سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:29

قومي جذبي سان اڳڀرو ڪردار

 

 

 

 

نديم پنهور

سنڌ جي اديبن ليکڪن، دانشورن ۽ قوم پرستن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سڄاڻ ڌرين پاران سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ بي مثالي علمي ادبي خدمتن ۽ اتساهه ڏيندڙ شخصيت هجڻ تي مها ڏاهي محمد ابراهيم جويو کي شاندار ڀيٽاپيش ڪئي وئي. اڄ به سچ واري راهه تي اٽل هجڻ، ساڳئي قومي جذبي سان اڳڀرو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پوري زندگي سماج اندر شعور اجاڳر ڪرڻ وارو ڪردار سميت سندس بي انتها محنتن تي کيس فخر سنڌ جو لقب ڏنو ويو، سندس سميت سمورن قومي هيروز کي ٻيهر بهترنموني ترتيب ڏئي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.

سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ ”سنڌو منزل“ تي سائين جي.ايم.سيد جي ويجهي ساٿي انجنيئر غلام عباس لغاري جي ميزباني هيٺ تاريخ 24- آڪٽوبر 2014ع تي مها ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي 100هين سالگرهه جي جشن ملهائڻ واري تقريب ۾ مڙني سڄاڻ اهل علم ڌرين اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو، مها ڏاهي محمد ابراهيم جويو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ علمي ادبي خدمتون ڪرڻ منهنجي لاءِ قابل فخر آهن. سماج اندر علم عام ڪرڻ سان بهتر ۽ اثرائتيون تبديليون اچي سگهن ٿيون، اسان انتهائي گهٽ وسيلن واري دور ۾ علم حاصل ڪيو، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪشالا ڪاٽيا، اسڪول وڃڻ لاءِ روزانو 2 ميل پيادل سفر ڪرڻو پوندو هو، استاد کان وڏي ڪابه شخصيت نه آهي. استاد جو وڏو رتبو آهي. ننڍپڻ ۾ مون کان پڇيو ويندو هو وڏو ٿي ڇا ٿيندين ته استاد ٿيڻ واري خواهش ظاهر ڪندو هئس.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم کي علم ۽ تربيت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. انهن ٻنهي جي حاصلات سان قوم جي قسمت ۽ مستقبل بدلجي سگهي ٿو. تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد انفرادي نه پر اجتماعي سوچ وارو هجڻ سان انقلابي تبديلي اچي سگهي ٿي. تعليم وسيلي ٻين جي خدمتن وارو جذبو هجڻ گهرجي. سڌرو ۽ سڌاريو وارو ماحول جڙڻ گهرجي. سائين جي.ايم. سيد جي پڳدار پٽ سائين امير حيدر شاهه چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ اعليٰ شخصيت جو مالڪ آهي، جيڪو سنڌ جو وڏو ڏاهو هجڻ سان گڏ گهمندڙ ڦرندڙ يونيورسٽي مثل آهي، جنهن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي هميشه خدمت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته محمد ابراهيم جويو جهڙا انسان صدين ۾ تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي ٻين لاءِ وقف ڪري مثالي ڪردار ادا ڪري ڇڏيندا آهن.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو ته آءٌ محمد ابراهيم جويو جو شاگرد آهيان ۽ کيس مثالي استاد هجڻ جي حوالي سان ڀيٽا پيش ڪيان ٿو. نئين سنڌ ۽ نئين نسل جي واسطي سندس اُميد ڀريون ڳالهين سان گڏ اڻ سڌي ريت اڳواڻ هجڻ وارو سلسلو جاري آهي، پر موجوده حالتن ۾ نئين سنڌ اَڏڻ لاءِ سندس شفقت کي سڌي ريت ۽ عملي طور ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ مدرسي ۾ محمد ابراهيم جويو هڪ استاد جي حيثيت سان مون سميت سمورن شاگردن سان اُتساهه ڏيندڙ رويو ۽ چٽاڀيٽي  وارو منفرد انداز ذهني شعور کي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ وارو رهيو، هن وڌيڪ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري مان انقلابي بيتن عام ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو، هو پاڻ به انقلابي ۽ قومي گيت جهونگاريندو هو ۽ جيجي زرينه سميت نئين ٽهي راڳين کان اهي بيت ڳارائي شعور بيدار ڪرڻ وارو ماحول جوڙڻ به جوڙيو.

ايس.يو.پي سربراهه سيد جلال محمود  شاهه چيو ته سائين جي ايم سيد اڪثريتي ڪتاب نظربندي واري دوري ۾ لکيا. گهڻ رخي تحقيق ۽ هٿن ذريعي ڪتابن جي لکت سميت ڪتابن جي مجموعي جوڙجڪ وارن انتهائي ڏکين مرحلن ۾ 2 شخصيتون سندس ٻانهن ٻيلي رهيون، جن ۾ محمد ابراهيم جويو ۽ پروفيسر غلام مرتضيٰ قاسمي شامل هئا، محمد ابراهيم جويو هڪ استاد وارو ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ ادب، دانش، ڏاهپ، رهنمائي ۽ اتساهه ڏيڻ واري شفيق طبيعت شامل آهي، هر ماڻهو کي انڪريج ڪرڻ وارو ڪردار ڏسڻ وٽان آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ سنڌي نصاب ۾ عملي ادبي شخصيتن ۽ قومي هيروز جا سبق شامل ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو، بيورو آف ڪرڪيولم ۾ ان دور ۾ سندس محنتن سان نصاب جڙيو پر وقت گذرڻ سان گهڻي ڀاڱي  اهم شخصيتن جا سبق خارج ڪيا ويا،جيڪو قومي الميو آهي. اوليت جي بنياد تي محمد ابراهيم جويو سميت قومي خدمتون ڏيندڙ علمي ادبي قومي هيروز کي نصاب ۾  شامل ڪيو وڃي.

ان موقعي تي مها ڏاهي جي 100 سالا جشن ڪرائيندڙ ڪاميٽي جي سيڪريٽري پروفيسر سليم ميمڻ، تاج جويو، مدد علي سنڌي، شوڪت شورو، امر سنڌو، ڊيسي ڄام شورو سهيل اديب بچاڻي، مير مولا بخش لغاري، ذوالفقار هاليپوٽو ۽ ٻين خيالن جو اظهار ڪيو. سگهڙ محمد ايوب جوڻيجو ۽ حفيظ قريشي بيتن ذريعي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان اڳ مها ڏاهي محمد ابراهيم جويو،سائين امير حيدر شاهه ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب ۾ غلام سرور ڪنڌر، جاويد جوڻيجو، ڪيهر انصاري، منير حيدر شاهه، پير منور، نثار لغاري سميت وڏي تعداد ۾زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڌرين شرڪت ڪئي.

1945ع ۾ وڏيرن ۽ شاهوڪار سيٺين (مسلم ليگ ۽ ڪانفرنس)خلاف عمرڪوٽ مان اليڪشن وڙهڻ دوران

جوئي صاحب جو پنهنجي ونيءَ ڏانهن لکيل هڪ يادگار خط

عمرڪوٽ

15-12-1945ع

منهنجا مَنَ

توکان موڪلائي هتي اچي خير سان پهتو آهيان، واٽ جي مسافريءَ جون ڪهڙيون ٿي تڪليفون پڇين! ڍورو نارو اسٽيشن تي لهي، لاريءَ تي سوار ٿياسون، لاريءَ ۾ اندر جاءِ ڪينَ ملي. تنهنڪري مٿس ڇت تي چڙهي ويٺاسين. رات جا 12 وڳا هئا، ٿڌي هوا پئي ٿي لڳي، رستو خراب، سيءُ ۽ ٿڌ مصيبت جي، 14 ميل مفاصلو، بس جيئن تيئن ڪري مارئيءَ جي ملڪ عمرڪوٽ ۾ اٽڪل ڏيڍ بجي پهتاسون، وڏي گرم ڪوٽ ڏاڍو سٺو ڪم ڏنو ۽ جي اهو ڪوٽ نه هجي ها ته، الائي ڪهڙو حال ٿئي ها، پر اهي سڀئي تڪيلفون اکين تي آهن، ڇاڪاڻ ته هن غريبن جي لڙائيءَ ۾ سُکَ جي اميد رکڻ اجائي ۽ ڪم همتيءَ جي برابر آهي.

شاهوڪار وڏيرا اسان جا اصل کان دشمن آهن. اسان جي عزت جا دشمن، اسان جي جان جا دشمن، اسان جي سک جا دشمن، اسان جي آزاديءَ جا دشمن، انهن ظالم، بدمعاش، شاهوڪار وڏيرن سان اليڪشن وڙهڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي.

هزار ۽ لک ويچارا غريب هاري ۽ مزدور هنن سُوئرن جي ظلم ۽ ڏاڍ جا شڪار آهن، هن ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪرڻ ۽ هن اوندهه انڌڪار کي ٽارڻ، هر ڪنهن سچي انسان جو فرض آهي، آءٌ به فقط پنهنجو انساني فرض پورو ڪري رهيو آهيان، مون کي رڳو زندگيءَ ۾ تنهنجو ساٿ گهرجي، تنهنجي همت گهرجي، تنهنجي سچائي گهرجي. جيڪڏهن تون هِڪَ مون سان وفادار آهين، ته پوءِ مون کي دنيا جي ڪابه پرواهه ڪانهي.

مَنَ، آءٌ اڪيلو به رهجي وڃان، ته به انهن سان جهيڙيندس، دل کي صدما ۽ ڏک گهڻائي اٿم، پر سڀني کي وساري پيو ٿو هلان چلان. آءٌ ڇا ڪريان، منهنجو ڪو وَسُ ڪونهي، ممڪن آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن منهنجي دل جا داغ ميٽجي ۽ ميسارجي وڃن. دل کي وري آرام ۽ فرحت نصيب ٿئيم.

هتان جي ماڻهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ويچارا مارو ماڻهو آهن، ڏسڻ ۾ سچا. ”ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ نهايت غيرتمند، مٿن تمام گهڻا ڏک ۽ ظلم ٿيل آهن، ڀيل، ميگهواڙ، مالهي، ڪولهي، راجپوت ۽ اهڙيون ٻيون گهڻيون ئي ذاتيون هندن جون آهن. مسلمان ته گهڻو ڪري سڀني ذاتين جا آهن، پر سواءِ ٿورن وڏيرن ۽ شاهوڪار سيٺين جي، ٻيا سڀئي مفلس ۽ غريب آهن. هن پوهه سياري ۾ سندن بدن تي سڄو ڪپڙو ڪونهي. اڄ چوٿون ڏينهن هتي عمرڪوٽ ۾ هارين ۽ ٻين پورهيتن جي هڪ وڏي ميٽنگ سڏائي هُئي سون، جنهن ۾ تمام جوشيليون تقريرون ڪيونسين، هارين ۽ غريب پورهيتن اسان جي عيوضيءَ کي ووٽ ڏيڻ جو وعدو ڪيو.

ڏينهن ٻن ۾ لاريءَ ۾ لائوڊ اسپيڪر سميت ٻاهراڙيءَ ۾ وينداسون ۽ ڏينهن ۾ 6-7 جلسا ڪنداسون ۽ ماڻهن کي تقريرون ڪري هاري مزدور پارٽيءَ جا اصول سمجهائينداسون، اميد جهجهي آهي ته اسان جي ڪاميابي ٿيندي.

ويچارا هاري ۽ غريب پورهيت زميندارن ۽ شاهوڪارن جي قبضي ۾ آهن، ڏاڍا ڊنل ۽ هيسايل آهن، زميندارن ۽ شاهوڪارن جي چنبي مان نڪرڻ هنن لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي. ڏسجي ته آخر ڇا ٿو ٿئي.

مَنَ، جي اسان انهن لاءِ ڪجهه نه ڪيوسين ته اسان جا ايندڙَ نسل غلاميءَ جي حياتي گذاريندا!

عمرڪوٽ شهر تي اهو نالو ان ڪري پيو آهي جو شهر جي ڀرسان هڪ ڪوٽ آهي، جتي چون ٿا ته عمر، مارئيءَ کي وٺي اچي، بند ڪيو هو. جنهن جاءِ تي ويچاري مارِئي بند هئي سا به ڏٺم، جايون قطعي ڊٺل آهن، رڳو ٿورا گهڻا نشان بيٺا آهن. عمرڪوٽ شهر کان اٽڪل ٻه ميل پري مومل جي ماڙيءَ جا نشان پڻ بيٺا آهن. جڏهن راڻو، مومل کان رُسي آيو هو، تڏهن چيو وڃي ٿو ته سورٺ اتي اچي، اها ماڙي اڏائي ۽ راڻي جي ڀرسان ويٺي... اها ماڙي به وڃي ڏٺم. عمرڪوٽ شهر کان اٽڪل ڏيڍ ميل کن پري هڪ جاءِ آهي، جتي چون ٿا ته اڪبر بادشاهه ڄائو هو، اها جاءِ ته جهنگ ۾ آهي، پر اتي هڪ قُبو اڏيل آهي، جنهن تي لکيو پيو آهي، ته، ”هتي اڪبر بادشاهه ڄائو هو“. عمرڪوٽ جو شهر اهڙي طرح ٺهيل آهي، جو سندس هڪ پاسي پاڻي، وڻڪار، آبادي ساوڪ لڳي پيئي آهي، ته ٻئي پاسي واريءَ جا دڙا ۽ رڳو رڻ پٽ بيٺو آهي. مٽي ۽ دَز هتي ڏاڍي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته مٽي ۽ دَز ۾ ساهه ٿو گهُٽجي.

زالون هتان جون ڏاڍيون سهڻيون ۽ ملوڪ آهن، آءٌ ته جڏهن به ڪا مائي ٿو ڏسان ته مون کي ويچاري مارئي ۽ مومل ٿيون ياد پون. انهيءَ ڳالهه تان توکي ڪا خار نه لڳڻ گهرجي. مان ته فقط ڳالهه ڪري رهيو آهيان.

مون کي تنهنجي چڱڀلائيءَ جو ڏاڍو انتظار ٿو رهي، جيترو جلد ٿي سگهئي اوترو جلد مون ڏانهن خيريت جو احوال لکي موڪل، پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀينرن اڳيان منهنجا سلام عرض رکج.

خط

(جي. ايم. سيد ۽ محمد ابراهيم جويي جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط)

سن

41-11-20

منهنجا پيارا محمد ابراهيم

ڪجهه ڏينهن اڳ تنهنجو خط مليو. تو اهو نه لکيو آهي، ته اوهين هن طرف ڪڏهن ٿا اچو. جڏهن اچو ته مهرباني ڪري منهنجي بئٽري آڻيندا، جيڪا منهنجي گهر ۾ رکيل آهي.(1) اها پهرين چارج ڪرائيندا جيڪا صرف 2 روپين ۾ ٿيندي.

2. ٿي سگهي ته سيٺ آسرداس ورندمل M.L.A سان ملندا، جيڪو الوحيد پريس ڀرسان رهي ٿو. هُن کان پڇبو ته آءٌ پنهنجي ڦُٽِن جي رقم ڪڏهن نوابشاهه ڪاٽن مرچنٽ وٽان وٺان! ان ڳالهه کان سيٺ خود پورو واقف آهي.                          نيڪ تمنائن سان

تنهنجو مخلص

جي. ايم. سيد

سن                              *

1941-11-24

منهنجا پيارا محمد ابراهيم

تنهنجو خط مليو، بورچيءَ متعلق واقف نه ڪيو اَٿوَ ته پگهار ڪيترو وٺندو. ڇا، هو ڊبل روٽي ۽ ڪيڪ به ٺاهڻ ڄاڻي ٿو؟ جيڪڏهن اِهي ٻيئي تيار ڪري سگهي ٿو، معقول پگهار گهري ٿو، ته پوءِ پهرين ڊسمبر 1941ع کان هن کي ڪم لاءِ موڪلي ڇڏيندا. بئٽري ته پاڻ سان به آڻي سگهو ٿا، يا ڪو هٿيڪو ماڻهو ايندو هجي ته اُن سان ڏياري موڪليندا.

نيڪ تمنائن سان

مخلص

جي. ايم. سيد

8- حاجي چانڊوبلڊنگ،

برنيس اسٽريٽ، ڪراچي-3

14- مئي، 1947ع

عزيز و محترم شاهه صاحب!

السلام عليڪم: قريب قريب 16 مهينن جي مدت گذري چڪي آهي ته اوهان جي ملاقات جو شرف حاصل نه ڪري سگهيو آهيان.

انهيءَ مدت ۾ اسان جي ديس ۾ ڇا ٿِي ۽ ڇا نه ٿِي گذريو آهي، تنهن جي ڄاڻ ۽ تنهن جو احساس اوهان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي ٿيو هوندو؟

اڄ جيڪا وقت جي تقاضا آهي، سا، منهنجي ناچيز خيال ۾، هيءَ آهي ته اسين هيءَ گهُر ڪريون ته اسان کي ۽ اسان جي وطن کي هندستان يا پنجاب جي ماتحت سياسي ۽ اقتصادي غلاميءَ لاءِ مجبور ڪيو وڃي، تنهن کان اڳ اهو سوال اسان جي سڀني ماڻهن کان سوالنامي (Referendum) ذريعي فيصلو ڪرايو وڃي. اهڙو سوالنامو سڀني بالغن، مردن توڙي عورتن، جي سامهون رکيو وڃي ته هو پنهنجي راءِ کان دنيا کي واقف ڪن ته هو (1) هندستان سان شامل ٿيڻ گهرن ٿا، (2) پنجاب سان شامل ٿيڻ گهرن ٿا، يا (3) آزاد ۽ خودمختيار رهڻ گهرن ٿا.

