13 آگسٽ جويي صاحب جو جنم ڏينهن
ترقي پسند ادب ۽ تحريڪ جو سرواڻ
محمد ابراهيم جويو
آزاد انور ڪانڌڙو
ڌرتيءَ جيڏي شاعر شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ’خط،
انٽرويو ۽ تحريرون‘ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”طالب العلمي جي دؤر ۾ مون سان ٽي اهڙا ڪاپڙي
مليا، جن ٽنهي جي باري ۾، مون کي ڀٽائيءَ جي هيٺين
سٽ ياد ايندي آهي.
جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌو مامري!
۽ اهي هئا: سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ حشو
ڪيولراماڻي“.
مهان ڪوي شيخ اياز ’ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ڪتاب
۾ لکيو آهي ته:
”اهي ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍي عمر ۾ تربيت ڪئي
آهي ۽ جي مان انهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه
هجان ها ۽ اهي آهن، حشو، سوڀو ۽ ابراهيم. انهن سان
منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي، جيئن روميءَ جي
شمس تبريز سان رهي هئي. اهي ئي ٽي ماڻهو آهن، جي
مون کان جيون جي ليکي، چوکي وٺڻ جا حقدار آهن.“
14 سالن جي عمر ۾ لکڻ جي شروعات ڪندڙ سائين محمد
ابراهيم جويي گذريل 8 ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي کان
سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تحريڪ ۾ سرواڻيءَ وارو ڪردار
ادا ڪيو آهي. سندس ادبي، علمي، تعليمي، قومي ۽
ثقافتي خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن
ٿيون.
سائين جي.ايم سيد پنهنجي ڪتاب: ’جنب گذاريم جن
سين‘ ۾ ڪيڏو نه سچ لکيو آهي ته:
”جويي صاحب، بورڊ ۾ پگهاردار جي حيثيت ۾ ڪم نه ڪيو
آهي، بلڪه سنڌي زبان جي مشينري ۽ هڪ قومپرست سنڌي
طور ڪم ڪيو آهي.“
جويي صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ دوران
سنڌي ٻولي، لغت، ادب ۽ تاريخ تي جيترو شاندار ڪم
ڪيو، اڄ ڏينهن تائين ان جو مثال ملي ناهي سگهيو.
اڄ جيتوڻيڪ وسيلا وڌيڪ جديد کان جديد سهولتون،
مشينري ۽ آسائشون حاصل آهن، پر ان باوجود بورڊ
پاران ماضي ۾ ڪيل شاندار ڪارڪردگي جو رڪارڊ ڪوئي
نئون سيڪريٽري وڏين دعوائن باوجود ٽوڙي نه سگهيو
آهي.
جديد سنڌي ادب جي ڦهلاءُ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي
رسالي ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو وڏو ۽ مثالي ڪردار رهيو
آهي ۽ اهو به صرف ”مهراڻ“ جي ايڊيٽرشپ دوران محمد
ابراهيم جويي ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي دؤر ۾
ترقي پسند ادب، جديد شاعري جي سلسلي ۾ شاندار ڪم
ٿيو آهي. ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ جويي صاحب جا لکيل
شاندار ايڊيٽوريل ادب جي درگاهه، انسانيت، ٻه پور،
نج سنڌي لفظ، ٻولين جي ڏي وٺ، فنڪار جا ڳوڙها،
سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا، ٻولي، اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ،
ون يونٽ ۽ آزادي اڄ به پڙهڻ وٽان آهن. ان چوڻ ۾
ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته جويي صاحب ”مهراڻ“ وسيلي
جديد سنڌي ادب ۽ جديد سنڌي شاعري جي آبياري ڪئي
آهي.
جويي صاحب نه رڳو پنهنجي شاهڪار تخليقن، تحريرن ۽
تقريرن ذريعي سنڌ ۾ ادبي تحريڪ جي سرواڻي ۽ قومي
شعور ۽ جاڳرتا جي ڦهلاءَ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو
آهي، پر هن سنڌي ادب ۾ ٻين ٻولين مان تمام شاندار
ڪتاب گليلو، اسلام جو تاريخي ڪارنامو، تاريخ
پاڪستان، ايميلي عرف تعليم، ٻارن جي تعليم، وحشي
جيوت جا نشان، فڪر جي آزادي، ڪئنڊيد، ٻارن جو
مسيح، فلسفي جو ابتدائي ڪورس، علم تدريس مظلومن
لاءِ، محڪري جا مضمون، فرينچ انقلاب ۽ ٻيا ترجمو
ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. سندس ان مثالي
ڪم بابت سراج هڪ هنڌ لکيو آهي:
”ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ ابراهيم جويي جي فڪر
کي وڏو دخل آهي ۽ اهو فڪر هو ته جيڪي ڪتاب ترجمو
ٿين، سي نه رڳو سنڌي ادب ۾ اضافو آڻين، پر سنڌ جي
ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾ ٻه قدم اڳتي
نين“.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ دوران جويي صاحب
ادبي بورڊ جي ترجمن جي اسڪيم کي نه رڳو اڳتي
وڌايو، پر ان اسڪيم تحت دنيا جي علم ۽ ادب جا
بهترين ۽ شاهڪار ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ پڙهڻ لاءِ اسان
کي مليا.
جويو صاحب نه رڳو ترقي پسند ادب جو باني ۽ ان جي
آبياري ڪندڙ آهي، پر هو ترقي پسند شاعري جي فني ۽
فڪري خوبين کي هڪ وڏي پارکو جي اک سان ڏسي عام
اڳيان نروار ڪندڙ مفڪر ۽ دانشور آهي. ڪلاسيڪي
شاعرن بابت سندس شاهڪار ڪتاب شاهه، سچل، سامي ۽
شيخ اياز جي اٽڪل 10 کان وڌيڪ ڪتابن جا مهاڳ، اياز
گل، مختيار ملڪ، نورالهدى شاهه، خاڪي جويي،
ابراهيم منشي، نرنجن دوداڻي، نوجوان ليکڪ آزاد
انور ڪانڌڙو پاران استاد بخاريءَ جي نثري لکڻين تي
مشتمل سهيڙيل ڪتاب ”سمي صحرا سَمي دريا“ ۽ ٻين جي
شعري مجموعن تي جويي صاحب جا لکيل مهاڳ ان جو وڏو
ثبوت آهن.
عظيم شاعر شيخ اياز ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ڪتاب
۾ هڪ هنڌ اهڙي شاهدي ڏيندي لکيو آهي:
”ابراهيم جويو، سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، مان
جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته چاهيندو آهيان ته
ان تي پهرئين نظر سنڌ جي هن عظيم دانشور جي پوي ۽
اهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته مون کي ان
جي امرتا جي پڪ ٿي ويندي آهي. منهنجي ڪتاب ”بڙ جي
ڇانو اڳي کان گهاٽي“ ۾ شامل هڪ نظم ”چاندني راتين
۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان- تون هُئينءَ“ جي شرح،
جنهن خوبصورتيءَ سان هن ڪئي آهي، اهڙي ورلي ڪو ڪري
سگهندو.“
پاڻ 1980ع ۾ حضرت عيسى عليہ السلام جي زندگي بابت
ٻارڙن کي ڪامياب زندگي جا اصول سيکارڻ خاطر هڪ
ڪتاب ’ٻارن جو مسيح‘ جو دلپذير ترجمو ڪيائين. ٻارن
لاءِ جويي صاحب جو چوڻ آهي ته ٻار اسان جي مستقبل
جا معمار ۽ سرواڻ آهن، آئندي جو علم سندن هٿن ۾
هوندو انهيءَ لاءِ سندن ذهني تربيت لاءِ کين
صحتمند ادب مهيا ڪري ڏنو وڃي. ٻاراڻي ادب جي ترقي
لاءِ جويي صاحب پنهنجي قائم ڪيل اداري سنڌي اديبن
جي سهڪاري سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترائي شاندار
ڪتاب ڇپائي ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ ڦهلاءَ ۾ به
مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي.
سائين جويو صاحب، سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن جي
نمائنده تنظيم سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رهيو
آهي.سنگت سان سندس لڳاءُ تمام گهڻو پراڻو آهي.
