علي ”اياز“. سنڌ جي ڄائي ۽ عالمي شهرت پاتل جناح صاحب جي سوچ ۽ ڪم بابت ڪتابن ۽ يادداشتن جي ڪمي ڪانهي. سنڌ جي عظيم ۽ سيد ۽ سنڌ جي شاعر ”اياز“، پنهنجي فڪر ۽ سياسي/ ادبي ڪردار جا پنهنجا ئي لکيل ڪيئي ڪتاب ۽ داستان اسان لاءِ ڇڏيا آهن. هنن ٽنهي جي زندگيءَ جو باخبر مطالعو، ان معنيٰ ۾ اسان لاءِ وڏي سبق ۽ آئيندي لاءِ بنيادي رهبريءَ جو ڪم ڏيڻ وارو آهي.

شيخ اياز جو پهريون نثري ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ سندس پهريان اٺ شعري مجموعا منهنجن لکيل مهاڳن سان شايع ٿيا. اُنهن ۾ پويون مجموعو ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“ مئي 1988ع ۾ پڌرو ٿيو. ائين سندن چاليهارو کن شعري مجموعا ۽ ٽيهارو کن نثري ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ پنهنجو تيرهون شعري مجموعا ’اڪن نيرا ڦليا‘ مون ڏانهن منسوب ڪندي، آڪٽوبر 1988ع ۾ شايع ڪرايائون، ۽ لکيائون ته اُن مجموعي ۾ آيل سندن شعري تخليق بابت پاڻ پنهنجي نثري ڪتاب ”ڪراچيءَ جا  ڏينهن ۽ راتيون“ (فيبروري 1989ع) ۾ ڪافي ذڪر ڪيو اٿن. اڄ، هِن موقعي تي، آخر ۾ آءٌ اُن سندن مجموعي ”اڪن نيرا ڦليا“ جا ڪجهه منتخب شعر، اوهان کي پڙهي ٻڌائڻ گهرندس، پر پهريائين اُن بابت ذڪر ڪيل سندن نثري ڪتاب ۾ جو ڪجهه لکيو اٿن، اُن جو اختصار سندن ئي عبارت ۾، لفظ لفظ، اوهان جي ملاحظي لاءِ پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان: ڇو ته شاعر ۽ سندس شعر ٻنهي جي مطالعي لاءِ سندس پنهنجي زباني، جو ڪجهه چيل هجي، اُن کان ٻيو ڪو بهتر بيان ٿي ئي نٿو سگهي.

”ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾، مهاڳ جي ٻن لفظن طور اياز لکيو: ”مون هيءُ ڪتاب آگسٽ 1988ع جي وچ ڌاري پورو ڪيو هو. ٻه سال اڳ جڏهن مون حيدرآباد ۾، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سالياني ميڙ ۾ پهرين صدارت ڪئي هئي، ته مون من ۾ فيصلو ڪيو هو، ته پنهنجي صحت کي مدنظر رکي، هڪ سياستدان وانگر ته مان سياست ۾ به بهرو نه وٺندس، ۽ ون يونٽ واري دور وانگر ساريءَ سنڌ جي شهر شهر ۾ ادبي مجلسن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي ادب کي کاٻيءَ ڌر جي سياست جو همرڪاب نه بڻائي سگهندس، پر ڏينهن رات پورهيو ڪري، ڪتاب لکي، اُنهن جي اشاعت سان هن دور جي ترقي پسند سياست کي هٿي ضرور ڏيندس... جي منهنجو ادب اُن وقت سنڌ کي ڪم اچي سگهي، جنهن وقت سنڌ جو وجود خطري ۾ هجي، ته مون کي اِن جي پرواهه نه آهي ته اُهو (سياست آميز ادب هئڻ سبب) صدين تائين زندهه رهي يا نه...“

