سنڌ جو ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي
محمد ابراهيم جويو
موتي رام ايس.رامواڻي
سنڌ جو بزرگ اديب ۽ عالم، ودوان ۽ سڄاڻ، هن وقت
بمبئي ۾ آيل آهي، هيءُ سڄڻ ڏاهو ۽ دانشور آهي، هڪ
انسان دوست آهي انسانيت جا انگ ۽ لنگ، منجهس ڪوٽان
ڪوٽ ڀريل آهن، جي سڄڻ سندس ويجهو آيا ۽ جن سندس
ساٿ حاصل ڪيو، سي پاڻ کي سندن ڇڪيندڙ مقناطيسي اثر
کان آجو نه ڪري سگهندا.
ڀاءُ ابراهيم جويو 9- مارچ تي رات جو بمبئي ۾ پهچي
ويو. هن صاحب 10- مارچ تي ڏينهن جو پروفيسر رام
پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچرل سينٽر ’سيتا سنڌو ڀون‘ ۾
پنهنجي تقرير ۾ ٻڌايو:
”مان 24 سالن کان پوءِ بمبئي ۾ آيو آهيان، ان جو
هڪ خاص مقصد به آهي. منهنجو پنهنجو مرشد، منهنجو
استاد دادا ڄيٺمل پرسرام هتي 1947ع ۾ آيو ۽ هتي ئي
دم ڏنائين. آءٌ هتي دادا جن جي سپتورام گلراج جي
دعوت تي آيو آهيان.
دادا ڄيٺمل سنڌيءَ جو وڏو عالم ۽ اديب، سنڌ جو وڏو
صوفي بزرگ ۽ فقير تن انسان هو. هو شاهه عبداللطيف،
سچل سرمست ۽ ساميءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ پرچارڪ هو سنڌ ۾
هن جا سنڌي ساهت ۽ سماج شيواڪاري جي کيترن ۾ ڪيئي
تاريخي نقش ڇڏيل آهن. پاڻ ڪيئي اَملهه ڪتاب
لکيائين جن مان ڪيترا اڻ ڇپيل رام گلراج وٽ هتي
پيل آهن.
”ڀاءُ رام جو آءٌ نهايت شڪرگذار آهيان اعليٰ جنهن
مون کي هتي سڏيو آهي ته دادا صاحب جا اهي قلمي
ڪتاب ڏسان ۽ پڙهان، سهيڙيان ۽ سموهيان ۽ پڻ ڪي هم
خيال دوست گڏجي ويهي سوچين ته انهن جي ڇپائي ۽
اشاعت جا هتي يا سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪري سگهن ٿا،
ان ڪم جي سلسلي ۾ مان هتي آيو آهيان.“
شري ابراهيم جويو هڪ هاريءَ جو پٽ آهي، اصل تيرٿ
لڪيءَ جي ڀر ۾ ننڍي ڳوٺ آباد، تعلقي ڪوٽڙيءَ جو
ويٺل آهي. سندس جنم 13- آگسٽ 1915ع تي ٿيو. جويا
قوم جا ماڻهو سنڌ ۾ ٿورا آهن، پر پنجاب راجسٿان ۽
بهاولپور طرف انهن جو تعداد وڏو آهي، جويا راجپوت
آهن.
ابراهيم جويي پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ
آباد، سن ۽ پوءِ سنڌ مدرسي ۽ ڊي.جي سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪئي. آخر ۾ بمبئي ۾ به پڙهڻ ويو.
بي.اي، بي.ٽي پاس ڪيائين. 1928ع ۾ سنڌ مدرسي
ڪراچيءَ ۾ ماستر بنيو. پوءِ تعليم کاتي تي وڏن
عهدن تي رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، چيئرمن
۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ميمبر به رهيو.
1963ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڪيترن ڪتابن جو مصنف ۽
ترجمان به آهي.
سنڌيءَ ۾ سندس آيل 19 ڪتاب آهن ۽ انگريزي ۾ ست.
سنڌ مدرسي ۾ ڪجهه سال ماستري ڪندي هن هڪ ڪتاب
انگريزيءَ ۾ لکيو، جنهن جو نالو هو ’سيرِ سنڌ،
سيوِ دي ڪانٽيننٽ‘. انهي ڪتاب لکڻ تي سنڌ مدرسي جي
پريزيڊنٽ پير الاهي بخش هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي
ڇڏيو.
شري ابراهيم جويو 1951ع کان 1961ع تائين سنڌي ادبي
بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. ان دور ۾ هن صاحب سنڌي
ٻولي ۽ ادب کي ترقي ڏيارڻ ۾ وڏيءَ محنت سان ڪم
ڪيو. ڪجهه وقت ”مهراڻ“ ٽماهي رسالي جي ايڊيٽري به
ڪيائين. اهو سڀ ڪم هن شيوا ڀاو ۽ مشينري جذبي سان
ڪيو. اٺن سالن ۾ هن جو ڪم ڪري ڏيکاريو، اهڙو مثال
ڳوليو نه لڀندو، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت جو ڪم شري
ابراهيم جويي هڪ قوم پرست سنڌي شيوڪ ٿِي ڪيو.
ڀاءُ ابراهيم جويي جو هڪ ڪتاب ’شاهه- سچل- سامي هڪ
مطالعو‘ نهايت لوڪپريه ثابت ٿيو آهي. هن ڪتاب جو
پنجون ڇاپو آگسٽ 1990ع ۾ نڪتو آهي، پنجين ڇاپي
لاءِ ٻه اکر به جويي صاحب هن ريت لکيو آهي: ”زير
نظر ڪتاب، ’شاهه- سچل- سامي هڪ مطالعو‘ جنهن جو
پهريون ڇاپو فيبروري 1978ع ۾ پڌرو ٿيو، اصل ۾ هڪ
خاص مضمون طور لکيو ويو هو، ته جيئن ان کي سنڌي
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتي، شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي
ڪلام (”شاهه جي رسالي ۽ رسالي سچل سرمست“ ۽ ساميءَ
جي سلوڪن“) جي ٽن جلدن جي هڪ ئي خصوصي اشاعت
(ڊسمبر 1978ع) لاءِ مهاڳ طور پيش ڪيو وڃي.
5- جولاءِ 1977ع تي ضياءالحق وارو خوني مارشل لا
لڳي ويو هو ۽ خاص طرح سنڌ جي سڄي فضا هڪ وڏي گهُٽ
۽ ٻوساٽ ۾ وريل هئي. مارشل لا کان اڳ پيپلز پارٽي
حڪومت جي پوئين سال (1976ع) ۾ سنڌ دشمن، رجعت پرست
حلقن، خاص طور جماعت اسلاميءَ جي نظرياتي بلئڪ ميل
جي دٻاءَ ۾ ايندي حڪومت سنڌ شير شاهه جي شڪري جو
ڪم ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ هڪ سؤ ڪتاب ۽ رسالا
هڪ ئي قلم جي نوڪ سان ضبط ڪري ڇڏيا.
دوستن جو انديشو هو ته اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن هن
مهاڳ سان اها ٽن جلدن وارو ايڊيشن شايع ٿيو ته پڪ
ئي پڪ اهو به ضبط ٿي ويندو. انهيءَ خيال سان پوءِ
فيصلو ڪيو ويو ته ان خصوصي ايڊيشن لاءِ الڳ هڪ سڌو
سادو ۽ ننڍو مهاڳ لکيو وڃي ۽ هي مضمون جدا ڪتابي
صورت ۾ شايع ڪيو وڃي. ائين هيءُ ڪتاب جڏهن پهريون
ڀيرو پڌرو ٿيو ته هڪ ئي مهيني ۾ ان جو پهريون ڇاپو
وڪامجي ويو. ترت ئي ان جو ٻيو ڇاپو ٽي هزار (3000)
ڪاپين جو آندو ويو ۽ ان کان پوءِ هڪٻئي پٺيان هن
جا وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ان طرح ڪتاب جو
هيءُ پنجون ڇاپو آهي جو سنڌي ادب جي باشعور ۽
باذوق پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
ڪتاب جي هن نئين ڇاپي سان شامل آخر ۾ موضوع سان
لاڳاپيل پنج سنڌي مضمون ”اسين ۽ شاهه“، ”نئون
نياپو“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“ ۽
”ڇڄ ۾ قطاران....“ ۽ هڪ انگريزي مضمون "Sindh
and the message of Shah" به
شامل آهي.
ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جي مهاڳ ۾ شري جويي لکيوآهي:
”ٻولي جيڪڏهن ڪنهن قوم يا سماج جي سڄي تجربي جي
ياداشت آهي ۽ جيڪڏهن ڳالهه ان جي بهترين شاعريءَ
جي هجي ته ان جي افاديتن به ان لاءِ اهڙي ئي
انوکي، سچي ۽ اعليٰ ٿي سگهي ٿي. هن مطالعي ۾ مون
شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي انهيءَ اهميت ۽
انهيءَ افاديت جي ڳالهه ڪئي آهي.“
”..... پنهنجي تاريخ، پنهنجي ادب ۽ پنهنجي سڄي
تهذيبي ورثي جي حاصلات مان شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي
ڪلام ۾ سنڌي سماج لاءِ ان راهه جو هن وقت ڪهڙو ڏس
موجود آهي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ اسان هرهڪ تي اڄ
پهريون فرض آهي، مون هن ڏس ۾، انهيءَ ڏس لهڻ جي
پنهنجي پر ۾ هڪ ڪوشش ڪئي آهي.“
(هند واسي، بمبئي، 7- اپريل 1991ع)
محمد ابراهيم جويو
ڊاڪٽر علي اڪبر ”اسير“ قريشي
آرزو ابراهيم جي، ڪئي پوري پالڻهار،
الله ڏني ”اڪبر“ چوي وڏي ڄام ڄمار،
خوشيون بيحد بيشمار، جويو ڪري ٿو جڳ سان.
(اسير قريشي)
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي اعليٰ پايي جي عالمن،
شاعرن، مفڪرن، مفسرن، مترجمن، محققن، اديبن،
ليکڪن، سياستدانن، تعليمدانن ۽ تاريخدانن جنم وٺي
پنهنجي پنهنجي حصي جي ڪم کي پنهنجي پنهنجي مقام تي
علم و ادب وغيره جي خدمت ڪري نالو ڪمايو آهي. ڪِن
ماضيءَ جي مقالن/ مضمونن جي ذريعي اپٽار ڪئي آهي
ته ڪِن وري حال تي نظر وجهي پاڻ ملهايو آهي ۽ ڪِن
ماضي ۽ حال کي گڏي مستقبل کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز
۽ محور بڻايو آهي. اهڙين شخصيتن مان محمد ابراهيم
جويو به هڪ آهي، جيڪو خدا تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان
سئو سالن جو ٿي ويو آهي.
”اسير“ ابراهيم کي ٿيو پورو سؤ سال،
الله ڪيون ان تي ڪَئين ڀلايون ڀال،
خوب ٿيو خوشحال، ڏسي جشن جڳ سان.
(اسير قريشي)
جويو صاحب پنهنجي صد ساله زندگيءَ جو اڻ کُٽ ڀنڊار
آهي. ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين پنهنجي سيني ۾ سؤ
ساله تاريخ سانڍيون پيو اچي. ان تاريخ مان جويي
صاحب اسان کي مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن جي صورت ۾
ڪيترو ئي سرمايو ڏنو هوندو. سندس ڪارنامن ۽ خدمتن
کي چند صفحن ۾ محفوظ ڪرڻ، ڄڻ ته ”سمنڊ کي ڪُوزي ۾
بند ڪرڻ جي مترادف ٿيندو.“
اڄ اسان جي اها خوش بختي ۽ خوش قسمتي آهي جو جويي
صاحب جي سؤ ساله سالگرهه جي موقعي تي سنڌي ادبي
بورڊ مهراڻ رسالي جو خاص جويو نمبر ڪڍي رهيو آهي.
هن کان اڳ سنڌي ادبي بورڊ ڪجهه نمبر پڌرا ڪري چڪو
آهي، تن ۾ هيءُ نمبر به پنهنجو مُلهه پاڻ
ٺهرائيندو ۽ اهڙن نمبرن ۾ اهم جاءِ والاريندو. آءٌ
ڪافي ڏينهن کان وٺي اِن سوچ ويچار ۾ مبتلا آهيان
ته سنڌ جي هن هيڏي وڏي شخصيت تي ڇا لکان! ڪيئن
لکان! جي لکان ته ان کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح نڀايان!
منهنجي وس ۽ پهچ کان اِها ڳالهه بنهه ڏور آهي، نيٺ
پهه پچائيندي جويي صاحب تي لکڻ جي تمنا ڪندي، يوسف
جي خريدارن ۾ نالو ڳڻائڻ جي ادنيٰ ڪوشش ڪئي اٿم.
مون جويي صاحب جا ليک مختلف اخبارن ۾ پڙهيا آهن جي
هن وقت اکين کان اوجهل آهن، پر سندس تحريرن ۾
دلڪشي ۽ جاذبيت، رواني ۽ سلاست اڄ به اکين اڳيان
ڦريو ٿي اچي. سندس تحرير جو انداز نرالو ۽ نيارو
آهي جيڪو نه چاهيندي به پڙهندو، سو سندس ساراهه جا
ڍُڪ پيو ڀريندو ۽ رڄ ئي نه ڪندو، پر ائين پيو
چوندو ته جيڪر هر هر پيو پڙهجي ۽ جويي صاحب کي پيو
داد ڏجي، ڇو ته هُو اِن ئي داد جو مستحق آهي.
