پُر وقار شخصيت
سائين محمد ابراهيم جويو
پروفيسر سليم سهتو
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب کي مون پهريون ڀيرو
اين.جي.وي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ايم.اي جناح روڊ
ڪراچيءَ ۾ سَٺ جي ڏهاڪي ۾ ڏٺو، ان وقت مان پنجين
درجي ۾ پڙهندو هوس. تنهن کان پوءِ مون کين پنهنجي
هڪ اُستاد، حڪيم ارشد سان گڏ اسڪول جي اسٽاف روم
واري ڪمري ۾ اسڪول جي اُستادن سان ڪچهري ڪندي ڏٺو.
ڪراچيءَ ۾ جيڪي به ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون،
انهن ۾ اڪثر ڪري سائين محمد ابراهيم جويو صاحب
حاضري ڀريندا هئا. سندن تقرير ڪرڻ جو مخصوص انداز
۽ آواز اڄ به ڪنن ۾ پڙاڏاو بڻجي گونجندو رهي ٿو.
سندن ادبي ڪارناما ڪنهن به پڙهيل ماڻهوءَ کان لڪل
ڪونه آهن. اسان جي پرائمري نصاب تي رکيل ڪتاب سندن
نالي کان سواءِ نه هوندا هئا.
سٺ جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس، اسڪول جي
احاطي ۾ هوندي هئي، ان جو ذڪر مرحوم غلام رباني
آگري پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي، ان کان سواءِ
ٻين به ڪيترن مشهور اديبن پنهنجن مضمونن ۾ پڻ ڪيو
آهي.
سائين محمد ابراهيم جويي جي ادبي ڪارنامن تي روشني
وجهڻ ائين آهي جيئن سج کي ڏيئو ڏيکارجي. منهنجي
دعا آهي ته الله تعاليٰ سائين محمد ابراهيم جويي
کي وڏي ڄمار عطا فرمائي ته جيئن هOو
سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن جي رهنمائي ڪندو رهي
(آمين). مان پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان ته مان
سندس پوٽي جو اُستاد رهيو آهيان ۽ گهڻائي ڀيرا
ساڻس ادبي ڪچهريون به ڪيون آهن. مان کين پلاٽينم
جنم ڏينهن تي مبارڪون پيش ڪريان ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ کي لک لک مبارڪون هجن جو ان اداري
سنڌي ادب جي مهان شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندن سؤ
سال واري پيدائشي ڏينهن تي، ٽماهي ”مهراڻ“ جو خاص
نمبر ڪڍڻ جو انتظام ڪيو آهي. خاص طور تي بورڊ جو
سيڪريٽري سائين الهڏتو وگهيو صاحب مبارڪن جو حقدار
آهي، جنهن اهو نمبر ڪڍڻ لاءِ سوچيو ۽ ان تي عمل به
ڪيو.
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جهڙا ماڻهو صدين ۾
پيدا ٿيندا آهن اسان خوشنصيب آهيون جو جويو صاحب
جهڙو ڏاهو ماڻهو نه رڳو اسان جي وچ ۾ آهي, پر
ان سان گڏوگڏ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور ڪردار نڀائي
رهيو آهي، منهنجي دعا آهي رب پاڪ سائين جويو صاحب
کي اڃا به وڏي عمر عطا فرمائي آمين. سندس شفقت جو
هٿ اسان جي مٿان قائم ۽ دائم رهي.
ايک قصر دَرَ لک
ريحانه نظير
محمد ابراهيم جويو جي شخصيت ۾ هڪ سادو، سٻاجهو،
قومپرست، وطن دوست، روشن خيال عالم، دانشور ۽
انسان دوست جون خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون. هو نه
صرف هڪ باشعور فرد، پر سنڌي قوم جي سياسي، سماجي،
علمي ادبي ۽ فڪري رهنمائي ڪندڙ انسان پڻ آهي، گڏوگڏ
هُو سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو آئيندار پڻ آهي. سندس
علمي، ادبي ۽ تنقيدي شعور ڪنهن اداري کان گهٽ نه
آهي. هن پنهنجي سڄي زندگي علمي ۽ تحقيقي ڪمن ۾
وقف ڪري ڇڏي آهي.
سکيا جي ميدان ۾ سندس رتبو ڪنهن سپهه سالار
جيان نظر اچي ٿو. سندس ڏاهپ، دور انديشي وطن دوستي
۽ مشاهدي جي قوت جو اندازو سندس لکيل ڪتاب ’سيوِ
سنڌُ سيوِ دي ڪانٽيننٽِ‘ مان لڳائي سگهجي ٿو.
جنهن وقت ۾ سنڌ جا سياستدان، عالم ۽ ڏاها گڏجي
پاڪستان جي قيام لاءِ پتوڙي رهيا هئا، ان وقت هن
نوجوان (محمد ابراهيم جويو) خدشا ظاهر ڪيا هئا
جيڪي پاڪستان جي قيام سان سنڌ کي پيش اچي سگهجن
پيا ۽ جن کي سنڌ هينئر منهن ڏيئي رهي آهي. جنهن جي
لکڻ جي نتيجي ۾ سزا طورکيس نوڪريءَ مان پڻ ڪڍيو
ويو هو پر علم و ادب جي هن کاهوڙيءَ همت نه هاري،
هو هميشه سکڻ ۽ سيکارڻ جي ميدان ۾ اڳڀرو نظر آيو.
سندس شخصيت ۾ سنڌ جي پوري صدي جي تاريخ جا اولڙا
پسي سگهجن ٿا. هو جڏهن شاگرد هو، تنهن وقت ۾
هندستان اندر مختلف سياسي، سماجي ۽ انقلابي
تحريڪون جنم وٺي چڪيون هيون، نوان ثقافتي، تهذيبي
قدر ۽ معاشي لاڙا هندستاني سماج جو حصو بنجي رهيا
هئا ۽ جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ قدم رکيائين، تڏهن
پاڪستان جو قيام، سنڌي هندن جي لڏپلاڻ، ۽ پناهگيرن
جي سنڌ اندر آمد ۽ انهن سان گڏ نئين تهذيبي، تمدني
۽ لساني ٻوڏ سان سنڌ کي ٻڏندي ڏٺائين. هو سنڌ جي
سورن سان گڏ لڇيو پڇيو، پر خاموش نه ويٺو ۽ جڏهن
سنڌ کي سندس تاريخي شناخت کان محروم ڪري ون يونٽ
جو حصو بنايو ويو، تڏهن جويي صاحب سنڌ جي پراڻي
تاريخ تهذيب، تمدن ٻولي کي واپس پنهنجي منزل تي
پهچائڻ لاءِ جيڪا علمي ۽ عملي خدمت سر انجام ڏني،
ان کي تاريخ ۾ هميشه سونهري لفظن ۾ بيان ڪيو
ويندو.
سنڌ، سنڌي ماڻهن، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان
سندس الستي عشق رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ
سڄي عمر، ان ٻوليءَ کي وڌائڻ ويجهائڻ جي ڪاوشن ۾
سرگرم رهيو آهي. سنڌي ٻولي، ان جي لغت، ان جو
گرامر ۽ اچارڻ جو صحيح طريقو، سندس زندگيءَ جو
منشور رهيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ جويو صاحب جو ڪارنر
۽ ان ۾ موجود جويي صاحب جي طرفان ڏنل ڪتاب، ان جو
چٽو ثبوت مهيا ڪن ٿا، جتي توهان ڪنهن به ليکڪ جو
لکيل ڪتاب کڻي ڏسو، پوءِ اهو ڀلي چوٽيءَ جو ليکڪ
ئي ڇونه هجي، هر ڪتاب کي پڙهڻ مهل جويو صاحب، ان
ڪتاب جي فٽ نوٽ ۾ ضرور گرامر جون، زير، زبر، ۽
صورتخطيءَ جون درستگيون ڪيون هونديون. اهو ئي سبب
آهي جو هر ننڍو توڙي وڏو ليکڪ پنهنجي ڇپيل ڪتاب جي
ڪاپي جويي صاحب ڏانهن ضرور موڪليندو آهي.
جويو صاحب هڪ بهترين مترجم به آهي، سندن ڪيل
ترجما، سنڌي ادب جو اهو گران قدر سرمايو آهن، جنهن
کان ڪو علم دوست انڪار ڪري نٿو سگهي. تحقيق جي
ميدان ۾، اهي ڪتاب، ڪنهن به محقق لاءِ مشعل راهه
مثل آهن، پاڻ اڃا تائين لکن پيا، جنهن لاءِ سندن
هي چوڻ آهي ته: ”جن کي پنڌ جو اوسيئڙو هوندو آهي
اهي سک نه سمهندا آهن.“
انهن خوبين سان گڏ پاڻ سٺا استاد پڻ رهيا آهن. سڀ
کان پهرين پاڻ سنڌ مدرسته الاسلام جهڙي اداري ۾
استاد جي حيثيت ۾ رهيا . پوءِ پاڻ سکيا جي ميدان
۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ڪم
ڪيائون. 56- 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جا سيڪريٽري
ٿيا ۽ 1961ع تائين انهيءَ عهدي تي ڪم ڪيائون. سنڌي
ادب جي معيار کي عالمي سطح تائين پهچائڻ لاءِ پاڻ
رات ڏينهن خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا. بقول سائين
جي.ايم.سيد جي ته ”جويو صاحب بورڊ ۾ پگهاردار جي
حيثيت ۾ ڪم نه ڪيو آهي، بلڪـ سنڌي زبان جي
مشينريءَ ۽ قوم پرست سنڌيءَ طور ڪم ڪيو آهي.“
مهراڻ ۾ لکيل سندن ايڊيٽوريل، مضمون ۽ سنڌ جي
ڪلاسيڪل شاعرن جي فڪر تي لکيل تحقيقي مقالا ان
ڳالهه جو چٽو ثبوت ڏين ٿا. بورڊ لاءِ ورتل سندس
خدمتن کي سيد مظهر جميل هنن لفظن سان ڀيٽا ڏني آهي
ته:
”جویو صاحب کے پہلے دور میں سندھی ادب، تاریخ،
ثقافت، کلاسیکل شعرا، سندھی لسانیات، سندھی تنقیدی
ادب، لطیفیات، سچل سرمست، سامی مضمون نویسی اور
دیگر موضوعات پر نایاب اور معیاری کتابیں شایع کی
جن کی وجہ سے سندھی ادبی بورڈ ایک بین الاقوامی
معیاری ادبی ادارے میں مشہور ہوگیا۔"
گڏوگڏ جويو صاحب ڪيترن ئي تحقيقي ڪتابن جا نه
صرف پاڻ ترجما ڪيا، پر ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن کي
همٿائي، عالمي ادب جي مشهور ۽ معروف تحقيقي توڻي
تعليمي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪرايا ۽ ترجمي جي فن کي
اونچائي تي رسايو. جويو صاحب، بنيادي طرح سان وطن
پرستيءَ جو قائل رهيو آهي، هڪ اهڙي وطن پرستي جيڪا
عملي هجي. سراج جي لفظن ۾ ته: ”هو اهڙي وطن
پرستيءَ جو مظهر آهي، جنهن ۾ وجود آهي ، جنهن ۾
روح آهي، جنهن جو اخلاق آهي، جيڪو جيئرو آهي، جنهن
کي اسان هٿ سان ڇُهي سگهون ٿا. سندس اهو پڪو عقيدو
رهيو آهي ته سنڌ هڪ وطن آهي.“ پاڻ سنڌي ادبي سنگت
جا پڻ روح روان رهيا آهن. ون يونٽ ٽوڙڻ واري
جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار ڪنهن جنگ ۾
ميدان ۾ وڙهندڙ سپهه سالار جهڙو رهيو آهي، انهيءَ
ميدان جا سپاهي- جويو، شمشيرالحيدري، شيخ اياز،
رسول بخش پليجو، سوڀو گيانچنداڻي، محمد عثمان
ڏيپلائي، اياز قادري، غلام رباني، سراج الحق ميمڻ،
حميد سنڌي، امر جليل، نجم عباسي، وغيره جهڙا مجاهد
رهيا آهن، جن سر جو سانگو لاهي، سنڌ جي تهذيب،
ثقافت ۽ ٻوليءَ کي ٻيهر پنهنجي تاريخي مقام تي
واپس آندو. ان سموري جدوجهد جي روح روان ۽ آدرش
ماڻهن ۾ محمد ابراهيم جويي جو مقام مسلم آهي.
