سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :9

”هڪڙي ڏينهن حسام الدين راند ڪندي منهنجي ڪمري ۾ منهنجن ڪتابن سان کڙاند ڪرڻ لڳو. مون کيس دڙڪو ڏنو، ’اڙي ڄٽ! تون منهنجن ڪتابن کي هٿ نه لاءِ.‘ هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو. ’آءٌ ڄٽ آهيان! چڱو ادا!. اُن واقعي کانپوءِ هُن جي طبيعت ۾ وڏو انقلاب آيو. هُن رانديون رهڻ ۽ ڳوٺ جي ٻارن سان رُلڻ هڪدم ڇڏي ڏنو. اڳي کان وڌيڪ منهنجي ويجهو آيو ۽ هر اُنهيءِ شيءِ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳ، جنهن ۾ مون کي دلچسپي هئي. ماٺ ميٺ ۾ هرڪا ڇپيل شيءِ پڙهڻ لڳو. جيڪو به پڙهيل لکيل ماڻهو مليس ٿي تنهن سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪانه ڪا ڪم جي شيءِ حاصل ڪرڻ لڳو. رات ماني کائڻ کان پوءِ لالٽين رکي ڪجهه نه ڪجهه پيو پڙهندو هو. ڳوٺ ته ڇڏيو، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اَڃا بجلي ڪانه آئي هئي. وري گرميءَ جي مُند ۾ سخت گرمي، گُهٽ ۽ مڇر ـــ الامان والحفيظ. هُن جي حال تي ترس کائي اسان جي والده مرحومه پکو کڻي ساڻس گڏ ويهندي هئي ۽ جيستائين هو پاڻ ٿڪجي سُمهي نه رهندو هو، هوءَ اُتان چُرندي نه هئي. گهڻو ڪري ٻيئي صبح جو ٽين چئين بجي تائين ويٺا هوندا هئا.“

هو پير حسام الدين راشديءَ جي آخري دور جو ذڪر ڪندي چئي ٿو.

”... آءٌ کيس اُن بيماري جي حالت ۾ فلپائن وٺي ويس ۽ پاڻ وٽ به سال رهايومانس. اُتي به جيئن ئي سندس صحت سُڌري ته بيڪار ويهي نه سگهيو. پنهنجو مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ لکيائين. اُن ڪتاب ۾ سندس دل جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ملن ٿيون جن کي سمجهڻ لاءِ عقل ۽ وقت گهرجي. هيءُ موقعو تفصيل ۾ وڃڻ جو ڪونهي. مختصر هيءُ ته پنهنجي زندگيءَ جي آخري ٽيهن ورهين ۾ هن ايتري ته علمي ڪم ڪري ورتو ۽ ايتري قدر ٺوس ۽ بامعنيٰ، جو انسان اچرج ۾ پئجيو وڃي. فارسيءَ ۾ پنجويهه وڏا ڪتاب لکيائين، سنڌيءَ ۾ ٻارنهن ۽ اردوءَ ۾ چار. سڀئي معياري ڪتاب ۽ وڏي تحقيق ۽ وڏي محنت جو نتيجو. اُنهن سان گڏ هو علمي رسالن جي لاءِ مضمون ۽ تحقيقي مقالا به لکندو رهيو. (سنڌيءَ ۾ ٻه سؤ، اردوءَ ۾ ويهه ۽ فارسيءَ ۾ پنج، اخباري مضمون ڪيترائي هزار). هي اُهي شيون آهن جيڪي ڇپجي چڪيون آهن. اُنهن ان سواءِ محروم جا لکيل ٻيا سوين اڻپورا مسود اڃا به پيا آهن، جيڪر انهن تي ڪو شخص ڪم ڪري ۽ اُنهن کي پورو ڪري ڇپائي سگهي. اسان جي اوسي پاسي نالي جا بکيا ۽ نااهل ته ڪيترائي آهن، پر مقصد وارو ۽ محنت سان ڪم ڪندڙ تمام ٿورا نظر ايندا.

”شايد که مردي از غيب برون آيد و کاري بکند.“

”پنهنجي طرفان مرحوم گهڻوئي ڪي ڪري ويو آهي. ڪيترن ئي اڻلڀ ۽ قيمتي شين کي تباهه ٿيڻ کان بچائي عام جي اڳيان آندائين. سنڌ جي تاريخ تي تمام قيمتي مواد ڪٺو ڪري ڇڏي ويو. هن خطي جي تاريخ لاءِ پختو بنياد رکي ويو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ ته هن هتي جي لٽريچر کي مقصديت ڏني.

