جي.ايم.سيد
ميان
محمد ابراهيم ولد ميان محمد خان جويو
ميان محمد ابراهيم جويو اصل تيرٿ لڪيءَ جي ڀر ۾
ننڍي ڳوٺ آباد تعلقي ڪوٽڙيءَ جو ويٺل آهي.
جويا قبيلي جا ماڻهو سنڌ ۾ جيتوڻيڪ ٿورا آهن، پر
پنجاب، راجستان ۽ بهاولپور طرف انهن جو تعداد گهڻو
آهي. هي راجپوتن جي ڪيچي شاخ جي شجري مطابق،
راجپوتن جي 36 ڪٽنبن مان هڪ قبيلو آهن، جيڪي اصل
ڏهين قبيلي جي ويجهو، ستلج واديءَ جي ڀر ۾ رهندا
هئا، جتان لڏي مختلف طرفن ۾ ويا. هنن مان ڪيترا
اڃا گهرن ۾ سرائڪي ٻولي ڳالهائيندا آهن.
محمد ابراهيم جو ڏاڏو، آخوند محبوب ولد محمد
اسماعيل نيڪ مرد، پرهيزگار، سادو ۽ عابد شخص هوندو
هو، لڪيءَ وارن سيدن جي زمين سنڀاليندو هو. سيد
ميان ولي محمد شاهه جو مٿس پيار هوندو هو. ان کي
ٻه فرزند ٿيا: (1) ميان محمد خان، ۽ (2) محمد
اسماعيل. ميان محمد خان کي ٻه فرزند ٿيا: (1) محمد
عيسيٰ جيڪو ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويو، ۽ (2) محمد
ابراهيم.
هن جي جنم جي صحيح تاريخ جو پتو نٿو ملي سگهي.
ڳوٺن ۾ داخلا جو پورو انتظام نه آهي، جيڪڏهن اسڪول
جي داخلا کي صحيح سمجهيووڃي ته ان موجب سندس ڄم جي
تاريخ 12 آگسٽ 1915ع ٿئي ٿي. هيءُ اڃا ننڍو هو ته
سندس والد وفات ڪري ويو، ۽ ٿوري وقت بعد هن جي
والده به گذاري وئي. ان کان پوءِ هي ڏاڏيءَ جي
سنڀال هيٺ رهيو.
ابتدائي تعليم هن ’آباد‘ جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي،
جتي فقط چار درجا پاڙهيا ويندا هئا. هن جو پهريون
استاد ماستر ٽيڪن مل آراضيءَ (نزد سيوهڻ) وارو هو،
جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته هڪ نهايت نيڪ نفس ۽ پر
اُپڪاري شخص هو. ان ماستر صاحب وٽ چار درجا پڙهي،
هو لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اُتي هو ماستر محمد
صالح ٻگهيي، ڇنيءَ (نزد بوبڪ) واري وٽ ٻه درجا
وڌيڪ پڙهيو. اتان ڇهون درجو پاس ڪري، هي 7- اپريل
1927ع تي اچي، سن اسڪول ۾ داخل ٿيو. آخوند ميان
محبوب جو سن جي ويٺل جمعدار محمد اسماعيل
خاصخيليءَ سان دوستاڻو رستو هو، جنهن جي گهر ۾ هي
رهندو هو، ۽ انگريزي اي. وي اسڪول سن ۾ پڙهندو هو.
سن ۾ هن ماستر فيض محمد ميمڻ وٽ تعليم ورتي، جيڪو
منهنجي پنهنجي انگريزيءَ جي استاد جو ننڍو ڀاءُ
هو، ۽ هڪ بيحد هوشيار ۽ محنتي استاد ڪري ليکيو
ويندو هو. اتان ٽي درجا پاس ڪري 1930ع ڌاري هي
ڪراچيءَ جي مدرسي ۾ اچي پڙهڻ ويٺو. سنڌ مدرسي ۾ پڻ
کيس نهايت لائق استاد نصيب ٿيا. ڪجهه وقت مدرسي جو
پرنسپال ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو هو. سندس نيڪ
استادن مان خاص طرح مولوي ميان عبدالرحيم مگسي،
مولوي قاضي عبدالرزاق، مسٽر نهالچند، مسٽر ٽالڪر،
مسٽر ڀڳت سنگهه، آغا تاج محمد خان پٺاڻ، آغا سليم
صفوي، خان صاحب مريد علي، مشهور ۽ مثالي استاد ٿي
گذريا آهن. سنڌ مدرسي مان 1934ع ڌاري مئٽرڪ پاس
ڪري، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪاليج ۾ جن
استادن وٽ پڙهيو، تن جا مبارڪ نالا هي آهن:
پرنسيپال ڀُٽاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر ايم.
يو. ملڪاڻي، پروفيسر ٽي. ايم. آڏواڻي، پروفيسر
اجواڻي، پروفيسر اي. ايل. شيخ، ڊاڪٽر ڊيو آرٽ، ۽
ڪاڪو ڀيرومل مهر چند، جن مان هَر هڪ پنهنجي
پنهنجي جاءِ تي علمي، ادبي ۽ تعليمي دنيا جو روشن
ستارو ليکيو وڃي ٿو. اُتان 1938ع ڌاري هن بي. اي.
جو امتحان پاس ڪيو.
ڪاليج جي تعليم کان پوءِ هو سنڌ مدرسي ۾ ماستريءَ
جي نوڪري ڪرڻ لڳو. 1940ع ۾ بمبئيءَ بي. ٽي. پڙهڻ
ويو، جتان 1941ع ۾ موٽي آيو. سنڌ مدرسي ۾ ڪجهه
وقت نوڪري ڪرڻ بعد، هن هڪ ڪتاب ’سيوِ سنڌ، سيوِ دي
ڪانٽيننٽ‘ انگريزيءَ ۾ لکيو، جنهن تي سنڌ مدرسي جي
پريزيڊنٽ پير ميان الاهي بخش صاحب هن کي نوڪريءَ
مان ڪڍي ڇڏيو. ٿوري وقت کان پوءِ، هن کي ٺٽي
ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ 1948ع ۾ نوڪري ملي. اهو
اسڪول پوءِ سنڌ سرڪار پنهنجي تحويل ۾ آندو ۽
اهڙيءَ طرح هيءُ 1949ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل
ٿيو، ۽ بدلي ٿي، حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ آيو.
1951ع ۾ جڏهن آغا غلام نبي خان پٺاڻ جي دور وزارت
۾ ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ نئين سر
منظم ڪيو ويو، ته هن کي گهرائي، اُن جو سيڪريٽري
مقرر ڪيو ويو،جنهن عهدي تي هي فيبروري 1961ع تائين
رهندو آيو. ان عرصي ۾ هن سنڌي زبان ۽ ادب کي ترقي
ڏيارڻ لاءِ نهايت محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيو.
انتظامي ذميدارين کان علاوه بورڊ جي ٺهرائن کي
عملي جامو پهرائڻ، ڇپجندڙ ڪتابن کي نظر مان ڪڍڻ،
ويندي پروفن تپاسڻ جي ڪم تائين هن نظرداري ڪئي. هن
ڪجهه وقت رسالي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽري به ڪئي. سنڌي
ادب لاءِ هن اهو مشنري جذبو ڏيکاريو آهي، جهڙو
ڊاڪٽر عبدالحق اردو ادب لاءِ ڏيکاريو هو. پهرين
اٺن سالن ۾ بورڊَ، جو ڪم ڏيکاريو، اِهڙو شايد
پاڪستان يا هندستان جي ٻئي ڪنهن به اداري مشڪل ڪيو
هوندو. پوءِ جيڪڏهن بورڊ جي ڪم جي رفتار اڳئين کان
گهٽ رهي آهي، ته ان لاءِ ڪيتريون ڳالهيون جوابدار
هيون، جن جي درستي هن جي طاقت کان ٻاهر هئي.
جهڙوڪ: (1) ون يونٽ ٿيڻ ڪري مغربي پاڪستان طرفان
بورڊ جي آئين کي بدلائڻ ۽ گرانٽن جو گهٽجڻ، (2)
مارشل لا کان پوءِ بورڊ جي تشڪيل جو بدلجڻ، ۽ (3)
ڪيترن سنڌي اديبن جو انتقال ڪرڻ. بورڊ جي ڪم ۾
پوءِ جيڪا ڍرائي آئي، ان ۾ هن جي صرف هيءَ خامي
چئي سگهجي ٿي ته حد کان وڌيڪ ڪم ڪري، هن پنهنجي
صحت کي هڪ طرف نقصان پهچايو، ۽ پاڻ کي حسد جو
نشانو ٻئي طرف بڻايو. 1961ع ۾ بورڊ جون حالتون
سازگار نه ڏسي، هي وري سرڪاري نوڪريءَ ڏي موٽي
ويو. کانئس پوءِ بورڊ جي ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ
مختلف صاحبن ڪوشش ورتي، پر حالتون معمول تي اچي نه
سگهيون، ان ڪري وري بورڊ طرفان حڪومت کي هن جي
خدمت ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو ويو، ۽ 1963ع ۾ هن وري اچي
چارج ورتي، پر هن دفعي بورڊ جي ڪم کان سواءِ ٻيو
سرڪاري ڪم به کيس ڪرڻو پيو. هن بورڊ جي ڪم جي
سنڀال اعزازي طور ڪئي.
ادارن کي ترقي وٺائڻ لاءِ چند شخصن جي مشنري جذبي
سان گڏ حالات جو سازگار هئڻ به ضروري آهي. اهو
سوال هن ۽ ٻين سنڌي ادب جي خير خواهن جي طاقت کان
حال مٿي پيو ڏسجي. اميد لاهڻي نه آهي. ممڪن آهي ته
ڪڏهن واءَ سڻاوا لڳن ۽ حالتون درست ٿي وڃن.
منهنجي ساڻس واقفيت سندس سن ۾ پڙهڻ جي وقت کان ٿي.