دل سان سڀئي داد، ڏيو ڏاهي ڏات ڌڻيءَ کي،
”اسير“ مٿس امداد، مولا ڪئي مهر سان.
(اسير قريشي)
جويي صاحب ادب جي زمين به خوب کيڙي آهي ۽ نوان
نوان گس ۽ گوشا اسان کي پئي آڇيا آهن جيڪي اسان ۽
اسان جي نئين نسل لاءِ هڪ بهترين سرمايو آهن. ان
سرمايي کي سائين ۽ ان جي تحقيق ڪرڻ محققن جي لاءِ
هڪ برجُستو پيچرو آهي.
جويو صاحب ته ترقي پسند اديب ۽ عالم آهي، هن
پنهنجي وقت ۾ سنڌ سان جيڪي هاڃا ڏٺا، سي سڀ کيس
ياد هوندا. جيئن ون يونٽ جو قهري قيام، سنڌ ۾
ڌارين جي آباد ڪاري، سنڌ ۾ ايم.آر.ڊي جو عرصو يا
ضياءالحق جي مارشل لا جهڙا کوڙ سارا مسئلا ۽ مرحلا
پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ ڪنن سان ٻُڌا آهن جن تي
جويي صاحب ڪافي ڪجهه لکيو آهي جيڪو اخبارن ۽ رسالن
يا مختلف ڪتابن جي زينت بڻيل آهي. ليڪن اسان انهن
مسئلن تي اڃا سنجيدگيءَ سان سوچيو به نه آهي. جيڪا
هڪ وڏي خامي آهي.
محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو راز ۽ آواز آهي،
آواز سان گڏوگڏ آغاز به آهي. خدا تعاليٰ جي
بارگاهه ۾ دعاگو آهيون ته اڃا به کيس عمر دراز ملي
۽ سنڌي ادب جي ميدان ۾ ڪي نوان گل ٻوٽا، سنڌ
سٻاجهيءَ کي ارپيندو ۽ آڇيندو رهي.
سنڌ جو هيءُ دور ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي ۽ گذري. ڇو ته
اسان وٽ قحط الرجال سان گڏوگڏ قحط الاستاد به آهي.
جويو هڪ سچار، ايماندار، هڏ ڏوکي ۽ همدرد استاد ٿي
رهيو آهي. جويي صاحب جهڙا ماڻهو اسان وٽ آڱرين تي
ڳڻڻ جيترا مس آهن. هيءُ سنڌ جو مهان ڏاهو، سچيت ۽
سرويچ پنهنجي صديءَ جو اڻ مٽجندڙ ڪتاب آهي. هيءُ
اهڙو ڪتاب آهي، جنهن سنڌ جي هر هلچل ۾ هُل هلاچو
مچائي ڇڏيو آهي. ون يونٽ جي قائم ٿيڻ تي جيڪا هلچل
هلي ۽ مانڌاڻ متو، تنهن جو اثر به جويي صاحب تي
ڪافي پيل ٿو ڀانئجي. ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪا
جدوجهد جويي صاحب جي ٽهيءَ ڪئي، جن سان خود جويو
صاحب به هر موڙ تي شامل ۽ گڏ هو. تنهن جو (ون
يونٽ) خاتمو آڻي پوءِ وڃي سک جو ساهه کنيائون.
اهڙا قهري ڪارا قانون سنڌ تي اصل کان وٺي مڙهيا
وڃن ٿا، جي هڪ وسامڻ تي مس ٿو پهچي ته وري ٻيو
اڳيئي تيار آهي. ان جو اهو سبب آهي جو اسان جو همت
۽ حوصلو ڪنهن حد تائين پست ٿي ويو آهي.
جويي صاحب سنڌ جا لاها چاڙها به ڏٺا آهن ته سنڌوءَ
جون موجون ۽ مستيون به ڏٺيون آهن. انهن ۾، ۽ اڄوڪي
هن سائنسي دور ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. سنڌ هر دور
۾ خوشحال پئي رهي آهي. پر جڏهن کان واڳن وات ڦاڙيو
آهي ته سنڌ جي شادابي ۽ سڪون تباهه ٿيندو رهيو
آهي، اهو سڀ ڪجهه محمد ابراهيم جويي جي اکين اڳيان
اڄ به تازو هوندو.
محمد ابراهيم جويو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هلندڙ ڦرندڙ
ڪتب خانو ۽ اڻکٽ انسائيڪلوپيڊيا جو درجو رکي ٿو.
اديبن ۽ شاعرن ۽ عالمن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندن وفات
کان پوءِ ڪو مجموعو سندن نالي ڪبو، يا کڻي بعد ۾
اهڙو ڪارنامو ڏيکاربو، جو اهو سندن نالي پويان
ڳنڍيو اچي. سنڌي ادبي بورڊ اهڙا ڳچ نمبر ڪڍيا آهن،
جي اديبن ۽ شاعرن ۽ عالمن جي وفات کان پوءِ پڌرا
ٿيا آهن پر هيءَ ڳالهه اهم آهي ۽ ادب جي ميدان ۾
پڻ نئين ليکي ويندي. اها هيءَ ته جويي صاحب کي
سندس زندگيءَ ۾ مڃتا ڏني پئي وڃي. مضمون/ مقالا
لکرائي مٿس هڪ بهترين شمارو ڪڍيو پيو وڃي. جيئن
مرحوم طارق اشرف، شيخ اياز، امر جليل ۽ نسيم کرل
سهڻي نمبر ڪڍي هميشه لاءِ کين امر ڪري ڇڏيو.
اهڙيءَ طرح جويي صاحب پڻ اهڙي حق جو مستحق آهي.
جويي صاحب کي زندگيءَ ۾ مڃتا يا خوش رکڻ لاءِ اهڙو
ڪارنامو سرانجام ڏنو پيو وڃي. اهڙيءَ ريت دنيا
جهان کي خبر پوي ته جويي صاحب کي سندس زندگيءَ ۾
ادب ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ۽ ياد ڪيو پيو وڃي.
نئين سنڌ جو اڏيندڙ
محمد ابراهيم جويو
ڊاڪٽر مخمور بخاري
جِت نه پَکيءَ پير، تِتِ ٽِمڪي باهڙي،
ٻَيو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙڪيءَ کير ري؟
(شاهه)
سائين محمد ابراهيم جويي ’شاهه، سچل، سامي‘ ڪتاب ۾
هنن ٽنهي شاعرن بابت لکيو آهي ته: ”هي ٽئي شاعر،
نئين سنڌ جا نقيب آهن!“ آءٌ ان ڳالهه کي جيڪڏهن
اڳتي وڌائڻ جي همٿ ڪريان ته چئي سگهجي ٿو ته:
شاهه، سچل، ساميءَ کان اڳتي هڪ جديد ۽ نئين سنڌ جا
اڏيندڙ، سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز ۽ ابراهيم
جويو آهن. هنن ٽنهي شخصيتن جدا جدا مورچن تي ويهي
هڪ نئين سنڌ کي اڏيو آهي. سائين جي. ايم. سيد
هزارن سالن کان خودمختيار رهندڙ سنڌ جي قومي حيثيت
کي مڃرائڻ لاءِ عملي ڪم به ڪيو ته ان سان گڏ قلمي
پورهيو به ڪيو. ’پيغام لطيف‘، ’ديار دل، داستان
محبت‘، ’سنڌ ڳالهائي ٿي‘، ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘،
’سنڌ جا سورما‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب سن جي سيد، سنڌ
جي سجاڳيءَ لاءِ تصنيف ڪري سنڌ آڏو پيش ڪيا. ان
کان اڳتي ادب جي مورچي تي سائينءَ جي ڪم جي تسلسل
۾ شيخ اياز، سنڌ جي وجود ۾ پنهنجي پُر اثر شاعريءَ
ذريعي هڪ نئون روح ڦوڪيو، اهڙو روح، جنهن ماڻهن ۾
ذهني سجاڳي پيدا ڪندي، انهن کي اٿڻ ۽ جاڳڻ تي
مجبور ڪيو:
منهنجي سنڌڙي، منهنجي جندڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ!
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سُرخ گلاب!
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا.
سنڌڙي جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي.
هي ماڻهو وِهه جو ڍڪ ٿيا، جئن لُڪ لڳي، تئن رُڪ
ٿيا. اهڙو ادب جي هن مورچي تي هڪ اهڙو شخص به
بيٺل/ ڄميل نظر اچي ٿو. جيڪو ڪڏهن به زماني جي
لاهن چاڙهن، جهڪن جهولن، لڱ ساڙيندڙ گرمين ۽ ڄاتل
سڃاتل چهرن جي بي حسيءَ کان مايوس نه ٿيو. دل نه
لاٿائين، پر هميشه اڳي کان اڳڀرو نظر ايندو رهيو،
ارادي جي پختگي، حوصلي ۽ همت سان ڌرتيءَ طرف ايندڙ
هر طوفان کي منهن ڏيندو سهندو رهيو آهي. اهو ارڏو،
اَٽل، باهمت، بردبار، فهم فراست ۾ برجستو، مخلص،
سچو، ساڃاهه ۽ سُرت رکندڙ، ڌرتي جو کرو سپاهي،
حفاظت ڪندڙ اسان جو سائين محمد ابراهيم جويو آهي،
جنهن کي ڏسي، مون کي ڪنهن ڏاهي جا هيءُ لفظ
ياد پوندا آهن:
”جسمن جو ٿڪ ڪا حيثيت نه ٿو رکي، رڳو روح نه ٿڪجڻ
گهرجن.“ اها حقيقت آهي ته جن به جسم جي ٿڪ کي ڪجهه
نه سمجهيو، انهن جو روح هميشه تازو توانو رهيو،
اهڙن فردن جا حوصلا پهاڙن جيان اٽل ۽ مضبوط رهيا
آهن، هو ڀٽائي سائينءَ جي هنن سٽن جا ڄڻ ته هوبهو
عڪس ٿي پيا آهن:
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
ٽمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏڻا،
ماءُ کاهوڙي هليا، دُکائي دونهان،
ڇپر جا سونهان، ڏوٿين ڏٿ چتائيو!
گنجو ڏونگر گام، پيهي ڄڻ پروڙئو،
ڪري تن تمام، لوچي لاهوتي ٿئا!
سائين ابراهيم جويي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هُو
سائين جي.ايم.سيد ۽ شيخ اياز سان گڏ ”نئين سنڌ جو
اڏيندڙ“ آهي. هن جديد سنڌي ادب جي سونهين، مرزا
قليچ بيگ کان پوءِ نيون راهون گهڙيون، ٽماهي
”مهراڻ“ ڪڍڻ کان وٺي شيخ اياز جي ڪتابن جي مهاڳن
لکڻ تائين ئي فقط ڏسجي ته جويي صاحب جو ڪم موتين
جيان جرڪندي نظر ايندو. اياز جي ڪتابن جا مهاڳ رڳو
ڪي سطحي مهاڳ ناهن، بلڪ اهي سنڌي ادب جا اهي
شاهڪار تنقيدي مهاڳ آهن، جن جي حيثيت سنڌي ادب ۾
انتهائي اهم آهي، اهو سچ آهي ته هر شاعر پنهنجي
ماضيءَ سان ڳنڍيل هجڻ باوجود پنهنجي دور جو عڪس
هوندو آهي. هو جنهن دور ۾ زندهه رهندو آهي. اهو
دور مٿس وڏيون ذميواريون عائد ڪندو آهي. ان صورت ۾
پنهنجي دور جي اهوئي شخص اڳواڻي ڪندو آهي ۽ پنهنجي
پٺيان ايندڙن لاءِ نم جي ٿڌيءَ ڇانوَ سمان ثابت
ٿيندو آهي.
جويي صاحب، شيخ اياز جي شاعريءَ جي جيڪا اوک ڊوک ۽
پرک پروڙ ڪئي آهي، اهو ڪم به شاعر جي ڪم کان گهٽ
ناهي، چوڻي آهي ته: ”هيري جو ملهه جوهري ئي ڪٿيندو
آهي.“ ان صورت ۾ ”هيرو“ ۽ ”جوهري“ ٻئي برابر جي
حيثيت جا مالڪ هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ”هيري“ جي
اهميت جو ڪاٿو ڪٿندڙ خود به خداداد صلاحيتن جو
مالڪ هوندو آهي، اهو سچ آهي ته جڏهن شيخ اياز
معاشري جي بيقدري ڏسي لکيو ته:
ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبوءِ ئي اجائي وئي.
سنڌ جي هن سُرهي گل جي سُڳنڌ
کي محسوس ڪرڻ ۽ گل جي نرم پتين کي ڇهڻ جو احساس
ڪنهن گداز جسم کي آڱرين سان ڇيڙڻ ۽ مَڌ جي سرور
جهڙو محسوس ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي.
اهو رڳو محمد ابراهيم جويو هو، جنهن اياز جي ڪتابن
جا مهاڳ لکي کيس سڃاڻپ ڏني.