 

”آخر پنج سال مرحوم ڪينسر جي موذي مرض ۾ ڪنجهندو رهيو، پر تڏهن به علمي ڪم جاري رکيائين. علاج جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ گهريائين ٿي، پر اجازت حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳي ويو. جيسائين اجازت ملي ۽ هو لنڊن پهتو، تيستائين موذي مرض پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو هو. واپس اچڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي پالڻهار کي وڃي پرتو ۽ مون ستر ورهين جي پوڙهي کي هن ڏکن ڀري دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويو.

تو عزم سفر کردي رفتي ز برما ـــ

بستي کمر خويش شکستي کمرما.

”هن ڌرتيءَ جو هو سرفروش عاشق هو. وصيت ڪري ويو ته کيس پنهنجي والد ۽ والده جي قدمن ۾ نه، پر سنڌ جي قومي قبرستان مڪليءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم جي ڀرسان هميشه لاءِ سمهاريو وڃي. اُن کان وڌيڪ عشق ۽ قربانيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هاڻي قيامت جي ڏينهن هو اُنهن بزرگن ۽ شهيدن سان گڏ اٿندو جن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”مڪلي نامہ“ ۾ وڏيءَ محبت سان ڪيو آهي. هن ننڍڙي حياتيءَ ۾ هڪڙو انسان اِنهيءَ کان وڌيڪ ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ هاڻي سنڌ جو مٿس ڪهڙو قرض رهيو...“

سندم بزرگ سنڌ جي مهان هستي ۽ سندس ساٿي، سائين جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشدي جي آخري سفر تي اُسهڻ جو ٻڌي، پير علي محمد راشديءَ کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته:

”... سڄي زندگي صدمن ۾ گذري آهي. ارڙهن سال نظربندي ۽ سرڪاري قيد ۾ گذاريا اٿم. آهستي آهستي يار دوست، هڪ هڪ ٿي جُدا ٿيندا، فراق جا صدما ڏيندا ويا آهن. پر هن صدمي جو نوع ئي علحده هو. خبر نٿي پويم، ته اُن جي توسان عذرخواهي ڪريان جنهن جو ڀاءُ الوداع ڪري ويو آهي، يا حسين شاهه سان عذرخواهي ڪريان، جو جيتوڻيڪ فرزند تنهنجو آهي، پر لاڏ ڪوڏ سان نپايل حسام الدين شاهه جو آهي، يا پاڻ سان غم اوريان، جنهن لاءِ ”وڏي وٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾“ وانگر حسام الدين شاهه هڪ دوست، ڀاءُ، غمگسار ۽ پيار جو ڀنڊار هو.

برادرم حسام الدين جي وفات اُهو صدمو رسايو آهي، جو قلم ته رت ڪونه ٿو هاري سگهي، البت جگر زخمي ٿي رت هاري رهيو آهي. سچ پڇين ته وڌيڪ سهڻ جي طاقت نه آهي، سو لکڻ بند ڪريان ٿو. عزيزم حسين شاهه کي ڀڪر پائي دلاسا ڏج. قبيلي جي جملي ڀائرن کي منهنجي پاران عذرخواهي ڪج. پر، ارمان اِهو اٿم ته پاڻ کي هن غم ۾ دلداري ڏيڻ وارو ڪوبه ڪونه ٿو ڏسان!

    غم جو ماريل

     غلام مرتضيٰ

پير حسام الدين راشدي اُهي سڀ محفلون ويران ڪري ويو جيڪي حيدرآباد ۾ سندس مان ۾ منعقد ٿينديون هيون، جنهن ۾ ڪيترائي دوست گڏ ٿيندا هئا، جنهن ڪري حيدرآباد جون هوادار شامون وڌيڪ پُربهار ۽ فرحت بخش ٿي وينديون هيون. جيستائين ياد اٿم ته رٽز هوٽل هجي يا فاران، ڊاڪٽرس ڪالونيءَ ۾ جيجي زينت چنا جو ”زينت هائوس“ هجي يا لطيف آباد ۾ ماهتاب محبوب جو ”اِرم نما“ گهر هجي يا بعد ۾ هيرآباد ۾ نواب نوراحمد خان لغاريءَ جو گهر هجي، هيءُ دوست جيڪي سندس همسفر ساٿي هئا. ميڙو پيا مچائيندا هئا: سائين محمد ابراهيم جويو، مولانا قاسمي، ڀاءُ غلام ربني آگرو، گرامي صاحب، ڏيپلائي صاحب، شيخ علي محمد، نياز همايوني، ڊاڪٽر الانا، ڊاڪٽر مجتبيٰ جوڻيجو، نواب نور احمد لغاري؛ ۽ خيرپور ۽ سکر کان ڪڏهن ڪڏهن ايندڙ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ فتاح ملڪ ”مهراڻ“ جي ”پير صاحب نمبر“ ۾ عزيزم غلام رباني آگري پنهنجي مضمون ۾ سندس حياتيءَ جي اُنهيءَ رُخ ڏانهن اِشارو ڪيو آهي:

”هڪ ڀيري ڳالهين ڪندي هن مون کي چيو ته ”رباني، چون ٿا ته قيامت ڏينهن ماڻهوءَ کي وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي پلصراط لنگهي پاڻ بچائي، بهشت ۾ پير رکڻو آهي، پر حقيقت ۾ هن دنيا جي حياتي ئي پلصراط آهي.“

رباني صاحب ان تي لکيو آهي ته اڄ پير صاحب اسان ۾ موجود ڪونه آهي، پر مان ائين سمجهان ٿو ته هو پلصراط تان پاڻ بچائي اڳتي نڪري ويو آهي ۽ خدا جي حضور ۾ پنهنجو اَڇو اُجرو اعمالنامو پيش ڪري بهشت برين ۾ داخل ٿيو آهي.

مان اُن ۾ هيءُ واڌارو ڪندس ته پير صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ايترين پلصراطن تان لنگهيو هو جو آخرت واري پلصراط رب کيس معاف ڪري ڇڏي هوندي.

حسين شاهه راشدي ۽ سندس سڄو خاندان علي رضا سميت، پير صاحب جو اُن لاءِ وڌيڪ ٿورائتو هئڻ گهرجي جو حسين شاهه جي شادي سنڌ جي هڪ وڏي ۽ نامياري خاندان پير غلام الرسول شاهه جيلانيءَ جي نياڻي سان ڪرائي، جنهن حسين شاهه جهڙي ماڻهوءَ کي مقصيد کان ٿڙڻ نه ڏنو. مون حقير کي اهو شرف حاصل رهيو هو ته هن ناتي ۽ رشتي کي ڳنڍڻ لاءِ ڪوششون وٺان. اِن ڳالهه ۾ پير صاحب حسام الدين شاهه طرفان محترم رباني آگرو مون سان گڏو هو ۽ سڄي ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهي. ته ڪيئن محرومه بيگم زينت چنا انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌايو ۽ توڙ تائين پهچايو. لِکئي جا ليک آهن. علي رضا جي شادي به محترم عبدالله چنا ۽ بيگم زينت عبدالله چنا جي ڏوهٽيءَ سان ٿي. ماشاءالله کيس پُٽڙو به ڄائو آهي، جنهن جو نالو ”حسام الدين“ آهي.

هيءُ سنڌ جي انهيءَ نسل جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي تاريخ اسان جي بزرگن پنهنجي رت ست سان لکي ۽ پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشديءَ جو ڪردار اُنهن بزرگن سان گڏ نروار ٿيو بيٺو آهي. اُميد اٿم ته حسن شاهه، علي رضا ۽ ٻيا سندس خاندان وارا آئنده پڻ اِها پَرِ نڀائيندا ايندا، جيئن هيءَ نڀائي اٿن.

ڏوٿي سا ڏورين، جا جُوءِ سُڻي نه ٻُڌي،

پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،

وڄا اُت ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.

 

(هيءُ مضمون پير حسام الدين راشدي جي ويهين ورسيءَ جي موقعي تي 31- مارچ 2002ع، ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ پڙهيو ويو.)

شيخ خورشيد حسين

سنڌيڪار: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

علم النسان ۽ علم الآثار:

سنڌو تهذيب جي تشريح جا اهم ماخذ

(نوٽ: شيخ خورشيد حسن پاڪستان جو مشهور آرڪيالاجسٽ آهي. سندس هيءُ مقالو سنڌو تهذيبن جي مطالعي جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، جو ”پاڪستان آرڪيالاجي“ نمبر 26، سال 1991ع، ”سلورجبلي نمبر“ ۾ ڇپيو هو.)