28 جولاءِ 1988ع جي تاريخ هيٺ اُن ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ لکن ٿا: ”... لڳاتار برسات جون اوڙڪون وسي رهيون آهن، چاهيان ٿو ته روزنامچا (Journals) لکان... هاڻي ڪجهه ويسر ٿي پئي آهي، ۽ وقت پوي ٿو ته گهڻو ڪجهه وسري ٿو وڃي...“

ٻئي ڏينهن 29 جولاءِ 1988ع ۾ هيئن لکن ٿا:

”تازو فلسطين جي جلاوطن شاعر محمود درويش جي منتخب نظمن جو انگريزي ترجمو پڙهندي، مجموعي ۾ هن جي هڪ نظم جو هيٺيون بندُ (مون کي) ڏاڍو وڻيو:

’دنيا

’ڪنهن سنهڙيءَ چيلهه مان

’تلوار جي پار وڃڻ کان به

’وڌيڪ ننڍي آهي

’۽ هڪ پيغمبر جي خيمي کان به

’وڌيڪ ڪشادي آهي.

’مان پنهنجي پٺيان به ڪنهن کي نٿو ڏسان،

’پنهنجي اڳيان به ڪنهن کي نٿو ڏسان،

’مان (ماڻهن جي) ميڙ ۾ اڪيلائي ٿو محسوس ڪريان

’منهنجو ديس منهنجو پويون لکيل نظم آهي‘.

’ڄڻ ته هُن پنهنجي ڪتاب ’بڙ جي ڇانوَ ۾ اڳي کان گهاٽي‘ کي هڪ سٽ ۾ سمايو هو. ’پنهنجو ديس منهنجو پويون لکيل نظم آهي!...‘

”... پنهنجي ديس سان بيحد محبت ۽ آزاديءَ جي اَڻمٽ جذبي مون کي (هڪ منزل تي) بچائي ورتو هو، ۽ ڪجهه سال فرار کان پوءِ وري حقيقت جي دنيا ۾ موٽي آيو هوس، ۽ پنهنجي آدرش جي ڪڍ ڀرپور زندگي گذارڻ لڳو هوس... مون کي اڃا تائين سولزي نٽسن جي ڪتاب The Witness and the Prophets جون هي سٽون ياد آهن: ’نه، ماضيءَ تي اک نه ڀَڃُ! ماضيءَ لاءِ ائين سوچيندين ته تنهنجي اک هلي ويندي... (بلڪ) ماضيءَ کي وساريندين ته تنهنجون ٻئي اکيون هليون وينديون.‘ نه ڄاڻان مون سولزي نٽسن جا هيٺيان شعر به پڙهيا هئا، جي مون ڊائريءَ ۾ به نوٽ ڪري ڇڏيا هئا:

’ڇا، اديبن جو اِهو فرض نه آهي ته هو ڪجهه سيکارين؟ ڇا، ائين ئي هميشه نه سوچيو ويو آهي؟ ڪنهن ملڪ ۾ هڪ وڏي ليکڪ جو هئڻ هڪ ٻيءَ سرڪار جي هئڻ برابر آهي. ان ڪري ئي حڪومتون وڏن ليکڪن سان نه، فقط ننڍن ليکڪن سان پيار ڪنديون آهن.‘

”مون کي روس جي اقتصادي ترقيءَ ۽ روسي عوام جي اقتصادي خوشحاليءَ جي باري ۾ ته ڪوئي شڪ شبهو ڪونه هو. مون پاڻ روس ۾ عوام جي خوشحالي اکين سان ڏٺي هئي. روسي ٻئي ڪنهن جي رت تي نٿا پلجن، ۽ پيداوار جا ذريعا هنن جا پنهنجا آهن، مون کي رڳو اِهو اعتراض هو ته اُتي فن ۽ فڪر جي پوري آزادي نه آهي ۽ خاص ڪري اسٽالن جي دور ۾ ته اُها بلڪ کسي ويئي هئي. هينئر گورباچوف ايترو فرق آندو آهي، جو منهنجو ڪميونزم سان ڪوئي اختلاف ئي نه رهيو آهي... مان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ته نه ٿيندس... پر مان اُن ۾ همسفر ضرور آهيان...