اهڙيءَ گهُرَ کي عام ماڻهن جي گهُر بنائڻ لاءِ نهايت لازمي آهي ته فوراً هلچل چالو ڪجي ۽ ايندڙ سال کن جي عرصي ۾ ٻيا سڀ ڪم ڪاريون ڦٽا ڪري، بکون، تڪليفون ۽ ڏُک سر تي سهائي، فقط ان فرض ادائيءَ کي لڳي وڃجي.

حالتون نهايت سازگار آهن. نه فقط اسان جي پنهنجي ديس جي چؤديواريءَ، پر خود هندستان جي سياسي انتشار ۽ انگريزن جي هندستان جي سياسي مسئلي متعلق پريشانيءَ واري ماحول ۾، اسان جي اها گهُرَ عوام ۾ نهايت تيزيءَ سان ۽ موثر نموني ۾ قبول پوندي.

منهنجو اندازو هيءُ آهي ته ايندڙ مهيني جي 2 تاريخ جيڪا تجويز انگريزن جي طرفان، اسان جي اڳيان پيش ڪئي ويندي، سا پڻ انهيءَ ئي نوعيت واري هوندي.

اڄڪلهه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنجاب جي خلاف ڪافي ناراضپو ڦهلجي چڪو آهي. خود ڪامورن ۽ منشين ۾ پڻ ان ڳالهه جو خاص احساس پيدا ٿي چڪو آهي. شاگردن ۾ هيءَ هلچل شدت واريءَ منزل کي پهچي چڪي آهي. خود زميندار طبقو به منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه ۽ ان گهُرَ جي خوش آمديد ڪندو.

انهن سڀني ڳالهين کي خيال ۾ رکي، آءٌ سمجهان ٿو ته هيءُ نهايت ضروري آهي ته جڏهن اهو وقت اچي، تڏهن اهڙي تحريڪ ۽ اهڙي جماعت ضرور وجود ۾ هجي، جيڪا اسان جي ديس ڀاين کي صحيح صلاح ۽ سندن سچي رهنمائيءَ جا فرض سرانجام ڏيئي سگهي. تنهنڪري ڇو نه ”سنڌ جي عوام جي پارٽي“ يا ”سنڌ سجاڳ جماعت“ جي نالي سان هڪ پارٽي قائم ڪجي، جنهن جي سامهون هڪ خاص انقلابي پروگرام پڻ هجي ۽ جا سنڌ جي آزاديءَ ۽ مطلق خودمختياريءَ جو نعرو بلند ڪري، اسان جي عوام کي پنهنجي طرف جذب ۽ ڪشش ڪندي رهي، تان ته موقعي اچڻ تي اسين پنهنجي ديس کي ايندڙ آفت کان بچائي سگهون.

آءٌ پنهنجي سر هاڻي بلڪل تيار آهيان. ٻين سڀني ڪمن ڪارين کي ڦٽو ڪري، انهيءَ ڪم کي لڳي وڃڻ لاءِ. منهنجي راءِ هيءَ آهي ته جيڪڏهن ايندڙ مهينن جي ٿوريءَ مهلت ۾ اسان سنڌين ڪجهه نه ڪيو، ته پوءِ ممڪن آهي ته صدما سالن تائين، اسان جي گردنن ۾ غلاميءَ جو طوق جڙجي ۽ مڙهجي ويندو.

زياده خير والسلام

اوهان جو خير انديش

محمد ابراهيم

- اوهان کي هيءُ ٻڌي خوشي ٿيندي ته:

 1. مون هڪ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مطلق آزاد ۽ خودمختيار درجي جي ماڻڻ لاءِ، پنهنجي سمجهه آهر، تبصرو درج ڪيو اٿم.(1) هيءُ ڪتاب پريس ۾ ڇپجي رهيو آهي ۽ هن مهيني جي آخر تائين ظاهر ٿي ويندو.

۽ 2. مون کي پُٽ ڄائو آهي، جنهن جو نالو منور رکيو اٿم. الله جي فضل ۽ ڪرم سان هُو نهايت خوش چڱو ڀلو آهي. اڄ کان سندس عمر جو ڇهون مهينو شروع ٿيو.

محمد ابراهيم

*

حيدرآباد سنڌ،

23- فيبروري 1950ع

عزيز و محترم سيد صاحب

اوهان جو نوازش نامو ڪالهه مليم. منهنجي حوالي ڪيل ڪم، جو مون کان اڄ تائين پورو ٿي نه سگهيو آهي، تنهن جو رڳو اهو سبب نه آهي ته واندڪائي ڪانه اٿم. حقيقت ۾ اهو ڪو سبب ئي ڪونهي. پر وڏو سبب هيءُ آهي، جو هن وقت انهيءَ مضمون تي ڪجهه ڀروسي سان لکڻ جي پاڻ ۾ اهليت ڪين ٿو ساري سگهان. هيءُ مسئلو هن وقت ڪهڙيءَ صورت ۾ اسان جي اڳيان آهي، روز بروز نوان ۽ تازا واقعات، جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيا ٿا ٿين ۽ جي هن سوال کي زياده نازڪ ۽ پيچيده بنائيندا ٿا وڃن. تن کان آءٌ بنهه غير واقف آهيان. صحيح ۽ اثرائتي نموني ۾ ڪو ويهي ڪيس تيار ڪجي، تنهن لاءِ جيڪي حقيقتون گهربل آهن ۽ انگ اکر ضروري آهن، سي به مون وٽ ڪين آهن، ۽ گذريل چئن پنجن مهينن کان اخبارن جي بنهه مطالعي نه ڪرڻ ڪري، منهنجي موجوده صورتحال سان ڪابه ڀروسي جهڙي واقفيت نه رهي آهي. نه فقط ايترو پر منهنجو هاڻي هيءُ پختو عقيدو آهي ته سنڌ جي قوميت جو سوال اڄ محض قومي سطح تي نه پر طبقاتي سطح تي ئي حل ٿي سگهندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ توڙي پاڪستان، توڙي هندستان، دنيا جي سياست کان پاڻ کي الڳ سمجهي، هڪ قدم به اڳتي يا پوئتي نٿا کڻي سگهن. سنڌ جي مستقل قومي وجود جي فنا يا بقا جو سوال، اصولي طرح اڄ بين الاقوامي سياست جو حصو ٿي چڪو آهي. دنيا جي سياست ۾ اڄ جيڪا ٻن نظرين جي وچ ۾ حياتيءَ ۽ موت جي چڪري آهي، تنهن ۾ هڪ نظريي جو مفاد هن ۾ آهي ته سنڌ جي قومي وجود کي ختم ڪيو وڃي، ۽ ٻئي نظريي جو مفاد هن ۾ آهي ته سنڌ جي قومي وجود کي تسليم ڪيو وڃي. هيءُ ٻيو نظريو اسان کان اڄ هيءَ تقاضا ٿو ڪري ته پنهنجي قوميت کي طبقاتي ڪشمڪش، عوامي سياست ۽ انقلابي دستور العمل معرفت ئي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪريون. ٻئي ڪنهن طريقي سان اها محفوظ هرگز رهي ڪين سگهندي.

The National spirit of Sindh can today realize itself not through “nationalism”, but only through militant revolutionary people’s democracy functioning in close and firm alliance with people’s world revolution i.e. with communism.

منهنجي خيال ۾ اوهان جو رايو به اهوئي آهي، پر فرق جيڪڏهن آهي ته فقط هيءُ ته اوهين قوميت معرفت انقلاب تائين پهچڻ گهرو ٿا، ۽ آءٌ انقلاب معرفت قوميت کي پائڻ ممڪن ٿو ڄاڻان.

تازو روسي جي ”ايميلي“ ڪتاب جي چونڊ ۽ اختصار ڪري، مون سنڌيءَ ۾ ڇپايو آهي. هڪ ڪاپي اوهان ڏانهن ڪراچيءَ موڪلي هيم، جا اميد ته اوهان کي ملي هوندي.

مولانا احمد حسين مدنيءَ جو ڪتاب(1) به مون وٽ آهي، جو اميد ته ڪنهن هٿيڪي ماڻهوءَ هٿ جلد ئي اوهان ڏانهن روانو ڪندس. اوهان پنهنجي انگريزي ڪتاب جو هڪ نسخو مون ڏانهن مهرباني ڪري موڪليو.(2)

زياده خير والسلام

اوهان جو

*                 محمد ابراهيم

ٽريننگ ڪاليج فارمين،

حيدرآباد، سنڌ.

6- جون، 1950ع

عزيز و محترم سيد صاحب

اوهان جي حڪم موجب، ڏيپلائي صاحب سان مليس. هُو صاحب ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار آهي. البت پني جي اڻاٺ سبب، في الحال فقط 1000 يا گهڻي ۾ گهڻيون 2000 ڪاپيون ئي ڇپجي سگهنديون. جنهن کان اوهان کي واقف ڪرڻ مون ضروري سمجهيو. اوهين هاڻي ڪتاب جو قلمي نسخو جڏهن ممڪن ٿي سگهيو، تڏهن مون ڏانهن ڏياري موڪليندا، ته اُن جي ڇپائڻ وغيره جو ڪم جلد شروع ٿي سگهي. ڇپائيءَ جي بيهڪ، نزاڪت، پروف ريڊنگ وغيره تي ڏيپلائي صاحب پاڻ به خاطر خواهه ڌيان ڏيندو، تنهن هوندي به آءٌ پاڻ به انهن ڳالهين کي بلڪل پنهنجو ڪم سمجهي پوري ڪرڻ جو ذمو کڻان ٿو.(3)

اوهين ڪراچيءَ مان ٻڌو اٿم ته ٿورائي ڏينهن ٿيا ته واپس وريا آهيو. تنهن جي معنيٰ ته اُتي اوهين ٻه چار ڏينهن رهيا هئا. اميد اٿم ته منهنجي ڪيل عرض جي پوئواري اوهان ضرور ڪئي هوندي.

آءٌ پاڻ به اميد ته 15- تاريخ ڪراچيءَ ويندس، ۽ آغا صاحب سان روبرو ملندس. اميد ته تسلي بخش نتيجو نڪرندو.

ٻيو سڀ خير والسلام

اوهان جو

محمد ابراهيم

حيدرآباد سنڌ،

21- مئي، 1951ع

عزيز و محترم جناب شاهه صاحب

اوهان جي ڪتاب جو مسودو، پنهنجي سمجهه ۽ لياقت موجب، نظر مان ڪڍي، ۽ ان ۾ واجبي درستيون وغيره ڪري، اڄ اوهان ڏانهن واپس موڪلي رهيو آهيان.

فقرن (Paragraphs) جي بيهڪ لاءِ [ نشاني استعمال ڪئي آهي؛ ۽ جيڪڏهن فقير جي وچ ۾ اوهان جو لکيل جملو اهڙيءَ طرح بند ڪيو ويو آهي، جنهن مان ائين ڀانئجي ته اُتي فقرو پورو ٿيو آهي ۽ نئون فقرو شروع، ته اهڙيءَ جاءِ تي نشاني ڏيئي ڇڏي اٿم، ته اُن جاءِ تي فقرو پورو ٿيل نه سمجهڻ گهرجي، بلڪ ان کي اڃا جاري سمجهڻ گهرجي.

اوهان جي مسودي ۾ خاص طرح دمن جي نشانين ۽ ٻوليءَ جي صحت ۽ چستيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو اٿم. ڪٿي ڪٿي، مطلب کي واضح ڪرڻ خاطر پنهنجي طرفان مناسب فقرا يا جملا وڌائي ۽ جيڪي بنهه غير ضروري هئا، يا هر هر ٿي استعمال ڪيا ويا، تن کي ترڪي ڇڏيو اٿم.

لفظ ”هئڻ“ کي اوهان ”هوڻ“، ”پئي“ کي 
”پي“، ”هئا“ کي ”هوا“ وغيره، ٻين چند لفظن کي به اوهان صحيح صورتخطي نه ٿا ڏيو. انهن لفظن کي به درست ڪيو اٿم.

هاي ساڪت وارا لفظ مثلاً: عمله، معاهده، ضابطه، اوهان اهڙيءَ طرح ٿا استعمال ڪيو، جو اُنهن جون مختلف صورتون منجهائيندڙ ٿيو ٿيون پون. مثلاً: ”ضابطي لاءِ“، ”ضابطو رکڻ“، ”ضابطا قائم ڪرڻ“، اوهان مڙيئي اهڙيءَ طرح لکو ٿا، جن ۾ لفظ ”ضابطي“ جي صورت هڪ ئي ٿي رهي، يعني ”ضابطه“.

ظاهر آهي ائين لکڻ ڪري سنڌي جملي پڙهڻ ۾ ڪافي دقت ٿي ٿئي.

اميد اٿم ته اوهين هاڻي جڏهن ٻيهر مسودو پڙهندا ته اُن تي منهنجي طرفان به خاص محنت ڪيل  ڏسندا. باقي اها اوهان کي پسند پوي يا نه پوي، سو چئي نٿو سگهان.

اميد اها ئي اٿم ته اوهان کي ڪٿي به ڪا اڻ سهائيندڙ دست درازي مسودي ۾ منهنجي طرفان ٿيل ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي.

اوهان جو

محمد ابراهيم

*

1952-7-8

سنڌي ادبي بورڊ آفيس

ڪراچي

منهنجا پيارا سيد صاحب

هيءُ خط اوهان جي چوڻ موجب اهو معلوم ڪرڻ لاءِ لکي رهيو آهيان ته اوهان ڪهڙيءَ تاريخ تي ڪراچيءَ اچي رهيا آهيو، ته جيئن بورڊ پاران ان جي گذريل ميٽنگ ۾ ”سنڌ جي تاريخ جي رٿا“ کي آخري شڪل ڏيڻ بابت جوڙيل سب ڪميٽيءَ جي ميٽنگ رکي سگهجي، جنهن جا اوهين ڪنوينر آهيو. هونئن ته سب ڪميٽيءَ تي وڌيڪ ٻه ميمبر ئي رکيل آهن، پر جيئن ته محترم سيد سليمان ندوي، ۽ سيد نواب عليءَ جي مشوري سان مڪمل ڪرڻي آهي، شايد اهو بهتر ٿئي ته انهن کي سب ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ خاص مدعو ڪيو وڃي. ان ڪري گذارش ٿي ڪجي ته اوهان مهرباني ڪري ان سلسلي ۾ منهنجي وڌيڪ رهنمائي ڪندا.

اوهان جو مخلص

محمد ابراهيم جويو

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي-1

*

سن

1953-6-15

محترم جويو

گذريل ڀيري جڏهن مان توهان سان آفيس ۾ ملڻ آيو هوس. تڏهن توهان مون کي ٻيو سنڌي پرائمري ڪتاب ڏيکاريو هو ۽ ان ۾ ڇپائيءَ جي خامين، پني جي بيڪار نموني، ناڪاره بائينڊنگ ۽ عام گيٽ اپ طرف ڌيان ڇڪايو هو، جيڪو واقعي غير معياري هو. سچ پچ اهو معلوم ڪري مايوسي ٿئي ٿي ته ان قسم جي معياري وارو ريڊر اسين پنهنجي صوبي جي پرائمري اسڪول وارن ٻارن جي هٿن ۾ ڏيئي رهيا آهيون.

اهو ظاهر آهي ته پرائمري ٻوليءَ وارن ڪورسن جي ڪتابن جي هيءَ افسوسناڪ حالت گهڻو ڪري، ٻاهرين خانگي پبلشرن جي سبب ٿي آهي، جيڪي رڳو گورنمينٽ کان سالياني معاوضي وٺڻ ۾ ئي دلچسپي رکن ٿا. عام راءِ اها آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي اهي ڪانٽريڪٽر، ڪتاب تڪڙا ۽ سستا مهيا ڪن ٿا ۽ اسٽور ڪرڻ رستي ڪتابن جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪن ٿا. مون کي ياد ٿو اچي ته بورڊ اڳئين سال سرڪار کي لکيو هو ته اهي ريڊرَ گورنمينٽ پاڻ پنهنجي پريس منجهان شايع ڪرائي. مون کي خبر ناهي ته بورڊ جي ڪتابن بابت بورڊ جي اها سفارش سرڪار تائين پهتي يا نه؟ هاڻ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهو مسئلو وري به بورڊ پنهنجي هٿن ۾ کڻي.

آءٌ چاهيان ٿو ته هيءُ خط بورڊ جي ايندڙ ميٽنگ ۾ ان مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ رکيو وڃي. مان ان راءِ جو آهيان ته جڏهن ته بورڊ کي پنهنجي پريس ۽ بڪ اسٽال به آهي ته جيڪڏهن اهو ڪم بورڊ پنهنجي هٿ ۾ کڻي سگهي، ته اهو اُتي وڌيڪ بهتر نموني سان ٿي سگهي ٿو.

توهان جو مخلص

جي. ايم. سيد

*

ڪراچي

1953-6-15ع

محترم جناب شاهه صاحب

السلام عليڪم:

سنڌي پرائمري اسڪولن جي سنڌي ڪتابن جي طباعت ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ انگريزيءَ ۾ ٽائيپ ٿيل خط جون ٻه ڪاپيون خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان. مهرباني ڪري هن خط کي پڙهڻ کان پوءِ جي مناسب سمجهو ته ان جي هڪ ڪاپي صحيح ڪري مون ڏانهن ترت رواني ڪندا ته جيئن هن سوال کي بورڊ جي آئينده ميٽنگ ۾ پيش ڪري سگهجي.

