سنڌ ۽ هند جي ناليوارن اديبن جا محترم جويي صاحب ڏانهن
لکيل خطن جا عڪس
محمد ابراهيم جوئي جو سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن
ڏانهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ 5-جون 1947ع انگريزي ۽
سنڌيءَ ۾ لکيل ۽ ڇپائي ورهايل کُليل خط
مانوارا سائين!
هندستان جي ماڻهن کي، حتمي طرح، اختيارن منتقل ڪرڻ
جي ڏس ۾، سرڪار نامدار جي تازي رٿا، اوهان جي
اڳيان پيش ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ ٻه چونڊ جا اسم
اوهان جي اڳيان رکيا ويا آهن ته سنڌ جي آئيندي
رياست جو آئين:
(الف) هاڻوڪي (هندستاني) آئين ساز اسيمبليءَ اندر
جوڙيو وڃي، يا (ب)
(پاڪستان واري) نئين ۽ الڳ رياست جي آئين ساز
اسيمبليءَ اندر جوڙيو وڃي.
اوهين هينئر، قانون ساز
اسيمبليءَ ۾، پوين چونڊن جي نتيجي ۾ ويٺا آهيو،
جيڪي اڻسڌيءَ طرح، ان بنياد تي وڙهيون ويون هيون
ته ڀارت هڪ گڏيل رياست (اکنڊ هندستان) هوندو يا ان
۾ هڪ ئي وقت ٻه رياستون (پاڪستان ۽ هندستان)
هونديون.
ڪانگريس يا (مسلم) ليگ، جنهن جا اوهين ڳڻ ڳايو ٿا
۽ جنهن سان اوهان جي وفاداري آهي، انهن ٻئي، پوئين
تجويز (يعني هندستان کي ورهائي ٻه رياستون ٺاهيون
وڃن) تي سهمت ٿيون آهن. اوهان سميت، ٻين مسلمان
رياستن جي نمائندن کي هاڻي هندستاني اسيمبليءَ ۾
چٽي اڪثريت حاصل هوندي، انڪري، اوهان جي فيصلي کي
سرڪار نامدار جي رٿا ۾ حتمي نتيجي طور شامل ڪيو
ويندو.
ساڳئي وقت،
جئين ته آهيو ئي آئين پسند ۽ جمهوريت پسند، انڪري،
اوهين پاڪستان جي تجويز جي حق ۾ فيصلو ڏيندا ئي،
پر هتي سڀ کان اهم ۽ بنيادي سوال هي آهن ته
پاڪستان جي تجويز ڪيل سيٽ اپ ۾، سنڌ جي سياسي
حيثيت (Status)
جو تعين اوهان کي ڪيئن ڪرڻ کپي ۽ سنڌ جي آئيندي جي
رياست لاءِ آئين ڪهڙيءَ نوعيت جو هوندو، جنهن جي
هندستان جي اسيمبليءَ ۾، اوهان منجھان سنڌ جي چئن
نمائندن کي سفارش به ڪرڻ کپي ۽ ان جي گُهر به ڪرڻ
کپي. سنڌ بابت اهي اهڙا سوال آهن، جن جو ڪوبه وجود
ئي نه آهي ۽ جيڪي عام منظر تي آندا ئي نه ويا آهن.
اها ڳالهه ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي ته گذريل
چونڊن ۾ اهي سوال عام سنڌي ماڻهن اڳيان رکيا ئي نه
ويا هئا، جنهن
جي ڪري، انهن جي وضاحت جي اڄ گهرج پيش آئي آهي.
تنهنڪري، اها ڳالهه چٽي آهي ته جڏهن اهي سوال
اوهان پيش ڪندا ته اهي اوهان کي ماڻهن پاران ڏنل
مئنڊيٽ جي بنياد تي مليل اختيار ۾ شامل نه هئا ۽
نه ئي وري برطانوي پارليامينٽ پاران ڏنل اوهان کي
اختيار پٽاندر هوندا، (پر، اهي نُڪتا اهم
۽ بنيادي نوعيت جا ضرور آهن ته جيئن اوهين سنڌ جي
آئيندي جي باري ۾ سوال اٿاريو).
اوهين نمائندا آهيو، جيتوڻيڪ 13 سيڪڙو ماڻهن جي
ڏنل ووٽن جي بنياد تي ئي، انڪري اوهان منجھان اها
اميد رکي سگهجي ته اوهان جو جيترو به وس آهي،
اوهين انهيءَ نئين سيٽ اپ ۾، پنهنجي ماتر ڀومي ۽
ڀونءِ واسين جي جنمي حقن ۽ مفادن تان نه هٿ کڻندا
۽ نه ئي وري انهن ۾ ڪا گهٽتائي آڻڻ ڏيندا.
انهيءَ سلسلي ۾، گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضرور ڪريو، جيڪا
ڳالهه اوهان جي پنهنجي ماترڀوميءَ ۽ ڀونءِ واسين
لاءِ وڏيءَ اهميت واري آهي ته آئين ساز اسيمبليءَ
جي هٿن تائين پهچندڙ آئين جي مسودي ۾ اهڙي شق
لازمي طرح شامل ڪرايو ته مٿي پيش ڪيل سوالن جي
سلسلي ۾ فيصلا سڄي قوم جي منظوري ۽ توثيق سان
مشروط هوندا. ساڳئي وقت،
اوهان اسان کي معاف ڪجو، جي، اسين، اوهان جو ڌيان
هيٺين ٽن بنيادي شين ڏانهن ڇڪايون:
(1) ته تاريخي طرح، اسين، سنڌي قوم، بلڪل حق تي
هونداسين، جي، هينئر کان ئي، اسين پنهنجيءَ
خودمختيار حيثيت ۽ آزاد هستيءَ جو سفر ٻيهر شروع
ڪريون، جيڪا، هڪ قوم جي حيثيت ۾، اسان رڳو هڪ
صديءَ اڳ انگريزن هٿان وڃائي هئي. انڪري، ٻيو نه
ته گهٽ ۾ گهٽ، پاڪستان جي سڀني آئيني عضون جهڙوڪ:
قانون ساز
اداري ۽ ڪابينا وغيره ۾ نمائندگيءَ جي ڏس ۾، اسان
کي مڙني شريڪ اڪاين جهڙو ۽ جيترو برابريءَ وارو
درجو ته ملڻ کپي. اهو ئي اهڙو اڪيلو بنياد آهي،
جنهن ۾ برابريءَ ۽ آزاديءَ جا اصول سمايل آهن، جن
تي هلندي، مختلف (هندستاني) مسلمان اڪاين وچ ۾
برادري ۽ ڀائيچارو پيدا ڪري سگهجي ٿو.
