سائين محمد ابراهيم جويو: پريم ۽ ارپنا
محسن جويو
سائين محمد ابراهيم جويي خالص ادب، ٻولي، تعليم
تدريس، سياسي ادب، فلسفي، تاريخ سميت مختلف معاملن
تي، اسان جي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پئي رهنمائي
ڪئي آهي. سندس فڪري سرچشمن ۽ ڌارائن تي پڻ سنڌ جي
ڪيترن ئي علم دوستن پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن.
انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي، آءٌ پڻ
ڪجھ ڳالهيون عرض ڪرڻ چاهيان ٿو.
سنڌ جي ماڻهن جي انيڪ المين
مان هڪ الميو اهو به رهيو آهي ته ان وٽ رول ماڊلس
جي کوٽ رهي آهي. دنيا جي هر ڪنهن قوم وٽ، زندگيءَ
جي مختلف شعبن ۾ رول ماڊلس رهيا آهن، اهي قومون
انهن جي عمل، ڪردار ۽ زندگيءَ جي نموني جي
پوئواريءَ ۾ نه رڳو اڳتي وڌنديون آهن، پر جائز
نموني، انهن تي فخر پڻ ڪنديون آهن. سنڌ ۾ ٿورڙا ئي
سهي، پر رول ماڊل رهيا آهن. جويو صاحب، ڪنهن به شڪ
کان سواءِ، انهن منجھان هڪ آهي. جيڪڏهن، سندس
گذاريل زندگيءَ جي انداز ۽ طريقي کي اڳيان رکيو
وڃي ته اسان مان هر هڪ پڻ، پنهنجي وطن ۽ وطن واسين
لاءَ گھڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
جويي صاحب اڄ جيڪي هيترا ۽ گوناگون ڪم ڪيا آهن، جن
تي اسين فخر ڪريون ٿا، ان جو بنيادي سبب اهو آهي،
هن ڪڏهن به ڪنهن مقصد کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ڪيو
آهي، يعني هن پنهنجي وطن ۽ وطن واسين جي سماجي
توڻي روحاني يا ذهني گهرجن کي سامهون رکندي ڪم پئي
ڪيو آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن به چئي سگهجي ٿو ته هن
سدائين، سنڌ ۽ سنڌ ماڻهن جي حالتن کي نظر ۾ رکندي،
سندن گهرجن جي پورائي لاءِ پاڻ پئي پتوڙيو ۽ جيءَ
منجهان پئي جاکوڙيو آهي. هن ڪڏهن به پنهنجيءَ ذات
لاءِ پنهنجين صلاحيتن کي ڪتب نه آندو آهي. اهو سبب
آهي، جو پاڻ هيترا سارا وڏا ۽ اهم ڪم ڪري سگهيو
آهي.
سندس ذات ٻن بنيادي لفظن منجهان جڙيل آهي، هڪ پريم
۽ ٻيو ارپنا. هن جو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين
سان آهي. انهيءَ پيار کي توڙ تائين رسائڻ لاءِ هن
کي پنهنجي پوري زندگي ارپڻي پئي آهي. هن جي زندگي،
هڪ ڪامياب ماڻهوءَ واري زندگي آهي.
جويي صاحب سنڌي سماج جو ڳوڙهو اڀياس
ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ هُو
ڪن نتيجن تي پهتو. هن انهيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪجهه
بنيادي شيون طئه ڪيون، انهن منجهان حسن، سچ ۽
چڱائيءَ جو هن پرچار پئي ڪيو آهي. انهن ٽن لفظن جي
وضاحت ۾، اڄ ڏينهن تائين اڻ ڳڻيا بحث ٿي چڪا آهن.
فلسفين، مذهبي اسڪالرن ۽ سماجي سائنسدانن انهن
لفظن جي اهميت، افاديت ۽ روح کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. ڪن انهن لفظن لاءِ لکيو آهي ته اصل سچ کي
ڄاڻي نه ٿو سگهجي، ڪن جو خيال آهي ته هيءَ دنيا هڪ
ڪوڙي دنيا آهي، اتي سچ جي ڳولا اجائي ۽ واڌو شيءِ
آهي، سچ ڪنهن ٻي دنيا ۾ آهي، جنهن تائين رسائيءَ
لاءِ وڏا روحاني چلا ڪاٽڻا پوندا ۽ ڪشالا ڪرڻا
پوندا. سندن اهو به خيال آهي ته هن ڌرتيءَ تي حسن
عارضي آهي، ان کي بقا ۽ دائميت نه آهي، اصل حسن جي
ڳولا ڪرڻ کپي ۽ ساڳيي نموني چڱائيءَ
جي سلسلي ۾ خيال پيش ڪيا ويا آهن. جويي صاحب، انهن
ٽن لفظن، خير، خوبي ۽ سچ جي حوالي سان لکندو ۽
ڄاڻائيندو پئي آيو آهي. سندس خيال آهي ته چڱائي يا
خير اهو آهي، جيڪو هڪ ماڻهو، ٻئي ماڻهوءَ لاءِ،
سماج ۾ رهندي، ڪنهن به لالچ ۽ غرض کان سواءِ ڪري
ٿو، جنهن مان هڪ ماڻهوءَ کي مونجهاري يا پريشاني
مٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي ته ٻئي کي انسان جي حيثيت ۾
روحاني سڪون ملي ٿو ۽ اهو ئي سندس اجورو به آهي.
هن اسان کي پئي ٻڌايو آهي ته سچ اهو آهي، جيڪو
اسين پنهنجين اکين اڳيان ڏسون ٿا، هيءَ اسان جي
سامهون يا چوڌاري دنيا ئي سچ آهي، ان ۾ موجود شيون
سچ آهن، ان ۾ سماج ۽ سماجي زندگي سچ آهي ۽ ان جا
ڏک ۽ سور، ان جا سک ۽ خوشيون ئي اصل ۾ سچ آهن.
انسان جي چوڌاري هن پکڙيل ۽ ان جي نظر ۽ ذهن جي
دائري ۾ ايندڙ دنيا ئي سچ آهي. اسين جڏهن هڪٻئي
سان ملون ٿا، سهڪار ڪريون ٿا، هڪٻئي جا مسئلا حل
ڪريون ٿا، محبت ۽ ڀائيچاري سان رهون ٿا، اسان جا
سڀ سماجي عمل ڳنڍيل ۽ گڏيل نموني، جڏهن اسان جي
زندگيءَ ۾ سهنجايون پيدا
ڪن ٿا، اهو احساس، اها هم آهنگي، اها سنگت ۽ سهڪار
ئي اصلي حسن آهي. جڏهن اسين، جتي به رهون ٿا، اتي
امن، اتحاد ۽ باهمي
بقا لاءِ رهون ۽ جيئون ٿا، اهو جياپو ئي حسن آهي.
هن سلسلي ۾ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر جويي صاحب
جي ڪن ٻين پهلوئن تي نظر وجهڻي آهي، انڪري ٿورو
اڳتي هلون ٿا. مطلب اهو ٿيو ته سچ، سونهن ۽
چڱائيءَ جي سلسلي ۾ جويي صاحب جا خيال واضح ۽ چٽا
رهيا آهن ۽ هن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته
انهن لفظن سان جڙيل تصورن کي اسين، پنهنجي سماج ۽
زندگيءَ جي پس منظر
۾ ڏسون ۽ انهن مان فائدو وٺندي، هڪ قوم جي حيثيت
يا انسانن جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ کي حقيقي نموني
بهتر بنايون ۽ انهن کي انسانيت ۽ انساني چڱائيءَ
جي دائري کان ٻاهر نه ڏسون.
جويي صاحب جي مشاهدي ۾ اها ڳالهه پڻ آيل آهي ته
سنڌ اهڙو سماج آهي، جتي ماڻهو صدين جي وهمن،
وسوسن، اونڌن ابتن خيالن، مدو چوڙي ويل رسمن ۽ ٻين
ڪيترين ئي ذهني ڏيوالپڻن جي ور چڙهيل آهن. انهيءَ
مسئلي جي نشاندهي، هن پنهنجين ڪيترين ئي، لکڻين ۾
ڪئي آهي، هن ڄاڻايو آهي ته ٽي اهڙيون شيون آهن، جن
۾ سنڌي ماڻهو، روحاني طرح قيد آهي. اهي وهم پرستي
(Obscurantism)،
فنائيت (Fatalism)،
شڪست خورديت (Defeatism).
انهن ٽن مسئلن جي پڻ جويي صاحب نشاندهي ڪئي آهي.