جستجو، جدوجهد، سکڻ ۽ سيکارڻ سندن زندگيءَ جا خاص
مقصد هئا. پاڻ شيخ اياز جا شارح رهيا آهن، سندس
ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ لکي شيخ اياز کي هند توڙي
سنڌ ۾ مقبوليت جي اعليٰ درجي تائين رسايو. پاڻ
بهترين مترجم آهن، سندس ترجمو ڪيل ڪتابن ۾:
’ايملي عرف تعليم‘، ’ٻارن جي تعليم‘، ’وحشي جيوت
جا نشان‘، ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘، ’فڪر جي
آزادي‘، ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘، ’ٻارن جو مسيح‘،
’گيليلو‘، ’محڪري جا مضمون‘، ’فرينچ انقلاب‘ ۽ ٻيا
به ڪيترائي تحقيقي ۽ معلوماتي ڪتاب شامل آهن. نه
صرف پاڻ انهيءَ فن سان وابسته رهيا. پر ڪيترن ئي
ليکڪن کي همٿائي ٻين زبانن جي مشهور ڪتابن جا
ترجما ڪرائي، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي مالا مال
ڪيائون. جنهن لاءِ سندن هي چوڻ آهي ته ”انساني
فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي
آهي، ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنهن به ٻي ذريعي سان ٿي
نه سگهي آهي. هندستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو
عربيءَ ۾ نقل، يورپ جي ٻولين جي علمي ۽ ادبي
ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ منتقل ٿيڻ جديد مهذب
دنيا جي ڄاڻ جون اهي زوردار ڌارائون ئي ان جي
مهذب بڻجڻ ۽ مهذب هجڻ جو مکيه سبب بنيون ۽ مکيه
سبب آهن. دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهو ڪهڙو اهم ڪتاب
لکجي ٿو، جو دنيا جي ڪنهن به علمي ۽ ادبي ٻولي ۾
نٿو ترجمو ٿئي! اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي عالمي ادب
۽ فڪر جي اتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ، نه ته به
لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.
جويو صاحب ترجمي سان گڏ ڪيترائي طبعزاد معلوماتي ۽
تحقيقي ڪتاب لکيا آهن جن ۾، ’شاهه سچل سامي‘،
’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘،
’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ’ٻولي، ادب، تعليم‘، ’خط ٻن
استادن جا‘، ’خط ٻن اديبن جا‘، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘ ۽
ڪيترائي سنڌي نصاب جا ڪتاب لکيا جن ۾ ’سنڌي پهريون
ڪتاب‘، ’سنڌي بالغن جي تعليم‘، ’سنڌي ريڊر ڪلاس
چوٿون‘، ’سنڌي سپليمينٽري ريڊر‘،
’ٽيچرس گائيڊٽ ٽريننگ آف سائنس‘، ’پاڪستان جي
تاريخ ڪلاس نائون ۽ ڏهون‘ ۽ ٻيا به ڪيترائي نصابي
درسي ڪتاب لکي سنڌي شاگردن جي سهائتا ڪئي ۽ ڪري
رهيا آهن.
جويو صاحب بنيادي طور تي هڪ استاد ۽ استاد هئڻ جي
ناتي هن شاگردن واسطي تعليمي سهولتون مهيا ڪرڻ ۽
صحيح رهنمائي ڪرڻ ۾ پنهنجي سموري عمر وقف ڪري ڇڏي،
سندس رهنمائيءَ هيٺ ڪيترائي ليکڪ، شاعر، اديب،
عالم سنڌي ادب جو روشن ستارو بڻيا. الانا صاحب جي
لفظن ۾ ته:
”پنهنجي دعويٰ ۾ آءٌ ڪو به وڌاءُ نٿو سمجهان ته
شيخ اياز، کي اياز بڻائڻ وارو سائين جويو صاحب آهي
. اهڙي طرح رسول بخش پليجو، ع.ق شيخ، سراج ميمڻ،
غلام رباني آگرو، ابن حيات پنهور، ڊاڪٽر الهداد
ٻوهيو، شمشيرالحيدري، مراد علي مرزا، حميد سنڌي،
تاج جويي ۽ جمال رند جي ٺاهڻ ۾ سائين محمد ابراهيم
جويي جو اهم حصو آهي.
جويو صاحب جي شخصيت ۾ سَوَ رخي شخصيت موجود آهي.
سندس هر رخ تي پي ايڇ.ڊي جي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت
آهي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فڪري شعوري پرورش لاءِ
جويو صاحب جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، بقول
حسام الدين راشدي جي ته ”اسان کي سنڌ سان محبت جو
سبق جويي صاحب ڏنو.“ سنهڙي بت، ڪمزور جسم، ڳالهائڻ
۾ نرم ۽ سٻاجهو، سولو ۽ شائسته لهجو اختيار ڪندڙ
هيءُ ماڻهو پنهنجي سياسي، سماجي علمي ادبي ۽ فڪري
قد ڪاٺ ۾ هڪ تمام وڏي اداري مثل آهي جيڪو اڄ به
درسگاهه بڻجي سنڌي قوم جي شعوري رهنمائي ۾ رڌل
آهي. ڏکي انسانيت جي خدمت جو جذبو ته ايتري قدر
سندن دل ۾ سمايل آهي جو عمر جي هن پيرسنيءَ ۾ به
جڏهن رائيٽرس گلڊ پاران سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي
عيوض پنج لک رپين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن
پاڻ چيائون ته: ”اهي پئسا، پرٻاهرو ئي اديب رضوي
جي خيراتي فنڊ ۾ جمع ڪرايا وڃن.“ اهڙي جامع صفات
شخصيت ماڻيندڙ هن عظيم ڏاهي کي مان ڪهڙن لفظن جي
مالا ۾ پوئي پيش ڪريان، لفظ کُٽي ويندا، پر سنڌي
قوم لاءِ ڪيل سندن خدمتون ختم نه ٿي سگهنديون.
مددي ڪتاب
1 محمد ابراهيم جويو- ايڪ
صدي ڪي آواز
2 فڪر جي آزادي
3 مٺ مٺ موتين جي
4 مهراڻ
’شاهه
سچل سامي‘- هڪ مطالعو
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو
جڳ سڄو شاعرن ۽ ڏاهن سان ڀريو پيو آهي. اسان جي
سنڌ به اهڙن گوهرن سان مالا مال آهي. انهن ۾ شاهه،
سچل ۽ سامي نمايان آهن، جن پنهنجي پنهنجي دؤر ۾،
شاعريءَ ذريعي محبت ۽ يگانگيءَ جو سبق ڏئي، پوري
انسانيت جي اخلاقي توڻي سماجي خدمت ڪئي آهي، هنن
مهان شخصيتن تي انيڪ مقالا ۽ مضمون لکجي چڪا آهن،
پر ٽنهي شاعرن تي گڏيل هڪ ڪتاب اسان جي نامور عالم
۽ اديب محمد ابراهيم جويي صاحب لکيو آهي، جنهن جي
نرالي انداز پڙهندڙن تي گهڻو اثر ڇڏيو، جنهن ڪري
ڪتاب بار بار ڇپجندو رهيو. ڪتاب ۾ هيٺين سِرن تي
لکيو ويو آهي:
شاعرن جي اهميت، شاعريءَ جي اهميت، مذهب، سماج،
شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو ڪردار، سنڌ جي رياست، سنڌ
جا حڪمران، مرزا يوسف جي ظلم جو داستان، ڄام
چنونءَ جو سنڌ واسين سان سهڻو سلوڪ، سنڌ جون
حالتون، سنڌ جي تاريخ جو مختصر جائزو، هندن کي
زوريءَ مسلمان ڪرڻ ۽ ٽنهي شاعرن جو فهم ۽ فڪر
وغيره.
ڪتاب سهڻو ۽ پيرائتو لکيل آهي، مختصر هجڻ ڪري هڪ
ئي ويهڪ ۾ پورو ڪري سگهجي ٿو. منجهس سنڌ جي تاريخ
۽ ٽنهي شاعرن جي فهم ۽ فڪر بابت گهرائيءَ سان ذڪر
ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي تاريخ ۽ شاهه عبداللطيف جي حوالي سان 1938ع
۾ هڪ انگريزي ڪتاب ڊاڪٽر ايڇ.ٽي سورلي لکيو هو، پر
سنڌ جي ٽن شاعرن- شاهه، سچل ۽ ساميءَ متعلق سنڌ جي
تاريخ ۽ سماجي حالتن سان گڏوگڏ هيءُ انوکو ۽
پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ ليکڪ
ملڪ، سماج ۽ قوم بابت به تمام گهڻيون ڪارائتيون
ڳالهيون ڪيون آهن. ڪتاب کي غور سان پڙهڻ بعد سورلي
جو انگريزي ڪتاب: 'Shah
Abdul Latif of Bhit' ذهن
۾ اچي ٿو مگر هن ڪتاب ۾ پنهنجو نڪتهء نظر ڏنو ويو
آهي.
مختلف تاريخن مان، مستند تاريخ جي چونڊ ۽ ٽن شاعرن
جي اڀياس لاءِ يقيناً ليکڪ کي رت ست ولوڙڻو پيو
هوندو. هن ڪتاب مان پڙهندڙ ٽنهي شاعرن جي فڪر ۾
هڪجهڙائي، سولائيءَ سان حاصل ڪري سگهندو.