(2) ته اسان جي ماترڀوميءَ جي قدرتي ۽ اقتصادي
وسيلن تي، رڳو ئي رڳو، اسان سنڌي قوم جو حق آهي؛ ۽
پنهنجيءَ ماترڀوميءَ (Motherland)
اندر، پنهنجيءَ رياست جي قانون سازيءَ
۽ ان جي ڪاروهنوار واريءَ مشينريءَ جي ننڍي کان
ننڍي معاملي کي هلائڻ جي اسان کي مڪمل آزادي هئڻ
کپي.
(3) ته هاڻي وقت اچي ويو آهي، جڏهن اسان کي، هڪ
قوم طور، مجموعي طرح، آزاد زندگيءَ جي ميون کي چکڻ
۽ انهن مان مزي ماڻڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ۽ ڌارئين
استحصال کان ڇوٽڪارو ماڻيو ٿو وڃي ته پوءِ ان کي
پاڻ سان گڏ، اسان جي ماڻهن لاءِ اهڙي خوشحالي آڻڻ
کپي، جيڪا سندن زندگين مان هر ڪنهن گهرج، جهالت ۽
ڊپ ڊاءَ کي تڙي ڪڍي.
پهرين ٻن نُڪتن جو،
پنهنجو اصلوڪو جواز [۽
پس منظر]
به آهي، پر اهي مسلم ليگ جي پاڪستان واري ٺهراءَ
مان به پنهنجو منطق ۽ وزن ماڻين ٿا، اوهان جي
اڪثريت، ان سان، هاڻوڪي مقصد (پاڪستان جي قيام)
لاءِ، پنهنجي وفاداري ظاهر ڪري ٿي. اهو ٺهراءُ آل
انڊيا مسلم ليگ جي آئين ۽ ضابطن واري دستاويز ۾ هن
طرح بيان ڪيل آهي: ”مڪمل
طرح، آزاد (Independent)
رياستن جي قيام لاءِ، جاگرافيائي طور هڪ ٻئي
سان ڳنڍيل اڪاين کي، ضروري زميني ڦيرڦار وسيلي،
علائقن/خطن (Regions)
جي صورت، اهڙي نموني، ڏني ويندي، جو اهي علائقا،
جتي مسلمان عددي اڪثريت ۾ آهن، جيئن هندستان جا
اتر اولهه وارا علائقا، هڪ ٻئي
سان گڏجي، مسلمانن جي آزاد قومي ماترڀومين طور،
آزاد رياستن جي شڪل وٺي بيهندا، جن ۾ شامل ٿيندڙ
اڪايون مڪمل طرح آزاد ۽ خودمختيار هونديون.“ انڪري،
اوهين ڏسي سگهندا ته اهو ٺهراءُ، جنهن سان اوهين
لاڳاپيل آهيو ۽ جيڪو پاڪستان جي جدوجهد جو اڪيلو
بنياد رهندو پئي آيو، اهو واضح نموني ڄاڻائي ٿو ته
پاڪستان جون شريڪ اڪايون آزاد ۽ خودمختيار
هونديون. اڳتي هلي، پهرين اپريل 1940ع تي هڪ
اخباري بيان وسيلي، مسٽر جناح، ٺهراءَ جي انهيءَ
پهلوءَ جي وڌيڪ چٽائي هن نموني ڪئي هئي ته:
(الف) شريڪ
اڪايون ان نموني آزاد ۽ خودمختيار هونديون] جيئن
پنجاب هڪ آزاد ۽ خودمختيار اڪائي هوندي.“
هرهڪ شريڪ اڪاين جي آزادي ۽ خودمختياري به ٽن
بنيادي نُڪتن تي
ٻڌل آهي، جيڪي آهن:
(الف) سڀ شريڪ اڪايون برابر حيثيت سان وفاقيون
وينديون، جنهن جو مطلب آهي، ته وفاقي قانونساز
اداري ۽ ڪابينا وغيره ۾ سڀني شريڪ اڪاين جي هڪ
جهڙي ۽ هڪ جيتري
نمائندي هوندي.
(ب) هر هڪ اڪائي، پنهنجي طريقي سان ۽ پنهنجن ماڻهن
لاءِ، پنهنجن قدرتي اقتصادي وسيلن کي وڌائيندي ۽
ان مان فائدو کڻندي؛ ۽ هر هڪ اڪائي، پنهنجن ماڻهن
وسيلي، پنهنجا داخلي رياستي معاملا هلائيندي؛ ۽
اها وفاقي مرڪز جي فيصلن سان رڳو دفاع، مواصلات ۽
پرڏيهي معاملن (جي اسمن) جي ڏس ۾ پابند هوندي؛ اهو
به ان حالت ۾ جڏهن، سڀئي اڪايون، برابريءَ جي
بنياد تي، اهڙا اسم، رضاڪاراڻي ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ
واري انداز ۾، پنهنجن فائدن (Benefits)
۽ گڏيل مفاد (Common
advantage)
کي نظر ۾ رکندي، وفاق جي گڏيل انتظام ۾ ڏينديون
هجن.
(ت) هر هڪ شريڪ يا وفاق ٺاهيندڙ اڪائيءَ کي، ڪنهن
به وقت، وفاق کي ڇڏي، ان مان ٻاهر اچڻ جو حق حاصل
هوندو. ان ڏس ۾، اهڙي چونڊ لاءِ وقت جو تعين، هر
هڪ شريڪ اڪائيءَ جي قانون ساز
ادارو، شروعاتي طرح، نئين سيٽ اپ جي آغاز مهل ۽ ان
کان پوءِ پهرين پنجن سالن جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ۽
پڇاڙيءَ ۾، هر ڏهن سالن کان پوءِ ڪندو رهندو.