وهم پرستيءَ جو مطلب اهو آهي، ته اڃا تائين ماڻهو،
ذهني طرح اوائلي زماني واري حالت ۾ رهي، جڏهن
ماڻهو، فطرت کي ايترو سمجهي نه سگهندو هو ۽ نه ئي
وٽس زندگيءَ جو ايترو ڳوڙهو اڀياس هو، جو هو پاڻ
سان لاڳو مسئلن کي سمجهي ۽ ڄاڻي سگهي. سمجهه جي
محدود هئڻ سبب، هن اهو سمجهيو ته ڪنهن ٻئي هنڌان
هن سان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان لاءِ پنهجي
بچاءَ ۽ تسڪين لاءِ ڪي اهڙا عمل ڪيا، جن جو حقيقت
سان ڪوبه واسطو نه هو. پنهنجن مسئلن جهڙوڪ،
بيمارين کان تحفظ، ايندڙ مصيبتن کان بچاءَ ۽ ان
اناج ۾ برڪت وغيره لاءِ هن ايترا ته وهم پاليا، جو
انهن کي هتي بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي. سنڌي سماج به
اڄ به صديون اڳ وارن وهمن، ريتن، رواجن ۽ جامد
عقيدائي نظام کان ٻاهر اچي نه سگهيو آهي. ان کان
سواءِ، فنائيت جو احساس پڻ اهڙو معاملو، جنهن سنڌي
سماج جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ پيدا
پئي ڪئي آهي، جنهن هيٺ، ماڻهو اهو سوچيندو آهي ته
نيٺ کيس مري ئي وڃڻو آهي ته پوءِ هيتري هڻ هڻان ڇو
ڪري، جيڪا ڪنهن به ڪم جي نه آهي، ان جي بدران اهو
ڪم ڇونه ڪري، جيڪو، هتان کان ٻئي هنڌ کيس ڪم اچڻو
آهي. هتان جا عمل کيس ڪم نه ايندا، پر هتي هو ٻئي
دنيا لاءِ پونجي گڏ ڪري وڃي. اهو فنائيت جو احساس،
ماڻهوءَ ۾ ويڳاڻپ پيدا
ڪري ٿو، اهو سماجي عمل مان ڪٽجي، اهي ڪم ڪرڻ ڇڏي
ٿو ڏئي، جنهن مان، ٻين ماڻهن کي فائدو پهچڻو آهي،
جويي صاحب کي اهڙي رويي کي خودغرضي قرار ڏيندي رد
ڪيو آهي ۽ ان ذميواريءَ جي احساس کي اڀارڻ جي
شعوري ڪوشش ڪئي آهي ته زندگي، جيتري به وقت لاءِ
آهي، ماڻهوءَ کي پنهنجي ۽ پڻ ٻين جي خوشين ۽
آسانين لاءِ جاکوڙيندي گذارڻ کپي، جي، سڀ ماڻهو
فنائيت جي خيال جي ور چڙهيل رهندا ته پوءِ جڳ جو
چرخو ڪيئن هلندو.
ماڻهوءَ جي ذهني مونجھارن مان هڪ مونجھارو شڪست
خوردگي پڻ رهيو آهي، جنهن هيٺ، ماڻهو اهو سوچيندو
آهي ته جڏهن ڪجھ ورڻو ئي نه آهي ته پوءِ ڪجهه ڪرڻ
مان ڪهڙو فائدو؟ دنيا ۾ قومن ۽ فردن سان اهو مسئلو
پڻ لاڳو رهيو آهي. اڄوڪي سنڌ ۾ اها ڪيفيت عام آهي،
هر پاسي، خرابيءَ جا
آثار ڏسندي ۽ ويجھي ماضيءَ ۾ ڪابه تبديلي نه ڏسڻ
جي ڪري، اهو احساس پئدا ٿيو آهي. اصل ۾ اهڙو
احساس، ماڻهوءَ جي تبديلي پسند مزاج جي نفي آهي ۽
ماڻهوءَ جي پوري تاريخ ۾ ڪيل ڪارنامن ۽ ان جي پورهئي جي
انحرافي پڻ آهي. نتيجا، عمل وسيلي ئي ملندا آهن ۽
بي عمليءَ وسيلي، اڄ ڏينهن تائين، ماڻهوءَ ڪجھ به
حاصل نه ڪيو آهي، اڃا به ويتر وڃايو ۽ پنهنجو
نقصان ئي ڪيو آهي.
جويي صاحب کي سنڌي سماج جي معروضي بيهڪ جي ڄاڻ هئي
۽ کيس اندازو هو ته هتي جاگيرداري نظام بنهه گهڻو
سگهارو آهي. ماڻهو وڏيرن، ڀوتارن، جاگيردارن جي
قيد ۾ آهن، انهن جي پنهنجي ڪابه آزاد زندگي يا
ارادو نه آهي، انهن جي پنهنجي ڪابه سوچ نه آهي.
اهي هڪ ڦيري ۾ ئي صدين کان ڦري رهيا آهن. سندن
اهڙي هنڌ بيٺل ۽ سينوارجي ويل سماجي جياپي ۾ چرپر
آڻڻ لاءِ وڏي رٿابنديءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو ۽ اهڙي
رٿابنديءَ جي پهرئين مرحلي ۾، انهن جي ذهنن کي
جھنجھوڙڻ جو ڪم ڪرڻ کپي ۽ انهن تي نئين روشنيءَ ۽
نئين شعور جا دڳ کولجن ته اهي
’پاڻ
سڃاڻ‘ جي
مرحلي مان گذري، ماڻهوءَ جي حقيقي مرتبي تائين رسڻ
۾ ڪامياب وکون کڻي سگهن.
جويي صاحب ان ڏس ۾ فرانس واري انقلاب هڪ نموني (Specimen)
طور کنيو. يورپ ۾ پڻ جاگيرداري نظام مضبوط هو ۽
اتي جاگيردارن ۽ مذهبي رکوالن ملي، ماڻهن کي هڪ
هزار ورهين تائين، ماڻهن کي انهن جي حيثيت کان پري
رکيو. اتي آهستي آهستي، چرپر پيدا ٿي، مذهبي سڌارن
جي تحريڪ اٿي، نئين جاڳرتا جي تحريڪ اڀري ۽ ڏسندي
ڏسندي، سڀ ڪجھ تبديل ٿي ويو. جاگيرداريءَ جي پاڙ
پٽجي ويئي، نئين، تازي ۽ آزاد فضا ۾ ماڻهن ساهه
کڻڻ شروع ڪيو. قومي رياستن جو تصور اڀريو، جمهوريت
کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو ۽ انساني برابري،
ڀائيچاري ۽ آزاديءَ جي نعري هيٺ، يورپي قومن ۽
ماڻهن نئون سفر شروع ڪيو. اهوئي سبب آهي، جو، جويي
صاحب سنڌ ۾ پڻ مذهبي سڌارن ۽ نئين جاڳرتا جي اڀار
لاءِ ڪم ڪيو. ان سان انهيءَ ڪم ۾ سندس دوستن ۽ هم
خيالن هٿ ونڊايو. ادب، ٻولي ۽ تعليم جي حوالي کان
اهم ڪم ڪيا ويا، نئين شعور، نئين ڳالهه، نئين
خيال کي اڳتي ڪيو ويو ۽ روايت سان بغايت ڪئي ويئي.
ايملي عرف تعليم، علم تدريس مظلومن لاءِ ۽ فرينچ
انقلاب جهڙا ڪتاب ان ئي مقصد کي سامهون رکندي لکيا
ويا.
جويي صاحب کي اهو احساس پڻ رهندو پئي آيو آهي ته
فرينچ انقلاب منجھان نڪتل نعرو ”آزادي، برابري ۽
ڀائيچارو“ پوريءَ طرح حقيقي جمهوريت
جو احاطو نه ٿو ڪري، پر هن پوءِ انهيءَ خيال کي،
انڪري، هٿي ٿي وٺرائي ته سنڌي سماج تبديلين جي
مرحلن ۽ آزمائشن مان گذري، ڪنهن وڏي انساني ۽
سماجي حيثيت کي ماڻي. جويو صاحب اهو
پڻ چوندو رهيو ته سنڌي سماج کي اڃا وطن دوستيءَ،
قوم دوستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جا مرحلا طئه ڪرڻا
آهن، تنهن کان پوءِ ئي اهو، حقيقي انقلاب يا
معياري تبديليءَ ڀيڙو ٿي سگهندو. چوڻ جو مطلب اهو
آهي ته فرانس جو انقلاب پڻ جويي صاحب جي ڌيان،
خيال ۽ لکڻين جو محور رهيو آهي.
