ادبي جاڳرتا جو
سرواڻ
فقير محمد لاشاري
تاريخ، جنهن ۾ گذريل زمانو سمايل آهي، تنهن انسان
ذات کي اڻ ڳڻين ڏُکن ۽ اهنجن ڏيڻ سان گڏ ڪجهه
سوکڙيون به ڏنيون آهن- ڪن سچيت شخصيتن، آدرشن ۽
اصولن جي روپ ۾. اهي شخصيتون جيڪي تاريخ جي گُهرجن
کي سڏ ڏيندي، رواجي ۽ روايتي جيوت ترڪ ڪري، پاڻ کي
ڏهڪاءَ جي قائم ڪيل ماحول کان آزاد ڪري ٿيون ڇڏين،
ته پوءِ سندن اڳيان رڳو سچ جو سج آهي؛ جنهن تائين
پهچڻ جو رستو ايڏو اڻانگو آهي، جو هر ڪنهن لاءِ
اُن کي ٿڏي تي قبول ڪري وٺڻ سولي ڳالهه ڪانهي.
پر سچ کي سَڏ ۾ سَڏُ ڏيندڙ شخصيتن جي نيسر نه پاڻ
مرادي آهي، ۽ نه مشيني. وقت جي ٻن قوتن- ناڪاري ۽
هاڪاريءَ- جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙو، مختلف ڏِسن ۾
هلندي، مقدار ۾ گهڻو وڌي، معيار جي شڪل وٺندو آهي.
بنهه ان ئي هنڌ هڪ وک به اڳتي نه، هڪڙي ئي گهر
منجهان آذر ۽ ابراهيم جا رستا ڌار ٿي پوندا آهن،
پر اِهو ڪو معجزو ناهي هوندو. ميڪسم گورڪيءَ
چواڻي: ”جيڪي معجزا انسان جي هٿان ٿيندا آهن، هو
پاڻ انهن کان وڌيڪ معجزاتي آهي.“ (لفظ ”معجزاتي“
هتي مادي بنيادن تي استعمال ڪيو ويو آهي، تصوراتي
يا خيالي لحاظ کان نه.) گورڪيءَ جي چوڻ جو مقصد
سندس ئي لفظن ۾ آهي ته ”انسان کان بهتر، وڌيڪ ڳتيل
۽ وڌيڪ دلچسپ ڪو سُجهيمِ ئي ڪونه. هو سڀ ڪجهه آهي‘
پر ان کان وڌيڪ ڳُتيل، دلچسپ ۽ سڀ ڪجهه ٿيڻ لاءِ
جيڪي جبل جهاڳڻا پون ٿا، تن جو ڪاٿو فقط تاريخ ئي
ڪري ٿي سگهي. پنهنجيءَ قوم جي حوالي سان سڄيءَ
انسانيت جو حصو بنجڻ وارو عمل، رواجي هلت چلت تان
مڪمل طرح سان هٿ کڻائي ٿو ڇڏي- ۽ جيڪڏهن ان ڏس ۾
اُڪري وڃڻ جهڙي سوڀ پلئه پوي ته پوءِ نه عمر جو
فرق ٿو رهي، نه انائيت جي ٺلهي عمارت ٿي اڏجي.
انسانيت سان پاڻ کي ملائي هڪ ڪندڙ وڏي شخصيت جي
سڃاڻپ انهن گُڻن منجهان ڪري سگهجي ٿي، جيڪي ڏٺل
ٻُڌل ۽ پرکيل آهن. پنهنجي جوهر ۾. ان قسم جي شخصيت
لاڳيتو، بنا ٿڪجڻ ۽ دم پٽڻ جي عمل ۾ رڌل رهي ٿي.
ان وڏيءَ ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ، جيڪا هن کي
سونپيل آهي. پر هن جي وڏائي وري به سڌي سادي هئڻ ۾
آهي. ان ڪري سائين محمد ابراهيم جويو چوي ٿو: ”ڪا
هستي، ڪا شيءِ، يا ڪو ماڻهو ڇا آهي، اها ڪا وڏي
ڳالهه ڪانهي- ڪنهن لاءِ به: وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته
ڪا هستي، ڪا شيءِ، ڪو ماڻهو ڇا ٿو ڪري. ڪمَ ۽ ڪم
ڪندڙ جو، پورهئي ۽ پورهيت جو قدر ائين ٿئي ۽ انهن
جي اهميت جو تعين ائين ٿئي- انساني وٿ جو هي مسئلو
معاشري ۾ جيتريءَ حد تائين انهيءَ طرح حل ٿيندو ۽
عمل ۾ ايندو، انساني تهذيب جي ارتقا جي اُهائي حد
اُن معاشري جي طيءِ ٿيل شمار ٿيندي.“
هينئر جڏهن اسين سنڌي ادبي سنگت طرفان سائين محمد
ابراهيم جويي سان هي ننڍڙو پروگرام ڪري رهيا
آهيون، اسان جي ذهنن ۾ گذريل گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڇهن
ڏهاڪن جي تاريخ به آهي، جيڪا محترم سائينءَ جي عمل
جو ميدان رهي ۽ جنهن حوالي سان اسان جو سائينءَ
سان رشتو ڳنڍجي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته
هن صديءَ به سنڌ لاءِ گذريل ڪيترين صدين وانگر
ڏاکڙا آندا، ۽ انهن صدين وانگر ڏاکڙن سان گڏ مخدوم
بلاول، دولهه دريا خان، لطيف، سچل ۽ هن صديءَ ۾
محمد ابراهيم جويو به اسان کي پلئه پيو- ۽ مان وري
به چوان ٿو ته هن ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي. هن راءِ قائم
ڪرڻ جو مون وٽ منطق آهي، تفصيلي دليلن سميت.
جاڳرتا جي مڙني کيترن ۾، بنا نمود ۽ ڏيکاءَ جي،
جويي صاحب جو ونڊايل هٿُ، ۽ ڪم ۾ رڌل هئڻ جو هينئر
تائين لاڳيتو اتساههُ، ڊگهي ساهي ۽ جذبو، ان ڳالهه
جا دليل آهن. اوندهه ۽ جهالت جي راڪاس تي راتاهي
هڻڻ وارن جي ڊگهي قطار آهي، پر روشنيءَ جي آسائتن
انهن ساٿين منجهان گهڻن کي جُهرندي، ٿڪجندي، ۽
راڪاس سان ڏند ٽيڙي هٿ ملائي ٺاهه ڪندڙن کي به ڏٺو
اٿئون، جن ماڻهن ذريعي تاريخ جي جدلياتي قانون جي
اوسر ۾ ويساهه پختو ٿئي ٿو، انهن ۾ سائين محمد
ابراهيم جويو به شامل آهي. هينئر سجاڳيءَ جي اميد
ڏياريندڙ ٺوس شڪل موجود آهي، اها ان صورتحال ۽ ان
عمل منجهان سرجيل آهي، جنهن ۾ جويو صاحب جُنبيل
آهي.
رواداريءَ، سهپ، سماجي قُرب ۽ ايڪي جي ٻين پيغامن
وانگر محترم جويي صاحب جي ڪيل ڪم جي ڇنڊڇاڻ ۽ ان
جي صدين تائين هلندڙ اثر تي هڪڙي مضمون يا مقالي ۾
انصاف ڪري نه ٿو سگهجي- اهو يونيورسٽين جي کوجنا
وارن شعبن جو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو وک وک
تي، وقت ۽ تاريخ کي سمجهندا، حق ۽ ناحق جي پرک
ڪندا، نهايت چٽائيءَ سان وڌيا يا وڌن پيا، اهي
تاريخ ۽ حالتن کان ڪنهن حالت ۾ ڌار ڪونهن. پنهنجي
هن مضمون ۾ آءٌ سائينءَ جي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ونڊيل
هٿ تي مختصر طرح سان ٻه ٽي ڳالهيون چوندس. سائينءَ
جي ڪم جو ڪئنواس فقط انهن ٻن ميدانن تي محدود
ڪونهي، پر هت آءٌ ’سياڻپ‘ کان ڪم ٿو وٺان.