ٽين اهم ڳالهه هيءَ
آهي ته ڌارين جي غلاميءَ مان ڇوٽڪاري وارو اعلان
عام ماڻهن جي دک ڀريءَ روزاني زندگيءَ ۾ سک ۽
سلامتيءَ جو سنيهو ٿي ظاهر ٿئي. تڏهن عملي صورت ۾
پيش ٿيندي، جڏهن هيٺيان بنيادي جمهوري اصول، جيڪي
اسلامي سياست، معاشيات ۽ اقتصاديات جي انقلابي
نظرين جا مرڪزي ۽ بنيادي اصول آهن، سنڌ جي ايندڙ
حڪومتي نظام جي آئين ۾ نمايان طرح ۽ سڌيءَ ريت
داخل ڪيا ويندا:
1. اقتدار اعليٰ جا اختيار الله تعاليٰ جي منشا ۽
مرضيءَ پٽاندر ساري عوام جي هٿ ۾ آهن، اهو اختيار
هو حڪومت جي سمورن قانون ساز
۽ قانون پرداز پرزن تي پنهنجي سڌيءَ طرح چونڊيل
عيوضين وسيلي هلائيندا ۽ استعمال ڪندا.
2. عوام کي هيءُ دائمي ۽ ذاتي حق آهي ته اهي گڏيل
فائدي خاطر سماج جو آئيني ڍانچو ڪنهن به وقت
بدلائي سگهن.
3. ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بغاوت ڪرڻ انسان جو ابدي ۽ جنمي
حق آهي.
4. حڪومت سماج جي هڪ سياسي نظام هئڻ جي حيثيت ۾ هر
حالت ۾ هر صورت ۾ سموري عوام جي فائدي ۽ آواز تي
ٻڌل هوندي.
5. زمين ۽ زمين مان پيدا ٿيندڙ دولت ۽ پاڻي بلڪل
اهڙيءَ طرح عوام جي گڏيل ملڪيت آهن، جهڙيءَ طرح
هوا، اُس يا ٻيون اهڙيون نعمتون، جيڪي قدرت سڀني
جي ڀلي ۽ استعمال لاءِ مفت موجود ڪيون آهن، جن کي
استعمال ڪرڻ ۽ جن جي مفيد ميون مان لاڀ ماڻڻ لاءِ
رڳو هڪ ئي برابريءَ وارو شرط آهي ته جيڪو به انهن
نعمتن کي استعمال ڪرڻ ۽ منجهائن لاڀ ماڻڻ لاءِ
ڪوشش ۽ محنت ڪري، سو ئي منجهانئن فيض حاصل ڪري.
6. ڪارخانن، واپار ۽ تجارت، ۽ قرض ۽ اوڌر ڏيڻ جي
سمورن ذريعن ۽ ادارن کي قائم ڪرڻ، هلائڻ ۽ ضابطي ۾
رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
7. پوڙهن، معذورن ۽ بيمارن جي گذران جو بندوبست
ڪرڻ، ۽ انهن تندرست شهرين کي روزگار ڏيڻ يا ٻيءَ
صورت ۾ سندن گذران جو بندوبست ڪرڻ، حڪومت جو فرض
آهي، ۽ هر هڪ شهريءَ جو هيءُ حق آهي ته حڪومت کان
اهڙي قسم جي گُهر ڪري.
8. دولت ۽ فرصت ٻه اهڙيون شيون آهن، جن جي ماڻڻ ۽
استعمال ڪرڻ جو حق رڳو محنت ۽ خدمت جي آڌار ئي
حاصل ٿي سگهي ٿو.
9. 9 کان 14 سالن جي ڄمار تائين ٻارن جي مفت
تعليم، ۽ وڌيڪ چئن سالن لاءِ مفت تعليم جو بندوبست
ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي، ۽ هر هڪ شهريءَ جو هيءُ حق
آهي ته هو حڪومت کان اهڙي قسم جي گُهر ڪري.
10. صفائيءَ ۽ صحت جي پوري بندوبست ڪرڻ جو فرض
حڪومت جي ذمي آهي.
11. سرڪاري ملازم ۽ ڪامورا عوام جا غلام ۽ خادم
آهن ۽ نه انهن جا آقا ۽ مالڪ.
12. قانون جي نظر ۾ سڀ شهري برابر ۽ هڪجهڙو درجو
رکن ٿا ۽ هر هڪ شهريءَ جو هيءُ حق آهي ته قانون
هيٺ قائم ڪيل عدالتون کيس مفت، پورو ۽ ترت انصاف
ڏين.
13. ٻاهرين ملڪن ۽ ڌارين قومن جي حملن کان پنهنجي
ديس کي بچائڻ هر هڪ شهريءَ جو نه رڳو فرض آهي، پر
هڪ بنيادي ۽ پيدائشي حق پڻ آهي.
14. تحرير ۽ تقرير جي آزادي هر هڪ شهريءَ جو
بنيادي حق آهي.
15. مزدورن، پگهاردارن، خادمن ۽ هارين جي سياسي
رتبي ۽ اقتصادي حالت کي بهتر بنائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ
لاءِ تنظيم پيدا ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي هر حالت ۾ اجازت
هوندي آهي.
16. سڀني شهرين کي حڪومت پاران شخصي سلامتيءَ ۽
جسماني ايذاءَ کان حفاظت
جي خاطري ۽ تسلي هئڻ گهرجي. ڪنهن به شهريءَ کي
قانوني عدالت جي حڪم کان سواءِ حراست ۾ نه رکيو
ويندو.
17. هر هڪ شهريءَ لاءِ سندس گهر جي چوديواري هڪ
سلامتيءَ جو قلعو آهي، جتي کيس ڪو به هيسائي يا
ايذائي نٿو سگهي ۽ هر هڪ شهريءَ جي لکپڙهه ڳجهي
رهندي ۽ ان سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند نه ڪئي
ويندي.
18. سڀني شهرين، عورتن توڻي مردن لاءِ، ذات پات ۽
عقيدن جي فرق کان سواءِ، شهريت جا حق به هڪجهڙا
هوندا ۽ ذميواريون به هڪجيتريون رهنديون.
محترم صاحبو!