سنگت جي بنياد کان وٺي اڄ تائين جويو صاحب سنگت جي
سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو
20 ۽ 21 صديءَ جي هن عظيم ڏاهي سائين محمد ابراهيم
جويي صاحب ئي 13- اپريل 2003ع تي سنڌ جي نامياري
شاعر سائين ادل سومري جي سنگت جي سيڪريٽري جنرل
هئڻ واري دور ۾ حيدرآباد ۾ سنگت جي مرڪزي آفيس ۽
گوبند مالهي لائبريري جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته سنگت جي چونڊن ۾ هيرا ڦيريءَ
سان آيل ٽولي بعد ۾ اهو پٿر به گم ڪري ڇڏيو ۽ سنگت
جي پهرئين سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي جي دور کي
تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي
افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.!!
جويو صاحب اسان کي هميشه سجاڳيءَ جو پيغام ڏيندو
رهيو آهي. هو اڄ به 99 سالن جي عمر ۾ پنهنجي هٿ ۾
علم، ادب ۽ ڏاهپ جي روشن لاٽ کنيو، اسان کي علم جي
روشن واٽ ڏسيندو اڳتي وڌي رهيو آهي. پاڻ نه صرف
نئين نسل جو سونهون ۽ اڳواڻ رهيو آهي، پر نئين نسل
کي هميشه همٿائيندو ۽ سندن رهنمائي ڪندو رهيو آهي.
سنڌ جا ڪيترائي مهان ڏاها ۽ اديب جويي صاحب کي
پنهنجو ادبي استاد ۽ رهبر تسليم ڪن ٿا. انهن ۾ شيخ
اياز، سراج، شمشيرالحيدري، رسول بخش پليجو ۽ ابن
حيات پنهور جا نالا اهم آهن.رجعت پسنديءَ خلاف ۽
ادب ۾ ترقي پسند لاڙن جي ڦهلاءَ لاءِ جويي صاحب
ڏينهن رات نه رڳو مثالي ۽ وڏو ڪم ڪيو آهي، پر عملي
طور به ايوبي آمريت خلاف احتجاج، ون يونٽ مخالف
تحريڪ، سنڌي ٻوليءَ جي بحالي واري تحريڪ،
ايم.آر.ڊي جي حمايت، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال خلاف
احتجاج ۾ هميشه سرواڻي ڪندي ۽ حق جو نعرو بلند
ڪندي اڳيان اڳيان رهيو آهي.
نامياري شاعر تاج بلوچ هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”اسان جو افلاطون اسان وٽ موجود آهي. يونان جي
افلاطون هڪ ارسطو پيدا ڪيو، پر اسان جو افلاطون
(جويو) هڪ پيڙهي تيار ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رڌُل آهي،
اهڙي پيڙهي، جيڪا مظلوم، ڌُتڙيل ۽ دُکي انسانيت
لاءِ ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بڻجي.“
محمد ابراهيم جويو هڪ دؤر، هڪ صديءَ تائين ڦهليل
هڪ تاريخ، هڪ جدوجهد جو نالو آهي، جيڪو نه ڪڏهن
جهڪيو، نه ڪڏهن وڪيو آهي.
محمد ابراهيم جويي جي افساني “روزي
جي ماني”
مان روشن خيال فڪر جو اڀياس
نواب ڪاڪا
سماج ۾ آگاهي، سجاڳي، شعور، حقيقتن جي ڄاڻ ۽
مسئلن جي حل لاءِ ڏاهن، مفڪرن، دانشمندن، گهرو
مشاهدو ۽ گهڻ رخو مطالعو ڪندڙ انسانن جي گهرج
هوندي آهي. وقت ۽ حالتن مطابق پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽
فسادن کي پنهنجي علم ۽ وسيع مشاهدي جي نظر سان
ڏسندي، ڪا نه ڪا واٽ ٻڌائين ٿا. دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ
فڪري تحريڪون ۽ ايندڙ تبديليون انهن جي سوچ ۽ لوچ
جو نتيجو آهن. دنيا جي تاريخ ۾ تهذيب ۽ ترقيءَ جا
ڏاڪا طئه ڪرائڻ ۾ وقت جي ڏاهن، سائنسدانن، استادن،
عالمن ۽ محققن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. وقت ۽
حالتن جي گهرج سامهون رکي، فڪر، اصول يا نظريا پيش
ڪيا ويا آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان تبديل به ٿيندا
رهيا آهن. زندگي ارتقا جي مرحلن مان گذرندي، تبديل
ٿيندي پيئي اچي. اصول، نظريا، روايتون، زندگيءَ جي
سُک، سهنج ۽ امن لاءِ آهن، نه ڪي زندگي اصولن،
نظرين ۽ روايتن جي پورائي لاءِ آهي.
سنڌ جي جديد تاريخ ۽ ادب ۾ سائنسي سوچ رکندڙ مسئلن
۽ مونجهارن جي حل لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ڪردارن ۾
محمد ابراهيم جويي جو نالو سرفهرست آهي. سنڌي ادب
۽ تاريخ ۾ سندن سڃاڻپ گهڻ رخي آهي. جنهن مان سندن
وسيع فڪر، جدوجهد، پنهنجي قوم کي تهذيبي ۽ تاريخي
طور اڳتي وٺي هلڻ ۾ سندن اهميت ۽ حيثيت جي وضاحت
ٿئي ٿي. فلسفو، تاريخ، تعليم، ادب، سماجيات ۽ دنيا
جي شاهڪار علمن جو ترجمو سندن خاص موضوع آهن. سندن
تحقيقي ۽ تخليقي پورهئي جا
گهڻا رخ ۽ مقصد آهن. سماج کي مختلف علمن ۽ فڪرن
کان واقف ڪرائي ٿو. سندس اهڙن فڪرن مان هڪ فڪر
روشن خيالي به اهم آهي. جويو صاحب روشن خيالي ۽
ٻين عالمي فڪري تحريڪن ۽ نظرين جي نه صرف ڄاڻ رکي
ٿو، پر انهن جي ڪارج ۽ مقصد کي سمجهي سماج تي لاڳو
ڪرڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ جون پڻ ڪوششون وٺي ٿو. مقامي
حالتون به اهڙيون رهيون آهن جو مختلف فڪرن ۽ نظرين
جو پرچار ڪرڻ ضروري ڄاتو ويو آهي. روشن خيالي
پنهنجي جوهر ۾ مذهبي تعصباڻي روش، انتها پسندي،
مصنوعي ۽ سطحي عملن جي خلاف هڪ سگهارو فڪر رهيو
آهي. عام انسان ڪردار جي تڪميل جيڪا مختلف عقيدن
جي ذريعي ڪنهن ٻئي جهان ۾ ڏسڻ تي ويساهه رکي ٿو،
روشن خيال فڪر انسان جي ڪردار جي اها تعمير ۽
تڪميل فطري اصول مطابق سڀ کان پهرين هتي ئي ڏسڻ
چاهي ٿو. جيئن مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ليو
ٽالسٽاءِ جا جملا آهن ته: ”جيڪو
انسان پنهنجي سامهون نظر ايندڙ انسان سان محبت نٿو
ڪري، اهو نظر نه ايندڙ خدا سان محبت جي دعويٰ ڪيئن
ٿو ڪري سگهي.“
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو روشن خياليءَ جي بنياد بابت
لکي ٿو:
”روشن
خياليءَ جو بنياد انهيءَ ڳالهه تي آهي ته انسان سڀ
هتي ۽ هن ئي دنيا ۾ هن ئي ڌرتيءَ تي تڪميل يا ڪمال
جي هڪڙي صورت کي پهچي سگهن ٿا. توڙي جو يورپ ۾
عيسائيت، مشرق ۾ ٻين مذهبن جي تعليم اها آهي ته
تڪميل يا ڪمال رڳو مذهبي زندگيءَ جي رستي حاصل ٿئي
ٿو ۽ اهو به مرڻ کان پوءِ ٿو حاصل ٿئي.“ (ٻوهيو،
174/ 2013ع)
روشن خيال عالم انسان کي پنهنجي بنيادي ۽ اصلي
جوهر مطابق فطري ڏسڻ چاهي ٿو. جيئن قدرتي طور
انسان ۾ هڪ ٻئي لاءِ انس وارو جوهر به رکيل آهي.