ٻوليءَ ۽ ادب تي اچڻ کان اڳ ڪيل ڳالهه جي ذهني
رسائيءَ يا ورتاءَ کي پرکڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن خيال ۾ رچاءُ ۽ پختگي نه هوندي يا جيڪا
ڳالهه ڪجي ٿي، ان جي قدر ۽ اهميت جي پرک نه هوندي،
ته ٻوليءَ ۾ به اوترو رس نه هوندو. ڀٽائي اُن ڪري
ئي عظيم آهي ته هن اعليٰ ٻوليءَ ۾ اعليٰ فڪر پيش
ڪيو، جيڪو سنڌ جي مستقبل جي سموري ڏاهپ ۽ زبان جي
ڏانءَ تي ڇانيل رهندو. اهو ڪنهن به قوم جي ڏاهي ۽
استاد جو اُتم گڻ آهي.
محترم سائين محمد ابراهيم جويو، جن تاريخي حالتن ۾
رهي ٿو، تن جي ئي پس منظر ۾ سندس ڳالهه ڪرڻ جي
ڏانءَ، سٽاءَ ۽ ٻوليءَ جي ترتيب کي ڏسڻو پوندو.
هونئن گوڙ گهمسان ۽ طوفاني زماني ۾ مڪالمي باز ۽
نعري باز ٻوليءَ ڏانهن هجوم جو ڌيان تڪڙو ڇڪجي
ويندو آهي، پر ان جو اثر بنهه ٿورين گهڙين تائين
رهي ٿو. خليل جبران جي ٻوليءَ جو زور، پڙهندڙ جا
پهرينءَ سَٽ ترا ڪڍي ڇڏيندو؛ مولويءَ جي زوردار
تقرير يا خطبو، سياست دان جي لفاظيءَ جي جادوگري
هجوم کي ٻن گهڙين لاءِ پنڊ پاهڻ بنائي ڇڏيندا؛ پر
جيئن ئي خُمار لٿا ۽ نشو کُٽو، ته وري ساڳي ماني
ساڳ سان. انهن ڳالهين ۽ انداز کي دائميت ڪانهي، ۽
اهي ڳالهيون هونديون به بنهه عارضي مقصدن ڪاڻ آهن.
دائمي قدر ۽ آدرشن سان لاڳاپيل ماڻهو ڪا ڳالهه
ٻڌائڻ چاهيندا آهن، جن ۾ هنن جو پنهنجو ڪو مفاد
ناهي؛ پر جنهن کي ڳالهه ٻڌائي پئي وڃي، ان لاءِ
لاڀ آهي؛ تنهنڪري ڳالهه ٻڌائڻ واري جو سڄو زور
ڳالهه جي جوهر ۽ روح کي سمجهائڻ تي هوندو آهي.
تاريخ جي ڊگهين ننڊاکڙين گهڙين مان سجاڳ ٿيڻ
واريءَ اويل کان هو آگاهه آهن، تنهنڪري کين هروڀرو
تڪڙ به ڪانهي. سندن مقصد آهي ته سوير يا دير ڳالهه
کي سمجهيو وڃي. اهي ساڳيا گڻ آهن سائين جويي صاحب
جي ٻوليءَ ۾، جنهن جي رڳو ڏانءَ کي ڏسي محسوس ٿو
ٿئي ته ليکڪ حالتن جي ڇتائيءَ کان ڪيڏو باخبر ۽
اُن ڇتائيءَ خلاف دائمي موٽ کي سنبرائڻ لاءِ ڪيترو
سنجيدگيءَ سان سوچي ٿو. سائينءَ جو مضمون ”ٻوليون
۽ سندن سٽاءُ ۽ ڦهلاءُ“ ان ڳالهه جو شاهد آهي،
جنهن ۾ ٻوليءَ جي ترتيب، جوڙجڪ ۽ سڌاريل ڏانءَ تي
گهڻو زور آهي، ۽ جنهن ذريعي ان ڳالهه کي وڌيڪ
سنجيدو، عقل واري پنڌ ڏانهن وٺي ويندڙ، اثرائتو
بنائڻو هوندو اهي. محترم سراج ميمڻ جي ڪتاب ’سنڌي
ٻوليءَ‘ جي ان مهاڳ واري مضمون ۾ هڪ هنڌ سائينءَ
لکيو آهي: ”ساڳي ٻولي ڳالهائڻ وارا ماڻهو، خاص طرح
اُن جي لکيل صورت ۾ اچڻ کان اڳ، جڏهن ٽولن ٽولن ۾
ورهائجي، جاگرافيائي طور هڪٻئي کان علحده ٿي وڃن
ٿا، ۽ منجهن ڪو جماعتي سُٻنڌ نه ٿو رهي، تڏهن
پنهنجي پنهنجي خاص ماحول ۽ الڳ الڳ روزمرهه جي
ضرورتن پٽاندر سندن ٻوليءَ ۾، آوازن ۽ اچارن، لفظن
جي ذخيري، ساڳين لفظن جي الڳ معنائن ۽ پڻ اهڙين
ڪيترين ئي ڳالهين ۾ علحدگي ۽ اختلاف اُڀري ٿو.
جيترا جيترا اهي ٽولا پنهنجي پنهنجي نئين ماحول ۾،
پنهنجو پنهنجو اندروني ۽ باهمي سٻنڌ قائم ڪري،
پنهنجي پنهنجي تاريخ جا ڪي دور گذارين ٿا، ايتريون
ئي صورتون سندن اصلوڪي ٻولي اختيار ڪري وٺي ٿي.
انهيءَ ڪري ماڻهن جي ڪنهن خاص تعداد جو هڪڙي ڪا
خاص ٻولي ڳالهائڻ هڪ اهڙي ته عظيم ۽ انتهائي گنڀير
حقيقت آهي، جنهن جي اهميت جو اندازو ثقافتي توڙي
سياسي ميدان ۾ پوريءَ ريت لڳائي نه ٿو سگهجي. ٻولي
ئي آهي، جنهن بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده
وجود ٺهي ٿو، ۽ قائم رهي ٿو.“
هتي ٻوليءَ جي سماجي ۽ قومي ارتقا ۾ هٿَ ۽ ان جي
ذريعي علميت جي ڦهلاءَ ۽ جماعتي سٻنڌ تي زور ڏنو
ويو آهي، ۽ ٻوليءَ سان سڄڻائپ پيش ڪرڻ جي ڏانءَ،
ان جي قومي ٻڌيءَ لاءِ محرڪ هئڻ، ۽ ثقافتي حيثيت
مڃرائڻ لاءِ ٻوليءَ جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ وس
ڪرڻ جي اهميت ٻڌائي وئي آهي. اها ڳالهه سائنسي
سماجيات جو بنيادي اصول آهي.
ٻوليءَ جي فني ترتيب- اڌ، منو، پورو دم ۽ ٻين
نشانين جي سچيتائپ سان ٺاهه ٺوهه ذريعي، مون ذاتي
طرح سان جويي صاحب جي ٻوليءَ جو هڪ نهايت اهم ڪارج
محسوس ڪيو آهي، ۽ اهو اهي گهڻي ڌيان ڏيڻ جي هير يا
عادت جو ٺهڻ. ذهني طرح پٺتي پيل ماڻهن، اهڙن
ماڻهن، جن جي ڪنن ۽ ذهنن ۾ صدين کان شيهو پگهاريو
۽ اوتبو پيو اچي، تن ۾ ڌيان ڏيڻ جي عادت پيدا ڪرڻ
سچ پچ ڏاڍو ڪارائتو ڪم آهي. جيستائين ڌيان نه ڏبو،
گهڻي ۾ گهڻو پڙهبو، ٻُڌبو ۽ سِکيو ڪونه، تيسين
گڏيل مقصد تي اُسهڻ ۾ رنڊڪون پونديون اينديون. هتي
مون کي جرمنيءَ جي اديب، هرمن هيس، جي ناول
’سڌارٿ‘ جو هڪڙو ساڳئي نالي وارو ڪردار ياد پوي
ٿو، جنهن درياهه اُڪرندي مهاڻي سان واقفيت ڪئي، ۽
پوءِ کيس پنهنجي جيون جو سربستو احوال ٻڌايو. ان
مهاڻي سڌارٿ جي جيون ڪٿا جنهن ڌيان ۽ يڪسوئيءَ سان
ٻڌي، تنهن سڌارٿ کي تپرس ۾ وجهي ڇڏيو. مهاڻي هن کي
پڇڻ تي ٻڌايو هو ته اها عادت هن درياهه وٽان سکي. تڏهن
سڌارٿ، جيڪو فلسفي قسم جو ڪردار آهي، پاڻ ۾ اها
ٻُڌڻ واري هير وڌائڻ لاءِ تپسيا واسطي درياهه تي
ئي رهي پيو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيسين ڌيان
ڏيڻ جي عادت راس نه ٿي ٿئي، تيسين ذهني بلوغت
تائين نه ٿو پهچي سگهجي، ۽ جيسين ڌيان ڏيڻ ۾ عار
سمجهجي ٿو، تيسين آڪڙ، ٽرڙائپ ۽ انائيت جي ماحول
مان پلئه پيل اڻ وڻندڙ اثر ختم نه ٿا ٿين. ان ڪري
ٻوليءَ ذريعي جيڪڏهن ڌيان ڇِڪائڻ واري خصلت پيدا
ٿئي، ته اها به وڏي ڳالهه آهي. سائين محترم جي
ٻوليءَ جو ٻاجهارو ۽ پيار ڀريل ڏانءُ، ان سلسلي ۾
هيڪاري ڪارائتو آهي. سائينءَ جي لکت ۾ جتي به اڌ،
منو يا پورو دم اچي ٿو، تڏهن اهي نشانيون ڄڻ پلاند
کان وٺي سڏين ٿيون ته جيتري ڳالهه ٿي آئي آهي، اها
سمجهيو ۽ پوءِ اڳتي وڌو. ٻوليءَ جو سماجي ڪارج
ائين ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت اتي پڙهندڙ
کي گرامر جي مدي خارج ۽ رٽايل قانونن کان به نجات
مليل آهي.