هيءَ حقيقت ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي ته ڌارين جي
غلاميءَ مان ڇوٽڪاري ماڻڻ جو، جيڪو اٿاهه جذبو
اسان جي عوام جي دلين ۾ هو ۽ آهي، هن اڻ مئي ۽
اجهاڳ اميد سان سلهاڙيل ته کين ان حالت ۾ هڪ اهڙو
وسيع ۽ موزون موقعو ملي ته جيئن اهي هڪ بهتر، وڌيڪ
سک ڀري ۽ وڌيڪ عزت ۽ آبروءَ واريءَ زندگيءَ گذاري
سگهن. هن وقت تائين کين ايئن پئي ٻڌايو ويو ۽
سمجهايو ويو ته سکي ۽ عزت واري زندگي کين نه ملي
سگهي ۽ کين غربت جي پيڙا ۽ بي عزتيءَ ۽ ذلت جي بي
انت مصيبت ۾ گرفتار رکيو پئي ويو، تنهن لاءِ
جوابدار يا انگريز سرڪار آهي يا مسلمانن جي حالت ۾
” ڪافر“ هندو ۽ هندن جي حالت ۾ ” مليڇ“ مسلمان
هئا. اهڙا سهنجا سولا خيالي بوتا ۽ پتلا جن تي هيل
تائين سمورا ڏوهه پئي مڙهيا ويا ۽ جن کي هر وقت ۽
هر حالت ۾ پئي ننديو ويو، اڄ کان پوءِ ڪٿي به
آسانيءَ سان ۽ ترت هٿ نه ايندا، جو عام ماڻهن،
مسڪينن ۽ مظلومن جو ڌيان سندن ڏکن ۽ تڪليفن جي
اصلي ۽ سچن پچن جوابدارن کان موڙي ڪن خيالي دشمنن
تي ٽِڪائي سگهجي. انگريز اڄ وڃڻ لاءِ تيار ويٺو
آهي. رڳو انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن ٿا اوهين پنهنجي ان
۾ سلامتي سمجهو ته کين اهڙو اشارو ۽ اهڙي اجازت
ڏيو.
هندو مسلم سوال گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ته ختم ٿيڻ گهرجي،
ڇاڪاڻ ته جيڪو ان جي خاتمي جو حل پيش ڪيو پئي ويو،
سو حل خود عمل ۾ اچي چڪو آهي. اڄ کان پوءِ جيڪڏهن
ڪٿي به، ۽ هتي ٺهندڙ پاڪستان ۾ يا هُتي هندستان ۾،
اڃا به اها ڪوشش ڪئي ويئي ته هندوءَ کي مسلمان
خلاف ۽ مسلمان کي هندوءَ خلاف اڀاريو ۽ استعمال
ڪيو وڃي، ته اهو هنن ٻنهين اڃا مَس جنم وٺندڙ
حڪومتن مٿان هڪ دل ڌوڏيندڙ
مصيبت کي کليل دعوت ڏيڻ ٿيندو.
هن وقت نه رڳو ان
ڳالهه جي گهرج آهي ته هن کان اڳ جيڪي رڳو زباني
دعوائون هيون تن کي عملي صورت ڏيئي پنهنجي اخلاص ۽
نيڪ نيتيءَ جي ثابتي پيش ڪئي وڃي، پر ساڳئي وقت
اُهي سڀئي جن جي هٿن ۾ اسان جي وطن ۽ غريب عوام جي
قسمت جون هاڻي واڳون آهن، سي گهڻي بصيرت ۽ صحيح
سياسي سمجهه کان ڪم وٺن ۽ اسان جي سک، سلامتيءَ ۽
امن امان لاءِ پڇاڙڪي منزل ڏانهن صحيح رهبري ڪن.
محترم صاحبو!
اوهان جا غريب بي”زبان“ عوامَ هنن حالتن هيٺ اوهان
۾ اهائي اميد رکن ٿا ته اوهين پاڪستان جي آئين ساز
اسيمبليءَ تي پنهنجن چئن عيوضين کي مٿين ڳالهين جي
بنياد تي کليل لفظن ۾ فرمان (Mandate)
ڏيڻ فرمائيندا، ته جيئن جيڪي آسرا ۽ آسون اهي
پاڪستان ۾ لڳايو ويٺا آهن، سي سندن اميدون پوريون
ٿين. آسمانن وارو اوهان جي دلين ۾ پنهنجي وطن ۽
پنهنجي غريب هم وطن ڀائرن لاءِ سندن ڀروسي ۽ اميدن
جي عيوض، جي اهي اوهان ۾ رکيو ويٺا آهن، ڪا سچي
خير خواهي ۽ همدردي پيدا ڪري. آمين!
- محمد ابراهيم جويو
محمد ابراهيم جوئي کي منظوم ڀيٽا
امداد حسيني
نظم
لکيو آهه هڪ ليک ليکڪ
انهيءَ ليک ۾ هُو لکي ٿو:
”مترجم محمد ابراهيم جويو“
’مترجم‘ چئي هُو
محمد براهيم جوئي جي ڳُڻ کي به اوڳُڻ ڪري ٿو
ائين ڄڻ ته پارس کي پٿر ڪري ٿو
ته پوءِ
اها صورتِ حال گنڀير آهي نهايت!
هتي ڳالهه ناهي
ننڍي يا وڏي جي
وڏي يا ننڍي جي
نه ڪا جونيئر جي
نه ڪا سينئر جي
اها ڳالهه آ ڳُڻ اَوڳُڻ ڪرڻ جي
اها صورتِ حال گنڀير آهي نهايت!
’محمد براهيم جويو‘
اهو شخص جنهن
هزارين لکيا لفظ آهن
لکين لفظ آهن پڙهيا
پڙهيا ۽ ڪڙهيا
۽ نه صرف
لکين لفظ آهن پڙهيا ۽ ڪڙهيا
پر انهن کي ڪيو آ دُرست
سوين ليک، آکاڻيون، نظم جن کي
محمد براهيم جوئي ڏنو آهه روپ ۽ سروپ
ڏسڻ جي گهُري ڪو ته
’سين. الف. ب‘ جي
انهيءَ دور جا
ڪتاب ۽ رسالا ڏِسي ٿو سگهي!
انهيءَ دور ۾
جي مُهڙ ۾ رهيا
واجب القتل جيڪي ڏنا ويا قرار
۽ رهيا پو به ثابت قدم
نه ڪنهن واڪ تي خود وِڪيائون
نه گروي رکيائون قلم
انهيءَ ڏوهه ۾ جو به سَهڻو پِين سو سَٺائون
انهن ۾ ’محمد براهيم جويو‘ به آهي!
اُهو دور جنهن ۾
اسان لاءِ ڪجهه ڪونه هو
جيڪڏهن ڪجهه به هو
ته الزام، بهتان، دشنام هو!