سائين جويو صاحب جديد سنڌ کي اڏيندڙ, ڳنڍيندڙ ۽
ڏيندڙ رهيو آهي. هن پنهنجي سموري حياتي بنا ڪنهن
لالچ ۽ لوڀ جي سنڌ وطن، سنڌي
قوم ۽ سنڌي عوام کي ارپي آهي. ان حوالي سان سائين
جي.ايم.سيد
پڻ اهڙو اظهار ڪيو آهي ته "ابراهيم جويي هڪ
قومپرست مشين خادم طور ڪم ڪيو آهي. ان ڪري سندس
صحت به متاثر رهي ۽ ساڳي وقت هو حسد جو نشانو به
بڻيو. ڪيترائي رجعت پسند ٽولا سندس دشمن به رهيا، جيڪو
سلسلو اڄ به جاري آهي". جويي صاحب جي سنڌ سان عشق
جي ثابتي ان مان ئي ظاهر آهي ته هن پنهنجين لکڻين
عيوض ڪو معاوضو نه ورتو. بلڪه
پنهنجا توڻي ٻين اديبن ۽
ليڊرن جا ڪتاب پاڻ ادارن جي سهڪار سان ڇپائي پڌرا
ڪيا. اهي
ڪتاب مختلف ادارن پاران ڇاپيا ويا آهن.تنهن هوندي
به هن ڪڏهن انهن ڪتابن جو ڪو به معاوضو نه گهريو
آهي. ان کان سواءِ
پنهنجي سموري حياتيءَ ۾
وڏي محنت سان گڏ ڪيل هزارن جي انگ ۾ ڪتاب بنا
معاوضي سنڌي ادبي بورڊ کي عطئي طور ڏنا آهن. سنڌ
ميوزيم ۾ ڪارنر قائم ڪرڻ واسطي پنهنجا قيمتي تحفا، تصويرون
۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ عطئي طور ڏنو آهي. ڪراچي ۾
بيماري دوران کين اهو خيال آ يو ته سنڌ جي پٺتي
پيل علائقن ۾ به بهتر صحت جون سهولتون هجن ۽
اسپتالون قائم ٿين. ان
حوالي سان ڊاڪٽر اديب رضوي کي سکر ۾ گڙدن جي
اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ ڪمال فن ايوارڊ جا پنج لک
رپيا عطئي طور ڏنا. ريٽائرمينٽ
کان پوءِ هو جنهن به عهدي تي رهيو ان لاءِ هن ڪڏهن
به ڪا مراعت نه ورتي. پنهنجي
عمر جا سئو سال پورا ٿيڻ تي هُو
مرڪندي چوي ٿو ته هن صدي جي سفر مان هڪ فائدو اهو
ٿيو آهي ته سمورو علمي ۽
ادبي پورهيو ٻيهر ڇپجي پڌرو ٿي رهيو آهي جيڪا وڏي
خوشي جي ڳالهه آهي.
بهرحال، جويي صاحب سنڌ کي هڪ عقل تي آڌاريندڙ،
حيات سڌار سماج بنائڻ لاءِ لڳاتار ملهه مٿاهون پورهيو ڪيو
آهي، جنهن جا اثر سنڌي سماج تي چٽا ۽ نمايان ڏسي
سگهجن ٿا. مٿي پيش ڪيل ڳالهين مان ڪنهن قدر اهو
ڄاڻي ۽ سمجهي سگهجي ٿو ته جويي صاحب جي فڪر ۽ عمل
جا محرڪ ۽ انهن جو پسمنظر ڪهڙو آهي.
محمد ابراهيم جويو
(ڪجهه ساروڻيون)
يوسف سنڌي
اها 1982ع جي ڳالهه آهي. ان وقت آءٌ مئٽرڪ ۾
پڙهندو هوس ۽ اسان ڪجهه هم ڪلاسي ڇوڪرن، جن کي
ڪتابن پڙهڻ جي چوس پئجي چڪي هئي، اسين سنڌي ادبي
بورڊ جو ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالو ”گل ڦل“ باقاعده
پڙهندا هئاسين ۽ اسڪول جا ڪجهه استاد، ان سلسلي ۾
اسان جي رهنمائي به ڪندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾
اسان ڪجهه هم ڪلاسي دوستن سوچيو ته ڇو نه ڪو
سلسليوار مخزن شايع ڪجي، پاڻ ۾ صلاح مشوري کان
پوءِ اسان ”هوشو پبليڪيشن“ جو بنياد رکيو. اسان هٿ
پير هڻي ڪجهه مواد ۽ ڪجهه پئسا گڏ ڪيا، ۽ پوءِ اهو
ڇپائڻ جو ڪم منهنجي حوالي ٿيو ته هاڻ اهو تون ئي
ڇپراءِ.
دوستن ذميداري رکي ته آءٌ به الله توهار ڪري نڪري
پيس حيدرآباد، مون کي ٻي ته ڪا خبر نه هئي، البت
سردار پريس ڏٺل هئي. جو هڪ ڀيري آءٌ پنهنجي چاچي
عبدالغفور الستي (جيڪو ستر واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد
مان ملير ڊائجسٽ شايع ڪندو ۽ ’عين غين سنڌي‘ جي
نالي سان مشهور هو. سان گڏجي سردار پريس تي آيو
هوس. سو ائين حيدرآباد ۾ وڃي سردار پريس تي نڪتس.
ان وقت سردار پريس جو مئنيجر عبدالڪريم چنه نالي
هڪ همراهه هو، جيڪو ڏاڍو سٺو ماڻهو هو. هن منهنجي
رهنمائي ڪئي، ۽ پوءِ سردار پريس مان ئي اسان جي
”هوشو پبليڪيشن“ جي ڪتابي سلسلي جي پهرئين ۽ آخري
ڪڙي ”هوشوءَ سندي هامَ“ شايع ٿي. جنهن جو ٽائٽل ان
وقت، مستقبل جي هڪ سٺي ۽ اڀرندڙ آرٽسٽ ساجد
قريشيءَ کان ٺهرايوسين. ساجد قريشي ڪجهه سال اڳ
لاهور ۾ گذاري ويو.
آءٌ جڏهن مواد ۽ پئسا کڻي سردار پريس تي پهتس ۽
عبدالڪريم چنه سان گڏ ويٺو هوس، جو هڪ بزرگ کي
پريس ۾ اندر ايندي ڏٺم، هن ايندي ئي عبدالڪريم چنه
سان هٿ ملايو ۽ پوءِ ڪرسي سيري ان تي ويٺو ۽
عبدالڪريم چنه کان ڪنهن ڪتاب جي پروفن جو پڇيو،
جيڪي عبدالڪريم چنه کيس ڏنا ۽ هُو اهي ڏسڻ لڳو.
ان دوران منهنجي اندر ۾ هورا کورا متل هئي ته هيءُ
بزرگ ڪير آهي؟ ڇاڪاڻ ته ڪتابن پڙهڻ سبب اديبن کي
ڏسڻ ۽ ساڻن ملڻ جو اشتياق هوندو هو.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن بزرگ پروف پڙهي ورتا ته
عبدالڪريم چنه سان ڪچهري ڪرڻ لڳو ته عبدالڪريم چنه
منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو: ”هيءُ نوجوان يوسف ميمڻ،
دڙي جو آهي ۽ ڪتاب ڇپرائڻ آيو آهي.“
تعارف تي، ان بزرگ مون ڏانهن ڏٺو ته عبدالڪريم چنه
مون کي چيو: ”هيءُ سائين محمد ابراهيم جويو آهي.“
سائين محمد ابراهيم جويي، مون سان هٿ ملايو ۽ بيحد
پنهنجائپ ۽ ٻاجهائپ سان مون کان خبرون چارون پڇڻ
لڳو. جڏهن عبدالڪريم چنه، بزرگ جو نالو محمد
ابراهيم جويو کنيو ته منهنجي خوشي جي ڪا حد نه
رهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت اڳ مون سائين محمد ابراهيم
جويي جو هڪ ننڍڙو ڪتاب ’پاڻ وهيڻي پري‘ جيڪا طويل
لوڪ ڪهاڻي هئي، پڙهيو هو، اهو ڪتابڙو اداره گلشن
ادب ٽندو محمد خان پاران محترم اياز پاٽولي ڇپرايو
هو. اياز پاٽوليءَ جون سنڌ جي ٻاراڻي ادب ۾ وڏيون
خدمتون آهن. هن ”اداره گلشن ادب“ جي پليٽ فارم تان
ٻارن لاءِ ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا ۽ منهنجي ساڻس خط و
ڪتابت هوندي هئي ۽ کانئس ٻاراڻا ڪتاب وي.پي ذريعي
گهرائيندو هوس. ’پاڻ وهيڻي پري‘ ته اياز پاٽوليءَ
ئي ڇپرايو هو. سائين محمد ابراهيم جويي جي اها
ڪهاڻي سندس ڪتاب ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘ ۾ شامل آهي.
خبرون چارون پڇندي سائين جويي صاحب پڇيو: ”دڙي جو
آهين، عين غين سنڌي کي سڃاڻين... ڪهڙن حالن ۾
آهي.“
”ها سائين! عين غين سنڌي کي سڃاڻان، هو ٺيڪ آهي؟
عين غين سنڌي منهنجو چاچو ٿئي.“
وراڻيم.
”واهه! اهو ته ڏاڍو سٺو... عين غين سنڌي منهنجو
شاگرد آهي. پاڻ ۽ سندس وڏو ڀاءُ محمد ابراهيم وڪيل
ٻئي مون وٽ سنڌ مدرسي ۾ پڙهيا آهن.“ جويي صاحب
ٻڌايو.
اهو سائين محمد ابراهيم جويي جو منهنجو پهريون
درشن ۽ پهرين ملاقات هئي ۽ آءٌ ڪيترن ئي ڏينهن
تائين دوستن کي ٻڌائيندو رهيس ته منهنجي سردار
پريس تي سائين محمد ابراهيم جويي سان ملاقات ٿي
هئي.