ڳالهه رڳو اتي دنگ نه ٿي ٿئي. سائين سنڌي ٻوليءَ
جي سرڪاري حيثيت مڃرائڻ، جنهن جي معنيٰ قومي وجود
مڃرائڻ آهي، تنهن لاءِ عملي طرح سان ڪنهن به محاذ
تي پٺتي نه رهيو آهي.
جيستائين ادب جو سوال آهي، ته ان ۾ شروع کان هينئر
تائين ادب جي دنيا جا هڪ کان گهڻا ٽڪراءَ رهيا
آهن. ورهاڱي کان پوءِ اُهي تضاد وڌيڪ تيز ٿيا ۽ ان
کي ٻن مرحلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون تضاد
اوندهه جي ساٿارين ۽ ترقي پسندن جي وچ ۾ دوبدو
هئو. ان جهيڙي ۾ ترقي پسند اديبن جي ڪردار کي
سگهاري ۽ هاڪاري شڪل ڏيئي، ڪُن مان ثابت ڪڍندڙن ۾
وڏي ۾ وڏو هٿ محمد ابراهيم جويي جو رهيو ۽ نتيجي ۾
اوندهه جا ساٿاري ڳوليا نٿا لڀن، جڏهن ته ترقي
پسند ساٿين محب وطنيءَ جي مختلف محاذن تي لاڀائتو
ڪردار نڀايو. ان کان پوءِ وري ادب ۽ اديب ۾ سماج
جي خفقانن ٽپي پوڻ سبب ۽ اديبن جي مڊل ڪلاس ۾ شامل
ٿيڻ سبب، ان عمل جا ادب جي تخليق تي به اثر ٿيا ۽
اهي به ٻه طرفا.
هڪڙو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪيل قولن تان ڦري ويا؛
۽ شخصيت جي ڀڃ ڊاهه جي ان کان وڌيڪ ڀوائتي صورت نه
هوندي آهي. سماجي تضادن کي انقلابي صورتحال تائين
اُڀري اچڻ کان روڪڻ لاءِ، عالمي سامراج جي حڪمت
عمليءَ تحت،
سڌاري بازيءَ ۽ رعايت يافته ماڻهن جي نفريءَ ۾
واڌارو ڪرڻ واري چالاڪي ڪئي وئي ۽ ان چالاڪيءَ کي
نه سمجهندي، ذاتي فائدن ۽ سلامتيءَ کي ترجيح ڏئي
اديبن جو ڳپل حصو ڇِڄي ويو.
ٻيو ته، وري به انهن ئي سماجي حالتن جي رُخ جي هڪ
بيءَ لٺ، اسان جي ڪجهه اديبن کان ذهني سگهه ۽
اتساهه کسي ورتو، جنهنڪري ادبي تخليقن ۾ داخليت
وارو لاڙو وڌڻ لڳو ۽ ادب جي سماجي مقصديت کي ڌڪ
رسڻ لڳو.
ان سڄي عرصي ۾ اڄ تائين محمد ابراهيم جويو، جيئن
ابتدا کان دائميت ڀريل قدرن جو گونجارو بنيو رهيو
هو، تيئن سلسلي کي جاري رکيائين. لکت ۾ توڙي ذاتي
مصلحتن تي انهن تضادن ۽ مونجهارن جي ڪڪرن کي هٽائڻ
لاءِ سر سيتائيءَ سان مصروف رهيو، ۽ اديبن جي
سموري برادريءَ کي ڪٽنب جي ڀاتين وانگر هڪ ڪرڻ
لاءِ ٻاجهه ڀرئي انداز سان مسئلي جي سنجيدگيءَ کي
محسوس ڪندي، اڪيلي سر ئي مصروف رهيو آهي ۽ وک وک
تي اديب کي هن جي سگهاري ڪردار کان آگاهه ڪندو آيو
آهي.
ٻوليءَ ۽ ادب جي حوالي سان پرڏيهي ادب ۽ فلسفي کي
سنڌيءَ ۾ آڻڻ لاءِ، مٿين سڀني ڳالهين کي نڀائيندي،
مشغول رهيو آهي. ٽي ايس ايلئٽ جي مضمون ’شاعريءَ
جي سماجي ڪارج‘ کان وٺي ’ٻارن جي مسيح‘ تائين هڪ
ڊگهو سلسلو آهي، جنهن لازمي طرح سان سجاڳيءَ جهڙا
اثر ڇڏيا آهن.
هن سلسلي ۾ جويي صاحب تي اعتراض به ٿيو آهي. وڏو
اعتراض آهي ته سائين يورپ جي وچين زماني جي
جاڳائيندڙ ادب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ اهو
جيئن جو تيئن هتان جي سماجي صورتحال تي لاڳو نه ٿو
ٿئي. ان ساڳئي قسم جو اعتراض ڪتاب ’ٻارن جو مسيح‘
تي ’هلال پاڪستان‘ ۾ تبصرو ڪندي، مون پاڻ به ڪيو
هو، ۽ هتي ان ئي بنياد تي ٿوريءَ ڦيرگهير سان، وري
اهو چوندس ته سنڌ جي هاڻوڪي سماجي ۽ معاشي
صورتحال، وچئين زماني جي حالتن کان گهڻي مختلف ۽
منجهيل آهي. پر هتان جي حالتن ۾ هڪڙي ڳالهه ضرور
آهي ۽ اها هيءَ ته جن ڪتابن جو سائينءَ ترجمو ڪيو،
اهي ’فڪر جي آزادي‘ ۾ جيهان ڪالوِن جي پيدا ڪيل
حالتن جهڙيءَ صورتحال سان ٽڪراءُ کائين ٿا، ۽ اهو
ڏاهپ جي ويڙهه جو گهڻو اثرائتو ۽ لاڀائتو عمل آهي.
اها ساڳي ڳالهه هن ريت به ڪري سگهجي ٿي ته اسان جو
نوجوان سڌي سنئين ٽڪراءَ واري ڪيفيت چاهي ٿو ۽
سائين جويو صاحب ان ٽڪراءَ واري نوبت ۾ نفري
وڌائي، ان کي سُچيت ڪري، اهڙي هنڌ آڻي بيهاري ٿو،
جتي وقت جي حقيقي گهرج آهي.
ان ۾ شڪ ناهي ته روسو ۽ والٽيئر جاڳرتا جي کيتر ۾
فرانس جي انقلاب جا ٿنڀا مڃيا وڃن ٿا، ۽ گوئٽي جو
’فائوسٽ‘ عقليت کي وڏي هٿي ڏيندڙ آهي، پر فڪري ۽
نظرياتي طرح ڌربنديءَ وارو عمل انهن کان گهڻو
اڳڀرو ٿي ويو. اڳرائپ واري ان پنڌ ۾ ضرور سماج جي
پيداواري لاڳاپن سان نظرياتي طرح به گڏو گڏ هلڻو
آهي، پر ذهني طرح پٺڀري صورتحال کي اڳتي وڌائڻ
لاءِ سائين محمد ابراهيم جويي جي پاڻ کي جاڳرتا (Renaissance) واري
عرصي تي مرڪوز ڪرڻ جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري
سگهجي. باقي اها پڪ اٿئون ته سائين وک وک تي اسان
سان گڏ آهي.