ڪلهوڙن جي تاريخ متعلق فارسي ۽ قلمي ڪتاب جي باري ۾ خوشخبري هيءَ آهي ته ڪنهن خاص ذريعي معرفت ان جي نقل ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو اٿم ۽ اميد آهي ته اهو سمورو ڪتاب 15 ڏينهن کن جي عرصي ۾ اسان کي نقل ملي ويندو. اهڙيءَ صورتحال پيدا ٿيڻ ڪري مناسب نه ڄاتم ته انهيءَ معاملي ۾ ڪو ٻيو وڌيڪ قدم کڻجي.

بورڊ جي ميٽنگ اميد آهي ته جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ ٿي رهي آهي.

زياده خير- والسلام

اوهان جو

محمد ابراهيم جويو

*

53-6-16

محبيم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم: خط پهتو، ليٽر صحيح ڪري موڪليان ٿو، ڪتاب ”سنڌ جا مسائل ۽ عوامي محاذ“ ڏسي پورو ڪيو هجيئي ته ڪنهن جي هٿان موڪلي ڏي.

بورڊ جي ميٽنگ ٿي سگهي ته جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ ڪوٺائج.

اميد ته خوش هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

شامل ليٽر جو جواب ٽائپ ڪري، صحيح ڪري، اسيمبلي آفيس ۾ ڏيئي ڇڏج. اسيمبلي ميمبرن وٽ سنڌ آفيشل گزيٽ ايندڙ آهي. ٻين سڀني وٽ اچي ٿي، مون وٽ ڪانه ٿي اچي، سو اِتي آفيس ۾ چئج ته موڪلڻ جو انتظام ڪن.

ڪراچي                       *

1955-11-1

محترم سيد صاحب

السلام عليڪم: 12 پائنٽ ٽائيپ جي بدران ڪتاب جي ڇپائي 14 پائنٽ ۾ ٿيندي، تنهنڪري 200 صفحن تي تخمينو شايد وڌي 230 صفحن تائين وڃي پهچي. هونئن به ڪجهه ڪاغذ وڌيڪ وٺڻو ئي هو. سو 23x18 سائيز (سنگل) ريم 60 خريد ڪجن ته بهتر. سٺ ريمن تي في ريم 6-2-17 روپين جي حساب سان جملي رقم 60-1029 رپيا مون وٽ آهي، باقي 0-6-129 هن بل بابت ۽ پنج روپيا وڌيڪ گدام مان ڪاغذ کڻائي الوحيد تائين آڻڻ لاءِ مزوريءَ جا، جملي 0-6-134، مهرباني ڪري ڏياري اماڻيو. 0-6-134 مان به 56 روپيا مون وٽ آهن، باقي 0-6-78 روپيا مهرباني ڪري موڪليندا ته سڀاڻي ڪاغذ واپاريءَ کان کنيو وڃي.

ڪاغذ جيڪو خريد ٿا ڪريون تنهن جو نمونو به هن سان گڏ موڪليان ٿو. اوهين ڏسندا ته اهو نمونو انهيءَ اڇي ڪاغذ جو آهي، جو ميرانجهڙي ڪاغذ کان وڌيڪ پسند ڪيو هوسين.

اوهان جو

ابراهيم جويو

*

سن

55-12-30

منهنجا پيارا محمد ابراهيم

امير حيدر شاهه جي شادي آچر 8 جنوري 1956ع تي مقرر ڪئي ويئي آهي. ان موقعي ۾ شرڪت ڪندا ته آءٌ ٿورائتو رهندس.

اوهان جو پرخلوص

جي. ايم. سيد

حاجي عبدالڪريم ماستر انڙ پور جي نوڪريءَ جي ايڪسٽينشن لاءِ ڪاغذ هيٺان سفارش سان آيل آهن. اڳوڻي لائق استادن مان آهي. ان ڪري ان جي مدي وڌائڻ لاءِ اتي انتظام ڪرائيندا.(1)

 

*

سن

56-6-24

محبيم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

ايندڙ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ڌاري ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ ۾ گڏيل ۽ ڌار چونڊن جي فيصلي لاءِ تجويز ايندي، ان بابت هڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ (انگريزي ۽ اردو ۾ ترجمو به ٿيندو) گڏيل چونڊن جي فائدي ۾ لکي رهيو آهيان(2) ان لاءِ مون کي هيٺيان ڪتاب گهربل آهن سي ڪيئن به ڪري هٿ ڪري يڪدم مون کي سن جي ائڊريس تي موڪليندا ته مهرباني.

1. پنجاب فسادن جي انڪوائريءَ بابت جسٽس منير جي رپورٽ.

2. ڀريندرا ڪمار دت جو آئين ساز اسيمبليءَ ۾ مقاصد ٺهراءَ جي سلسلي ۾ گڏيل چونڊن تي ٻه مکيه تقريرون (آئين ساز اسيمبليءَ جي ڪاروبار مان رپورٽون)

3. جماعت اسلاميءَ طرفان تازو جدا چونڊن جي فائدي ۾ ڇپايل چوپڙي.

اميد ته خوش و خورم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

56-10-22

محبيم محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

معاف ڪجئين توکي وقت به وقت تڪليف ٿي  ڏجي. لاهور مان آزاد پاڪستان پارٽيءَ وارن نئين نئشنل پارٽيءَ جي مجوزه دستور العمل جون 50 ڪاپيون موڪلڻ جو واعدو ڪيو هو. ليڪن اڄ تائين هڪ ڪاپي به ڪانه موڪلي اٿن. سرڪيءَ ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمي جو ذمو کنيو هو، اهو به پورو ڪونه ٿيو. 27 تاريخ پارٽيءَ جي ميٽنگ آهي. آءٌ گهر ۾ بي چاڪائي هئڻ ڪري 27 تاريخ ٻاهران ئي حيدرآباد وڃڻ جو ارادو رکان ٿو. هتي مون وٽ هڪ به ڪاپي دستور العمل جي ڪانهي. مهرباني ڪري گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪاپيون ساري دستور العمل جون ڪرائي، ڪنهن ميٽنگ تي ايندڙ ماڻهو هٿ اهي ڪاپيون ڏياري موڪليندا، نه ته جيتوڻيڪ دستور العمل تي غور ڪرڻ لاءِ گڏ ٿينداسون پر هڪ ڪاپي به سامهون نه هوندي.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

1956-12-2

آفيس سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ (انگريزي)

ڪراچي

منهنجا پيارا سيد صاحب

اوهان کي معلوم آهي ته مولانا غلام رسول مهر اڄ ڪلهه بورڊ جي ”تاريخ سنڌ رٿا“ جي ٻن حصن (ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور) لکڻ ۾ مصروف آهي. مولانا صاحب پاران ڪلهوڙا دور تي ڪم اڳ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ اهو سندن نظرثانيءَ هيٺ آهي. انهن ڪتابن تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾، بورڊ مولانا مهر کي حوالن طور ڪتاب ۽ قلمي نسخا ڏنا هئا. اهو مواد وٽانئن واپس نه ٿيو آهي. مون مولانا کي اڳواٽ ئي لکيو آهي ته هو، اوهان جي هن ڀيري لاهور جي دوري وقت، اهو مواد اوهان جي حوالي ڪري. اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته مهرباني ڪري مولانا صاحب سان رابطو ڪندا ۽ بورڊ طرفان اهو عملي مخطوطن وارو مواد حاصل ڪري ڪراچيءَ کنيو اچجو. مواد جي اهميت ڀريي ۽ ناياب هئڻ جي مدنظر ان جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ، اهو طريقئه ڪار، مولانا مهر پاران سڌيءَ طرح ٽپال ۾ يا ريل پارسل رستي موڪلڻ کان وڌيڪ بهتر سمجهجي ٿو.

نيڪ تمنائن سان

اوهان جو مخلص

محمد ابراهيم جويو

سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

24 جنوري 1957ع

محترم سيد صاحب

السلام عليڪم:

بورڊ جي گرانٽن متعلق جيڪي ڪاغذ لاهور موڪليل آهن، تن جون ڪاپيون هن لفافي ۾ موڪليان ٿو. گرانٽ ٻن قسمن جو آهي: ساليانو گرانٽ هڪ لک روپين جو، ۽ ٻيو هڪ سماهي گرانٽ ڏهن لکن جو، مهرباني ڪري انهن گرانٽن جي پوئواري ڪندا.

اميد ته اوهين هر طرح خيريت سان هوندا.

اوهان جو،

محمد ابراهيم

*

سن

57-4-20

محبيم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

هڪ خط حيدرآباد ائڊريس تي موڪليو اٿم جو اميد ته پهتو هوندو، جنهن ۾ دنيا جي امن ڪانفرنس لاءِ نالا ڏنل آهن جي اهو خط اڃا نه موڪليو هجيئي ته ان ۾ وڌيڪ ميران محمد شاهه ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جا نالا هنن کان پڇي ڏيئي ڇڏج.

اميد ته خوش و خورم هوندين.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

23 اپريل 1957ع

محترم سيد صاحب

اوهان جو حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪليل خط ۽ پڻ هتي ڪراچيءَ جي ائڊريس تي موڪليل نوازش نامو، ٻيئي مليم.

اڄ حڪم مطابق خط ٽائيپ ڪرائي، ايئرميل ذريعي برلن روانو ڪيو اٿم. ان جي ڪاپي، ۽ اُتان آيل اصل خط هن سان گڏ موڪليان ٿو.

اسين پنهنجي آفيس سڀاڻي 24- تاريخ هن بلڊنگ مان کڻي، ’آگي قدم پريس‘ ۾ ڏيڍ مهيني لاءِ وڃي ويهنداسين. گهڻو فرنيچر، ڪتاب ۽ ٻيو سامان هتي ئي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري رکي ڇڏيو اٿئون. وري شايد 15 جون جي موٽي هن بلڊنگ ۾ اچڻ ٿيندو.(1)

آءٌ پهرين تاريخ مئي جي حيدرآباد ويندس، جتان اٺين تاريخ واپس موٽندس. ڏهين مئي جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ رکي اٿم. اميد ته اها تاريخ اوهان کي سهوليت ڀري معلوم ٿيندي.

 حسام الدين اڄ ڳوٺان هتي پهتو آهي، اڃا مون سان مليو نه آهي. البت ڳوٺان لکي موڪليو هئائين ته هاڻ اسان کي پنهنجي آفيس لاءِ هڪ سرڪاري بلڊنگ تي ڀاڙڻ نه گهرجي. پنهنجي ڪا جڳهه مسواڙ تي هٿ ڪري، اُتي پنهنجو ڪو ٺڪاڻو قائم ڪرڻ گهرجي.

 ميٽنگ ۾ اُن سلسلي تي به پاڻيهي ڪاميٽي ويچار ڪندي، آءٌ نهايت خيريت سان آهيان.

اميد ته اوهان جي صحت بحال هوندي، ۽ هر طرح خيريت سان آهيو.

اوهان جو

محمد ابراهيم

14- جنوري 1958ع            *

محترم سيد صاحب

السلام عليڪم:

روبرو عرض ڪيو هوم ۽ اوهان واعدو ڪيو هو ته سن پهچي، پنهنجي سوانح تي لکيل اردو ڪتابڙي(2) جي ڪاپي ڏياري موڪليندا. ”مهراڻ“ جو سوانح نمبر شايع ٿيڻ تي اچي بيٺو آهي؛ ان ۾ اوهان جي سوانح جو شامل ٿيڻ نهايت مناسب ۽ ضروري آهي. مهرباني ڪري انهيءَ ڪتابڙي جي هڪ ڪاپي ٻيءَ سموريءَ معلومات سميت جيڪا انهيءَ سلسلي ۾ اوهان ڏيڻ گهرو، ڏينهن ٻن ۾ ڏياري موڪليندا ته انهيءَ مواد جي بنياد تي مضمون تيار ڪري ”سوانح نمبر“ ۾ شامل ڪرائي سگهان.

اميد ته اوهين هر طرح بخيريت هوندا.

اوهان جو

محمد ابراهيم

سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي

*

13- مارچ، 1958ع

محترم سائين،

السلام عليڪم:

هن سان گڏ بورڊ جي عمارتن جي سلسلي ۾ جيڪو خط ڊي.پي.آءِ، لاهور، ڏانهن لکيو اٿم، تنهن جو نقل اوهان جي مطالعي لاءِ موڪليان ٿو.

هن خط ۾ هيٺيون ڳالهيون لکيون اٿم:

1. بورڊ ڏهن ايڪڙن جي زمين، سنڌ يونيورسٽيءَ کان حاصل ڪئي آهي.

2. عمارتن جي ڪل خرچ 20 لک روپيا لڳندو.

3. تعمير جملي 3 سال کائيندي.

4. تعمير جي پهرئين مرحلي لاءِ گورنمينٽ بورڊ کي ڏهه لک روپيا هن سال ڏئي، ۽ باقي رقم ٻن سالن ۾ منظور ڪري.

5. ڪهڙيون ڪهڙيون عمارتون ۽ ڪهڙن ڪهڙن مقصدن لاءِ، ۽ ڪيتريءَ وسعت واريون، بورڊ کي تعمير ڪرائڻيون آهن، انهن جو مختصر تفصيل.

مهرباني ڪري، هن ڪم جي مناسب پوئواري ڪندا. واجب ڄاڻو ته هيءُ خط، پنهنجي صحيح سان، وڏي وزير کي ڏيندا.

اوهان جو،

محمد ابراهيم

*

مڪرمي جناب محمد ابراهيم جويو صاحب

السلام عليڪم:

عرض ته جماعت خدام سنڌ Servants of Sindh Organization قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڀني مکيه ڪارڪنن جي ابتدائي ميٽنگ صبح جو 10:00 بجي تاريخ 28 مئي 1960ع تي بسنت هال حيدرآباد ۾ سڏائي ويئي آهي.

ان ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سائين جن کي دعوت عرض رکجي ٿي ۽ اميد ٿي ڪجي ته اوهين براءِ نوازش نئين وقت، تاريخ ۽ جاءِ تي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي قيمتي مشورن سان اسان جي رهنمائي ڪندا.

نيازمند

نور محمد پليجو

عارضي ڪنوينر ”جماعت خدامِ سنڌ“(1)

*

سن

64-2-5

جناب سيڪريٽري صاحب، سنڌي ادبي بورڊ

السلام عليڪم:

نظربنديءَ جي پابنديءَ، طبعيت جي علالت جا فرصت ۽ فراغت ميسر ڪري ڏني، ان جو فائدو وٺي پئي پڙهيو ۽ لکيو اٿم. پڙهيل احوال ته دماغ جي دفتر تي محفوظ ٿيندا وڃن. البت لکيل دفتر مان ڪجهه ونڊ ورڇ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بشرطيڪ ڪي خريدار هجن. لکيل ٻارهن ڪتابن مان ٻيا ته مون سان واسطو رکندڙ ڪهاڻيون آهن، سي جيئن ته انهن جو لکندڙ نظربنديءَ هيٺ آهي، تنهنڪري انهن کان آزاد سمجهي نٿو سگهجي. البت انهن مان ٽي ڪتاب اهڙا آهن جن جو مون سان واسطو نه آهي، بلڪه سنڌي ادب ۽ سوانح جي ڪتابن ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا.

1. سيد ميران محمد شاهه جا خط (تيار آهي)

2. سنڌ جي 102 مکيه ماڻهن جي زندگيءَ جو احوال (تيار آهي)

3. ڪافيون شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون (تيار ٿي رهيو آهي)

انهن کي ڇپرائڻ جو خيال اٿم. ادبي بورڊ سان قديم تعلقات ۽ انس هئڻ ڪري اول آڇ انهن کي ڪرڻ مناسب ڄاتم.

مون کي پتو نه آهي، ادبي بورڊ کي نيم سرڪاري اداري هئڻ ۽ بدليل ماحول ڪري مون جهڙي ماڻهوءَ جي ذريعي اهڙا بي ضرر ڪتاب به ڇپائڻ جي جرئت ٿي سگهندي يا نه! تنهنڪري لکي پڇان ٿو ته بورڊ وارن کان پڇي خبر پهچائيندا.

جيڪڏهن بورڊ اهي ڪتاب ڇپائڻ قبولي ته، هيٺين شرطن تي اهي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندس.

1. انهن جي قبوليت ۾ احوال پهرين اپريل کان اڳ اچڻ گهرجي ۽ ڪتاب 30 جون کان اڳ ڇپجڻ گهرجن.

2. پير حسام الدين شاهه راشدي انهن جو تعارف لکڻ لاءِ تيار آهي يا نه؟

3. پهريون ڪتاب سٺي پني ۾ ۽ پڪي جلد سان ڇپجڻ گهرجي. تصويرون گليزڊ پيپر تي ڇپڻيون پونديون.

4. ٻيو ڪتاب ”مهراڻ“ رسالي جو مشاهير نمبر ڪري ڇپايو وڃي، پر پنو سٺو، جلد پڪو ۽ تصويرون گليزڊ پني تي هجن.

5. ٽيون ڪتاب سٺي پني ۽ پڪي جلد سان ڇپجڻ ضروري آهي.

ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته بورڊ جي ڪاروبار هلائڻ وارن کي جواب ڏيڻ ۾ بعضي تڪليف ٿئي ٿي. ان ڪري 20 ڏينهن ترسندس. جي خط پهچڻ ۽  بورڊ اڳيان رکڻ وغيره بابت احوال نه آيو ته سمجهندس ته اڻ سڌيءَ طرح انڪار ٿيو آهي يا ڪن سببن ڪري انهن کي ان ڪم سان دلچسپي نه آهي. پوءِ آءٌ ٻيو بندوبست ڪندس. جي اتفاقاً بورڊ، خلاف توقع قدم کڻي، ڪتابن کي ڇپائڻ قبول ڪيو، ته اطلاع ملڻ تي ڪتاب پير حسام الدين شاهه جي حوالي ڪيا ويندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

66-3-28

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

اوهان کي معلوم هوندو، مون تان بندش لٿي آهي. صحت جي غير تسلي بخش، ماحول جي ناسازگاريءَ، عوام جي ناشعوريءَ، خواص جي خود مطلبيءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري سياست ۾ رهڻ نامناسب ڄاڻي سمورو وقت ثقافت جي خدمت لاءِ صرف ڪرڻ جو ارادو ڪيو اٿم. انهيءَ جي سروي ڪرڻ لاءِ قديم ڪلچرل ادارن جو گشت شروع ڪيو اٿم، شاهه صدر رح، قلندر شهباز، مخدوم بلاول تان ٿي آيو آهيان. هاڻ شاهه ڀٽائي، هالا، بلڙي، شاهه عنايت، ۽ درازن طرف وڃڻ جو ارادو ڪيو اٿم.

اِنهيءَ وچ ۾ ارادو آهي ته ڪجهه تاريخي مواد به ڪٺو ڪندو اچان. تنهنڪري هڪ ڦوٽي گرافر جي ضرورت آهي.(1) منهنجي گشت جو پروگرام هيٺينءَ طرح آهي:

4-5-6 اپريل حيدرآباد، مٽياري، شاهه ڀٽ، هالا.

10-11 بلڙي، شاهه عنايت، وغيره.

17-18-19 درازا ۽ ڏهرڪي وغيره.

ارادو آهي ته 4 تاريخ صبح 8 بجي نڪري ڪوٽڙي تعلقي جي مکيه جڳهن جا ڦوٽا وٺائيندو، 11 بجي حيدرآباد پهچان. پهريون قاضي صاحب(2) سان ملي، مرحوم ميران محمد شاهه جي عذرخواهيءَ لاءِ ٻپهرو وٽن ڪريان. اتان شام جو نڪري، رات اچي مٽيارين ۾ رهان. ٻئي ڏينهن صبح جو اتان نڪري، شاهه ڀٽ تان ٿيندو، هالا ۾ مخدوم صاحب وٽ وڃان. شام جو ڀاڻوٺ ۾ منهنجي سالي حاجي غلام شاهه جي عذرخواهيءَ لاءِ رات رهندس. 6 تاريخ صبح جو اتان نڪري وري وايا حيدرآباد ڳوٺ پهچندس.

اپريل 10 تاريخ صبح جو سن مان نڪري سعيدپور ايندس جتي ٻپهرو ڪري، شام جو شاهه عنايت جي درگاهه تان ٿي، رات اچي بلڙيءَ رهندس.

ٻئي ڏينهن مير غلام علي خان جي فاتحه خواني ڪري، سرهندي پيرن مان ٿيندو، وري وايا حيدرآباد ڳوٺ پهچندس.

17 تاريخ ڳوٺان نڪري محراب پور، مجيد ڪيريو ڳوٺ، سڪرنڊ مان ٿي نوابشاهه رات رهندس. ٻئي ڏينهن صبح جو اتان نڪري، درازن مان ٿي، روهڙيءَ ٻپهرو ڪبو. شام جو ڏهرڪيءَ مان ٿي، واپس روهڙيءَ ايندس. پوءِ 19 تاريخ، وايه لاڙڪاڻو، ڳوٺ پهچندس.

آءٌ نهايت شڪار گذار ٿيندس جيڪڏهن اوهان ڦوٽو گرافر جو بندوبست ڪرائي ڏيندا.

سلام غلام ربانيءَ کي ڏيندا. جواب لاءِ منتظر.

زياده خير و السلام

غلام مرتضيٰ

*

حيدرآباد سنڌ

66-4-10

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم: سڀاڻ  11 اپريل 6 بجي شام جو چند ترقي پسند ۽ غير متعصب اديبن ۽ اخبار نويسن سان ملڻ گهران ٿو. نهايت شڪار گذار ٿيندس جيڪڏهن اوهان کين ان وقت لاءِ دعوت ڏيئي مون سان يار محمد شاهه جي جاءِ تي ملڻ جو انتظار ڪرائيندا ته مهرباني.

اميد ته اوهين ۽ ٻيا دوست انهيءَ موقعي تي ملندا ۽ چاءِ اچي پيئندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

66-4-14

جناب من ميان محمد ابراهيم صاحب

السلام عليڪم:

سنڌ جون جملي درگاهون زماني قديم کان مرجع عام ۽ خاص پئي رهيون آهن.

انهن بزرگن سنڌ ڪلچر، اتحاد، امن، اخلاق ۽ اصلاح نفس لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي هئي.

بدقسمتيءَ کان ڪجهه وقت کان عوام ۽ خاص جو توجهه اصلي مقصدن کان هٽي، ساليانه زيارت ۽ تفريح طبعيءَ تائين محدود ٿيندو ويو.

جنهن کي مد نظر رکي، حڪومت کي دست اندازي ڪري ڪيترن درگاهن کي وقف هيٺ آڻي، ثقافتي ميڙن ڪوٺائڻ جي ضرورت محسوس ٿي.

ليڪن تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته قديم درگاهن جي سجادن جي دخل کي ڪڍي، صرف سرڪاري منتخب ڪيل ڪميٽين مقرر ڪرڻ سبب به، حالتون ٺيڪ ٿي نه سگهيون آهن. مورڳو اصلي مقصد فوت ٿيڻ لڳا آهن. ان ڪري چند اهل فڪر ۽ مخلص اصحاب جي مشوري بعد اهو طئي ٿيو آهي ته درگاهه جي سجادن، اديبن، تعليمي ماهرن ۽ ملڪ جي بهي خواهن جي مشترڪه مشورن سان جملي درگاهن کي هڪ مرڪزي نظام هيٺ آڻي، انهن کي قديم صحيح مقصدن جي حصول لاءِ مرڪز بنائجي. مون ڪيترن درگاهن جي سجادن سان مشورو ڪيو آهي، جن مان گهڻا انهيءَ تجويز سان متفق آهن. انهيءَ واسطي آءٌ هڪ آئيني مسوده تيار ڪري، صاحب جن جي خدمت ۾ ملاحظي لاءِ موڪليان ٿو. اهو ابتدائي مسودو آهي. ان ۾ ڦير گهير ٿي سگهي ٿي.

اوهان کي ان لاءِ موڪليان ٿو ته ان تي غور بعد مناسب ترميمون يا درستيون ڪري، مون ڏي موڪليندا ته پوءِ سنڌ جي مکيه سجادن ۽ چند اديبن ۽ بهي خواهن جي ميٽنگ سڏائي، دستور العمل ٺاهي، انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ عملي قدم کڻجي.

اميد ته خوش خرم هوندا.

غلام مرتضيٰ

حيدرآباد سنڌ

1966-4-30

محترم سائين!

اوهان جو نوازش نامو تاريخ 14 جو مليم. ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي مجوزه آئين جو خاڪو سائينءَ جن جو موڪليل پڙهي، ان ۾ ڪي ترميمون اشاري طور عرض رکي، خاڪو واپس خدمت ۾ موڪليان ٿو. اديبن، هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي عيوضين لاءِ ساليانه چندي جي ادائگيءَ ۾ انهن جي چونڊ يا نامزدگيءَ جا ٻه مسئلا اهم آهن. اهي ڪيئن حل ٿين. انهن تي پورو ويچار ٿيڻ گهرجي. منهنجو ته خيال آهي ته بزم جا بنيادي اٺ ميمبر سنڌ جي ادبي مجلسن، جماعتن ۽ تنظيمن مان، ڪن خاص جي فهرست ٺاهي، انهن کي جماعت تي ميمبرن موڪلڻ لاءِ تسليم ڪن، ۽ انهن ميمبرن لاءِ ساليانه چندي جو شرط به نه رکجي، پر جي رکجي ته ٿوري گهٽ رقم مقرر ڪجي. ڪاليجن ۽ اسڪولن جي سلسلي ۾ عرض آهي ته هڪڙا سرڪاري آهن ۽ ٻيا غير سرڪاري ۽ گرانٽ تي هلڻ وارا. بزم صوفياءِ سنڌ تي ميمبريءَ جو حق فقط غير سرڪاري ڪاليجن ۽ اسڪولن کي ڏنو وڃي، ٻيءَ حالت ۾ سرڪار شايد پنهنجن ڪاليجن ۽ اسڪولن کي بزم ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڪانه ڏيندي.

اميد ته سائين جن خيريت سان هوندا.

والسلام

اوهان جو

محمد ابراهيم جويو

*

سن

66-5-3

برادرم عزيز ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم: خط پهتو، احوال معلوم ٿيو.

اديبن، ڪاليجن ۽ هاءِ اسڪولن جي نمائندگيءَ لاءِ بزم صوفياءِ (سنڌ) جي بنيادي ميمبرن کي اجازت ڏيڻي پوندي. ان ڪري سرڪار جي اجازت نه ڏيڻ جي ضرورت ئي نه ٿيندي.

هر هڪ ڪاليج، هاءِ اسڪول، هڪ علحده انجمن ٺاهي، بزم صوفياءِ (سنڌ) کان تسليم ڪرائيندو.

بزم صوفياءِ (سنڌ) جا بنيادي ميمبر هيٺيان زير غور آهن:

1. 8 سجاده نشين درگاهه (آئين ۾ ڄاڻايل)

2. سيد غلام مصطفيٰ شاهه (بشرطيڪ کيس ۽ سرڪار کي ان ۾ اعتراض نه هجي)

3. محمد ابراهيم جويو

4. شيخ اياز

5. سيد عطا حسين موسوي

ٻئي به هڪ اڌ ترقي پسند اديب جو انهيءَ بنيادي ميمبرن ۾ اضافو ڪري سگهبو.

آءٌ بزم صوفياءِ (سنڌ) جي ميٽنگ مخدوم صاحب سان ڪراچيءَ ۾ ملڻ بعد اول خير مئي جي ٽئين هفتي ۾ مقرر ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو. آءٌ اول خير سڀاڻي 4 تاريخ ڪراچيءَ وڃي رهيو آهيان، ٻه هفتا کن اتي رهڻ جو ارادو آهي.

2. ڪتاب ”مشاهير سنڌ“ جي پوئين جلد ۾ نئين معلوم ٿيل احوال جو اضافو ڪرڻ آهي. اُهو]جلد[ ڪراچيءَ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ موڪليندا يا بزم صوفيه جي ميٽنگ لاءِ حيدرآباد اچڻ تي ڏسي درست ڪري سگهبو. پهرئين (حصي) ڪتاب جي مضمونن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ هڪ تجويز موڪليل هئي، الاجي اها اوهان وٽ آهي يا نه؟ پوئين ڪتاب وانگر ان کي مضمون وار ترتيب ڏيڻ گهريم، جيئن اديب، سجاده نشين، خاندان، آفيسر سياستدان جدا جاين تي هجن. اهڙي ترتيب اوهين به ڏيئي سگهو ٿا.(1)

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير و السلام

غلام مرتضيٰ

*

سنڌي ادبي بورڊ

3/ سول لائينس، حيدرآباد

No: NW/61-(64-66)-509

Date:6-5-1966

محترم سائين،

”مشاهير سنڌ“ جي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ جن شخصن جا ڦوٽا اوهان وٽان پهتل آهن ۽ جن جا نه پهتل آهن، تن جي ناليوار فهرست ٺاهي اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿي. جيڪي ڦوٽا اوهين مهيا ڪري سگهو، ان جي مهرباني ڪندا، چند ڦوٽا اسان به هٿ هٿ ڪري سگهنداسون، فهرست ۾ اهڙن شخصن جي نالن اڳيان ڳاڙهيءَ پينسل سان نشان ڏنل آهن، ڪن شخصن جا وري ڦوٽا اوهان وٽان مليل آهن، پر سندن حياتيءَ جو احوال لکيل نه آهي. انهن ماڻهن جا نالا به شامل فهرست ۾ ڄاڻايل آهن.

2. اوهين مهرباني فرمائي پنهنجي آئينده پروگرام کان اسان کي واقف ڪندا ته ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالهه اوهان کان پڇڻي هجي ته اوهان کي اُتي خط لکون.

3. ڪجهه عرصو اڳ اوهان هڪ ڪتاب ڪراچيءَ جي هڪ ڪتب فروش Every man Book House واري کان ورتو هو. اهو ڪتاب ڪهڙو هو، تنهن جو نالو اسان کي ياد نه آهي، پر اهو ڪتاب اسان جي معرفت ورتو ويو هو، چنانچه اهو ڪتب فروش هڪ اڌ دفعو اسان وٽ پئسن لاءِ آيو هو. اسان به کانئس ڪتاب وٺندا رهندا آهيون. اوهان جي پئسن لاءِ کيس چيو ويو هو ته سائينءَ کان پڇي پئسا ڏينداسون. هاڻي اوهان اتي ڪراچيءَ ۾ آهيو. مهرباني ڪري انهيءَ ڪتب فروش کي پئسن جي ادائگي ڪندا. سندس ائڊريس هيءَ آهي:

Every man Book House

30- Frere Road Market, Karachi-1 Phone:73818

فون جي باري ۾ خاطري نه آهي ته اڃا وٽس آهي يا نه. ڪتب فروش جو نالو صفدر (مهدي) آهي. اوهان کي جيڪڏهن ڪو ڪتاب گهربل هجي. جو ٻئي هنڌان آسانيءَ سان ملي نه سگهي ته ان لاءِ به کيس چوندا ته اوهان کي هٿ ڪري ڏيندو.

اميد ته اوهين هر طرح بعافيت هوندا.

والسلام

محمد ابراهيم،

اعزازي سيڪريٽري،

سنڌي ادبي بورڊ.

*

ڪراچي

66-6-28

سلامت باشيد

محبيم رباني صاحب

السلام عليڪم: شامل خط خاص ماڻهوءَ هٿ جويي صاحب ۽ يار محمد شاهه کي پهچائي اطلاع ڏيندا. ڪتاب جي ڇپائيءَ جو ڪم تيزيءَ سان هلي رهيو آهي يا نه؟ ڏهن نوَن ماڻهن جي حياتيءَ جو احوال ڳوٺ پهچڻ بعد موڪليندس، انهن کي به ان (ڪتاب) ۾ داخل ڪندا.

اميد ته خوش خورم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

ڪراچي

66-6-28

برادرم جويو صاحب

السلام عليڪم:

آءٌ پنهنجا پروگرام سيڙائي ميٽنگ لاءِ ڪراچيءَ آيس، پر اوهان مان ڪوبه ڪونه آيو! هاڻ 1-2 آگسٽ تي پروگرام رکيو ويو آهي. ائين نه ٿئي ته اوهان اج اتر سنڌ وارا دوست ساڳي روش اختيار ڪن. ان کي آءٌ نه صرف لاغرضائي سمجهندس، پر بي پرواهي ۽ بي جوابداري، ڪم ڪرڻو آهي ته وقت سيڙائي، قرباني ڪري ڪم ڪبو، نه ته ٺلهين ترقي پسندين جي دعوائن جي ڪابه معنيٰ نه ٿيندي.

2- 1 ۽ 2 آگسٽ لاءِ يار محمد شاهه سان صلاح ڪري، اشتهار ڇپائي، ساريءَ سنڌ ۾ موڪلڻ گهرجن، مون رٿ ڪئي آهي ته پير صاحب غلام حيدر شاهه بلڙيءَ واري کي پهرينءَ نشست جو صدر ڪجي. آءٌ مجلس ۾ شرڪت لاءِ صوفي جهوڪ، سجاده نشين سچل سرمست، سجاده نشين شاهه لطيف ۽ سجاده نشين عالي، ٺٽه، ۽ سجاده قلندر شهباز کي دعوتون موڪليان ٿو.

درگاهن جي ميلن کي ثقافتي مرڪز بنائڻ لاءِ انهن جي تعاون جي ضرورت ٿيندي. اوهان اياز صاحب يا تنوير عباسيءَ کي چوندا ته انهيءَ موقعي تي سچل جي سجاده نشين کي پاڻ سان گهلي اچن. اوهين ساريءَ سنڌ جي ترقي پسند اديبن ۽ قومي ورڪرن کي ان صورت لاءِ دعوتون موڪلرائيندا.

3. سنڌ جي ڏهن قومي هيروز ۾ مون هيٺيان داخل ڪرڻ گهريا آهن. وڌيڪ اضافي يا گهٽتائيءَ لاءِ مشورو ڏئي سگهو ٿا.

اوهان جا اديب ايترو مشغول آهن ۽ ڳالهيون وڏيون ۽ عمل ٿورو! ڪم جي سرانجاميءَ جي منجهن اميد نه آهي. ان ڪري مون اهو ڪم پنهنجي ذمي کنيو آهي. ان لاءِ پهرين پنجن بزرگن جي زندگيءَ جي احوال هٿ ڪرڻ لاءِ منهنجي مدد ڪندا.

1. دودو سومرو (مسٽر ممتاز پٺاڻ، عبدالمجيد ميمڻ

2. نواب دريا خان (مسٽر الانا خواجه يا ڪي ٻيا صاحب ان ڪم ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.)

3. مخدوم بلاول عليه (پير حسام الدين شاهه مدد ڏئي سگهي ٿو.)

4. مير شير محمد خان ٽالپر (ڪنهن مير يا ٻئي پڙهيل ماڻهو کان مدد وٺجي.

5. مولوي عبيدالله سنڌي صاحب (مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي تي ڪم رکجي).

6. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي (مون تيار ڪيو آهي.)

7. سيٺ هرچند راءِ وشنداس (مون تيار ڪيو آهي.)

8. مسٽر جمشيد نسروانجي مهتا (مون تيار ڪيو آهي.)