هي ننڍي هوندي ٿور ڳالهائڻو، نيڪ طبع، شريف النفس
۽ صالح پئي رهيو آهي. اڪثر ٻارن وانگر هي رکڻ کان
پاسي هوندو هو. پڙهڻ تي گهڻو شوق هوندو هوس. سندس
ساري تعليم هن جي محنت، مزدوريءَ ۽ اڻٿڪ ڪوششن جو
نتيجو آهي. مائٽن جي غربت ڪري هن کي پڙهڻ لاءِ
ٿوري مدد ملندي هئي، ان ڪري سموريءَ تعليم جو مدار
مقابلي جي امتحانن ۾ اسڪالرشپن کٽڻ ۽ خانگي
پڙهائيءَ مان پيسي حاصل ڪرڻ تي رهيس. هن درسي
تعليم سان گڏ وڌيڪ علمي مطالعو به جاري رکيو. ساڻس
اڪثر پيو ملڻ ٿيندو هو، ليڪن سندس ذاتي صلاحيت جو
خود مون کي به پتو تڏهن پيو، جڏهن هن ’سيوِ سنڌ،
سيوِ دي ڪانٽيننٽ‘ ڇپائي پڌرو ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ لاءِ جڏهن ڳولا ڪئي
ويئي، ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ هن جا نالا بورڊ جي سامهون
آيا. ڊاڪٽر بلوچ پگهار جي گهٽ هئڻ ڪري نه آيو. آخر
قمرء فال وڃي هن تي پيئي. هن اميدن کان وڌيڪ
ڪاميابي ڏيکاري. بورڊ ۾ هن پگهاردار جي حيثيت سان
ڪم نه ڪيو آهي، بلڪ سنڌي زبان جي مشنريءَ ۽ هڪ قوم
پرست سنڌي خادم طور ڪم ڪيو آهي.
اڄڪلهه جي ڪيترن نوجوانن وانگر، هن تي حڪمران طبقي
جي ملڪي معاملن سان بي توجهيءَ، مذهب جي نالي جي
غلط استعمال ۽ غريب عوام سان نا انصافين ردعمل
پيدا ڪري، اونهي غور ڪرڻ لاءِ موقعو ڏنو. اهڙيءَ
حالت ۾ اڪثر نوجوان توازن وڃائي، انتهاپسندي
اختيار ڪندا آهن، ليڪن هِن باوجود صفراوي طبعيت جي
اعتدال کي هٿان نه ڇڏيو آهي، ۽ سياسي ۽ اقتصادي
ڳالهين ۾ متوازن نڪتهء نگاهه قائم رکيو اچي.
بدقسمتيءَ سان برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ ملڪي
معاملن ۾ انتهاپسنديءَ جي زور وٺڻ ڪري، رجعت پسند
۽ ڪٽر فرقي پرست گروهن هن کي ڪميونسٽ پئي سمجهيو
آهي، ته ٻئي طرف انتها پسند اشتراڪي هن کي
’رويزنسٽ‘ سمجهي رهيا آهن.
مون کي ساڻس ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو
آهي، جنهنڪري سندس خوبين سان گڏ خامين مان به واقف
آهيان. خامين کان دنيا ۾ ڪو به خالي نه آهي. هن ۾
به آهن. پر اُن لاءِ هن جي بنيادي طبعيت، ماحول جي
ناسازگاري ۽ سندس مخالفن جي مخالفت جي شدت جوابدار
ٺهرائي سگهجن ٿيون. طبعيت جو صفراوي هئڻ، حد کان
وڌيڪ محنت ڪرڻ، هڪ ئي وقت گهڻن ڪمن کي هٿ ۾ کڻڻ،
تفريح ۽ آرام لاءِ پورو وقت نه بچائڻ، خانگي
زندگيءَ جا مسئلا وغيره سندس طبعيت تي اثر انداز
ٿيڻ کان رهي نه سگهيا آهن. پر ان جي باوجود هن جون
خوبيون سندس ڪوتاهين کي سج وانگر ڇُپائي بيٺيون
آهن.
هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن: جن مان ڪي اهم هي آهن:
(1) سيوِ سنڌ، سيوِ دي ڪانٽيننٽ (انگريزي) (2)
ايملي عرف تعليم (روشي جي مشهور ڪتاب جي چونڊ حصي
جو ترجمو). ليڪن سندس معيار اِنهن ڪتابن تي پرکڻ
بي انصافي ٿيندي. ’مهراڻ‘ جا ڪيترا ايڊيٽوريل ۽
نصاب جا لکيل ڪتاب سندس قلم جا مرهونِ منت آهن.
هن ٻه شاديون ڪيون- پهرينءَ جي گُذر ڪري وڃڻ بعد
ٻي ڪئي. کيس چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. سندس پٽن جا
نالا هي آهن: (1) منور، (2) مظفر، (3) محبوب، ۽
(4) منصور.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
محمد ابراهيم جويو:
ويهين صديءَ
جو وڏو ودوان
1. (الف) سنڌ جو هيءُ هڪ مهان ڏاهو، تاريخ 13،
آگسٽ، 1915ع تي، ڳوٺ آباد، ’ڌارا تيرٿ‘ (هاڻي لڪي
شاهه صدر) وارن چشمن جي ويجهو، تعلقي مانجهند،
ضلعي دادوءَ (موجوده ڄام شوري ضلعي) ۾، محمد خان
جويي نالي هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ ڄائو. پرائمري
تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ ۾، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾
حاصل ڪيائين. پوءِ 1927ع ۾، سن شهر جي اي-وي اسڪول
۾ داخل ٿيو جتي پنجين درجي تائين سنڌيءَ ۽
انگريزيءَ جا ٽي درجا پڙهيو. اُن کان پوءِ وڌيڪ
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، 1930ع ۾ سنڌ مدرسي، ڪراچيءَ
۾ داخل ٿيو، جتي ڇهون ۽ ستون درجو انگريزي پڙهيو،
۽ 1934ع ۾، سنڌ مدرسي مان، مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين، ۽ سڄي دادو ضلعي (اُن زماني ۾، ٺٽي ۽
ڪراچيءَ تائين سڄو علائقو، دادو ضلعي ۾ شامل هوندو
هو) ۾، ٻيو نمبر کنيائين. پوءِ 1934ع ۾، ڊي.جي سنڌ
ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1938ع ۾
بي-اي پاس ڪيائين. پوءِ اُنهيءَ ئي سال، يعني
1938ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ماسٽر مقرر
ٿيو، ٻن سالن کان پوءِ، يعني 1940ع ۾، سنڌ مدرسي
طرفان کيس گورنمينٽ ايس.ٽي ڪاليج، ممبئيءَ ۾،
بي.ٽي ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. سال 1941ع ۾، بي-ٽي
پاس ڪرڻ کان پوءِ واپس سنڌ مدرسي ۾ موٽي، اچي
اسسٽنٽ ماسٽر طور داخل ٿيو، جتي 1947ع تائين
پڙهايائين.
(ب)- محمد ابراهيم جويي پنهنجيءَ ملازمت دوران،
زندگيءَ جا وڏا لاها چاڙها ڏٺا، اُنهن سڀني ڳالهين
جو تفصيل، ’سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم‘ اداري طرفان
ڇپايل ’سٻاجهو ساڃهوند: محمد ابراهيم جويو‘ ۽ سيد
مظهر جميل جي اردو واري تحقيقي ڪتاب- ’محمد
ابراهيم جويو‘ ايک
صدي کي آواز‘ ۾ پڙهي سگهجي ٿو.
2. (الف) - محمد ابراهيم جويو، هڪ اعليٰ فڪر واري
دانشور طور، پوري پاڪستان ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو.
سندس علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتون، ڪنهن به
سجاڳ شخص کان ڳجهيون نه آهن، پوءِ چاهي اُهو ماڻهو
پاڪستان جي ڪهڙي به خطي جو رهاڪو يا ڀارت جو ڪوبه
ترقي پسند سنڌي ودوان ڇو نه هجي.
(ب) جويي صاحب جو وڏو ڪارنامو، سنڌي ادبي بورڊ ۾،
سندس سيڪريٽري هجڻ واري زماني ۾، سنڌي ادبي بورڊ
طرفان ڇپايل ڪتاب ۽ ٽماهي مهراڻ رسالي ۾، شايع
’ترقي پسند سنڌي ادب‘ آهي.
(ت) جويو صاحب هڪ مشهور ترقي پسند مفڪر ۽ جديد ادب
جو تخليقڪار ۽ نقاد رهيو آهي. علم ادب جي ميدان ۾
پاڻ پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا
ڪيائين. اُنهن سڀني اديبن، نقادن، شاعرن ۽ مفڪرن،
هن بزرگ ودوان وٽان گهڻو ئي ڪجهه پرايو. اُنهن
اديبن، نقادن ۽ شاعرن ۾، شيخ اياز، رسول بخش
پليجو، سراج الحق ميمڻ، غلام رباني آگرو، محسن
عباسي، عبدالله جي.ميمڻ، ابن حيات پنهور، محمد عمر
ميمڻ، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، عبدالقادر جوڻيجو، تاج
جويو ۽ حميد سنڌي صاحب سميت ٻيا به ڪيترائي سنڌي
اديب ۽ شاعر، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، هن بزرگ کي
پنهنجو اُستاد يا سوُنهون مڃيندا آهن.
(ث) محمد ابراهيم جويو هڪ ’پورهيت اديب‘آهي. هن
بزرگ، سنڌي ادب لاءِ، بنا ڪنهن لالچ جي، وڏو
پورهيو ڪيو آهي. سنڌ مدرسي کان وٺي ٽيچرس ٽريننگ
ڪاليج، حيدرآباد، يا ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج، ڪوهاٽ
تائين، هن آدرشي انسان، انسان ذات جي وڏي خدمت ڪئي
آهي. اهڙيءَ طرح ’سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ‘ کان وٺي،
سنڌي ادبي بورڊ تائين، هن نيڪ دل انسان جون وڏيون
خدمتون ڪيل آهن، جيڪي هرهنڌ مڃيون وينديون آهن.