انساني ڪردار جي تعمير ۽ ترقي ائين چاهي ٿو جيئن
فطري طرح ٿيڻ گهرجي. ان ۾ هر سُٺائي، سُهڻائي ۽
نيڪي ۽ هڪ ٻئي کي نفعو ۽ امن ڏيڻ واريون خاصيتون
ڏسڻ چاهي ٿو. ان ۾ ڪنهن به مذهبي عقيدي، فرقي يا
طبقي طرفان پيدا ڪيل مصنوعي درجا بندي، جيڪا سندس
قدرتي جوهر ۽ خاصيتن ۾ رڪاوٽ آهي، ان کان انڪار
ڪري ٿو. فطري طور انسان کي به ٻين ساهوارن جيان
سماجي حيوان مڃيو ويو آهي. سمورا ساهوارا فطرت جي
اصول مطابق، سردي گرمي ۽ ٻيون تڪليفون برداشت ڪري
به پنهنجي وجود جي سمورين خاصيتن کي اڀارين ٿا ۽
انهن جو فائدو بغير ڪنهن متڀيد جي هن ڪائنات کي
ڏين ٿا. تيئن انسان جي به بنيادي جوهر ۾ پنهنجي
خاصيتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان جو هڪ ٻئي کي فائدو ڏيڻ،
هڪ ٻئي لاءِ سڪ ۽ محبت رکڻ ۽ گڏجي رهڻ جهڙيون
خاصيتون موجود آهن، پر انهن تي مدي خارج رسمن ۽
اجاين عقيدن جو سندس عقل تي ايترو ڄارو چڙهي وڃي
ٿو جو هو باوجود ايترو سائنسي انقلاب اچڻ جي ڪيئي
قدرتي راز پنهنجي سامهون آشڪار ٿيندي ڏسي ٿو ۽ نه
چاهڻ جي باوجود به پاڻ ۾ مختلف فرق قائم ڪندي هڪ
ٻئي کان دور ٿيندو پيو وڃي، جنهنڪري ”روشن
خيال عالم وٽ فطري ۽ غير فطري جو بحث اهو آهي ته
جنهن جي وجود يا تصور کي سماج ۾ هٿرادو
طريقن سان کڙو ڪيو ويو يا اٿاري بيهاريو ويو، سو
غير فطري آهي. توڙي جو اهو موجود آهي. هن طرح
طبقات جو وجود آداب جي وجود ۽ مراعات جي وجود توڙي
معتبرائپ يا پاڪائيءَ جي قائم ٿيل وجودن کي غير
فطري سمجهيو ويو. هن طرح غير فطري اها شيءِ
سمجهي ويئي، جنهن کي برو سمجهيو ويو. فطري اها
سمجهي ويئي، جنهن کي چڱو سمجهيو ويو.“ (ٻوهيو،
175/ 2013ع)
سماج ۾ مختلف هٿرادو طريقن سان جيڪي مسئلا ۽
مونجهارا پيدا ڪري نفرتن جو جيڪو ٻج ڇٽيو ويو، ان
خلاف سوچيندڙ ۽ غور ڪندڙ ۽ ان مان نجات جي راهه
تلاش ڪندڙ ڏاهن ۽ فيلسوفن پنهنجي پنهنجي ديس ۽
ڌرتيءَ تي پيدا ٿيل مسئلن جي مناسبت سان روشن خيال
فڪر کي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ذريعي پيش ڪيو.
سنڌ ۾ 1947ع واري لڏپلاڻ غير فطري هئي. جيڪي انسان
قدرتي طرح جنهن زمين تي پيدا ٿيا هئا، ان جي سنوار
۽ سينگار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، انهن
کي ٻنهي طرفان پنهنجا ڪم ڪاريون بند ڪري، اهي گهر
۽ زمينون ڇڏي نڪرڻ لاءِ چيو ويو. غير فطري ڀڃ ڊاهه
ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ مسئلا اڃا تائين
جاري آهن. چئي نٿو سگهجي ته ڪٿي دنگ ڪندا. محمد
ابراهيم جويي ۽ سنڌ جي ٻين روشن خيال ليکڪن ورهاڱي
بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال کي پنهنجي روشن خيال فڪر
ذريعي مختلف مسئلن جي نه صرف نشاندهي ڪئي آهي، بلڪ
انهن جو حل به پنهنجي فڪري تحريرن ذريعي ٻڌايو
آهي. سندس ڪهاڻي ”روزي
جي ماني“ به
هڪ اهڙي فڪري تحرير آهي. ڪهاڻي جديد ادب جي اها
صنف آهي، جيڪا پنهنجي فني خاصيتن جي ڪري زندگيءَ
جي مختلف مسئلن ۽ فڪرن کي پڙهندڙن جي ذهن تائين
جلدي منتقل ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ماهر ۽ سجاڳ ليکڪ
زندگيءَ سان وابسته ڪنهن به پهلوءَ کي اهڙي انداز
۾ پيش ڪري ٿو جو اها پڙهندڙ جي حواسن تي ڇانئجي
وڃي ٿي. هن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. گهڻي دير
تائين پڙهندڙ جي نفسيات ۽ خيالن تي قبضو رکي ٿي.
اها تڏهن ٿئي ٿي جڏهن پلاٽ (رٿا بندي)، ٻولي،
ماحول، منظرنگاري، ڪردارنگاري فطري، سماجي ۽ ادبي
اصولن ۽ ڪارج کي نظر ۾ رکي ڪيو وڃي. محمد ابراهيم
جويو مفڪر هئڻ سان گڏ، ماهر نقاد به آهي. ڪهاڻيءَ
جي فن ۽ دائري بابت ڄاڻ رکندڙ آهي. افساني جي فني
خصوصيتن جي حوالي سان لکي ٿو:
”مختصر
افساني جي هڪ فني خصوصيت، آءٌ سمجهان
ٿو ته ان ۾ زندگيءَ جو ڪو به پهلو، ڪا به هڪ حيثيت
پيش ڪئي وڃي. ان ۾ سماجي ڪيفيتن ۽ پس منظر کي
اثرائتي انداز ۾ اڀاري پڙهندڙ جو ڌيان ان جي اصلي
حيثيت ڏانهن ڇڪايو وڃي ٿو.“ (جويو،
102/ 2007ع)
هن افساني ۾ جويي صاحب سماجي مسئلي کي روشن خيال
مفڪر جي حيثيت ۾ اڀاري پيش ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جي
شروعات ۾ ئي فطري ماحول ۾ ساهوارن جي آزادي،
خودمختياري، پنهنجي اصلي رنگ ۾ پُرسڪون زندگيءَ کي
پيش ڪري ٿو. لکي ٿو:
”سارو
ڏينهن چئن داڻن لاءِ پرڙا سٽي سٽي ڌرتيءَ کان دور
ڀڄندڙ ڀانت ڀانت جا پيارا پکي ولرن جا ولر ڪيو وڻ
وڻ مٿان اچو ڳاهٽ ٿين. رات جا چار پهر هر ڪنهن کي
ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ڏار تي ڪنهن لام ته ڪنهن پن جي
اوٽ ۾ آرام لاءِ اجهو ملي ئي ويندو.“ (جويو، 21/
....ع)
ٻئي طرف انسانن جو نظارو ڏيکاري ٿو، جيڪي ڪيترا نه
غير فطري ٿا لڳن:
”برنس
گارڊن جي اترئين دروازي وٽان الهندي طرف ڏانهن
ويندڙ اٽڪل چاليهارو قدم هڪ ڊگهي فٽ پائري وڇايل
آهي، جنهن تي خانه بدوش گيدڙين جا ڪي نه ڪي ٻه چار
ڪٽنب پيا ئي رهندا آهن.“ (جويو،
21/ ....ع)
اتي فٽ پائري کان اڳتي پنج ماڙ بلڊنگن جون ٽي
قطارون آهن، جن ۾
نوان آيل مسلمان اچي آباد ٿيا آهن. هنن بلڊنگن جي
اصل ۽ نقل رهواسين لاءِ لکندي زبردستي ڪرايل
ورهاڱي واري ڳالهه به ڪري وڃي ٿو:
”هنن
بلڊنگن ۾ اصل ته ٻيا رهندا هئا، پر پاڪستان ٿيڻ
کان پوءِ اهي هندستان هليا ويا ۽ هندستان مان ٻيا
اهڙا ئي خدا جا بندا ڪجهه لوڌجي ڪجهه چاهه پئي اچي
هنن بلڊنگن ۾ آباد ٿيا.“ (جويو،
22/1987ع)
بلڊنگ جي رهواسين پنهنجي ويجهو هڪ مسجد کي به اچي
آباد ڪيو هو. ان مسجد جي اڳيان رمضان جي ڀلاري
مهيني جو هڪ منظر آهي، جيڪو سڄي ڪهاڻيءَ جو بنياد
آهي. مسلمانن جي لاءِ رمضان هڪ سڳورو مهينو آهي.