سو به ڳجهه ڳوهه ۾ ڪونه هو، پر سرِعام هو!
ڳچيءَ منجهه هو طوق تعزير جو
۽ مٿي تي هيو ڇَٽُ ڪنڊن سندو
پوءِ به جاري رهيو
صليبن ڏي پنهنجو سفر!
’سيو سنڌ
سيو دَ ڪانٽيننٽ‘
لکيو آهه جن آڱُرين
انهن آڱرين کي چُمڻ جيڪڏهن ڪونه چاهي
نه چاهي ڀلي،
مگر
اُنهن آڱُرين
کي ڪَپڻ جي گهُري ڪو
ڏئي ڪابه فتوا،
۽ تهمت ڌري ڪو
۽ پارس کي پٿر ڪري ڪو
ته پوءِ
اها صورتِ حال گنڀير آهي نهايت!
لکيو آهه هڪ ليک ’ليکڪ‘
انهيءَ ليک ۾ هُو لکي ٿو:
مترجم ’محمد براهيم جويو‘
اها ٽوڪَ ڇالاءِ؟
ان لاءِ صرف
ته ’سائين محمد براهيم جوئي‘
پڙهي ۽ ڪڙهي
لفظ لفظ آهه سنڌي زبان ۾ ڪيو ترجمو
۽ اُن جي صِلي ۾ ڪڏهن ڪجهه نه چاهيو
نه عهدو، نه ڪرسي، نه ڪائي رعايت
نه دولت، نه شهرت
اِهائي ته ان شخص جي آهه عظمت!
انهيءَ کان اگر ڪنهن کي انڪار آهي
ته پوءِ
اها صورتِ حال گنڀير آهي نهايت!
۽ ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سوسائٽي‘
(اڪيلي
ڄڻي جي ٻن اکين جو خواب ساڀيان شل ٿئي!)
۽ ان جا ڇپايل ڪتاب
پڙهيا ڪنهن نه آهن
ڪڙهيا ڪنهن نه آهن
ته ان ڏوهه جو پڻ ڏوهاري
’محمد براهيم جويو‘
اهو ذهن جو پورهيو
جيڪو هر دور ۾ عين آهي عبادت
اُهو جيڪڏهن ٿي وڃي ’يار امداد‘ تهمت،
ته پوءِ
اها صورتِ حال گنڀير آهي نهايت!
’۽ ميوزڪ لورس ڪلب‘
اها سنڌ جي سُر ۽ سنگيت کي
بچائڻ جي ڪوشش
مخالف هوا ۾
ڏِيئي مان ڏِيئي کي جلائڻ جي ڪوشش
ڏسڻ ۾ اگر لاٽ اُن جي نه ڪنهن کي اچي ٿي
ته اُن جرم جو آهه مجرم
’محمد براهيم جويو‘
ڇڏيو سڀ ڇڏيو، پر انهيءَ کي نه ڇڏيو
انهيءَ کي لکي ليک لويو!
۽ اچرج ته اُن تي ٿئي ٿو
ته ’سائين محمد براهيم جوئي‘
ڏِيئي سان سڄي رات جاڳي جلي
نُور جن لاءِ پنهنجو نچويو
۽ سِڪ جي سڳي ۾
پُسيءَ جو چندن هار پويو
پُسيءَ جو چندن هار انهن کي ئي ڳٽ ٿو ڳچيءَ ۾ جو
لڳي!
(ڀلو شل ڪري ”اسلم اڪبر“ جو مولا
لکيو آهه ان ليک جو جنهن جواب
ويل بئلينسڊ ۽
لاجواب!
محمد براهيم جويو
جڏهن سنڌ جو ڪيس اسلام آباد ۾ ٿو وڙهي
تڏهن ليک اهڙي لکڻ مان
الائي ته ڪهڙو ا ي ’امداد‘! ڪارج سَري ٿو؟
ٻيو ڪجهه به اُن دوست کي آهه ورڻو نه سرڻو
انهيءَ کان سواءِ ڪجهه به ان دوست کي ناهه ڪرڻو
مڙئي آهه اخبار جو پيٽ ڀرڻو!
زيب نظاماڻي
ڏانوڻ، ڏات ۽ ڏاهو
اي ڏاها! تنهنجيءَ ڏات تي ڪانئر،
نيئر نوان ڪي وجهڻ ٿا چاهن،
تاريخ جي هڪڙيءَ اونداهيءَ کي،
تنهنجي نانءِ ڪرڻ ٿا چاهن،
تنهنجيءَ پريت ۽ پورهئي کي،
ڇا هي هِئن ڳڙڪائي سگهندا؟
عَلم عِلم جا ڊاهي سگهندا؟؟
تنهنجي ڏات مٽائي سگهندا؟
تنهنجو پورهيو سچَ- علم آ،
تنهنجو مجرم ڪوڙ- ظلم آ،
ڏاهن جي تو ڏات کي ڏاها!
پنهنجي قلم سان نکاريو آ،
ڄڻ ڪنهن سنگ تراش جيان تو،
پٿر تراشي سينگاريو آ.
هڪ هاريءَ جي گهر ۾ ڄائين،
قلم جي هَر کي ذهن سان جوٽي،
ڏاهپ جي ڌرتيءَ کي کيڙي،
بيداريءَ جا سنگَ اُپايئي،
آزاديءَ جا رنگ رچايئي!
تنهنجي هن سچ کي او سائين!
جنهن به سڃاتو، تڏهن چيائين،
”جيئي ماتا، جيئي سنڌڙي“،
جنهن سان جڙيل سڀ جي جندڙي،
دنيا سڃاڻي ها جي سچ کي،
مُور نه ڀوڳي ها هوءَ ڪچ کي،
تو ته نسورو سچ چيو هو،
نعرو نينهن جو خوب هنيو هو،
پنهنجي گهر ۽ تَر لئه گڏجي،
تو اي ڏاها! هيئن چيو هو؛
رنگ نئون ڪو هاڻ بچايون،
سونهن بچايون، سونهن بچايون،
من مندر ۾ منڊ مچايون،
”سنڌ بچايون، کنڊ بچايون!“
هاءِ اسان نه تڏهن سمجهيو هو،
جيڪو سائين اوهان چيو هو؛
سنڌ تڏهن کان جلي رهي آ،
کنڊ ۾ آڳ به ٻري رهي آ.