9. مرحوم الهه بخش سومرو (مون تيار ڪيو آهي.)

10. شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌي (مون تيار ڪيو آهي.)

4. منهنجو ٺٽي وارو مضمون ڪنهن رسالي يا اخبار ۾ اچڻ گهرجي. آئينده هر ڪانفرنس جي مقالن ۽ تقريرن جي اختصار کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ جو انتظام ڪبو.(1)

5. جهوڪ شريف تي 12-13 آڪٽوبر جي ادبي ۽ ڪلچرل ڪانفرنس جو هينئر ئي خيال رکن گهرجي، جيئن اسان جا دوست سندن پروگرام ان مطابق بيهارين.

اهڙيءَ طرح سان 29 ڊسمبر شام جو 4 بجي شاهه عبداللطيف تي ثقافتي ڪانفرنس جو خيال به پروگرام ۾ شامل ڪجي.

آءٌ 20 تاريخ تائين هتي آهيان، اول خير پهرينءَ جولاءِ تي ڳوٺ ويندس.

سلام رباني صاحب ۽ ٻين کي رسن.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

66-11-26

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

ڪالهه گذريل ڇهن مهينن جي بزم صوفياءِ سنڌ جي ڪاروائيءَ جو مضمون امداد هٿان موڪليو اٿم، جو اميد ته پهتو هوندو.

تجويز آهي ته اها رپورٽ ۽ اڳيان ڇپيل بُڪليٽ گڏي، ڪتابي صورت م آڻي، 15 سَون جي تعداد ۾، جملي هاءِ اسڪولن، وڪيلن، ڪاليجن، مکيه پرائمري اسڪولن، قومي ڪارڪنن، اديبن ۽ شاگردن کي موڪلجن. اوهين ڇپائيءَ جا اڳيان پئسا ارباب نور محمد ۽ يار محمد شاهه کان ٻه ٽي دفعا تاڪيد ڪرائي، وصول ڪري، پريس واري کي ڏيندا. رپورٽ کي درست ڪرڻ بعد ڇپڻ لاءِ ڏيندا. انشاءَ الله هفتي اندر ٻه سئو روپيا ائڊوانس ڇپائيءَ لاءِ ڏياري موڪليندس.

2. ڪاليجن، هاءِ اسڪولن، پرائمري اسڪولن ۽ وڪيلن جي لسٽ حاصل ڪري، مون ڏي موڪلڻ جو انتظام ڪندا.

3. ڪانفرنس ۾ پاس ڪيل ٺهرائن بابت مختلف صاحبن تي رکيل ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ کين تاڪيد ڪرائيندا.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

66-11-30

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

هڪ خط ۾ ششماهي بزم صوفياءِ سنڌ جي رپورٽ پهتي هوندي. اميد ته ان کي درست ڪري ڇڏيو هوندوَ. ٻه سئو روپيا موڪليان ٿو، ان کي ڇپڻ لاءِ ڏيندا. مون تجويز ڪئي آهي ته چوڏهن سئو ڪاپيون رپورٽ سوڌيون ڪتاب جون خطبن سميت تيار ڪرائي، رواجي جلد ٻڌرائي، سنڌ جي جملي ڪاليجن، هاءِ اسڪولن ۽ وڪيلن وغيره کي موڪليان. ان ڪري هيڏانهن موڪليل جملي ڪاپيون جلد ٻڌائي رکيون اٿم. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پريس واري يا ته ڪاپيون پوريون نه موڪليون آهن، يا وچ ۾ ڪتابن سان هٿ چراند ٿي آهي. هن وقت ڪتابن جي هيٺ:ن پوزيشن آهي:

1. ڇهن ڪاپين جا صرف 30 ڪتاب آهن 1400 ۾ اڃا پهرئين جلد جون 1370 ڪاپيون کپنديون.

2. چئن ڪاپين جا صرف 15 ڪتاب آهن جن ۾ پهرئين ۽ ڇهين نمبر وارا خطبا نه آهن.

4. ٽن ڪاپين جا صرف 246 ڪتاب اهن، جن ۾ پهريون، پنجون ۽ ڇهون خطبو ڪونه آهي.

5. ٻن ڪاپين جا صرف 186 ڪتاب آهن جن ۾ به پهريون، پنجون، ڇهون نه آهن.

6. هڪ ڪاپي 1400 ڪتاب آهن، يعني چوٿون يعني 14 سؤ ڪاپيون آهن.

انهي ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ ڇهن خطبن جون هيٺينءَ طرح ڪاپيون هٿ ڪرڻيون پونديون.

1. پهريون خطبو 1370

2. ٻيو خطبو             284

3. ٽيون خطبو            93

4. چوٿون خطبو  

5. پنجون خطبو   560

6. ڇهون خطبو   600

نوٽ: معلوم ائين ٿئي ٿو ته پهرئين، پنجين ۽ ڇهين جون ڪاپيون هُن گهٽ ڏنيون آهن. پهريون ته ڇپائڻو پوندو، پنجين، ڇهين جون گهٽ ڏنل ڪاپيون هن کان وٺڻيون آهن. باقي ڪاپين لاءِ جانچ ڪرائي هٿ ڪرائيندا.

اميد ته خوش خرم هوندا.

- غلام مرتضيٰ

*

سن

66-12-8

برادرم محمد ابراهيم

السلام عليڪم: هڪ خط ٽپال ۾ موڪليو اٿم، اميد ته مليو هوندوَ. رپورٽ جو ڪتاب درست ڪري ڇاپائڻ لاءِ ڏنو هوندوَ. 200 روپيا صوڀي هٿ موڪليان ٿو. خط پٽ جو جواب ڪونه ٿا موڪليو.

2. ڪالهه اسد الله شاهه جو ڪتاب مليو، ڇا هو ولايت کان موٽي آيو آهي، يا نه؟

3. وڏيري نور محمد ۽ يار محمد شاهه پريس واري کي پئسا ڏنا يا نه، جي نه ته انهن کي خط لکي تاڪيد ڪرائيندا.

4. رهيل ڪتاب پريس وارن کان 5-6 ۽ پهرئين (خطبي) جا حاصل ڪندا.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

سن

1966-12-12

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم: خط پهتو، احوال معلوم ٿيو. اوهين جيڪڏهن سمجهو ٿا ته هڪ هزار ڪاپيون درست ڪرائجن ته بهتر آهي. ان ڳاڻيٽي ۾ اوهان هڪ چُڪ ڪئي آهي ته پنجين ۽ ڇهين ٻنهي خطبن جون ڪاپيون پوئين دفعي گهٽ آيون هيون، جو ٻئي گڏ ڇپيا هئا. اهي هٿ ڪبيون تڏهن هزار ڪاپيون پوريون ٿينديون.

2. جن دوستن تي ميلن جي لسٽ تيار ڪرڻ جو ڪم رکيل هو، انهن کي خط لکي تاڪيد ڪرائيند ته ميلن جون لسٽون هر هڪ ضلعي مان موڪلين.

جريان نمبر- ڳوٺ جو نالو، تعلقي ۽ درگاهه جو نالو، سجاده نشين، تاريخون، ايندڙن ماڻهن جو تعداد، اهو سڀ احوال گهرج ۾ ايندو.

3. ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي آفيس مان ڪاليجن، هاءِ اسڪولن، مڊل اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي لسٽ هٿ ڪرڻ جو بندوبست ڪري موڪليندا. پرنسپالن ۽ هيڊ ماسترن جي نالن جون لسٽون به کپن.

4. سنڌ جي مکيه اديبن، ادبي سنگتن، شاعرن جون ائڊريسون به موڪليندا ته لٽريچر موڪلڻ لاءِ ڪم آڻجن.

5. ڪتاب ”نَوَرتن“ ٻه هزار ڪاپيون سٺي پني تي ڇپائڻ تي ڪيترو خرچ ايندو، ان جي اسٽيٽمينٽ ڪري موڪليندا ته ڇپائڻ لاءِ انتظام ڪرائجي.

 6. ڪراچيءَ ۾ پريس بابت انتظام ڪجو.

7. ”جنب گذاريم جن سين“ (جو ڪم) ڪيتريءَ حد تائين پهتو آهي؟ سڄو ڇپجي وڃي، ته مون کي ڪاپي موڪليندا ته غلط نامي لاءِ درستيون ڪري موڪليانوَ. ڦوٽن هٿ ڪرڻ لاءِ ڪهڙو انتظام ڪيو اٿوَ!

8. ڪمشنرن کي خط لکڻ لاءِ پليجي صاحب تي ڪم رکيل هو، پر وڪيل اڪثر مشغول رهڻ ڪري ڪم ۾ سستي ڪندا آهن. اوهين خط ۽ آئين جي انگريزي ڪاپي تيار ڪرائي، هن کان صحي وٺي موڪلڻ جو انتظام ڪندا.

اميد ته خوش خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

ناتال ۾ حسام الدين شاهه ۽ اوهين ٻه ٽي دوست ٻن ڏينهن لاءِ هوند اچو ته رهاڻيون ڪجن.

*

سن

66-12-16

عزيزم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

هڪ خط ٽيو ڏينهن ٽپال ۾ موڪليو اٿم، اميد ته پهتو هوندو. ان ۾ ڪاليجن، هاءِ اسڪولن، مڊل اسڪولن، پرائمري اسڪولن، (سنڌ جي) ميلن ۽ اديبن ۽ شاعرن جي لسٽ هٿ ڪرڻ لاءِ لکيو هئم ۽ ٻيا ٻه ٽي ڪم لکيا هئم.

2. هيءُ مضمون، ميرپور بٺوري واري خطبي جي ٽڪر جو غلام احمد شاهه موڪليو آهي؛ لفظي ترجمو ٿيل آهي، ان جي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ان ڪري اوهان ڏي موڪليان ٿو.

3. رشيد ڀٽيءَ رمضان کان پوءِ بيدل فقير جي درگاهه تي بزم صوفياءِ سنڌ جي اجلاس رکڻ لاءِ لکيو آهي، پر تاريخ ڪانه ڏني اٿس.

آءٌ به کيس لکان ٿو، اوهين به لکون ته اها مجلس يا 12 جنوري 1967ع آچر يا 22 جنوري آچر تي رکن.

ذوالقعد مهيني جي 6 تاريخ مطابق 16 فيبروريءَ تي شاهه عبدالڪريم رضه بلڙيءَ جو ميلو آهي، ان تي پير غلام حيدر شاهه صدر جماعت صوفياءِ سنڌ بزم جو اجلاس منعقد ڪيو آهي: اهڙو اطلاع ميان نور محمد پليجي موڪليو آهي.

خيرپور وارن دوستن کي وري 7 ذوالحج مطابق 20 مارچ 1967ع تي اجلاس ڪرڻ گهرجي. ان کان پوءِ محرم مهينو آهي جنهن ۾ بزم جو اجلاس ڪري نه سگهبو: درازن جو بزرگ اهل تشعيت طرف مائل آهي، 10 ذوالحج کان پوءِ هنن لاءِ محرم شروع ٿئي ٿو.

4. آخوند عنايت الله ڪارائتو ماڻهو آهي، ان کي حسام الدين شاهه يا غلام مصطفيٰ شاهه کي چئي، وري بورڊ ۾ رکائڻ جو بندوبست ڪندا؛ جي انهن مان ڪنهن کي منهنجي چوڻ جي ضرورت هجي ته چوان.

5. ”جنب گذاريم جن سين“ خبر نه آهي ڪهڙيءَ حد کي پهتو اهي! مڪمل ٿي وڃي، ته درست ڪرڻ لاءِ موڪليندا، ته اهي درستيون ڀل نامي لاءِ تيار ڪجن.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

66-12-28

برادرم محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

25-26 تاريخ حيدرآباد هوس پر ملڻ ٿي نه سگهيو، اوهين شايد دوستن ۽ ميٽنگن ۾ مشغول هئا.

2. پنجين ۽ ڇهين ڪانفرنس جا ڪتابڙا پهتا. اهي ٻين ڪتابن مان ڪٺا ڪرائي اوهان کي موڪليان ٿو، جن ۾ پهريون (خطبو) ۽ رپورٽ شامل ڪري، جيترا به تيار ٿي سگهن اهي ڪرائيندا. اميد ته پليجي ارباب نور محمد پئسا ڏنا هئا. مون کان يار محمد شاهه وارو هڪ سو ڪو وٺڻ ڪونه آيو، ڪتابن سان گڏ موڪليندس.

3. هيٺئين مضمون وارو خط مون هيٺين صاحبن ڏي موڪليو آهي، ٻين ترقي پسند شاعرن جي لسٽ ڪانه اٿم، اوهان ان جو نقل ڪرائي باقي رهيلن کي موڪليندا ته مهرباني:

(1) شيخ اياز صاحب (2) رشيد ڀٽي صاحب (3) تنوير عباسي صاحب (4) عبدالڪريم صاحب (5) نياز همايوني صاحب (6) محمد خان مجيدي.

خط جو مضمون

جناب من

السلام عليڪم!

تجويز آهي ته ڪن مضمونن تي ڪافيون يا گيت ۽ بيت ٺهرائي، ننڍو ڪتاب ڇپائي، ڳوٺن ۾ ورهائجي ته عام ماڻهو اهي ڪلام ڳائڻ لڳن.

شعر اهڙو هجي، جو هيٺين چند سرن مان ڪنهن هڪ ۾ ڳائي سگهجي، مصراعون پنجن کان مٿي نه هجن:

ڪلياڻ، ڪوهياري، جوڳ، ڀيروي، پيلو، راڻو، ڀاڳيسري، ديس، ملار، کماچ وغيره. هر هڪ ڪلام مان ڪجهه بيت به ساڳئي مضمون تي ٺاهيا وڃن، جي راڳڻي طور ڪتب اچي سگهن. انهن ڪلامن کي نه رڳو پنهنجي بزم صوفياءِ سنڌ ۾ ڳارائبو، پر انهن جا رڪارڊ ڀرائي هوٽلن تي وڄائڻ جو انتظام ڪرائبو (ان ڪم سرانجام ڪرڻ جو ذمو هڪ دوست کنيو آهي).

هيٺين مضمونن تي ڳائڻ لاءِ شعر ٺهرائڻا آهن:

1. سنڌ جو نيشنل ائنٿم (قومي گيت)، جومجلس جي آغاز ۽ اختتام ٿي ڳائجي. ساز به وڄائي سگهجي، ٻن مصراعن تي هجي. هڪ دوست ساز جي انتظام ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي.

2. سنڌي نئشنلزم جي جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ گيت يا ڪافي يا غزل ۽ بيت ٺهرائڻ.

3. سنڌي زبان لاءِ محبت ۽ ان جي ترقيءَ ۽ حفاظت لاءِ گيت يا ڪافي يا غزل ۽ بيت ٺهرائڻ.

4. مذهبي رواداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪٽرپڻي دور ڪرڻ لاءِ گيت يا ڪافي يا غزل ۽ بيت ٺهرائڻ.

5. سنڌ جي سياسي، اقتصادي ۽ ذهني آزاديءَ لاءِ گيت يا ڪافي يا غزل ۽ بيت ٺهرائڻ.

6. ماڻهن مان نفرت ۽ نفاق ڪڍي، محبت ۽ميلاپ جي فضا پيدا ڪرڻ لاءِ گيت يا ڪافي يا غزل ۽ بيت ٺهرائڻ.

7. خود مطلبي ڪڍي، قومي مفاد لاءِ شخصي مفاد کي قربان ڪرڻ جو مادو پيدا ڪرائڻ لاءِ گيت يا ڪافي يا غزل ۽ بيت ٺهرائڻ.

اميد ته اوهين دوستن سميت ان طرف توجهه ڏيندا ۽ جلد از جلد اهڙي مواد ڪٺي ڪرائڻ ۾ مدد ڪري مون ڏي موڪيلندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

8. ”نوَرتن“ ڪتاب جي اسٽيميٽ لاءِ اوهان کي لکيو هوم. مون کي ياد نه ٿو اچي. شايد اوهان ٻن هزار ڪتاب جي ڇپائيءَ تي خرچ جو تخمينو اڍائي هزار روپيا ٻڌايو هو. تصديق اچڻ تي ئي اهي پئسا اوهان ڏي موڪلي ڏيندس، جو اوهين ڇپائڻ شروع ڪرائيندا پر ان ۾ درستين ڪرڻ ۽ پوريءَ طرح ڇپائڻ جو سمورو بار اوهان تي آهي.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

66-12-29

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم، هڪ خط ڪالهه موڪليو اٿم. خطبن جا ڪتاب تيار ڪرايا اٿم، اهي هيٺينءَ طرح بيٺا آهن:

1. پهرئين (خطبي) کان سواءِ (پنجن جا) ڪتاب 1075

2. پهرئين ۽ ٻئي (خطبي) کان سواءِ چئن جا ڪتاب 170

1245

3. 4-5-6 (خطبي) جا ڪتاب 200

جيئن ته اوهان چيو هو ته اهي ڪتاب پهرئين (خطبي) ۽ رپورٽ گڏي جلد ٻڌڻ لاءِ ايڏاهين موڪليان، ان ڪري جيپ يا لاري ان طرف اچڻ تي ڪتاب ايڏاهين موڪليندس.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

67-3-10

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

ٻه هفتا ٿيا ته برادرم يار محمد شاهه جي هٿان ”جنب گذاريم جن سين“ جي درست ٿيل ڪاپي بمع ڀلنامي وغيره جي موڪلي هيم، اميد ته پهتي هوندي. اها ڪڏهن تيار ٿيندي! ڦوٽن هٿ ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيل آهي؟ ڪيترا مليا آهن، باقي ڪيترا رهيا آهن! ڪن جا بلاڪ ڪڍايا اٿوَ يا نه؟

2. نورتن جي ڇپائيءَ جو ڪم ڪٿي پهتل آهي. مولانا آزاد ۽ علامه اقبال جي زندگين جي احوال کي بار بار پڙهيو اٿم، ان ۾ مون کي ڪابه اهڙي ڳالهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي جا حذف ڪجي يا ترميم ڪجي، البت جي گرامر ۽ ٻوليءَ جي درستي ٿي سگهي ته بهتر.