روزي ۾ ٻئي جي بک، اُڃ کي محسوس ڪرائيندڙ ۽ ايثار
۽ قرباني سيکاريندڙ تصور ڪيو ويندو آهي، پر هتي ان
تصور ۾ مذهبي تعصب ۽ فرق واري سوچ، فڪر ۽ عمل
انتها تي پهتل آهي.“ اٺن
ڏهن سالن جو گيدڙي ٻار ڦاٽل سٿڻ پهريل مر ۽ مٽيءَ
۾ ڀڀوت ڀڳل ٽٽل ڪاٺ جي گاڏڙي تي پنهنجي پنگلي مائٽ
کي ڌڪيندو ٿي ويو. اهو پنگلو بکايل ۽ اڃايل هئڻ
جون پرسوز صدائون هڻندو مسجد جي طرف ٿي آيو. ٻئي
طرف انهن بلڊنگن مان هڪ صاف سٿرو ٻار شانائتي روزي
جي لاءِ تيار ٿيل ماني کڻي مسجد جي طرف آيو. جيئن
ته روزو کُلي چڪو هو، نمازي نماز مان فارغ ٿي مسجد
مان نڪري رهيا هئا. ڇوڪرو اها ماني کڻي ان الله جي
نالي تي صدا هڻندڙ ٻاڏائيندڙ پنگلي جي مٿان اچي
بيٺو. کيس پنهنجو ٿانو پيش ڪرڻ لاءِ چيائين، جنهن
تي گاڏڙي کي ڌڪيندڙ گدلو ٻالڪ پنگلي کي اتي ڇڏي
ٿانوَ لاءِ
خوشيءَ ۾ اهڙو وٺي ڀڳو جو ڄڻ کڙيون ڪياڙيءَ سان ٿي
لڳس. پنگلي بک جو پورائو ڏسي پنهنجي دانهن بند
ڪئي، پر ان ئي گهڙي مذهبي تعصب ۽ ڪٽر پڻي وارو فڪر
بکايل ۽ کاڌي جي وچ ۾ ديوار بڻجي اڀريو:
”اوچتو
سامهون ڪنڊ کان رڙ ٿي، ’طفيل
او طفيل ماني ڪنهن مسلمان فقير کي ته ڏي بدبخت‘.
طفيل جو مسلمان پيءُ مسجد مان روزو کولي نماز پڙهي
ٻاهر نڪتو هو ۽ گهر ڏانهن ويندي طفيل کي هن اجوڳ
ڪم ڪندي پڪڙي ورتو هئائين.“ (جويو،
22/1987ع)
ان روزيدار نمازي پاڻ تڪڙو جاءِ واردات تي پهچي
هڪدم پٽ جي هٿن مان ماني ڦُري، ڀرسان بيٺل پوڙهي
مسلمان فقيرياڻيءَ جي ڪشتي ۾ لاهي ڇڏي. گيدڙي ٻالڪ
جو جمن خالي رهيو. پنگلي جلد ئي معذوريءَ کي ظاهر
ڪندي الله جي نالي ٻاڏايو، پر کين ذرو به نه مليو.
پر نيڪ نمازيءَ جي وڃڻ بعد نظارو تبديل ٿيو:
”هنن
جي پٺ ڏيڻ سان ئي پوڙهي فقيرياڻي ڪشتي
۾ هٿ وجهي جيڪي ڪجهه مليو هوس ٻه ڊڳڙ، مٺ
خشڪا، ڏوئي ٻوڙ جي، قيمي جي هڪ ٽڪي، مٺائيءَ جو هڪ
لڏون، تنهن
مان سڀ اڌواڌ ڪڍي گيدڙي ٻالڪ جي جمن ۾ کڻي وڌو ۽
ٻار جي مٿي تي مهر جو هٿ ڦيري پنهنجي راهه وٺي
ويندي رهي.“ (جويو،
23/ 1987ع)
ائين انسانيت لاءِ هڪ انسان جو انسانيت ۾ ويساهه
موٽي آيو. ڪهاڻي ورهاڱي بعد پيدا ٿيل حالتن، انسان
جي انسان کان دولت، رتبي ۽ مذهبي فرق سبب دوري،
ٻئي جي گهرج کي ڏسي وائسي نظرانداز ڪرڻ واري روش
کي ظاهر ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ پکين جي پُرسڪون زندگي،
بکين، ننگن ۽ معذور انسانن جو فٽ پاٿ تي پيو رهڻ،
مذهبي ماڻهن کي نرم دل ۽ سخي سمجهي ليلائڻ، ٻار جو
بغير متڀيد جي کاڌو ڏيڻ، مذهبي تنگ نظر جو روڪڻ ۽
وري فقيرياڻيءَ جو کاڌي کي اڌواڌ ڪري ساڳئي گيدڙي
ٻالڪ کي ڏيڻ ۾ ليکڪ جو روشن خيال فڪر جهلڪي پيو.
پکي، فقيرياڻي ۽ ٻار فطري رنگ ۾ آهن، پر جڏهن
ته بظاهر شريف ۽ مذهبي انتها پسند ماڻهو مصنوعي
طريقا اختيار ڪري قدرت جي اصولي طريقي تان هٽي صرف
پنهنجي انا ۽ پاڻ کي پنهنجي طبقي، فرقي ۽ مذهب کي
اعليٰ سمجهي ته اهڙا واقعا ٿيندا رهندا. ليکڪ وڏي
خبرداريءَ سان ڪهاڻيءَ ۾ هن واقعي کي بلڪل غير
جانبدار ٿي بيان ڪري ويو آهي ۽ فيصلو پڙهندڙ تي ئي
ڇڏي ٿو ته ڇا بهتر آهي. روشن خياليءَ جو مظاهرو
ڪٿي ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي، ان جي ضرورت ڇو آهي؟ اهڙين
حقيقتن کي محمد ابراهيم جويي نهايت فنڪاريءَ سان
پيش ڪيو آهي.
حوالا
1. ٻوهيو،
الهداد، ڊاڪٽر، ”ادب
جا فڪري محرڪ“،
روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2013ع، ص 174.
2. ساڳيو،
ص 175.
3. جويو،
محمد ابراهيم، ”فڪري
۽ افسانوي ادب“،
مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2007ع،
ص 102.
4. جويو،
محمد ابراهيم، ”روزي
جي ماني“،
موتي جي مهراڻ جا، مرتب: فيروز ميمڻ، نيوفيلڊ
پبليڪيشن، حيدرآباد، 1987ع،
ص 21.
5. ساڳيو.
6. ساڳيو،
ص 22.
سنڌ جو عظيم مفڪر ۽ ڏاهو
زمر محبوب
سنڌ جي ڏاهي مفڪر ۽ نامور دانشور ۽ اديب محمد
ابراهيم جويي صاحب جي 100 هين سالگره جي مناسبت
سان لکڻ لاءِ اڄ مون کي جيڪو موقعو مليو آهي، اُهو
مون لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. ايندڙ سال 13- آگسٽ
2015ع ۾ انشاءالله پاڻ 100 سال مڪمل ڪري، 101 سالن
۾ داخل ٿيندا.
اسان سڀني سنڌ واسين کي فخر آهي، ان عظيم هستيءَ تي،
جنهن بنا ڪنهن مطلب جي سدائين پنهنجي ملڪ، پنهنجي
سڄي سنڌ جي سنڌين جي حقن جي حاصلات لاءِ بي انتها
جاکوڙيو وڏي محنت ڪئي ۽ خاص طرح پنهنجي تحريرن ۽
لکڻين ذريعي سنڌ جي ڪيترن ئي نسلن جي ذهنن جي
آبياري ڪئي آهي ۽ شعوري طرح انهن کي مالامال ڪيو،
بيشڪ ان ۾ هنن ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي.