علم الانسان ۽ علم الآثار جي گڏيل مدد ۽ موجوده دور جي مشاهدن جي سهڪار سان، گذريل زماني جي حالتن ۽ عملن جي تشريح ڪري سگهجي ٿي. علمن جو مفهوم نهايت جامع ۽ وسيع آهي، جنهن ۾ بيشڪ هنر، ڪاريگريون، معاشي ۽ سماجي حالتون توڙي لطيف فن اچي وڃن ٿا (1). هيءُ هڪ نئون نظريو آهي، جنهن ڪجهه وقت اڳ آمريڪا ۾ جنم ورتو. تازي دور ۾ هن نطريي جي روشنيءَ ۾ قديم آثارن جو اڀياس شروع ڪيو ويو آهي؛ ان طرح نهايت دلچسپ نتيجا ملڻ شروع ٿيا آهن. جيئن اسان کي خبر آهي ته قديم آثارن جي علم جو تعلق انسان جي گم ٿيل تهذيبن سان هجي ٿو، اُن جي برعڪس علم الانسان جو توجهه موجوده رسم ۽ رواج توڙي طور طريقن جي اڀياس تي محيط ٿئي ٿو، جن جون پاڙون قديم دور ۾ کُتل آهن. هنن ٻنهي مضمونن جي تحقيق جي مقصدن ۾ گهري هڪجهڙائي آهي. ان هوندي به اُنهن جي تحقيق جي طريقهء ڪار ۾ چِٽو فرق آهي. مختصر هيءُ ته علم الاثار جي ماهر جو هي ڪم آهي ته اُهو انساني باقيات جي اُنهن صورتن، جي اڄ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ محفوظ آهن، جي نشاندهي ڪري، ۽ گذريل دور جي مختلف زمانن ۽ گڏوگڏ سندن گڏيل تعلقات جي بِناءَ تي اُنهن نتيجن کي ”امڪانات“ جي ڪسوٽيءَ تي پرکي. ان لاءِ نهايت منظم طريقي سان ڪم ڪرڻ کپي. امڪانات اُهي جائز تصور ڪيا ويندا، جيڪي هلندڙ دور ۾ انسان جي رسم ۽ رواج ۾ به سچ پچ ته ڏسڻ ۾ اچن (2). علم الاثار جي ماهرن جي اڪثريت هن ڳالهه تي متفق آهي ته ڪنهن انساني باقيات جي سلسلي ۾ تحقيق ڪندي، صرف هڪ جاءِ کي نظر ۾ نه رکڻ کپي، ليڪن ان جي آسپاس کي به مد نظر رکڻ کپي. بلاشبه اُن جاءِ جي محل وقوع سان گڏ متعلقه ماڳ جي اِردگرد جي علائقي جي اهميت کي به نظرانداز نه ڪجي. پر هيءُ به ياد رکڻ کپي ته ان ريت حاصل ٿيل نتيجن بابت به ڪجهه احتياط ڪرڻ لازم ٿي پوي ٿو. هيءُ ڳالهه امڪان کي ويجهي آهي ته ڪجهه قبيلا قديم زماني کان و‎ٺي پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکندا آيا آهن، پر زماني جي تبديلن سان گڏ سندن طرز زندگيءَ ۾ به آهستي آهستي تبديلي اچي رهي آهي. باوجود ان جي ته سندن شڪار ڪرڻ، مڇي پکڙڻ ۽ هنري طريقا قديم دور جا آهن. اهڙن قيبلن جي موجوده طرز زندگي، هوبهو قديم دور وانگر نٿي ٿي سگهي، ان ڪري هلندڙ ثقافتي روين ۽ انهن جي گذريل دور سان تعلق کي چڱيءَ طرح سان تجزيي، مطالعي ۽ پرک ۾ آڻي، نتيجا حاصل ڪرڻ کپن.