سائين جويي صاحب، شيخ اياز جي نون (9) ڪتابن جا
مهاڳ لکيا. ڏسڻو آهي، اياز پنهنجن اٺن ڪتابن جا
مهاڳ فقط جويي صاحب کان ئي ڇو لکرايا؟ ان ڳالهه جي
شاهدي جويي صاحب جي مهاڳن مان ملي ٿي، جنهن انداز
سان هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حسناڪي ۽ اهميت هنن
مهاڳن ۾ بيان ڪئي وئي آهي، انهن اياز جي شاعريءَ
تي امرتا جي ڇاپ هڻي ڇڏي آهي. جويو صاحب، اياز جي
ڪتاب:’هي گيت اڃايل مورن جا‘ جي مهاڳ ۾ سنڌي شعر
جي مزاج بابت ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه ڪئي آهي: ”شعر جي
ترنمي سانچن ۾ اياز اڪثر فارسي بحر وزنن ۽ هندي
ڇندن جو ميلاپ ڪيو آهي. مثلاً: زير نظر سڀ گيت
(ڪتاب ’هي گيت اڃايل مورن جا‘ ۾ شامل گيت) ماترائن
جي حساب سان ٻڌا ويا آهن، پر فارسي بحر وزن تي به
انهن مان اڪثر شعر ٺهڪي بيهن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائن جي حساب سان شعر چوڻ مان
فائدو اهو ٿو ٿئي ته ان ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن به متحرڪ
حرف کي ساڪن ڪرڻو ڪونه ٿو پوي. جيئن فارسي بحر وزن
جي تقاضائن مطابق ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح
ٻوليءَ جي بگاڙي جو امڪان نٿو رهي. اياز جيتوڻيڪ
شعر جي ماپن ۽ نمونن جا ڪيئي تجربا ڪيا آهن، پر
انهن مان هر هڪ ۾ هن شعري هيئت جي خالص سنڌي
روايتن کي بنيادي طور قائم رکيو آهي. بلڪ انهن کي
اڳتي نيئي، انهن مان نوان شعري ماپا ۽ نمونا ايجاد
ڪيا آهن. (شيخ اياز جو سڄو شعر، جلد-1، ص 850)
اُن ئي مهاڳ ۾ هڪ ٻئي هنڌ لکيل آهي: ”اياز جي ٻولي
خالص سنڌ ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي
خالص موڙي آهي، وس پڄندي هو ان کي ئي ڪم آڻي ٿو
(جلد-1، ص 846).“ ۽ اهو به سچ آهي ته اياز نئين
دور ۾ ڪلاسيڪل صنفن کي وري لکيو، پر کيس ان جي
ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ان جو جواب ’ڀؤنر
ڀري آڪاس‘ ۾
خود اياز پاران لکيل هنن سٽن مان اسان کي ملي ٿو:
”بيت سنڌي زبان جي منفرد صنف سخن آهي، شايد ئي
دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفيٰ شعر ۾، هم قافيه
لفظ، ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا. جيئن بيت ۾ آهن. اهو
سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته ان جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ
سِٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي، نه رديف، پر ان جي
باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي، ٻيءَ هر صنفِ سخن
کان زياده آهي.“ (جلد-1، ص-13)
هتي جڏهن سائين ابراهيم جويي جي ذڪر ۾ شيخ اياز جي
بيت جو ذڪر نڪتو آهي ته پوءِ ڇو نه ٿورو ٿورو،
سنڌي ٻوليءَ جي انهن خوبصورت جديد بيتن جو ساءُ به
چکجي، جنهن جو ذائقو يقيناً روح ۾ نئين تازگي
ڀريندو:
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس،
رُتين رتيون راتڙيون، اڏاڻا احساس،
چِتِ ۾ چوڏهينءَ چنڊ جئن، اُڀري ڪائي آس،
پَريان پريان پاس، آيون ڳالهيون ڳُجهه جون.
اياز، سنڌي شاعريءَ ۾ فڪري تجربا ڪيا، هن ڪلاسيڪل
صنفن، بيت ۽ وائيءَ ۾ جديد رنگ ڀريو ۽ انهن کي
انتهائي خوبصورت بڻايو ۽ ان ئي اياز جي شعر کي
جڏهن تز ۽ تيز تنقيد مان گذرڻو پيو ته اها ڏاهپ
سائين ابراهيم جويي جي ئي هئي. ’ڪي
جو ٻيجل ٻوليو‘ جي
مهاڳ ۾ سائين جويو صاحب لکن ٿا:
”فرانس جي اديب، زان ڪاڪشو (Jean
Cocteau)
کان ڪنهن پڇيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل
هجي ۽ اُن ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فن پارو هجي، ته
تون اندر وڃي ان مان ڇا ٻاهر کڻي ايندين؟“ جواب
ڏنائين ته ”آءٌ اتان باهه کڻي ايندس!“ اياز جي
شاعريءَ ۾ اها باهه به آهي، پر اُن ٻار ۽ فن پاري
ٻنهي جي بچاءَ لاءِ آهي، اياز اها باهه ڏاڍ ۽ ڪُوڙ
جِي ڪوٽ کي لڳائي. اُن ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گهري
ٿو، ڇو ته اتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فن پارن جي
تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گهڙيا،
ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا.“
(”مون ڏات انوکي آندي آ“، ص 63-62)
هنن مختصر اقتباسن مان شيخ اياز جي ڪلام جي هر دور
۾ اهميت جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو، هر شاهڪار تخليق
پنهنجي دور کان گهڻو پوءِ به ايتري ئي معنيٰ دار
هجڻ سبب عام مقبول هوندي آهي. جيتري کيس پنهنجي
دور ۾ مقبوليت حاصل هوندي آهي.
سائين ابراهيم جويو جنهن کي ”سٻاجهو ساڃَهوَندُ“
به سڏيو ويو آهي، ان جي شفقت، علميت، شخصيت ان
ميوي دار گهاٽي وڻ جيان آهي، جنهن جي محبت ۾ رهندي
ڪيترائي وڏا ذهن پيدا ٿيا. ائين کڻي چئجي ته سائين
جويي صاحب اهڙن ذهنن کي سراڻ تي تکو ڪري، سنڌ،
سنڌي ٻولي، ثقافت، تعليم ۽ تهذيب جي بچاءَ لاءِ
ميدان ۾ لاهي، علمي ۽ عملي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو
هَذف مقرر ڪري ڏنو آهي.
سائين ابراهيم جويي متعلق شيخ اياز صاحب جا هي لفظ
اسان حوالي طور آڻي سگهون ٿا، جيڪي مٿن هُوبهو
ٺهڪي اچن ٿا:
”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهو جي تشريح
آهي!!
ڪيرت ڪاڻياريون گهڻيون، ڪنهن ڪنهن منجهه ڪلان؛
جنهن ۾ جيءَ جلا، ڪانکي تنهن جو ڪينرو.(اياز)
محمد ابراهيم جويو:
هڪڙو اَملهه موتيءَ داڻو
ميرزا فياض علي بيگ
اڄ کان سال ڏيڍ اڳ جي ڳالهه آهي، جو آءٌ
سب رجسٽرار حيدرآباد جي آفيس مان نڪري رهيو هئس ۽
محمد ابراهيم جويو صاحب سامهون کان آفيس ڏي اچي
رهيو هو. کيس اڇي سٿڻ قميص پاتل هجي؛ قميص قدري
ڊگهي ۽ ويڪري ۽ ڪجهه ڪجهه ميرانجهڙي هئي. پاڻ
آهستي آهستي قدم کڻي آفيس ڏي اچي رهيو هو، ساڻس ٻه
همراهه به گڏ هئا. منهنجي نظر جيئن ئي جويي صاحب
تي پئي، تيئن يڪدم وڌي ويس ۽ کيس کيڪاري اندر آفيس
۾ وٺي رجسٽرار واري ڪمري ۾ ويهاري، کانئس خير
خيريت ۽ خبر چار پڇيم. پاڻ مون کي چيائون ته ڇا
حال آهن ميرزا صاحب اوهان جا! اوهان سان گهڻن
ڏينهن کان پوءِ ملاقات ٿي آهي؛ آهيو ته خوش! کين
جواب ڏنم ته، رب جو شڪر آهي.
بس ائين ساڻن اتي رسمي گفتگو ڪري موٽيس ته ذهن تي
ڪيئي يادون گردش ڪرڻ لڳيون... سال 1966ع کان ڪجهه
وقت اڳ جويي صاحب کي ڏٺو هئم ۽ ان وقت سندن عمر
50/51 سالن جي قريب هئي ۽ وري جڏهن سال ڏيڍ اڳ
ساڻن مليس، تڏهن سندن عمر 97/98 سالن جي لڳ ڀڳ
هئي. مون کي اُن سڄي عرصي اندر سندن قد بت ۾ ڪوبه
فرق محسوس ڪونه ٿيو. اڄ کان اٽڪل 50 سال کن اڳ مون
کين ڏٺو هو؛ اُن وقت به اهوئي قد ڪاٺ، هلڪو جسم،
ڪِلين شيو ۽ مٿي جا وار قدري ڇڻيل، باقي جيڪي بچيل
سي به سياهه ۽ سفيد گاڏڙ هئا ۽ ان وقت فقط اهو فرق
محسوس ڪيم ته اڳ جواني جو جوڀن هئس ۽ هاڻي پيريءَ
جا آثار نمايان نظر اچي رهيا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس امين منزل گاڏي کاتي
حيدرآباد ۾ هئي ۽ راقم جي ناني ميرزا علي محمد بيگ
جي آفيس به گاڏي کاتي ۾ اورينٽ هوٽل ۽ سلطان هوٽل
جي وچ ۾ هئي. اُن وقت گاڏي کاتي ۾ اخبارن ۽ رسالن
جو اسٽال هو،
جتي اديبن
۽ شاعرن جي بيٺڪ هوندي هئي. افضل هوٽل ۾، جيڪو
نانا مرحوم جي آفيس جي بالڪل آمهون سامهون هو،
اُتي به اديب ۽ شاعر پيا ايندا هئا. جن مان ڪي ته
نانا مرحوم جا واقفڪار هوندا هئا، جيڪي وٽس اچي
ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيا ڪچهريون ڪندا هئا. انهن ڪچهرين مون کي ايترو متاثر ڪيو، جو مون
پنهنجو پورو لاڙو شعر و شاعري ۽ مطالعي ڏي رکيو.
مون شاعريءَ سان پنهنجي ادبي سفر جو آغاز ڪري نانا
مرحوم جي رهنمائيءَ هيٺ ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽
پنهنجي والد ميرزا حامد علي بيگ جي لائبريريءَ جي
ڪتابن مان سنڌي ۽ اردو جي افسانن ۽ ناولن جي
ڪليڪشن، منهنجي مطالعي جو مرڪز رهي. بس! ته پوءِ
مطالعي جي شوق مون کي وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ تي اُتساهيو
۽ مون سال 1966ع کان باقاعده سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ
شروع ڪيا ۽ خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ جا ته ڪيترائي
ڪتاب بورڊ جي آفيس مان خريد ڪيم.
تڏهن آءٌ اوير سوير بورڊ جي آفيس ۾ ٽماهي
”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد’گرامي‘
۽ نفيس احمد ’ناشاد‘ وٽ ويندو رهندو هئس ۽ محمد
رمضان ڪنبوهه ۽ محمد امين بلوچ سان ملندو هئس،
جيڪي ٻئي اسان جي پاڙي ۾ رهندا هئا، تن سان سٺي
نيازمندي هئي، جن وٽ به اچي ڪچهري ڪندو هئس. اُتي
مون جويي صاحب کي سندن آفيس ۾ ڪم ۾ مصروف ڏٺو.
جويو صاحب مون کي انتهائي محنتي، اڻٿڪ، بهترين
منتظم ۽ هڪ سٺو ۽ ڄاڻو اديب نظر آيو ۽ دل چاهيو ٿي
ته ههڙي همه گير شخصيت مان علمي ادبي طور گهڻو
ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو. مون کي جويي صاحب سان ملڻ
جو شوق وڌڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن پاڻ ئي همت ڪري جويي
صاحب وٽ سندن آفيس ۾ ويس.
پاڻ نهايت خوش اخلاقي ۽ پيار سان مليو ۽ پڇيائون
ته اوهان جو نالو؟ کيس ٻڌايم، ميرزا فياض علي.
جنهن تي مون کان پڇئين ته اوهان ٽنڊي آغا جي
ميرزائن مان آهيو يا ٽنڊي ٺوڙهي جي؟ جنهن تي کين
چيم ته سائين آءٌ ٽنڊي آغا جي ميرزائن مان آهيان.
تڏهن پاڻ منهنجي ڪن بزرگن جا نالا وٺي ٻڌايا ته
هنن سان منهنجي پراڻي واقفيت آهي، ۽ پوءِ چيائون
ته ٽنڊي آغا جي ميرزائن مان اسان جو پراڻو يار
ميرزا حامد علي آهي، جو بورڊ جي پريس ۾
ميان علي بخش وٽ ايندو آهي، ان سان اتي ڪافي ڪچهري
ٿيندي آهي؛ اُهو اوهان جو ڇا ٿئي؟ کيس ٻڌايم ته
منهنجو والد گرامي آهي. تڏهن پاڻ ٻڌايائين ته
پاڪستان کان اڳ جي ميرزا حامد علي سان منهنجي
واقفيت آهي، کيس ان وقت به ناولن پڙهڻ جو تمام
گهڻو شوق هوندو هو ۽ جڏهن به مون سان ملندو هو ته
ڪنهن نه ڪنهن ناول ۽ ان ناول نگار جي باري ۾ گفتگو
ڪندو هو. پوءِ موڪلائي اٿيس ۽ سندن خوش اخلاقي ۽
سهڻو سڀاءُ ڏسندي، ذهن تي هيءُ لفظ اڀري آيا:
هڪڙو اَملهه موتيءَ داڻو
موج ڀري مهراڻ جو
محمد ابراهيم جويو
جويي صاحب جي ان پهرين ملاقات جو ذڪر جڏهن بابا
سائينءَ سان ڪيم ته پاڻ تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ مون
کي نصيحت واري انداز ۾ چيائون ته جيترو اوهان سٺن
ماڻهن سان ملندؤ اوترو اوهان لاءِ سٺو آهي، جو
انهن مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهو ٿا.