هن ڪتاب ۾ هڪ ڪمي محسوس ٿئي ٿي ته ليکڪ جيئن شاهه
لطيفؒ بابت وقت ۽ حالتن پٽاندڙ ذڪر ڪندي رسالي مان
چونڊ بيت ص 82 ۽ 88 تي ڏنا آهن، اهڙي طرح سچل ۽
ساميءَ جي بيتن کي به سندن احوال دوران ڏيڻ گهرجي
ها. شاعرن جي دؤر ۽ حالتن بابت جيتريقدر سندن شعر
نمائندگي ڪن ٿا ايتريقدر ٻيو ڪونه ڪري سگهندو. ان
ڪري هن ڪتاب ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي سڀني بيتن کي
ڀلي کڻي نه ڏجي ها پر وقت ۽ حالتن سان ٺهڪندڙ ڪجهه
بيت ڏجن ها، ته بهتر ٿئي ها.
هر ليکڪ جي پنهنجي انداز جيان جويي صاحب جو به هڪ
پنهنجو انداز آهي، هن ڪتاب ۾ ليکڪ کي پنهنجي سوچ
مطابق ٽنهي شاعرن جا چونڊ بيت ڏيڻ سان گڏوگڏ هڪ ئي
ڪتاب ۾ شاعرن جو علحده علحده بيان ڏيڻ گهرجي ها ۽
آخر ۾ نتيجن ۾
مختصر طور تي سندن بابت گڏيل ذڪر ڪجي ها.
بهرحال ليکڪ ٽنهي شاعرن بابت گڏيل رايا ڏنا آهن.
سندس مجموعي طرح شاعرن جي ذڪر جي جهلڪ هن طرح آهي:
”سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي سماج کي شاهه، سچل ۽ ساميءَ
هن ڌرتيءَ جي انهيءَ اعليٰ مقصد سان روشناس ۽ ان
لاءِ تيار ڪرڻ ٿي گهريو. هو سنڌ جا عظيم استاد،
هادي ۽ رهبر هئا. هو تمام وڏا انسان ۽ تمام وڏا
شاعر هئا. هنن سنڌي سماج جي آڏو نئين انسان جو
تصور پيش ڪيو. هنن اسان کي جيڪا تعليم ڏني آهي سا
ڪا معمولي تعليم ڪانهي. هنن سنڌي سماج کي نئين
اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين
عملي راهه ڏيکاري. قومي تهذيب، قومي مذهب ۽ قومي
سياست جي راهه، مشترڪ مفاد ۽ باهمي تعاون جي راهه،
صحت، رواداريءَ ۽ اتحاد جي راهه، عمل ۽ قربانيءَ
جي راهَه(1).“
ليکڪ جي ايتري گهڻي محنت جي باوجود سندس ورتل
تاريخي جائزي ۾ اڃا گنجائش باقي آهي. ان سلسلي ۾
تاج جويو لکي ٿو ته:
”ڪتاب ۾ جيئن شاهه جي دؤر ۾ ان کان اڳ جي دؤر جي
مڪمل ڇنڊ ڇاڻ پيش ڪري، تاريخ جو مڪمل رخ پيش ڪيو
ويو آهي. اهڙيءَ طرح سچل ۽ ساميءَ جي دؤر يعني
ڪلهوڙن جي آخري دؤر (غلام شاهه جي دؤر) ٽالپرن جي
سڄي دؤر ۽ انگريزن جي اوائلي دؤر (جيسين سامي
زندهه هو يعني 1850ع) تائين جو تذڪرو به مفصل اچڻ
گهربو هو(2).“
مڃتاطور ڪيترن ئي ليکڪن ۽ ڏاهن، هن ڪتاب ’شاهه سچل
ساميءَ‘ جي ليکڪ محمد ابراهيم جويو صاحب کي خراج
تحسين ڏيندي پنهنجين نيڪ خواهشن ۽ سرهائيءَ جو
اظهار ڪيو آهي. تاج جويو لکي ٿو ته:
”هن ڪتاب جو مطالعو اسان کي پنهنجي عظيم شاعرن
شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي عظيم فڪر، سنيهي ۽ سندن دؤر
جي سچيءَ پچيءَ تاريخ جو نقشو پيش ڪري ٿو(3).“
اهڙي طرح رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو صاحب
کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته:
”هنن اسان جن محبوب بزرگن اسان کي پنهنجي
سلامتيءَ، آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪهڙي سکيا ڏني
۽ ڇا ٿي سيکارڻ گهريو اوهان جي هن ڪتاب اسان کي
اها ڳالهه سمجهائي آهي(4).“
مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن ۽ حوالن ڏيڻ کان پوءِ ان نتيجي
تي پهچجي ٿو ته ڪتاب يقيناً وڏي ڪاوش ۽ سهڻي سوچ
جو نتيجو آهي. سنڌ جي تاريخ سان گڏ ٽنهي شاعرن جو
ڪٺو ذڪر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شاهه عبداللطيفرحه وانگر
سچل سرمسترحه ۽
ساميءَ جي دؤر بابت به ذڪر ڪري سگهجي پيو ۽ شاعرن
جو چونڊ ڪلام ڏئي، هڪ ئي ڪتاب ۾ سندن علحده علحده
ذڪر ڪري سگهجي پيو ۽ شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏئي، هڪ
ئي ڪتاب ۾ سندن علحده علحده ذڪر ڪري ۽ آخر ۾ سندن
لاءِ گڏيل رايا به ڏئي سگهجيا ٿي.
بهرحال شاعرن بابت سندن ماحول ۽ حالتن سان گڏوگڏ
لکڻ تمام وڏي جاکوڙ جو ڪم آهي، انهيءَ جو اندازو
انهن کي ٿئي ٿو جيڪي انهيءَ مرحلي مان گذرن ٿا.
محترم محمّد ابراهيم جويو صاحب جي سنڌ جي ٽن مهان
شاعرن تي ڪيل هيءَ ڪاوش اڄ به مٿانهين آهي، ان ڪري
جو ان جو اندازو ۽ نڪتهء نظر نرالو ۽ وڻندڙ آهي.
سنڌ جي سڄڻن کي سندس پورهيو ڀانءِ پيو، سندس ڪتاب
کي پسند ڪيائون ۽ وري وري پڙهيائون جنهنڪري هيءُ
ڪتاب، ڪيترائي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي هينئر وقت جي
ضرورت آهي ته هن ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو
ٿئي.
حوالا:
(1) جويو
محمد ابراهيم، شاهه سچل سامي، 1990ع ص 90،
ڪنڊيارو روشني پبليڪيشن.
(2) جويو
تاج، ايضاً، ص 135.
(3) ايضاً،
ص 128.
(4) پليجو
رسول بخش، ايضاً ص (آخري).
محمد ابراهيم جويو: منهنجو ماما
مهرالنساء جويو
جيئن جوڳيڙا من ڪو ڀيرو ڪن
جيئن جوڳيڙا من ڪو ڀيرو ڪن
ويٺڙي آهيان واٽ تي ڙي سائين ڪهڙي واٽ اچن
جيءُ جياريو جن.
هيءُ چندر جو گيت ڪيڏو نه سچ سان ٽمٽار آهي. بلڪل
ائين جيئن ماما جو ۽ منهنجو پنهنجائپ وارو رت جو
رشتو، جيڪو ازل کان ڳنڍيل ۽ صدين کان جڙيل هو ۽
آهي ۽ انشاءَ الله رهندو. هي جوڳيڙا جيئندا رهن.
ماما جن کليل ڪتاب مثل آهن، جن کي پڙهي ته سگهجي
ٿو، پر پروڙڻ نهايت ئي ڏکيو آهي، خاص ڪري منهنجي
لاءِ واقعي اهڙن املهه ماڻڪ ماڻهن تي لکڻ وڏي
دماغن جو ڪم آهي، مان ته سندن هٿن ۾ پلجي وڏي ٿي
آهيان. ماما جن تي لکڻ منهنجي لاءِ ڏکيو ضرور، پر
ناممڪن ناهي سو ارادو پڪو ڪري قلم کڻي لکڻ لاءِ
سوچيان ٿي ته لکان ته ڇا لکان، لکڻ جو پڪو ارادو
به رکان ٿي، سو ماما جن تي ٻه اکر به سهي، پر لکان
ضرور!!
پاڻ ته سراسر هڪ مڪمل ادارو آهن. مان ته ايئن ٿي
ڄاڻان ڄڻ نٽهڻ اس ۾ ڪنهن ڀٽڪيل مسافر کي ڪو گهاٽو
وڻ نظر اچي وڃي ۽ ان وڻ هيٺان ويهي ساهي پٽي ۽
پوءِ ان مسافر کي چيو وڃي ته هاڻي هن وڻ جون
ٽاريون ۽ پن ڳڻ ته اهو مسافر لاءِ ڪم ڏکيو ٿي
پوندو. سو اهو وڻ محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن جون
مهربانيون ۽ قربانيون ڳڻائڻ ۽ ساراهڻ منهنجي لاءِ
ايڏو ئي مشڪل ڪم آهي جيڏو ان مسافر لاءِ پن ۽
ٽاريون ڳڻڻ، مان ته بس ڪوشش ٿي ڪريان ته من اهڙي
گهاٽي وڻ ۽ اڏول انسان تي ڪجهه لکي سگهان، جنهن
پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏک سهي ماڻهن کي سک ڏنا ته ڪڏهن
اها به ڳالهه ذهن تي تري ايندي اٿم جو اسان جي سڄي
ڳوٺ وارن جون اميدون ۽ آسرا ان جويي صاحب ۾ هوندا
هئا ۽ آهن. ڪير بيمار آهي ڪنهن کي نوڪري نه ٿي
ملي، ڪنهن کي داخلا نه ٿي ملي يا ڪو ڪم رڪيل آهي.
مطلب جويو صاحب انهن سڀني ڪمن ٿيڻ جو وسيلو آهي،
پر سوچڻ يا لوچڻ جهڙي ڳالهه آهي جو پاڻ ڪنهن هڪ ڪم
جي به تڪليف ٻئي ڪنهن کي نه ٿو ڏئي، اهو آ اٽل
ارادو ۽ پختو عزم. الله جو فرمان آهي ته مٿيون هٿ
هيٺين هٿ کان بهتر آهي. مٿيون هٿ ڏيندڙ آهي،
هيٺيون گهرندڙ، محمد ابراهيم جويو کي خداوند ڪريم
ان عقل ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءَ سان نوازيو آهي جو اهي
سڀ خوبيون محمد ابراهيم جويي ۾ ملن ٿيون.