3. برادرم حسام الدين شاهه انٽروڊڪشن لکي موڪليو يا نه.

4. پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندا ڪريو. ڪيترا ڏينهن گذريو وڃن ته احوال ڪونه ٿا موڪليو.

زياده خير السلام

غلام مرتضيٰ

قلم تازو- حشمت ڪيولراماڻيءَ جو خط آيل آهي، هن کي ميران محمد شاهه جي خطن جو ڪتاب ڪونه پهتل آهي، جو موڪليندا.

2. ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ کي به هيٺينءَ ائڊريس تي اهو ڪتاب موڪليندا.

3. بزم صوفياءِ (سنڌ) جا مجلد ڪتاب قاضي فيض محمد کي موڪلڻ لاءِ اِتي ڇڏيل هئا، اهي موڪليوَ يا نه؟

Kumari Jethi Sapahimalani

Ali ABAD

4th Floor near Church gate Station

Bombay-1, Bharat

سلام ربانيءَ کي رسن.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

”نَوَرتن“ ۾ نَوَن ئي ليڊرن جا ڦوٽا ڏيڻا آهن. اهي ”رتن جوت“ (ڪتاب) ۾ آهن.

*

سن

67-4-7

برادرم عزيز ميان يار محمد شاهه

السلام عليڪم

هڪ خط ٽپال ۾ موڪليو اٿم، اهو اميد ته پهتو هوندو. وڏيري نور محمد پليجي کان به احوال معلوم ٿيو هوندو ته بزم صوفياءِ سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ 9 اپريل 1967ع سن ۾ صبح جو 9:00 بجي رکيل آهي. سڀني صاحبن کي عرض ڪيل آهي، اڳئين ڏينهن 8 تاريخ شام جو اچن ته ٻئي ڏينهن سويرو ڪم ۾ حصو وٺي سگهن. اوهين مهرباني ڪري ضرور ايندا، ٿي سگهي ته شيخ عبدالمجيد صاحب کي به ساڻ آڻيندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سائين!

يار محمد شاهه هيءُ جنسي خط اسان کي ملاحظه لاءِ موڪليو آهي. سندس چوڻ آهي ته هو اڄ شام جو هڪ جيپ ۽ هڪ فادر جيپ اسان وٽ آڻيندو.

- غلام رباني(1)

*

سن

جناب من محمد ابراهيم جويو

السلام عليڪم: بزم صوفياءِ سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس 9- اپريل 1967ع سن ۾ گڏ ٿيو. ان جي ڪاروائي اوهان جي واقفيت لاءِ موڪلجي ٿي.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

67-5-2

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

ڪارڊ پهتو- احوال معلوم ٿيو، مون کي ٽيءَ رات وري دل جي ڌڙڪ ٿي پئي، ان ڪري اڃا طبعيت ڪمزور آهي، نئين سر مضمون ”روح رهاڻ“ لاءِ لکي حڪم جي پورائي ڪري نٿو سگهان. شاهه ڪريم جي ميلي جي موقعي لاءِ لکيل مضمون موڪلي ڏيان ٿو، مناسب ڦير گهير سان ان کي داخل ڪري سگهو ٿا. اميد ته خوش خرم هوندا. ”جنب گذاريم جن سان“ جو ڪم رليو پيو آهي، مهرباني ڪري ان جي ترت مڪمل ڪرائڻ جو بلو ڪريو.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

67-5-20

جناب من محمد ابراهيم جويو صاحب

السلام عليڪم: بزم صوفياءِ سنڌ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس 9- اپريل 1967ع تي سن ۾ گڏ ٿيو جنهن ۾ هيٺين پاس ڪيل ٺهرائن سان اوهان جو تعلق آهي، ان ڪري انهن جي سرانجاميءَ لاءِ هي ٺهراءَ اوهان ڏي موڪلجن ٿا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

اجلاس ۾ پاس ٿيل ٺهراءَ.

 

ٺهراءَ نمبر پهريون:

سنڌ جي صوفياءِ ڪرام جي درگاهن کي بزم صوفياءِ سنڌ جي نالي سان عوام جي نفسياتي اصلاح، اخلاقي درستي، پيغامِ محبت، سنڌي ڪلچر جي ترقي، درگاهن ۽ سجادن جي حقوق جي حفاظت لاءِ منظم ۽مرتب ڪرڻ لاءِ هيٺين ائڊهاڪ ڪاميٽي، وڌيڪ سجادن ۽ اديبن جي اجازت سان نالا وڌائڻ جي اختيار سان، برپا ڪجي ٿي:

1. پير سيد غلام حيدر شاهه صاحب، سجاده نشين، درگاهه شاهه ڪريم عليه رحمت، چيئرمين

2. پير سيد شاهه ڏنو شاهه، سجاده نشين، درگاهه شاهه لطيف عليه رحمت، ميمبر

3. صوفي ارشاد عباس صاحب، سجاده نشين، درگاهه شاهه عنايت عليه رحمت، ميمبر

4. سيد علي اصغر شاهه سجاده نشين، درگاهه سيد عالي شيرازي ٺٽه، ميمبر

5. صوفي عبدالحق، سجاده نشين درگاهه سچل سرمست عليه رحمت، ميمبر

6. سيد غلام مرتضيٰ شاهه، سجاده نشين، درگاهه سيد حيدر عليه رحمت، ميمبر

7. پير سيد حسام الدين شاهه، اديب سنڌ، ميمبر

8. مسٽر محمد ابراهيم جويو، اديب سنڌ، ميمبر

9. شيخ مبارڪ اياز، اديب سنڌ، ميمبر

10. مولوي غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي، اديب سنڌ، ميمبر

11. قاضي فيض محمد، اديب سنڌ، ميمبر

12. مسٽر رسول بخش پليجو صاحب، اديب سنڌ، ميمبر

 

ٺهراءَ نمبر 3:

انهن قومي هيرن جي سوانح حيات لکڻ لاءِ اديب صاحبن کي عرض ڪجي ته هو سوانحون تيار ڪري ڇهن مهينن اندر بزم جي صدر دفتر ۾ براه نوازش موڪلين.

يڪراءِ بحال ٿيو ته هيٺ ڏيکاريل تفصيل موجب اديب صاحبن کي عرض ڪجي ٿو ته هو سوانحون لکي تيار ڪري ڇهن مهينن اندر صدر دفتر ۾ براهِ ڪرم موڪلي ڏين، اهو چوڻ کين عرض ڪجي ٿو ته اهي سوانحون هڪ سو کن صفحن تي مشتمل هجن.

1. دودو اعظم: لکندو پروفيسر محرم خان، ذميدار جويو صاحب

2. دريا خان: لکندو غلام رباني صاحب، ذميدار جويو صاحب

3. مخدوم بلاول: لکندو جناب جي. ايم. سيد صاحب

4. شهيد شاهه عنايت: لکندو شيخ اياز صاحب جنهن جي مدد ڪندا رباني صاحب ۽ جناب جي. ايم. سيد صاحب

5. شير سنڌ مير شير محمد خان: لکندو مولانا غلام محمد گرامي صاحب

6. هوشو: لکندو مولانا غلام محمد گرامي صاحب

7. ديوان هرچند راءِ: لکندو جويو صاحب

8. غلام محمد خان ڀرڳڙي: لکندو جويو صاحب

9. شهيد الهه بخش سومرو: لکندو جناب جي. ايم. سيد صاحب

10. شهيد هيمون ڪالاڻي: لکندو غلام رباني صاحب

11. مائي بختاور شهيد: لکندو غلام محمد خان لغاري صاحب

12. جمشيد نسروانجي: لکندو شيخ اياز صاحب

 

ٺهراءَ نمبر 4:

رٿ آئي ته شاعرن ۽ اديب صاحبن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪجي، جا قومي شعر هٿ ڪري، ڇنڊي ڇاڻي، ڇهن مهينن اندر، قومي شعر جو مجموعو بزم جي صدر دفتر ۾ پيش ڪري.(1)

يڪراءِ بحال ٿيو ته هيٺين صاحبن کي انهيءَ ڪميٽيءَ تي معمور ڪجي ۽ مٿين مقصدن جي تڪميل لاءِ کين عرض ڪجي ٿو.

1. جناب شيخ اياز صاحب

2. جناب تنوير عباسي صاحب

3. جناب ميان يار محمد پنهور صاحب

4. جناب رشيد ڀٽي صاحب

5. جناب محمد ابراهيم جويو صاحب

 

ٺهراءَ نمبر 5:

رٿ آئي ته قومي راڳ لاءِ گيت، ڪافيون، شعر گڏ ڪري، سٺن ڳائيندڙڻ کان رڪارڊ ڪرائي، سنڌ ۾ پکيڙجن، جيئن قومي جذبو پيدا ٿئي ۽ وڌي. ان ڪم لاءِ هيٺين دوستن جي ڪميٽي مقرر ڪجي:

يڪراءِ بحال ٿيو ته ان مواد گڏ ڪرڻ لاءِ 1. جناب جويو صاحب، 2. جناب جي. ايم. سيد صاحب، 3. مولانا غلام محمد گرامي صاحب، 4. عبدالستار صاحب کي عرض ڪجي ٿو.

*

محترم جناب جويو صاحب

السلام عليڪم:

عرض سنڌ سوشل ورڪس جي ائڊهاڪ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ٿي رهي آهي. انهيءَ موقعي تي ميمبرن جي اعزاز ۾ ٻن پهرن جي کاڌي جي دعوت مرحبا ڪميٽيءَ جي طرفان ڏني پئي وڃي. دعوت ۾ سائين جن به براهه نوازش شريڪ ٿي اسان کي ممنون مشڪور ڪرڻ فرمائيندا.

دعوت بسنت هال ۾ 2 بجي منجهند تاريخ 28 مئي 1979ع مقرر ٿيل آهي.

اوهان جا نيازمند ميمبران

مرحبا ڪميٽي

*

سن

67-11-1

برادرم محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

وري ٽن مهينن لاءِ لاءِ نظربنديءَ جو آرڊر مليو آهي. ان ڪري ڳوٺ رهان ٿو. ميلو درگاهه شاهه حيدر عليه جو 7-8 نومبر تي آهي. ڪانفرنس يا شاعري ته ڪري نٿي سگهجي، البته هميشه وانگر ختمو ۽ راڳ ٿيندو. سن اوهان جو ڳوٺ آهي، جي 7 تاريخ بولان ميل ۾ اچو ۽ ڏينهن رهي ٻئي ڏينهن لاڙڪاڻي ايڪسپريس ۾ موٽي سگهو ٿا.

سکر طرف جا ڪي دوست اچي سگهن ته ملاقات جو موقعي ملي سگهندو.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

جيڪب آباد

5- نومبر 1967ع

عزيز و محترم سائين

السلام عليڪم:

اوهان جو عنايت نامو مليو. اوهان جي وڌيڪ نظربنديءَ جي خبر پڙهي، افسوس ٿيو، پر اُهو هڪ يگانو اعزاز پڻ آهي.

”سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾!“

شاهه حيدر عليه جي ميلي جي سڏ تي هوندَ هڪدم هليو اچان ها، پر ڊگهيءَ ڏيڍ مهيني جي موڪل لاءِ لکيو اٿم، جا اميد ته 20 تاريخ هن مهيني جي ملي ويندي. اُن عرصي ۾ ارادو هوم ته اچي خدمت ۾ حاضر ٿيندس. طبعيت به ڪجهه ناساز گذري ٿي. خاص طرح ڏندن جي تڪيلف ٿي پئي اٿم، سو حيدرآباد ۾ اهو عرصو رهي، علاج ڪرائڻ جو ارادو آهي. ويهين تاريخ حيدرآباد پهچندي ئي ڏينهن ٻن کان پوءِ اوهان وٽ حاضر ٿيندس، ۽ اوهان وٽان ٿي، پوءِ علاج شروع ڪرائيندس، جيڪو شايد ويهارو ڏينهن هلندو.

انهيءَ موڪل جي پروگرام سبب، هن ڀيري ايڏانهن اچڻ جو خيال لاهي ڇڏيو اٿم. اُن لاءِ اوهان کان معافيءَ جو طلبگار آهيان.

جيڪو عرصو حيدرآباد ۾ رهندس، ان ۾ جيڪڏهن لکڻ پڙهڻ جو ٻيو ڪو ڪم هجي ته ان کي هٿ ۾ کڻجي. بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ واري مضمون متعلق عرض ڪيو هوم، اهو جيڪڏهن ٿئي ته ڏاڍو سٺو.

زياده خير والسلام

اوهان جو،

محمد ابراهيم

*

سن

67-11-11

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

خط پهتو احوال معلوم ٿيو، مون هن دفعي 8 ڪتابن جي ڇپائڻ جو انتظام ڪيو آهي. باقي 8، انشاءَ الله ٻئي سال جي پروگرام ۾ ايندا.

ان ڪري انهن جي ڇپائڻ لاءِ اوهان سان صلاح مصلحت ڪرڻ جو ارادو آهي موڪل ملڻ بعد جيڪڏهن ترت ملاقات ڪرائيندا ته نهايت ممنون ٿيندس.

مون هڪ ڪتاب اوهان کي ”جنب گذريم جن سين“ محمد امين کوسه کي ڏيڻ لاءِ ڏنو هو، سو خبر نه آهي اوهان کيس پهچايو يا نه؟

اڄ اخبار ۾ پڙهيم ته سرڪار مهرباني ڪري نظربنديءَ جو حڪم موٽائي ورتو آهي. اڃا قانوني طرح حڪم پهتل نه آهي، شايد ڏينهن ٻن اندر پهچي.

 اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

67-11-21

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

اڳئين خط مطابق آءٌ تنهنجي 20 تاريخ موڪل جي انتظار ۾ هوس پر ڪالهوڪي پيغام مان معلوم ٿيو ته موڪل جي تاريخ جي پڪ نه ٿي، ان ڪري ماڻهوءَ هٿ هيٺيان ڪتاب موڪليان ٿو. جن کي پروگرام مطابق ٻن ٽن مهينن اندر ڇپائڻ جو ارادو آهي. چند دوستن ڏهه هزار روپيا انهن ڪتابن جي ٻن ٻن هزار ڪاپين جي ڇپائيءَ ڪرائڻ لاءِ عطيو ڏنو آهي. وڌيڪ خرچ جو به انتظام ڪيل آهي. اوهين مهرباني ڪري انهن ڪتابن تي نظرثاني ڪري، جدا جدا پريسن مان ڇپائڻ جو انتظام ڪرائيندا، ته جيئن هنن ٽن مهينن اندر سڀ ڇپجي ورهائجي وڃن. جيئن ته ڪتابن تي بندش پوڻ جو امڪان سدائين لاڳو رهي ٿو. ان ڪري يڪا ڇپائي ورهائڻ زياده مفيد ٿيندو. ممڪن آهي ته وري نظربندي وجهن.

ڪتاب هيٺئين آرڊر ۾ ڇپائڻا آهن:

(1) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون ڪافيون: 2 هزار ڪاپيون سٺي پني تي

(هيءُ ڪتاب ڪو ڪتب فروش سٺي پني تي ڇپائڻ گهري ته ان کي ڏيئي سگهجي ٿو.)

(2) جيئن ڏٺو آهي مون: 2 هزار ڪاپيون، هڪ سوَ سٺي پني تي، ٻيون سادي تي.

(3) جي.ايم.سيد جا سياسي مضمون: 2 هزار ڪاپيون، هڪ سوَ سٺي پني تي، ٻيون سادي تي.

(4) جي.ايم.سيد جا ڪلچر مضمون: 2 هزار ڪاپيون، هڪ سوَ سٺي پني تي، ٻيون سادي تي.

(5) بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ: 2 هزار ڪاپيون، هڪ سوَ سٺي پني تي، ٻيون سادي تي.

(6) سنڌي ڪلچر (تهذيب): 2 هزار ڪاپيون، هڪ سوَ سٺي پني تي، ٻيون سادي تي.

(7) علي محمد شاهه راشديءَ جا خط: 2 هزار ڪاپيون، هڪ سوَ سٺي پني تي، ٻيون سادي تي.

(8) شهيدانِ سنڌ: 2 هزار ڪاپيون، هڪ سوَ سٺي پني تي، ٻيون سادي تي.

(9) بزم صوفياءِ سنڌ جي اڳين ۽ پوئين رپورٽ گڏ (رسول بخش پليجو پبلشر هجي، اڳ وانگر)

انهن ڪتابن کي نه صرف درست ڪرڻو اٿو، پر ڇپائڻ جو ذمو به اوهان کي ئي کڻڻو پوندو. اتي حال انهن کي ڏسي درست ڪريو.

نمبر اٺين جون ٻه ڪاپيون موڪليان ٿو، هڪ شيخ اياز کي ڏيندا، ته اهو به ڏسي درست ڪرڻ ۾ مدد ڪري.

اوهين جڏهن هن طرف ايندا ته اسٽيميٽ ڪري ٽيون حصو يا اڌ رقم بروقت وٺي ويندا، باقي رقم ڪم هلڻ بعد گهرائيندا رهندا.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

قلم تازو: انهن کان سواءِ ٻيا 8 ڪتاب تيار اهن، جي انشاءَ الله ٻيءَ قسط ۾ ٻئي سال ڇپائڻ جو اتنظام ڪبو. گهڻا احوال آهن جي روبرو ڪبا. سڀني ڪتابن ۾ ڇپائيندڙ طور وڏيري نور محمد پليجي جو نالو وجهبو. سائيز ساڳي ”نورتن“ واري هوندي.