سنڌ ۾ ڌاڙا، ڪاروڪاري،
اغوائون ۽ مارو ماري،
سينڌ سنڌوءَ جي لٽجڻ واري؛
واري واري، زاري زاري!
سنڌ سُڪي پئي، سنڌ اُڃي آ،
ڳالهه اهائي تو ته لکي آ.
ترقيءَ جي اڄ اوٽ ۾ آمرَ،
سنڌ سُڪائي، سنڌ جلائي،
ڊئمن جا راڪاس اُڏائي،
سنڌ جا سڀ آثار مٽائي،
ٺڪر ڀتر جا ڍير بنائي،
ڏاڍا ڏک ڏين ٿا توکي؛
تنهنجا سانگي جهانگي مارو،
بک وگهي بي موت مرن ٿا،
پنهنجا پنهنجا ڏس پڇن ٿا.
آمريءَ جي دڙي مٿان ڏس،
اڇڙي ٿر جي ڀِڙي مٿان ڏس!
مکيءَ جي ڍنڍ مُنهن پٽيو ٿي،
جمڙائوءَ جي جيءُ جليو ٿي،
منڇر ڪينجهر روئي روئي،
دنيا کي ٿي روز ٻڌايو؛
تو به اهوئي سور سڻايو،
تنهنجو پر آواز تڏهن کان،
ڪنهن نه ڪنايو، ڪنهن نه ڪنايو.
هي کنڊ تڏهن کان اڄ تائين،
جنگ جي اوٽ ۾ جليو آهي،
ڌرتيءَ کي مانيءَ جي بدران،
بُکَ بارود جو مليو آهي-
روز ٿا ميزائيل بنائن،
انسانيت جو نانءُ مٽائن،
کنڊ سڄي کي ڊاهڻ چاهن،
ماڻهوءَ- امن اُڏائڻ چاهن.
تنهنجو سچ سگهارو سائين،
اڄ جو آهي، ڪالهه به سو هو،
پر ڪنهن ڪونه اُهو پرکيو هو!
ڪوڙا پاڻ لڄائن ويٺا-
تنهنجو نانءُ گهٽائن ويٺا،
ٽولا ٽولا پاڻ ۾ ٺاهي،
ڪوڙا ڪالم توتي لکائي،
ڪيڏا قلم ڪار وڪامن،
انعامي اڪرامي سڏجن.
پاڻ کي ڪوٺن ادبي جوڌا،
پر هو ناهن ادبي جوڌا،
انهن جو ڪرتب به اهو آ،
قلمَ کي بازار ۾ آڻي،
واڪ لڳائي، سينو تاڻي،
سچ کي ڪوڙ بنائڻ وارا،
حق کي باطل ڪوٺڻ وارا،
وقت جي حاڪم جي هي نوڪر-
وقت انهن کي هڻندو ٺوڪر،
وڍجي ويندا، ڪپجي ويندا،
پيرا تن جا لٽجي ويندا.
پر اي ڏاها، تنهنجي جوتي،
جلي رهي آ، جلندي رهندي،
جلندي رهندي، هلندي رهندي!
تو جو سچ چيو هو ڏاها!
سچ اهو سڀني لئه سچ آ،
سچ انهيءَ جو ٻارڻ مچ آ…!
منهنجي ڌرتيءَ واسي سارا،
ننڊ اگهور مان جاڳي چوندا،
”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو...!“
”کنڊ بچايو، سنڌ بچايو!“
غلام محمد ”غازي“
محمد ابراهيم جويي لاءِ
سَو سالن جو پوڙهو ماڻهو آهي اڄ به جَوان،
سوچي ويٺو لوچي ويٺو هي ڏاهو انسان.
هٿڙا جوڙي عرض ڪري ٿو لکجو پڙهجو اوهان
علم سنري جنهن واٽ ورتي آ، تنهن جو وڌيو مَانُ
ڪيئي ڪتابن جو هي ليکڪ، جوڙيا جام ادارا،
ڪهڙي ڳالهه ڪيان مان هن جي، اعليٰ آهي شان.
هن جو کل مکي چهرو سَچ پچ مرڪي ويٺو سڀ سان،
مون به ڏٺو آ ويٺو ورهائي، هي خوشين جو دان.
ڪين رکي ٿو ڪلفت ڪنهن سان، ڀل جان جاچي ڪوئي
هن جي سامهون هوندو آهي، الفت جو گل دان
جيئي شال صديون ير”غازي“ کوڙ خوشيون هي ماڻي،
قوم جي خاطر ڇا ته گڏي ٿو سهڻو هي سامان.
علي آڪاش
نظم
(محمد ابراهيم جوئي لاءِ)
تولئه موت ته ڪا شيءِ ناهي
تون ڄاڻين ٿو:
ساهن جي هيءَ مالهه ڪڏهن ڀي،
ڦِرندي رُڪجي ويندي آهي،
توکي ڪا پرواهه به ناهي،
ان کان اڳ
پر،
هئه هئه ڪافر،
رُسي ويل هن ’محبوبا‘ جي
آس اَويڙي،
ٿي وڻ- ويڙهي،
تنهنجو جيءَ وڪوڙيو آهي.
تون چاهين ٿو هن جا هيڪر،
اڱڻ اُساري،
پوجا جهڙا پير ڏسين!
هوءَ ڪٿي آ اُهو نه ڄاڻين،
ها پر جڏهن به جيءَ جهروڪي،
جهاتي پائين،
ائين تون ڀانئين،
بسنت رُت جي برکا وانگي،
تو ۾ ويرؤن تار وسي ٿي،
تون ته سراپا سار انهيءَ جي،
هوءَ چَڙي جان آهي ۽ تون،
لار انهيءَ جي،
ڌار انهيءَ کان،
توکي ڪوبه قرار نه سائين!
نوَ ڏهاڪا هجر جي رستي،
وصل جي لال اُميد جو گهوڙو،
بنجي ڪو طوفان ڊُڪيو آ،
ڪين رُڪيو آ.
تَر ۾ سنبران،
تو جئن ڪوبه سوار نه، جهونا!
هن وهيءَ ۾ هيءُ ڪشالو،
ڪَٽڻ ڇڏين ها،
تنهائيءَ ۾ جُهڳي اڏين ها،
ڪري چوي ها:
سندءِ ڪمائي،
وئي اجائي!