”مون سراج کي (به) چيو آهي ته ’اِهو اسان جو وڙ نه آهي ته وڪالت ڪندي مري وڃون. اسين اِن کان بهتر ڪم لاءِ پيدا ٿيا آهيون. ائين نه ٿئي ته موت اوچتو مٿان اچي بيهي ۽ دل جي دل ۾ رهجي وڃي. اڃا اسان کي گهڻو ڪجهه لکڻو آهي.‘ دراصل مان پنهنجو نئون ڪتاب ٻيهر نه پڙهندو آهيان... ۽ ائين سوچيندو آهيان ته مون کي اڃا لکڻ جي شروعات ڪرڻي آهي. اڃا ٻيو ڪجهه به لکڻو آهي، جو اڳي کان وڌيڪ پائدار هوندو... ٻيو ته اسين ٻٽونءَ ڀرڻ لاءِ ته نه ٿا وڙهون، جيئڻ جي حق لاءِ ٿا وڙهون، ۽ بهتر ٿيندو ته سارو ڌيان اُن ويڙهه تي ڏيون...

”.... مون 1977ع کان 1980ع تائين شاعري نه ڪئي، ڇو ته اُن دور ۾ مان وائيس چانسلر هوس ۽ شاعريءَ ۾ مون اڌ سچ نٿي چوڻ چاهيو. مون اِهو رڪارڊ نٿي رکڻ چاهيو ته مون شعر ۾ هڪ سٽ به اهڙي لکي آهي، جنهن ۾ مان پنهنجو پاڻ نه آهيان، جنهن ۾ منهنجي نظرئي حيات جو ڀرپور اظهار نه آهي، جا سڄو سچ چئي نٿي سگهي ۽ منهنجي سياسي، سماجي ۽ فلسفيانه تاڃي پيٽي ۾ کُپي نه ٿي اچي... نوڪريءَ واري عرصي منهنجي طبعيت جي اُها رواني ختم ڪري ڇڏي هئي، جا منظوم شاعريءَ جي تخليق لاءِ ضروري آهي... جڏهن کان شاعريءَ لاءِ ضروري رواني موٽي آئي، ته منظوم شاعري مون وٽ مينهن وانگر وسندي آئي ۽ نظم ائين ڪاغذ تي لکيا ويا، جيئن ننگرپارڪر وٽان نديون ارڙاٽا ڪري وهنديون آهن...

”مون کي فخر آهي ته مون وٽ انقلاب جو ڀرپور نظريو آهي... ائين آهي ته مون لاءِ طبقاتي جدوجهد به ثانوي حيثيت رکي ٿي. قلب و نظريي جي انقلاب جي اولين حيثيت آهي، ۽ مان اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته برصغير ۾ قلب و نظر جي انقلاب جو اهڙو ڀرپور تصور، ايتري جرئت منديءَ سان اهڙيءَ وائکي ٻوليءَ ۾ ٻئي ڪنهن به شاعر اڄ تائين نه ڏنو آهي...

”... اردوءَ ۾... شاعري مون تڏهن ڪئي هئي، جڏهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ اديب ۽ شاعر تتر بتر ٿي ويا هئا ۽ سنڌ ۾ مون لاءِ سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ ابراهيم جويي کان سواءِ ڪوئي اهڙو اديب نه رهيو هو، جنهن سان مان ڳالهائڻ چاهيان ها...