]سنڌي
ادبي سنگت، ڪراچيءَ جي گڏجاڻيءَ، 31 ڊسمبر 1981ع
تي پڙهيل[
سائين محمد ابراهيم جويو: ڪجهه ڳالهيون
غلام محمد لاکو
محمد ابراهيم جويو اسان جي دور جو هڪ وڏو نالو
آهي. خاطري ڪانه اٿم ته پهريون ڀيرو هن کي ڪٿي
ڏٺم، پر هيءَ پڪ اٿم ته آءٌ سائينءَ جن کي پرائمري
پڙهڻ واري زماني کان سڃاڻان. ان جو وڏو سبب هيءُ
آهي ته جويي صاحب اڪثر سنڌي نصابي ڪتاب لکيا، جي
اسان ابتدائي تعليم دوران پڙهيا هئا.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ آءٌ جويي صاحب سان صحيح معنيٰ
۾ آشنا ٿيس. ان دور ۾ مون نصابي ڪتابن سان گڏ ادبي
ڪتاب به پڙهڻ شروع ڪيا هئا. منهنجي مطالعي ۾ ايندڙ
ڪتابن جو اڪثر تعلق سنڌي ادبي بورڊ سان هو. بورڊ
جا ڪتاب، گهڻو ڪري جويي صاحب پاران لکيل مهاڳن ۽
تمهيدن سان ڇپيل هوندا هئا ڇو ته محمد ابراهيم
جويو سنڌي ادبي بورڊ جو ڳچ عرصو سيڪريٽري رهيو هو.
اهي تمهيدي نوٽ ناشر پاران لکيل هئا، ليڪن اهي
مهاڳ بامقصد ۽ وسيع تر قومي مفاد ۾ لکيل نوشتا
هئا. صاف سٿري ٻولي، مقصد جي همه گيريت ۽ وطنيت جي
حب سان ڀريل هي مضمون پڙهڻ کان پوءِ، منهنجي دل ۾
محمد ابراهيم جويي لاءِ عزت توڙي احترام جا ڪوٽ
اڏجي ويا.
1973 واري دور ۾ جويي صاحب سرڪاري ملازمت کان فارغ
ٿي، هڪ ادبي انجمن ٺاهي، ان پاران ڪتاب ڇاپڻ شروع
ڪيا هئا. ان انجمن جو نالو ’سنڌي اديبن جي سهڪاري
سنگت‘ رکيو ويو. هن انجمن جي پليٽ فارم تان ڳچ
سارا ڪتاب ڇپيا هئا، جي مون وڏي اتساهه سان پڙهيا
هئا. اهو ضياء جي مارشل لا جو دور هو. سنڌ جي لحاظ
کان هيءُ نهايت دردناڪ زمانو هو. گهُٽ ۽ ٻُوسٽ جو
وقت هو. محرومين ۽ مايوسين جو عرصو هو. اهڙي
پرآشوب دور ۾ جن سنڌي اديبن، محروم ۽ پيڙيل طبقي
کي زندهه رهڻ جو حوصلو ڏياريو، محمد ابراهيم جويو
اُن سُرت واريءَ هلچل ۾ پيش پيش هو. اسان وٽ
لکندڙن جو هڪ گروپ اهڙو به هو، جن ان مشڪل وقت ۾
ضياء الحق جو ساٿاري بنجي، سنڌي عوام کي اوندهه
ڏانهن پي ڌڪيو ۽ جويي صاحب جي ادبي ڪم کي پي لويو.
ليڪن حقيقت هيءَ آهي ته ان دور ۾ جويي صاحب جا
لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب، مون وڏي اتساهه سان پڙهيا،
۽ سندس قلمي پورهيو، ڪجهه ڳالهين ۾، منهنجي مستقبل
جي ادبي پورهيي ۾ نهايت مددگار ثابت ٿيو.
مون سال 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي.
ورندڙ سال ملازمت جي ڳولا ۾ گذريو. ان دور ۾ ڪجهه
مهينا اخبار ’سنڌ نيوز‘ ۾ نوڪري ڪيم. تڏهن مدد علي
سنڌي هن اخبار جو ايڊيٽر هو، جنهن مون کي پاڻ وٽ
ڪجهه سَون روپين جي اجرت تي رکيو هو. هڪ ڏينهن مدد
عليءَ مون کي چيو ته: ”اڄ، تڪڙ ڪري نه وڃجانءِ، ٻن
پهرن جو قربان علي بگٽي هت ايندو، گڏجي ماني به
کائبي ۽ ڪچهري به ڪبي، پر بگٽي صاحب سان گفتگو
ڪندي، احتياط ڪرڻ لازمي آهي، ڇو ته هو نه رڳو ذاتي
طرح ڏُکيو ماڻهو آهي، پر ساڄي ڌر جي اديبن جو هڪ
مکيه نقاد پڻ آهي. هن جو فڪر ۽ سوچ ترقي پسند لڏي
جي خلاف آهي“. اهوئي دور هو، جڏهن بگٽي مرحوم جا
ڪي ڪتاب ڇپيا هئا، جن ۾ هن ترقي پسند اديبن ۽ ادب
خلاف چڱا ڪات ڪهاڙا کنيا هئا. قربان علي بگٽي آيو
ته مدد عليءَ هن سان منهنجو تعارف، سنڌ جي نوجوان
محقق ۽ تاريخدان طور ڪرايو. گفتگو هلندي، مون بگٽي
صاحب کان سوال ڪيو ته ’ڇا هيءُ سچ آهي ته جديد
سنڌي ادب جو باني محمد ابراهيم جويو آهي؟‘
منهنجي سوال تي بگٽي مرحوم نهايت صاف سٿرو جواب
ڏنو. سندس چوڻ هو ته:
”محمد ابراهيم جويو تمام وڏو ماڻهو آهي. پاڻ رڳو
جديد سنڌي ادب جو ابو ڪونهي، پر هن ڪيترين ئي
تحريڪن کي جنم ڏنو آهي. هندو اديبن جي لڏ پلاڻ ڪري
پيدا ٿيل خال کي جويي صاحب ان طرح ڀريو، جو هن نِت
نون لکندڙن جي همت افزائي ڪئي. ون يونٽ ٺاهي، سنڌ
جو نالو گم ڪيو ويو، ان حوالي سان جويي صاحب،
نهايت بصيرت افروز رٿا سان، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي
تحريڪن کي وجود ۾ آندو. ان طرح ون يونٽ مخالف آواز
اٿيا، ۽ اڄ سنڌ جو صوبو بحال ڏسجي ٿو. اڄ اسان جو
نوجوان ’سنڌ، سنڌ‘ ڪري ٿو، ان هلچل جو اولين روح
روان محمد ابراهيم جويو آهي، ۽ پوءِ ڪو ٻيو ليڊر
ٿي سگهي ٿو.“
بگٽي صاحب وڌيڪ چيو ته: ”هو اسان جي لڏي جو
نظرياتي مخالف ڀلي هجي، پر موجوده سنڌ ۾ سياسي
سجاڳيءَ ۽ قومي جاڳرتا جو سڄو ڪريڊٽ جويي صاحب
ڏانهن وڃي ٿو. ان حقيقت کان هن جو ڪٽر مخالف به
انڪار نه ڪري سگهندو“.
بگٽي صاحب جون هي ڳالهيون ٻڌي، مون پهريون ڀيرو
جويي صاحب سان ملاقات جو فيصلو ڪيو. هڪ ڏينهن آءٌ
سندن رهائشگاهه تي ويس. دعا سلام کان پوءِ مون کي
چيائين ته ’ادا، چڱيءَ طرح پنهنجو تعارف ڪراءِ‘.
جڏهن مون پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي، تڏهن پاڻ مون کي
علم ۽ ادب جي اهميت جي باري ۾ ڀرپور ليڪچر ڏنائون.