سال 1925ع ۾ سنڌو تهذيب جي دريافت کان وٺي، ان جي باري ۾ گهڻو تحقيقي ڪم ٿي چڪو آهي، پر اِن ڏس ۾ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڏکڻ ايشيا جي هن تمام ترقي ڪيل مڪمل شهري ۽ وسيع تهذيب جي باري ۾ معلومات مڪمل ٿي سگهي. علم الاثار جي ماهرن جي ڪوڏر جي ذريعي گڏ ٿيل معلومات، سنڌو تهذيب جي باري ۾ اڪثر اسرارن ۽ خاص ڪري نسلي مطالعي ۾ مددگار ثابت نه ٿي آهي. جن انساني ڍانچن جو تجزيو ٿيو آهي، اُهي سنڌو تهذيب جي انسان جي نسلي ساخت بابت فيصله ڪن شاهدي نٿا ڏين. سيول (Sewell) ۽ گوها (Guha) هڏاون آثارن جي ڏس ۾ پنهنجي اڀياس جي آڌار تي، موهن جي دڙي ۾ ’گهڻ نسلي‘ ماڻهن جي نشاندهي ڪن ٿا (3). ٻئي طرف ڊي. ڪي سين (D.k. Sen) قبول ڪري ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ مٿي جي شڪل، نڪ جي صورت ۽ قد ڪاٺ جي حوالي سان، اُتي رهندڙ ماڻهو ’هڪ نسل‘ جا هئا (4). ڪجهه قديم آثارن جي ماهرن جو رايو آهي ته انڊس دور کان ڪري اڄ تائين، انساني نسلي ساخت گهڻو ڪري اڻ تبديل ٿيل رهي هوندي. اهڙن ماهرن موجب هنن علائقن تي ٿيل حملا ضرور اهميت جوڳا نه هوندا، جن سبب ماڻهن جي جسماني ساخت ۾ ڪا وڏي تدبيلي اچي.(5)

سنڌو تهذيب جي دريافت واري وقت کان وٺي، عاج جي شين، ٽامي جي ٿانوَن، ٺڪر جر برتنن، ٽپن ۽ مُهرن تي موجود پراسرات لکت کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ڪجهه عالم، جيڪي هن لکت کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ رڌُل آهن، اُنهن ۾ پارپولا (6) ۽ مهاديون (Mahadevan) (7) جو خيال آهي ته سنڌو لکت ’پروٽو ـــ دَراوڙي‘ آهي. پر ڏسجي ٿو ته هن ڏس ۾ ڪاميابي اڃا پري آهي. جيتوڻيڪ  ’پروٽو ــــ دَراوڙي‘ وارو مفروضو وڌيڪ بهتر آهي، پر اڄوڪي دراوڙي دنيا ڪجهه به ذڪر جوڳي باقياتي مواد پيدا نه ڪيو آهي (8).

موهن جو دڙو پختہ سنڌو تهذيب جو وڏو شهري مرڪز آهي. اُهو سنڌو ماٿر جي اُن حصي ۾ واقع آهي، جيڪا هن تهذيب جي مکيه ايراضي رهي هوندي. اِن ڪري اها ايراضي سنڌو تهذيب جي آغاز جي منطقي علامت ٿي سگهي ٿي (9).

ميداني خطي ۾ پڪي اڏاوت ۽ شهر جي بنياد پوڻ کان وٺي موجوده دور تائين، رءَ جي ڀرمار ۽ پوءِ جي دور ۾ زير زمين پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سبب، سنڌو تهذيب جي بنيادي باقيات تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي پيدا ٿي آهي. موهن جي دڙي جي ڪوٽ واري علائقي جي هيٺينءَ سطح تي پهچڻ لاءِ 1950ع ۾ کوٽايون شروع ڪيون ويون، پر پاڻيءَ جي سطح وڌڻ ڪري گهربل مقصد حاصل نه ٿي سگهيا (10) سال 1964ع ۾ ڊيلز تجرباتي کوهه کوٽايا. اُن وقت مٿاڇري واري سطح جو اندازو 39 فوت هو، جتي موجوده دڙو 35 کان 40 فوٽ اوچو هو (11). وري 1966ع ۾ ڊچ صلاحڪارن 24 مشاهداتي کوهن لاءِ، اڳواٽ طئه ڪيل جاين تي سوراخ (Drilling) ڪرايا. ان طرح سراسري ميداني سطح کان 60 فوٽ هيٺ، سرن جي اڏاوت ۽ ٺڪر جي ٿانوَن جي نشاندهي ٿي (12). علم الاثار جي ماهرن جي شديد خواهش آهي ته اِهي هيٺينءَ سطح تائين پهچن، ليڪن پاڻيءَ جي وڌندڙ سطح اُن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. يونيسڪو پاران حڪومت پاڪستان جي زير زمين پاڻي گهٽ ڪرڻ واري رٿا جزوي طرح سان مڪمل ٿي سگهي، ڇو ته رٿيل رٿا مان صرف 26 ٽيوب ويل لڳي سگهيا. اطلاع اِهي آهن ته زيرزمين پاڻي، سطح کان 28 فوت هيٺ رهجي ويو آهي (13). هي سطح ان حساب سان ٺيڪ آهي جو ان ڪري موهن جي دڙي جي آثارن کي بچائڻ ۾ مدد ملندي. البته 32 واڌو ٽيوب ويلن جي اصلي رٿا ته جيئن زيرزمين پاڻي 65 فوٽ هيٺ ڪجي، سا عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. اُن جو سبب رقم جي کوٽ آهي، جنهن جي دستياب ٿيڻ جو ويجهي مستقبل ۾ ڪوبه امڪان ڪونهي! ان ڪري موجوده صورتحال سبب، موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ممڪن ڪونهي ته جيئن اُن جي اولين سطح‘ تي پهچي سگهجي.