ان وقت سائين محمد ابراهيم جويو ”سنڌي اديبن جي
سهڪاري سنگت“ پاران جڳ مشهور مصري ليکڪ توفيق
الحڪيم جو ناٽڪ’مونجهارو‘
ڇپرائي رهيو هو، جنهن جو ترجمو مراد علي مرزا ڪيو
هو، ۽ جويو صاحب ان ئي ڪتاب جا پروف ڏسڻ جي لاءِ
سردار پريس تي آيو هو.
(2)
’پاڻ وهيڻي پري‘ پڙهڻ کان اڳ ئي مون سائين محمد
ابراهيم جويي جي باري ۾ محمد موسيٰ ڀُٽي جي ڪتاب
’سنڌ ۾ بي چيني جا اسباب‘ ۾ (جيڪو ڪجهه مون کي
اتفاق سان هٿ لڳو هو) گهڻو ڪجهه پڙهيو هو. جنهن ۾
محترم محمد موسيٰ ڀُٽي جي لکڻ موجب سنڌ جي نوجوانن
کي بگاڙڻ، کين دين کان بي گانو ڪرڻ، منجهن قوم
پرستي، روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ سيڪيولر سوچ جو
ٻج ڇٽيندڙ ۽ ان جي آبياري ڪندڙڻ جو سرواڻ محترم
محمد ابراهيم جويو آهي، ۽ هاڻ ويجهڙ ۾ پڻ جناب
محمد موسيٰ ڀُٽي، جويي صاحب جي ڪتاب
’سيڪيولر ازم ۽ عقليت پسندي‘ جي جواب ۾ جيڪو ڪتاب
’سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي مطالعاتي جائزو‘ لکيو
آهي، ان ۾ پڻ لڳ ڀڳ ساڳين ڳالهين کي ورجايو
اٿائين، سوچن ۽ نظرين جو اختلاف پنهنجي جاءِ تي،
پر ڪفر ۽ الحاد هڪ ڌار معاملو آهي. ڪو جيڪڏهن
پنهنجن ماڻهن ۾ انسان دوستي، روشن خيالي، قوم
پرستي، پنهنجي ڌرتي، ٻولي، ڪلچر ۽ پنهنجن حقن جي
حفاظت، پرماريت جي خلاف وڙهڻ ۽ پنهنجا حق وٺڻ جو
شعور پکيڙي ٿو، منجهن سهپ ۽ رواداري ۽ مذهبي ڪٽر
پڻي کان آجو رهڻ، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جو شعور پيدا
ڪري ٿو، ته اهو ڪيئن ڪفر ۽ الحاد ٿيو؟ ان تي گهڻو
ڪجهه لکي سگهجي ٿو، هونئن به وقت جي ويڄن، طبيبن ۽
مسيحائن تي ان قسم جا الزام ته سدائين لڳندا رهندا
آهن، سندن مخالفتون به ٿينديون آهن ۽ کين تڪليفن
کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي.
آءٌ جڏهن به محترم محمد موسيٰ ڀُٽي جا اهي خيال
پڙهندو آهيان، ته مون کي خيال ايندو آهي ته جيڪڏهن
جويو صاحب ۾ ايترو تعصب هجي ها ته پاڻ
ايم.اين.راءِ جي ڪتاب ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘
جو سنڌي ۾ ترجمو ڇو ڪري ها. اهڙن الزامن لڳڻ تي
مون کي جديد ترڪي جو باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ ياد
ايندو آهي، جنهن ترڪي مان پراڻ پسندي جي پاڙ پٽي
ترڪيءَ کي جديد بنايو ۽ دنيا جي قومن ۾ ترڪيءَ جو
مان مٿاهون ڪيو، سندس اهڙين خدمتن تي کيس غازي ۽
اتا ترڪ جا لقب ڏنا ويا.
ٻئي پاسي سندس اهڙن سڌارن تي ڪجهه مذهبي حلقن
پاران مذهب دشمني وغيره جا الزام به لڳايا ويا، پر
اتاترڪ جي ڪارنامن ۾ هڪ اهو ڪارنامو به آهي ته هن
سيڪيولرزم جي ڇانوَ هيٺ محمد حامد ايلما ليلي جي
سرواڻيءَ ۾ عالمن جي هڪ گروپ کان قرآن پاڪ جو
ترڪيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪرايو، جنهن جو مقصد اهو هو ته
مختلف فرقن جا ماڻهو پنهنجا اختلاف ختم ڪري، غير
فرقيواراڻي ترجمي تي سهمت ٿين، جنهن ۾ هو ڪامياب
ويو.
اُن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
محمد ابراهيم جويو سنڌ ۾ روشن خيالي، انسان دوستي،
ترقي پسندي، سيڪيولرزم، پنهنجي ڌرتي، پنهنجن ماڻهن
۽ انهن جي حقن جي حفاظت لاءِ شعور پيدا ڪرڻ واري
جو سرواڻ رهيو آهي ۽ محمد ابراهيم جويي هڪ اهڙي
سنڌ جي اڏڻ جي لاءِ فڪري خوراڪ مهيا ڪئي آهي، جيڪا
باوقار، روشن خيال، انسان دوست، هر قسم جي
پرماريت، کان آجي ”جنت النظير“ سنڌ هجي، جويي صاحب
جو اهو خواب ڪو رڳو سندس اڪيلي جو خواب ڪونهي، پر
اسين سڀ پنهنجي اکين جي ماڻڪين ۾ اهو خواب سجائي
ويٺا آهيون. ان حوالي سان جديديت ۽ روشن خياليءَ
جي سفر جي سرواڻي ڪندڙ جويي صاحب کي اسين ڪمال
اتاترڪ سان ڀيٽي سگهون ٿا.
هونئن به سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به ٻه فڪري ڌارائون
آهن. هڪ ڌارا پراڻ پسند، سنواريل ۽ بيٺل پاڻي جي
تلاءَ وانگر آهي، جنهن ۾ نواڻ جي ڪابه گنجائش نه
آهي. هڪ مخصوص راڳ آهي، جيڪو وڄندو ٿو رهي، جنهن ۾
زندگي، ان جي رعنائين ۽ حسناڪين تي پابندي مڙهيل
آهي.
ٻيو فڪري سوچ يا ڌارا نواڻ پسندي، عقليت پسندي،
روشن خيالي واري آهي، جنهن ۾ زندگي ۽ ان جي انيڪ
حسناڪين جي لاءِ، ان کي سڦل ۽ ڪارائتو بنائڻ جي
لاءِ، وڏي گنجائش آهي ۽ جويو صاحب ان نواڻ پسندي،
عقليت پسندي ۽ روشن خيالي واري واٽ جو سونهون ۽
سرواڻ آهي ۽ جڏهن مون پنهنجي هڪ ترجمي ڪيل ڪتاب
’هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون‘ جي ارپنا جويي صاحب جي
نالي ڪئي ته مون ان جي ارپنا ۾ لکيو:
”هن ڪتاب کي ترجمو ڪندي، منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه
آئي ته جيڪڏهن هڪ اهڙو ڪتاب لکيو وڃي ته سنڌ ۾
روشن خيالي جي تحريڪ ڦهلائڻ ۾ ۽ انهي تي اثر انداز
ٿيندڙ هڪ سئو سنڌي شخصيتن جي فهرست ترتيب ڏني وڃي
يا هڪ سؤ اهڙا شخص چونڊيا وڃن، جن سنڌ جي قومي
تحريڪ، سيڪيولر سوچ ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ ۾
فڪري سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو، انهن مان سڀ کان
مٿاهين ۽ نشانبر شخصيت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، گهڻي سوچ
ويچار کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ ئي نالو اڀري آيو،
محترم محمد ابراهيم جويو… ان لاءِ منهنجا پنهنجا
دليل آهن... هڪ دليل اهو به آهي ته هن ڪتاب ۾ چار
اهڙيون شخصيتون آهن، جن جي تعليم بابت سڀ کان
پهرين محترم محمد ابراهيم جويي ئي سنڌي پڙهندڙن کي
واقف ڪيو ۽ سنڌي نوجوانن جي ذهنن تي فڪري حوالي
سان دستڪ ڏني... اهو ئي سوچي مون هن ڪتاب جي ارپنا
سائين محمد ابراهيم جويي جي نالي ڪئي آهي.“
(3)
منهنجو چاچو محترم عبدالغفور الستي، جيڪو جويي
صاحب جو شاگرد ۽ سنڌ مدرسي ۾ وٽس پڙهيو هو، سو نه
رڳو جويي صاحب جو وڏو مداح آهي، پر هن جي نظر ۾
سنڌ جي حوالي سان جويي صاحب جي خوابن جي تعبير
لاءِ ضروري آهي ته سڄي سنڌ ۾ هر ٻار توڙي ٻُڍي،
مرد توڙي ضائفان کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪجي.