3. (الف)- جڏهن سنڌي ادب جي تاريخ جا دفتر کولجن
ٿا، ۽ اُنهن ۾ جويي صاحب جي ڪيل ادبي خدمتن جو
ڪاٿو ڪجي ٿو ته ماڻهو دنگ رهجيو وڃي، ۽ اُن سوچ ۾
پئجيو وڃي ته سنڌ جي هن ڏاهي، سنڌي علم ادب، سنڌي
زبان ۽ سنڌ جي حوالي سان اُهو ڪهڙو موضوع آهي،
جنهن تي قلم نه کنيو آهي. سندس قلمي پورهيي جو هڪ
وڏو ذخيرو آهي جنهن ۾ سندس طبعزاد ڪتابن کان سواءِ
وڏو مواد ته ترجمي ٿيل مضمونن، مقالن ۽ ڪتابڙن جو
آهي. هن سنڌ تي انگريزي ٻوليءَ ۾ به بيشمار مقالا،
مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي
انتخاب ڏيڻ کان اڳ آءٌ اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته
اپريل، 1951ع ۾، جڏهن سنڌ جو هڪ عظيم فرزند ۽ بين
الاقوامي دانشور، علامه آءِ.آءِ.قاضي، سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿي آيو تڏهن
علامه صاحب جن پنهنجيءَ ڊيوٽيءَ تي دخلڪار ٿيندي
ئي سنڌ يونيورسٽيءَ کي، درس و تدريس جو هڪ اهم
ادارو بنائڻ لاءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترائي
تعليمي ۽ تدرسي شعبا کوليا، ڇاڪاڻ ته اُن کان اڳ
سنڌ يونيورسٽي فقط امتحان وٺندڙ هڪ اداري طور ڪم
ڪندي هئي. جن جن شعبن جي قائم ڪرڻ جي علامه صاحب
جن شروعات ڪئي، اُنهن شعبن ۾ سڀ کان پهرين ’شعبه
تعليم ۽ اُستادن جي تربيت‘۽ اُن سان گڏ، ’سنڌي
ٻولي ۽ سنڌي ادب‘ واري مضمون جي اعليٰ سکيا ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ، هڪ سيڪشن طور قائم ڪيو ۽
اُن جو سربراهه به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب کي
مقرر ڪيائون.
علامه صاحب ان، اُن زماني ۾ اهو به فيصلو ڪيو ته
’عالمي ادب ۽ ادب عاليه‘ کي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪرڻ لاءِ، سنڌي شعبي کي عملي قدم کڻڻ گهرجي.
انهيءَ ڪري اهو فيصلو ڪيائون ته سنڌي مضمون ۾،
ايم.اي (فائنل) جي چوٿين پيپر لاءِ مضمون جي
بدران، شاگردن کي يا ته تحقيقي مونوگراف لکڻ
گهرجي، يا وري اُنهن کي انگريزيءَ، فارسيءَ،
عربيءَ يا ٻين ٻولين ۾ ڇپيل عالمي ادب ۽ ادب عاليه
جي ڪنهن به ڪتاب کي ترجمو ڪرڻ گهرجي. علامه صاحب
جن جي انهيءَ فيصلي تي ڪجهه سالن تائين ته باقاعدي
عمل به ڪيو ويو، پر سندن وفات کان پوءِ، سنڌ
يونيورسٽيءَ، ادب عاليه جي ترجمي واري، علامه صاحب
جن جي فيصلي تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
(ب) محمد ابراهيم جويي جهڙي مفڪر ۽ سنڌي ادبي بورڊ
جي سُڄاڻ سيڪريٽريءَ، علامه صاحب جن جي انهيءَ سوچ
تي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان عملي قدم کڻڻ شروع ڪيو،
۽ عالمي ادب جا بيشمار ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ طرفان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو.
اهڙن عالمي ادبي شهپارن مان، جويي صاحب جيڪي ڪتاب
پاڻ ترجمو ڪيا اُنهن مان ڪي هي آهن.
(1) ٻارن جي تعليم- هيءُ ڪتاب دراصل انگريزي
ٻوليءَ ۾ لکيل هو، اُن جو عنوان'Child
education' هو.
هيءُ ڪتاب جويي صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
(2) وحشي جيوت جا نشان- هارورڊ موئر جي انگريزي
ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب 'Savage
Survivals' جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.
(3) فڪر جي آزادي- اسٽيون زويگ جي انگريزي ٻوليءَ
۾ لکيل ڪتاب 'The
Rights to Heresy' جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.
(4) گيليلو- برٽالٽ بريخت جي انگريزي ٻوليءَ ۾
لکيل ڊرامي، ’Life
of Gallileo‘
جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيائين.
(5) فلسفي جو ابتدائي ڪورس- جارج پوليزر جي فرينچ
ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل
ڪتاب 'An
Elementary Course In Philosophy' جو
سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيائين جيڪو روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو طرفان، 1984ع ۾ شايع ڪيو ويو.
(6) ڪئنڊيڊ- والٽيئر جو انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل
هيءُ ڪتاب، سومار علي سومري ۽ شمشيرالحيدريءَ کان
ترجمو ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايائين، پر
هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي کي سڌارڻ ۾ پاڻ وڏي محنت
ڪيائين.
(7) - ايميلي عرف تعليم- فرانس جي مشهور دانشور
’روسو‘ جي انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ’Emile
or Education‘
جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيائين .
اهڙيءَ طرح ترجمي کان سواءِ، هن بزرگ دانشور، سنڌي
۽ انگريزي ڪيترائي طبعزاد ڪتاب به لکيا. اُنهن مان
ڪن ڪتابن جا عنوان هي آهن:
1. Save Sindh Save the Continent
جويي صاحب جو هيءُ ڪتاب پهرين 1947ع ۾ شايع ٿيو.
هن ڪتاب، اُن زماني ۾، سنڌ ۾ سنڌيت جي مطالعي لاءِ
جاڳرتا آندي. هن ڪتاب تي پوءِ بندش وڌي وئي.
2. Sindh Betrayed: Her Right to Redemptions -
Essays, Articles and Letters (1942- 2003(
3. Sindhi language-an appeal for Justice
4. Problems of Languages in West Pakistan
سنڌي ڪتاب:
1- شاهه، سچل، سامي (1689ع- 1850ع) هڪ تنقيدي
مطالعو
2- اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم (ترتيب ڏنل مضمون)
3- مُٺ مُٺ موتين جي (چونڊ مضمون)
4- هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، پهريون جلد (مضمون ۽
ترجما)
5- ادب، ٻولي، تعليم (هوءَ جا ٽمڪي باهڙي- جلد
ٻيو)
6- ڳالهيون ڪتابن جون، ڀاڱو پهريون (هوءَ جا ٽمڪي
باهڙي، جلد ٽيون - 1947ع - 1992ع)
ڇپيل ڪتابچا:
1- سنڌ
دائم رهي - سنڌ
سالم رهي-
يار محمد ابن حيات پنهور جي نالي سان، 1969ع ۾
ڇپايل
2- سنڌ
منهنجي خوابن جي -
شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ طرفان ڪراچيءَ ۾
’سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي‘ جي موضوع تي سڏايل
سيمينار ۾ پڙهيل، سندس صدارتي تقرير.
اهڙيءَ طرح جويي صاحب، انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾
بيشمار مضمون ترجمو ڪيا، اُنهن سڀني جي فهرست ،
’سٻاجهو ساڃهوند‘ ڪتاب ۾ پڙهي سگهجي ٿي. اهڙيءَ
طرح ڌار ڌار ڪتابن جي لکيل مهاڳن ۽ پيش لفظن جي
فهرست کان سواءِ، مطالعا، تبصرا، تقريرون، ڪن
شخصيتن جي باري ۾ سندس لکيل خاڪا جي عنوان کان
سواءِ، سندس لکيل مضمونن، تقريرن ۽ سندس لکيل لوڪ
ڪهاڻين وغيره جي ڊگهي فهرست آهي. اُن فهرست جي
مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هن بزرگ ڇا ڇا لکيو آهي
۽ ڪهڙين ڪهڙين صنفن جي باري ۾ لکيو آهي. سندس لکيل
علمي ۽ ادبي ذخيري جي اڀياس کان پوءِ سندس انداز
بيان، سندس طرز تحرير، سندس سوچ ۽ فڪر توڙي سندس
ڪم آندل ٻوليءَ جي باري ۾ هڪ نه، پر ڪئين ڪتاب لکي
سگهجن ٿا.
4. (الف) - سنڌ جي هن ادبي پورهيت لاءِ، سنڌ جي
سُڄاڻ اديبن، شاعرن ۽ ساڃهوند ماڻهن جيڪي رايا ڏنا
آهن، اُهي جيڪڏهن گڏ ڪري ڇپائجن ته هڪ ڌار ڪتاب
ٺهي ويندو. مثال طور سنڌ جي هڪ جوشيلي اديب، نبي
بخش کوسي، هڪ هنڌ جويي صاحب جي باري ۾ لکيو ته:
”جويي صاحب جو سڀ کان اهم ڪارنامو سنڌي ادبي بورڊ
کي سنڌ جي ماضيءَ جي ادب جي حفاظت جو ڀنڊار بنائڻ
آهي، پر مان ڀانيان ٿو ته جويي صاحب جو اُن کان به
اُتم ڪارنامو، ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽري آهي.“
(ب) تاج جويي بلڪل درست لکيو آهي ته:
”جويو صاحب، هن صديءَ جو وڏو اديب، مفڪر ۽ تعليمي
ماهر آهي. ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي هلچل دوران، آخري
فيصلي ڪُن ڏينهن دوران، جويي صاحب جو علمي- ادبي
محاذ وڏو ڪردار رهيو آهي. اُن وقت سنڌ جي سياسي
ميدان جا شهسوار، سر حاجي عبدالله هارون، مولانا
عبيدالله
’سنڌي‘، شهيد الله بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي،
سائين جي.ايم.سيد، محترم محمد هاشم گذدر، سر غلام
حسين هدايت الله، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، مير الله
بخش ٽالپر ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ هئا، جڏهن ته علمي
۽ ادبي محاذ جي سجاڳ ذهنن ۾ حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا خير محمد
نظاماڻي، حاجي احمد ملاح ۽ ٻين کان سواءِ محمد
ابراهيم جويو به سرگرم رهيو.“
5. (الف) ورهاڱي کان پوءِ، ملڪ جي ٻين علائقن کان
سواءِ سنڌ ۾ به علمي ۽ ادبي جموُد طاري ٿي ويو.
