جوڳيءَ
جاڳائي، ماري وڌو مامري!
شيخ
اياز
طالب العلميءَ جي دور ۾ مون سان ٽي اهڙا ڪاڙي
مليا، جن ٽنهي جي باري ۾، مون کي ڀٽائيءَ جي هيٺين
سِٽ ياد ايندي آهي:
جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌو مامري!
۽ اُهي هئا- سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ حشو
ڪيولراماڻي
(اِهي) ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت
ڪئي آهي ۽ جي مان اُنهن سان نه مِلان ها ته مان،
مان نه هُجان ها، ۽ اُهي آهن- حشو، سوڀو ۽
ابراهيم. اِنهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت اِئين رهي
آهي، جيئن رُوميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي. اُهي
ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مُون کان جيون جي ليکي چوکي
وٺڻ جا حقدار آهن.
جويو، ڪرست ۽ ڪرانتڪاريءَ جو ڳُوڙهو ڳانڍاپو آهي.
تو ته
هُن جي اُڻت ڏٺي آهي، پر جڏهن سنڌڙيءَ لائون
لڌيون، تڏهن ڪير چوندو ته اُن جو سارو لباس، هُن
جي آڏاڻي ۾ اُڻيل آهي!هُو اُهو آدي جڳادي الوپ
ماڻهو آهي، جو نؤ ورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي،
گُم ٿي ويندو آهي. هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري
زمهرير جي برف نه آهي، جهنم جي آگِ آهي،
۽ جڏهن اُن جا شعلا تيز ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت
جا دروازا کُلي پون ٿا.
ابراهيم جويي جي طبعيت...... حشوءَ جي بلڪل برعڪس
آهي. هُو سُئيءَ سڳي تائين هر شيءِ جائيتي رکندو
آهي. هن وٽ ڪوبه اَجايو پَنو نه پيو هوندو آهي ۽
جيستائين هُو بيڪار ڪاغذ ڦاڙي مزي سان ٽُڪريون
ٽُڪريون ڪري نه اُڇليندو آهي ۽ ڪارآمد ڪاغذ ڪنهن
ڪتاب جي وچ ۾ يا پنهنجي وهاڻي هيٺان ٺاهي ٺُڪي نه
رکندو آهي، تيستائين هن کي چئن نه ايندو آهي.
حشوءَ ۾ ضِد بلڪل ڪونه هو ۽ ابراهيم ۾ ضِد گهڻو
آهي. (مان ڀانيان ٿو ته اِبراهيم تي سائين
جي.ايم.سيد جي صحبت جو اثر ٿيو آهي، جنهن جو ضِد
به پنهنجو مثال پاڻ آهي.) حشوءَ ۾ تذبذب هو،
ابراهيم ۾ ڪوئي تذبذب نه آهي. هن جا سياسي نظريا ۽
زندگيءَ جا اُصول طئي شده آهن، جن ۾ ڦيرگهير جي
ڪائي گنجائش نه آهي. ترتيب ۽ تسلسل، هن جي زندگيءَ
جون نمايان خوبيون آهن. حشو بين الاقوامي ڪميونزم
جون ڪمزوريون پاڻ ٻُڌائيندو هو، ابراهيم اڃا تائين
اُهي ٻُڌڻ به نه چاهيندو آهي. (توڙي جو ايم. اين.
راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ ۾ رهيو آهي).
حشو ته 1948ع جي شروع ۾ هندستان هليو ويو هو، پر
ابراهيم جون مهربانيون اڄ تائين مُون تي مينهن
وانگر وسنديون رهيون آهن. پس پرده رهي، هن نئين
سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي. حشوءَ ته رڳو سائين
جي. ايم. سيد جو هڪ ڪتابُ (Struggle
for New Sindh) انگريزيءَ
۾ ترجمو ڪيو هو، پر ابراهيم، سائينءَ جي ڪيترن ئي
ڪتابن تي ڏينهن جا ڏينهن نُور نِچويو آهي. هن لاءِ
هر ترقي پسند ڪتابُ، هر اُهو ڪتاب، جنهن سان
ٻوليءَ ۽ ادب جو واڌارو ٿئي، هن جو پنهنجو ڪتاب
آهي ۽ هن جو جيترو وسُ پڳو آهي، هن ليکڪ کي
اُنهيءَ ڪتاب سَنوارڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
ابراهيم سان مُنهنجي پهرين ملاقات، حشوءَ کان به
اڳ، سال 1944ع ۾ منهنجي دوست جمال صديقيءَ ڪرائي
هُئي، جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ بي. اي ۾ پڙهندو هوس.