”... (مان) پاڪستان جي حالتن ۾... مڃان ٿو ته تصوف اسان جي تاريخ ۾ هڪ انقلابي حقيقت ٿي رهيو آهي. ان ڪري مون ٻه سال اڳ... واعدو ڪيو هو ته مان جهوڪ واري شاهه عنايت جي شهادت تي ڊرامو لکندس... پر اڃا... لکي نه سگهيو آهيان. مان اڃا سوچيندو رهيو آهيان ته اهڙا انسان جڏهن گهريءَ کڏ ۾ گهُوري ڏسن ٿا، تڏهن اُنهن کي ڇا ٿو نظر اچي؟ هو موت کي ڇا ٿا سمجهن ۽ ڇو اُن جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. موت، جو هر ڏيئي کي وسائي ٿو ڇڏي ۽ انسان کي ڪنهن ڪاري ڪارونڀار ۾ ڌڪي ٿو ڇڏي! ڇا، اُن ڪارونڀار جو ڪوئي ساحل آهي؟ ڇا اُهي شهيد پنهنجي شهادت کان اڳ ۾ اُن ساحل جو شعوري احساس رکن ٿا يا... هو فقط تاريخ ۾ زندهه رهڻ چاهين ٿا، تاريخ، جا هن پوريءَ ڌرتيءَ يا ڌرتيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي جي آهي. ڌرتي جا هن ڪائنات ۾ هڪ ٽٻڪي برابر به نه آهي! انسان ڪيئن خوشيءَ سان جيئڻ تان آسرو پلي وڃن ٿا، درختن جي ڇانوَ تان، گلن جي سڳنڌ تان، پکين جي اُڏار تان، اِهو ڇو نٿا سوچين ته جڏهن گهٽيءَ ۾ شرنايون وڄنديون، گيت گونجندا، ٽهڪڙا ايندا، تڏهن هو نه هوندا، هنن جو لاش قبر ۾ پيو هوندو. ڇا، اسين هميشه لاءِ مرون ٿا يا موت کان پوءِ به زندگي آهي؟ ڇا، اِهو جواب مون کي فقط موت جي آغوش ۾ وڃي ملي سگهندو؟ ڇا زندگيءَ ۾ مان اِن حقيقت کي سمجهي نٿو سگهان، جا ڪن ڪن انسانن پنهنجي شهادت کان اڳ سمجهي آهي ۽ شاهه عنايت وانگر چئي سِرُ ڏنو اٿائون:

سر در قدمِ يار فداشد چه بجاشد،

اين بار گران بود اداشد چه بجاشد

”مان ان تي سوچي رهيو آهيان، اڃا سوچي رهيو آهيان... ۽ منهنجا واراچي اڇا ٿيا آهن، منهنجي ديد ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ ٿورو لکي ٿڪجي ٿو پوان!... مان هن زندگيءَ ۾ ڪائي اندروني معنيٰ ڳولي نه سگهيو آهيان، پر ادب جي مسلسل تخليق سان اُن کي ڀرپور معنيٰ ڏئي سگهيو آهيان ۽ پنهنجي جيئڻ لاءِ جواز پيدا ڪري رهيو آهيان. مان ڀانيان ٿو ته مان جيستائين دلچسپيءَ سان لکي سگهندس، مان نه مرندس، پر جنهن وقت اها دلچسپي ختم ٿي وئي، يا دلچسپي جي باوجود مون ۾ لکڻ جي سگهه ختم ٿي وئي، اُن وقت عزرائيل جا گهوڙا هڻڪارون ڪندا ايندا ۽ مون کي اُن جي رٿ تي کَنڀي کڻي ويندا.