مون کي هن ڳالهه ۾ ڪو خاص فرق نظر نه آيو جو
منهنجو بابا محمد صالح جويو، تمام سادو غريب
فقراءُ طبعيت رکندڙ پورهيت ماڻهو هميشه صبر ۽ شڪر
ڪندڙ، هر حال تي راضي رهندڙ، پر ارادي جو پڪو
پنهنجي دين تي مضبوط ۽ تقويٰ رکندڙ. بابا ۽ ماما
جن رشتي جي لحاظ کان پاڻ ۾ سڳا ماسات هوندا هئا،
پر بابا هميشه ماما جن جو پورو نالو کڻندو هو ۽
قدر واري ڳالهه ۾ چوندو هو ته محمد ابراهيم کي
قدرتي ڏات به آهي ۽ دعائن کيس نوازي ڇڏيو آهي. هن
جهڙي پنهنجي جو صاف دل رکندڙ سالم دماغ تهڙا منهن
۾ روشن هڪ هڪ نور جيان چمڪندڙ هلڻ ۾ جوانن کان
پوئتي هٽڻ ته هُو سکيا ئي نه. پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ
کي ۽ سنڌ واسين کي ارپي ڇڏيائون تنهن، هن بزرگي
واري حال ۾ به لٺ جو سهارو نه قبوليو، ڇا صاف نيتن
جا راز آهن يا ڪو ٻيو ڪجهه؟ جيتري مون کي الله پاڪ
سمجهه ڏني آهي، ان حساب سان مان ايئن چونديس ته:
سنڌ اسان جي سٻاجهڙي، وٿون ميڙي ولر ڪيا،
سي سکيا ٿي نه ستا، جن سميٽڻ سکيو سنڌ کي.
*
وريا جي ڪانگل ڪارا، جن وکيريا هي ويڙها،
ولر ولر ٿي وريا، ڪک نه ڏنائون ڪانئرن کي.
وري لطيف سائين چيو ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
ڪي ماڻهو پيدائشي تاريخدان ٿيندا آهن يعني تاريخ
انهن جي لاءِ منتظر هوندي آهي. انهن جا ڪم انهن جي
جدوجهد انهن جي ڪارڪردگي، انهن جي سڃاڻپ ئي تاريخ
جي سڃاڻپ ٿي پوندي آهي. منهنجو ماما به انهن ئي
ماڻهن مان آهي، جن لاءِ سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ بيقرار
هئي.
لباس ۽ گهريلو زندگي:
ماما جن جو لباس ۽ سندن کاڌ خوراڪ بابت ۽ سادگيءَ
کي ڪيتري حد تائين پسند ڪن ٿا ۽ عمل ڪندا آهن.
اَمان جيڪا تصوير ڏيکاري هئي سا مون کي چٽي طرح
ياد آهي. ان تصوير ۾ ماما جن قدبت جي لحاظ کان
تمام سنهڙا ۽ قداور (ڊگها) رنگ ڪڻڪائو، مٿي تي وار
پڻ هوندا هئا، سندن چهري تي ٺهندڙ ڪاريون مڇون
سنهيون ۽ ننڍيون هنيون سي ڄڻ ته رلئي تي سهڻي بڪل
مثل سونهن ۾ اضافو ڪري رهيون هيون. چهرو نکريل ۽
لبيڪ ڀريو نظر ايندو هو. کيس لباس اڇي رنگ جو پاتل
هُين، امان اهو به چوندي هئي ته ”مون کي ياد ڪونهي
ادي ابراهيم راند کيڏي يا راند ۾ ڪپڙا ميرا ڪيا
هئائين، سدائين صاف سٺو، گهٽ ڳالهائڻو ۽ جو به
ڳالهائيندو هو، سوچي سمجهي، جنهن ۾ انسان کي فائدو
رسي، اهائي ئي ڳالهه ڪندو ۽ وڌيڪ اجايو نه
ڳالهائيندو.“
امان وڌيڪ ٻڌائيندي هئي ته ”منهنجي لاءِ جهڙي وڏي
ڀيڻ، جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته مون کي ڏهه روپيا
خرچي ڏيندو يا اتان (حيدرآباد) ڏهه روپيا هر مهيني
مون لاءِ موڪليندو هو، ۽ مان ننڍي هئم ته ادا
ابراهيم اڃا پڙهندو هو يا ماستر ٿيو هو ته ان وقت
هڪ دفعي جڏهن شهر مان ڳوٺ آيو ته مان نه ملي مانس
ته ادا ابراهيم پريشان ٿي پڇڻ لڳو: منهنجي ڀيڻ سمي
ڪٿي آهي؟ ٻڌايائونس ته تنهنجي ڀيڻ جون اکيون اٿيون
آهن ۽ اِتي گهر ۾ پئي آهي. هو هڪدم آيو ۽ مون کي
ڀاڪر پائي روئي ڏنائين، ۽ چيائين ته مون سمجهو تون
به امان وانگر............... ته مون به ڏاڍو رنو،
ادا ابراهيم کان ڄڻ پنهنجو روئڻ وسري ويو ۽ مٽ مان
پاڻي کڻي منهنجي اکين جا پها لاهي پاڻي جا ڇنڊا
هڻي منهنجون اکيون صاف ڪري، پوءِ مون کان پڇا
ڪيائين ته ”اکيون ڪيئن خراب ٿيون؟“ منهنجي ٻڌائڻ
تي مون کي اکين بابت سمجهائڻ لڳو ۽ امان اهو به
ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ جڏهن ڳوٺ ۾ ايندو هو ته
گهٽيءَ ۾ سڀ ٻار راند کيڏندا هئا، پر ادا ابراهيم
سڀ کان پهريان منهنجي ٻارن کي کڻي اندر گهر ۾
ايندو هو. يعني ( اسان کي امان چوندي هئي ته ادا
تنهنجا ڪپڙا ميرا ٿي ويندا، ماما جن جو اهو ئي
جواب هوندو هو ته الائي ڇو سميءَ جا ٻار ٿو کڻان
ته مون کي سڪون ٿو ملي. هونئن ته ماما جن کي هر
ٻار وڻندو آهي، پر چوندا آهن ته ٻار ته سڀ سهڻا،
پر جيڪي سنڌ ڄڻيا تن جو مٽ ڪي نه ڪي پوءِ اهڙا
جوڳيڙا جيئندا رهن جن جا ”بنياد ۽ نسل“ سوڀارا ٿي
جيئن. مان جڏهن ماما جن وٽ آيس يا مون جيئن کيس
ڏٺو اڃا به ائين کڻي چوان ته کيس سدائين اڇي لباس
۾ ڏٺو ۽ منهنجي بابا کي پڻ اڇو رنگ ۽ لباس گهڻو
پسند هو، منهنجي پڇڻ تي بابا ٻڌايو هو ته ”اڇو
ڪپڙو پائڻ سان ماڻهو صاف ۽ سٺو نظر اچي ٿو“ ۽
هونئن به اڇو رنگ نوراني آهي.
ماما جن گهڻو کاڌيءَ جي ڪپڙي کي پسند ڪندا آهن.
جيتوڻيڪ مختلف رنگ به پائيندا آهن، پر سندن چوڻ
آهي ته اڇو ڪپڙو ۽ ڪشادو سبيل، انسان کي فرحت بخشي
ٿو جو هر وقت ماڻهو چست يعني تازو توانو هوندو
آهي. رات جي وقت خاص ڪري ويڪري لباس ۾ آرام سان
ماڻهو سمهي سگهي ٿو. سندن لباس ڀلي شلوار قميص هجي
يا پينٽ شرٽ، گهڻو ڪري اڇي رنگ ۾ ۽ ويڪرو لباس
پاتل هوندن، ڪارو بوٽ ۽ جوراب پيرن ۾ پاتل، هٿ ۾
رومال، سندن ويهڻ سڌو نمي ويهڻ ۽ ڪُٻو ٿي ويهڻ کي
پسند نه ڪندا آهن. سُستيءَ کان گهڻي چڙ اٿن. کاڌي
۽ خوراڪ ۾ به ايتري ئي سادگي رکن ٿا. سايون ڀاڄيون
گهڻيون وڻنديون اٿن جن ۾ پالڪ، ٽماٽا، ڳاڙهيون
گجرون، موري، مٽر، گوگڙو، ڪدو ۽ توريون وغيره
ڏانهن ڀاڄين جو سوپ ڏاڍو گهڻو پسند اٿن. صلاد
منجهند واري ماني سان ضرور شامل هوندو اٿنِ.
ڌئونرو، ڏهي، کير، ڊبل روٽي، اڇا چانور نرم رڌل
اڃا به جيڪر کچڻي ته وڌيڪ سٺي لڳندي اٿن
۽ شوق سان ئي کائيندا آهن. دال ته هر قسم جي وڻندي
اٿن. انهن کاڌن جي باري ۾ ماما جن جو چوڻ آهي ته
هر وقت پيٽ صحيح رهي ٿو. هلڪي کاڌي کائڻ سان هاضمو
سٺو رهندو آهي، ڳرا کاڌا ذائقيدار ته آهن، پر پيٽ
کي خراب ٿيڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن. فروٽن ۾ ڪينو
وڌيڪ وڻندو آهن، ڳرا کاڌا به ڪڏهن ڪڏهن کائيندا
آهن. سڀ کان اهم ماما جن جي ڳالهه اها آهي ته هنن
وڏائيءَ کي ڪڏهن به نه اپنايو. هميشه سادگيءَ کي
پسند ڪندا آيا آهن. چانهه به هلڪي ۽ کير واري يا
نه ته سليماني هلڪي پيئندا آهن ۽ ايئن پڻ چوندا
آهن ته هلڪي سليماني چانهه پيئڻ سان به هاضمو صحيح
رهي ٿو ۽ سُسُتي ڪرڻ نه ٿي ڏيئي. گهڻي کير واري
چانهه بدهضمي ڪرائي ٿي، منهنجو بابا وري ڪتل
(کجور) کي گهڻو پسند ڪندو هو ۽ چوندو هو ته نبي
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي بيشمار سنتن مان ڪتل
کائڻ به آهي ته هاضمي لاءِ به سٺي آهي. ڏسو ته سهي
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اصول ڪيترا نه قيمتي آهن ۽
ان مان خبر پوي ٿي ته حقيقت ۽ اصليت کي نه ڀلايو
اٿن.
جهڙي نموني سان سندن پسند اڇي رنگ جو لباس آهي،
تهڙي طرح سندن اندر به الله سائين اهڙو اڇو اجرو
پاڪ ۽ صاف رکيو آهي ڄڻ ته حڪمت به ڄاڻن ٿا. هن وقت
تقريباً سڄي دنيا ۾ پاڻ سڃاتا وڃن ٿا ته پوءِ ڀلا
هنن کي اهڙيءَ سادگي جي اپنائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
پر نه! هيءَ ڄاڻن ٿا، ته سادو کائڻ يا پيئڻ اصل
زندگي آهي. هُو پاڻ هڪ اعليٰ دماغ رکن ٿا ۽ سڄي
ڄمار انسان جي ڀلائي ۽ بقا لاءِ ڪم ڪرڻ گُهريائون
۽ عمل به ڪري ڏيکاريائون ته جيئڻ ڇا آهي ۽ اصل
زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ اها آهي ڏات جيڪا الله
تعاليٰ جي طرف کان مليل هوندي آهي، پر ڏانءُ هُو
پاڻ تلاش ڪندا آهن. ان تلاش ۾ انهن تي ڪٿي
آزمائشون به اينديون آهن ته ڪٿي وري کين قربانيون
پڻ ڏيڻيون پونديون آهن. انهن مان هيرو ٿي جرڪندڙ
سدائين سلڇڻو سدورو پٽ سنڌ جو محمد ابراهيم جويو
پڻ شامل آهي. سو مشڪلاتن کان پار پوندڙ هي جوڳيئڙا
هن وقت اسپتال ۾ بيمار آهن. مان جڏهن سندن وٽ آيس
۽ ڪيئن آيس، اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي جيڪا ڪنهن ٻئي
مضمون ۾ لکنديس.