الستي صاحب جڏهن به ڪو اسڪول کوليو ته هو جويي
صاحب کي ضرور گهرائي، يا هر سال 6 آگسٽ تي ڀٽ شاهه
تي ”عالمي امن“ جي لاءِ مارچ ڪري ته جويي صاحب کي
پاڻ سان گڏ ضرور کڻي. پاڻ جويي صاحب سان گڏجي ”سنڌ
تعليمي تحريڪ“ شروع ڪرڻ جي لاءِ هڪ ”پڌرنامو“
پڻ لکيائين، جنهن جو پهرين مضمون جويي صاحب جو
لکيل هو ۽ ٻيو مضمون عبدالغفور الستيءَ جو. اهو
ٽيهارو صفحن جو ڪتابڙو ٻنهي بزرگن جو سنڌ جي
آئيندي جي حوالي سان هڪ منشور هو، پوءِ اهو ڪتابڙو
جويي صاحب کان اجازت وٺي هڪ اين.جي.او پاران 2010ع
۾ ”سنڌ تعليمي تحريڪ“ جي نالي سان ڇپرايو ويو ته
ڏاڍي حيرت ٿي، جو ڪتابڙي تي ”محمد ابراهيم جويو ۽
عبدالغفور الستي“ جي نالن بدران محمد ابراهيم جويو
۽ ان تنظيم جي مقامي آفيس جي هيڊ جو نالو ڇپيل هو،
جنهن بهرحال هڪ لفظ به نه لکيو هو، پر ڪريڊٽ کڻڻ
جي لاءِ عبدالغفور الستي جو نالو اُڏائي پنهنجو
نالو ڏيئي ڇڏيائين. جنهن جو بهرحال ٻنهي بزرگن کي
گهڻو رنج پهتو.
ساڳئي نموني عبدالغفور الستيءَ جي جيستائين سندس
صحت ٺيڪ هئي، تيستائين هر سال جويي صاحب سان سندس
جنم ڏينهن تي حيدرآباد ۽ سندس گهر وڃي ملندو هو،
هڪ سال 2004ع ۾ پاڻ روزاني هلال پاڪستان ۾ ”محمد
ابراهيم جويي کي جنم ڏينهن تي مبارڪون“ جو اشتهار
ڇپرايائين ۽ ٻي سال 2005ع ۾ پاڻ سنڌ ايڊيوڪيشن
ٽرسٽ حيدرآباد ۾ جويي صاحب جي سالگرهه ملهايائين.
جنهن ۾ ڪافي دوستن يارن ۽ احبابن شرڪت ڪئي. ان
موقعي جي لاءِ پاڻ جويي صاحب تي هڪ طويل مضمون
لکيائين ۽ منهنجي حوالي ڪيائين ته اهو ڪتابڙي جي
صورت ۾ ڇپرائي اتي دوستن ۾ ورهايان. جيڪو ”ڀلي
آئين، ڀلا پرين“ جي نالي سان سورهن صفحن جي ڪتابڙي
جي صورت ۾ ڇپائي، اتي ورهايو ويو. اهو، الستي صاحب
جو سائين جويي صاحب سان محبت جو هڪ انوکو مثال هو.
ٻي ڏينهن صبح جو اسين، جويي صاحب سان سندس گهر وڃي
گڏياسين ۽ ڪچهري ڪندي عبدالغفور الستي، جويي صاحب
کي چيو: ”سائين! مون کي ڪا نصيحت ڪريو.“
جواب ۾ جويي صاحب کيس جيڪا نصيحت لکت ۾ ڪئي، اها
پوءِ مون الستي صاحب جي آتم ڪهاڻي ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا
آخر ۾“ ”الستي کي آئيندي لاءِ نصيحت ۾ وصيت“ جي
عنوان سان ڇپي ڇڏي، جيڪا هن ريت آهي:
ارادا بلند رکجن، پر گهڻا نه رکجن.
ارادن لاءِ ڪم حوصلي ۽ اورچائيءَ سان ڪجي.
ناڪامي جي صورت ۾ رنج ۽ مايوسيءَ کان بچجي.
ڪاميابيءَ جي صورت ۾ سوڀ سمجهي اُڀامجي يا اُڀامجي
هرگز نه.
صحت کي سنڀالڻ جي لاءِ سدائين چست ۽ باخبر هجڻ
ضروري آهي.
محمد ابراهيم جويو حيدرآباد
منهنجي خيال ۾ جويي صاحب جي الستي صاحب کي ڪيل
نصيحت ۽ وصيت جي انهن ٿورڙين سٽن ۾ هڪ لحاظ کان وڌ
۾ وڌ سبق سمايل آهي، ۽ خود اهي سِٽون جويي صاحب جي
زندگيءَ جو عڪس به آهن.
(4)
سائين محمد ابراهيم جويي، جيڪو ڪجهه لکيو ۽ جيڪي
ڪتاب ترجمو ڪيا، ان جي پويان هڪ مقصد ۽ هڪ نياپو
ئي رهيو. جويي صاحب ترجمي کي جيڪا اهميت ڏني، اها
سنڌ جي فڪري ادب ۾ واڌاري جو سبب بڻي ۽ هڪ هنڌ
جويو صاحب ترجمي جي اهميت بيان ڪندي لکي ٿو:
”ترجمي جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به
پيش ڪري سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ
دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي،
اهڙي ڪنهن به ٻي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي.
هندستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل ۽
يورپ جي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي
ٻين ٻولين ۾ مستقل ٿيڻ جديد مهذب دنيا جي ڄاڻ جون
اهي زوردار ٻه ڌارائون اُن جي مهذب بنجڻ ۽ مهذب
هجڻ جو مکيه سبب آهن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ته
عالمي ادب ۽ فڪر جي اُتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ
نه، ته به لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.
مون جڏهن به ڪا لکڻي يا ڪو ڪتاب ترجمو ڪيو ته
ترجمي جي اهميت جي حوالي سان جويي صاحب جي مٿين
لفظن، منهنجي رهبري ڪئي ۽ منهنجي اڳيان جويي صاحب
جا ترجمو ڪيل ڪتاب ”سونهين“ طور موجود رهيا ۽ مون
سدائين ڪوشش ڪئي ته جويي صاحب جي رستي تي ئي هلان.
ٻوليءَ جي استعمال جي حوالي سان به جويي صاحب جا
ترجما ايترا ته اثرائتا، اصلوڪا ۽ مائيدار آهن، جو
جيڪڏهن انهن تان اصل ليکڪن جا نالا هٽايا وڃن ته
ڪا خبر ئي نه پوي، ته اهي ڪتاب ڪي ٻي ٻوليءَ کان
ترجمو ڪيا ويا آهن، ۽ جويي صاحب جي ڪتابن جو مون
تي ڪيترو اثر رهيو آهي، ان سلسلي ۾ هڪ ننڍو مثال
ڏيندس.
ڪجهه سال اڳ منهنجي هڪ دوست ڪچهريءَ دوران مون کان
پڇيو ته تون پنهنجي پسند جي ڪن به ويهن ڪتابن جا
نالا لکي مون کي ڏي: گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مون
جڏهن ويهن ڪتابن جي فهرست ترتيب ڏني ته ان ۾ به
ڪتاب جويي صاحب جا ترجمو ڪيل هئا. پهريون ’فڪر جي
آزادي‘ ۽ ٻيو ’ٻارن جو مسيح‘.
پوءِ مون ويهن ئي ڪتابن تي هڪ ڊگهو تعارفي مضمون
”منهنجي پسند جا ڪتاب“، ان مضمون ۾ مٿين ٻنهي
ڪتابن تي به پنهنجا ويچار ونڊيا هئم، جيڪي هت پيش
ڪريان ٿو.
(1) فڪر جي آزادي:
جڏهن لفظ فڪر اچي ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته سوچ
جي آزادي، عمل جي آزادي، خيال جي آزادي، پر
بدقسمتي سان پاڻ وٽ ائين ڪونهي. پاڻ وٽ آزاد فڪر ۽
عقل جي آڌار تي فڪر جي واڌ ويجهه تي ڄڻ ته پابندي
وڌل آهي. محمد ابراهيم جويي چواڻي: ”اسان وٽ جيئن
ئي آزادي آئي، تيئن ٻئي سال خيال تي قلف ۽ پهرا
بيهي ويا آهن، سواءِ هڪ خيال جي، جنهن ۾ ڪا جان
رهي ڪانهي، رڳو ڊانڊي وانگر پيو وڄي ۽ وڄندو رهي
ٿو.“
محمد ابراهيم جويو، عظيم استاد ۽ ڏاهو، جنهن جو
سنڌ ۾ ڪردار ۽ حيثيت هڪ فڪري استاد ۽ سونهين واري
رهي آهي، هن سنڌي ٻوليءَ ۾ جن ڪتابن جو ترجمو ڪيو
آهي، سراج چواڻي: ”ترجمي جي لاءِ چونڊ ۾ محمد
ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل رهيو آهي ۽ اهو
فڪر آهي ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو ادب ۾
اضافو آڻين، پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني
سفر ۾ ٻه قدم اڳتي نين.“
’فڪر جي آزادي‘ به هڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي، جيڪو جڳ
مشهور جرمن ليکڪ اسٽيفن زويگ جو لکيل آهي.