”هن سال (1988ع) مئي جي مهيني ۾ مان چئين بجي صبح کان ڇهين بجي صبح تائين ساندهه هڪ مهينو شعر لکندو رهيس... مون نه رڳو ڪيترائي نظم لکيا، پر ٿر جي پس منظر سان پنج ڇهه سو بيت لکيا، جن ۾ مون انسان جي گونا گون جذبات کي سمايو، اُنهن بيتن ۾ ڀٽائيءَ جي لوڪ ڪهاڻين جو ڪوئي پس منظر نه آهي ۽ اُنهن ۾ ورلي ڪوئي اهڙو اهم لفظ ڪم آندل آهي، جو ڀٽائيءَ يا ڪنهن ٻئي شاعر اڳ ڪم آندو آهي. مون سوچيو آهي ته ائين سنڌ جي سمنڊ، ڪوهستان، لاڙ، وچولي، اتر جي پس منظر سان ٻيا بيت لکان، جن سان هن ڌرتيءَ سان ”من تو شدم تو من شدي“ واري ڪيفيت پيدا ڪريان. مون ڪتاب جو نالو ”اڪن نيرا ڦليا“ رکيو ۽ اُن جي هڪ ڪاپي حيدرآباد جويي صاحب کي ڏياري موڪلي. ابراهيم جويو، سنڌي شاعريءَ جو اَبو آهي. مان جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته چاهيندو آهيان ته اُن تي پهرين نظر سنڌ جي هن عظيم دانشور جي پوي، ۽ اُهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته مون کي اُن جي امرتا جي پڪ ٿي ويندي آهي. منهنجي اڳئين ڪتاب ’بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي‘ ۾ شامل هڪ نظم ’چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان، تون هئينءَ‘ جي شرح جنهن خوبصورتيءَ سان هُن ڪئي آهي، اهڙي ورلي ڪوئي ڪري سگهندو ۽ اُن ۾ آندل لفظن ”ماڳ“ ۽ ”دڳ“ جي پرک پروڙ جيئن هن وٽ آهي، ائين ٻيو عظيم دانشور رسول بخش پليجو ڪري ته ڪري، باقي ٻئي جي وس جي ڳالهه نه آهي...

”... اڄ جويي جو خط پهتو آهي، جنهن ۾ هُن لکيو آهي ته هن ’اڪن نيرا ڦليا‘ پڙهيو ’نهايت خوبصورت بيت آهي.‘ اُن خط سان گڏ جويي هندستان جي سنڌي اخبارن جا ڪجهه تراشا موڪليا آهن، جن ۾ اُتان جي اديبن ۾ هلندڙ واد وواد به آهي ۽ اُتم جي ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ ۽ ’راج گهاٽ تي چنڊ‘ جي ساراهه به آهي... رات جو مان، سراج ۽ تاجل کي ’اڪن نيرا ڦليا‘ جا سياسي پس منظر وارا بيت، ڏهين بجي رات تائين پڙهي ٻڌايا، ڇو ته سراج جي اُنهن ۾ گهڻي دلچسپي هئي... ٻنهي جو رايو هو ته بيت بيمثال آهن ۽ اڳ اهڙا نه لکيا ويا آهن. هڪ بيت تي سراج ڇرڪ ڀري ’وهه واهه‘ ڪئي ۽ اهو هو:

هِت به اسرائيل جئن، رهندو نه رڻ پَٽُ،

جڏهن لاٿَوَ ڳَٽُ، سڀڪجهه هوندو سُٿرو.

”... پهرين جولاءِ تي آرٽس ڪائونسل (ڪراچي) ۾ (منهنجي شعر جي موسيقي) ڪئيسٽ جو مهورت هو، جو وائسز گروپ (Voices Group) ڀريو هو. وائسز گروپ جو روح روان بيدل مسرور آهي، جو شڪارپور جو آهي... اُن ڪئسيٽ ۾ منهنجا نظم ’سچ وڏو ڏوهاري آهي‘، ’مان ڏوهي هان‘، ’ڏيئا ڏيئا ڳاٽ اسان‘، ’هڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو‘، ’همرچو‘، ’جت لڪ لڳي، جت اڪ تپن‘ ۽ ’وڃو ڪنويليو وڃو‘ ۽ منهنجي اردو نظم ’آج يه ڪهه دي‘ ۽ ’ميري ديده ورو ميري دانشورو‘ شامل هئا... مون لکيل تقرير پڙهي... اُن ۾ مون سامعين کي ٻڌايو ته شاعري منهنجي صليب به رهي آهي، ته تلوار به رهي آهي. تقرير جي آخر ۾... مون فيض صاحب سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو، جو منهنجي نظر ۾ ناظم حڪمت ۽ پبلو نرودا جي پايي جو شاعر آهي، اردوءَ جي لاءِ مون چيو ته روسي زار جي پايي جو شاعر آهي، ۽ اردوءَ جي لاءِ مون چيو ته روسي زار جي ٻولي به هئي، پشڪن جي ٻولي به هئي. زارن کي تاريخ مليا ميٽ ڪري ڇڏيو، پشڪن اڃا تائين روس جو عظيم شاعر آهي. مون سامعين کي پنهنجن ڪتابن ’راڄ گهاٽ تي چنڊ‘ ۽ ’بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي‘ مان ڪيترائي نظم به ٻڌايا. مان نظم ٻڌائي چڪس ته موسيقيءَ جو دور شروع ٿيو. اسين اسٽيج تان لهي هيٺ اچي ويٺاسين. منهنجي هڪ پاسي پليجو ۽ ٻئي پاسي سراج ۽ سوڀو ويٺا هئا... مون پليجي کان پڇيو:

’سيد سان وقت ڪيئن ٿو گذري؟‘

’ڏکيو ٿو گذري‘، پليجي جواب ڏنو.

’هون‘ چئي، مون خاموشي اختيار ڪئي.

”مون سوچيو ته سنڌ جو ماڳ ڪيترو دور آهي؟ اُن ماڳ جي دڳ تي ڪير آهي؟ هو اُتي پاڻ پهچي سگهندو به يا نه؟ مستقبل جي ڪُک ۾ ڇا آهي؟ اُنهن سوالن جا جواب منهنجي شاعريءَ ۾ ته آهن، پر ڪيترا ته مبهم آهن! ڇا، مان ولاديمير ماياڪوفسڪيءَ وانگر ڪجهه ڏؤنڪي جي چوٽ تي چئي سگهان ٿو؟

”صبح جو چئين بجي جاڳ ٿي. ڪنن ۾ پنهنجي سِٽ ’اٿ! اٿي لک! اٿ! اٿي! اٿ! اٿي لک!‘ جي به آهين ڏينهن چار- ٻُري رهي هئي. ڪمري ۾ اليومينم جي دريءَ مان رستي تي ويندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪار تي نظر پئي پِئي ۽ اُنهن جي بتين جون روشنيون رستي تي پيل برسات جي پاڻيءَ ۾ چمڪنديون ٿي گذري ويون. ٻاهران ته ائين ٿو لڳي ته مان هِن دور جي سياست کان پري رهيو آهيان ۽ منهنجي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان ڪمٽمينٽ نه آهي، پر مان پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ سياسي پارٽي آهيان، هڪ وطن آهيان، هڪ حڪومت آهيان، جنهن انسان جي دل کي پنهنجو تخت گاهه بڻايو آهي.

”مون کي يقين آهي ته تاريخ کي پٺتي ڌڪو نه ڏئي سگهجي ٿو، پر اُن جي شڪست ناممڪن آهي. سچ لُڏندو آهي، ٻڏندو آهي. دراصل سچ نه لڏندو آهي، نه ٻڏندو آهي. ڇا، گليلو لُڏي ويو هو؟ محاسبي وقت هن پنهنجي بچاءَ لاءِ زبان سان ڇا به چيو هجي، پر هن جو ذهن بلڪل صاف هو ۽ هن کي چئي رهيو هو: ’تون سچ تي آهين؛ هيءُ دور جنهن ۾ ڪوڙ پنهنجيءَ فتح تي ڪُڏي رهيو آهي، عبوري آهي ۽ نيٺ گذري ويندو.‘

”اڄ فقير محمد لاشاري... سنڌيءَ جو نوجوان اديب... جنهن جو مطالعو ڪافي وسيع ۽ سياسي شعور گهرو آهي ۽ هو ڪافي وقت محمد ابراهيم جويي جي صحبت ۾ رهيو آهي... هو پيشه ور صحافي آهي... هُن چاهيو ٿي ته هڪ پوري ڪتاب جيترو منهنجو انٽرويو وٺي... سوچيائين ٿي ته هو سؤ کن سوال مون کي ٺاهي ڏئي...