سندن چوڻ هو ته ’علم ۽ تعليم جو پنهنجي قوم کي
فائدو ڏي، اهو توتي حق آهي. پر توکي رڳو خدمت ڪرڻي
آهي، لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم ڪنهن لالچ يا طمع کان سواءِ
ڪرڻ کپي، ادبي ڪم ڪندي، نه اسان ڪروڙ ڪمايا آهن، ۽
نه توکي هيءَ قوم پڳ ٻڌائيندي. اُجوري جي طلب
هُجئي ته پوءِ سوير ئي وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪر، لکڻ
پڙهڻ کي هينئر ئي ڇڏي ڏي.‘
جويي صاحب سان منهنجي پهرينءَ ملاقات کان ٻه مهينا
پوءِ، سنڌ جي معتبر ۽ مستند تاريخدان پير حسام
الدين راشدي صاحب جي علالت جون خبرون اخبارن ۾ اچڻ
لڳيون. مون پير صاحب جي اجازت سان، سندن اردو ڪتاب
’سنڌي ادب‘ ترجمو ڪري ’گرامي پبليڪيشن‘ دولت پور
پاران شايع پي ڪرايو. جڏهن ڪتاب ڇپجي تيار ٿيو،
تڏهن ارادو ڪيم ته پير صاحب جي عيادت به ڪريان ۽
ڇپيل ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون به کين پيش ڪريان، پر
راشدي صاحب جي بيماريءَ سبب، ملاقات جا امڪان گهٽ
ڏسڻ ۾ ٿي آيا.
ان معاملي تي مشوري لاءِ مان هڪ ڏينهن جويي صاحب
وٽ هليو ويس. مون کي ڏسڻ سان ئي پاڻ چيائون ته
”اڙي يار، تون ڪهڙي جهان ۾ آهين؟ راشدي صاحب توکي
ياد ڪري رهيو آهي، تازو سندن هڪ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ
وڻن جون“ ڇپيو آهي. اهو ڪتاب حميد آخوند کان وٺ ۽
ان تي هڪ تعارفي تبصرو لکي، ڪٿي ڇپراءِ. اها پير
صاحب جي خواهش آهي.“ جواب ۾ وضاحت ڪيم ته ’خبر پئي
آهي ته، پير صاحب سان بيماريءَ سبب ملاقات ممڪن
ڪانهي. ان صورت ۾ آءٌ ڇا ڪريان؟‘ پاڻ چيائين ته
”ادا تون ڪراچي وڃ، پير صاحب سان تنهنجي ملاقات
بلڪل ٿي سگهندي.“ جويي صاحب جي صلاح تي نيٺ مان
ڪراچيءَ هليو ويس. مختصر ڪوشش سان واقعي راشدي
صاحب سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. مون کين سندن اردو
ڪتاب ’سنڌي ادب‘ جو سنڌي ترجمو پيش ڪيو. پاڻ نه
رڳو خوش ٿيا، پر پنهنجي دستخط سان، پنهنجو تازو
ڇپيل ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ به مون کي تحفو
ڪري ڏنائون. هن ڪتاب ۾ راشدي مرحوم جا ننڍا وڏا 43
مضمون ۽ مقالا ڏنل آهن. سنڌ جي مطالعي ۾ هن ڪتاب
جي وڏي اهميت آهي. ان جو مقصد ڀريو مهاڳ، محمد
ابراهيم جويي صاحب جو لکيل آهي. 28 ڊسمبر 1981ع تي
ٿيل راشدي صاحب سان مُنهنجي هيءَ ملاقات، آخري
ثابت ٿي. ان ملاقات جو سڄو ڪريڊٽ بهرحال سائين
جويي صاحب ڏانهن وڃي ٿو.
سنڌ جي مهانَ ڏاهي محمد ابراهيم جويي سان، پهرينءَ
ملاقات کان پوءِ منهنجي نيازمندي ۽ دُعا سلام جو
سلسلو قائم رهندو اچي.
فيبروري 1982ع ۾ مون کي تعليم کاتي ۾ ملازمت ملي.
مان اٽڪل پنج سال، سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ رهيس.
سال 1987ع ۾ ان وقت جي علم دوست وائيس چانسيلر
جناب مظهرالحق صديقي صاحب مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ ملازمت ڏني. جڏهن جويي صاحب کي اها خبر پئي،
تڏهن تمام گهڻو خوش ٿيا. مان ساڻن ملڻ ويس ته مون
کي مبارڪباد ڏيندي، وقت کي سڦل ڪرڻ لاءِ ڪي
هدايتون به ڏنائون. ان وقت کان وٺي باقاعدي جويي
صاحب سان ميل ملاقات ۽ علمي ادبي معاملن تي صلاح
مصلحت جو سلسلو هلندو اچي. ان طرح مون کي سندن
ويجهو رهڻ، ۽ کين سمجهڻ توڙي پرکڻ جو چڱو موقعو
مليو آهي. گذريل پندرهن سالن جي عرصي ۾ ڪجهه ڏکين
گهڙين ۾، جويو صاحب اڳڀرو ٿي منهنجي ڪم به آيو
آهي.
علمي ۽ عملي زندگيءَ ۾، مون کي ڪي تلخ تجربا ٿيل
آهن. سنڌي ماڻهوءَ جو وڏو دشمن خود سنڌي ماڻهو
آهي. سنڌي سماج کي ڪاپاري نقصان خود پنهنجو پاڻ
کان پهتو آهي. اسين پنهنجا دشمن وڏيءَ حد تائين
پاڻ آهيون. هڪ ٻئي کي نه سهڻ ۽ برداشت نه ڪرڻ سبب،
اڄ اسين وڏيءَ مشڪلات جو شڪار ٿي چڪا آهيون. مون
کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سروس ملي، ته ڪجهه ماڻهن کي
هيءَ ڳالهه بنهه نه وڻي. ان دور ۾ جنرل هسٽري شعبي
جي موجوده چيئرمين محمد قاسم سومري کي به پاڪستان
اسٽڊي سينٽر ۾ مُقرري ملي. سومري صاحب ان کان اڳ
پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت واري قومي اداري ۾
ملازمت ڪئي هئي. اسلام آباد ۾ رهندي، پاڻ قائداعظم
يونيورسٽيءَ مان، سنڌ جي مسلم سياست تي مقالو لکي،
ايم. فل جي ڊگري ورتي هئائين. پاڪستان اسٽڊي سينٽر
جي ان وقت جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
صاحب، محمد قاسم جي مذڪوره مقالي کي شايع ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو. هيءُ مقالو، انگريزي زبان ۾ لکيل هو؛
ان ڪري فيصلو ٿيو ته پهريائين محمد ابراهيم جويو
ان کي ايڊٽ ڪندو، بعد ۾ ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو
ويندو. ان ڪم جي تڪميل لاءِ مون تي ذميداري رکي
وئي. جويي صاحب منهنجي گذارش کي مانُ ڏيندي، ٿوري
عرصي ۾ مقالو ايڊٽ ڪري ڏنو. آءٌ مواد کڻڻ لاءِ
سندن خدمت ۾ پهتس. تڏهن پاڻ ٻڌايائين ته اوهان جي
سينٽر جو هڪ استاد لال جسڪاڻي مون وٽ آيو هو، جنهن
مون کي هن مقالي ايڊٽ نه ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، پر
مون کيس چيو ته جيتوڻيڪ مقالي جو موضوع، منهنجي دل
وٽان ڪونهي، پر جيئن ته مون کي غلام محمد لاکي ڪم
ڪري ڏيڻ لاءِ گذارش ڪئي آهي، ان ڪري مون پنهنجي هڪ
دوست جي ڳالهه کي مانُ ڏيندي، سومري صاحب جو مقالو
ايڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو مقالو پوءِ`Muslim
Politics in Sindh` جي
نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو.
هونئن ته سائين محمد ابراهيم جويو ڳچ موقعن تي
منهنجي ڪم آيو آهي، پر هتي مان صرف هڪ خاص واقعي
جو ذڪر ڪندس. ڪجهه سال اڳ منهنجي پروموشن جو مسئلو
هو، ليڪن وقت جو وائيس چانسيلر پروموشن بجاءِ اصل
منهنجي ڪڍ پئجي ويو. حالانڪ ان صاحب سان منهنجي
ڪافي وقت کان نيازمندي رهندي ٿي آئي. ڪرسي ملڻ سان
چڱن ڀلن ماڻهن جا رويا مٽجي ويندا آهن. سو صاحب
موصوف ڄڻ ته سڃاڻندو به نه هجي! رڳو مون سان اها
جُٺِ نه ٿي، پر هر واقفڪار ۽ يار دوست کي اصل ڳڙي
۾ وجهي ڇڏيائين. مون جڏهن جويي صاحب سان پنهنجي
ماجرا بيان ڪئي، تڏهن نه رڳو مون کي آٿت ڏنائين،
پر سيد پناهه علي شاهه جي معرفت منهنجي مسئلي حل
ڪرائڻ ۾ منهنجي مدد ڪيائين. ان مامري ۾ سينيٽر
حسين شاهه راشدي ۽ ايم.ايڇ.پنهور پڻ منهنجي واهر
لاءِ اڳتي آيا.