پر ڪجهه آهي جنهن جي خاطر،
ويهڻ جو نه وَڙاءُ وٺين ٿو،
وهم- وسوڙل هن ڌرتيءَ سان،
پنهنجو پورو وَسُ واڳين ٿو،
تون جاڳين ٿو،
سارو لوڪ سُتو پيو آهي،
جِندُ ۾ توکي ڪنهن خنجر جو،
ڇا لئه پاند کُتو پيو آهي!
وسري ويو آ،
سڀ کان ڳِٽُ غلاميءَ وارو،
پر ڏئي سَٽَ ڇنڻ ٿو چاهين.
ڏاها! تنهنجو ڏڍُ غضب جو،
۽ هيءُ تنهنجو وَڍُ به گهرو،
هن پيريءَ ۾
سون سريکي زنجيريءَ ۾
آزاديءَ جي نالي وارو
پُتلو چاهين-
چئه تون ڇاهين!؟
محمد يوسف جويو
محمد ابراهيم جويو جي نانءِ
آزاد نظم
هي سٻاجهو ساڃهه وند سائين
سوچي پيو:
شاهه، سچل، سامي لکي پيو
سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو
هُو چوي پيو ۽
اسان کي دڳ لائي پيو
ٻوليءَ تي سوچي پيو
ادب تي سوچي پيو
تعليم تي سوچي پيو
۽ پوءِ ڳالهائي ٿو
سنڌي ٻوليءَ ۾
هوڪو ڏيئي ٻڌائي پيو
سنڌ بچايو، سنڌ بچايو.
اهو وڏي واڪي چوي پيو
هي لکي ٿو
فلسفي تي
شاهه جي رسالي تي
سيد جي فڪر تي
سنڌ جي ذڪر تي
سوچي پيو، لکي پيو
ٿر تي، بر تي
سنڌوءَ جي سوڪهڙي تي
رني ڪوٽ جي ڪور تي
مور جي ٽور تي
لڪي ڌارا تي
سنڌ جي تيرٿ تي
اوچي کيرٿر تي
هو سوچي پيو
۽ ڏاهو ڏس ڏئي پيو
سنڌ بچايو، دنيا بچايو
هن تي لکيو ماڻهن
هن کي پڙهيو ماڻهن
هن ڏک ڏٺا ۽ سور سٺا
پنهنجن جا، پراون جا
ڪونه ڪُڇيو
ڪونه لُڇيو
هو خاموش رهيو
سوچيندو رهيو
۽ لکندو رهيو
صاف سوچ تي
سنڌ جي لوچ تي
سنڌوءَ جي موج تي
ڌرتي جي اوج تي
هُو ٺاهي پيو
ادارن کي، رسالن کي
ڪتابن کي
علم جي اڪابرن کي
سنڌ جي شاعرن کي
سگهڙن ۽ ڪهاڻيڪارن کي
ماڻهن جي سوچن کي
هُو بدلائي پيو
هُو ٺاهي پيو
نئون نسل، تيار ڪري پيو
هُو سوچي پيو، هُو جاڳي پيو
سيد کان پوءِ، اياز کان پوءِ
شاهه، سچل، سامي کان پوءِ
هُو لکي پيو
سنڌ منهنجي خوابن جي
آهي صدين جو آواز
اهو راز سنڌين سان سلي پيو
۽ چوي پيو
سنڌ بچايو، دنيا بچايو.
هي سؤ سالن جو پوڙهو
اڃا وڙهي پيو
انتها پسندن سان
رجعت پسندن سان
ديس دروهين سان
”ڌڪاريل ڌارين“ سان
پيرن ۽ وڏيرن سان
صاحب لوڪن سان
خواهشن سان، مفادن سان
هُو اڃا وڙهي پيو
۽ پوءِ قلم کڻي لکي ٿو
ڪتابن ۾
اخبارن ۾
رسالن ۾
۽ خط جي ڪاغذن تي!!
هو لکي پيو
ماڻهن لاءِ، نسلن لاءِ
ايندڙ وقت لاءِ
هو ڳالهائي پيو
ملاقاتن ۾
ڪچهرين ۾
جلسن جلوسن ۾
ڪتابي ميلن تي
ڏک ڏاکڙن تي
عيد ڏهاڙن تي
سالن جي آمدن تي
وفدن جي آمدن تي
هو منهن ڏئي وڙهي پيو
حڪمرانن سان
فتويٰ بازن سان
”ملحد“ ملن سان
…اڃا وڙهي پيو
هي لکي پيو
سنڌي ٻوليءَ تي
ماءُ جي لوليءَ تي
قيد جي کوليءَ تي
هليل گوليءَ تي
هو سوچي ٿو
غريب جي بک تي
ماءُ جي ڏک تي
سوچ جي اک تي
علم جي ڏِکَ تي
سائنس جي وِکَ تي
هُو وڙهي پيو
سنڌ جي جياپي لاءِ
۽ هوڪو ڏئي چوي پيو
سنڌ بچايو، وڏو کنڊ بچايو.
دنيا بچايو، سنڌ بچايو
اهو وڏي واڪي چوي پيو
۽ هي سڏي پيو
هنڌ سنڌ کي
جان جند کي
ماڳ تي گڏ ٿيو هڪ هنڌ تي
هن آڏو دنيا بدلجي پئي
نظريا، سوچون بدلجن پيون
پر پوءِ به هي اٽل آهي
ڪالهه جيان
کيرٿر جبل وانگر
جهڪيو ناهي
ٽُٽو ناهي
هي پوڙهو جهور
وڙهي پيو ۽ لکي پيو
هوڪو ڏئي چوي پيو
سنڌ بچايو، دنيا بچايو
سنڌ بچايو، کنڊ بچايو.
محمد ايوب جوڻيجو
(سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي شان ۾)
نظم
سنڌ جو ڏاهو، سنڌ جو سائين،
جويو سائين، جويو سائين.
ناڻي تي ڪونه وڪاڻو،
آ مٺڙو ماڻهو سڀ سڃاڻو،
سچ چيو ۽ سچ لکيائين،
جويو سائين، جويو سائين.
ڏاڍ جي آڏو ڪونه جهڪيو،
سختين سامهون ڪونه رُڪيو،
سنڌ سان ناتو جوڙي رکيائين،
جويو سائين، جويو سائين.