اُن وقت ابراهيم سنڌ مدرسي ۾ ماستر هو ۽ بندر روڊ
تي ’سعيد منزل‘ جي هڪ فلئٽ ۾ رهندو هو. ابراهيم
مون کي پهريون ڀيرو ’ٿنڪرس لائبرري‘ (Thinkers`
Library) جا
ڪتاب- `Martyrdom
of Man`’انسان
جي شهادت‘ وغيره پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا، جي مون نهايت
دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. اُنهن مان هڪ ڪتابَ `Illusion
of National Character` ’قومي
ڪردار جو خبط‘ جو مون تي ايترو گهرو اَثر ٿيو هو،
جو ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ ۾ ايتري دلچسپيءَ جي باوجود
مان اُن جيChauvinistic
Trends جي
لپيٽ ۾ نه آيو آهيان.
مان ابراهيم کي پنهنجا نظم ٻُڌائيندو هوس، پر هِن
کي اُنهن ۾ حد کان زياده فارسي لفظ پسند نه ايندا
هئا.
1945ع ۾ مان ۽ مُنهنجو دوست عبدالرزاق راز،ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج ۾ قائم ڪيل ’سنڌي سرڪل‘ ۾ ويندا هئاسين،
جتي مون پنهنجو نظم ’او باغي، او راج دروهي، ڀارت
۾ بلوي جا باني‘ پڙهيو هو ته ٻُڌندڙ حيران ٿي ويا
هئا. اُهو نظم پوءِ ’لهرون‘
جي نالي سان سرڪل جي ڪتاب ۾ ڇپيو هو. پروفيسر رام
پنجواڻيءَ اُن کي ڪيئي ڀيرا پنهنجي مٺڙي آواز ۾
گهڙي تي ڳايو هو. اُنهيءَ سرڪل ۾ منهنجي نارائڻ
شيام سان واقفيت ٿي هئي.
’او باغي، او راج دروهي‘ ۾ ڪم آندل ٻولي، ابراهيم
جي صحبت جو اثر هئي. ابراهيم سان جڏهن مان گهرو
ٿيو هوس، تڏهن هن مون کي ايم.اين.راءِ جا ڪتاب
پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا. جمال صديقيءَ به اُنهن مان ٻه
ٽي ڪتاب اڳ ئي پڙهيا هئا ۽ ابراهيم سان گڏ
ايم.اين.راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ (Radical
Democratic Party) جي
ميٽنگن ۾ به ويندو هو. ابراهيم مون کي پارٽيءَ جي
هفتيوار اخبار `Independent
India` ’آزاد
هندستان‘ جا شمارا به پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا. هڪ ڀيري
مان به پارٽيءَ جي ميٽنگ ۾ ويس.
اِهو سارو وقت منهنجو ابراهيم جويي سان ميل جول
رهيو، اهو دور مون لاءِ نشي جو دور هو- جُوانيءَ
جو ڀرپور نشو، نون خيالن سان لهه وچڙ جو نشو،
مطالعي جو نشو، شاعريءَ جو نشو، دوستيءَ جو نشو،
مون سوين ڪتاب پڙهي ڇڏيا.
ابراهيم جويي مُون لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪَ کولي
ڇڏيا هئا. پراڻيءَ دُنيا جا سارا ٿوڻيون ٿنڀا ڊهي
ڍير ٿي پيا هئا ۽ مون لاءِ ماضيءَ جي هر زنجير کي
ڇِني، اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کُلي پيو هو. منهنجي ۽ هن
جي دوستي، روميءَ ۽ شمس تبريز واري هئي، جنهن
روميءَ جي ڪتابن تي نِگاهه وڌي هئي ته اُنهن ۾
باهه لڳي وئي هئي.