سال 1951ع ۾ سنڌ حڪومت سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو.
شروع جي ڳچ سالن ۾ محمد ابراهيم جويو هن اداري جو
سيڪريٽري رهيو. هڪ ڀيري بورڊ جي مختلف علمي رٿائن(Projects) جو
ذڪر نڪتو، تڏهن پاڻ ٻڌايائون ته سنڌ جي جامع تاريخ
لکڻ جو خاڪو ڊاڪٽر دائودپوٽي پيش ڪيو هو. پير حسام
الدين راشدي سنڌ جي تاريخ جي ماخذن ڇپرائڻ واريءَ
رٿ جو خالق هو. لوڪ ادب سهيڙڻ جي اسڪيم ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ تيار ڪري بورڊ کي ڏني. جڏهن ته مون
پاڻ برٽش دور کان اڳ لکيل سنڌي ڪتابن جي اشاعت جو
پروگرام جوڙي، مفصل خاڪو بورڊ آڏو پيش ڪيو هو، پر
منهنجي رٿا تي عمل نه ٿي سگهيو. اڄ به بورڊ جي
فائيلن ۾ اهو رڪارڊ موجود هوندو. جيڪڏهن ان رٿا تي
عمل ٿئي ها ته ان جا ڪيئي فائدا ٿين ها. انهن
ڪتابن جو گهڻو تڻو تعلق مذهبيات سان هو، ان ڪري
سنڌي زبان جي اسلامي ادب ۾ وسعت اچي ها. ان کان
پوءِ انهن ڪتابن جي اشاعت سان، صديون اڳ جا لکيل
اهي مسودا ناپيد ٿيڻ کان به بچي پون ها. ان طرح
سنڌي ادبي تاريخ جي اڀياس ۾ پڻ وسعت پيدا ٿئي ها ۽
وڏي ڳالهه ته جويي صاحب تي مذهبي ڌرين جي ڪاوڙ ۾
به شايد ڪجهه گهٽتائي اچي ها!
قديم سنڌي تصنيف ۽ تاليف سان، جويي صاحب جي
دلچسپيءَ جو هتي هڪ مثال ڏيڻ مناسب ٿيندو. سال
1990ع ۾ مون کي ڪلهوڙن جي دور جي لکيل هڪ مختصر
ڪتاب جي ڦوٽو ڪاپي، برٽش لائبريريءَ مان هٿ آئي.
هيءُ ڪتاب، اڻ ڇپيل هو ۽ اسان جي ادبي تاريخ ۾ ان
جو ڪو به ذڪر ٿيل نه هو. مون ان کي ايڊٽ ڪري شايع
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن معاملي تي مون محمد ابراهيم
جويي سان صلاح مصلحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن
مذڪوره مسودو سندن آڏو رکيم ته پاڻ ان ۾ گهڻي
دلچسپي ڏيکاريائين. نه رڳو همت افزائي ڪندي، مشورا
ڏنائين، ليڪن ان جي اشاعت جي معاملي ۾ به اڳتي وڌي
منهنجي مدد ڪيائون. اهو ڪتاب، پوءِ پاڪستان اسٽڊي
سينٽر ”تفسير آية الڪرسي“ جي نالي سان ڇاپي پڌرو
ڪيو. اهو ئي موقعو هو جو جويي صاحب قديم سنڌي لکت
جي اهميت تي زور ڏيندي، مٿي ذڪر ڪيل پنهنجي منصوبي
جي مون سان ڳالهه ڪئي هئي.
محمد ابراهيم جويو، جيتوڻيڪ اسان وٽ باضابطه طور
تي مؤرخ ۽ محقق طور نه ٿو سڃاتو وڃي. پوءِ به هيءَ
هڪ اٽل سچائي آهي ته پاڻ سنڌ جي تاريخ جو وڏو
ڄاڻو، پارکو ۽ نقاد آهي. هن جو ڪتاب ’شاهه، سچل،
سامي‘ منهنجي هن راءِ جي تائيد ۾ پيش ڪري سگهجي
ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي تاريخ کي ڪيترن مِهڻن سان
منهن ڏيڻو پيو آهي. ڌارين لکندڙن ان کي مقامي،
علائقائي ۽ صوبائي تاريخ سڏيو. جڏهن ته خود پنهنجن
تاريخدانن ان کي مذهبي ۽ قبائلي تناظر ۾ ڏسڻ ۽
نندڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن جويي صاحب جو موقف چِٽو
آهي، ته سنڌ جي تاريخ هڪ قوم ۽ وطن جي تاريخ آهي ۽
اها هڪ مڪمل (Compact)تاريخ
آهي. هونئن ته سندن لکڻين توڙي ڪچهرين دوران، اسان
کي سنڌ جي تاريخ جي باري ۾، سندن خيالن جي گهڻي
پروڙ هئي، پر هن ڏس ۾ وڌيڪ ڄاڻ تڏهن ملي، جڏهن
ڪجهه سال اڳ، پاڪستان جي قومي تاريخ ۽ ثقافت واري
اداري، ملڪ جي هڪ جامع تاريخ تيار ڪري ڇپرائڻ جو
فيصلو ڪيو. هن مقصد لاءِ اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ
ميٽنگ ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب کي به مدعو ڪيو
ويو هو. اسلام آباد کان موٽڻ کان پوءِ پاڻ مون کي
۽ محمد قاسم سومري کي سڏي، هن رٿا بابت صلاح مصلحت
ڪيائين، ۽ سنڌ جي تاريخ جي اهميت کي اجاگر ڪندي،
پنهنجي سوچ ويچار کي اسان جي آڏو رکيائين. ان ريت
پاڪستان جي تاريخ لکرائڻ واري محرڪ اداري کي، پاڻ
پنهنجي ليکي خاص ڪري سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان،
هڪ الڳ رٿا جوڙي موڪلي ڏنائون. اها جدا ڳالهه آهي
ته پاڪستان جي تاريخ جو اهو منصوبو عمل ۾ نه اچي
سگهيو ۽ نه وري سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ جويي صاحب
واري ڳالهه اڳتي وڌي سگهي.
جڏهن ڳالهه سنڌ جي تاريخ جي نڪتي آهي، تڏهن هن ڏس
۾ جويي صاحب جي دلچسپيءَ توڙي عمل جو ڪجهه وڌيڪ
ذڪر ڪرڻ اجايو نه ٿيندو. ڪلهوڙا خاندان پنهنجي
سياسي جدوجهد ۽ پوءِ حڪومتي دور ۾، سابق صوبي
ملتان مان ڪيترن قبيلن کي آڻي، سنڌ ۾ آباد ڪيو. هن
ڏس ۾ ”جويو“ قبيلو ذڪر جوڳو آهي. منهنجي ڳوٺ ۾ هن
ذات سان تعلق رکندڙ ڪجهه گهر آهن، جيڪي اڄ به
سرائڪي ٻولي ڳالهائين ٿا. سکر ۾ ميان آدم شاهه جي
مقبري جي ٻاهران ڏکڻ ۾، ڀوري رنگ جي پٿر جي هڪ قبر
آهي. هينري ڪزنس لکيو آهي ته هيءَ قبر مستي بن
زنده ]جندو[ جويي
جي آهي، جنهن 1658ع (1069هه) ۾ وفات ڪئي هئي ]’سنڌ
جا قديم آثار‘ ص 153[.
جڏهن ته هن ڪتاب جي سنڌي ڇاپي ۾ ’زندا فقير جويو‘
لکيل آهي. (مترجم عطامحمد ڀنڀرو، ص 269). منهنجو
ذاتي مشاهدو آهي ته قبر تي: مستي بن زنده فقير،
قوم جويه لکيل آهي جويو قبيلو، ڪلهوڙن کي پنهنجو
مرشد تسليم ڪندو هو. ان کان سواءِ ڪلهوڙن صدين بعد
متحده سنڌ جو خواب پورو ڪيو ۽ ملڪ جي گهڻي خدمت
ڪيائون. اهو ئي پس منظر آهي جو اڄ سوڌو جويا،
ڪلهوڙن جي تاريخ سان گڏ، سنڌ سان وفاداريءَ ۽ محبت
جي جذبي سان سرشار آهن.
محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو،
تڏهن پاڻ ”تاريخ ڪلهوڙا“ کي وڏي آب تاب سان ڇاپي
پڌرو ڪيائون. ڪلهوڙن بابت منعقد ٿيل ڪجهه سيمينارن
۾ به، جويي صاحب جي صلاح ۽ تائيد، هڪ ذڪر جوڳي
ڳالهه آهي. ڪلهوڙن، پرڳڻي ملتان مان ڪجهه ٻين
قبيلن کي به سنڌ ۾ آندو، ليڪن انهن نه رڳو ڪلهوڙن
کي اقتدار کان محروم ڪيو، پر بنهه تازي دور ۾ به
انهن قبيلن جي ڪجهه لکندڙن، پنهنجين لکتن ذريعي
سنڌ جي هن سابق حڪمران خاندان جي غيبت جاري رکي
آهي.
منهنجي پنجويهه ساله ادبي زندگيءَ ۾، جتي ڪجهه ٻين
اديبن ۽ عالمن جو ڪردار آهي، اتي جويي صاحب جو به
ڪجهه حصو پتي آهي. منهنجي ڪتاب ’سمن جي سلطنت‘ ۾
دريا خان جي حسب نسب تي جيڪو بحث آهي، ان ۾ هن
بزرگ دانشور جو گهڻو ڪردار آهي. منهنجا ڪجهه
تاريخي مقالا جهڙوڪ: ’سنڌ سڀا- سنڌ جي پهرين سياسي
تنظيم‘، ’مخدوم بلال جي شهادت جو مسئلو‘، ’ڪراچي
شهر جي اوائلي تاريخ‘ ۽ ’سنڌ- قلات لاڳاپا‘ جويي
صاحب نهايت دلجمعيءَ سان پڙهيا ۽ دوران گفتگو انهن
جي واکاڻ ڪئي. مون سنڌ جي هن مهان ڏاهي جي ادبي
مڃتا ۾، پنهنجو ڪتاب ’مطالعو سنڌ جو‘ سندن نالي
منسوب ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ناز سنائي 1992ع ۾ ڇپايو
هو. هيءُ ڪتاب ٻيو ڀيرو ”مطالعو سنڌ جو- جلد 1“
طور سن 2005ع ۾ ساڳئي ناشر ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
محمد ابراهيم جويي صاحب جي باري ۾، هن مضمون جي
شروعات سنڌي ادبي بورڊ جي ذڪر سان ڪيل آهي. جيئن
مٿي ذڪر ٿيو، بورڊ جي جنم کان وٺي، جويو صاحب ڪافي
ورهيه ان جو سيڪريٽري رهيو هو. تمام گهٽ اسٽاف
توڙي بجيٽ جي باوجود به، جويي صاحب رات ڏينهن جي
محنت سان، ٿوري وقت اندر ان کي وڏي مڃتا ڏياري ۽
دنيا ۾ بورڊ جي ساک قائم ٿي. 22- ڊسمبر 1996ع تي
کين بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ هن عهدي تي
پنج سال فائز رهيو ۽ کين 12- جولاءِ 2002ع تي بورڊ
جي سربراهيءَ تان فارغ ڪيو ويو. ليڪن ويچار جوڳي
ڳالهه هيءَ آهي ته، چيئرمين محمد ابراهيم جويو،
پنهنجن هٿن سان ٺاهيل، نپايل ۽ بالغ ڪيل، هن اداري
لاءِ هن ڀيري مفيد ثابت نه ٿيو. حالت هيءَ وڃي ٿي
ته اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن خلاف بيان، تبصرا ۽ رايا
اچڻ شروع ٿيا. ڪن ماڻهن مخالفت ۾ مظاهرو به ڪيو.
مون سميت ڪافي دوستن کين اهڙي بيسود عهدي ڇڏڻ جي
به صلاح ڏني. هن ڀيري جويي صاحب جي سڦل نه ٿيڻ جا
ڪيئي سبب هئا. حضرت علي رضه کان هڪ ڀيري دوستن
پڇيو ته ڇا سبب آهي، جو اڳين خليفن جي دور ۾ خلافت
جو انتظام ٺيڪ ٿي هليو ۽ اوهان جي دور ۾ حالتون
روز بروز بگڙنديون پيون وڃن. حضرت عليرضه فرمايو
ته اڳين دورن ۾ خليفن جا صلاحڪار مون جهڙا اصحاب
هئا، جڏهن ته منهنجا صلاحڪار اوهين آهيو!
جويي صاحب جي بورڊ جي چيئرمينيءَ واري دور تي ضرور
ڪو دوست تفصيل سان لکندو، مان ته رڳو ايترو لکندس
ته شڪر آهي ته سنڌ جو هيءُ مانائتو دانشور، هڪ
اهڙي عهدي کان فارغ ٿي چڪو آهي، جتي هر ايندڙ
ڏينهن تي سندن بيداغ ڪردار تي آڱر کڻڻ جي ڪوشش ڪئي
ٿي وئي.
محمد ابراهيم جويو ويهين صديءَ جي سنڌ جو هڪ وڏو
ڪردار آهي ۽ پنهنجي ادبي، سياسي ۽ ادارتي پورهئي
سبب، هو هڪ داستان (Legend) بنجي
چڪو آهي.
اسان جو هردل عزيز رهنما: محمد
ابراهيم جويو
ماهتاب محبوب
ڪافي عرصي بعد، اسان جي محترم ۽ معزز شخصيت، محمد
ابراهيم جويي صاحب کي، سندن سٻاجهي سدوري ڏوهٽي
محسن جويو سان گڏ پنهنجي گهر ۾ ڏسي، امداد حسينيءَ
جو خوبصورت گيت، ”عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين
مون ڏي...“ کي، مون اُن مهل ”عيد جو چنڊ ئي ته
آهين جو نهاريان توڏي...“ جيان سوچيو.
واقعي به عيد جي سڳوري ڏينهن تي، جويي صاحب جي
دلنواز دِيد، مون لاءِ عيد جو بيمثل تحفو ئي ته
هئي! مون کي اِن عزت افزائي تي سچ پچ ته تمام گهڻي
خوشي ٿي... هُن جِن دِلي دعائن سان مون کي نوازيو
تِن جي شڪرگذاريءَ جا مون وٽ لفظ ئي نه هئا... کيس
تندرست ۽ توانو ڏسي، روح کي راحت ۽ دل کي آٿت مِلي
پيئي... همدرد، پُراُميد ۽ مسلسل جدوجهد ڪندڙ
انسان، لاشڪ ته جويو صاحب جهڙا ئي هوندا آهن، جن
تي صديون سال نه، پنهنجا اثر وجهي سگهن نه پاڇا.
سندس سمورو وجود پنهنجي قوم جي ماڻهن، پنهنجي
پيارن ۽ وطن جي ٻچن لاءِ بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جيان،
پيو محسوس ٿيندو آهي. اَڇي شانائتي ويس ۽ ڳاڙهسري
سنڌي ٽوپيءَ ۾ جويي صاحب جي شخصيت ويتر نِکري پئي.
مون هن
جي لازوال مُرڪ واري معصوم ۽ مڻيادار چهري ڏي
نهاريو، ته اُن ۾ نوراني چمڪ جو اضافو محسوس ٿيو،
جنهن تي اڄ به ساڳي ريت اُميدن جا ڏيئا روشن هئا.
هڪ ڀيري هُن جي سٺي صحت جو راز پڇيم ته مُرڪي،
پنهنجي مٺي ۽ نهٺي لهجي ۾ وراڻيو هئائين، ”مان
زندگيءَ ۾ سدائين پُراُميد رهيو آهيان، ڪڏهن به
مايوس ناهيان ٿيو، نه
ئي ڪڏهن همت هاري آهي.“
تڏهن ته هُو ٻين کي به پاڻ جيان اُميد جو ساٿ نه
ڇڏڻ جي تاڪيد ڪندو رهي ٿو.