اِن حالت ۾ علم الاثار ۽ علم الانسان جي گڏيل مدد سان، سنڌو تهذيب جي مُنجهيل سُٽ کي سُلجهائي سگهجي ٿو. سنڌو تهذيب جي دلچسپ خاصيت، اُن جون طويل عمر واريون روايتون آهن جي اڄ به زندهه آهن. موهن جي دڙي جي آس پاس رهندڙ ڪنڀر اڄ به اهڙا ٿانوَ ٺاهين ٿا، جي سندن وڏڙا قديم دور ۾ ٺاهيندا هئا. عورتون اڄ به اهڙا زيور پهرين ٿيون، جي پنج هزار سال اڳ به استعمال ۾ هئا. گهڻو وزن ڍوئيندڙ گاڏيون (ڏاند گاڏيون) اڄ به سڄي سنڌ ۾ ڏسجن ٿيون. هي گاڏا موهن جي دڙي جي پڪل رانديڪن جي ڏيک ڏين ٿا. جيتوڻيڪ اسان وٽ موهن جي دڙي جي ڍڳي گاڏي جو حقيقي نمونو موجود ڪونهي، پر پوءِ به پڪ آهي ته رانديڪي واري ڍڳي گاڏي اُن سان گهڻي مشابهت رکي ٿي. ڪپڙي تي ڇُر جون علامتون به سنڌو تهذيب واري وقت کان هلندڙ آهن. موهن جي دڙي جي ڦولدانيءَ تي چٽسالي سنڌ جي کيس سان مشابهه آهي، جو آڏاڻن تي تيار ٿئي ٿو (14). اِن طرح چٽسالين ۽ گلڪارين جي شڪل ۾ موهن جي دڙي جون ڪي نشانيون، اڄ به سنڌ جي ڳوٺن ۾ لوڪ هنرن جي صورت ۾ موجود آهن.

اهڙي پس منظر ۾ هن مقاله نگار، سنڌو تهذيبن جي اڀياس خاطر ”مهاڻا“ قبيلي کي اڀياس جو محور بنايو آهي، جنهن کي ’ميربحر‘ به سڏجي ٿو. اِهي ناکئا به آهن ته مڇي پڪڙن وارا به آهن. اُنهن جا ڳوٺ اڪثر ڪري درياهه سنڌ جي ڪناري سان آهن، پر ڪي ڳوٺ دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ تي ۽ ڪجهه گهر ناري جي اُڀرندن ڪنارن سان به موجود آهن. سنڌ گزيٽيئر موجب مهاڻا سنڌو ماٿر جا قديم رهاڪو آهن (15). اِهي ڊگهي عرصي کان پنهنجي ڌنڌي ۾ رُڌل آهن. اُنهن جو ڪارو رنگ توڙي عادتون اطوار، سندن دراوڙي نسل هجڻ متعلق شاهدي ڏين ٿا. پوسٽنس لکي ٿو ته ”مهاڻا ڪاري رنگ جا آهن، پر اُنهن جي شڪل شباهت عام سنڌين وانگر آهي. اِهي عام طرح ٻيڙين ۾ رهن ٿا ۽ سندن ڪو ٻيو ٺِڪاڻو ڪونهي“ (16). برٽن جو خيال آهي ته ”مهاڻا اصل ۾ هندو آهن ۽ پوءِ مسلمان ٿيا آهن. اهي عام سنڌين وانگر نٿا ڏسجن. انهن جا مهانڊا منفرد آهن ۽ رنگ ۾ به ڪارا آهن“ (17). ڪيڊل جو رايو آهي ته مهاڻو قبيلو نهايت قديم آهي. سندن تعلق سنڌو تهذيب جي دور ۾ ڍنڍن ۾ رهندڙ اُن نسل سان آهي، جنهن جي رت ۾ نهايت گهٽ ملاوٽ ٿي آهي“ (18). شيخ صادق علي سنڌ جي ذاتين جي مطالعي سبب اهميت رکي ٿو، پر کيس به مهاڻن جي اصليت بابت پڪ ڪونهي. سندس موجب هن ذات وارا يا ته ٻيڙيون هلائن ٿا، يا وري مڇي ماري گذران ڪن ٿا. پاڻ مهاڻن جا 254 پاڙا لکيا اٿس (19). بلوچستان جي ميد قبيلي کي به ’مهاڻو‘ سڏيو ويو آهي. اهي اڪثر ڪري مڪران ۽ لس ٻيلي جي سامونڊي ڪنارن سان ڏٺا ويا آهن. اُهي ڀوري رنگ جا ۽ ڌنڌلين اکين وارا آهن. اُهي ايترا ته مضبوط ۽ سگهارا آهن جو پنهنجي طاقت جي آڌار تي جوکم وارن ڪمن ڪرڻ جي اهليت به رکن ٿا، ۽ سمونڊ اندر جٽادار قوت جو پڻ اظهار ڪن ٿا (20).