جوئي صاحب جي علمي خدمتن جو ڪينواس تمام وڏو آهي،
هن سڄي حياتي ’رول ماڊل‘ طور گذاري، ايندڙ نون
نسلن لاءِ هڪ زرين مثال قائم ڪيو آهي، اڄ جيڪا
ترقي پسند شعور جي مثبت لهر ڏسجي ٿي، ان جي پيدا
ڪرڻ ۾ جوئي صاحب جن جو وڏو هٿ ۽ ڪوشش سمايل آهي.
پاڻ هر محاذ تي، هڪ فڪري استاد ۽ رهنما طور
عاليشان ڪردار ادا ڪيو آهي، خاص طور تي پنهنجي
ٻوليءَ ۽ امڙ سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ لاءِ اڻٿڪ
۽ بي مثال خدمتون ارپيون آهن. سنڌي ادب ۾ ترجمن جي
صورت ۾ پرڏيهي ادب جو واڌارو ڪري سنڌي ادب کي
مالامال ڪرڻ ۾ به سندن ڪم وڏو آهي. پاڻ سنڌ ۾ جديد
ادب ۽ فڪر جا محرڪ ۽ استاد رهيا آهن. پاڻ، سنڌ ۾
توهم پرستي، عقيده پرستي ۽ رجعت پسنديءَ جي منفي
رجحانن کي رد ڪندي، هڪ صاف ۽ شفاف ترقي پسند ۽
سيڪيولر سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي قوم جي
نسلن جي عملي طرح رهنمائي ڪئي آهي.
اهڙي عظيم Genius انسان
کي واقعي جَس آهي، سندن شخصيت تي جيترو به
ڳالهائجي جيترو به لکجي، اُهو گهٽ آهي.
جوئي صاحب جو سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي
طور تي مشاهدو ماشاءالله تمام گهڻو وسيع آهي. پاڻ
سياست، ادب ۽ فلسفي مطلب ته هر شعبي ۾ پنهنجو مٽ
پاڻ آهن، پاڻ انهن مڙني شعبن ۾ بهتر کان بهتر ڄاڻ
سان گڏوگڏ سٺي ۽ مقناطيسي شخصيت جا مالڪ آهن. کوڙ
سارا علمي ادبي Informative ڪتاب
ارپيندڙ سائين جويي صاحب کي واقعي تمام گهڻي شاباش
آهي، جيڪي بغير ڪنهن وقفي ۽ ٿڪ جي لڳاتار لکندا
پيا اچن. اسان جي دعا آهي ته شال سدائين مُرڪندا
رهن ۽ لکندا رهن.
سنڌ جي جديد ادب جو امام
فقير محمد ڍول
منهنجيون اکيون ٿڌيون بلڪِ سمورن سنڌ واسين جون
اکيون ٿڌيون، جن پنهنجي ديد سان سندن دم ديدار
ڪيو. اسانجا ڀاڳ ڀلا، جو اسان اهڙي دؤر ۾، مالڪ
مٺڙي جل شانه جي مهر سان جيئڻ جو شرف ماڻيو آهي،
جنهن ۾ سنڌ جي جديد ادب جو امام ”محمد ابراهيم
جويو صاحب“ موجود آهي. جنهن سڄي ڄمار سنڌ جي علم و
ادب جي آبياري ڪئي آهي ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي مستقبل ۽ بقا لاءِ، علمي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ عملي
ڪردار ادا ڪندي، اسان جي رهبريءَ جو فرض به ادا
ڪيو آهي. اهڙي مستقل جاکوڙ جي ڪري سندن جيون سڦلتا
جي ثمر سان جِهنجهيل آهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل،
سندس ڪيل ڪم ۽ جدوجهد واري فصل جي ثمر مان سدائين
سيراب ٿيندا رهندا.
هي وقتُ جنهن جا ورقَ اسان جي اکين اڳيان ورائجندا
پيا وڃن، سو ڏاڍو ڏکيو وقت آهي ۽ ائين چوڻ ۾ به ڪو
وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته هي وقتُ ڪُوڙن جو ۽ ڪانئرن جو
آهي، جتي ڪٿي سندن ئي بول بالا آهي، جنهن ۾ سچن
صوفين ۽ سَنتن جو جيئڻ جنجال ۽ ملڻ محال آهي. ائين
به چئي سگهجي ٿو ته هيءُ دجالي دؤر آهي، جنهن ۾
سُک، سُڪون جو سورج ته اُلهي چڪو آهي، باقي فتني
فساد جي ڪاري رات ڪيئي سالن کان روان دوان آهي...
تنهن دؤر ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي فرشته صفت
انسان ۽ پنهنجي ذات پات ۽ پاڪ و پاڪيزه ۽ آئيني
جهڙي صاف شفاف اُجري ماڻهوءَ جي موجودگي، اسان
جهڙن لاءِ باعثِ فخر ۽ ڪنهن درويش جي ”جيئري
زيارت“ مثل ته آهي ئي، پر اسان لاءِ اتساهه جو سبب
پڻ آهي ۽ سندس اختيار ڪيل راهه تي هلڻ، ڄڻ ته اسان
لاءِ ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهي.
اڄ جڏهن سندن عمر هڪ سؤ هين سال ۾ پير پاتو آهي،
تڏهن اسين سڀ سندن سالم صحت ۽ وڏيءَ عمر لاءِ
دعاگو آهيون... جويو صاحب هن اونداهي دؤر ۾ اسان
جي لاءِ جرڪندڙ ستاري سمان آهي بلڪ هڪڙي قطب تاري
مثل، جيڪو اسان جي مستقبل جي راهُن جو تعين ڪندڙ
آهي ۽ اسان کي اسان جي قومي ڪاميابين جي راهه ڏسي
رهيو آهي... عمر جي پوئين پهر جو هيءُ پانڌيئڙو،
پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ خيالن آڌار سنڌي
ٻوليءَ، علم ادب ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ اڄ به ڪم
کان ڪَنَ ٽار ڪري ڪا ڪُنڊ جهلي ڪونه ويٺو آهي،
بلڪِ هُو اڄ به متحرڪ آهي ۽ جاکوڙي رهيو آهي
پنهنجي خوابن واري سهڻيءَ سنڌ لاءِ... جنهن لاءِ
سندس چوڻ آهي ته:
”مون وٽ اڄ به خوشحال سنڌ ڏسڻ جا خواب جيئرا آهن ۽
آءٌ اڄ به سنڌ لاءِ جاڳي رهيو آهيان، منهنجون
اکيون جاڳ جي پنڌ ۾ ٿڪيون ڪونهن ۽ ننڊ انهن کي اڃا
تائين نهوڙي ڪونهي سگهي... آءٌ اڄ به کاهوڙين جيئن
جاکوڙڻ واري جذبي هيٺ جوان آهيان ۽ پنهنجن فرضن
کان بخوبي واقف آهيان ۽ انهن فرضن جي پورائَي لاءِ
پنڌ ۾ آهيان، منهنجا هڏ ضرور عمر سارو هيڻا ٿيا
هوندا، پر سنڌ وطن ۽ سنڌ واسين لاءِ منهنجو ذهن،
منهنجا خيال ۽ جذبا جوان آهن...“
۽ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي تقريرن جي وري
هتي ويهي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، هُو ان سلسلي ۾ به
پنهنجو مٽ پاڻ آهي... مون ته کيس جڏهن جڏهن به
تقرير ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، ته جويو صاحب مون کي
پنهنجي ڳالهاءَ، پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي جذبي ۾ جوانن
کان وڌيڪ جوان نظر آيو آهي، ۽ پنهنجي حقن لاءِ
ويڙهاند ڪندڙ ويڙهاڪن کان وڌيڪ ويڙهاڪ، جنهن جي
ٻانهُنِ ۾ به ٻل آهي ته ٻولن ۾ به...
سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن زندگيءَ مان جيئڻ جي مقصد
کي ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ اهو جيئڻ ڪهڙو جيئڻ...! ۽
وڌيڪ چوندا آهن ته جيڪڏهن حياتيءَ جا مقصد پورا ٿي
ويا ۽ اڳتي حياتيءَ ۾ ڪوبه مقصد اسان وٽ جيئڻ لاءِ
نه رهندو، ته پوءِ سمجهو ته اهڙي حالت ۾ موت به
اچي مٿان پَرَ کولي بيهندو.