]شاعر جي شعور ۽ لاشعور جي سوال تي[ مون کيس ٻڌايو هو: ’اِهو ممڪن نه آهي ته شاعر جي لاشعور تي هن جي شعور جو اثر نه ٿئي... شعر جي تخليق ته هڪ پراسرار ڳالهه آهي، پر پوءِ به شاعري شاعر جي مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي جو نتيجو ئي آهي. ويهين صديءَ پنهنجي ديس ۾ ۽ عالمي سطح تي ڇا ڇا نه ڏٺو آهي! ڪيڏا نه لاها چاڙها، ڪيڏي نه سماجي ڪشمڪش، ڪيڏيون نه جنگيون ۽ انقلاب، جوانيءَ ۾ انسان دوستيءَ جا ڪارناما، ڪيترون نه انسان دشمن ڪاروايون، جوهري بَمَ، ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندڙ مصنوعي سَيارا، زندانَ جي سيخُن پٺيان ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل انسان ۽ خلا ۾ پرواز ڪندڙ پکين کان هزار ڀيرا وڌيڪ تيز خلاباز! ڇا، اِن مشاهدي جو شاعر جي شعور... تي اثر نه ٿيندو!

”ڇا جيڪي اسان جي ديس ۾ ٿيو آهي، دلين جون جدايون، محبتن ۽ رفاقتن جا ورهاڱا، خونريزيون، زالن جا ڪپيل ٿڻ ۽ ڪوڙيل مٿا، ٻارن جا سنگينن تي اڌو اڌ بدن، ريل گاڏين تي حملا، سرحدن تي ننگا، بکايل، لُٽيل ڦريل قافلا، فوجي تاناشاهيون، ڪتابن تي بندشون، نظربنديون، قيد، سياسي قتل، مذهب جي آڙ ۾ هر آزاديءَ جي گهُٽ ٻوساٽ، ڌرتيءَ جي دلالن جي چهري تي سر خوشي، افسر شاهيءَ جي ڦرلٽ، لوٽ کسوٽ، ڇا اهو سڀ شاعريءَ تي اثر نه وجهندو؟ شاعر گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا ته نه هوندا آهن! مون به فيض وانگر ڏٺو آهي ته مغرور حسينائن جا برف جهڙا جسم ڪيئن نه گرم هٿن جي حرارت ۾ پگهرجي ٿا وڃن، پر ڇا ذاتي زندگيءَ ۾ گم ٿي، انسانُ اهو دک درد وساري ٿو سگهي، جو هن جي چوڌاري چيخون ڪري رهيو آهي؟ نه ڌرتيءَ جون دانهون منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪيون آهن. ٻاهران ڏسجي ٿو ته منهنجي شاعري الهام وانگر لڳي ٿي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن شاعر ايتري دنيويءَ مصروفيت هوندي ايتريءَ تيزيءَ سان لکيو هوندو. پر پوءِ به منهنجي شعور ۽ تحت الشعور ۾ اُهي مشاهدا ۽ تجربا آهن، جي منهنجا اهن، جي مون کي پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ کان مليا آهن ۽ جي سالها سال رچي ريٽا ٿي اٻڙڪا کائي، ڪنهن حبشيءَ وانگر ظاهر ٿين ٿا ۽ گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾، هن صدين کان خشڪ ڌرتيءَ کي سر سبز ڪندا وڃن ٿا. مون وٽ آيتون نه آهن، بيت آهن، پر پوءِ به اِهي هِن ڌرتيءَ سان واڳيل آهن، اُن جي دک سک جو پڙلاءُ آهن، پنهنجي روحانيت جي باوجود مادي آهن، هِن ڌرتيءَ جي مِٽي آهن ۽ اُن وانگر امر آهن.