”انساني عمر، چاهي ڪيتري به هجي، پر ڪارائتي هجي.“
هن پنهنجي عمر خِضري لاءِ سٻاجهائي مان چيو،
”منهنجي عمر مون کي دنيا ۾ گهڻو ڪجهه سِکڻ ۽ ڏسڻ
جو وجهه ڏنو.“
جويو صاحب، جنهن ننڍپڻ ۾ ڪيئي جيءُ جهوريندڙ صدما
۽ ڏُک سٺا ۽ محروميون ڏٺيون، سو وڏپڻ ۾ سڄي سنڌي
قوم لاءِ اَملهه علمي ادبي خزانو بڻجي پيو. اسان
ته چاهينداسين ته خدا شال کيس سوين ڄمارون عطا
ڪري.
هونءَ به زندگي اچڻ ۽ وڃڻ واري شئي ئي ته آهي،
جيڪا نه روئڻ سان رُڪندي، نه جهلڻ سان جهلبي. قدرت
پاران جنهن جي جيتري چارجِنگ يا بئٽري مقرر هوندي،
اوترا ئي ساهه پَساهه.، اِن طويل يا مختصر مُدت کي
سجايو ڪرڻ، انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي. ڪڏهن مختصر
زندگي ۾ اُهي ڪارناما سرانجام ٿي ويندا آهن، جو
بنا مقصد جي گهاريل ٻڪر ٻُوساٽ واري طويل زندگي
گذارڻ، اُن مختصر زندگي آڏو ڪا معنيٰ نه رکندي
آهي، پر بامقصد طويل زندگي هزار سال جي هجي ته به
گهٽ پئي لڳندي ۽ هر دل چاهيندي ته اهڙو انسان شال
سدائين جُڙيو هجي جهان ۾...
اِن اعتبار کان ڏسجي ته جويو صاحب پنهنجي حياتيءَ
جو پل پل نه رڳو سجايو ڪيو آهي پر هر دؤر ۾ سنڌي
قوم کي جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي وارين حالتن مان نڪرڻ
جون سُرت ڀريون صلاحون ڏيندي سياسي، سماجي، فڪري ۽
ٻولي توڙي تعليم جي موضوعن تي لازوال تحريرون ۽
ڪتاب ڏنا آهن ۽ اڄ به پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ
اُتساهيندو رهي ٿو. کيس ڪتابن سان ايڏو ته عشق آهي
جو .
تنهن ڏينهن پڻ هن جوشيلي جذبن سان پنهنجي هٿ کي
مضبوطيءَ سان ڀيڪوڙي فيصلي ڪن انداز مان ورجائيندي
چيو:
”ڪتاب ۽ انسان جو ساٿ اٽوٽ هئڻ گهرجي! People
and Books~ People and Books! People and Books! انهن
کي هڪ ٻئي کان ڪڏهن به ڌار نه ٿيڻ گهرجي.“
ساڳي مهل هُن انساني صحت قائم رهڻ جو گهڻو اونو
ڏيکاريندي چيو، ”انسان کي پنهنجي صحت جي چڱي ريت
سنڀال ڪرڻ گهرجي، گهٽ ۽ سادو کائڻ صحت جو بهترين
اصول آهي.“
جويو صاحب پاڻ به ساري زندگي ان تي عمل ڪندو رهيو
آهي، ست رَڇي طعامن جي کيس ڪڏهن به طلب نه رهي
آهي. ننڍپڻ کان ئي چانهه بسڪوٽ، ڌونرو ڀت، مانيءَ
تي مکڻ ڦُٽي ۽ مٿان وري گهاٽي لسي جهڙي صحت بخش
ڊرنڪ، هن جي من پسند خوراڪ رهي آهي ۽ جنهن ۾ ئي هن
جي سُٺي صحت ۽ زندگيءَ جو راز به سمايل آهي. هو اڄ
به دلچسپيءَ مان پنهنجي پسند جا ڪتاب پڙهي ٿو، پر
ان ڳالهه تي لاشڪ ته خوش ناهي جو مهاڳن ۽ رايا
لکرائڻ لاءِ ڍڳ ڳرا ڪتاب سندس سيرانديءَ کان هڪيا
تڪيا ڳاهٽ ٿيو پيا آهن. اهڙي صورتحال کان لاشڪ ته
هُو پريشان آهي، ان زوراوري تي بي اختياريءَ مان
چوڻ لڳو: ”جڏهن ماڻهوءَ جي دل چوندي ته ڪتاب
پڙهندو، بنا مرضيءَ جي زور زبردستي ته ڪجهه به
پڙهيو ناهي ٿيندو، پڙهڻ جهڙي شئي هوندي ته ضرور
پڙهبي، ڇو نه پڙهبي پر ڪتابن تي لکڻ به ڪو ايڏو
سولو ڪم ته ڪونهي جو جهٽ ۾ ڍير ڪتاب پڙهي مهاڳن
لکڻ ۾ جُنبي وڃان! دراصل سؤ ساله جنم ڏينهن ۽ مٿان
وري اُن جي جشن جو ٻُڌي هر ڪو تڙ تڪڙ ۾ مهاڳن
لِکرائڻ لاءِ ماندو ٿي پيو آهي، ته ڪٿي ڪا دير نه
ٿي وڃي...
هيڪاندا ڪتاب پڙهائڻ ۽ ڀوڳائڻ ۽ اُن تي ڪجهه نه
ڪجهه لکرائڻ جي تمنا، جويو صاحب جي زندگيءَ سان
کيڏڻ برابر آهي. اُهي اسٽيريو ٽائپ لکندڙ ٻيا ٿين،
جن لاءِ ڪتاب پڙهڻ بنا ئي اُن تي مهاڳن توڙي مقالا
رِهڙڻ، کاٻي هٿ جو کيل آهي، پر جويو صاحب کي زوري
لکرائڻ وارو ٽينشن هرگز نه ڏيڻ جُڳائي ۽ نه ئي
هروڀرو اهو لکرائڻ لاءِ ڄور جيان چنبڙي پئجي.
هونءَ به کيس ڄورن جو مشاهدو ننڍپڻ کان ئي ماڻيل
آهي ته اهي رت پياڪ ڪيڏيون نه تڪليف دهه ٿينديون
آهن، جن جي چڪن جا ڇڏيل نشان، اڄ سوڌو هُن جي ڪُک
تي موجود آهن! تنهن ڪري ”ادبي ڄورن“ کان کيس هر
ممڪن تحفظ ڏيارڻ ساڃهه وندن ۽ جويي صاحب جي گهڻ
گهرن جو فرض آهي. هونءَ به هن سنڌي قوم کي وس آهر
تمام گهڻو ڏنو آهي. بلڪه ورسايو آهي، تنهن ڪري سڄڻ
پائي اِن ۾ آهي ته هاڻي کيس گهڻو exert نه
ڪرائجي... ته پوءِ نيٺ ڇا ڪجي، جنهن سان هن جي دل
کي قرار ۽ روح کي راحت اچي... مان ڀانيان ٿي ته
کيس دل ڇهيندڙ سٺا سهڻا گيت يا ڪلام ٻڌرائجن، جن
کي سمجهڻ جو، جويو صاحب وٽ گڻ به آهي ته ذوق به...
هُو خود به سُٺو ڳائي ڄاڻي. سندس اهڙو هڪ آڊيو
ڪيسٽ، ڪنهن کي نه ٻڌائڻ واري وچن سان اڄ به مون وٽ
سانڍيل آهي...! هُن جي دل وندرائڻ لاءِ ساڻس
سُٺيون سٺيون وڻندڙ ڪچهريون ڪجن، قدرتي نظارن ۽
جاين جڳهن جي آرام آرام سان تفريح ڪرائجي. مطلب ته
کيس هرممڪن طور خوش رکڻ جي ڪوشش ڪجي، پوءِ جويو
صاحب لاءِ هوند ڊبل سينچري ڪرڻ به هن نئين
ٽيڪنالاجيڪل دور ۾ ناممڪن ناهي، ڇو جو لڳي پيو ته
اُهو دور وري نيٺ موٽي اچڻو آهي، جنهن ۾ ماڻهن جون
۽ اصحابي سڳورن جون عُمرون سوين سال ٿينديون هيون،
عين ممڪن آهي ته اهڙا تجربا به ٿيڻ شروع ٿي وڃن،
جنهن ۾ سؤ سالن جو ٿي وڃڻ کان پوءِ وري ڏينهون
ڏينهن Reverse ۾
ويندي ماڻهو Ten
ager مان
ڦِري Teen
ager ۾
اچي وڃي! دنيا ته بهرحال قائم رهڻي آهي، پوءِ چاهي
ڪهڙو به وڃي روپ اختيار ڪري. |