سنڌ جا سڀ برک ودوان، اديب، عالم ۽ فاضل، نقاد،
تاريخدان ۽ اُستاد، سنڌ ڇڏي ڀارت هليا ويا. انهيءَ
ڪري سنڌ ۾ چوڌاري ادبي ماٺار ڇانئجي ويو. اهڙي
ماحول ۾، سنڌي ادبي سنگت کي جيارڻ ۽ سنڌ ۾ ادبي
جاڳرتا آڻڻ ۾ جويي صاحب به اهم ڪردار ادا ڪيو. هن
بزرگ، سنڌي ادبي سنگت جي پلئٽ فارم تي سنڌ جي
ڪيترن ئي نوجوانن اديبن ۽ شاعرن کي گڏ ڪيو، ۽ پوءِ
سنڌي ادبي بورڊ جي پلئٽ فارم تان، بورڊ جي ٽماهي
رسالي ’مهراڻ‘
وسيلي، ’جديد سنڌي ادب‘ جي تحريڪ کي همٿايائين.
اُن زماني ۾ سنڌ ۾ ٻيا اديب ۽ شاعر، جهڙوڪ: شيخ
اياز، شيخ عبدالرزاق ’راز‘، اياز قادري، مولوي خير
محمد نظاماڻي، مولانا عبدالواحد ’سنڌي‘، مولانا
غلام محمد گرامي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، محمد
صديق ’مسافر‘، سيد ميران محمد شاهه ثاني، محمد خان
غني، ڊاڪٽر محمد عمر دائود پوٽو، عثمان علي
انصاري، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل،‘ آغا تاج محمد
۽ ٻيا به ڪيترائي اديب ۽ شاعر، سنڌي ٻوليءَ جي علم
ادب کي سنڀالڻ ۽ اُن جي اشاعتي ڪم کي لڳي ويا
ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ، 1948ع کان
سنڌ ۾ پاڪستان جي خلاف نفرت پيدا ٿيڻ لڳي ڇاڪاڻ ته
هڪ ته ڪراچيءَ کي، سنڌ حڪومت جي فيصلي خلاف، سنڌ
صوبي کان ڌار ڪيو ويو ۽ ٻيو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان
ڌار ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي نالي سان
نئين يونيورسٽي قائم ڪئي وئي. ڪراچيءَ لاءِ هن
نئين يونيورسٽي، قائم ٿيندي ئي، ڪراچيءَ واري
علائقي مان، ’سنڌي ذريعه تعليم‘ واري سنڌ سرڪار
طرفان منظور ڪيل
’سنڌي ذريعه تعليم‘ واري اڳوڻي طريقي کي ختم ڪري،
اُن جي جاءِ تي اردوءَ کي ڪراچيءَ واري علائقي ۾،
ذريعه تعليم طور رائج ڪيو، انهن فيصلن جي ڪري سنڌ
۾ مزاحمتي سوچ جي شروعات ٿي ۽ سنڌ ۾ قومي جاڳرتا
جي تحريڪ شروع ٿي وئي.
(ب) انهيءَ سوچ جي حق ۾، جويي صاحب، سنڌي قوميت جي
جاڳرتا جي سلسلي ۾، سنڌي عوام ۾ وڌيڪ جاڳرتا آڻڻ
لاءِ مهراڻ رسالي ۾ زوردار ايڊيٽوريل لکيا، اُنهن
ايڊيٽوريلن مان ڪن جا عنوان هي هئا:
’آزادي،‘ ’ون يونٽ،‘ ’اديب،‘ ’ناشر ۽ پڙهندڙ،‘
’ٻولي،‘ ’سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا،‘ ’فنڪار جا
ڳوڙها،‘ ’ٻولين جي ڏي وٺ،‘ ’نج سنڌي لفظ،‘ ’ٻه
اکر،‘ ’ادب جي درگاهه‘ ۽ ’انسانيت‘ وغيره.“
تاج جويي صاحب بلڪل درست لکيو آهي ته:
”سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ سڌاري جو، جويي صاحب کي
سدائين وڏو اونو رهيو آهي. هوُ وقت بوقت اُن ڏس ۾
پنهنجن مضمونن ذريعي، صحيح، نج ۽ نبار سنڌي لکڻ،
سنڌيءَ کي فارسيءَ ۽ عربيءَ جي بيجا ٽُنب ٽُنبان
کان بچائڻ، صحيح جملن لکڻ ۽ گرامر جي غلطين کان
پاسو ڪرڻ جون هدايتون ڪندو رهيو آهي. اُن سلسلي ۾،
مهراڻ جي مختلف پرچن ۾، سندس ڇپيل اداريا، مضمون ۽
1972ع ۾، ۽ ’ملير ڊائجسٽ‘ ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ
‘ عنوان وارو مضمون پڙهڻ وٽان آهي.“
(ت) نصابي ڪتابن جي ترتيب، تشڪيل ۽ تياريءَ ۾ هڪ
وڏي عرصي کان وٺي، جويي صاحب جو خاص هٿ رهيو آهي.
سنڌ جي مڃيل هن تعليمي ماهر جي صلاح، مشوري ۽
نظرثانيءَ کان سواءِ، اڪثر ڪتابن کي مستند ڪتاب
سمجهيو ئي نه ويندو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾
سيڪريٽري ۽ پوءِ چيئرمئن هئڻ واري زماني ۾، جويي
صاحب پنهنجي قلم سان تمام گهڻن اديبن ۽ شاعرن جي
ڪتابن ۽ اُنهن جي طرفان ڪيل ترجمن وارن مسودن جي
ٻوليءَ جي نوڪ پلڪ درست ڪئي، ۽ اُنهن جي لکيل
ٻوليءَ کي سڌاريو ۽ سنواريو. ٻيو ته ڇڏيو، پر خود
سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جي ڪيترن ئي ڪتابن
جي. مسودن جي تصحيح، اُنهن جي وياڪرڻي ٺاهه ٺوهه،
اختصار، مقدمو، پُروف ريڊنگ ۽ ڇپائيءَ ۾، جويي
صاحب جي علمي نظر جو وڏو دخل رهيو آهي.“
6. (الف) شروع ۾ اهو ٻڌائي آيو آهيان ته سنڌ جي هن
ڏاهي، ڪهڙن ڪهڙن بين الاقوامي معيار جي اديبن ۽
مفڪرن جي لکيل ادب عاليه کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو.
اُنهن ۾ مشهور عالمي نقاد، ٽي ايس ايليئٽ جو
مضمون: ’شاعريءَ جو سماجي ڪارج‘، يونان جي اديب ۽
تعليمدان، پليو ٽارچ جو مضمون : ’ٻارن جي تعليم،‘
فرانس جي انقلابي مفڪر، روسو جو ڪتاب ’ايميلي‘
وغيره جهڙن عالمي معيار جي ڪتابن ۽ مضمونن کي سنڌي
ٻوليءَ جو ويس وٺايائين. آءٌ اڳ ۾ اهو چئي آيو
آهيان ته ادب عاليه کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ جو جيڪو
خواب سنڌ جي وڏي مفڪر، علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ ڏٺو
هو، اُن جي تعبير، سنڌي ٻوليءَ جي هن عاشق، پنهنجي
عملي قدم ذريعي پيش ڪئي.
(ب) تاج جويي بلڪل درست لکيو آهي ته:
”هن کي پاڻ به ترجمي جو فن ايترو ته مٿاهين معيار
تي کڻي ويو آهي جو هن جا ترجما، اصلوڪيون ۽ طبعزاد
تحريرون ٿيون ڀانئجن. سنڌي ادبي بورڊ ۾ هن، ترجمن
جي اسڪيم کي اڳتي وڌايو.“
اها فخر جي ڳالهه آهي ته سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب،
نقاد، ڏاها ۽ دانشور، هن بزرگ ودوان کي پنهنجو
اُستاد ۽ رهبر تسليم ڪندا آهن. اُنهن ڏاهن مان شيخ
اياز، رسول بخش پليجو، سراج الحق ميمڻ، غلام رباني
آگرو، تاج جويو ۽ ٻيا به ڪيترائي وڏا اديب ۽ شاعر
آهن، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.
7. (الف) جويو صاحب، سنڌ ۽ سنڌي ادب جو هڪ وڏو
نقاد تسليم ڪيو ويو آهي. اُن سلسلي ۾ ڪيترن ئي
ڪتابن جا سندس لکيل مهاڳ ۽ سندس لکيل تنقيدي
مضمون، سندس اعليٰ نقاد هجڻ جي گواهي ڏين ٿا. مثال
طور رسول بخش پليجي جي افساني، ’پسي ڳاڙها گل‘ جو
تنقيدي اڀياس ڪندي جويي صاحب پنهنجن خيالن جو
اظهار هن ريت ڪيو آهي:
”اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن جيڪي ٻوليءَ کي
ٺاهيندا آهن ۽ سينگاريندا آهن، پر جڏهن ٻولي وهيءَ
چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس، اُن جي
حسن، هُڳاءُ ۽ جوڀن ۾ رس ڀريندا آهن.“
افساني، ’پسي ڳاڙها گل‘ تي جويي صاحب جي تنقيد،
پنهنجي وقت ۾ وڏو مقام ٿي رکيو، ۽ اُن ۾ ڪو شڪ نه
آهي ته جويو صاحب، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وڏو نقاد
آهي (تاج جويو، ص 70)
(ب) شيخ اياز، جويي صاحب جي هڪ وڏي نقاد هجڻ
واريءَ حيثيت کي، هنن لفظن ۾ مڃتا ڏني آهي:
”ابراهيم، ايترو ته وڏو نانءُ آهي جو مون کي هن جي
ادبي فتويٰ، قاضيءِ ازل جي فتويٰ وانگر لڳندي
آهي“.