جويي صاحب جي پُروقار شخصيت ڏسي آءٌ وٽن وقت به
وقت وڃڻ لڳس ۽ جيستائين بورڊ جي آفيس امين منزل
گاڏي کاتي ۾ هئي، تيستائين آءٌ وٽن ويندو رهندو
هئس. پوءِ جڏهن بورڊ جي آفيس ڄام شوري منتقل ٿي،
تڏهن کان گاهي به گاهي ساڻن ملاقات ڪندو رهندو
هئس.
جويي صاحب پنهنجي جوانيءَ جي هيءَ يادگار تصوير
راقم جي والد ميرزا حامد علي بيگ کي ڏني.
جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو هڪ مڃيل ۽ نالي وارو
سيڪريٽري ٿي رهيو؛ جنهن هڪ سٺي منتظم جي حيثيت ۾،
هر ڪم پنهنجي نگهداريءَ ۾ ٿي ڪرايو ۽ بورڊ جو پئسو
جنهن کي پاڻ قومي امانت سمجهندو هو، اهو به ڪفايت
شعاريءَ سان خرچ ڪندو هو. جويو صاحب ڪم جي سلسلي ۾
انتهائي سخت هوندو هو، خاص ڪري پريس جي عملي کي ته
واندو به ويهڻ ڪونه ڏيندو هو. جيڪڏهن پريس ۾ ان
وقت ڪو ڪتاب ڇاپڻ لاءِ نه هوندو هو ته بورڊ جي
لئبرري مان ڪو آڳاٽو ڇپيل سنڌي ڪتاب پريس وارن کي
ڏيندو هو ته هيءُ ڪمپوز ڪري وٺو، ته جيئن وقت سر
ڇپائي سگهجي. ان سلسلي ۾ پريس مئنيجر ميان علي بخش
جو ساڻس پورو سهڪار هوندو هو، جيڪو ڪمپازيٽرن تي
نظر به رکندو هو ۽ کين جلدي ڪتاب جي اڪلاءَ ڪرڻ جو
تاڪيد به ڪندو رهندو هو.
جويو صاحب پاڻ ته هو ئي محنتي ۽ جاکوڙي اديب، پر
کيس عملو به سٺو ۽ محنتي مليو. جن پوري تندهي،
محنت ۽ سچائيءَ سان سندن ساٿ ڏنو ۽ اِهوئي سبب آهي
جو هن جي دور ۾ تمام گهڻي ۾ گهڻا ناياب ۽ اَڻ لڀ
سنڌي ڪتاب شايع ٿيا. خاص ڪري سنڌي ادب جي نامورليکڪ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
جا ڇاپي توڙي قلمي ڪيترائي ڪتاب جويي صاحب جي دور
۾ ئي بورڊ طرفان شايع ٿيا؛ جنهن سان سنڌي ادب ۾ پڻ
سٺن ڪتابن جو واڌارو ٿيو.
سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ مستحڪم سنڌي ادبي ادارو
بنائڻ ۽ خاص ڪري ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جو سال 1955ع
کان ٻيهر باقاعده جاري ٿيڻ، جويي صاحب جي ئي محنتن
جو ثمر آهي. جنهن لاءِ سائين جي. ايم. سيد جهڙي عظيم شخصيت پڻ سندن خدمتن کي ساراهيندي
لکيو هو ته:
”جويي صاحب، بورڊ ۾ پگهاردار جي حيثيت
۾ ڪم ڪونه ڪيو آهي، بلڪه سنڌي زبان جيمشنريءَ
۽ هڪ قومپرست سنڌيءَ طور ڪم ڪيو آهي.“
اِهوئي سبب هو، جو جويي صاحب کي سندس اعليٰ خدمتن
کي مدنظر رکندي، بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو.
جنهن وقت هن کي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو، اُن
وقت پاڻ اسي سالن کان به مٿي ٽپي چڪو هو، پر جنهن
وقت چيئرمن واري چيئر تي ويهندو هو، ته ان وقت به
پاڻ بلڪل اُهائي ساڳي پنهنجي نوجوانيءَ واري ڏِک
ڏيندو هو. جهڙي طرح هن ڪاميابي سان سيڪريٽري شپ
هلائي تهڙي طرح چيئرمن شپ به هلائي اداري کي ترقي
ڏياري.
جويي صاحب سان منهنجون يادگار ڪچهريون تڏهن ٿيون،
جڏهن هن منهنجي نهايت ئي پياري دوست ڊاڪٽر محمد
يوسف پنهور جي ساٿ سان ڊڪشنري لکڻ وارو ڪم هٿ ۾
کنيو هو. ان وقت هيءُ ڪجهه عرصو اردو بورڊ واري
آفيس منظور چيمبر ۾ نياز همايوني صاحب جي اجازت
سان اچي ويهندا هئا ۽ پوءِ راحت سئنيما لڳ هڪ جاءِ
وٺي، اُتي هنن بيٺڪ ڪئي، جتي آءٌ وٽن ويندو هئس.
احمد ڀائي، جنهن کي اها ڊڪشنري ڇپڻي هئي، سو به
وقت به وقت اتي ايندو هو ۽ اتي ڪيترن ئي علمي ادبي
پهلوئن تي گفتگو ٿيندي هئي.
ڊاڪٽر يوسف ڳالهائڻ جو ڦَڪڙ هو ۽ وري اُن مقابلي ۾
جويو صاحب نهايت گنڀير، ٿور ڳالهائو ۽ خاموش طبع؛
مطلب جي ڳالهه ڪندو ۽ پوءِ وري پنهنجي ڪم ۾ مشغول
ٿي ويندو ۽ قلم ڪاغذ تي روان ٿي ويندو هو.
ڊاڪٽر يوسف کي ڊڪشنري لاءِ ڪي ڪتاب گهربل هئا. جن
مان مون وٽ هڪڙو ڪتاب انگريزيءَ ۾ هو، جنهن ۾ هر
جاندار جي رنگين تصوير اُن جي نالن سميت ڏنل هئي.
اِهو ڪتاب جڏهن ڊاڪٽر يوسف کي ڏيکاريم ته ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ چيائين ته ڊڪشنري لکڻ لاءِ هيءُ ڪتاب ڏاڍو
ڪارائتو آهي. يوسف اِهو ذڪر جويي صاحب سان ڪندي
کين اهو ڪتاب ڏيکاريو، جنهن چيو ته واقعي هيءُ
ڪتاب معلومات ڏيندڙ آهي.
ڊاڪٽر يوسف ان ڪتاب مان پنهنجي مطلب جو مواد اتاريندو رهيو. پوءِ هڪ دفعي مون کيچيائين ته: فياض
جي اِهو ڪتاب زرعي يونيورسٽي وارن کي پئسن تي ڏئين
ته توکي چڱا خاصا پئسا وٺائي ڏيان! اُتي احمد ڀائي
به کيس سُر وٺايو، پر مون بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو ۽
پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ يوسف مون کي ڪتاب واپس ڏنو،
جو هن وقت منهنجي پُٽ ميرزا دبير حسين وٽ آهي.
جويو صاحب
هڪ ڄاڻو
اديب، محقق،
مترجم، ڪالم نويس، صحافي ۽ هڪ بهترين منتظم آهي،
پر انهن سڀني خوبين سان گڏوگڏ هُو بهترين سياسي
بصيرت رکندڙ پڻ آهي؛ توڙي جو پاڻ سياست کان هميشه
سؤ ڪوھه پري رهيو آهي، تڏهن به سٺي سياسي سوچ
رکندڙ ۽ گهڻن ئي وڏن وڏن سياستدانن سان سندس واسطا
۽ دوستاڻا تعلقات رهيا آهن.
اهڙي ريت جيئن مذهب جي معاملي ۾ هر ڪو آزاد آهي ۽
هر هڪ جا پنهنجا پنهنجا خيال ۽ پنهنجي پنهنجي راءِ
آهي. جويي صاحب جو مغربي ۽ مشرقي علم و ادب جو چڱو
مطالعو ڪيل آهي ۽ مذهبن، ڌرمن ۽ فرقن جي به چڱي
ڄاڻ رکندڙ آهي، پر هن ڪڏهن به مذهب ۾ تنگ نظري جو
اظهار نه ڪيو. مون جڏهن به جويي صاحب سان ڪچهري
ڪئي، تڏهن هن فقط علم و ادب تي گفتگو ڪئي ۽ علمي
گفتگو کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن ڪا سياسي ڳالهه ڇيڙي
هوندي سا به اشارن ئي اشارن ۾ ڪئي هوندي.
ڪجهه عرصو اڳ ۽ هاڻي به چيو وڃي ٿو ته فلاڻو ادب
ترقي پسند ۽ جديد دور جو آهي ۽ اڄ جو ادب جديد دور
جو ادب آهي. جويي صاحب جي ٻي دور يعني 1960ع واري
ڏهاڪي ۾ اهو چؤٻول شروع ٿيو هو. اِن ڏَس ۾ منهنجو
چوڻ آهي، ته ادب لاءِ هر دور جديد دور آهي ۽ هر
اديب جديد دور جو اديب آهي، پوءِ جيئن جيئن ٻولي
ترقي ڪندي رهي ٿي ۽ ملڪي ماحول ۽ حالات بدلبا رهن
ٿا، ته پوءِ لامحاله ان جو اثر ادب ۽ اديب تي به
پوي ٿو. جيئن جيئن ٻولي ترقي ڪندي، تيئن تيئن ادب
به ترقي جون منزلون ماڻيندو ۽ نيون راهون نوان موڙ
ادب ۽ اديب لاءِ پيدا ٿيندا رهندا. مثلاً: حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو دور قديم ادبي دور ليکيو
وڃي ٿو، پر اُن وقت جي لحاظ کان اُهو جديد ادبي
دور هو ۽ خود ڀٽائي صاحب جديد دور جو شاعر هو ۽
سندس رسالو ان دور جي جديد ادب جو بي بها علمي ۽
ادبي خزانو آهي.
هاڻي اچو اسان جي محترم بزرگ جويي صاحب تي، جنهن
جي نشو نما ۽ تربيت پڻ اڄ کان اسي سال اڳ جي آهي.
جنهن جي دور کي پڻ قديم دور ۾ ئي شمار ڪبو؛ پر
ائين نه آهي. ان دور ۾ جديد ادب سنڌي ادب ۾ پوري
آب و تاب سان چڱي خاصي جاءِ والاري چڪو هو ۽ جديد
دور جو ڪافي لٽريچر ٻاهران سنڌ ۾ آيو، جنهن جو
سنڌي اديبن چڱو خاصو مطالعو ڪري سنڌي ادب کي نوان
موڙ ڏنا. جويي صاحب کي جديد دور جو اديب ۽ سندس
ڏنل ادب کي جديد دور جو ادب ته شمار ڪنداسين، پر
ائين نه چونداسين ته هن تي قديم ادبي دور جو يا هن
جي ادب تي قديم دور جو اثر نه آهي!
جويي صاحب پنهنجي عمر جا لڳ ڀڳ 75 سال سنڌي علم و
ادب کي ارپيا آهن. سنڌ ۽ سنڌي قوم سندس قدردان
آهي. سندس لاءِ سنڌ جي سر زمين جو اهو آواز صدين
تائين فضا ۾ گونجندو رهندو ته، محمد ابراهيم جويا!
تو واقعي سنڌ سان، سنڌي ادب سان ۽ سنڌي ادبي ادارن
سان لنئون لڳائي پنهنجو پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.
تنهنجا سنڌ ۽ سنڌي قوم صدين تائين پئي ڳُڻَ
ڳائيندي. اي سنڌ جا عظيم رهبر! سنڌ ۽ سنڌي قوم جو
توکي سلام آهي...
آخر ۾، هڪ ڳالهه جيڪا دلچسپ به آهي، سا لکي پنهنجي
ليک کي پڄاڻي تي پهچايان. ___ سالن جي حساب کان
قطع نظر؛- باقي پيدائشي تاريخن جي حوالي سان جويو
صاحب پاڪستان کان هڪ ڏينهن وڏو آهي ۽ آءٌ وري
پاڪستان کان هڪ ڏينهن ننڍو آهيان. يعني جويو صاحب
13 آگسٽ تي ڄائو ۽ پاڪستان 14 آگسٽ تي وجود ۾ آيو
۽ منهنجي ڄمڻ جي تاريخ 15 آگسٽ آهي. ان لحاظ کان
جويو صاحب پاڪستان کان هڪ ڏينهن وڏو آهي ۽ آءٌ وري
هڪ ڏينهن ننڍو آهيان. جويي صاحب عمر جي 100هين سال
۾ پير پاتو آهي ۽ مون 64هين سال ۾...