جڏهن مون سکر ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي ته ڪراچيءَ
وارا ايم. اين راءِ جا ٻيا پوئلڳ منهنجي زندگيءَ
مان نڪري چڪا هئا، پر ابراهيم سان منهنجا تعلقات
برقرار رهيا هئا. مان جڏهن به سکر مان ڪراچيءَ
ويندو هُيس ته هن سان ضرور ملندو هيس. هڪ ڀيري مان
پنهنجي دوست عبدالرزاق راز سان گڏجي ڪراچيءَ نئين ڪار
خريد ڪرڻ ويو هيس. ڪراچيءَ ۾ راز جوپنهنجو فلئٽ
هو،
جتي هن جو سالو رهندو هو. مان ابراهيم جي فلئٽ ۾
وڃي رهيو هيس. اُنهن ڏينهن ۾ ابراهيم اڃا ٻي شادي
ڪانه ڪئي هئي. ابراهيم جي پهرين زال ٽي. بيءَ ۾
مري وئي هئي. ابراهيم ڪافي دير تائين رات جو خانگي
ٽيوشن ڏيندو هو ته جيئن هُو زال جي علاج لاءِ پيسو
بچائي سگهي، پر هوءَ بچي نه سگهي هئي، جو هن کي
ابراهيم کٽ تان ٿي اُٿاريو ته هُن کيس چيو هو،
”آهستي ته اُٿار، منهنجون کنڀڙاٽيون ٿو ڀڃين.“ اهو
’کنڀڙاٽيون‘ لفظ پنهنجي واتان ٻُڌي ابراهيم جون
اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون هيون. هن جي موت کان
سال کن پوءِ ابراهيم هن جي ڀيڻ سان شادي ڪئي هئي.
هڪ شام جو مُون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم
ٻُڌايا، جي هن کي ڏاڍا پسند آيا، جڏهن مون هي سٽون
پڙهيون:
یہ دنیا، یہ آماجگاہِ تمنا،
کہاں جا رہی ہے
یہ رقاصۂ روز شب نوکِ خنجر پہ یوں ناچتی جارہی ہے۔
کہ جیسے اُسے یہ یقین ہوگیا ہو،
کہ اب پاؤں چھلنی نہ ہوں گے۔
تڏهن ابراهيم چيو هو ”اياز، توکي مان وري به چوان
ٿو ته تُون پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين.
تُون پنهنجيءَ ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾
پهچائي سگهين ٿو!“
مُون ڏک سان ڏسي ابراهيم کي چيو هو، ”پر تو کان
سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻُڌڻ وارو ڪير آهي؟“
اُن تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو، ”اسان ٻه ڪافي
آهيون، اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون
ٿا.“
`Save Sindh Save the Continent` جي
مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.
ابراهيم سان پوئينءَ ملاقات کي ڪجهه سال گذري ويا.
هڪ ڀيري منهنجي روح جي ڳنڍ اوچتو کُلي پئي ۽ مون
ڪيئي بيت لکيا، جي ابراهيم کي پوسٽ ڪري موڪليم.
ابراهيم اُن وقت ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري هو. هن اُنهن مان ڪجهه بيت ادبي بورڊ جي
ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جي پهرئين صفحي تي ڏنا.
اُهي بيت، سنڌيءَ ۾ منهنجي ادبي زندگيءَ جو نئون
جنم هئا.
............... مان ڀانيان ٿو ته مُون اردو
شاعري، 1954- 1955ع ۾ ڇڏي ڏني ۽ وري سنڌي شاعريءَ
ڏانهن موٽي آيس. ابراهيم صحيح چيو هو ته مان
اردوءَ ۾ پنهنجيءَ ڏات کي منطقي نتيجي تي پهچائي
نه ٿو سگهان. اڄ منهنجن سنڌي شعرن تي هزارن ماڻهن
جون دليون ڌڙڪن ٿيون ۽ ايوب خان جي حڪومت بانورجي
پئي آهي. اها ڳالهه منهنجي اردو شاعري پيدا نه ڪري
سگهي ها.