هيءُ ڪتاب سورهين صدي عيسويءَ جي زماني ۾ مسيحي
دين کي درپيش فرقي وار مسئلي (ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ)
بابت هٺ ڌرمي ۽ تشدد جي واقعن جي هڪ دل ڏاريندڙ
سلسلي سان ڳنڍيل ٻن
بي خوف ۽ با خبر مرد ان حق ۽ عظيم شهيدن، مائيڪل
سرويٽس ۽ سيبا سٽيان ڪاسٽيلو جي عظيم ۽ انتهائي
قرباني جو قصو آهي، جيڪو ڏاڍي ٻاجهاري، دل
ڀڄائيندڙ ۽ حڪيمانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
سيبا سٽيان ڪاسٽيلو ڪير هو؟
محترم محمد ابراهيم جويي سندس تعارف ڏاڍي خوبصورت
نموني ڪرايو آهي:
”سيبا سٽيان ڪاسٽيلو هڪ اڪيلو آدرش پسند انسان هو.
هن فڪر جي آزاديءَ خاطر ڪال وِن جي بيعت کان ۽ پڻ
ٻي هر قسم جي روحاني غلامي ۽ ذهني تشدد کان بغاوت
جو اعلان ڪيو هو. هو ڇا هو؟ ڪال وِن جي مذهب ۽
حڪومت ۽ انهن جي شمار کان وڌيڪ ديولين، ۽ پادرين
جي طاقت ۽ انهن جي قانون ۽ ان جي زنجيرن، ڪال
ڪوٺڙين، ڦاسي گهاٽن ۽ باهه جي آڙاهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه
به نه. ٺلهو هڪ نالو، هاٿي جي کڄيل پير هيٺان هڪ
ماڪوڙي، طوفان جي آڏو هڪ ڪک، هُو هڪ مسڪين ماستر
هو، جيڪو پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ ڀرڻ ۽
بُت ڍڪڻ لاءِ ڪتابن جا ترجما ڪندو هو ۽ خانگي
ٽيوشنون ڏيندو هو. هُو پنهنجي ملڪ کان جلاوطن،
ڌارئين ملڪ ۾ هڪ پناهگير هو، جتي هن کي نه شهريت
جو ڪو درجو هو ۽ نه رهائش جو ڪو حق مليل هو. دنيا
۾ اهڙا دور به ايندا آهن، جڏهن انسانن جي خير ۽
خوشيءَ جو ڪو طالب هٺ ڌرمي ۽ ڪروڌ ۾ ورتل ٻن ڌرين
جي وچ ۾ ائين هيڪلو ۽ بيوس بنجي ويندو آهي، جيئن
وڙهندڙ سانن جي تکن کُرن هيٺان ڪو ٻوڙو، سبيا
سٽيان ڪاسٽيلو پنهنجي دور جو اهو ٻُوڙو هو.“
اِهو اهو دور هو، جڏهن جنيوا ۾ پروٽيسٽنٽ شرعيت
غالب هئي ۽ جيهان ڪال وِن هڪ اهڙي مذهبي آمر جي
حيثيت سان جنيوا جو حاڪم اعليٰ ۽ مذهبي اڳواڻ هو،
جنهن جي زبان مان نڪتل لفظ ”حرف آخر“ هوندو هو ۽
جنيوا تي هڪ مذهبي ۽ شخصيت حاڪميت حاوي هئي ۽
ڪاسٽيلو ان حاڪميت جي خلاف آواز اٿاريو. جيهان ڪال
وِن اعلان ڪرايو ته ”اهو جو اسين سيکاريون ٿا، سو
سچ آهي ۽ جو اسين نٿا سيکاريون، سو ڪوڙ آهي.“
سيبا سٽيان ڪاسٽيلو، ان مذهبي ۽ حڪمراني جي انڌ ۾
ورتل جيهان ڪال وِن جي خلاف، پنهنجي نظرياتي
اظهارنامي جو مسودو تيار ڪيو هو، تڏهن ان جي
پهرئين صفحي تي مٿان ئي مٿان لکيو هئائين: ”هيءَ
منهنجي ڪوشش ائين آهي، جيئن هاٿيءَ تي مک جو
حملو.“
اسٽيفن زويگ جو هيءُ ڪتاب اصل جرمن ٻوليءَ ۾ ڇپيو
۽ محترم محمد ابراهيم جويي ان جي انگريزي ترجمي The
right to heresy تان
سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. سو هڪ اهڙي دور ۾ ڇپيو، جو جڏهن
هن ملڪ جي مٿان جيهان ڪال ون جهڙو ئي هڪ جابر ۽
مذهب جي نالي ۾ حڪمراني ڪندڙ ”مرد ملعون، مرد
منافق، ضياءُ الحق“ جي حڪومت هئي. ”ان! اها ڪيڏي
نه ننگي آمريت هئي، پٺن تي ڪوڙا وسائڻ، ڦاسيون
ڏيڻ، قيد ۾ وجهي ڇڏڻ، ۽ پنهنجي فڪر جي ڳالهه ڪندڙن
سان ڇا ته جٺيون ڪيون وينديون هيون. هن ڪتاب ان
دور ۾ ان آمريت جي خلاف، پنهنجي فڪر جي، عمل جي،
آزادي، انصاف ۽ جمهوريت جي لاءِ جهيڙيندڙن لاءِ
مشعل راهه جي حيثيت اختيار ڪئي.
هن ڪتاب جو ليکڪ اسٽيفن زويگ، اصل جرمنيءَ جو هو،
جيڪو پوءِ جرمنيءَ ۾ ايڊولف هٽلر جي فاشنزم جي
قبضي کان بيزار ٿي، پنهنجي زال ايلزبيٿ شارلوٽ
زويگ سان گڏجي، برازيل ۾ جلاوطني اختيار ڪئي ۽ اتي
ئي هنن ٻنهي ”پيٽرو پولسٽ شهر ۾ 23- فيبروري 1942ع
تي پنهنجي هٿن سان پنهنجو انت آندو.
(2) ٻارن جو مسيح:
ڪجهه سال اڳ 13 آگسٽ تي سائين محمد ابراهيم جويي
سان سندس جنم واري ڏينهن سندس گهر وڃي مليو هوس،
ته مون کيس ٻڌايو هو ته مون تي جن ڪتابن وڏو اثر
ڪيو، انهن ۾ اوهان جو اينڊ بلائٽن جو ٻارن لاءِ
حضرت مسيح عليہ السلام جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب جو
ترجمو ’ٻارن جو مسيح‘ به شامل آهي. جواب ۾ پاڻ
چيائين ته: ”تون اهو پهريون ماڻهو آهين، جيڪو ان
ڪتاب جو حوالو پيو ڏين“ ته ان مون تي اثر ڪيو، نه
ته اڪثر دوست ايندا آهن ۽ اهي منهنجي مختلف ڪتابن
جا حوالا ڏيندا آهن، تون ان تي لک ته ”ٻارن جي
مسيح“ توتي ڪيئن اثر ڪيو.“
اها ساڳئي ڳالهه مون 2005ع ۾ ”سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ“
حيدرآباد ۾ جويي صاحب جي ملهايل سالگرهه جي تقريب
۾ پڻ پنهنجي تقرير ۾ ڪئي.
جيتوڻيڪ آءٌ جويي صاحب جي خواهش موجب ڪجهه لکي نه
سگهيس، پر اڄ جڏهن پنهنجي پسند جي ڪتابن تي لکڻ
ويٺو آهيان، ته اها ڳالهه لکڻ مناسب سمجهيم.
’ٻارن جو مسيح‘ اينڊ بلائٽن جي ٻارن لاءِ لکيل
ڪتاب Children
life of Chirst جو
ترجمو آهي. جيڪو لکيو ئي ٻارن جي لاءِ ويو آهي.
حضرت مسيح جيڪو ٻارن سان بيحد محبت ڪندو هو: جنهن
جا هن ڪتاب ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن:
جيئن هڪڙي ڀيري، مسيح جي ساٿين ۾ بحث اچي نڪتو ته
منجهن وڏو ڪير آهي، هُنن پوءِ مسيح کان پڇيو:
”سائين آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“
مسيح هڪ ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي انهن جي وچ ۾
بيهاريو ۽ چيائين: ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان (هي
پياري مسيح جو تڪيو ڪلام هوندو هو) ته جيسين اوهين
ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نه ٿيندا، تيستائين ڪنهن به
طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا. ته هن ڪري
(اوهان مان) جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍڙو ڪري
سمجهندو، اهو ئي آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو
ليکيو ويندو.“
خود حضرت مسيح جو جنم به هڪ وهائي تاري مثل هو.