سن                            *

1967-12-15

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

اوهان جو 6 تاريخ جو لکيل خط يار محمد شاهه ڪلهه رات جو پهچايو. مون انتظار پئي ڪيو ته هتي ايندا ته صلاح مصلحت ڪتابن بابت به ڪبي ۽ پئسا به روبرو ڏيندس. پر ڏيکاريل سببن ڪري اوهان نڪري نه سگهيا.

2. مون تي مغربي پاڪستان سرڪار وري ٽن مهينن لاءِ نظربنديءَ جو آرڊر تعميل ڪيو آهي، ساڳيا اڳوڻا سبب ڄاڻايل آهن. وچ ۾ بئن لاهڻ ۽ وري جاري ڪرڻ لاءِ ڪارڻ ڄاڻايل نه آهن.

3. اوهين ڀلي پهرين شاهه جون ڪافيون، جيئن ڏٺو آهه مون، ۽ پوءِ، بمبئي کان سنڌ جي علحدگيءَ جا ٽي ڪتاب پريس کي موڪليو. ڪو معتبر ماڻهو ٻن ٽن ڏينهن ۾ آيو، ته حال چار هزار روپيا اوهان کي موڪلي ڏيندس. پوءِ جيئن ضرورت محسوس ڪندا ته هفتو اڳ وڌيڪ پئسن لاءِ اطلاع موڪليندا رهندا ته موڪلبا رهبا.

4. ڪتابن جو ناشر وڏيرو نور محمد هجي.

سلام جملي سنگت کي رسن

اميد ته  خوش و خرم  هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

محترم سائين:

عرض ته ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ ختم ٿي چڪو آهي. ٽوٽل صفحا 204 ٿيا آهن. شروعاتي صفحا اڃا نه مليا آهن، ۽ ٻيو ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“ شروع ڪري ڇڏيو آهي، شاهه صاحب جن جو ماڻهو 22 تاريخ آيو هو، تنهن چيو ته سائين جي.ايم.سيد ٿا فرمائين ته ڪتاب ”بمبئي کان سنڌ جي جدائي“ به جلد پورو ڪريو.

منور صاحب فرمايو هو ته ”بابا سائين چئي ويا آهن ته ساجد کي چئجو ته ڪم تمام آهستگيءَ سان هلائي“. انهيءَ ڪري مون اٽڪل 2-3 پيج روزانه جي حساب سان هلايو آهي. جيڪڏهن باقاعدگيءَ سان ڪم هلايان ها ته ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“ به پورو ٿي وڃي ها.

حساب هن ريت آهي:

”جيئن ڏٺو آهه مون“      204

”سنڌ جي بمبئي کان“   24

                   228   00-912

”سياست جا نورتن“ مان رهيل    00-75

                           00-987

بائينڊنگ 2100 سؤ ڪاپيون

استر ۽ ڪارڊ بائينڊنگ سميت  00-272

                           00-1259

ڪور ڇپائي ٻه رنگ              28

                           10

                           1297

پني مان رهيل            00-20

اوهان کان مليا            00-200

1 فيبروري تي مليا               00-300

1 مارچ تي مليا          00-250

                           00-770

ڪارڊ شيٽ آسٽريليا

20-4 بنڊل في بنڊل 00-39    00-164

استر جيڪڏهن اڇي پني جو     00-65

رکندا 100- 2 ريم

                           00-229

نيوز پرنٽ

نيوز... پنو 204، 52 ريم

شروعاتي 24 صفحا باقي آهن

6.45

58.45

اڇو پنو

جيئن ڏٺو آهه...           440-2

بمبئي کان جدائي                165-

                           105-3

خادم جي لاءِ ٻي خدمت هجي ته لکندا. مهرباني ڪري پئسا ٻيءَ تاريخ تائين موڪليندا، ته وڏي نوازش ٿيندي، جو ماڻهن کي پيمنٽ ڪرڻي آهي.

فقط والسلام

اوهان جو

سيد ساجد علي(1)

سن                               *

67-12-25

برادرم عزيز

السلام عليڪم:

ميان عبدالحئي هٿان چار هزار روپيا موڪليان ٿو، ڪم شروع ڪرايو، ٻيا جلد موڪلبا.

هيءُ ٻيو خط ميان حفيظ قريشيءَ لاءِ آهي، جو اوهان کي اڍائي هزار روپيا ٻيا هٿ ڪري ڏيندو.

رسول بخش پليجي وڪيل سان صلاح ڪندا. جي منهنجي نظربنديءَ ڪري اهي ڪتاب منهنجي نالي ۾ ڇپجي نٿا سگهن، ته پوءِ هن طرح ڪندا:

1. جيئن ڏٺو آهه مون: مصنف ڪوبه، ڇپائيندڙ: ميان نور محمد پليجو

2. جي. ايم. سيد جا ادبي مضمون: سهيڙيندڙ ڪوبه، ڇپائيندڙ: ميان نور محمد پليجو

3. جي. ايم. سيد جا سياسي مضمون: سهيڙيندڙ ڪوبه، ڇپائيندڙ: ميان نور محمد پليجو

4. سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ: مصنف (محقق) ڇپائيندڙ: ميان نور محمد پليجو

5. سنڌ جو ڪلچر: مصنف مجذوب ڇپائيندڙ: ميان نور محمد پليجو

6. راشديءَ جا خط: جي. ايم. سيد ڇپائيندڙ: ميان نور محمد پليجو

7. شهيدانِ سنڌ: ڪير به، ڇپائيندڙ: ميان نورمحمد پليجو

8. بزم صوفياءِ سنڌ: رسول بخش پليجو، ڇپائيندڙ: ميان نور محمد پليجو

9. سنڌ جي جديد شاعرن جو چونڊ ڪلام: ڪير به، ڇپائيندڙ: ميان نور محمد پليجو

پئسن جي رسيد ڪنهن ماڻهوءَ هٿان موڪليندا.

رواجي طرح جي ڪتاب منهنجي نالي ۾ ڇپجن ته پرواهه نه آهي، ڪاپيون ٻه هزار هر هڪ جون هجن. هڪ سَو لاءِ سٺو پنو، ۽ وڌيڪ رواجي پني تي.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

سن                          *

68-4-8

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

5 تاريخ ڪوٽڙيءَ تي انتظار ڪيم پر ڪونه مليا. پوءِ خيال هوم ته شايد هتي اچو! اڄ تائين انتظار هو. هن وقت ساڍا 11 رات جو اوهان جو ماڻهو خط کڻي آيو آهي.

1. ان کان اڳ ڪاغذ ڪالهه سيڪريٽريءَ ڏياري موڪليا، پڇا ڪيم ته معلوم ٿيو ته خبر نه آهي ڪير ڪاغذ ڇڏي ويو آهي.

2. ڪتابن ۾ ڪيتريون ڇاپي جون غلطيون آهن. جن لاءِ ڀلنامي جي ضرورت ٿيندي. مون کي جيڪي ڪاغذ ڪتابن جا اوهان موڪليو ٿا، ان کان پوءِ ڪونه ٿا ملن، جنهنڪري غلطيون گهڻيون ٿين ٿيون.

3. پئسا چار هزار هن وقت رکيل نه آهن، هفتي کن اندر موڪلي سگهندس. پوءِ جنهن کي چئي وڃو، ان کي ڏجن.

4. ڪتاب اوهان کي جملي 9 موڪليل هئا، جن ۾ هڪ سنڌ جي ڪلچر تي هو، ان جو نالو اوهان ڪونه ٿا لکو، سلامت آهي يا گم ٿي ويو آهي!

5. بهتر ائين آهي ته جلد ٻڌڻ کان اڳ ۾ ڊمي ڪتاب مون کي موڪليا وڃن، ته ڀلنامو ٺاهي موڪليان.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

سن

68-4-22

محبيم ميان محمد منور(1)

السلام عليڪم- ”جيئن ڏٺو آهه مون“ جو ڀلنامون تيار ڪري موڪليان ٿو. هاڻ ڪتاب کي مڪمل ڪري، جلد ٻڌائڻ لاءِ ڏيندا.

2. باقي ٻن ڪتابن جون ڊميون به موڪليندا ته ڀلناما تيار ڪري موڪليان، ان لاءِ جلد ڪتاب موڪليندا.

3. 27 تاريخ اندر انشاءَالله ٻه هزار روپيا موڪليندس، وري مئي جي پهرئين هفتي ۾ ٻه هزار موڪليندس.

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

*

ڪوهاٽ

30 اپريل 1968ع

محترم سائين!

اڄ هتي 28 تاريخ واريءَ اخبار ”عبرت“ ۾ اوهان جو لکيل خط پڙهيم، جنهن ۾ ”عبرت“ جي ايڊيٽر ڏانهن لکيو اٿوَ ته علامه قاضي صاحب مرحوم جي اوهان ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو اوهان مرتب ڪيو آهي ۽ اُن جو پيش لفظ ۽ علامه مرحوم جي حياتيءَ جو مختصر احوال به اُن ۾ لکي شامل ڪيو اٿوَ؛ ۽ ان جو تعارف جناب (اي- ڪي) بروهي صاحب ممڪن آهي ته لکي. اُهو مجموعو شايع ڪرڻ لاءِ سنڌ مان ڪنهن پبلشر جي تيار ٿيڻ لاءِ اعلان ڪيو اٿوَ، جيڪو ٻه هزار ڪاپيون ڪتاب جون ڇاپي ۽ وڪڻي، ۽ وڪري سان 33 في سيڪڙو نفعو علامه مرحوم جي يادگار فنڊ ۾ ڏئي، ۽ ان حالت ۾ اوهان پاڻ اهڙي پبلشر کان 700 ڪاپيون ڪتاب جون خريد ڪري وٺڻ لاءِ تيار آهيو.

منهنجي خيال ۾ هيءَ اوهان جي آڇ ايتري ته پُرڪشش آهي، جو ڪيترا سڌڙيا پبلشر تيار ٿي، اوهان وٽ انهيءَ ڪم لاءِ ايندا. سو مهرباني ڪر، پبلشر جي چونڊ ڪرڻ ۾ احتياط ڪندا ته جيئن، ڪتاب ٿي نڪري، ۽ اُن جي ڇپائي، پنو ۽ جلد بندي ۽ گيٽ اپ اُن جي شان وٽان هجن. دراصل 700 ڪاپين جي خريديءَ جي قيمت مان ئي هُو 2000 ڪاپين جو خرچ اوهان کان وصول ڪري سگهي ٿو، سو ائين به نه ٿئي، جو ڪتاب ڇاپي، اُن جي قيمت ڳري رکي، اوهان کان سڄو ڪيل خرچ وٺي وڃي، ۽ باقي رهيو 33 سيڪڙو نفعي مان يادگار فنڊ ۾ ڏيڻ، سو پبلشر کي هڪ سوَ هڪ منهن آهن نٽائڻ ۽ پاڻ ڪڍائڻ جا.

منهنجي خيال ۾ هيءُ اعلان اوهان پنهنجي مخلصانه جذبي ۽ قاضي صاحب مرحوم سان محبت جي ناتي جي اثر هيٺ ڪيو آهي. سو اوهان کي صد مبارڪ هجي، پر منهنجي خيال ۾ ان مان مقصد جي ڀرپور پورائي شايد نه ٿئي. اُن جي عيوض هيٺ ٽي تجويزون، آءٌ پيش ٿو ڪريان، تن تي مهرباني ڪري ڌيان ڏيندا:

(1) اهو ڪتاب ادبي بورڊ وارن کي ڏيو ته اُهي ڇاپين. اوهان ڀلي 500 يا 700 ڪاپيون کانئن خريد ڪري وٺندا، پنهنجن دوستن، واقفڪارن ۽ علم دوست صاحبن کي تحفي طور ڏيڻ لاءِ. ادبي بورڊ جي ناشر ٿيڻ ڪري، جيڪي به قباحتون مٿي مون بيان ڪيون آهن ته ڪنهن خانگي ناشر هٿان سرزرد ٿي سگهن ٿيون، سي ڪونه سرزد ٿينديون.

(2)اوهان پاڻ پنهنجي خرچ تي 2000 ڪاپيون ڇاپائي، پنج ست سؤ ڪاپين مفت تحفي طور پيش ڪري، باقي ڪاپيون ڪنهن ڪتب فروش کي پنجاهه في صد ڪميشن تي وڪري لاءِ ڏيئي ڇڏيو، ۽ ن وٽان جيڪي پئسا اوهان کي وصول ٿين، اُهي علامه مرحوم جي جي يادگار فنڊ ۾ ڏياريندا.

(3) جناب بروهي صاحب ضرور علامه مرحوم جي ٻين مسودن جي تاليف ۽ ترتيب ۽ اشاعت لاءِ ڪونه ڪو پڪو پختو بندوبست ڪرڻ جو خيال ڪندو هوندو. اهو ڪتاب پڻ اُن تنظيم ۽ انتظام هيٺ ڇپجي ۽ شايع ٿي سگهي ٿو. اُن بابت جناب بروهي صاحب سان صلاح مصلحت لازمي به آهي ۽ مناسب به آهي. ڇاڪاڻ ته بروهي صاحب جيڪڏهن علامه مرحوم جا حقيقي جاءِ نشين آهن، ته اوهين، اسين ۽ سنڌ جا ٻيا گهڻيئي علم دوست، جيڪي علامه جا شائق ۽ عقيدتمند آهيون، تن سڀني جو اهو فرض ٿئي ٿو ته جناب بروهي صاحب جي، صلاح مشوري کان وٺي، ٻي هر طرح جي مدد ۽ پٺڀرائي ڪيون، ته جيئن علامه مرحوم جو يادگار به قائم ٿي سگهي، پر اُن کان وڌيڪ سندن ۽ سندن اهليه مرحومه جا تصنيف ۽ تاليف ٿيل مسودا طباعت ۽ اشاعت هيٺ اچن، ۽ اُن لاءِ ڪا رٿا نشر اشاعت جي جُڙي سگهي، ۽ اُن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏجي.

سائين منهنجا، آءٌ هتي نهايت خوش آهيان، صحت گهڻي قدر ٺيڪ رهي ٿي. جون مهيني جي 25 تاريخ کان ٻه مهينا وئڪيشن تي حيدرآباد ٻارڙن سان گڏ گذارڻ جو موقعو ملندو. اوهان کي اتان جي معاملن جي پارت هجي. منور کان وقت بوقت ماڻهو موڪلي، حال احوال وٺندا ڪريو، ۽ کين ڪا تڪليف يا ڪا ڳالهه درپيش هجي ته اُن جو وسان تدارڪ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا.

اسان جي ڳوٺ آباد جي زمين لاءِ عزيزم امداد محمد شاهه صاحب ڪوشش ۾ لڳل هو. کيس وري به يادگيريءَ طور چوندا ته اُن ڏس ۾ ڪوشش ڪري ته جيئن ويچارن ماڻهن کي ڪا تڪليف درپيش نه اچي.

پير علي محمد راشديءَ علامه مرحوم تي ڏاڍو دل ڀِڄائيندڙ مضمون اردوءَ ۾ اخبار ”جنگ“ جي 29 تاريخ جي پرچي ۾ شايع ڪيو آهي. ڪالهه اهو مضمون پڙهيم. اڄ اُن جو سنڌي ترجمو ڪري، اخبار ”عبرت“ ڏانهن موڪليو اٿم. من ڪا چڱي پوين ۽ ان کي شايع ڪن.

اميد ته اوهان هر طرح خيريت سان هوندا. پنهنجي صحت ۽ خير جي احوال کان ڪڏهن ڪڏهن واقف ڪندا.

اوهان جا خادم ۽ دعاگو

محمد ابراهيم

سن                            *

68-7-2

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

اميد ته خير سان واپس حيدرآباد پهچي ويا هوندا. ڪتابن لاءِ جملي 6 هزار روپيا موڪلي چڪو آهيان. ان کان سواءِ حفيظ قريشيءَ ٽي سئو روپيا ڏنا هوندا. هاڻي اوهان آيا آهيو، هفتي کن ۾ علڻ خان ٽي هزار روپيا وٺي اوهان کي پهچائيندو.

2. ”جيئن ڏٺو آهه مون“ جون ٻه سئو ڪاپيون ربانيءَ ۽ منور کي ڪتب فروش لاءِ موڪليل هيون، وڌيڪ 200 ڪاپيون موڪليان ٿو، جو منور اهو نياپو موڪليو آهي ته ڪتب فروش گهر ڪن ٿا.

3. ”سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ“ جو پيش لفظ ۽ ڀلنامو ڊميءَ سان گڏ موڪليان ٿو. مغربي پاڪستان سرڪار 30 جولاءِ تي پريسن تي شايد ڪي بندشون وڌيون آهن، تنهنڪري ”سنڌ جي جدائي جي تحريڪ“ ۽ سياسي مضمونن وارو ڪتاب اڳوڻين تاريخن سان ڇپارائي، جلد تيار ڪرائيندا، ته ماڻهو موڪلي گهرائي وٺجن ۽ ورهائجن.

4. ”جيئن ڏٺو آهه مون“ جو مٿان جلد سٺو نه آهي، ان کان ته ”جديد سياست جا نو رتن“ وارو نمونو بهتر آهي. ”شاهه جي ڪافين“ وارو ڪور بهتر آهي. هنن ٻنهي ڪتابن جي جلدن جا نمونا سٺا ٺهرائجن.