شيخ اياز صاحب، جويي صاحب جي مهانتا کي هنن لفظن
۾ بيان ڪيو آهي:
”طالب علميءَ جي دور ۾ مون سان ٽي اهڙا ڪاپڙي مليا
جن ٽنهي جي باري ۾، مون کي ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ ياد
ايندي آهي:
جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌو مامري
۽ اُهي هئا، سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽
حشوڪيولراماڻي. جڏهن سنڌڙيءَ لائون لڌيون تڏهن ڪير
چوندو ته اُن جو سارو لباس، هن (جويي) جي آڏاڻي جو
اُڻيل هو! هو اُهو جڳادي، الوپ ماڻهو آهي، جيڪو
نوورنيءَ جي سينڌ ۾، ستارا سجائي، گم ٿي ويندو
آهي. هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري زمهرير جي برف
نه آهي، جهنم جي آڳ آهي، ۽ جڏهن اُن جا شعلا تيز
ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا کلي پون ٿا“.
شيخ اياز صاحب، محمد ابراهيم جويي لاءِ، ’سٻاجهو
ساڃهوند‘ ڪتاب ۾، جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، اُنهن
مان ڪي هت نقل ڪري ڏجن ٿيون:
”ابراهيم سان منهنجي پهرئين ملاقات، حشوءَ کان به
اڳ، سال 1944ع ۾، منهنجي دوست، جمال صديقيءَ ڪرائي
هئي، جڏهن مان ڪراچيءَ ۾، بي.اي پڙهندو هوس. اُن
وقت ابراهيم سنڌ مدرسي ۾ ماستر هو ۽ بندر روڊ تي،
’سعيد منزل‘ جي هڪ فلئٽ ۾ رهندو هو. ابراهيم مون
کي پهريون ڀيرو، ’ٿنڪرس لائبرري‘ جا ڪتاب
’Martyrdom
of Man ‘
(انسان جي شهادت) وغيره پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا، جي مون
نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. اُنهن مان هڪ ڪتاب 'Illusion
of National Charter' (قومي
ڪردار جو خبط) جو مون تي ايترو ته گهڻو اثر پيو
هو، جو ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ ۾ ايتري دلچسپيءَ جي
باوجود، مان ان جي Chauvinistic
trend جي
لپيٽ ۾ نه آيو آهيان. مان ابراهيم کي پنهنجا نظم
ٻڌائيندو هوس، پر هن کي انهن ۾ حد کان زياده فارسي
لفظ پسند نه ايندا هئا.
1945ع ۾، مان ۽ منهنجو دوست، عبدالرزاق ’راز‘
ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ قائم ڪيل ’سنڌي سرڪل‘ ۾ ويندا
هئاسين جتي مون پنهنجو نظم: ’او باغي او راج
دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني‘ پڙهيو ته ٻڌندڙ حيران
ٿي ويا هئا. اهو نظم پوءِ ’لهرون‘ جي نالي سان،
سرڪل جي ڪتاب ۾ ڇپيو هو. پروفيسر رام پنجواڻيءَ
اُن کي ڪيئي ڀيرا پنهنجي مٺڙي آواز ۾، گهڙي تي
ڳايو هو. اُنهيءَ سرڪل ۾، منهنجي نارائڻ شيام سان
واقفيت ٿي هئي.
’او باغي، او راج در وهي‘ ۾ ڪم آندل ٻولي، ابراهيم
جي صحبت جو اثر هئي. ابراهيم سان جڏهن مان گهرو
ٿيو هوس تڏهن هن مون کي ايم-اين-راءِ جا ڪتاب پڙهڻ
لاءِ ڏنا هئا. جمال صديقيءَ به اُنهن مان ٻه ٽي
ڪتاب پڙهيا هئا ۽ ابراهيم سان گڏ، ايم - اين- راءِ
جي ’ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ ((Radical
Democratic جي
ميٽنگن ۾ به ويندو هو.
ابراهيم مون کي پارٽيءَ جي هفتيوار اخبار Independent
India (آزاد
هندستان) جا شمارا به
پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا. هڪ ڀيري مان به پارٽيءَ جي
ميٽنگ ۾ ويس. اهو سارو وقت منهنجو ابراهيم سان ميل
جول رهيو. اهو دور منهنجي لاءِ نشي جو دور هو.
جوانيءَ جو ڀرپور نشو، نون خيالن سان لهه وچڙ جو
نشو، شاعريءَ جو نشو، دوستيءَ جو نشو، مون سوين
ڪتاب پڙهي ڇڏيا.
ابراهيم جويي منهنجي لاءِ هڪ نئين دنيا جا طاق
کولي ڇڏيا هئا. پراڻي دنيا جا سارا ٿوڻيون ۽ ٿنڀا
ڊهي ڍير ٿي پيا هئا ته مون لاءِ ماضيءَ جي هر
زنجير کي ڇني اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کلي پيو هو. منهنجي
۽ هن جي دوستيءَ روميءَ ۽ شمس تبريز واري هئي،
جنهن روميءَ جي ڪتابن تي نظر وڌي هئي ته اُنهن ۾
باهه لڳي وئي هئي.
هڪ شام جو مون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم ٻڌايا،
جي هن کي ڏاڍا پسند آيا. جڏهن مون هي سٽون پڙهيون:
یہ دنیا یہ آماجگاہ تمنا
کہاں جارہے ہیں
یہ رقاصہ روز شبِ نوک خنجر
پے یوں ناچتی رہی ہے
کہ جیسے اُسے یہ یقین ہوگیا ہو
کہ اب پاؤں چھلنی نہ ہونگے۔
تڏهن ابراهيم چيو ته:
”اياز! توکي مان وري به چوان ٿو ته تون پنهنجي ڏات
اجائي وڃائي رهيو آهين. تون پنهنجيءَ ڏات کي منطقي
نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾ پهچائي سگهندين.“ مون ڏک
سان ڏسي ابراهيم کي چيو ته هو:
”پر تو کان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير
آهي؟“ اُن تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو ته:
”اسان ٻه ڪافي آهيون. اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي
بدلائي سگهون ٿا.“
Save Sindh Save the Continent
جي مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.
ابراهيم سان پوئينءَ ملاقات کي ڪجهه سال گذري ويا.
هڪ ڀيري منهنجي روح جي ڳنڍ اوچتو کُلي پيئي ۽ مون
ڪيئي بيت لکيا جي ابراهيم کي پوسٽ ڪري موڪليم.
ابراهيم اُن وقت ڪراچيءَ ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري هو. هن اُنهن مان ڪجهه بيت، ادبي بورڊ جي
ٽه ماهي رسالي ’مهراڻ‘ جي پهرئين صفحي تي ڏنا.
اُهي بيت، سنڌيءَ ۾ منهنجيءَ ادبي زندگيءَ جو نئون
جنم هئا.“
(ت) جويي صاحب جي هڪ ٻئي لائق شاگرد، سراج الحق
ميمڻ، پنهنجي هن قداور اُستاد جي ادبي خوبين کي
بيان ڪرڻ لاءِ، چچنامي ۾ بيان ڪيل اُها حڪايت نقل
ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي حاڪم چچ برهمڻ، برهمڻ آباد
جي هڪ ٻوڌي پروهت جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن کي مارڻ
لاءِ چچ برهمڻ، جلادن جو هڪ جٿو وٺي نڪتو هو؛ پر
چچ برهمڻ، اُن کي مارائڻ جي بدران، اُن کان
آشيرواد وٺي، ٻاهر نڪري آيو. ساڻس گڏ آيل هڪ وزير
پڇيس ته:
”حضور! اوهان هن جي سسي لاهڻ جو اشارو ته ڏنو ئي
ڪونه!“ چچ پنهنجيءَ پيشانيءَ تان پگهر اُگهندي
چيو: ” هن جي ڄاڻ جي ديو اڳيان مون کي پنهنجي سر
جي اچي لڳي هئي؛ هن جي ڏيا ۽ حشمت منهنجا هوش ئي
خطا ڪري ڇڏيا.“
سراج صاحب انهن لفظن کان پوءِ لکي ٿو ته:
”ائين ٿو لڳي ته اُهي علم ۽ ڄاڻ جا پروهت، جوُڻ
مٽائي، هر دور ۾، ابراهيم جويي جهڙا ماڻهو بڻجيو
پون. اهو به ڀانيان ٿو ته ابراهيم جويو به ڪنهن
اڳئين جنم ۾ پڪ ئي پڪ ڪو ٻوڌي پروهت يا شمن هو. هن
۾ ٻڌ ڌرم جا اُهڃاڻ چٽا ۽ پڌرا اڄ به محسوس ڪري
سگهجن ٿا.
هنن جي زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد ۽ محور آهي، سو
اهو ته پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جي
روشني ڦهلائڻ لاءِ جتن ڪندي پساهه پورا ٿين ته
حياتي سجائي چئبي. هيءَ مختصر حياتي، جيڪا انسان
کي ملي آهي، اُن کي بامقصد بنائڻ ئي انسان کي ٻين
ساهوارن کان اُتم ۽ اعليٰ بنائي ٿو، ۽ اُهو مقصد
آهي پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ ڏاهپ جا موتي
ميڙي، ڄاڻ جا خزانا ونڊي ورهائي، کين ٻه قدم اڳتي
وٺي وڃجي. ٻڌ ڌرم جي حوالي سان، اهو ئي هنن جو
نرواڻ آهي.“
سراج صاحب اڳتي لکي ٿو ته:
”اڄ جو جويو، هونئن ته بنهه ضعيف، سنهڙو، سپتڙو،
ننڍي قد جوهڪ ڀرپوُر مڙس آهي، پر جيڪڏهن سندس ڄاڻ
۽ ڪم جي همه گير پهلوئن کي خيال ۾ آڻجي ته هو هڪ
سگهارو، قداور ۽ جوان جماڻ ذهن آهي. جڏهن سندس
ڦوهه جواني هئي، تڏهن وري هن جي ذهن، تجربي ۽
مطالعي جي لحاظ کان پيرسن ۽ پريو مڙس هو، جيڪو
پنهنجي هڪ جيڏن ۽ پاڻان ننڍن جي رهبري ڪندو هو.