محمد ابراهيم جويو سان ٿيل هڪ
ملاقات
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
گهڻي عرصي کان دل ۾ سَڌَ هئم ته سائين محمد
ابراهيم جويو سان ملاقات ڪريان ۽ کين عرض ڪريان،
ته منهنجي ڪتاب تي” ٻه اکر“ لکي ڏين (هن کان اڳ
منهنجي ڪتابن جا مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
ڊاڪٽر غلام علي الانا، مظهرالحق صديقي صاحب، ڊاڪٽر
فهميده حسين ۽ ٻين اهم شخصيتن لکيا آهن) پر جويو
صاحب جي تحرير جي شدت سان ڪميِ محسوس پئي ڪيم سو
سائينءَ کان جڏهن ٽائيم ورتو ويو تڏهن پاڻ تمام
خوشدليءَ سان اجازت ڏنائون ۽ گهر پهچڻ تي سهڻي
نموني ڀليڪار ڪيائون. ۽ وڃڻ مهل دروازي تائين ڇڏڻ
آيا ۽ مٿي تي هٿ رکي دعائن جي ڇانوَ ۾ مون کي
روانو ڪيائون، انهيءَ ٻن ڪلاڪن جي ملاقات منهنجي
دماغ کي معطر ڪري ڇڏيو. جويو صاحب جي لهجي جي
ٿڌاڻ، ميٺاج، توريل تڪيل جملا ۽ شاهه صاحب جا بيت
چوڻ... مطلب ته ايئن پيو لڳي ڄڻ عِلم ۽ عرفان جو
سمنڊ هجي. ڪنهن ڪنهن مهل سندن آواز طبع جي
ناسازيءَ سبب جهيڻو پڻ پئي ٿيو، پر ته به تمام
وزنائتا جملا جن ڪنن کي هردم متوجهه رکيو، مون
سندن هِڪ هِڪ لفظ ۽ هِڪ هِڪ جملو هينيئن سان
هنڊايو. وڏي ڳالهه ته مون کي ذاتي طور پڻ پنهنجي
ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ( ڇپيل ڪتاب ۽ مسودا به آءٌ
گڏ کڻي ويئي هئس.) تي ڪارائتا مشورا ڏنائون.
ٿوري ئي وقت ۾ مون کي اندازو ٿيو ته سنڌ ڌرتيءَ جي
آجپي جي جدوجهد ڪندڙ، قومي تحريڪن جي روح روان هن
عظيم مفڪر ۽ دانشور جو نه فقط لطيفي فن سان بي
انتها شغف آهي، پر هيءُ شاهه جو عاشق سندس ئي
پيغام کي هر دم ورجائيندڙ آهي. چوي پيو ته، ”سنڌ
واسيو علم سان، عمل سان، عقل سان، جدوجهد ۽ همٿ
سان، اڳيان وڌو محبتون پکيڙيو، نفرتن کان پاسو
ڪيو، ويڇا وساريو، ولر ڪري وڌو، فقط ۽ فقط امن جا
پيامبر ٿي. سندن حياتيءَ جو هر رُخ نهٺائي،
انڪساري، نيڪ نيتي، محبت ۽ پيار تي مشتمل آهي.
سندن ئي لفظن ۾ ته، ”مون سنڌ وطن ۾ پنهنجي زندگيءَ
جا 99 سال گذاريا آهن. ان ڪري مون کي پنهنجي
ڌرتيءَ سان پيار آهي. مون سڄي ڄمار ڪنهن کي به
نفرت جي نگاهه سان نه ڏٺو آهي. سنڌ وطن جي ماڻهن
مون کي وڏو پيار ڏنو آهي، زندگيءَ جي ڪنهن به
گهڙيءَ مايوس نه ٿيو آهيان.“)
”شاهه ، سچل، سامي“ جهڙو ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيندڙ
شاهه لطيف جي هن شيدائيءَ کي منهنجي ڪتابن جا
عنوان پسند آيا ۽ مون کي چيائون ته ”بابا توهان کي
”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ ”اُٿي رائو ريل ۾“، ”وکر
سو وِهاءِ“، ”سونَ ورنيون سوڍيون“
نموني جا لطيفي عنوان رکڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ وري
”وکر سو وِهاءِ“ جو مسودو کڻي پاڻ اهو سڄو بيت
پڙهيائون، سندن وڏي آواز سان اُچاريل بيت مان، مون
کي اندازو ٿيو ته منهنجي مسودي تي لکيل عنوان ۾
لفظ ”وهِاءِ“ جي ”و“ تي زبر ڏنل آهي. يعني
”وَهاءِ“ ۽ سائين ”وِهاءِ“ پيا اُچارين، مون
پنهنجي غلطي محسوس ڪندي کانئن هڪدم پڇيو ته،
”سائين ڇا اهو لفظ، وِهاءِ ٿيندو؟“ تڏهن مُرڪي
وراڻيائين، ”ها بابا “ مون جهڙي ادبي سيکڙاٽ جي
غلطي ڪڍي ان کي شرمندي ڪرڻ جي بدران اهو بيت
چٽائيءَ سان پڙهي غلط لفظ تي زور ڏئي تصحيح ڪرڻ جو
اهو انداز منهنجي دل ۾ گَهر ڪري ويو.
ڪتاب ”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“ جو مسودو ڏسي گهڻو
پسند ڪيائون. خاص طور ڪتاب جو موضوع، ڪمپوزنگ،
لطيفي بيتن تي لڳل اعرابن ۽ ترتيب تي اطمينان جو
اظهار ڪندي جويو صاحب مون کي چيو: ”ته هن کان اڳ
هن قسم جو لطيفيات جو ڪم منهنجي نظر مان ڪو نه
گذريو آهي. توهان کي اهو آئيڊيا ڪيئن آيو؟ ته سنڌي
ادب جي انهن ڪتابن جا عنوان جمع ڪريو جيڪي لطيفيات
مان ورتل آهن ۽ اهي بيت پڻ ڳولهيو ته ڪهڙي سُر ۽
داستان مان ورتل آهن. مون کي توهان جو هيءُ ڪم ڏسي
ڏاڍي خوشي ٿي آهي.Appreciation ڏيندي
انگريزيءَ ۾ چيائون ته .
“Baba
you are a creative writer, I am Proud of you, I
am very pleased to meet you, One cannot imagine
such a different and inventive ideas that you
have”.
جويو صاحب جا پنهنجي لاءِ اهي جملا مون کي وڏو
اعزاز لڳا ۽ منهنجي همٿ پڻ وڌي، کين عرض ڪيم ته
سائين! مون کي ڪتاب تي ٻه ”اکر“ لکي ڏيو، پر طبعيت
ٺيڪ نه هئڻ سبب اها ها نه ڪيائون پر انهيءَ جو سبب
واضح ڪندي وراڻيائين ته: ”بابا آءٌ ڪنهن به ڪتاب
تي تيستائين لکي ڪونه سگهندو آهيان جيستائين اهو
مڪمل طور پڙهي نه وڃان، ۽ آءٌ پڙهڻ کان سواءِ لکي
ڪونه سگهندس، ڳچ جيترو ڪم پيو آهي جيڪو ڪرڻ چاهيان
ٿو، پر طبعيت ناساز آهي، ان ڪري نه پيو ڪري سگهان،
توهان جو ڪم خود ئي مڃتا ماڻيندو. مون کي ته خوشي
آهي ته سنڌ جون نياڻيون هاڻي علم ۽ ادب جي ميدان ۾
چڱو اڳتي پيون اچن، توهان محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي
قلمي سفر کي وڌائي پنهنجي قوم ۽ خاص ڏيپلي شهر جو
مان مٿانهون ڪري رهيا آهيو. (جويو محمد
ابراهيم/ميمڻ پروين: 2007ع)
منهنجي نظر ۾ جامي چانڊيي جا جملا سؤ
سيڪڙو صحيح آهن ته: ”محمد عثمان ڏيپلائي، غلام
رباني آگرو، شيخ اياز، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش
پليجو، شمشير الحيدري ۽ ٻيا ڪيترا فڪري اڳواڻ اسان
کي هن عظيم اسڪالر ۽ فڪري رهنما معرفت مليا آهن، ۽
ڪيترن ادبي نو واردن کي پاڻ اڄ تائين سَنئين دڳ
لائي رهيا آهن.“
سنڌ جي هن مهان ڏاهي، مهربان ۽ ادب پرور شخص سان
منهنجي ٿيل اها ملاقات حياتيءَ جو وڏو سرمايو ٿي
ويئي، اُنهيءَ وقت اتي ممتاز علي ڀٽو پڻ ساڻن ملڻ
آيو هو، ساڻن گڏ ٻيا به ڪي ماڻهو هئا جن کي
ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو ويو هو. سائين اسان وٽان
اُٿي ڪجهه دير لاءِ ڊرائينگ روم ۾ ويا. پوءِ ڀٽو
صاحب سندن بيڊ روم ۾ موجود لائبريري ڏسڻ آيو جتي
اسين ويٺل هئاسين، ڪمري ۾ موجود ڪتابن جي شيلفن
ڏانهن اشارو ڪري، جويو صاحب کان پڇيا ته: ”توهان
هيڏا سارا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن.“ سائينءَ مُرڪي
وراڻيو ته، هر ڪتاب پڙهيل ۽ پروڙيل آهي ۽ ڪيترن کي
مارڪ ڪيو اٿم ۽ مٿن ريمارڪس به لکيل آهن ۽ ضرورت
پوڻ تي اهو ڪڍي وٺندو آهيان. مون کي ياد آهي ته
ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪٿي ڇا ڇا لکيل آهي؟“ سائينءَ جي
مهمانن ۽ ميڊيا وارن جي ڪري مون کانئن موڪلايو.
30 ڊسمبر 2007ع تي محمد براهيم جويو صاحب سان ٻن
ڪلاڪن جي ٿيل انهيءَ ملاقات ۾ مون کانئن گهڻو ڪجهه
پرايو ۽ وڏي رهنمائي ملي.
ساهت ۽ ڏاهپ جو ڏيئو- محمد ابراهيم
جويو
رسول بخش گچيرائي
سنڌ سٻاجهڙي ڪئين اهڙا، املهه ماڻڪ انسان پيدا
ڪيا جن سنڌي قوم کي جيئڻ سيکاريو. جيڪي پنهنجي
ڏاهپ جي ڪري ڏيهه جا ڏاها سڏجڻ لڳا. جن جي علمي،
ادبي ۽ تاريخي جدوجهد جي اها جوت جلائي، جنهن سنڌي
قوم کي روشن راهه تي هلڻ سيکاريو، جي اها جوت نه
هجي ها ته قوم منجهي پئي ها ۽ اها زندهه نه رهي
سگهي ها.
سنڌي ادب جي آسمان تي انهن چند ستارن مان هڪ
چمڪندڙ ۽ روشن وڏو ستارو آهي جنهن سج (يعني شاهه
عبدللطيف ڀٽائيرحه) مان جوت جو ذرو
حاصل ڪري، سنڌي قوم کي جيئڻ سيکاريو ۽ ٻڌايو ته جي
ٻولي زندهه آهي ته توهان به زندهه آهيو، جي ٻوليءَ
کي زندهه نه رکندؤ ته توهان منجهي پوندو ۽ زندهه
نه رهي سگهندو.
صد ساله تقريب جي سؤ بار مبارڪ نالي واري دانشور،
استاد، نقاد ۽ برک اديب محمد ابراهيم جويي صاحب جن
کي ۽ ان سان گڏ پوري سنڌي قوم کي جا پنهنجي هن
عظيم انسان جي سؤهين سالگرهه پورو سال ملهائڻ جو
اهتمام ڪيو آهي. هونئن به ائين هئڻ کپي ڇاڪاڻ ته
اِها زندهه قوم جي نشاني آهي، ته هوءَ پنهنجي
مادري زبان جي محافظن کي هميشه ياد ڪري ۽ وري وڌيڪ
افضل ڳالهه هيءَ آهي ته انهن کي جيئري ئي مانُ ۽
عزت ڏجي.