اجهو اِهو آهي اسان جو اڪابر انسان محمد ابراهيم
جويو، جنهن جا خيال اسان جي لاءِ مشعلِ راهه آهن،
سو سنڌ جي خوشحاليءَ وارين گهڙين تائين جيئرو رهڻ
جي جستجوءَ پيرَ پنڌ ۾ هجڻ جو تمنائي آهي، هڪڙي
زماني ۾ دنيا ”چنڊ جي تمنائي“ هوندي هئي، ائين ئي
سائين جويي صاحب جو چنڊ سنڌ ڌرتي آهي، سندس ساهه
پساهه جي ڳنڍ سنڌ جي پاند سان ڳنڍيل آهي ۽ اسان
جون دعائون وري سندس حياتيءَ جي پاند سان ڳنڍيل
آهن ته سائين محمد ابراهيم جويو جُڳ جُڳ جيئندو
رهي... ۽ اسان ته سائينءَ مٿان گهڙيءَ گهڙيءَ گهور
۽ ٻلهار پيا ٿيندا آهيون.
جويي صاحب جي مزاج ۽ هر ننڍي توڙي وڏي سان محبت جو
مذڪور هت اوهان سان ڪهڙو ڪجي... سندن محبت ته بي
مثل محبت آهي، جنهن جي مثال ۾ مون وٽ نه ڪا تشبيهه
آهي نه ڪو استعارو... مون کي ته سندن محبت ۽ ماڻهن
سان پيش اچڻ وارو ورتاءُ ۽ نرم لهجو ڏسي، سندن
سهڻو سڀاءُ مٺيءَ ماءُ مثل نظر ايندو آهي، جيڪا
پنهنجين ڌيئُن ۽ پُٽن کي کِلندي ڪُڏندي ڏسي پئي
ٺرندي ۽ خوش ٿيندي آهي ۽ سندن لاءِ دم دم دعائون
پئي ڪندي آهي، مٿانئن ”صدقي صدقي“ پئي ٿيندي آهي.
آءٌ ته ائين چوان ته محمد ابراهيم جويي جو روح
ڪنهن ماءُ جو روح آهي، مرد جو نه... هُن جي سيني
اندر هڪڙي ڪُونئري دل پئي ڌڙڪي، جنهن جي ڌڙڪي مان
هڪڙو ئي آواز اچي ٿو: ”سنڌ- سنڌ“...
منهنجي نظر ۾ سائين محمد ابراهيم جويو معصوم صفت
ماڻهو آهي، جنهن جي سدا سُونهاري صورت تي سدائين
محبتن جا موتيا مُگرا ٽڙيل نظر آيا اٿم، جن جي
هُٻڪار هر جاءِ پئي ڦهلبي آهي، سندن چهري تي هر
گهڙيءَ هڪڙي سدا بهار مُرڪَ، هر ماڻهوءَ جي آڌر
ڀاءُ لاءِ آتي نظر آئي اٿم... ۽ سندن آواز! بس ڇا
ٻُڌائجي، ايڏو ته مٺو ۽ ڌيمو آهي، جو راڳن جا
سمورا ڪومل سُر مٿس ختم... ۽ ها! ساڳئي وقت سندن
چهرو، مون کي ته ”مبارڪ چهرن“ جهڙو به لڳندو آهي،
سمجهو ٿا نه، اهي مبارڪ چهرن وارا ڪير آهن... ۽
سندن سڀاءُ صفا ٿڌو Cool
cool...
۽ اهڙي مزاج وارا ماڻهو ڀلا سنڌ ۾ ڪيترا؟ بلڪِ
دنيا اندر ڪيترا؟ سا ته خدا کي خبر، پر مون ته
پنهنجي تر بر ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به ڪونهن ڏٺا
جن جي مُک تي محبت جو گل سدا سرهو هجي.
هاڻ هتي ٻين ڳالهين سان گڏ سندن نفاست ۽ نزاڪت جي
به ڳالهه ضرور ڪرڻ گهرجي. اُن سلسلي ۾ مون وٽ ٻي
ڪابه ڳالهه اوهان سان ڪرڻ لاءِ ناهي، جي آهي ته بس
مولوي احمد ملاح جون اجهو هي سٽون... جيڪي ڄڻ ته
سندن نفاست ۽ نزاڪت جي سؤ سيڪڙو نمائندگي پيون ڪن:
ڪئي لياقت پاڻ لالڻ، هٿ لڱن لائي ڏٺم،
ناز ڀريو نازڪيءَ ۾، نرم ڪهڙو نه هو،
دوست جي ديدار جو ڏس، اڄ ته بُل ڪهڙو نه هو.
۽ هتي لفظ ”ديدار“ تي وري خود بخود مون کي بابا
سائين ڍول فقير جي ڳايل سچل سائينءَ جي هڪڙي
ڪافيءَ جو مُکڙو ياد اچي ويو آهي، جنهن جي لاءِ
عزيزم عرفان انصاري اڪثر ٻُڌائيندو رهندو آهي ته
اسلام آباد جي ريڊيو ٽريننگ دوران صبح صادق جو
ننڍڙي رڪارڊر تي جڏهن ساٿي پروڊيوسر آصف سرور
بلوچ، ڍول فقير سائينءَ جي اُها ڪافي play ڪندو
هو ته پنجابي ۽ پٺاڻ ٽريننگ فيلوز پروڊيوسر به داد
ڏيڻ کان رهي ڪونه سگهندا هئا ۽ چوندا هئا:
یہ فقیر سائین بول تو پتہ نہیں گیا
رہیں ہیں،
مگر اِن کی آواز ہمارے روح میں اُتر جاتی ہے۔۔۔
سو مون به سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو ديدار
جڏهن جڏهن به ڪيو، ته انهن ڪافيءَ جو مُکڙو پاڻ
مرادو ئي منهنجي دل- درياء اندران ترندو، چپن
تائين پهچي جهونگارجي ويندو آهي:
او نينن خوب نظاري جِي،
وهوا سڄڻ سائين اڄ عيد ڪرايوَ.
۽ يقينن سائينءَ جي ديدار وارو ڏينهن، مون لاءِ ته
عيد جي ڏينهن جهڙو هوندو ئي آهي، پر ساڳي ڪيفيت
ٻين ملندڙن جي به ضرور هوندي، جو اسان موجوده دؤر
جي دلبر، دلير ۽ مڙس مٿير انسان محمد ابراهيم جويي
صاحب جو دم ديدار ڪيو. اهڙيون سموريون ساعتون جن ۾
سائينءَ جي آسي پاسي هجڻ، بيهڻ يا ويهڻ نصيب ٿيو،
سي ڄڻ ته اسان لاءِ اعزاز... منهنجي ڀاڳ سڀاڳ ۾
اهو اعزاز ڪيئي دفعا آيو آهي منهنجي ڀاءُ نصير
مرزا جي ڪري، جنهن جي قرب- ڪڙَي ۾ سلهاڙجي مان
ساڻن گڏ خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي ٻهڳڻي شاعر شيخ
اياز جي سالگرهه يا ورسي جي سلسلي ۾ هميشه هڪيو
حاضر رهيو آهيان...
…ته اهڙين تقريبن لاءِ شيخ اياز جي تربت تي ڀٽ
شاهه وڃڻ وارو سفر هجي يا ڪو ٻيو، سائين محمد
ابراهيم جويو به اسان سان گڏ گڏ ۽ پوءِ اُن سفر
دوران ٿيندڙ گفتگو، جنهن ۾ سائين محمد ابراهيم
جويي جون نصير سان محبتون ۽ ڀاءُ نصير جون وري
سائينءَ سان حُجتون ڏسڻ وٽان ته هونديون ئي آهن،
پر تمام گهڻو لطف ڏيندڙ به... ۽ جويي صاحب جي چهري
مبارڪ تي اهڙين ساعتن ۾ مِڙي آيل مُرڪون ته مان
ڪڏهن به وساري ڪونه سگهندس... ۽ جويي صاحب جي مرڪ
تان ته خدا جو قسم موناليزا جي مُرڪ به گهوري
ڇڏجي.
سائين محمد ابراهيم جويو ماڻهو
موتيءَ داڻو
محمد ڪامل ”امداد“ جتوئي
ماڻهو ته ماڻهو هوندا آهن، اُهي ماڻهو موتيءَ داڻا
ته ٿي نه سگهندا آهن پر جيترو موتي اهميت رکي ٿو،
انهيءَ جي اهميت کان هر هڪ ماڻهو بخوبي واقفڪار
آهي. اهڙيءَ طرح ته دنيا جي عظيم شاعر، عالم،
فلسفي ۽ ولي الله حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه فرمايو:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
سُهڻا ٽُوهه ته پٽن تي به ٿيندا آهن، پر کائڻ ۾
ڪَڙا ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح سهڻا ته ماڻهو به
ٿيندا آهن پر ڪنهن جي سونهن گهوٽي ته ناهي پيئبي.