جنهن اونداهيءَ دنيا ۾ اچي سوجهرو ڪيو، هو هڪ اهڙي
ٻالڪ مثل هو، جيڪو ”خدا جي بادشاهت جي ڪنجي هو“،
جيئن ترجمي جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”حضرت مسيح جو جنم هر انساني ٻار جي علامت آهي،
خاص ڪري مظلوم ۽ محڪوم قوم جي ٻار جي جنم جي ۽ ان
۾ به هر پورهيت ۽ مسڪين گهر جي ٻار جي جنهن ۾ هُنَ
جي مائٽن، هن جي طبقي جي سڀني ماڻهن ۽ هن جي سڄي
قوم بلڪه سڄي انساني برادريءَ جون اميدون ٿين
ٿيون. يا ٿي سگهن ٿيون ته هو سندن ڇوٽڪاري ۽
خوشحاليءَ جو سبب بڻبو ۽ ان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري
سگهندو.“
هتي مون کي هڪ انگريز شاعر جو شعر ٿو ياد اچي:
"Lives of great men all remind us
We can make our lives sublime,
And departing leave behind us
Foot prints of the sands of time".
(مها پرشست جا جيون اسان کي يادگيري ڏيارين ٿا، ته
اسين پنهنجي حياتي شاندار بنايون ۽ جڏهن هن دنيا
مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ تي پنهنجا نشان
ڇڏي وڃون).
مٿيون شعر حضرت مسيح جي زندگيءَ تي به ٺهڪي ٿو اچي
ته: ’ٻارن جي مسيح‘ جي مترجم سائين محمد ابراهيم
جويي تي به!
سنڌ
کي شعور جي روشني ڏيندڙ سج
محمد
ابراهيم جويو
رکيل مورائي
هيءُ شخص جيڪو محمد ابراهيم جوئي جي نالي سان
سڃاتو وڃي ٿو سو:
هڪ شخص نه آهي
هڪ ادارو نه آهي
هڪ ڏيئو نه آهي
ڏينهن ۽ رات ٻرندڙ، ڌرتيءَ کي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ
تائين روشنيءَ جو آڪاريندڙ سورج آهي.
سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندڙ سورج،
هڪ صديءَ کي روشن ڪندڙ سورج.
لڪي جي پهاڙن ۾ جتي ڏينهن جو روشني ڏيندڙ سورج،
شام جو الهي ويندو آهي، انهن پهاڙن جي جهول ۾، هڪ
رات ڄائو هو، هيءُ سورج، جنهن ڳوٺ ۾ هيءُ ڄائو هو،
ان کي علي آباد چيو ويندو آهي، ۽ جنهن رات هن جنم
ورتو، ان جو ٻيو صبح چوڏهين آگسٽ اوڻيهه سؤ چوڏنهن
هو.
اڳتي هلي ان چوڏهين آگسٽ تي اهو کنڊ جنهن ۾ هن جنم
ورتو هو، ٽٽڻو هو، اها سُڌ شايد هن
کي جنم جي پهرين ڏينهن ئي پئجي وئي هئي، جنهن ڪري
ئي پنهنجي شعور جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ هن هڪ ڪتاب لکڻ
شروع ڪيو هو، جنهن جو نالو آهي ’سيو سنڌ سيو سب
ڪانٽيننٽ‘ (سنڌ بچايو کنڊ بچايو). سچ پچ هن جي
اندر جي سرشٽيءَ ۾ هڪ کنڊ جي ڀڃ ڊاهه جا عنصر جاڳي
اٿيا هئا ۽ انهن کي هن لکي، عالم آڏو اها ڳالهه
واضح ڪئي هئي ته کنڊ ٽٽي رهيو آهي. ٻيءَ طرح سنڌ
جو سياسي شعور، ان وقت ڪٿي بيٺل هو. اهو هڪ وڏو
سوال آهي، جنهن جي جواب لاءِ سنڌ اوسيئڙو ڪري رهي
آهي، اها سنڌ، جنهن سنڌ ۾ هو پاڻ به آهي ۽ جيڪا هن
چواڻي ”سندس خوابن جي سنڌ به آهي“.
اهي خواب جيڪي هن پنهنجي شعوري عمر کي رسڻ کان وٺي
ڏسڻ شروع ڪيا هئا ۽ اڄ هڪ سئو سالن جي ڄمار کي رسڻ
وقت پڻ ڏسي رهيو آهي، پر سندس خوابن واري سنڌ جيڪا
اڃا اڏجڻي آهي، جنهن جو اسان سڀ اوسيئڙو ڪري رهيا
آهيون.
ها! اسان اوسيئڙو ڪري رهيا آهيون، پر اها خوابن
واري سنڌ، ڏسڻ لاءِ اڏڻ لاءِ هن جيڪا علمي، ادبي ۽
عملي جدوجهد ڪئي آهي، اها سموري سنڌ جي آڏو آهي،
ان لاءِ جن جن پيچرن تان هن سفر ڪيو آهي، ڀٽائي جي
لفظن ”سي سڀ سونهارا هنڌ“ بڻجي پيا آهن.
لڪيءَ جي جبلن جي ڇانوَ مان اڀرندڙ ان روشنيءَ،
سموري سنڌ جي شعور کي ڪيئن روشن ڪيو، اهو هڪ معجزو
آهي. هن پنهنجي عمر جا پهريان سبق سن جي اسڪول مان
حاصل ڪيا ۽ ان کان پوءِ هن سن جي سائينءَ کي سنڌ
سان عشق ڪرڻ جا سبق پڙهيا. درسي تعليم لاءِ هن کي
سنڌ جو شان ڀريو ادارو سنڌ مدرسة السلام مليو.
استاد ٿيڻ لاءِ به کيس اهوئي آبرودار ادارو نصيب
ٿيو ۽ اتان ئي هن جي سفر جي شروعات ٿي. سفر جيڪو
اڄ تائين هو جاري رکيون اچي. توڻي جو ڪيترن ئي
موقعن تي هن جا پير پِٿون به ٿيا آهن، پر هن حوصلي
مند شخص پنهنجي حوصلن سان سدائين پهاڙن پيچرن تان
سفر ڪيا ۽ آڏو ايندڙ هر مصيبت کي اهو چئي هٽائي
ڇڏيو آهي ته:
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين.
ائين هن پنهنجو سفر جاري رکيو، جيڪو اڄ تائين جاري
آهي. هن جي پيرن جا نشان هر ان رستي تي اڄ به چٽا
آهن، جتي هن جا پير پڳا آهن. هن جو سفر فقط ’سنڌ
بچايو، کنڊ بچايو‘ کان شروع ٿي ’منهنجي خوابن جي
سنڌ‘ تائين ڪتابي صورت ۾ نظر نٿو اچي پر اهو سفر
انهن ادارن جي صورت ۾ به ظاهر آهي، جن ۾ هن سنڌ جي
اڻ مئي، خدمت ڪندڙ ڏاهي، ڪي گهڙيون گهاريون آهن،
هڪڙو سفر سندس اهو به آهي. جيڪو ظاهر ڏسڻ ۾ نٿو
اچي، فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو. اهو سفر انهن سوين
هزارين ڪتابن جي صفحن تي ڦهليل آهي، جيڪي ڪتاب ٻين
ليکڪن ۽ ايڊيٽرن جي نالي ۾ ڇپيل آهن. ساڳئي وقت
سنڌي ادبي بورڊ جا اهي سڀ ڪتاب به ڏسي سگهجن ٿا،
جيڪي سندس نظرداريءَ هيٺ ڇپيا آهن. مهراڻ جا اهي
پرچا پڻ ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي سندس هٿن ترتيب ڏنا
آهن، سائين جي.ايم.سيد جا آڳاٽا ڪتاب به اهڙي
شاهدي ڏيندا ته شيخ اياز جا شروعاتي شاعراڻا توڻي
نثراڻا ڪتاب پڻ ان ڳالهه جي گواهي ڏيندا ۽ ذڪر هيٺ
آيل مٿيان ٽئي نالا اڄ جي نئين سنڌ جي شعور جي
ضمانت آهن، شخصي طور مون کي اها ڳالهه اڄ تائين
محسوس ٿيندي رهي آهي ته سنڌ جي ڪابه لائبريري،
ايستائين مڪمل نه آهي، جيستائين سائين جي.ايم.سيد،
سائين محمد ابراهيم جوئي ۽ شيخ اياز صاحب جا سڀ
ڪتاب، ان لائبريريءَ ۾ موجود نه آهن، مون کي پڪ
آهي ته سنڌ جي وطن دوست شعور ۾، سيد جي سياسي
ڪتابن ۽ جوئي صاحب جي فڪري ڪتابن اياز جي شاعراڻن
ڪتابن جو هڪ جيترو عمل دخل آهي.
سنڌ جي نوجوانن کي عالمي ادبي ۽ فڪري شعور جوئي
صاحب جي ترجمو ڪيل ڪتابن ڏنو آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون
نه آهن ’وحشي جيوت جا نشان‘، ’فڪر جي آزادي‘، ’علم
تدريس مظلومن لاءِ‘ ۽ ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘
سندس ترجمو ڪيل اهڙا ڪتاب آهن، جن جو مٽ نه آهي.