’نيل کنٺهه اور نيم کي پتي‘ 1947ع کان وٺي 1951ع
تائين منهنجي اردو شاعريءَ جو مجموعو هو، جو مون
”بُوئي گل نالهء دل“ جي نالي سان 1952ع ۾ ڇپايو
هو، پر اُهو مارڪيٽ ۾ نه ڏنو هو ۽ دوستن ۾ ورهائي
ڇڏيو هو، ڇو ته اُن جي ڇپائي ۽ جلد سازي شايان شان
نه هئي. اردوءَ ۾ اُها شاعري مون تڏهن ڪئي هئي،
جڏهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي اديب ۽ شاعر تتر بتر ٿي
ويا هئا ۽ سنڌ ۾ مون لاءِ سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽
ابراهيم جويي کان سواءِ ڪوئي اهڙو اديب نه رهيو
هو، جنهن سان مان ڳالهائڻ چاهيان ها.
هن سال مئي جي مهيني ۾ مان 4 بجي صبح کان 6 بجي
صبح تائين سانده هڪ مهينو شعر لکندو رهيس ۽ پنهنجا
نثر جا ٻه ڪتاب ’آتم ڪهاڻيءَ‘ جو حصو ۽ ’روس جو
سفرنامو‘ وچ ۾ رد ڪري ڇڏيم، ڇو ته شاعري سمنڊ جي
وير وانگر ڪڏهن ڪڏهن چڙهندي آهي ۽ جڏهن لهي ويندي
آهي ته مون کي منهوڙي جي ٺوٺ پهاڙين وانگر ڇڏي
ويندي آهي. مون نه رڳو ڪيترائي نظم لکيا، پر ٿَر
جي پسمنظر سان پنج ڇهه سؤ بيت لکيا، جن ۾ مون
انسان جي گوناگون جذبات کي سمايو. اُنهن بيتن ۾
ڀٽائيءَ جي لوڪ ڪهاڻين جو ڪوئي پس منظر نه آهي ۽
انهن ۾ ورلي ڪوئي اهڙو لفظ ڪم آندل آهي، جو
ڀٽائيءَ يا ٻئي ڪنهن شاعر اڳ ڪم آندو آهي. مون
سوچيو آهي ته ائين سنڌ جي سمنڊ، ڪوهستان، لاڙ،
وچولي، اُتر جي پس منظر سان ٻيا بيت لکان، جن ۾ هن
ڌرتيءَ سان ’من تُو شُدم تُو من شُدي‘ واري ڪيفيت
پيدا ڪريان. مون ڪتاب جو نالو ’اَڪن نيرا ڦُليا‘
رکيو ۽ اُن جي هڪ ڪاپي ياسمين کي ڏني هئي ته
حيدرآباد پهچڻ سان جويي صاحب کي ڏئي.
ابراهيم جويو، سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو آهي. مان
جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته چاهيندو آهيان ته
اُن تي پهرين نظر سنڌ جي هن عظيم دانشور جي پوي، ۽
اُهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته مون کي اُن
جي امرتا جي پڪ ٿي ويندي آهي. منهنجي اڳئين ڪتاب
’بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي‘ ۾ شامل هڪ نظم
’چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان- تُون
هُئينءِ‘ جي شرح جنهن خوبصورتيءَ سان هُن ڪئي آهي،
اهڙي ورلي ڪوئي ڪري سگهندو
اُن ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته (سنڌي) ادبي بورڊ جي اها
اهميت نه هجي ها، جي ابراهيم اُن ۾ سيڪريٽري نه
هُجي ها. هر انسان ۾ ڪي ڪميون بيشيون آهن........
تڏهن به جي خدا لڳ ڳالهه ڪبي ته ابراهيم جو نئين
سنڌ جي شعور ۾ ڪافي هٿ رهيو آهي.
]جي.ايم
مهڪريءَ جي ڪتاب ’محڪريءَ جا مضمون‘ جو مترجم جويو
صاحب اسي ورهين کان مٿي ٿي چڪو آهي. منهنجي دعا
آهي ته قدرت کيس ڪنهن اتفاقي موت کان محفوظ رکي ۽
هو پنهنجو نتيجه خيز ڪم ڪندو، بستري تي وفات پائي[
(ڪتاب: ”سٻاجهو ساڃهوند“ تان ورتل)
|