ناظم حڪمت، ترڪيءَ جي ڪنهن ڏاهي لاءِ هڪ هنڌ چيو
هو ته، ’جڏهن جوان هو ته اِشاري سان صحيح منزل
ڏانهن رهنمائي ڪندو هو، جڏهن پيرسن ٿيو ته هٿ کان
جهلي، صحيح منزل تي پهچائي ايندو هو.‘
ابراهيم جويي سان به اهائي ڪار آهي. جڏهن ننڍو
نيٽو هو ته لاتعداد اشارن سان، سنڌ، سنڌي زبان ۽
سنڌي ادب جي صحيح منزلن جي نشاندهي ڪندو رهيو،
جڏهن پيرسن ٿيو ته ڪيترن ئي واٽهڙن کي دڳ لائڻ ڪاڻ
عملي طرح اُهو ڪجهه ڪري ڏيکاريائين جيڪو خود هڪ
منزل جي حيثيت رکي ٿي. اُن کي هيئن سمجهو ته جڏهن
اڃا جوانيءَ جو پوُر شروع ڪيو هئائين ته اُن زماني
۾ پنهنجو مشهور ڪتاب Save
Sindh Save the Continent لکي،
اُهڃاڻ ۽ پار پتا ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين؛ جڏهن
رٽائر ٿيو ته’شاهه، سچل، سامي‘ لکي ڏيکاريائين.
هن جي اُن ذهني سفر کي سمجهڻ لاءِ ايشيا کان سنڌ
جي جاگرافيءَ ۽ تاريخ کي هڪ ’وطن دوست‘ احساس جي
حوالي سان سمجهڻو پوندو آهي. جڏهن ’وطن دوست‘ جو
فقرو ڪتب ٿو آڻيان تڏهن محض هڪ خوبصورت اصطلاح
استعمال ڪونه ٿو ڪريان، پر اُن جي اکري معنيٰ
ڏانهن اشارو ٿو ڪريان. ابراهيم لاءِ وطن پرستي،
پرستش جي حد تائين، اوُنهو ۽ روحاني تجربو آهي.
ساڳئي وقت اها حد درجي جي جانبداريءَ جي ’پوزيشن‘
پڻ آهي، جيڪا اقبال جي وطن کي ’ڪوڙو خدا‘ سڏڻ جي
منفي روايت کي رد ڪري، شاهه جي ’واجهائي وطن کي،
آءٌ جي هت مياس‘ واري مثبت روايت اختيار ڪرڻ
جي’پوزيشن‘ آهي. وطن هن لاءِ پارس به آهي ته ڪسوٽي
به، جماليات جو معيار به اهو ئي آهي ته روحانيت جو
حوالو پڻ اهو ئي آهي.
مون کي ياد ٿو پوي ته سندري اُتمچنداڻي، سنڌ گهمڻ
آئي هئي، ۽ هڪ شام، ابراهيم، اياز، رباني ۽ آءٌ،
سندريءَ ۽ اُتم سان گڏجي، ڪلفٽن تي سمنڊ جي ڪناري
تي گهمڻ وياسون. روحانيت تي بحث ڇڙي پيو. اياز،
تصوف ۽ ويدانت جي روايت سان، روحانيت جي تعلق تي
ڳالهائي رهيو هو، ۽ چئي رهيو هو ته اُن معنيٰ ۾ هو
پنهنجي روحانيت جو قائل آهي. ابراهيم به سندس
حمايت ڪندي چيو ته روحانيت کي هرڀرو ڪا تنگ معنيٰ
ڏيڻ نه گهرجي. اُن وقت ڪونجن جي هڪ ڊگهي قطار، هڪ
ڪَڪريءَ وٽان نڪري، شفق جي لالاڻ ۾ گم ٿيڻ لڳي.
سندريءَ، اُن نظاري ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو،
واقعي منظر اهڙو ته دل کي جهوٻو ڏيندڙ هو، جو
ڀانيان ٿو ته اسان سڀني جون دليون گائون مائون ٿيڻ
لڳيون. سڀ ماٺ ٿي وياسون. مون ڏٺو ته ابراهيم جويي
جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، ۽ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي
چيو: ”الا، سنڌ جو آسمان ڪيڏو نه سهڻو آهي!“ ۽
پوءِ پنهنجي لڙڪن کان پريشان ٿيندي، ڳالهه لنوائڻ
لاءِ ٽهڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين: ”اسان جي
روحانيت ته اِجهو اِها آهي.“
سراج صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:
”ابراهيم جويي سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ، واقفيتون ۽
لاڳاپا، مختلف حيثيتن ۽ مختلف سطحن جا آهن. هڪڙي
حيثيت ۽ سطح ته اُها آهي جنهن تي هوُ هر نئين
لکندڙ کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ همٿائيندو آهي، رهبري ۽
رهنمائي ڪندو آهي.
1952ع جو زمانو هو، ۽ آءٌ مرحوم ڏيپلائيءَ وٽ
ملازم هوس، ترجما ڪندو هوس ۽ ڪتاب ويپيون ڪندو
هوس. اُن زماني ۾ ’ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري‘، ’چين ۾
هارين کي زمين ڪيئن ملي،‘ ۽ ’انسان ۽ انسانيت جي
تاريخ‘ ترجما ڪيا هئم، ۽ ڏيپلائي صاحب ڇپايا هئا.
جويو صاحب، ڏيپلائي صاحب جو گهاٽو دوست هو، ۽ اڪثر
قرآن پريس ۾ ويندو هو. منهنجي ساڻس واقفيت اُتي
ٿي. ڏيپلائي صاحب، منهنجا ڪجهه ترجما کيس ڏيکاريا.
ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پوءِ جڏهن به ايندو هو ته ور ور
ڪري پڇندو هو ته: سراج ڪا نئين شيءِ ترجمو ڪئي
اٿئي؟ هي کلڻو جوان، جنهن جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ
هوندي هئي، مون کان پندرهن ويهه سال وڏو هو، پر
جڏهن مون سان ڳالهائيندو هو ته منهنجي سطح تي ۽ هڪ
اهڙيءَ پنهنجائپ سان، جيڪا فقط خيالن جي هم
آهنگيءَ مان پيدا ٿيندي آهي. اُن ئي زماني ۾ هن
مون کي پنهنجو انگريزي زبان ۾ لکيل ڪتاب پڙهڻ لاءِ
ڏنو. اُن ڪتاب منهنجي ذهني ماحول ۾ هڪ طوفان برپا
ڪري ڇڏيو، ۽ مون نڪا ڪئي هم نڪا تم، هفتي ڏينهن ۾
راتيون جاڳي، اهو ڪتاب ترجمو ڪري، اصل ڪتاب سان گڏ
کيس ڏنم. هوُ ڪا گهڙي ته مون کي عجيب نظرن سان
گهوريندو رهيو، پوءِ هڪ مرڪ سان چيائين ته: ”چريا،
هي ڪتاب ته ضبط ٿيل آهي!“ اهو ترجمو اڃا وٽس، ڪن
پراڻن ڪاغذن ۾ موجود هوندو.
ترجمن تان ڳالهه ياد آئي ته آزاديءَ کان اڳ،
سنڌيءَ ۾ ترجمي جو فن ڏاڍي اوَج تي هو. سنڌيءَ جي
هر اهم اديب ۽ عالم، اهو پئي محسوس ڪيو ته جيسين
سنڌ ۾ اصلوڪو ادب پيدا ٿئي، تيسين ترجمن ذريعي
سنڌيءَ ۾ ٻين زبانن جو هڪ بهترين ادب ۽ علم اٿلائڻ
هڪ ضرورت هجڻ سان گڏ، سنڌيءَ جي مخلص ترين خدمت به
آهي. اُن ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو سر فهرست
آهي. هن سوين ڪتاب سنڌيءَ ۾ اُٿلائي وڌا. مرزا
قليچ بيگ جي هم عصر اديبن مان هر ڪنهن هڪ قرض
سمجهي، ڪو نه ڪو ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌيءَ جي جهول ۾
وڌو. انگريزي، هندي، بنگالي، اردو، مرهٺي ۽
گجراتيءَ جي بيشمار ڪتاب اُن دور ۾ ترجمو ٿيا.
آزاديءَ کان پوءِ ترجمي جي اهميت، جيڪڏهن ڪنهن
محسوس ڪئي ۽ ڪرائي، سو ابراهيم جويو هو. هن کي پاڻ
به ترجمي جو فن ايترو ته مٿاهين معيار تي کڻي ويو
آهي جو هن جا ترجما اصلوڪيون، طبعزاد تحريرون ٿيون
ڀانئجن، پوءِ اُهو تعليم تي ’ايميلي‘ هجي يا ٻيا
تازا ترجما، جن ۾ ’ٻارن جو مسيح‘ ۽ ٻيا اهڙا اهم
ڪتاب شامل آهن.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾، هن
ڏينهن رات ڪوشش ڪري، ادبي بورڊ جي ترجمن جي اسڪيم
کي اڳتي وڌايو. اُن اسڪيم ۾ دنيا جي علم ادب جا
بهترين ڪتاب چونڊيل هئا. جن اديبن ۽ عالمن کي بورڊ
طرفان ڪو ڪتاب ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو ٿي ويو، اُنهن
جي پويان ذاتي طرح ابراهيم جويو، جنسي پويان پئجي
ٿي ويو. هن جا ذاتي لاڳاپا سڀني عالمن ۽ اديبن سان
هئا، اُن ڪري، هلي وٽن ويندو هو، ۽ کين منٿون ڪندو
هو ته ٻيلي، ڏاها ٿيو. ڪتاب ترت ترجمو ڪري ڏيو ته
ڇپايون. رڳو ايستائين محدود نه رهندو هو، پر جڏهن
ترجمو پهچندو هو ته اُن کي ادبي معيار ڏيڻ لاءِ
رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيندو هو.