آءٌ ننڍي هئس جو امان هڪ تصوير ڏيکاريندي هئي ۽
ٻڌائيندي هئي ته هيءُ منهنجو وڏو ڀاءُ محمد
ابراهيم جويو آهي. جيڪو ڪڏهن ڪراچي ۽ ڪڏهن
حيدرآباد ۾ رهندو آهي. وڏو ڪامورو آهي، وڏو آفيسر
ماڻهو آهي. مان ڦوٽو ڏسي خوش ٿيندي هئس جيئن ته
اَدِي وڏيءَ جي شادي ٿيل هوندي هئي ڀائر گهڻا
ننڍا هوندا هئا. مان ڀائرن کان وڏي هئس، ننڍڙي
هوندي کان ڪڏهن لڄاڙو ته ڪٿي وري چالاڪ به هوندي
هئس. امان جا ڳالهه ٻڌائيندي هئي ته ان کان سوال
به ڪندي هئس ته ماما ڪٿي آهي، اسان هلون ماما جي
گهر گهمڻ، شهر ڪهڙو هوندو آهي، ماما جي ٻارن سان
ملون ۽ ساڻن کيڏون، امان جون اهي ڳالهيون ٻڌي گهڻي
خوش به ٿيندي هئس. ماما جي ڏسڻ جو شوق پڻ وڌندو
هو. نيٺ هڪ ڏينهن اهو به آيو جو ماما جن کي خبر
ناهي ته ڪنهن ٻڌايو هو توهان جي ڀيڻ جي ڌيءُ بيمار
آهي. (مان مٿي چئي آئي آهيان ته ننڍي هوندي کان
بيماريءَ جو منهن ڏسندي اچان) سو ٻهراڙيءَ ۾ ڪو
خاص علاج نه هو، نه ئي وري ڪو ڊاڪٽر وغيره هو. ان
حوالي سان ماما پنهنجي وڏي پٽ ادا منور علي جويو
کي موڪلي، مون کي گهرايو. ادا منور امان بابا کان
اجازت وٺي، مون کي شهر وٺي آيو، ماما جن جي گهر ۾
اچڻ سان ئي سڀني گهرڀاتين مون کي ايترو ته پيار
محبت خلوص سان پنهنجو ڪيو جو واقعي به آءٌ انهن
سان ايڏي ته هري مِري ويس ڄڻ ڪي مان سندن گهر جو
فرد ٿي ويس ۽ ماڻهو ته ايئن به سمجهندا هئا ته آءٌ
هنن جي ننڍي ڀيڻ ئي آهيان. سچ ته هيءُ آهي جو مون
کان اصل ڳوٺ ڄڻ وسري ويو هو. منهنجي بيماريءَ جو
علاج ڪرائڻ ۾ سڀني گهر جي ڀاتين جو رويو مون سان
تمام گهڻو سٺو رهيو جو ساراهڻ جوڳو آهي، پر هڪ رات
جو ٽائيم جي مون کي خبر ناهي، پر سڀ سمهي پيا ۽
مون کي رات جو ٿورو پيٽ ۾ سور پيو. ماما جن کي ڪا
خبر پئي يا مون رنو هو الائي ڇا، ماما جن مون کي
وٺي پنهنجي بستري تي سمهاريائون ۽ ايئن مون کي
الٽي ٿي جو ماما پاڻ مون کي وٺي دروازي کان ناليءَ
وٽ الٽي ڪرائي وري به پنهنجي هٿن سان مون کي پاڻي
پياري ۽ پنهنجي بستري تي سمهاري، پاڻ سڄي رات هڪ
ڪرسيءَ تي ويٺا لکندا رهيا ۽ منهنجي سار سنڀال پڻ
ڪندا رهيا. مون سڄي رات ننڊ ڪئي ۽ صبح جو چاق ٿي
اُٿيس، ڪنهن گهر جي ماڻهوءَ کي خبر به نه پئي.
ٻيو واقعو به ڪجهه اهڙي قسم جو آهي جو مون پنهنجي
اکين سان ڏٺو، ڪجهه رات جو وقت گذري چڪو هو يعني
سڀ پنهنجي بسترن ۾ وڃي آرامي ٿيا ته ماما جن جي
ڪمري ۾ هڪ ٻلي دانهون ڪندي داخل ٿي، ماما جن اڪثر
هر روز رات جو گهڻي دير تائين لکندا هئا. پاڻ لکڻ
۾ مصروف هئا جو ٻليءَ جي پٺيان ٻيون به ٻه ٽي
ٻليون لڳيون ٿي آيون، سي ويڙهو ٻليون هيون يا
پهرئين ٻلي هئي. بهرحال دانهون ڪندڙ ٻلي ڪمزور هئي
ڄڻ ماما جن وٽ پنهنجي سر لاءِ پناهه وٺڻ آئي هجي.
ماما جن به باقائدي ان ٻليءَ کي ويڙهو ٻلين کان
بچايو ۽ ان ڪمزور ٻليءَ کي کير پياريو ۽ سڄي رات
پنهنجي پيرن ڀرسان ويهاري پاڻ وري به ساڳي ڪرسيءَ
تي ويٺا لکندا رهيا ۽ ٻليءَ جو به چڱي طرح سان
خيال رکندا ٿئي آيا. ڳالهه جو مطلب ماما جن انسانن
سان ته ڀلايون ڪيون، پر جانورن سان به سندن ڀلايون
۽ پيار رهيو. وڏي ڳالهه آهي جو ٻين کي سک ڏيڻ ڪنهن
سان پيار پاٻوهه رکڻ، تن سان الله راضي ته ان جو
حبيب به راضي اهڙا انسان ته صدين ۾ پيدا ٿيندا
آهن.
ماما جن پنهنجي ٻارن سان پيار ۽ محبت بي انتها
ڪندا آهن. هر ماڻهو ايئن ئي چاهيندو آهي ته مان
پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سڀني کان بهترين
ڪريان، پر ماءُ اها هستي آهي، جا پنهنجي ٻارن ڪاڻ
هر ڏک سک برداشت ڪرڻ ۽ هر حال ۾ پنهنجن ٻچن جو ساٿ
ڏيڻ جي سگهه ۽ صلاحيت رکندي آهي. ماءُ پنهنجي ٻچن
تي ڪک جيترو به ڏک يا تڪليف برداشت نه ڪري سگهندي
آهي، پر جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو موڙ اچي وڃي ته
پنهنجي جان فدا ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندي آهي.
ماما جن کي پڻ ڏسي اهو احساس ٿو اڀري ته هن پيءُ،
پنهنجي ٻارن جي لاءِ ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو ڪردار گڏ
ادا ڪندي، پنهنجي طرفان پيار ۽ پرورش ڪرڻ ۾ ڪابه
ڪمي نه ڇڏي. ان جو سبب ڇا آهي؟ ڇاڪاڻ ته جيڪو وڻ
گهاٽو ۽ گهڻي ڦل وارو هوندو آهي، اهو هميشه ٿورو
نميل هوندو آهي ۽ الله پاڪ به نماڻائي ۽ نهٺائي کي
پسند ڪندو آهي ۽ جيڪو وڻ اڀو ۽ سيٽيل هوندو آهي،
اهو ئي گهڻي ڦل ڏيڻ کان محروم هوندو آهي.
اسان جو ماما ٻهراڙيءَ جو ماڻهو رهيو آهي ۽ تمام
سادن ماڻهن جو اولاد آهي، اسان سڀني ان جي معرفت
ئي ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر ڏٺا، پر ماما جن پاڻ
اڪيلي سر شهر ۾ آيا ۽ پنهنجي محنت، سچائي ۽
نماڻائيءَ سبب پنهنجو هڪ سهڻو ۽ اعليٰ درجي وارو
مقام ٺاهي ڇڏيو. پنهنجي ڪٽنب کي پيار پاٻوهه ۾ ٻڌي
هڪ سهڻي تربيت ۽ تعليم اهڙي سٺي ڏني، جنهن جو مثال
ڏيڻ ئي گهڻو مشڪل آهي. ماما جن پنهنجي ٻارن سان
نرم رويو رکندا آهن جنهن ۾ ٻاجهه تمام گهڻي هوندي
آهي. مون کيس کي ڪڏهن به ڪو دڙڪو ڏيندي نه ڏٺو،
هميشه ٿڌي طبعيت جا مالڪ رهيا آهن. ڪڏهن به فارغ
نه ويٺا، پاڻ اڪيلي سر هر مشڪل اڳيان پاڻ ئي منهن
ڏيڻ ڄاڻيندا آهن نه ڪنهن ٻئي آمدني جو آسرو نه
ڪنهن زمين جي آبادي جي اميد، نه وري، ڳوٺ وارن مان
ڪنهن مٽ مائٽ جو ڪو آسرو نه ڪا رشوت جي لالچ،
سدائين گهر ڪرائي جو ته به دل وڏي آهي. ان دل جي
ڪشادي اڱڻ ۾ ڪيترن جو سهارو ٿو بڻجي بيٺا آهن.
اهو محمد ابراهيم جويو ڪٿي بيمار جو علاج پيو ٿو
ڪرائي، ته ڪٿي ڪنهن جي تعليم ۾ مدد ڪري، ان
ماڻهوءَ کي هڪ سٺو انسان ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر نه ٿو
ڇڏي، پر ان سان گڏوگڏ ٻيا پڻ فرض سمجهي پورا ڪرڻ
جي به ڪوشش ڪندو رهي ٿو، جنهن ۾ لکڻ ته هن جي
زندگي آهي. نوڪري ته پوري ايمانداري سان هلندي ٿي
اچي، گهر جو خيال ۽ وري توجهه سان ٻارن جون
ضرورتون، جن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي نظر نه ٿي اچي.
نوڪري ۾ ته بدليون ٿينديون ٿيون رهن جو شهرن کان
ٻين شهرن تائين، صوبن کان ٻين صوبن تائين، پوءِ به
همت با مراد آهي. ماما جن جي ساراهه ڄڻ ته اصحابن
جي ڳالهه کي ورجائڻ برابر آهي.
مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو چاهي ته مون کي
هِن دنيا جون ۽ هُن دنيا جون نعمتون نصيب ٿين ته
مان سمجهان ٿي اهڙن ماڻهن جي زندگين کي پڙهڻ کپي،
جنهن ۾ نصيحتون ۽ عمل آهن. هنن بزرگن جي زندگين
مان اهو پتو ٿو پوي ته ايڏا ته مصروف ٿا رهن جو
اجايو فتنو هنن جي ويجهو به نه ٿو اچي. منهنجو
بابا چوندو هو ته: ”سچ ته هميشه ماڻهو هر گهڙي
پنهنجا پير ڄمائي رکي، دنيا وارن کي نه ڏسي ته هو
ڇا ٿا چون. سچ ته اٽل ماڻهو هر وقت هر مشڪل جي
اڳيان سرخرو هوندو.“ پوءِ هي جوڳيڙا هميشه سچ جا
پنڌ پڇائيندا رهندا آهن ۽ سچ جا ڏس ڏسيندا رهندا
آهن. شايد اهڙن بزرگن لاءِ لطيف سائين به چيو آهي
ته:
هلڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ مانجهيا اِي مرڪ
وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راهه ۾.
ڪرانتڪار جويو
حسين مسرت
اياز چيو هو ته: ”هر ديده ور دانشور آهي، هر
دانشور ديده ور نه آهي، هر ڪنهن جي نظر مستقبل ۾
دور دور تائين نٿي پهچي.“
اياز اهو به سوال ڇڏيو هو ته: ”هن دور جا دانشور
محسوس ڪن ٿا، ته ڇا هيءُ دور جيڪو پٿر کان به سخت
آهي، ان جي سيني مان بتان آرزيءَ جو رقص اُڀري
سگهندو؟“
هُو پنهنجي دور جو ديده ور ۽ دانشور، جيڪو پٿر کان
سخت دور لفظن جي تيشي مان مسلسل گهڙيندو، نوان رخ
ڏيندو رهيو، نوان رستا ٺاهڻ جي لگن ۾ مصروف رهيو،
اهو محمد ابراهيم جويو آهي. هُو نه ٿڪيو، نه ماٺ
ڪيائين، نه مايوس ٿيو، هو سدائين پنهنجي
اُتساهيندڙ لفظن کي آواز ۽ آواز کي لفظن جو روپ
ڏيئي، فضائن ۾ پکيڙيندو رهيو.
ابراهيم جويو صاحب ان ڳالهه کان بي نياز رهيو، ته
سندس لفظن جي ورکا ڪنهن تي وسي، ڪنهن تي نه، ڪو
سيراب ٿيو يا نه، هُو فطرت جي اصول جيان، اڻ ڌريو
رهيو ۽ اڻ مئي ڏات ورهائيندو رهيو آهي. ابراهيم
جويو اهڙي سوچ جو نالو آهي جيڪا صديءَ تائين،
سوچون تخليق ڪندي رهي آهي، اڃا به گهڻين صدين
تائين سوال پڇندڙ سوچون تخليق ڪندي رهندي.
ڇا ٿو لکي سگهجي، ان انسان لاءِ، جنهن جو هر ڪتاب
صرف سکڻو ڪتاب نه آهي پر، هر انسان لاءِ علم ۽
شعور جو محرڪ آهي، جنهن جا ترجما صرف ترجما نه
آهن، پر اهي اصل مواد کان به وڌيڪ سنواريل ۽
سڌاريل ٿا لڳن. سندس ترجمن کي پڙهندي پس منظر ۾
اها خواهش ضرور پيدا ٿئي ٿي ته، شل اهڙا ڪتاب،
اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به لکي سگهجن. ڪو اهل قلم،
قلم کڻي، ۽ مسلسل سماج کي جاڳائڻ جا نغما تخليق
ڪري، ڪو اهلِ نظر، ڪو دانشور سماج جي ڀڃ ڊاهه کي
محسوس ڪري ان جي تعمير لاءِ ڪو نقش چٽي.
تعليم تي جويو صاحب جيڪو به لکيو، اهو الڳ قصو آهي
پر عملي طرح سان هڪ استاد جي حيثيت سان جيڪي
شاگرد ڏنا، اهي به پنهنجي جاءِ تي سماج ۾ نمايان
سڃاڻپ رکن ٿا. اها الڳ ڳالهه آهي ته پنهنجن پنهنجن
سماجي ۽ سياسي دائرن ۾ هو ڇا ڪري رهيا آهن، پر
جويو صاحب انهن کي سماج ۽ زندگيءَ کي پرکڻ جا نوان
اصول ۽ رخ ضرور سمجهايا هوندا.
’ايملي عرف تعليم‘ جيڪو روسي جو نظامِ تعليم بابت
لکيل ڪتاب آهي. جويو صاحب هن انقلابي ڪتاب کي
ترجمو ڪري، پنهنجي هم زبان ماڻهن کي نظامِ تعليم
طرف ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪجهه اهڙيون
سماجي برايون ۽ اوڻايون هونديون آهن جيڪي مروج ٿيل
۽ مڃتا ماڻيل هونديون آهن، پوءِ انهن جي بنيادن کي
ختم ڪرڻ لاءِ صدين تائين جهدوجهد جاري رکڻي پوندي
آهي. جويو صاحب به اهڙي ئي جهدوجهد جي شروعات ڪئي
آهي.
هُو عورتن جي جهدوجهد جي حمايت ڪندڙ آهي. عورت
جهدوجهد کي ”عورتازاد“ جو نالو به ابراهيم جويي
صاحب جو ڏنل آهي. سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد جي
ڇپيل ڪتاب ”عورتازاد“ ۾ عورت جي، هر رستي هر روپ
۾، آزاديءَ جي حمايت ٿو ڪري. ماءُ، پيءُ، ڌيءَ،
جيون ساٿي جي حقن جي برابريءَ لاءِ آواز اٿاري ٿو.
سماجي امن، عورت جي جياپي سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو.
سماجي برابري، تفريقي روين سان قائم نه ٿِي ٿِي
سگهي. جويو صاحب، عورتازاد جي فڪر اڀارڻ لاءِ ڪوشش
ڪئي آهي، سندس لفظن ۾ ڪيئي نظريا، ڪئي فڪر ۽ ڪيئي
سوال لڪل آهن، جن کي صديءَ تائين سنڌ سمجهي نه
سگهي آهي. جويو صاحب جو فڪر سمجهڻ لاءِ شايد سنڌ
کي اڃا به ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو. ڪتابن تي تبصرا
لکڻ کان وڌيڪ ضروري ڪم سندس فڪر جي اپٽار طرف ڌياڻ
ڏيڻ جي ضرورت آهي. سندس فڪر، تعليم ۽ تعليمي نظام،
عورتن جي سماج ۾ بيهڪ، ادب ۽ اديبن جي شعور تي
بحث، سياست جي اهميت، ادبي تاريخن جي رچن بابت
ويچار، سيڪولرزم جي وضاحت وغيره، جويي صاحب کوڙ
موضوعن تي قلم کنيو آهي.
الهداد ٻوهيو لکي ٿو ته: ”جويو صاحب انهن چند
عالمن مان آهي، جن کي سَنَدَ طور قبول ڪري سگهجي
ٿو. هو نثر جو ماهر استاد آهي.“ (ٻوهيو، 2003ع، ص
16)
جويو صاحب، انسان جي ذهني غلامي جي خاتمي لاءِ جنگ
جوٽي آهي. هن گهڻن ذهنن جي سوچ کي مثبت ڌارا ڏني ۽
نوان رخ ڏيکاريا. انقلابي سوچ رکڻ، الڳ شيءِ آهي،
پر پنهنجي سوچ کي ٻين جي ذهنن ۾ منتقل ڪرڻ تمام
اوکو آهي.
اياز پنهنجي ڪتاب ’خط، انٽرويو ۽ تقريرون‘ ۾ لکي
ٿو ته: ”هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري زمهريز جي
برف نه آهي، جهنم جي آگ آهي ۽ جڏهن ان جا شعلا تيز
ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا کُلي پون
ٿا.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
”ابراهيم جويو مون لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي
ڇڏيا هئا، پراڻي دنيا جا سارا ٿوڻيون ٿنڀا ڊهي ڍير
ٿي پيا هئا ۽ مون لاءِ ماضي جي هر زنجير کي ٽوڙي
اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کلي پيو هو.“
ذهني غلاميءَ مان نجات ڏيئي شعور کي نوان رخ ڏيندڙ
جويي صاحب جڏهن به قلم کنيو آهي، ته ان مان ذهني
انقلاب ۽ تبديليءَ جا خواب تعبير ٿيا آهن. شيخ
اياز جي شاعري ۽ نثر ٻئي سنڌي ادب لاءِ اَملهه
خزانو سمجهيا وڃن ٿا ۽ اياز جي قلم کي مثبت سمت
ڏيندڙ جويو صاحب آهي. جي جي روسوجي ڪتاب ’ايملي
عرف تعليم‘ جو سنڌي ترجمو ڪندي، جويي صاحب جي ذهن
۾ پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ جيڪو پيغام
آهي، اهو ان ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ئي سمجهي سگهجي
ٿو، ايملي عرف تعليم ۾، روسو ٻارن کي تعليم ڏيڻ جا
بنهه مختلف ۽ عام طريقن کان مٽيل طريقا بيان ڪيا
آهن. ٻي خاص ڳالهه جيڪا هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهي،
ته روس ۾ تبديلي ڪيئن آئي. جڳ مشهور مفڪر،
فلاسافر، سماج جو پارکو ليکڪ جي.جي روسو 37 ورهين
جي ڄمار تائين بلڪل پنهنجي پيءُ وانگر، صرف هڪ
محجوب، آسائش پسند، پورالو، ويسارو، ارادي قوت کان
يڪسر محروم، رواجي، نازڪ مزاج، زود رنج، لاپرواهه،
حد کان زياده جذباتي ۽ پاڻهي پنهنجي لاءِ مشڪلاتن
پيدا ڪرڻ وارو بي ميار سوڍو بنيو، هيڏانهن هوڏانهن
وتندو هو گهمندو ڦرندو ۽ سير ڪندو.“ (جويو، 1949ع،
ص 14).
هڪ ڪتاب روسو جي زندگي ۾ تبديلي آندي، ڪتاب به نه
پر ڪتاب ۾ لکيل هڪ اشتهار هو، جنهن ۾ مضمون جي چٽا
ڀيٽيءَ لاءِ موضوع ڏنل هو- ”علم ۽ فن جي ترقيءَ جي
ڪري انسان جا اخلاق سڌريا آهن يا بگڙيا آهن؟“ ان
هڪ سوال روسو جي زندگيءَ ۾ انقلاب آندو ۽ هن قلم
کنيو ۽ سماجي تبديليءَ تي، ۽ سماج تي لکڻ شروع
ڪيائين.
لفظ ڪڏهن به ضايع ناهن ٿيندا، شعور جي ارتقا به
لفظ آهن، لفظن جو جادو، لفظن جو اثر، انسانن جي دل
و دماغ ۾ انقلاب آڻيندڙ ٿئي ٿو. دنيا جي تاريخ
مٽائڻ ۾ لفظن جو اهم ڪردار رهيو آهي.