ناکئن يا مڇي ماريندڙ جي روپ ۾، مهاڻن جو تعلق سنڌو ماٿر جي سڀني حملي آورن سان قائم رهيو آهي. آريا، ايراني، يوناني، سٿين، اڇا هوڻ (Huns)، مسلمان ۽ پوءِ انگريز سنڌ تي ڪاهي آيا، پر مهاڻن تي صرف مسلمانن جو اثر پيو ۽ سندن زندگيءَ توڙي ثقافت ۾ تبديلي محسوس ڪئي وئي. جيتوڻيڪ مهاڻن جو ڪم ڪٺن هو، پوءِ به اسلام کان اڳ سنڌو ماٿر ۾ کين گهٽ رتبو مليل هو. مسلمانن کين سماج ۾ برابر جي حيثيت ڏني. انڪري ته مهاڻن اسلام قبول ڪيو.

مهاڻن جو ڳوٺ 10-15 ٻيڙين تي مشتمل آهي، جن کي ’ڊونڊي‘ سڏجي ٿو. ٻيڙين جي ڀرسان کُليل ميدان تي عارضي گهر ٺاهين ٿا. اُنهن اڏاوتن ۾ رهن به ٿا ته ٻيڙين جي مرمت به ڪن ٿا. سندن گهرن کي پکين جي آکيرن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. اُهي درياهه سنڌ جي لاهه ۽ چاڙهه جي پس منظر ۽ لڏپلاڻ ڪن ٿا. اُنهن جي پيئڻ جي پاڻيءَ جو اهم ذريعو سنڌو درياهه آهي، جو خواجه خضر طرفان کيس مليل آهي. مختلف سببن جي ڪري مهاڻن لاءِ هي درياهه مقدس آهي. اُنهن جي لاءِ درياهه جو پاڻي روحاني طاقت سان نوازيل آهي. عام طرح مهاڻا پنهنجن ٻارن کي بد روح جي بڇڙاين کان بچائڻ لاءِ سنڌو درياهه جو پاڻي پياريندا رهن ٿا. اُن کي سٺو سنوڻ سمجهيو ويندو آهي. مهاڻن جي زندگيءَ ۾ ٻيڙي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻيڙي اُنهن لاءِ رهائش به آهي ته پيدائش جو ذريعو پڻ آهي. ٻيڙيءَ جا عام طرح ٽي حصا هجن ٿا. آڳل، تَرُ (وچ)، ۽ پاڇل، آڳل کي رڌڻي طور استعمال ڪن ٿا ۽ تَرَ کي سمهڻ جي ڪمري طور ڪتب آڻين ٿا. پاڇل هڪ مضبوط جاءِ آهي، جتان عام طرح ٻيڙي هلائڻ لاءِ ونجهه جو استعمال ٿئي ٿو. مطلب ته ٻيڙي کي هلائڻ کان ڪري، ان کي ٺيڪ ٺاڪ رکن تائين پاڇو وارو حصو وڏي اهميت رکي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com