اصل ۾ سونهن اخلاق جي ٿيندي آهي جنهن کي حُسن
اخلاق چئبو آهي.
اسان وٽ ته عام اهو فيشن ٿي ويو آهي ته هر هڪ
ماڻهوءَ کي ”مَهانُ“ سڏيو وڃي ٿو. اصل ۾ ”مَهانُ“
لفظ جي معنيٰ معلوم ئي ناهيون ڪندا ته ”مَهانُ“
چئبو ڪنهن کي آهي؟ انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته (Where
there is a will, there is a way. Where there is
no will there is a bling allay.).
هن ڏاهپ واري قول جو مفهوم اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن
شخص ۾ شوق ۽ ذوق آهي ته هو مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ
راهه ڪڍي وٺندو آهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو جذبي کان
خالي آهي ته ان لاءِ رستي روڪ نه هوندي آهي.
جذبو، تحرڪ ۽ انقلاب جو مُحرڪ آهي. دنيا جي ادارن
۽ تنظيمن جي ڪمال ۽ زوال جا ڪارڻ به انسان ئي
هوندا آهن، انهن جو ادارن جي تاريخ ۾ زيبائتو ذڪر
ٿيندو آهي، ۽ اهي انسان پنهنجي پٺيان ايندڙ فردن
لاءِ اتساهه جو سبب پڻ بڻبا آهن. اهڙن ئي نيڪ نيت
وارن ”مَهانُ“ ماڻهن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو ڏاهو ماڻهو
موتيءَ داڻو، ”سائين محمد ابراهيم جويو“ به اخلاقي
آسمان جو نِشانبر ستارو آهي.
جڏهن (بيبي مڪڊمبر) هڪ اديب ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته
هن هڪ ٽائيپ رائيٽر مسواڙ تي ورتو هو ۽ ان کي
پنهنجي گهر جي رڌڻي ۾ ميز تي رکي ڇڏيو. پوءِ جڏهن
ٻار اسڪول هليا ويندا هئس ته هوءَ هر صبح جو ان تي
ٽائيپ ڪرڻ لڳي. پنجن سالن جي محنت کان پوءِ پنهنجو
پهريون ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو. آخرڪار 100 سَو
ڪتاب لکيائين. هرهڪ ڪتاب جون 6 هزار ڪاپيون ڇپيون
۽ دنيا ۾ مقبول ٿي وئي.
اهڙيءَ ريت سائين محمد ابراهيم جويو صاحب به
پنهنجي عمر جي سينچري ٺاهڻ سان گڏ اسان کي جيڪو
علمي، ادبي ڪتابي صورتن ۾ مواد ڏنو آهي، اهو وقت
جي تاريخ ٺاهڻ سان گڏ نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪيو
آهي. جيڪو تعليمي ميدان ۾ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو.
سندس ڏاهپ جون سوچون اسان سنڌ واسين لاءِ
ڪارائتيون ۽ لاڀائتيون ثابت ٿيون آهن، اهي سنڌي
قوم تي احسان ڳڻڻ کان زياده آهن. سائينءَ پنهنجي
ڌرتيءَ پنهنجي ٻوليءَ سان پورو پورو پيار ڪندي
پوري حَق نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪاميابي ماڻي آهي.
گڏو گڏ اسان سنڌ واسين تي مهربانين جي ”مُهر“ به
هَنئي آهي. هن عظيم انسان هميشه پنهنجي اکين ۾ ديس
جي ڌرتيءَ تي خوشحالي ۽ مهراڻ جي موجَ ۾ هر ماڻهو
جي مُک تي مُرڪ ڏسڻ جا خواب سجايا آهن، جن کي
حقيقت جي روپ ۾ ڏسڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. هُونئن به
پنهنجي ڌرتي پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي قوم سان
وفادار رهڻ سائين محمد ابراهيم جو فطري عمل آهي
جيڪو سائينءَ جو اعلي گڻ آهي.
سائين محمد ابراهيم جويو پنهنجيءَ سنڌ سان ٿيندڙ
ناانصافين، حقن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ خلاف پنهنجي
موقف تي سندرو ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿو. جيئن ڪنهن
شاعر چيو آهي ته
سارنگ ڳايان بيهي سُر تي،
مينهن وسي شل سنڌ جي ٿرَ تي
ديس جي ڌرتيءَ جا او دشمن!
پير پوئي شل ڪاريهر تي.
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جا جوان جذبا، اسان
سڀئي سنڌ واسين لاءِ مشعل راهه آهن. شال سائينءَ
جا نيڪ بامقصد ارادا اسان سڀني لاءِ خوشيءَ جو
باعث بڻجن ۽ سائين جويو صاحب پنهنجي صحتياب
زندگيءَ جا کوڙ سارا ڏهاڙا خوشين جي رنگينيءَ سان
سجايل پَسي ۽ پنهنجي زندگي ائين ئي ٻين لاءِ وقف
ٿيل هجيس. آمين!
فڪري رهبر
اختر حفيظ
اها
ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن هن کي دل جو دورو
پيو هو ۽ کيس ديوانِ مشتاق ۾ داخل ڪيو ويو هو. مون
کي جڏهن سندس ناچاڪائيءَ جي
خبر پئي ته مان دوستن
سان انهيءَدل
واري وارڊ ۾ پهتو هئس، جتي هُو
آرام ڪري رهيو هو ۽ سڀ خير ٿي ويو هو. سائين
ابراهيم جويو صاحب پنهنجي بيڊ تي مطمئن واريءَ
حالت ۾ سُتل هو. هن
کي ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته سندس دل کي جيڪا ڪجهه
وقت لاءِ تڪليف ٿي هئي، انهيءَ کي
هن آئي وئي ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ وقت
سندن دوست
۽ همدرد سندن بستري
جي چوڌاري ويٺل هئا.
هن اکيون کوليون ۽ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ وقت
به سنڌ ۽ ڪتابن جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. هو چئي
رهيو هو ته ڪجهه ڪتاب اهڙا آهن جيڪي سنڌيءَ ۾
ترجمو ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه هو پڙهي
رهيو هو، انهيءَ جو
ذڪر به سندن زبان
تي تري آيو هو.
سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ فڪري
رهبر،
هن سال 99
سالن جو ٿي ويو آهي، پر
هن ڪڏهن به پنهنجي ڪم ۾ طبعيت
جي خرابي يا پنهنجي وڌندڙ عمر کي ڪا رنڊڪ ٿيڻ نه
ڏني آهي. مون کي انهيءَ وقت
تمام گهڻي حيرت ٿي ته سائين جويو صاحب ذري گهٽ موت
جي منهن مان وريو هو ۽ انهيءَ وقت به سندس حالت ڪا
ايتري بهتر نه هئي جو هو ماڻهن سان ائين ڪچهريون
ڪري سگهي، پر
تڏهن به هو انهيءَ وقت
علم، دانش ۽ سنڌ جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. جهڙيءَ ريت
هن سنڌ ۾ ڪم ڪيو آهي يا سنڌي ادارن کي پنهنجون
خدمتون آڇيون آهن، اهو ماڻهو کڻي موت جي چوواٽي
تي ڇو نه بيٺل هجي، پر
سندن واتان
هميشه اهي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن، جيڪي
اسان سنڌي ماڻهن جي ڀلي لاءِ آهن.
جويو صاحب اها شخصيت آهي، جنهن
نه صرف ادارن کي مضبوط ڪيو آهي، پر
هو ماڻهن جو اڏيندڙ به رهيو آهي. هن جي صحبت ۾
جيڪي به رهيا آهن، انهن تي سندن ڪردار
جو اثر ضرور ٿيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن کي
سنڌ جون وڏيون وڏيون شخصيتون به پنهنجو استاد
مڃينديون آهن. هو اهو اعزاز لهڻي به سهي. ڇاڪاڻ
ته هن سڄي زندگي، سنڌ
جي خدمت هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪئي آهي. هو ڪهڙين
به ڏکين حالتن ۾ رهيو هجي،پر
هن ڪڏهن به پنهنجي مقصد آڏو انهن حالتن هٿان
مجبور ٿي ڪم نه ڪرڻ جو ڪو بهانو نه ڳوليو آهي
بلڪه هن کي ته مون سدائين ڪم ڪرڻ جا بهانا ڳوليندي
ڏٺو آهي. هونئن به جويي صاحب جهڙا ماڻهو زندگيءَ ۾
وڏا مقصد کڻي پيدا ٿيندا آهن.