5. قاضي صاحب جي خطن جو ڪتاب موڪليان ٿو. ان لاءِ بروهي صاحب کان تعارف لکارائي ڇپائڻ جو انتظام ڪرائيند.ا هاڻ هيٺيان نوان ڪتاب ڇپائڻ لاءِ ڏجن:

1. قاضي صاحب جا خط

2. راشديءَ جا خط

3. منهنجي سوانح جو ڪتاب شيخ صاحب جي تعارف سان

4. منهنجا ادبي مضمون

قاضي صاحب جي خطن جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ به ڇپائبو. امداد کي ڪم سپرد ڪيو اٿم. ڏسان ڪهڙيءَ طرح ان کي جلد ۽ بخوبي سرانجام ڪري ٿو.

6. گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن، ڪنهن ڏينهن هتا ٿي ويندا. ستار شيخ به ڪونه آيو آهي، ان سان گڏجي ايندا يا ٻيءَ طرح لاريون روز 4 دفعا حيدرآباد مان اچن ٿيون.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

سن                            *

68-7-26

برادرم ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

خط ۽ مضمون پهتو- مضمون کي ڏسي واپس ڪريان ٿو. اميد ته اوهان جناح صاحب جي تقرير انگريزي اصل تان ورتي هوندي.

ڀلي اهو پمفليٽ سٺي پني تي سٺي ڪور سان ٻه هزار ڪاپيون ڇپائي ورهايو. ڪجهه مون ڏي به موڪليندا. پاڪستان جي جملي اخبارن کي موڪلڻ گهرجن. مهاجر، غير سنڌي ۽ سنڌي ماڻهن کي ڏيارجن. حفيظ قريشيءَ سان اوهان ڳالهه ڪئي هئي ته ڦوٽي سان ڇپائڻ جو خيال اَٿَو- رات هو مليو هو.

2. ماستر غلام قادر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس ۾ ويو هو. تنهنجي پٽ چيس ته ڪتاب تيار هو باقي 8 صفحا رهيل هئس، جي جلد تيار ڪندا. کين تاڪيد ڪري ان ڪتاب کي ڪڍرائيندا. ماستر کي ڏيپلائي وٽ تاڪيد لاءِ وري موڪليندا.

3. منهنجي سوانح بابت ڪتاب لاءِ اوهان کي ٻڌايو هوم ته ميان محمد امين خان کوسه کي تعارف لاءِ موڪليو هوم. ان اڄ تعارف ۽ ابتدايه ۽ ڪجهه درستيون لکي موڪليون آهن. جيئن ته هي محب ماڻهو آهي، هن محنت ڪئي آهي، ان ڪري اهو ڪتاب سندس تصنيف ڪري ڇپارائيندا. شيخ صاحب کان وري ڪنهن ٻئي ڪتاب جو تعارف ڪرائبو. سندس سمورو لکيل مواد موڪليان ٿو. پاڻ چيو اٿس ته تمام ٿوريءَ درستيءَ جي اجازت آهي. ان ڪري گهڻن درستين کان سواءِ مناسب ترميم ڪري يڪدم ڇاپي لاءِ ڏيندا. پبلشر ڀلي وڏيرو نور محمد پليجو هجي.(1)

4. امداد سڀاڻي ڪراچيءَ ويندو، اڱاري تائين اتي هوندو. جي اوهان ان وقت ڌاري اُتي کيس ملندا، ته قاضي صاحب جي خطن واري ڪتاب جي تعارف لاءِ بروهيءَ کي ڏيئي پڇندو ته هو تعارف لکڻ لاءِ تيار آهي يا نه. امداد جو چوڻ آهي ته قبول ڪيو اٿس؛ پر وري سارو مدار سندس مصلحتن تي مدار رکي ٿو. امداد کان منهنجو سٺو ڦوٽو به ڪراچيءَ ۾ وٺندا نه ته حسام الدين شاهه وٽ ڪيترائي آهن. بس وٺي، ”سوانح“ لاءِ ڪتب آڻيندا.

5. سنڌ جي جدائي“ جا چار پنج سو ڪتاب، جيترا اتي گهرجن، رکندا ۽ ورهائيندا يا ڪتب فروشن کي ڏيندا. باقي مون ڏي موڪيلندا ته ماڻهن هٿان ساريءَ سنڌ ۽ ٻاهر موڪلڻ جو انتظام ڪريان.

6. حشو ڪولراماڻيءَ کي ”جنب گذاريم جن سين“ وٺي رجسٽرڊ بوڪ پوسٽ ڪرائي موڪليندا. کيس چوندا ته انگريزيءَ ۾ ڪري، اُتي ڇپارائڻ جو انتظام ڪري.

”جديد سياست...“ ڪتاب جي ضبطيءَ خلاف رٽ پٽيشن هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي اٿئون. گهڻو ڪري ضبطيءَ جو آرڊر لهندو. نه ته به هڪ صفحو ضبط ڪيل آهي ان کي هتان ڪڍي انگريزيءَ ۾ ڪري پوءِ به ڇپائي سگهبو. وڌيڪ ان بابت حفيظ قريشيءَ کان حال معلوم ٿيندُوَ.

7. پريسن مان ڪتابن ڇپائڻ لاءِ ڪهڙو مشورو بيٺو!

اميد ته خوش و خرم هوندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

حيدرآباد، سنڌ                 *

1975-12-7

محترم عزيز سائين، خوش هجو شال!

السلام عليڪم: عرض ته ڇپائيءَ هيٺ ڪتاب کي جلد کان جلد شايع ڪرڻو آهي. اسان جو بزرگ دوست اوهان وٽ اڳئين آچر تي آيو هو، پر خالي موٽي آيو. اسان وٽ يا منهنجي ڪنهن ٻئي دوست وٽ پيسو ڪونهي، جو ٿورن ڏينهن لاءِ به کڻي هن ڪم ۾ سيڙائجي. مهرباني ڪري باقي رهيل پئسا ڪنهن ماڻهوءَ هٿ ڏينهن ٻن ۾ ڏياري موڪليندا ته جيئن عيد کان اڳ ڪتاب جي ڇپائي پوري ڪري، ڪتاب کي پڌرو ڪيو وڃي.

”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ جو سجو مسودو پڙهي ڇڏيو اٿم. ڪن هنڌن تي مضمون جي صحت لاءِ تصديق ڪرڻي پوندي، ۽ اُن لاءِ اصل خطن کي ڏسڻو پوندو. هيءُ ڪتاب، اسان جي سوسائٽي ڇاپڻ لاءِ تيار آهي. انهيءَ طريقي سان جيئن روبرو عرض ڪيو هوم ۽ اوهان ڳالهه کي بيهاريو هو. وڌيڪ ان سلسلي ۾ خدمت ۾ روبرو عرض کان پوءِ حاضر ٿي عرض ڪندس.

في الحال ڇپائيءَ هيٺ ڪتاب جي ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ کپي، ۽ اُن لاءِ جيئن عرض ڪيو اٿم، اُن جو مهرباني ڪري تدارڪ ڪندا.

والسلام

اوهان جو

محمد ابراهيم

*

ڪراچي، سنڌ

77-7-20

جناب من محترم محمد ابراهيم جويا

السلام عليڪم

آءٌ نهايت شڪر گذار رهندس جيڪڏهن اوهان مون کي جيترو جلد ٿي سگهي شرف ملاقات بخشيندا.

هن وقت آءٌ طبعيت بي خوشيءَ جي ڪري جناح اسپتال ۾ داخل آهيان.

والسلام

خير انديش

غلام مرتضيٰ

ائڊريس:

دل جي بيمارين جو شعبو، جناح اسپتال،

فلور نمبر 2، ڪمرو نمبر 227، ڪراچي سنڌ

حيدرآباد، سنڌ                 *

1978-9-15

محترم عزيز سائين

گهڻي ادب ۽ نياز سان عرض پنهنجي سوسائٽيءَ جو هي هڪڙو ننڍڙو ڪتاب ”ڳالهيون من اندر جون“ موڪليان ٿو. اوهان جو ڪتاب ”خطن جو مجموعو“ پريس ۾ موڪليو اٿم ۽ اميد ته ٽن چئن مهينن ۾ ڇپجي ويندو. آءٌ ايڏانهن نٿو اچي سگهان، سو انهيءَ ڪري جو بس جي سفر کان ڪيٻايان ٿو. ڊاڪٽرن چيو ته اهڙي سفر کان پرهيز ڪجي، جنهن ۾ تڪڙ، پريشانيءَ يا خوف جا حالات هجن. بهرحال ڪوشش ڪري هن مهيني جي آخر  ڌاري محمد حسين پنهور سان گڏجي اوهان جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندس.

ٻيو سڀ خير- اميد ته اوهين هر طرح خوش چڱا ڀلا هوندا. ٻيو ڪو حڪم احڪام منهنجي لائق هجي، ته آءٌ هر گهڙيءَ حاضر آهيان.

”جديد عالمي سياست“ ڪتاب بابت ائگريمينٽ جو ڪاغذ موڪليان ٿو، اُن تي صحي ڪري واپس مون ڏانهن موڪليندا، ته اوهان جو احسان.

زياده خير والسلام

اوهان جو

محمد ابراهيم

سن

81-11-3

برادرم ميان محمد ابراهيم صاحب

السلام عليڪم: آڻيندڙ خط جو روبرو ايندو، احوال ڪندو ان جي حتيٰ الامڪان مدد ڪندا، هيءُ دعا ڪندو.

2. ڪتاب جو ڇا ٿيو، ”دلاسي دوستن جي سيءَ سڪائي کل“

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

سن                            *

82-11-11

برادرم عزيز ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم:

ڪن ضروري مسئلن تي گفتگو ڪرڻ لاءِ ضرورت پئي آهي ته 16 نومبر 1982ع کان اڳ ملجي. آءٌ نهايت مهرباني ڄاڻندس جيڪڏهن اوهان ان وچ يا ان آخري تي ڪجهه وقت لاءِ هتان ٿي ويندا.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

سن                                *

84-9-29

برادرم عزيز ميان محمد ابراهيم

السلام عليڪم: هي ڪتاب موڪليان ٿو نظر مان ڪڍي، درست ڪري وڌائي ترميم ڪري، ٿي سگهي ته نئين سر لکي موڪليندا ته مهرباني.

2. ڇپجڻ واري ڪتاب جو ڪهڙو حال ٿيو. پئسن جي ضرورت هجي، ته لکي موڪليندا ته موڪليان.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

84-9-29                         *

محترم و مڪرم سائين

اوهان جو نوازش نامو مليو. ڪتاب جو مسودو به مليو. حڪم موجب پيروي ڪندس. پنجن ستن ڏينهن ۾ اُن کي پڙهي، اوهان کي اطلاع ڏيندس ته ڪيترن وڌيڪ ڏينهن ۾ ان تي گهربل ڪم جي پورائي ڪري سگهندس. اوهان جو ڪتاب سياستدانن جي خطن وارو هاڻي اچي پورو ٿيڻ تي بيٺو آهي. ڇهن نوٽبڪن مان پنج نوٽبڪ مواد جا ڇپجي ويا اٿس. آخري نوٽبڪ جي ڇپائيءَ جو ڪم هلي رهيو آهي. وڌيڪ پئسن جي ضرورت ڪتاب جي بائينڊنگ لاءِ پوندي. نومبر مهيني جي پهرئين هفتي ڌاري اوهان ڏانهن اُن بابت لکي عرض ڪندس.

اميد ته اوهين هر طرح خيريت سان هوندا.

زياده خير والسلام

اوهان جو خادم

محمد ابراهيم

1984-12-4                     *

محترم سائين- شال خوش هجو

اوهان جو ڪتاب ”ڪجهه خط- سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن جا“ خير سان اچي پورو ٿيو آهي. هن مهيني جي پوين تاريخن ۾ اوهان کي پيش ڪري سگهندس.

ٻيو ڪتاب اوهان جو ترجمي لاءِ هٿ ۾ ڪونه کنيو اٿم.(1) ترت ڪنهن موقعي سان اُهو ڪم به ڪندس خاطري ڪندا.

اوهان جو دعاگو

محمد ابراهيم

ڪراچي                          *

87-8-29

برادرم عزيز ميان محمد ابراهيم خان جويو

السلام عليڪم: مولوي ميان عزيز الله صاحب- ميان محمد امين مرحوم جي خاص دوستن مان آهي. ان (محمد امين خان) جي ڇپيل ڪتاب جلد پهرئين (واڄٽ ويراڳين جا) جون 20 ڪاپيون کيس ڏيندا ورهائڻ لاءِ.

زياده خير والسلام

غلام مرتضيٰ

(محترم آزاد قاضيءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سَڏ پڙاڏو“ تان ورتل- خطن ۾ ڄاڻايل فوٽ نوٽ پڻ آزاد قاضي صاحب جا ڏنل آهن)


(1)  ان زماني ۾ سن ۾ لائيٽ جو بندوبست نه هئڻ ڪري پڙهڻ لاءِ بيٽري جي روشني ڪئي ويندي هئي.

(1)  اهو اشارو جويي صاحب پنهنجي ڪتاب Save Sindh, Save the continent ڏانهن آهي.

(1)  اهو اشارو مولانا حسين احمد مَدنيءَ جي مشهور ڪتاب
 ”مسئله قوميت اور اسلام“ طرف آهي. جيڪو 1980ع کان پوءِ ”متحده قوميت اور اسلام“ عنوان سان به شايع ٿيو.

(2)  سيد صاحب جي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ جو انگريزي ترجمو Struggle for New Sindh.

(3)  اهو اشارو سائين جي. ايم. سيد جي ڪتاب ”پيغام لطيف“ طرف آهي جيڪو محمد عثمان ڏيپلائي صاحب 1953ع ۾ شايع ڪيو هو.

(1)  مٿيان جملا انگريزي ۾ موڪليل خط نما دعوت نامي جي هيٺان سنڌيءَ ۾ لکيل آهن.

(2)  مٿي ذڪر ڪيل موضوع تي سيد صاحب هڪ چوپڙي ”مخلوط و جداگانه انتخاب کا مسئله“ لکي، جيڪا پوءِ ”چونڊ سياسي مضمون“ ڪتاب ۾ شامل ڪئي ويئي.

(1)  بغداد پئڪٽ (جنهن ۾ برطانيه، فرانس پاڪستان ۽ آمريڪا شامل هئا) جي سلسلي ۾ فارين منسٽرس جي ميٽنگ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ (اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچي، جتي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسن پڻ هُيون) ۾ ٿيڻي هئي. ان ميٽنگ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جي خيال کان جويي صاحب جي اتي (بورڊ جي آفيس ۾) موجودگيءَ تي، وقت جي CID وارن کي اعتراض هئا. جن کين منع نامو ڏنو ته ميٽنگ وارا ڏينهن اتي آفيس ۾ نه اچي. ان مسئلي جي حل طور، اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان عرصي لاءِ بورڊ جي آفيس ٻئي هنڌ منتقل ڪئي وڃي. ان سلسلي جي مٿي ذڪر ڪيل ڄاڻ سيد صاحب تائين پهچائي ويئي.

(2)  اهو اشارو ظهير السلام جي لکيل ڪتاب ”جي.ايم.سيد اور مسلم ليگ قيادت“ طرف آهي. جيڪو مسلم ليگ سان اختلاف کان پوءِ لکيو ويو هو.

(1)  سائين جي.ايم.سيد ان وقت اها ڪوشش پئي ڪئي ته ”سرونٽس آف انڊيا سوسائٽي“ وانگر سنڌ جي خدمت گارن جي هڪ جماعت ”خدامِ سنڌ“ جي نالي سان قائم ڪرائي، ان جي بنياد تي سنڌ جي ڀلي لاءِ ڪم ڪجي. هيءُ خط ان سلسلي ۾ ارباب نور محمد کان لکرايو ويو هو.

(1)  مٿي ذڪر ڪيل ڦوٽو لاءِ ڦوٽوگرافر جو بندوبست ڪيو ويو ۽ سموري سفر ۾ جويو صاحب پڻ سيد صاحب سان گڏ رهيو.

(2)  علامه آءِ.آءِ.قاضي صاحب.

(1)  اهو اشارو سائين جي. ايم. سيد جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ طرف آهي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1967ع ۾ شايع ڪيو آهي.

(1)  اهو اشارو بزم صوفياءِ سنڌ وارن خطبن طرف آهي. جيڪي هر ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپايا ويندا هئا ۽ پوءِ چونڊ خطبن تي مشتمل ”خطبات سيد“ عنوان سان ڪتاب شايع ٿيو.

(1)  خط جي هيٺيان لکيل آهي.

(1)  اهو ڪتاب ابن حيات پنهور ”قومي گيت“ عنوان سان ترتيب ڏنو، جيڪو گهڻو پوءِ 1970ع ۾ شايع ٿيو.

(1)  حيدري پرنٽنگ پريس لجپت روڊ حيدرآباد جي پروپرائيٽر پاران جويي صاحب کي، سيد جي ٻن شايع ٿيندڙ ڪتابن جي حساب ڪتاب وارو وچور سان لکيل خط.

(1)  جويي صاحب جي غير موجودگيءَ ۾ سندس وڏو پٽ منور جويو، سيد صاحب جي ڪمن جي نگراني ڪندو هو. هي خط ان سلسلي ۾ کيس لکيل آهي.

(1)  اهو ڪتاب ”سنڌ جو سيد“ عنوان سان شايع ٿيو، جنهن جو پبلشر سيد امداد محمد شاهه هو.

(1)  اهو اشارو ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟“ ڪتاب جي انگريزي ترجمي طرف آهي، جيڪو پوءِ "Sindhu Desh: Nation in Chains" عنوان سان ترجمو ٿيو ۽ ڇپيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org