محمد ابراهيم جويي صاحب، 13- آگسٽ 1915ع تي سن جي
ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”آباد“ ۾ جنم ورتو، سنڌي اسڪول
آباد ۾ ئي چار درجا سنڌي پڙهي، لڪيءَ جي اسڪول مان
ٻه درجا وڌيڪ پڙهي ڇهون درجو سنڌي ۽ ٻيو درجو
انگريزي پاس ڪري 7 اپريل 1927ع تي اچي سائين
جي.ايم.سيد جي شهر سن جي اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان
ٽي درجا انگريزي پاس ڪيا. هتي ئي هن عظيم انسان
بنجندڙ يتيم ٻار تي سائين جي.ايم.سيد جي نظر پئي ۽
هن جي ذهانت کان متاثر ٿي، سندس ڇپر ڇانوَ ٿي پيو
۽ 1930ع ڌاري هن يتيم دره کي پنهنجيءَ موٽر ۾ کڻي
اچي، سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پهچايو. داخلا لاءِ
پرنسپال ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جن جي آفيس ۾ داخل
ٿيو ته علامه صاحب جن سندس هٿن جا ننهن ڏٺا، ڏندن
جي صفائيءَ جي تپاس ڪيائين ۽ ڪپڙا وغيره ڏٺا ۽ کيس
شاباس ڏيندي چيائون ته: ”بابا بُت جي صفائي ۽ ڪپڙا
صاف سٿرا پائڻ گهرجن ۽ وڌيڪ محمد ابراهيم کي ”سوير
سُمهجي، سوير اُٿجي، اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.“
پڙهي ٻڌايائون ۽ کانئس پڇيو ته توکي اهو بيت ياد
آهي ته پڙهي ٻڌاءِ، محمد ابراهيم جويي صاحب اهو
بيت سارو پڙهي ٻڌايس، پوءِ کيس چيائين ته پنهنجو
نالو انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکي ڏيکار، جنهن تي جويي
صاحب لکي ڏيکاريو، ان بعد دائودپوٽي صاحب هن کي
سٺن اکرن لکڻ جي هدايت ڪندي خود دائودپوٽي صاحب
اهي ساڳيا اکر موتين جهڙا لکي ڏيکاريس ۽ چيائينس
ته ”اکر سٺا لکبا ته پاڻ کي به وڻندا ۽ ٻين کي به
وڻندا.“ پوءِ هن کي اٺين انگريزيءَ ۾ داخل ڪيائين.
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن لکن ٿا ته جڏهن
آءٌ پنهنجي اٺين ڪلاس ۾ وڃي ويٺس ته استاد مولوي
عبدالرحيم مگسي لڪُڙ ميز تي رکي، پاڻ ڪرسيءَ تي
ويهي هڪدم پڇيائين ته ڪتاب ڪنهن ڪنهن اڃان نه ورتو
آهي، اُهي اُٿي بيهن ۽ آءٌ به ٻين سان گڏ اُٿي
بيٺس. مولوي صاحب جن ڪرسيءَ تان لٿا ۽ ٻه ٻه لڪُڙ
ڏاڍيان هڻندو وڃي پار پيو. آءٌ روئڻ لڳس، رسيس ملي
ته ورانڊي ۾ ڀت سان منهن هڻي بيٺي رنم، ته اوچتو
پرنسپال اچي بيٺو ۽ چيائين ته ڪلاس ۾ ڇو نٿو وڃين،
گهنٽي ڪانه ٻڌي اٿئي، ڇو ٿو روئين! کيس ڳالهه
ٻڌايم ته پاڻ چيائون ته ايتري ڳالهه تي روئين ٿو،
ڊڄڻو ٿيندين! اگهه اکيون منهنجي آفيس ۾ اچ، آءٌ
آفيس ۾ ويس ته پاڻ آفيس جي ڪٻٽ مان گهربل ڪتاب ڪڍي
ڏنائون ۽ چيائون ته خبر اٿئي مولوي صاحب جن منهنجا
به استاد ٿين، مون کي به هڪ ڀيرو ائين ئي هڪ اوچتي
سزا ڏني هئائون.
چوندا آهن ته محنت موتين جو مهراڻ، سون رُپي جي
خاصي کاڻ. جويي صاحب دل لڳائي محنت ڪئي ۽ صرف هڪ
مهيني گذرڻ بعد ششماهي امتحان ٿيو ته جويو صاحب
پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو. ڪيڏي عجيب ڳالهه
آهي جو سائين جي. ايم. سيد پنهنجي موٽر تي اچي سنڌ
مدرسي پهتو ۽ محمد ابراهيم جويي جي، جيئن ئي مٿس
نظر پئي ته هلي وڃي ساڻن مليو ۽ ملڻ شرط جي. ايم.
سيد، کيس مبارڪ باد ڏيندي چيو ته ابراهيم پهريون
نمبر آيو آهين، پرنسپال صاحب مون کي ٽيليفون تي
ٻڌايو، ان ڪري آءٌ توکي مبارڪ ڏيڻ آيو آهيان.
اِهي هئا اسان جا مخلص نيڪ مرد ۽ قوم جا رهبر، نه
ته وڏو ماڻهو غريب جي ڪاميابيءَ تي خوش نه ٿيندو
آهي، بلڪ ارهو ٿيندو آهي ۽ ان کان اڳتي وڌڻ کان
رڪاوٽون پيدا ڪندو آهي. مٿان جڏهن، ساليانو امتحان
ٿيو ته ان ۾ به جويو صاحب پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون
نمبر آهي ۽ ٽنهي ڪلاسن (سنڌي، گجراتي، اردو) ۾ ٻيو
نمبر آيو ۽ امتحان بعد پاڻ پنجين درجي ۾ داخل ٿيو،
کيس پنجين ’ب‘ ۾ موڪليو ويو، جتي هيءُ راضي نه هو
ڇاڪاڻ ته اتي ڪجهه اميرن جا ٻارکيس تنگ ڪندا هئا.
هڪ ڏينهن دلي جهلي پرنسپال صاحب جي آفيس ۾ ويو ۽
کيس عرض ڪيائين ته سائين مون کي پنجين ’الف‘ ۾
موڪليو وڃي. صاحب پڇيس ته ڇو؟ ته جويي صاحب عرض
ڪيو ته سائين پنجين ’ب‘ ۾ ڪي لوفر ڇوڪرا آهن جيڪي
کيس ڇيڙيندا هئا. جويي صاحب جا اهي لفظ ٻڌي ڊاڪٽر
صاحب جن ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا ۽ گرجدار آواز ۾
چيائون: ”تون اشراف آهين ٻيا لوفر آهن! خبردار جو
ٻين کي ڏوهه ڏنو اٿئي، پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ سک، وڃ
ڪلاس ۾ وڃي پڙهه“.
ٻئي ڏينهن ڪلاس ۾ ڪلاس ماستر کانئس پڇيو ته، ڪهڙا
ڇوڪرا توکي تنگ ٿا ڪن، پرنسپال چيو آهي ته جاچ ڪر.
ٻڌاءِ ڊپ نه ڪر مان هنن کي سمجهائي ڇڏيندس ليڪن هن
ڪجهه به نه ڪڇيو ڇو ته هن کي پرنسپال صاحب جا لفظ
ياد بيٺا هئا ته: ”خبردار جو ٻين کي ڏوهه ڏنو
اٿئي، پهريان پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ سک ۽ هن ان پنهنجي
پهرين جذباتي جوانيءَ واري دور ۾ ئي فيصلو ڪري
ورتو هو ۽ پاڻ ۾ اها عادت وڌائين ته: ٻين کي ڏوهه
ڏيڻ کان اڳ پهريان پاڻ کي ڏوهه ڏجي. هتي هيءَ
ڳالهه سمجهڻ جوڳي آهي ته ان مان جويي صاحب جي
دانائي، عقلمندي ۽ دورانديشي نظر اچي ٿي ۽ هُو
پنهنجن بزرگ عالمن ساٿين مان سکڻ جي صلاحيت رکي ٿي
جو جويي صاحب چيو ته علامه صاحب جن جي نصيحت مان:
ائين سونَ جهڙو سبق سکيس.
جويو صاحب اڃان پنجين ڪلاس ۾ ئي پڙهندو هو ته
نئون ضلع دادو ٺهيو ۽ ڪوٽڙي تعلقو ڪراچيءَ کان ڇڄي
دادو سان ملايو ويو، ۽ جويي صاحب جي اسڪالرشپ بند
ٿي وئي ۽ سندس پڙهائيءَ جو مسئلو ٿي پيو ڇو ته
جويي صاحب جا مٽ هاري هئا جيڪي پڙهائيءَ جو خرچ نه
ٿي ڪري سگهيا. ذهانت ۽ هوشياريءَ جي ڪري استادن کي
به ڳڻتي ٿي ۽ استاد ڪلاس ۾ اها ڳالهه ڪئي ته هاڻي
جويي صاحب لاءِ ڇا ڪجي ته هڪ طرف ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٻن
شاگردن جيڪي امير هئا تن چيو ته في اسين ڀرينداسين
ته ٻئي طرف وري پرنسپال صاحب جو آرڊر پهتو ته ”سنڌ
مدرسه اولڊ بوائز ايسوسيئيشن چوٿين ڪلاس ۾ پهرين
پوزيشن کڻڻ جي ڪري جويي صاحب لاءِ 12 روپيا اسڪالر
شپ هر مهيني ٽن سالن لاءِ منظور ڪئي آهي.“ جويي
صاحب جو ڀاڳ کُلي پيو ۽ 1934ع ۾ ميٽرڪ سنڌ مدرسي
مان پاس ڪيائين ۽ پوءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ
مان بي.اَي پاس ڪيائين ۽ اپريل 1938ع ۾ سنڌ مدرسي
۾ ماستر مقرر ٿيو. 1940ع ۾ بمبئي يونيورسٽي ۾
بي.ٽي پڙهڻ ويو، جتان 1941ع ۾ بي.ٽي ڪري واپس سنڌ
مدرسي ۾ آيو ۽ هتي نوڪري ڪرڻ دوران جويي صاحب
سَيوِ سنڌ سَيوِدَڪنٽيننٽ (Save
Sindh save the continent) انگريزيءَ
۾ ڪتاب لکيو. انگريزن جي راڄ ۾ اهڙي ڪتاب لکڻ جي
ڪري پير الاهي بخش هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.
ڪجهه وقت بعد جويي صاحب کي ٺٽي جي ميونسپل هاءِ
اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو.
سنڌ مدرسي ۾ جويي صاحب 8 سال نوڪري ڪئي، ان دوران
هڪ ڀيرو ڊاڪٽر دائود پوٽو مدرسي ۾ آيو ۽ محمد
ابراهيم جويي جي ڪلاس ۾ ويو، جتي جويو صاحب
انگريزي پوئٽري ٻارن کي پڙهائي رهيو هو، ڊاڪٽر
صاحب، جويي صاحب جي پڙهائي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن
پڙهائي بس ڪيائين ته ڊاڪٽر صاحب، جويي صاحب کي چيو
ته توهان سرڪاري نوڪري ڪندو ته جويي صاحب کين چيو
ته سائين هنن سنڌ جي اسڪولن کي هلائڻو آهي، ان ڪري
آءٌ هتي ئي صحيح آهيان. اهو هو پنهنجي قوم کي
تعليم يافته بنائڻ جو جذبو. جتان پوءِ اهو ادارو
(هاءِ اسڪول) گورنمينٽ جي هٿ هيٺ اچڻ بعد جويو
صاحب به جيئن ته گورنمينٽ سروس ۾ اچي ويو، ان ڪري
ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ آيو جتي پڻ
پنهنجون خدمتون هن ايمانداريءَ سان سرانجام ڏنيون.
هتي نوڪري دوران 1949ع ۾ سندس ع.ق.شيخ (عبدالله
قادر بخش) سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ ان سان گڏجي ”سنڌي
ادبي انجمن“ قائم ڪيائين، جنهن جون نشستون
هفتيوار، ع.ق.شيخ جي سرڪاري گهر ۾ ٿينديون هيون ۽
پوءِ بسنت هال ٻاهران اڱڻ ۾ ٺهيل چبوتري ۾ ٿينديون
هيون.
ٽريننگ ڪاليج کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ قائم
ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي جواب ڏيڻ جي ڪري محمد
ابراهيم جويي صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيڻ
قبوليو. هيءُ 12 سال هن عهدي تي رهيو. ان عرصي ۾
هن سنڌي زبان ۽ ادب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ تمام
محنت، محبت ۽ همت سان ڪم ڪيو. انتظامي ڪمن ڪارين
کان علاوه بورڊ جي فيصلن کي عملي جامو پهرائڻ،
ڇپجندڙ ڪتابن کي پنهنجي نظر مان ڪڍڻ ۽ پروفن جي
نظرداري به پاڻ ڪندو هو.
پاڻ ڪجهه وقت سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ ٽماهي
مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هن سنڌي ادب جي
ترقيءَ لاءِ نهايت سچائيءَ ۽ جذبي سان ڪم ڪيو آهي،
هن بورڊ جو ڪم اهڙو ته دل وجان سان ڪيو جو برصغير
جي تاريخ ۾ ڪنهن به اداري اهڙو ڪم نه ڏيکاريو جهڙو
هن جي وقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ هن جي ايامڪاريءَ ۾
ڏيکاريو. هن جي وڃڻ کان پوءِ بورڊ جو ڪم نهايت گهٽ
ٿيو ۽ ڪم باقاعدگي سان نه هلي سگهيو ۽ بورڊ طرفان
حڪومت کي جويي صاحب کي بورڊ ۾ آڻڻ لاءِ استدعا ڪئي
وئي ۽ 1963ع ۾ هن وري اچي چارج ورتي. پر هن ڀيري
کيس بورڊ جي ڪمن ڪارين کان سواءِ ٻيو سرڪاري ڪم به
کانئس ورتو ويو ۽ هي بورڊ جو ڪم اعزازي طور
سنڀاليندو رهيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهڻ کان سواءِ
ڇهه سال ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ حيدرآباد ۾
او.ايس.ڊي ۽ ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي
سيڪريٽري رهيو. ان کان پوءِ جويو صاحب جيڪب آباد
هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول
ڪوهاٽ جو پرنسيپال، رجسٽرار اگزمنيشن، ڊپٽي
ڊئڪريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ، انسپيڪٽر آف اسڪولس
خيرپور ڊويزن، پهريان سيڪريٽري پوءِ ميمبر سنڌ
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ٿي رهيو، ۽ 1973ع ۾ رٽائر ڪيائين.