پنهنجي سموري عمر، ڪتابن
۽ لکڻ ۾ گذاريندڙ جويو صاحب اڄ به سموري سنڌ لاءِ
اتساهه جي علامت آهي. هن جي ڪچهرين ۾ ويهي اهو
احساس ٿيندو رهيو آهي ته هو هميشه انهيءَڪوشش
۾ رڌل رهيو آهي ته جيڪو علم هن وٽ آهي، اهو
ڪيئن به ڪري سنڌي ماڻهن تائين پهچي، جنهن ۾ هو
گهڻي قدر ڪامياب پڻ ويو آهي ۽ سندن علم
ماڻهن تائين منتقل نه ٿيڻ کي هو وڏي خيانت سمجهي
ٿو. هو اڄ به انهيءَ جدوجهد
۾ لڳل آهي ته جيڪو علم سندندماغ
۾ سانڍيل آهي، اهو
سنڌي ماڻهن تائين پهچي. هن
کي جڏهن به مون ڪنهن پيلٽ فارم تي ٻڌو آهي ته هن
هر حوالي سان اها ئي ڪوشش ڪئي آهي ته وڌ کان وڌ
علم جي روشني ماڻهن ۾ پکيڙجي ته جيئن اونداهي جي
هن طويل سفر جي پڄاڻي ڪري سگهجي. هنسچ
پچ به
سنڌ کي روشني ڏني آهي، اها روشني اسان کي ڪڏهن
حيدر بخش جتوئي جي شڪل ۾ نظر آئي، ڪڏهن شيخ اياز
جي صورت ۾، ته ڪڏهن وري اهو ئي سوجهرو اسان کي
رسول بخش پليجي جي صورت ۾ نظر آيو آهي. جيڪي
فڪري طور جويي صاحب کان متاثر رهيا آهن.
پنهنجي مزاج ۾ سيڪيولر سوچ رکندڙ جويي صاحب جو وڏي
۾ وڏو ڪم اسان تائين انهن فڪري ترجمن کي پهچائڻ
آهي، جيڪي جيڪڏهن اسان تائين اسان جي ٻوليءَ ۾ نه
پهچن ها ته شايد اسان اهي ڪتاب پڙهڻ کان محروم
رهجي وڃون ها. انهن ترجمن سنڌي ماڻهن کي اهو احساس
ڏياريو ته اصل معاملا آهن ڪهڙا؟ هي جيڪي دنيا جا
معاملا ائين ئي هلي رهيا آهن،انهن
جي حقيقت ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي؟ انهيءَ ڪري
انهن ترجمن ماڻهن کي فڪري طرح انهي قابل بڻايو ته
اهي پنهنجي شعور آڌار ڪيترن ئي معاملن کي سمجهي
سگهڻ جي قوت حاصل ڪري ويا. ڪجهه سال اڳ سندس آيل
ڪتاب ’سڪيولرزم
۽ عقليت پسندي‘ به
سندن بهترين
ڪتابن مان آهي، جنهن ۾ هن سيڪيولر سوچ جي پرچار
ڪئي آهي. جنهن کي پڙهي نه صرف جويي صاحب جي سوچ
جو عڪس به چٽي سگهجي ٿو، پر
اهو فڪري حوالي سان هڪ تمام بهتر دستاويز آهي.
پنهنجي گهاريل زندگيءَ مان
سئو سيڪڙو مطمئن رهندڙ اسان جو سائين جويو صاحب اڄ
به پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي.
سنڌ ۾ کوڙ سارا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڪم کي
ڳڻائيندي ڪونه ٿڪندا آهن، انهن جي واتان پهريون
جملو ئي ”آءٌ“ کان
شروع ٿي ”آءٌ“ تي
ئي ختم ٿيندو آهي. جنهن ۾ اهي پنهنجي ڪيل ڪمن جي
باري ۾ تمام گهڻو ڳالهائيندا آهن ۽ پوءِ اهو
احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته انهن جيڪي ڪجهه
سنڌ لاءِ ڪيو آهي، اهو
تمام هڪ وڏو ٿورو آهي جيڪو ڪڏهن به سنڌ لاهي نٿي
سگهي. پنهنجي ذاتي انائن ۾ ڦاٿل، اهي
ماڻهو سنڌ کي واپار سمجهي پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ
ئي استعمال ڪندا رهيا آهن. سنڌ جي درد کي انهن
ڪڏهن پنهنجو نه سمجهيو آهي پر اهي پنهنجي درد کي
سنڌ جو درد سمجهندا رهيا آهن. پر جويي صاحب نه
ڪڏهن پنهنجي ڪيل ڪم کي ڳڻايو آهي نه وري ان جي
عيوض ڪجهه حاصل ڪرڻ يا مراعتون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌ جي سمورين
ڌرين ۾ هڪ جيترو قابل قبول ۽ مقبول آهي. هن جي
ٿورن کي اهي ئي سمجهي سگهن ٿا، جيڪي سنڌ جي ڏکن کي
به سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جيڪي هن جي فڪري پورهئي
کي مان ڏين ٿا.
جويي صاحب جي فڪر سنڌ ۾ جن ماڻهن کي متاثر ڪيو
آهي، انهن ۾ اڄ جو اهو نوجوان طبقو به آهي، جنهن
جو جويو صاحب فڪري استاد آهي، جيڪو جويي صاحب جي
ڳالهين کان وٺي سندن لکڻين
کان متاثر آهي، جيڪو سندن ڪيل
خدمتن کي سمجهي ٿو. هن جي شخصيت جي باري ۾ کوڙ
سارن ماڻهن جي اها ئي راءِ آهي، ته هيءُ حقيقي
معنيٰ ۾
سنڌ جو سڄڻ آهي، سياسي پيلٽ فارم هجي يا فڪري
محاذ هجي، هن جي سوچ هر هنڌ رهنمائي ڪندي رهي
آهي. انهي سوچ اسان جي ماڻهن کي انهي قابل بڻايو
آهي، ته
اهي سنڌ جي باري ۾ سوچين ۽ لوچين، اهي سنڌي ماڻهن
جي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪندا رهن.
جويي صاحب سنڌ ۾ جيڪو فڪر جو ٻج ڇٽيو آهي، انهيءَ جو
ميوو، اسين
اڄ کائي رهيا آهيون. هُو
هڪ روشن خيال، سيڪيولر، ۽ جديد فڪر جو تحفظ به
ڪندو رهيو آهي ۽ انهيءَسان
گڏوگڏ انهيءَ فڪري ڌارا ۾ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي
شامل به ڪندو رهيو آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين نه
هلندو هجي ته سنڌ ۾ جيڪا ٿوري ٿڪي فڪري يا شعوري
سوچ جنم ورتو آهي، اهو
ممڪن نه هجي ها. هو انهيءَ سموري
قافلي جو سرواڻ آهي، جنهن
۾ ڏاهپ ۽ علم جون ڳالهيون شامل آهن. اهو قافلو
جنهن وٽ سنڌ سڀ کان پهرئين
آهي، جنهن وٽ ڌرتيءَ جو
اونو آهي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو
به آهي. هن جي زندگيءَ جو
سفر تقريباً هڪ
صديءَ جو
سفر آهي، جنهن ۾ هن ڇا ڇا ڪيو ۽ ڇا ڇا سَٺو آهي؟
اهو هن کان وڌيڪ بهتر نموني ٻيو ڪو به نٿو ڄاڻي
سگهي.
هاڻ جڏهن هُو
پنهنجي عمر جي ان حصي ۾ آهي جتي کين آرام
ڪرڻ گهرجي، پر
هو اڃا
به ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن
سال سندن جنم
ڏينهن آهي، آءٌ کين هن
موقعي تي تمام گهڻيون مبارڪون ڏيان ٿو، ته
هُو
جُڳن تائين جيئي. سائين جويو صاحب! توهان
کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي. |