مون کي ذاتي طرح اُن جو تجربو ۽ مشاهدو آهي، ڇاڪاڻ
ته 1955ع کان 1957ع تائين آءٌ بورڊ جي اسسٽنٽ
سيڪريٽريءَ طور هن سان ڪراچيءَ واريءَ آفيس ۾ گڏ
ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪي ڪي ترجما ته اهڙا معيار
کان ڪريل هوندا هئا جو اُنهن کي سڌاريندي
سنواريندي، هو بلڪل نئون ترجمو ڪري وڃي پار پوندو
هو. ائين سوين ڪتاب ترجمو ٿيا، ۽ ابراهيم جي قلم
اُنهن جي نوڪ پلڪ کي درست ڪيو يا ماڳهين نئين سر
ترجمو ڪيو. اسان جي هڪ دوست (مرحوم تي الله جي
مغفرت هجي) رسڪن جي هڪ ڪتاب جو ترجمو ڪيو. اُن جو
مسودو اڄ به بورڊ جي رڪارڊ ۾ موجود هوندو. اُهو
ترجمو اهڙو لفظي ترجمو هو، جو جيڪڏهن ائين ڇپجي ها
ته رسڪن جو روح ريهون ڪري ها. ابراهيم جويي جي
قلم، اُن ڪتاب کي شاهڪار بنائي ڇڏيو ۽ اهو مثال
اڪيلو نه آهي، پر سوين ترجمن سان لاڳو آهي.
ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ ابراهيم جويي صاحب جي
فڪر کي وڏو دخل آهي، ۽ کيس اهو فڪر هو ته جيڪي
ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو سنڌي ادب ۾ اضافو آڻين،
پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي، ذهني سفر ۾، ٻه
قدم اڳتي نين. ادبي بورڊ جا ڪرايل ترجما، اُن جو
وڏو ثبوت آهن. اُن ۾ اوهان کي ڪوبه اهڙو ڪتاب نه
ملندو، جنهن ۾ محض ادبي چاشني هجي. ڪتاب اهڙو
چوُنڊيندو هو، جنهن ۾ ڪنهن ماڳ، ڪنهن منزل جا نشان
ملندا هجن. اها مقصديت رڳو بورڊ جي ڪتابن تائين
محدود ڪانه هوندي هئي. پنهنجي سنگتي ساٿين کي،
ڳالهين ڪندي ڪندي، اهڙن ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ
چوندو هو جيڪي هن پاڻ ۽ هنن گڏجي پڙهيا هئا، ۽ جن
جي مقصديت لاءِ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو هو.
سندس رغبت ڏيارڻ جو انداز به دل لڀائيندو هوندو
آهي جو ماڻهو سوچيندو ته هن کي جواب ڏيڻ سان هن جي
دل ٽٽي پوندي.“
8- انهن تعارفي جملن کان پوءِ، جويي صاحب جي لکيل
ڌار ڌار مضمونن ۽ سندس ڪتابن مان، سندس نثر
نويسيءَ ۽ طرز تحرير جا نمونا پيش ڪجن ٿا ته جيئن
پڙهندڙ سنڌ جي هن وڏي ڏاهي اديب ۽ نقاد جي ٻوليءَ
۽ سندس طرز تحرير جو تجزيو ڪري سگهن.
اسان جي مادري زبان ۽ اُن جي تعليم ۾ اهميت:
”سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زندهه انساني معاشرن
وانگر، هڪڙو اهم ۽ بنيادي حق، پنهنجي زبان جي
حفاظت ۽ فروغ آهي، ڇو ته اُن تي ئي سندس سڄيءَ
بلڪ، پوري وجود ۽ اُن جي افاديت جو دارومدار آهي.
اقوام متحده جي منشور ۾ ملڪن جي لساني اقليتن جو
وجود تسليم ٿيل آهي، ۽ سندس بنيادي انساني حقن جي
دستاويز ۾، لساني اقليتن جي ٻولين ۽ تهذيبن جي
بچاءَ جو واعدو ٿيل آهي. هم مذهب انساني اجتماع،
لساني اقليت جو وجود قائم رهي ٿو، ختم ڪونه ٿو
ٿئي. هم مذهب اڪثريت به هم مذهب اقليت مٿان ڏاڍ ۽
اُن جي حق تلفي ڪري سگهي ٿي.
آزاديءَ کان پوءِ، ڪجهه جذباتي ترنگ ۾، ۽ ڪجهه
گروهي مفاد جي ڇڪ سبب، اسلام سان گڏ، اردوءَ کي،
پاڪستاني نظرياتي اساس جي هڪ عنصر طور اڳيان
آڻيندي، ڪافي ٻولين کي ۽ خاص طرح سنڌ ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي تعليمي ۽ تهذيبي حيثيت کي نظرانداز ڪيو
ويو، بلڪ، اُن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ڪراچيءَ ۾، سنڌي پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن جو ڪافي
تعداد ۾ بند ٿيڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان
امتحاني ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ جي يڪ
طرفي ترديد، اُن سلسلي جا ڪافي ڳرا ۽ مهلڪ قدم
هئا.
اُن کان پوءِ وقت بوقت، بلڪ مرڪزي حڪومت جي هر
تبديليءَ سان تعليمي ڪميشن جا انعقاد شروع ٿيا، ۽
هر ڀيري ’مادري ٻوليءَ‘ جي اصطلاح کي ’قومي
ٻوليءَ‘ جي پرڪشش ۽ رعبدار اصطلاح سان ڍڪيندي،
اردوءَ کي سڄي ملڪ ۾ تعليم جي ذريعي طور رائج ڪرڻ
جون ڪوششون ٿينديون رهيون، جنهن جي نتيجي ۾ پڻ سنڌ
۾ سنڌيءَ جي محڪم بيٺل اهميت ۽ تعليمي درجي کي چڪ
لڳڻ جا امڪان اُٿندا ۽ نقصان پهچڻ جا انديشا
سامهون ايندا رهيا.
1958ع ۾، پهرئين مارشل لا جي دوران، قومي يڪجهتيءَ
جي مفاد ۾، سنڌ جي اسڪولن ۾ آندل مساويانه فارمولا
کي ختم ڪري، اردوءَ کي يڪطرفي فوقيت ڏياري وئي،
جنهن جي نتيجي ۾، سنڌي معاشري ۾ تهذيبي طور گروهي
تفريق ۽ امتياز جي صورت پيدا ٿيڻ جا آثار اُڀري
اڳيان آيا، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اُن جا هاڃيڪار نتيجا
نمودار ٿيا.“
2- تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آهي:
پهرين ٻولي، جا ٻار ٻڌي ٿو، ۽ ڪم ٿو آڻي، سا هُن
جي ماءُ جي ٻولي آهي.
اوسيتائين ته تعليم لاءِ ماءُ جي ٻولي ئي نه رڳو
مؤثر، سڀ کان مؤثر، پر واحد ذريعو سمجهي وڃي ٿي ۽
مڃي وڃي ٿي.
اُن کان پوءِ به، دنيا جي آزادي ۽ مهذب معاشرن ۾
هرهنڌ ۽ سڄيءَ انساني تاريخ ۾ اڄ تائين، تعليم جي
نه فقط موثر، پر سڀ کان سستي ۽ سڀ کان آسان ذريعي
طور ماءُ جي ٻولي ئي قبولي وئي آهي ۽ استعمال
ٿيندي آئي آهي.
فقط ٻاهران آيل مذهب ۽ ٻاهر جا فاتح ۽ حاڪم ئي
مڪاني طور رائج ماءُ جي ٻوليءَ جي اها حيثيت ۽ اهو
حق ۽ اُن جي اها لياقت قبول ڪرڻ کان انڪاري رهيا
آهن، ۽ انڪار ڪن ٿا، ۽ اُن ۾ هر طرح اُنهن جا
بالادستيءَ ۾ استحصالي مفاد موجود ٿين ٿا.
غير مادري زبان ذريعي تعليم ورتل قومون يا معاشرا،
سدائين متعلقه مادري زبان وارين ’تعليمي‘ قومن يا
معاشرن جا غلام، تابع ۽ محتاج رهيا آهن، اقتصادي،
سياسي ۽ سماجي طور - سڌا سنوان ۽ ظاهر ظهور يا
اڻسڌي ۽ اڻ لکائتي نموني.