محمد ابراهيم جويو صاحب هڪ نهايت ايماندار عالم،
اديب ۽ دانشور آهي، جنهن جو هن وقت مون کي ڪو ثاني
نظر نه ٿو اچي. جويو صاحب اسان جي هر علمي، ادبي،
قومي، تاريخي ۽ زندهه رهڻ جي ڏانءَ وغيره ۾ ڀرپور
رهنمائي ڪري ٿو. ان ڏس ۾ آءٌ سندس ڪجهه تحريرن ۽
تقديرن جا ٽڪرا هيٺ ڏيندس جن مان هڪ طرف اسان کي
اِها ڄاڻ ملندي ته ٻئي طرف انهن تي عمل ڪرڻ سان
اهڙي روشن راهه ملندي جا سنڌي قوم کي پنهنجي منزل
تي پهچائيندي بلڪ هميشه زندهه رکندي.
آزاديءَ کان پوءِ ڪجهه جذباتي ترنگ ۽ ڪجهه گروهي
مفاد جي ڇڪ سبب، اسلام سان گڏ اردوءَ کي به
پاڪستان نظرياتي احساس جي هڪ عنصر اڳيان آڻيندي،
مڪاني ٻولين کي ۽ خاص طرح سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
تعليمي ۽ تهذيبي حيثيت کي نظر انداز ڪيو ويو. بلڪ
ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ڪراچيءَ ۾ سنڌي پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن جو ڪافي
تعداد ۾ بند ٿيڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان
امتحاني ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ جي
يڪطرفي ترديد، ان سلسلي جا ڪافي ڳرا قدم هئا.
اسان جي ٻار جي تعليم جي سموريءَ ڪاميابي جو دارو
مدار پنهنجي ٻوليءَ تي آهي ڇو ته: ”تعليم جي سڄي
ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪاميابي آهي ۽ هر
صاحب علم شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آهي.
ڪنهن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي ته معنيٰ ڪنهن سماج جو
سرجڻ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي
مرڪز جو وجود ۾ اچڻ، ڪنهن قوم جو سرجڻ، ڪنهن
تهذيب، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سرجڻ ۽ خود خدا پاڪ
به ته پوءِ ماڻهن سان ماڻهن جي انهن جي سندن
ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو به
انهيءَ لاءِ ته آخر آزاد ڪونه ٿيا هئا ته پنهنجي
ڳالهه (ٻولي ۽ تهذيبي ورثي) تان دستبردار ٿي، اردو
سياهي اقتدار جا غلام بڻجي وڃن.
سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زندهه انساني معاشرن وانگر
هڪڙو اهم بنيادي حق پنهنجي زبان جي حفاظت ۽ فروغ
آهي ڇو ته انهيءَ تي ٿي سندس سڃاڻپ بلڪ پوري وجود
۽ ان جي افاديت جو دارو مدار آهي.
خيال جي اظهار جي آزادي هڪ بي مثل ۽
بي بها نعمت آهي. يورپ جي اديبن، قلمڪارن، مفڪرن،
دانشورن سَوَنِ سالن جي قلمي جهاد سان ۽ قيد جي
اونداهين ڪوٺين ۾ سڄين سڄين ڄمارن ڪاٽڻ ۽ عيسائي
علمائن، مشائخن جي ٻارايل باهين جي مچن ۾ چپ چاپ
جلي رک ٿي وڃڻ سان، مس مس اها آزادي هڪ حد تائين
حاصل ڪئي. يورپ ۽ ٻي مغربي دنيا جي سڄي ترقي جيڪا
پوءِ انهن ڪئي ۽ جيڪي اڄوڪي انسان جي سموري سک،
سلامتي ۽ ثقافتي عظمت جو بنياد ۽ ضمانت آهي، سا هو
خيال جي اظهار جي، ان آزادي جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ
ٿي ڪري سگهيا.
سنڌ ليجسليٽوِ اسيمبليءَ ۾ ميمبرن صاحبن جي خدمت ۾
هڪ خط جو اصل انگريزيءَ ۾ هو، جيڪو جُونِ 1947ع تي
سڏايل سيشن جي موقعي تي ڏنو ويو هو، ان جو ترجمو
جويو صاحب ڪندي لکي ٿو ته:
”پاڪستان جي مرڪزي نظام ۾ سنڌ کي ڪهڙي جڳهه ملڻ
گهرجي ۽ سنڌ جي آئنده حڪومت جو آئين ڪهڙي نموني ۽
ڪهڙي قسم جو هئڻ گهرجي تن ٻن ڳالهين متعلق اوهان
جي ووٽرن انهن چونڊن ۾ اوهان کي ڪا به هدايت ڪانه
ڏني هئي ۽ پنهنجي لاءِ کان اوهان کي. تنهن زماني ۾
13 سيڪڙو ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق هو. ان هوندي به
اوهان عام ماڻهن جا چونڊيل عيوضي سڏيا وڃون ٿا ۽
آهيو. تنهنڪري اوهان ۾ بلڪل صحيح طرح اڄ هيءَ
اُميد رکي سگهجي ٿي، ته اوهان پنهنجي وس آهر نئين
پاڪستاني نظام ۾ پنهنجي سنڌ ديس ۽ پنهنجي ماڻهن جي
بنيادي حقن ۽ مفادن جي هر طرح حفاظت ڪندا، ۽ انهن
کي ڪنهن به صورت ۾ قربان ٿيڻ ۽ لتاڙجڻ نه ڏيندا.
توهان تي پهريون فرض آهي ته جيڪو به آئين مرتب
ٿئي، ان ۾ هيءُ فقرو رکيو وڃي ته اهڙي آئين کي عمل
۾ آڻڻ کان اڳ ان عام ماڻهن جي سامهون پسند ڪرڻ ۽
قبول ڪرڻ لاءِ رکيو وڃي. اوهان مهرباني ڪري هيٺين
ٽن بنيادي ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻ جي تڪليف گوارا
ڪرڻ فرمائيندا.
(1) اسان بلڪل آزاد، خود مختيار الڳ حڪومت، جا فقط
سؤ سال کن اڳ اسان کان انگريزن کسي ورتي هئي. وري
پنهنجي ديس ۾ ٺاهيون.
ان ڪري اسان جي گهُرَ آهي ته پاڪستان جي فيڊريشن ۾
سياسي لحاظ کان اسان جو هڪ مستقل وجود تسليم ڪيو
وڃي.ا سان کي بنگالي، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان اچي
جمع ٿيندا تن مان هرهڪ سان اسان کي برابريءَ وارو
درجو ڏنو وڃي، ۽ هڪجهڙا اختيار ۽ عيوضي ڏنا وڃن.
(2) دولت جا قدرتي ذريعا جيڪي اسان جي ديس ۾ قدرت
طرفان عطا ٿيل آهن، تن تي صرف اسان جو ئي مخصوص حق
آهي ۽ پنهنجي ديس جي اندروني حڪومت جي چرخي کي
نَنهَنِ کان وٺي چوٽيءَ تائين، هلائڻ يعني قانون
سازيءَ ۽ قانون پردازيءَ جي سمورين شين کي سنڀالڻ
جا اختيار ۽ جوابداريون صرف اسان جن جي ئي هٿن ۾
مخصوص هئڻ گهرجن.
(3) اسان جا عام ماڻهو آزاد زندگيءَ جا فائدا ۽
لذيذ ميوا چکن ۽ استعمال ڪن ۽ غلاميءَ کان نجات
مليل هجينِ. پهريون ٻه ڳالهيون ته مسلم ليگ جي
پاڪستان ٺهراءَ ۾ پڻ موجود آهن. (ان کان سواءِ)
سمورا شامل ٿيندڙ جزا (حصا) پنهنجي پوري وَسَ وارا Autonomous ۽
پورن اختيارين وارا Sovereign ٿيندا.“
پهرين اپريل 1940ع تي قائداعظم محمد علي جناح پڻ
اهڙو اظهار ڪيو هو، ته هر هڪ جزي (حصي) کي اختيار
هوندو ته هو ڪنهن به وقت فيڊريشن کان جدا ٿي سگهي
ٿو.
تعليم جي باري ۾ پاڻ لکن ٿا ته:
”پرائمري تعليم جو مقصد لکڻ پڙهڻ ۽ حساب سيکارڻ ته
ضروري آهي، پر ان سان گڏ بلڪ ان کان وڌيڪ اهم ۽
بنيادي مقصد پرائمري تعليم جو آهي، ٻارن کي انسان
ٿي رهڻ جا بنيادي سبق سيکارڻ.
تعليمي ماهرن جو خيال آهي ته گهٽ ۾ گهٽ چئن سالن
جو عرصو جيڪڏهن ڪو ٻار لکڻ پڙهڻ جي پوري تعليم
حاصل ڪري ٿو، ته اها وٽس هميشه لاءِ محفوظ رهي
سگهي ٿي. انهن چئن پنجن سالن جي عرصي واري تعليم
کي ابتدائي يا پرائمري تعليم چئجي ٿو.“
استادن (تعليم ڏيندڙن) جي باري ۾ لکن ٿا ته:
”تعليم جو بنياد رکندڙ اوهان استاد آهيو، ان ڪري
اوهان تي وڌيڪ جوابداريون عائد ٿين ٿيون. سٺو
استاد ڪيترين ئي خوبين جو مجسمو هوندو آهي. (1) سڀ
کان اول استاد جي شخصيت ۾ همدردي ۽ هردلعزيزيءَ جي
صفت هئڻ لازمي آهي. اڪثر استاد جي رعب ۽ مار جي ڊپ
کان ٻار اسڪول کان گسائيندا آهن يا ڪيٻائيندا آهن.
سٺن استادن کي سراپا خلوص ۽ محبت جو پتلو ٿيڻ
گهرجي. خاص ڪري نئين داخل ٿيندڙ ٻار سان وڌيڪ شفقت
سان پيش اچڻ گهرجي جڏهن آءٌ (جويو صاحب) پهريون
ڀيرو اسڪول ۾ داخل ٿيس ته اسڪول جي هيڊ ماستر مسٽر
ٽيڪن مل مون (جويو صاحب) کي سڏ ڪري ڀرسان بيهاري
شفقت سان ڀاڪر پاتو ۽ ميز جي خاني مان کٽمٺڙا ڪڍي
مون کي ڏنا ۽ پيار ڏنائين ته مون کي جيڪو اسڪول
لاءِ خوف هو سو پهرئين ملاقات سان ختم ٿي ويو ۽
آءٌ اسڪول کي پنهنجي گَهرَ وانگر ۽ استاد کي
پنهنجي هڪ وڏي عزيز وانگر سمجهڻ لڳس. هيءُ استاد
ظاهر لکڻ پڙهڻ جي تعليم سان گڏ پنهنجي عملي
زندگيءَ وسيلي اسان کي اخلاقي قدرن جهڙوڪ: انساني
همدردي، خلوص ۽ محنت سان سبق پڻ سيکاريندو هو ۽
انهن جا پيسا نه وٺندو هو. پاڻ استاد ٽيڪن مل ٻه
چار شاگرد وٺي ڳوٺن ۾ مريضن سان وڃي ملندو هو ۽
سندن ڀر ۾ ويهي همدردي ڪندو هو ۽ کين ڪئنين جون
ٽڪيون کارائيندو هو. ان کان سواءِ ڳوٺ جي گهٽين جا
خاص ٽڪرا صاف ڪرائيندو ته انهن ۾ محنت جو جذبو
پيدا ٿئي. استاد ٽيڪن مل خود به انهن ٻارن سان گڏ
ڪم ڪندو هو. ان سان ٻارن ۾ انساني همدردي، قومي
جذبي، جفاڪشي، ايمانداري ۽ اخلاق جي جذبات سان پڻ
ٻارن کي روشناس ڪجي، اسان کي گهرجي ته درسي ڪتابن
جي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻارن کي انسانيت جي اصولن
جي تعليم ڏيندا رهون. ٻارن ۾ قومي ۽ انساني جذبا
پيدا ڪرڻ لاءِ آسپاس جي تاريخي جاين ۽ قدرتي نظارن
جو کين نظارو ڪرائجي.
مثال طور: مياڻيءَ جي جنگ جو ميدان ڏيکاري، انهن
کي پنهنجي بهادرن جون ڳالهيون ٻڌائجن.استاد کي
انسانيت جي اعليٰ اخلاقي قدرن جو ضامن ۽ مبلغ ٿيڻ
گهرجي، ته جيئن سندن هٿان تعليم جو صحيح مقصد،
انسان بنجڻ حاصل ٿيندو. وڌيڪ لکن ٿا ته:
(1) ٻارن
کي اهڙي تعليم ڏجي جنهن سان سندن شخصيت جي سڀني
اخلاقي، جسماني ۽ ذهني صلاحيتن جي اوسر ٿي سگهي.
(2) قابليت
۽ صلاحيت جي بنياد تي اهڙي بنيادي علم ۽ هنر سان
آراسته ڪجي جنهن جي هن کي ضرورت ٿئي ۽ وڌيڪ تعليم
لاءِ فائديمند ٿئي.
(3) ٻار
جي شهريت جي شعور ۽ جوابداري جي احساس کي جاڳائي ۽
وطن لاءِ پيار ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ جدوجهد ۽ چاهه
پيدا ٿئي.