ون يونٽ يا آمريت جي دور ۾ اديبن ۽ شاعرن پنهنجن
لفظن سان قومي شعور کي پيدا ڪيو، سختيون به برداشت
ڪيون، پر سچ جا نغما فضائن ۾ زندهه ڇڏي ويا. محمد
ابراهيم جويو به اهڙو جادو جهڙو اثر رکندڙ قلمڪار
۽ دانشور آهي جيڪو ديده ور به آهي، دانشور به آهي،
هو پنهنجي قوم جي خامين کان به واقف آهي، اوڻاين
جي ڄاڻ اٿس. هو ڄاڻي ٿو ته زخمي ۽ بيمار قوم جو
علاج ڪيئن ممڪن آهي. محمد ابراهيم جويي تعليم جو
بهترين تصور روسي جي ڪتاب جو ترجمو ڪري پيش ڪيو
آهي. ان کان علاوه ٻيو ڪتاب پائلو فريري جو ’علم
تدريس مظلومن لاءِ‘ به بهترين ڪاوش آهي. نظريا
مختلف آهن، ٻوليون مختلف آهن، پر نياپو ساڳيو آهي،
ته مايوس ناڪاميءَ جو ٻيو نالو آهي. تبديلي ڪڏهن
به، ڪيڏي مهل به اچي سگهي ٿي. تعليم جو مقصد شعور
جي بيداري ۽ پنهنجي سماج کي سمجهڻ آهي.
پائلو فريري، انساني آزادي جو واضح تصور ڏنو آهي ۽
انهيءَ انساني آزاديءَ کي بنياد بڻائي ظلم ۽ جبر
جي نندا ٿو ڪري. هو پنهنجي ڪتاب کي آزمائشي ڪتاب
ٿو سمجهي. هن ڪتاب ۾ پائلو فريري انسان جي تربيت،
انسان جي انسان بنجڻ واري عمل تي بحث ڪيو آهي.
انساني جدوجهد، اتان جي ڪمال ۽ زوال بابت چٽو موقف
پيش ڪندي چوي ٿو ته: ”انساني زوال يا حيوان پڻو،
انساني عروج يا بهتر انسان پڻي جو بدروپ آهي،
انهيءَ ڪري جلد يا دير سان، مظلومن کي سندن ڪمتر
انسان پڻي جو احساس پٽي ۽ اٿاري، انهن جي خلاف
جدوجهد تي آماده ڪري ٿو، جن کين ائين حيوان بڻجڻ
تي مجبور ڪيو ۽ هيءَ جهدوجهد پنهنجي منطقي نتيجي
۾، معنيٰ واري ۽ سڦل بڻائڻ پنهنجي لاءِ ضروري آهي
ته پنهنجي انسان پڻي کي وري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾
(جيڪا ڪوشش ئي انسان پڻي جي تخيلق جو هڪ رستو آهي)
مظلوم پاڻ ڦري ظالمن جا ظالم نه بڻجن، پر پنهنجي ۽
انهن جي يعني ٻنهي جي انسان پڻي جا سنواريندڙ
ٿين.“ (جويو 2006ع، ص 26)
پائلو فريري جي لفظن کي بهترين ۽ آسان زبان ۾
ترجمو ڪندڙ اسان جو سدا حيات دانشور جويو صاحب
واضح ڪري ٿو، ته طاقت اصل ۾ پيڙهيل طبقن ۾ آهي،
مظلومن ۾ آهي، ظالم ۽ ڏاڍو ته پنهنجي طاقت جي ٻل
تي ماڻهن کي هيسائي ۽ پنهنجا نظريا مڙهي ٿو، پر
اصل طاقت انڪار جي آهي، پنهنجي حالت بدلائڻ لاءِ
ڪوشش ڪرڻ ئي اصل طاقت آهي.
قوم ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ جويو صاحب جون اڻ ٿڪ
ڪوششون سندس تحريرن ۾ موجود آهن. جويو صاحب، هر
زبان مان ڪاميابيءَ جا گُر ڳولهي لڌا آهن املهه
ماڻڪ، ڪنهن به قوم لاءِ محدود نه آهن. هن پنهنجي
قوم جي شعور کي بين الاقواميت ۽ دوام بخشڻ لاءِ سؤ
سال محنت ڪئي آهي. سوچيان ٿي ته، ان سؤ سالن جي
پورهئي مان گهڻا ذهن باشعور ٿيا هوندا.؟ سوچيان ٿي
ته اهو سج جيڪو پورا سؤ سال سنڌ مٿان پنهنجا ڪِرڻا
نڇاور ڪندو رهيو آهي، انهن ڪرڻن ڪيترن ٻوٽن کي
اُسرڻ ۾ مدد ڪئي هوندي، جهالت جي گهاٽي اونداهه
جنهن ۾ قلمڪار پنهنجي قلم جي نب سان شعور جي لاٽ
ٻاريندا ٿا اچن، اهي ڪيترا ڪامياب ٿيا آهن.
شعور جا رستا آزاديءَ طرف ٿا وڃن، ذهني آزاديءَ جو
تصور انسان کي جيڪا طاقت ۽ سگهه بخشي ٿو، اها طاقت
ئي انقلاب آهي. اسان جو انقلاب، محمد ابراهيم جويو
آهي. اهو سمجهائي ٿو، ڳالهائي ٿو. جويي صاحب جا
لفظ، تبديليءَ جي علامت آهن. ذهني غلامي، جسماني
غلاميءَ کان وڌيڪ هاڃيڪار ٿئي ٿي. ذهني طرح غلام
قومون پنهنجي حالت بدلائڻ لاءِ جهدوجهد ناهن
ڪنديون ۽ ذهني غلاميءَ کان نجات، لفظن سان ئي ممڪن
آهي ۽ ان لازوال ڪوشش ۾ محمد ابراهيم جويي جو ڪوبه
مٽ ۽ ثاني نظر نٿو اچي. ڪتاب ’شاهه، سچل، سامي‘
ذريعي جويو صاحب اهو ٻڌائي ٿو ته، تاريخ ڪيئن
پڙهجي؟ تاريخ ڪيئن سهيڙجي شاعريءَ جو اڀياس ڪيئن
ڪجي؟ سماج ۽ شاعريءَ جي ڳانڍاپي تي تحقيق ڪيئن
ڪجي؟ جويي صاحب جي پنهنجن لفظن ۾ ته:
”قومن، ملڪن ۽ سماجن جا اهي مها پرش ۽ محسن شخص
پنهنجي پنهنجي دور جا باني به هوندا آهن. هو
پنهنجي دور جي مروج ۽ تسليم ٿيل تربيتي سرشتي جي
پيداوار نه هوندا آهن، بلڪ پنهنجي ذات ۾ هو هڪ
نئون ۽ انوکو ڪردار ٿي سامائبا آهن.“ (جويو 2006ع،
ص 18).
’شاهه، سچل ۽ سامي‘، سنڌ جي انتشاري ۽ سماجي هلچل
واري دور جا شاعر هئا. انهن جا لفظ ان وقت جي سماج
جي پيڙا، ان وقت جي مروج اصولن ۽ ريتن کان انڪار
ٿا ڪن. جويو صاحب ان ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته انسانَ،
رياست ڪيئن ٿا بڻائين ۽ وري قوم بڻجڻ جي عمل مان
ڪيئن ٿا گذرن، مذهبن کي طاقت جو ذريعو بڻائيندڙ،
حڪمران طبقا عام انسانن کي ڪهڙي طريقي سان هتي
غلاميءَ جي ڄار ۾ جڪڙڻ شروع ٿا ڪن، ۽ ان جي نتيجي
۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا آهن جن جي هانوَ جون
دريون پوريل ٿين ٿيون. هو بيٺل پاڻيءَ جيان
سينوارجي ٿا وڃن، جنهن مان ڪو به لاڀ نه ٿو حاصل
ڪري سگهي، اهڙا ڪانئر ۽ ذهني طرح ڪنگال انسان،
مذهب ۽ رياست جي ڳانڍاپي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا
آهن، جن ۾ آدرش ۽ امنگ ناهن هوندا.
اهڙن ئي انسانن لاءِ جويو صاحب لکي ٿو، ڳالهائي
ٿو، اهڙن ذهنن کي مٽائڻ لاءِ جويو صاحب شيخ اياز
جهڙي مفڪر، دانشور ۽ شاعر جي سوچ کي صحيح رُخ ڏيئي
سنڌ تي احسان ڪيو. شيخ اياز جي لفظن جو سهارو وٺي
هن محنتي ۽ مشقت ڪندڙ قوم کي شعور بخشيندڙ انسان
لاءِ اهوئي چئي سگهجي ٿو ته: هو ”ڪرانتڪاري“ آهي،
شعور ۽ ذهنن جي روشنيءَ کي وڌيڪ جلا بخشيندڙ ۽
شعاعن کي تيز ڪندڙ آهي.
حوالا
(1) ’خط،
انٽرويو ۽ تقريرون‘- شيخ، مئي 2010ع، ثقافت کاتو،
حڪومت سنڌ، ڪراچي.
(2) ’ايملي
آف تعليم جي روسو‘ ترجمو: محمد ابراهيم جويو
1950ع، آزاد بڪ ڊيپو حيدرآباد.
(3) ’علم
تدريس مظلوعن لاءِ‘ پائلو فريري مترجم: محمد
ابراهيم جويو 2006ع.
(4) جويو
ابراهيم، ’شاهه، سچل، سامي‘ روشني پبليڪيشز 2006ع.
ون يونٽ تحريڪ ۾ ابراهيم جوئي جو ڪردار
مولائي ملاح
هڪ صديءَ جي آواز، محترم محمد ابراهيم جوئي صاحب
جي شخصيت هونءَ ته گھڻ پاسائين آهي، جنهن تي هن
مهل تائين، هن ٿورڙي عرصي ۾، ڏاڍو تيزيءَ سان جيڪو
ڪم ٿي چڪو آهي، ايترو تيزيءَ سان اڳ ڪنهن شخصيت تي
ناهي ٿيو. اسان جي اها روايت رهي آهي ته اسان ڪنهن
سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيت جي فن، فڪر ۽
فلسفي ۽ شخصيت تي ايترو ڪم تڏهن ڪندا آهيون، جڏهن
هو اسان کان وڇڙي ويندو آهي ۽ پوءِ کيس مانُ ڏيڻ
لاءِ سندس ڪمن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ پنهنجو فرض
پورو ڪندا آهيون، پر سائين محمد ابراهيم جويو صاحب
جن جي جيتري ڀاري شخصيت آهي اوترو ئي کيس حياتيءَ
۾ مانُ مليو آهي، جيڪا هڪ سٺي روايت آهي.