اهڙن زبردست ۽ تابع معاشرن ۾ جڏهن تعليم لاءِ
مادري ٻوليءَ جي ذريعي جي ڳالهه ٿي ڪجي ته تعليم
جي سڄي سماجي مانڊاڻ يا سماجي سٽاء (mechanism)
کي نه، پر فقط ان جي رسمي پهلوءَ کي خيال ۾ رکي،
پوءِ اُها ڳالهه ٿي ڪجي، ڇو ته اسڪولن، ڪاليجن،
يونيورسٽين، ڪتابن، اخبارن، ريڊين ۽ ٽيليويزنن، ۽
ڌارينءَ ٻوليءَ جي مذهبي واعظن ۽ مبلغن ۽ اُن جي
اهڙن ٻين حڪومتي يا بالادستي واسطن کان علاوه، ۽
اُنهن کان بلڪل دور رهي ڪري، ماڻهن جو باقي سڄو
پنهنجو وقت پنهنجي مادري جي سماجي فضا ۾ ئي رهڻ
ٿئي ٿو، ۽ انهيءَ سڄي تعلق دوران، کيس پنهنجي
مادري زبان ۾ ئي حسي تربيت ۽ ذهني تعليم ملندي رهي
ٿي. بالادست ۽ استحصالي مفاد کي در اصل اِها عين
فطري ۽ قدرتي صورتحال به ڏکي لڳندي آهي، ڇو ته اُن
۾ هو زبردست معاشري يا قوم کي پنهنجي گرفت مان
انيڪ نمونن ۾ آجو ٿيندي ڏسي ٿو، يا ڪم از ڪم،
محڪوم قوم جي اُن غير رسمي تعليم جي دائري ۾ هو
پاڻ کي ڪمزور ٿو محسوس ڪري، ۽ انهيءَ ڪري اُن محاذ
تي هو پاڻ کي ڪٿي به موجود نٿو ڏسي، ۽ انهيءَ ڪري
بي اطميناني، خاموشي ۽ ڪاوڙ جو پوءِ هو ايئن ظاهر
ڪندو آهي، جو هوُ تابع معاشري يا قوم جي زبان جي
استعمال ۽ اثر کي بلڪل ختم نه، ته به وڌ کان وڌ ۽
هر طرح گهٽائڻ ۽ محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اُن
ڪوشش ۾ پهريون نشان اُن جي اڳيان اُهو هوندو آهي
ته ڪنهن طرح زبردست معاشري جي ٻوليءَ کي، رسمي
تعليم جي ذريعي جي حيثيت ۽ عمل کان محروم رکيو
وڃي. ريجهه راز ۽ ماٺ ميٺ ۾، نه ته زوران زوريءَ ۽
حڪما حڪميءَ به، بلڪه ٻنهي طريقن جي گڏيل
ڪاريگريءَ ۽ ڪارستانيءَ وسيلي.
سنڌي ساهت جو آئندو:
سنڌي ساهت جو آئيندو سنڌي ٻوليءَ سان ڳنڍيل آهي، ۽
سنڌي ٻوليءَ جو سنڌي سماج سان، ۽ سنڌي سماج جو اُن
جي ماڻهن، اُن جي اڳواڻن ۽ اُنهن جي مقصد ۽ اُن
مقصد لاءِ سندن جدوجهد سان ڳنڍيل آهي.
سوال آهي ته سنڌي سماج آهي به؟ ڪي حلقا اُن جو
جواب انڪار ۾ ڏين ٿا ۽ چون ٿا:
”بحر آهي جنهن ۾ ڦڙن جي حيثيت ڪانهي. فرد، گروهه ۽
سماج، انهن جا مفاد، ٻوليون، تهذيبون اُن ۾ گم
ٿيون وڃن.“ پر عملاً اُهي ساڳيا حلقا ڦڙا ته ڦڙا،
سڄي بحر کي، لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ گدڙ وانگر ڏوڪ ڏوڪان
ڪري، پي وڃڻ چاهين ٿا. لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ گدڙ ٻه ڪچا
ٻير کاڌا هئا، ٻه پڪا ٻير کاڌا هئا، ڇيڻا چونڊيندڙ
ڇوڪري کاڌي هئي، ۽ ٻڪريون چاريندڙ ٻڪرار، ڳئن جو
ڳنوار، مينهن جو ميهار، ۽ اُٺن جو اوٺار کائي، اُڃ
لڳڻ تي اچي بيٺو هو درياء تي - چي: ”درياء به
پيئندس.“! سو ڏوڪ ڏوڪان ڪندي پيٽ ڦوڪجي پيو هوس ۽
نيٺ ڦاٽي پيو هوس، ۽ پوءِ اُن مان ٻه ڪچا ٻير نڪري
آيا هئا، ڇيڻا چونڊيندڙ ڇوڪري، ٻڪرين سوڌو ٻڪرار،
ڳئن سوڌو ڳنوار، ميهنن سوڌو ميهار ۽ اُٺن سوڌو
اوٺار سڀ نڪري آيا هئا، ۽ وڏي ڳالهه ته درياء جو
پاڻي به گڙ گڙ ڪندو موٽي درياء ۾ وڃي پيو هو.....
سو ’فردن ۽ درياءَ‘ جي ڳالهه ته آهي، پر فرد فرد
آهن، گروهه گروهه آهن، ۽ ٻوليون، تهذيبون ۽ سماج
به آهن، ۽ ائين، حقيقتون نيٺ حقيقتون آهن. ڪنهن جي
انڪار ڪرڻ سان، يا ڪنهن جي کائي وڃڻ سان، اُهي
هرگز گم نٿيون ٿين.
سو، سنڌي سماج جي وجود جي حقيقت به آهي، پر پڇي
سگهجي ٿو ته اُهو اڄ ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ ڪهڙيءَ منزل
تي موجود آهي، ڇو ته هن سوال جي جواب تي ئي مدار
آهي، مقصد جي مقرر ٿيڻ جو، جيڪو سنڌي سماج جا
ماڻهو ۽ اُن جا اڳواڻ پنهنجي جدوجهد لاءِ آڏو رکي
سگهن ٿا، جنهن لاءِ، جنهن جي روشنيءَ ۾، هنن کي
پنهنجي ساهت جو آئيندو سوچڻو ۽ ٺاهڻو آهي. سنڌي
سماج هڪ پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي. جنهن منزل تي
اُهو اڄ بيٺل آهي، اُن کي ’ڪرندڙ وڏيرپ، يڪطرفي
پيري، شاهوڪار شاهي، بيٺڪي ۽ نيم بيٺڪي منزل‘ چئي
سگهجي ٿو. ڪرندڙ وڏيرپ انهيءَ ڪري جو سنڌي سماج جي
انهيءَ ڏاڪي کي ٻُڍاپي جو سُرو کائي چڪو آهي؛ يڪ
طرفي پيري، شاهوڪار شاهي، انهيءَ ڪري جو اُن جو
ڏاڪو، هڪ پير تي بيٺل آهي، يعني ’شهر‘ جي پيرن تي
جنهن جو سنڌي سماج جي باقي جنم سان، سماجياتي يا
حياتياتي سنگُ خيرڪو آهي؛ اُن جي بيٺڪي ۽ نيم
بيٺڪي ڏاڪن جي ڳالهه ڪرڻ معنيٰ ملڪي سياست ۾
اُلجهڻ، انهيءَ ڪري اُها اِتي ڍڪي ڀلي، ۽ هونئن به
واڻڪي ٻوليءَ ۾، اُها ’جاهر جَهور ۽ پڌڙي‘ پيئي
آهي.
بهرحال، سنڌي سماج هڪ پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي.
علمي ۽ ذهني طور خصوصاً ۽ ادب جي آئيندي تي ويچار
ڪرڻ لاءِ اسان لاءِ اها ڳالهه ڪافي آهي.
’سندي ذات هنجن‘ ڪتاب جو مهاڳ:
”ٻولي، آواز - دانهن ۽ دانهن جو جواب“ - ٻوليءَ جا
لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽
اُن لاءِ وڏو آٿت آهن، بلڪه انهن لاءِ ماڻهپي سان
جيئڻ جو بنياد آهن.
روسي اديب، ترگنيف (1815ع- 1883ع)، جنهن پنهنجي
زندگيءَ جو اڌ حصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو
هو، تنهن پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو
هو ته:
”جڏهن آءٌ شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو؛ جڏهن به پنهنجي
ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي وڃي ٿو، تڏهن او
منهنجي سگهاري، عظيم، سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون
ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿي، ۽ مون کي بچائين ٿي. جي تون
نه هجين ها ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي ٿي
رهيو آهي، اُن کي ڏسي آءٌ هوند ڊهي، بنهه پٽ اچي
پوان ها؛ پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي
عظيم ٻولي، عظيم قوم کان گهٽ، ڪنهن قوم کي ملي
هوندي.“
انهيءَ حوالي کان پوءِ، پنهنجيءَ ٻوليءَ کي عظيم
ٻولي سڏيندي، جويو صاحب لکي ٿو ته:
”اسين به پنهنجيءَ ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته
اها اسان جو ڏڍُ آهي، آٿت آهي. اها اسان جا شڪ ۽
نراسايون دور ڪري ٿي.... پر جيڪا ٻولي اسان کي
’سندي ذات هنجن‘ جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي، اُن جهڙي
پرک ڏيئي سگهي ٿي، اُها ڪيئن نه عظيم هوندي، ۽ نيٺ
ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي، عظيم قوم
کان گهٽ، ڪنهن قوم کي ملي هجي!“
جويو صاحب، ٻولي جي باري ۾، پنهنجي هڪ ٻئي مضمون ۾
لکي ٿو ته:
”جيستائين سنڌي مائرون پنهنجن معصوم مٺڙن ٻارن کي،
پنهنجين محبت ڀريل هنجن ۾، سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ
جون مٺيون لوليون ڏينديون رهنديون، تيستائين اسان
جي سهڻي، سلوڻي ٻوليءَ اُن جي ادب جا پر بهار گل،
ٻوٽا ۽ ڦلدار وڻ، جيئن پوءِ تيئن زياده اُڀرندا ۽
اُسرندا، وڌندا ۽ ويجهندا ئي رهندا.“
جويو صاحب، صبر، تحمل، انڪساري، عجز ۽ نوڙت سان
ڀريل هڪ آدرشي انسان آهي. سنڌ جي هن ڏاهي جو سنڌ،
سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي ثقافت سان بي
انتها عشق آهي. هن کي سنڌ جي ڀلائيءَ، سنڌ جي
آئيندي، سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ اونو
رهندو آهي. تاج جويي، سائين محمد ابراهيم جويي
لاءِ بلڪل درست لکيو آهي ته:
”هن جي نالي وٺڻ سان، سڄي سنڌ جي ويهين صديءَ (۽
اڪيهين صديءَ جي ابتدا) جي سنڌي ادب جي ڪارڪردگي،
معنيٰ ۽ مقصد سامهون اچي وڃن ٿا.“ |