(4) منجهس
محنت، ذاتي سچائي ۽ تجسس جهڙيون پسنديده عادتون
جنم وٺن.
(5) صحت
لاءِ راند روند پڻ لازمي آهي.“
محمد ابراهيم جويي صاحب جن هڪ هنڌ لکن ٿا ته:
”اسان جي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي پڙهڻ پڙهائڻ جي ڳالهه افسوس جوڳي آهي.
اڄ اسان جي ادارن ۾ پنهنجي مادري زبان جي تعليم
بنهه ناقص، غير ذميدارانه ۽ سچ پچ ته رڳو نالي
ماتر ملي رهي آهي. هڪ ته نصاب غير معياري آهي ۽
سنڌي پڙهائڻ وارا بي خبر ۽ ائين سمجهڻ وارا ته
سنڌي ته پنهنجي ٻولي آهي تنهن تي ڪنهن خاص ڌيان
ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ نه ان جي اکرن تي ڌيان، نه
صورتخطيءَ ته، نه ان جي صرف نحو جو خيال، نه ان جي
ادبي حسن ۽ فضليت جو خيال افسوس! دنيا جي ڪابه
آزاد، باوقار ۽ غيرتمند قوم پنهنجي آئنده نسل جي
تربيت جي سلسلي ۾ پنهنجي مادري زبان جي تدريسي
ذميداريءَ کان ايڏي بيحس! بي شعور ۽ غافل رهي نه
ٿي سگهي. اسان کي آزاد ۽ سڌريل قومن جي ڪردار جو
مطالعو ڪرڻ گهرجي، ۽ ان جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي.
مادري ٻوليءَ جي تعليم ۽ تربيت، ترقي ۽ حفاظت
ڏانهن پوري ڌيان سان ئي قومن، پنهنجي عزت ۽ آزادي
قائم رکي سگهنديون آهن.“
جويو صاحب، هڪ اهم ڳالهه، وقتائتي ۽ فائديمند
لکندي ٻڌائي ٿو ته:
”1955ع ۾ حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم کان حسام
الدين راشديءَ دل گهريي دوست، حڪومت پاڪستان جي
تڏهوڪي سيڪريٽري ماليات ممتاز حسن ذريعي ۽ حسام
الدين کي ئي تحرڪ سان، سنڌي ادبي بورڊ کي چئن
سالن لاءِ ”قومي تاريخ ۽ ادب جي فروغ“ جي اسڪيم
لاءِ گرانٽ ملي. ”قومي تاريخ ۽ ادب جي فروغ“ جي
اسڪيم هيٺ فارسي عربي مخطوطات جي ايڊيٽنگ جي
ٻوليءَ متعلق هئي. ڪن دوستن جو خيال هو ته اُهي
ڪتاب اردوءَ ۾ ايڊٽ ڪيا وڃن ڇو ته اردو مرڪزي
ٻوليءَ جو درجو وٺي رهي هئي ۽ ان تحقيقي اشاعتي
اسڪيم لاءِ گرانٽ به مرڪزي حڪومت کان بورڊ کي ملي
هئي.
جڏهن ته منهنجي (جويي صاحب جي) راءِ هئي ته: هي
ڪتاب اصل جنهن ٻوليءَ ۾ هجن، اصولي طور انهيءَ
ٻوليءَ ۾ ايڊٽ ٿين. بشرطيڪ انهن جو سڌو واسطو انهن
ٻولين جي قومن ۽ ملڪن سان هجي، پر سڀ کان بهتر ته
اهي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ايڊٽ ٿين ڇو ته انهن جو سڌو، اڻ
سڌو هر طرح جو لاڳاپو سنڌي ادب ۽ تاريخ سان هو، ۽
ان طرح انهن سان وري اها بي انصافي به ڪانه ٿيندي
جو جيئن ايترا سَوَ سال اهي ڌارين ٻولين ۾ لکيل
هجڻ سبب هتي اسان وٽ مٽيءَ جي مڻن هيٺ لٽبا رهيا.
ڪو سندن خبر لهڻ وارو ڪونه هو، ڪو سندن پڙهڻ وارو
ڪونه هو. تيئن هاڻي به جي اُهي فارسي ۽ عربيءَ ۾
ايڊٽ ٿيا ته اُهي وري به انهيءَ گمناميءَ ۽
ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ اسان وٽ دفنايا پيا رهندا.
تنهن کان سواءِ خود سنڌي ادبي بورڊ به سنڌي ٻوليءَ
جي ئي فروغ لاءِ قائم ٿيل ادارو هو.“
جويي صاحب جن معياري ادب لکڻ متعلق لکن ٿا ته:
”معياري ادب اڄ جو اديب نه ٿو لکي سگهي ڇاڪاڻ ته
هو: فني نُڪتهء نگاهه کان به، ٻوليءَ جي نحوي
صحت،ان جي اظهار ممڪنات ۽ اسلوبي حسن آفرينيءَ ۾
پوريءَ طرح تربيت پاتل نه آهن. کين جديد ادب، خاص
ڪري نثري ادب جو تمام ٿورو ۽ بنهه ابتدائي قسم جو
ذخيرو ورثي ۾ مليو آهي. سندن مطالعو يا ته بنهه
ڪونهي يا اڪثر انگريزيءَ ۽ اردوءَ جي چند ڪتابن
تائين محدود آهي. سنڌي مسئلن، سنڌي انداز بيان،
سنڌي سوچ جي انداز ۽ سنڌي زبان بابت سندن ڄاڻ گهٽ
آهي. اسان جا گهڻا لکندڙ شوقيه لکندڙ آهن. منجهائن
ڪوبه پيشه ور اديب ڪونهي جو سمورو وقت ادب لاءِ
وقف ڪري، ۽ ان ۾ ڪمال حاصل ڪري سگهي. سنڌي اديب،
اديب رهي پيٽ پالي نه ٿو سگهي، ناقص فني تربيت ۽
اڻ پوري مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي ۽ نفعي جي اُميد
نه هئڻ سببب عام سنڌي اديب جي تخليق جو معيار گهٽ
رهجي ويو آهي.“
جويو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:
”اديب ’جدت پسندي‘ کي هڪ مڪمل خوبي سمجهندي هو
اهو اثر قبول ڪن ٿا جيڪو سندن خيال ۾ ”جديد“ آهي.
سندن موضوعن جو انتخاب، انداز بيان ۽ نُڪتهء نظر
تي مغرب جا اڄوڪا زوال پذير، بي مقصد، کوکلا ۽
قنوطي لاڙا ڇانيل آهن جنهن ڪري سندن ادب، عام سنڌي
پڙهندڙ لاءِ ڪا به گهري جاذبيت، پنهنجائي ۽ اثر نه
ٿو رکي ۽ ”جديد“ جي اُها انڌي پرستش اسان وٽ اڃان
ابتدائي دور ۾ آهي. پر اڳتي هلي ان جا ڏاڍا اگرا
نتيجا نڪري سگهن ٿا. خالص ادب جي دائري ۾ هن
اڀرندڙ خطري کي بروقت سڃاڻڻ ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ،
اسان جي باخبر اديبن جي پنهنجي ذميداري آهي ۽
جيتري قدر هو ان کي پورو ڪندا اوتريقدر اهو سندن
پنهنجي زبان ۽ ان جي اسرندڙ ادب تي احسان ٿيندو.“
هڪ هنڌ جويو صاحب جن لکن ٿا ته:
”سنڌي ادب جي هلچل جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ٿيندي
وڃي ٿو پر هيءَ سموري هلچل سنڌ پسند ۽ سنڌي عوام
دوست اديبن ۽ دانشورن پنهنجن پيرن تي پاڻ بيهي
پيدا ڪئي ۽ هيستائين هو بنهه خالي هٿن سان ان کي
هلائيندا پئي آيا آهن. کين حڪومت توڙي سماج جي
بيٺل ۽ ورسيل طبقي طرفان هن ڳالهه ۾ ڪا به خاص مدد
يا سرپرستي حاصل ٿي نه سگهي آهي، بلڪ ان جي ابتڙ
انهيءَ طرف کان کين ڪافي ملامت جو نشانو ۽ سختين ۽
سزائن جو شڪار ٿيڻو پيو آهي.“
محمد ابراهيم جويي، سنڌي ادب، ان جي لکندڙ ۽
پڙهندڙن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جي سلسلي ۾ هن طرح
تجويزون ڏنيون آهن:
(1) سنڌي
ٻوليءَ جا سمورا ضبط ٿيل ڪتاب آزاد ٿين.
(2) لکندڙن
کي خيال جي اظهار جي پوري آزادي حاصل هجي.
(3) سنڌي
ٻولي ۽ ان جي گهڻن پاسائين ادب جي سڌاري ۽ واڌاري
لاءِ هڪ ڏهه ساله رٿا ٺاهي وڃي، ان رٿا جون خاص
ڳالهيون:
(الف) ٻه هزار چونڊ ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ٿي
شايع ٿين.
(ب) ٻه هزار نوان ۽ اصلوڪا ڪتاب مخصوص پڙهندڙ
گروهن لاءِ لکجن ۽ شايع ٿين.
(ج) هر طبعزاد ڪتاب، جو اشاعت لائق سمجهيو وڃي سو
هر حالت ۾ شايع ڪيو وڃي.
(د) علمي، فني اصطلاحن جون لغتون ۽ ماخذي ادب جا
گهربل ڪتاب ٺاهجن ۽ طبع ڪجن.
(هه) سنڌي ٻوليءَ جي ڇپائي جا وسيلا سڌرڻ ۽ وڌڻ
گهرجن.
(4) تجويز
ڪيل ڏهه سال رٿا لاءِ ڏهه ڪروڙ (1973ع ۾) مخصوص
ڪيا وڃن جڏهن ته 1973ع تائين اردوءَ تي 30 ڪروڙ
روپيا خرچ ٿي چڪا هئا.
(5) سنڌي
پڙهيل ماڻهو، خاص طرح سرڪاري ملازم هر مهيني 25
پئسن کان هڪ روپيا ڪتابي نظر فنڊ طور ڏين ۽ ان جي
وصوليءَ لاءِ سرڪاري طور بندوبست ٿيڻ کپي.
(6) ٻهراڙين
جي معيار ۽ مذاق مطابق ادب پيدا ٿئي.
(7) ”جديد“
جي سطحي ڪشش ۾ وٺجي، بيمار ۽ قنوطي لاڙن کي جديد
سنڌي ادب ۾ جاءِ نه ڏجي.
(8) لکندڙ
پنهنجي فني صلاحيتن ۽ پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽
تجربي کي وڌائين.
(9) لکندڙ
کي معاوضو ملي.
(10) سنڌي
ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ عوام ۽ خواص ۾ ڀرپور مهم
هلائجي ۽ ان جي قوميت جو هڪ انگ ظاهر ڪري مقبول
ڪرائجي ”سنڌي ڪتاب خريد ڪريو“ جو نعرو اخبارن ۾
ڇپرائجي. هن جدوجهد کي وڏي پئماني تي پوري قوت سان
۽ ڊگهي عرصي تائين هلائجي.
(11) ٻهراڙيءَ
۾ ڪتابن جي پهچ جو پورو انتظام هجي.
(12) تعليمي
درسگاهن ۾ سنڌيءَ جي تعليم ۽ تدريس جو ڪم بامقصد
نڀائجي ۽ ان جو معيار بلند ڪجي.
سائين محمد ابراهيم جن سنڌي ادبي رسالي کان وٺي
مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن لکڻ جي حد تائين،
سنڌي ٻولي جي بچاءَ ۽ بقاء لاءِ سنڌ، سنڌ جي حقن ۽
ثقافتي حقن کان وٺي پرڏيهي ادب ۽ فلسفي کي سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪري، انهن کي شاهوڪار بنايو آهي. سندس
آخري خواهش ته پاڻ هڪ اهڙو ادارو قائم ڪري ۽ ڪيو
وڃي، جنهن ۾ ڌارين ٻولين خاص ڪري انگريزي ڪتابن کي
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ آهي ته
انگريزي ٻوليءَ جي ترقيءَ جو وڏو سبب اهو به آهي
ته ان ۾ سڄيءَ دنيا جا علمي، ادبي ڪتاب ترجمو ٿيل
آهن ۽ اهو ادارو ”بيورو آف ٽرانسليشن“ جي نالي سان
ئي قائم ٿيڻ گهرجي.
بهرحال سائين جويي صاحب جن جي زندگيءَ تي لکڻ لاءِ
ڪتاب بلڪ انسائيڪلوپيڊيا جا ڪجهه جلد لکجي وڃن.
سندن لاءِ صد سال سالگره کي پورو سال ملهائڻ جو
اعلان ڪيو ويو آهي. منهنجي ذاتي راءِ به اها هوندي
آهي ته جيڪي به انسان پنهنجي ديس، قوم ۽ ٻوليءَ
لاءِ جيئن ٿا، انهن کي جيئري ئي جس ڏجي ۽ انهن تي
سٺا سٺا ادبي پروگرام ڪرايا وڃن، ته اهڙن مرد
مجاهدن جا نظريا ۽ تجربا، اسان جي نئين نسل جي
سامهون اچن ته جيئن هو پنهنجي رهنمائن کي سڃاڻي به
سگهن ۽ سندن تعليمات جو مطالعو ڪري سنڌ ڌرتي،
ٻولي، علم و ادب کي به ترقي وٺرائي سگهن. |