ڏونگر جهڙو اٽل ماڻهو،
سنڌ تي صفا ڪٺل ماڻهو،
سچ وڏي واڪي چيائين،
جويو سائين، جويو سائين.
سدائين پنهنجي موقف تي قائم،
خوش رهي سائين محمد ابراهيم،
سختيون سر تي خوب سٺائين،
جويو سائين، جويو سائين.
ماڻهو مٺڙو سچو ماڻهو،
واعدي قول جو پڪو ماڻهو،
حق ڪڏهن ڪونه لڪايائين،
جويو سائين، جويو سائين.
علم ادب جو وڏو اڪابر،
شخصيت اعليٰ ماڻهو معتبر،
”ايوب“ جي آ سر جو سائين،
جويو سائين، جويو سائين.
غزل
جويو جيءَ جو جاني آ،
لکڻي جنهن جي لاثاني آ.
عمر جنهن جي وڏڙي وڏڙي،
اندر سارو جوت جواني آ.
علم ادب جو پارکو ڄاڻو،
سنڌ لاءِ ڏني جنهن قرباني آ.
تعليم کاتي ۾ به آفيسر رهيو،
خدمت خوب ڪئي انساني آ.
جويي جهڙو ڪونه ڏسان ٿو،
ابراهيم جي ادب تي احساني آ.
سنڌ جو عاشق سيد جو ساٿي،
ناتو ٻنهين جو لافاني آ.
”ايوب“ جويي جهڙا مرد ڪٿي!
اها مولا جي ته مهرباني آ.
غزل
هيرن سندو هار آهين،
سنڌڙيءَ جو سينگار آهين.
دل ۾ اوهان کي سنڌ جي محبت،
قومپرست ڪردار آهين.
ڌرتيءَ سان ناتو اوهان جو ازلي،
ادبي محفل جو وينجهار آهين.
سنڌ دوستيءَ جو ثبوت ڏنو تو،
سنڌين جو سدا پيار آهين.
علم ادب سان اوهان جو ناتو،
ادب جو اعليٰ شاهڪار آهين.
سنڌ سڄيءَ جو پيار اوهان سان،
”ايوب“ جي دل جو دلدار آهين.
محبوب علي ”محبوب“ ڏيپر
محترم محمد ابراهيم جويي صاحب جي شان ۾
نظم
ليکڪ ڏاهو ماڻهو مهانُ،
ملهايون ويٺو آهي ميدانُ.
اديب ليکڪ قوم پرستي،
جيڏي عمر تيڏي هستي،
هاڪ جنهن جي آ بستي بستي،
طبعيت هن جي عجيب الستي،
جوانن کان ڀي ڏس ته جوانُ،
ملهايون ويٺو آهي ميدانُ.
پارکو سنڌي ٻوليءَ جو آ،
اثر امڙ جي لوليءَ جو آ،
درد چيهاڙيون ڇوليءَ جو آ،
شيدائي سنڌوءَ ڇوليءَ جو آ،
غير غاصب لاءِ بڻيو ڪانُ،
ملهايون ويٺو آهي ميدانُ.
اهو سائين ابراهيم جويو پيارو،
هڪ صديءَ کي پهچڻ وارو،
ٿو پاڻ ملهائيندو اچي يارو،
دعاگو جنهن جو جڳ آ سارو،
نٿو لڀي لکڻ ۾ اهڙو انسانُ،
ملهايون ويٺو آهي ميدانُ.
ليکڪ، اديب ڏيهي ڏاهو،
غير غاضب لاءِ بڻيو ڦاهو،
ڪندو هردم سنڌ سان پيار آ هو،
اچ ته ٻڌايان جويو ڇا هو،
ڏاتر ڏنو ٿس اڻ کٽ دانُ،
ملهايون ويٺو آهي ميدانُ.
پنهنجو مٽ آ، بيشڪ پاڻ،
ڏاتر ڏني ٿس اهڙي ڄاڻ،
پنهنجي پرائي جي رکي سڃاڻ،
ڪنهن جي نه جيڪو ڪڍي ڪاڻ،
شاهي ڪيو ٿس مالڪ شانُ،
ملهايون ويٺو آهي ميدانُ.
ڪتاب اهڙا ڪي ٻيا ڀي آڻي،
ويو دنيا ۾ مانُ آ ماڻي،
هر ٻولي جي صنف خوب ڄاڻي،
”محبوب“ پوئتي پير نه تاڻي،
بيشڪ اهڙا ڏيپر ماڻن مانُ،
ملهايون ويٺو آهي ميدانُ
ڪامل امداد جتوئي
ماڻهو پيارو
مالڪُ خوبين جو آ سارو،
ماڻهو سائين ”جويو“ پيارو،
ڏاهو سنڌ جو آهي سراسر، |
علم و ادب ۾ آهي قلزم، |
ڪو به نه ٿيندو هن جي برابر، |
ساريءَ سنڌ جو سهڻو همدم، |
مهمانن کي ڀاڪر پائي، |
هن جي فطرت ۾ آ سچائي، |
مهمانُ نَوازي پاڻ ملهائي، |
تڏهن ڪندو آسڀ سان چڱائي، |
سنڌ جي بقا لئه ويٺو سوچي، |
پنهنجو مَٽُ آ پنهنجو پاڻ، |
ٻين جي خاطر هر دم لوچي، |
ڏاهپ جي آ اَڻکُٽُ کاڻ، |
پيار، امن آ، هِنَ جو نعرو، |
اَخلاقن ۾ روشن تارو. |
ماڻهو سائين ”جويو“ پيارو، |
ماڻهو سائين جويو پيارو.
* |
خوبيون ڀليون هن سائينءَ ۾ سڀ، |
علم جي، جا سوغات مِلي ٿَسِ، |
ماڻهو ملندا اهڙا اڻلڀ، |
ڏاتَر کان سا ڏات مِلي ٿَسِ |
ڌرتي، ٻولي هن کي پياري، |
شاد رهي آباد رهي شل، |
شاهه ڀٽائيءَ جي سنڌ ساري، |
پنهنجي ڪندو ”امداد“ رهي شل، |
سَو سال جو آهي ”جويو“ جَوان، |
مولا ڏيندس ڏينهن اڃا ڀي، |
سڀڪو چوي ٿو ماڻهو مَهان، |
سڀن جي ٿس دعا اها ڀي، |
|