”جڏهن مان ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ته مون 
کي ابراهيم جويي ايم.اين.راءِ جو هڪ ڪتاب 
Revolutionary History پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، جنهن ۾ اُنهن سڀني ڪتابن جي فهرست ڏني وئي هئي، جي هن پڙهيا هئا، نه رڳو انگريزيءَ ۾ پر روسيءَ، جرمن، فرينچ وغيره ٻولين ۾ به... مان چاهيان ٿو ته مان به اُنهن هزارن ڪتابن جي لسٽ ڪتابي صورت ۾ ڇپايان، جي مون پڙهيا آهن ۽ جن کي هر نوجوان سنڌي اديب ۽ شاعرکي پڙهڻ گهرجي. نه رڳو اِهو، پر اُنهن سَوَن فلمن جي لسٽ به ٺاهيان، جي هنن کي ڏسڻ گهرجن. هيءُ وڊيو جو دور آهي. فلم ڪتاب کان وڌيڪ اثر ڇڏي ٿي. وڊيو جي اهميت تي مون يونيورسٽيءَ ۾ هڪ لنبي تقرير به ڪئي هئي...

”مون تازو حيدرآباد ۾ ٻين بجي رات تائين ابراهيم سان گڏ، ابراهيم جي جاءِ تي، ”ناچ ميوري“ فلم ڏٺي هئي. ”مِيوري“ هنديءَ ۾ مورڻيءَ کي چوندا آهن. فلم هڪ نرتڪيءَ جي زندگيءَ جي باري ۾ هئي، جنهن جا پير ڪپجي ويا هئا ۽ هن نقلي پير وجهائي، نهايت محنت سان نِرت لاءِ ڪوشش  ڪئي هئي، نيٺ ڪامياب ٿي هئي. مون هن جو ناچ ڏسي ساهه سان سوچيو هو ته ’اسان ڇا ڇا نه وڃايو آهي!‘

”منهنجي برصغير جي پوريءَ ثقافت سان ائين والهانه محبت آهي، جيئن يوناني شاعر ڪازان زاڪس کي يونان سان هئي. ڪيئي ڀيرا منهنجي دل چاهيو ته اردوءَ جي مشهور اديب ديوندر ستيارٿيءَ وانگر هن برصغير جو ڳوٺ ڳوٺ گهمان ۽ اُن جا لوڪ  گيت ٻُڌان، اُن جا پهاڙ، نديون، محل، سرايون، مندر، مسجدون، گردئارا ڏسان ۽ اِن جي ساري ڌرتيءَ کي پنهنجي گيتن ۾ سميٽي اچان. مون کي اُها ديومالائي مورتي ڏاڍي وڻندي آهي. سرسوتي هنس تي وڃي رهي آهي، هن کي هڪ هٿ ۾ بنسري ۽ ٻئي ۾ ڪوئي ڪتاب آهي. مان ڀانيان ٿو ته مان به گيت لکندي لکندي هِن ڀؤساگر مان پار تري ويندس ۽ پنهنجو موڪش پائيندس.

”ڪيتري نه رنگا رنگي آهي هن ديس ۾! مون پنهنجي شعر و ادب کي هن برصغير جو آئينو بنائڻ چاهيو آهي، پر زندگي ڪيتري ته مختصر آهي!

”مون کي اُهو دور به ياد آيو، جڏهن مان ۽ حَشو ساريون راتيون سياست ۽ ادب تي ڳالهائيندا هئاسين. ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي آهي، جي مان اُنهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه هجان ها، ۽ اُهي آهن- حشو، سوڀو ۽ ابراهيم. اُنهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي. اِهي ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مون کان جيون جي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار آهن.“ 


(1)  ”پتڻ ٿو پُور ڪري“، (1982ع)، ”ٽُڪرا ٽُٽل صليب جا“ (1984ع، ”پَنَ ڇَڻَ کان پوءِ“ (1985ع، ”چنڊ چنبيلي ول“ (1985ع)، ”رڻ تي رم جهم“ (1986ع)، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (1986ع، ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“ (1987ع).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org