انساني ارتقا کان وٺي تهذيب جي ارتقا تائين جو علم
جيڪو جوئي صاحب جي معرفت سنڌ کي نصيب ٿيو. ٻئي
ڪنهن جي هٿان نه ٿيو، ۽ جيڪڏهن ٿيو ته ايتري معيار
يا مقدار ۾ نه ٿيو، ان ڪري اها ڳالهه چوڻ
ايمانداري ٿيندي ته سنڌ ۾ روشن خيالي جوئي صاحب جي
ڪتابن معرفت آئي، ۽ اها اهڙي شعوري روشني هئي،
جنهن ۾ سنڌي نوجوان ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ته هن محسوس
ڪيو ته: ستاروں کے آگے جہان
اور بھی ہیں۔
هڪ وقت ڪن ننڍڙي دائري ۾ سوچيندڙن جو چوڻ اهو به
هو ته جوئي صاحب جو ترجمن کان سواءِ ڪهڙو ڪم آهي؟
سوال ننڍڙو آهي/ وڏو آهي، اهم ان وقت به نه هو هن
وقت به نه آهي.
ان وقت جوئي صاحب جو اصلوڪو ڪم سهيڙيل نه هو.
اڄ جي تاريخ تائين جڏهن ان جو ڪجهه حصو گڏيل صورت
۾ ڪتابن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي يا ظاهر ٿي رهيو
آهي ته انهن ڪتابن جو انگ سندس ترجمو ڪيل ڪتابن جي
انگ کان گهڻو وڌي ويو آهي. هتي ڪتابن جي فهرست ڏيڻ
مقصد نه آهي. جوئي صاحب جيڏو ڪم ڪيو آهي اوتريون
فهرستون نه جڙيون آهن، جيڪي سڀاڻي جي سنڌ ۾ ضرور
ٺهڻيون آهن، ٻي صورت ۾ فهرستن ۾ رکيو ئي ڇا آهي.
سنڌ جي روشن خيال شعور ۾ سڀاڳ جي علامت سمجهيو
ويندڙ سائين محمد ابراهيم جوئي نئين سنڌي شاعريءَ
جي امام شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر تي جيڪي فڪر
انگيز مهاڳ/ ليک لکيا آهن. اهي ئي سنڌي ادب جو
اهڙو حصو آهن، جن تي سنڌي ادب فخر ڪري سگهي ٿو پر
جڏهن سنڌ شيخ اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪندي. اهو
وقت اڃا اچڻو آهي، ساڳيءَ طرح اڄ جڏهن هر ايندڙ
نوجوان جيڪو ادب ۾ ڪجهه خاص ڏيڻ چاهي ٿو، اهو جوئي
صاحب کي پڙهڻ کان سواءِ ڪجهه خاص نه ڏيئي سگهندو ۽
مان پنهنجي سموري اعتماد سان ائين به چوڻ چاهيان
ٿو، ته اسان جي نسل مان جيڪي جوئي صاحب کي ڪنهن به
سبب جي ڪري نه پڙهي سگهيا اُهي ڀاڳ وارا نه هئا.
ڇاڪاڻ ته ڪنهن به تخليقڪار کي ڪوبه فڪري سگهه
بخشيندو آهي. ائين جوئي صاحب سنڌي ادب کي جيڪا
روشن خيال فڪري سگهه ڏني، ان جو مثال اياز جي
شاعريءَ، سنڌي ادبي بورڊ جي ترجمو ٿيل ڪتابن ۽
سنڌي ادبي سنگت ۾ ڳولي سگهجي ٿو. اڄ جڏهن نوجوانن
فڪري ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن، تڏهن منجهائن مضبوط
لکڻ جي سگهه ڇڏائي ويئي آهي ۽ نون لکندڙن ۾ اها
سگهه اچي نه سگهي آهي.
ياد ڏيارڻ ٿو گهران ته مان فڪري ڪتابن مان فقط
(مارڪسي فڪر) جي معنيٰ وٺڻ/ ڏيڻ کان پرهيز ڪريان
ٿو، تخليقي ادب جون سڀ ڌارائون ۽ نظريا فڪري ڪتابن
۾ شامل هجڻ کي، اهميت ڏيان ٿو، ان ڪري ڪنهن خاص
نظرياتي/ سياسي فڪر جي لاءِ لکڻ، ڪنهن به تخليقڪار
لاءِ، ڪنهن به حالت ۾ مناسب نٿو سمجهان. ائين جوئي
صاحب کي ڪنهن مخصوص دائري ۾ ڏسڻ ۽ پڙهڻ مناسب
سمجهان. هو گهڻ پاسائون سوچيندڙ ۽ لکندڙ عالم ۽
نقاد آهي. هوُ سنڌ کي عالم سان ڳنڍيل ڏسي ٿو، ان
ڪري هُو ساري عالم جو ادب، سنڌي نوجوانن لاءِ اهم
سمجهي ٿو، پر هن جا خواب عالم سان گڏ/ جدا، سنڌ جي
آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ آهن. جيڪي هر ڌرتيءَ جي
حلالي پٽ لاءِ اهم هوندا آهن، ائين اهي جوئي صاحب
لاءِ به اهم آهن.
جوئي صاحب سموري عالم جا انساني ارتقا، تهذيبي
ارتقا ۽ شعوري ارتقا بابت جيڪي به چونڊ ڪتاب/
مضمون/ نظم ترجمو ڪيا آهن. انهن مان سندس مراد،
سنڌ جي نوجوان کي اهڙي تعليم ڏيڻ هئي، جيڪا سندن
پير ڌرتي تي مضبوط ڪري ۽ عقل جي اک سان پنهنجي
سماج جون سموريون ناڪاري رسمون رواج ۽ قدر ٻاهر
ڪڍي ڦٽا ڪري ۽ انهن جي جڳهه تي هڪ اهڙو معاشرو
اڏي، جنهن ۾ سڀ انسان، ڪنهن به اونچ نيچ، رنگ نسل،
گروهه ۽ قوم جي وڇوٽيءَ کان سواءِ، هڪ برادريءَ
جيان، هن ڌرتيءَ تي رهي سگهن ۽ هڪ ٻئي سان سٺو ۽
نيڪ ورتاءُ ڪري سگهن. سڀ هڪ ٻئي جي ڏک توڻي سک کي
پنهنجو ڏک ۽ سک سمجهن! ائين رهڻ سان هُو نه رڳو
پنهنجي آس پاس کي گهڻي چڱائي ۽ سٺائي ڏيئي سگهندا،
پر سموري انسان ذات لاءِ هو لاڀائتا ٿيندا.
جوئي صاحب پنهنجي لکڻين وسيلي، سنڌ جي نوجوانن کي
آزاد ذهن سان سوچڻ جو علم ڏنو، هن ڪنهن به تقليد
پسنديءَ کان پاسي رهڻ جي هدايت ڪئي. ساڳئي وقت هن
سنڌي نوجوانن کي اهو پڻ سمجهايو، ته هُو پاڻ کي
انهن ماڻهن جهڙو اعليٰ ۽ اُتم ٿيڻ جي لاءِ جدوجهد
ڪن، جن ماڻهن دنيا جي وچ ۾ موهن جي دڙي جهڙي تهذيب
جوڙي ورتي، جنهن تي اڄ به دنيا حيران آهي ۽ جنهن
کي دنيا ’سنڌو سڀيتا‘ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. هن
سنڌ جي نوجوانن کي دنيا جي علمن ۾ ڀڙ ٿيڻ جي تلقين
ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن محسوس ٿئي ڪيو ته جيستائين
سنڌ جو نوجوان، تعليم ۾ ڀڙ نه ٿيندو، تيستائين هو
عالمي طور، تيزيءَ سان اڳتي ڊوڙندڙ دنيا سان گڏوگڏ
هلي نه سگهندو. هُو پنهنجي تعليم ۾ جيترو ڪارائتو
ٿيندو اوترو انسان ذات لاءِ فائديمند ٿيندو.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي، هن دنيا جو ادب ترجمو ڪيو،
جوئي صاحب جا ترجمو ڪيل ڪتاب ته اهم آهن ئي آهن،
پر انهن جو ترجمو جنهن تخليقي ٻوليءَ ۾ آهي، اها
اهڙو گمان ئي نٿي ڏياري ته ڪتاب نهايت تخليقي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن، جن جي هڪ هڪ سٽ بيمثال
آهي، اسان جي ٽهيءَ لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته
اسان، ان سنڌ ۾ جي رهيا آهيون، لکي رهيا آهيون ۽
پڙهي رهيا آهيون، جيڪا شعوري طور جوئي صاحب جي
ٻڍڙين آڱرين سان لکيل تحريرن مان مليل روشنيءَ
واري سنڌ آهي. اڄ جي دور کي شعوري روشني ڏيندڙ
سورج، سنڌ جي آڪاش مٿان فقط هڪ آهي، جنهن جو نالو
محمد ابراهيم جويو آهي ۽ بس! |