سائين جويي صاحب جن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي ترقي
۽ سنڌي قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ جھيڙيندي گذاري
آهي. سنڌ جي وحدت خلاف جڙندڙ هر محاذ تي سڌي ۽ اڻ
سڌي طرح فرنٽ لائين وارو ڪردار ادا ڪيو اٿن. ايوبي
آمريت ۾ جڏهن سنڌ جا حق غصب ڪرڻ لاءِ صوبن جي
حيثيت ختم ڪري ’ون يونٽ‘ قائم ڪيو ويو، ته ان جي
مزاحمت خاطر جڙيل ’اينٽي ون يونٽ تحريڪ‘
دوران توڙي پاڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو، ان هوندي به
ان جي پسمنظر ۾ ادبي ۽ فڪري ميدان ۾ سندس مهڙ وارو
ڪردار رهيو، جنهن کان ڪڏهن به انڪار نٿو ڪري
سگھجي. انهن ڏهاڙن ۾ پاڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هئڻ ڪري
پردي پويان قومي ڪارڪنن جي رهنمائي ڪندو رهيو.
ايوبي آمريت جي مڙهيل ون يونٽ سان سنڌ برطانوي دور
۾ 1847ع کان 1935ع تائين 88 سالن کانپوءِ هڪ آزاد
وطن ته نه پر جيڪا صوبائي حيثيت حاصل ڪئي هئي، اها
به ون يونٽ مڙهي کانئس کسي وئي. انگريز جڏهن 1843ع
۾ سنڌ فتح ڪيو ته تڏهن کان اڄ تائين جي عرصي مان
103 سال ته اهڙا هيا جن ۾ سنڌ کي ڪا جدا انتظامي
حيثيت به حاصل نه ٿي سگھي. 18
نومبر 1954ع تي ون يونٽ لاڳو ٿيو جيڪو لڳ ڀڳ 16
سال هليو. محمد ابراهيم جويي جي تحريرن سنڌي قوم کي
آمريتي نظام جي اهڙي عذاب مان نڪرڻ لاءِ مڙي مٺ
ٿيڻ تي مجبور ڪيو. جن چيلهـن سان سندرا ٻڌي، اهڙي
تاريخي جنگ جوٽي، جو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جو
محاذ 16 ورهين کان پوءِ پهـرين جولاءِ 1969ع تي
فتح ڪري ڏيکا ريو.
ون يونٽ تحريڪ جي حوالي سان سائين محمد ابراهيم
جويي صاحب جي ڪيل جدوجهد تاريخ جي ڪتاب ۾ ڀلي
مختصر انداز ۾ ملي پر جيتري به رقم ٿيل آهي، اها
جامع آهي ۽ ان مان سندس ڪردار چمڪندڙ ستارن ۾ بيٺل
چنڊ جهڙو آهي. ون يونٽ خلاف ڪيل جدوجهد تي ون يونٽ
جي تاريخ سهيڙيندڙ پروفيسر اعجاز قريشي پنهنجي
ڪتاب
’ون يونٽ ۽ سنڌ‘ جي صفحه نمبر 329 تي محمد ابراهيم
جويي لاءِ لکي ٿو ته:
”سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ علم ادب لاءِ بي بها خدمتون
سرانجام ڏيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو ون يونٽ
دور ۾ جيتوڻيڪ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو، پر پوءِ به ون
يونٽ ٽوڙ تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي
رهنمائيءَ جو فرض دل جان سان سرانجام ڏيندو رهيو.
سائين جويو صاحب مارچ 1954ع کان 1961ع تائين سنڌي
ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو؛ ان دور ۾/561955ع
دوران ٽماهي ’مهراڻ‘ پڻ ايڊٽ ڪيائين، ’مهراڻ‘ ۾
سائين ڪوشش ڪري اهڙو مواد شايع ڪيو، جنهن سان سنڌ
۾ اجتماعيت ۽ قومي تشخص جي ساڃاهه پيدا ٿي ۽ اديبن
۽ شاعرن پاران ون يونٽ خلاف هلايل هلچل ۾ سندن
رهنمائي ۽ همت افزائي ٿي.“
جويي صاحب ون يونٽ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ
ناروا سلوڪ خلاف آواز اٿاريندي لکيو ته:
”سنڌي هتان جي ماڻهن جي مادري ٻولي آهي. 1961ع
واري آدم شماري (اسان کي اهو به معلوم آهي ته اها
آدم شماري ڪيئن ٿي هئي) موجب صوبي ۾ صرف 15 سيڪڙو
ماڻهو سنڌي نه پر ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا. اهو
هاڻ هڪ مڃيل اصول ٿي چڪو آهي ته ذريعه تعليم مادري
زبان ۾ هئڻ گھرجي. ڇا 85 سيڪڙو صوبي جي آباديءَ کي
علم ۽ ڄاڻ کان صرف ان ڪري پري رکجي جو هو ڪجھ
ماڻهن جي جذباتي جنون کي سرد رکي سگھجي جيڪي چاهين
ٿا ته هڪ ڌاري ٻوليءَ ۾ سڀني کي تعليم ڏني وڃي
... ۽ هاڻ اهو وقت اچي چڪو آهي ته تعليم لاءِ
زندگيءَ جي بنيادي اصول کي مڃيو وڃي. ٻي صورت ۾
وقت جلد يا دير ئي سهي، اهو اصول مڃڻ تي مجبور به
ڪري ڇڏيندو.“
جويي صاحب ان دور ۾ ڪيترائي اهڙا پمفليٽ ۽ ڪتابچا
پڻ لکيا (جن مان ڪجھ ٻين نالن سان پڻ شايع ٿيا) جن
۾ ون يونٽ جي مخالفت ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي حقن جي
پرچار ڪئي وئي. جهڙوڪ اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو
مسئلو، اصل انگريزيءَ ۾ مئي 1969ع ۾ ون يونٽ جي
خاتمي وقت ڪراچيءَ جي سنڌ ۾ وري شامل ڪرڻ واري
مسئلي بابت 1969ع ۾ ابن حيات پنهور جي نالي ۾
لکيائين.
جويو صاحب وک وک تي سنڌي شاگردن جي رهنمائي، حوصلا
افزائي ۽ هر ممڪن مدد ڪندو رهيو. ڪراچي
يونيورسٽيءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي خاتمي بعد 1956ع ۾
جڏهن سنڌي شاگردن احتجاج ڪيو ته يونيورسٽيءَ جي
سئنڊيڪيٽ آڏو شاگردن جيڪا ياداشت پيش ڪئي، اها
جويي صاحب جي ئي لکيل هئي، پاڻ ايوبي مارشل لا
واري ڪاري دور ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هئڻ باوجود به
بزم صوفياءِ سنڌ جي ڪانفرنس توڙي جشن روح رهاڻ جي
سرگرمين ۾ شرڪت ڪندو رهيو.
جويي صاحب جي ون يونٽ مخالف خيالن کان سرڪار باخبر
هئي، تنهنڪري کيس بدلي ڪري 1962ع ۾ لاهور موڪليو
ويو ۽ بعد ۾ 1968ع ۾ کيس گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول
ڪوهاٽ جو پرنسيپال بڻايو ويو. آخر 1969ع ۾ ون يونٽ
جي خاتمي بعد کيس سنڌ واپس بدلي ڪيو ويو. جويو
صاحب جنهن به محاذ تي رهيو، اتي سنڌ جي حقن خاطر
آواز بلند ڪيو جنهن سبب کيس ڪافي عرصي تائين
تڪليفن کي ڀوڳڻو پيو. ملازمت واري عرصي ۾ ون يونٽ
جي ڏهاڙن ۾ کيس ڪنهن هڪ هنڌ رهي سک سان ڪم ڪرڻ نه
ڏنو ويو، بار بار بدليءَ جي سزا کي ڀوڳيندو رهيو،
پر پنهنجي سنڌ دوستيءَ واري مقصد تان ڪڏهن به هٿ
نه کنيائين. سنڌ 1955ع کان 1960ع ون يونٽ مڙهجڻ
کان ٽٽڻ تائين واري عرصي ۾ ان خلاف هن جيڪا به
جدوجهد ڪئي، اها عيسوي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾
سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو اهم حصو، رهندي. جنهن جي
سرواڻيءَ جو سهرو سندس سِرَ تي اچي ٿو.
سنڌ سان عشق جي جرم ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ به
کيس سک سان نوڪري ڪرڻ نه ڏني وئي. ڪنهن نه ڪنهن
طرح کيس پريشان ڪندا رهيا. جن تڪليفن کي هي اڏول
انسان، سنڌ جي عشق ۾ صبر سان سهندو پنهنجي مقصد کي
جاري رکندو رهيو. غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب:
’جهڙا گل گلاب جا‘، جي ٻئي حصي جي صفحي 455، تي
لکيو آهي ته:
”جويو صاحب پيدائشي باغي هو. سڄي عمر هن اصول تي
ڪاربند رهيو ته:
جس کھیت
سے دہکان کو میسر نہ ہو روزی،
اس کھیت کے ہر گوشئے گندم کو جلادو۔
جويو صاحب نئين سنڌ جي قيادت لاءِ پيدا ٿيو هو.
پير حسام الدين راشديءَ: ڳالهيون ڪندي، هڪ ڏينهن
مونکي چيو ته: ”اسان کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي
صاحب ڏنو.“
سنڌ ۾ مڙهيل ون يونٽ وارن ڏهاڙن ۾ جويو صاحب
سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو، پر ادبي ڪچهرين ’مهراڻ‘ ۽
اخبارن ۾ فهميده لهجي ۾ فرضي نالن سان ون يونٽ
خلاف ڪالم لکي قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪري کين اتساهيندي
سندن جذبن کي گرمائيندو رهيو. جيڪا ڳالهه سرڪار
سڳوريءَ کان لڪل ڪانه هئي، جنهن ڪري بار بار کيس
نوڪريءَ تان بدلي ڪري ڪڏهن هڪ شهر ته ڪڏهن ٻئي
صوبي ۾ رکيو ويو، جنهن تي هن به سندن اڳيان ڪڏهن
ڪائي هيڻي نه ٻولي ۽ سنڌ دوستيءَ واري عمل ۾ آخر
تائين مصروف رهيو. سرڪاري نوڪري پوري ڪرڻ کان پوءِ
سنڌ ديس جي خدمت هڪ خاموش خدمتگار جيان صحت جي
سلامتيءَ تائين جاري رکي
هن سنڌ ڄائي کي سدائين پنهنجي ماتر ڀوميءَ جو اونو
رهيو، هي جنهن به پليٽ فارم تي رهيو، اتي سنڌ جي
حقن خاطر لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو آهي. ون يونٽ
خلاف تحريڪ ۾ به سندس ڪردار فرنٽ لائين وارو رهيو.
هي انهن ڪارن ڏهاڙن ۾ به سنڌ جي ماڻهن جي ذهني
تربيت ڪري کين ون يونٽ خلاف اُتساهيندو رهيو، نيٺ
سنڌ مٿان آمريت مڙهيل ڪاري قانون کي ٽوڙي ساهه
کنيائين. سنڌ جي اهڙي امر ڪردار جي ذات ۽ ڏات شال هميشه
سلامت رهي، جُڳ جُڳ جيئي. |