سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :5

نظم

مان ڌراڙو

پر ڪراڙو

ڪجهه به منهنجي وس ناهي

ڪلهه جواني جا ڪهوءَ جي لٺ هئي

جنهن جي اشاري تي سموري

ڇيلڙن جان ڇانگ ڏيندڙ

وقت کي مرضيءَ سان

مون ته هڪاليو

اڄ نظر جيڪا پراڻي ٿي وئي پٽڪي جيان

ڪالهه سا هِن واهه جان وهندي هئي

ڪالهه دلڙي ڪڙ جيان آلي هئي

جنهن ۾ هئي

خواهشن جي جڙا اونهي بڙ جيان

نڙ جيان منهنجي نڙي وڄندي هئي

جهومندا ۽ جهولندا هئا

گيت منهنجا وڏڦ جي ٻارن جيان

يارن جيان

روح جو رونبو ڪرڻ هلندا هئا

ڪلهه خواب سارا

لاب جان ڪيڏيون لڻيون مون چاهتون

فصل ڪيڏا راحتن جا

جهار وانگي مون چُڳيا

ٻار جان مون ننڊ چوري

ڪيترين الهڙ جوانين جي ڪئي

ڪيترائي پيار آواندن جيان مون لئه کُليا

ڪيترن ئي هينئڙن ۾ لوچ منهنجي

ڇاڇ جان ڇلندي هئي

اڄ مگر سڀ عاشقيون ۽ دلبريون

گُوڌول سان گڏجي ويون

بي وسيءَ مان ٿو ڏسان منهنجي اڳيان

هو پَلَن جو ڌڻ ڪيڏو بي خبر

زندگيءَ جو آخري ٻارو چري ٿو

مان ڌراڙو

پر ڪراڙو

ڪجهه به منهنجي وس ناهي

ڪجهه به منهنجي وس ناهي.

 

نظم

ڪئن به هيءُ ٽاڻو ٽَري

رات آ ڪاري نِپَٽَ

وِسوسا سؤنچا نِکٽَ

پرهه ڀي ڏاڍو ڀري.

جوءِ ۾ هيءَ جندڙي

اوپري ۽ هيکلي

وَڻ ـــ وِلِهي

ڪُک جي هِن سَرَ ۾

ڪو گُلُ، جيڪو اڄ سُڀان

ساحل مٿي ايندو لُڙهي

ان سوا ٻيا

آسرا سارا اَلَڀُ

منهنجو وَلَڀُ

مس مهينو آهه گذريو

راه ويندي بي سبب

ماريو ويو.

رهزنن جي ديس ۾،

ڪنهن همسفر جي ڳالهه ڳُوڙِهي،

هيءَ نگري مَتِ مُوڙهي.

روز ڪيڏين ٽارين تان

گُلَ روڙي ٿي ڇڏي،

پَرَ ساري مس اُڏرڻ ٿو لڳي.

نينهن کي نائُڪَ کوڙي ٿي ڇڏي

هُوڪرن جي وائِڙي طرفان ۾،

ساٿ جي ۽ سڏ جي.

هر ناءَ ٻوڙي ٿي ڇڏي.

جو به آهي ٻيلهه تنهن جي پنڌ ۾،

سيلهه بنجي ٿي پوي،

ڪو هجي، هن کي چوي،

هاءِ مون وٽ،

وسُ، واڪا جي به هئا

هن اَناسي ڏيهه جو،

درُ درُ ڦِري واپس ٿيا.

ماڙَ مان ڪنهن مان مَڱان

اي ناهري! تنهن کان سواءِ

جاڙ جهڙي ڳالهه تنهنجي

ٿِي اُتر جي اوتَ سيڙهي

مان چنيءَ جا پوت ويڙهي

ڪئَن ٻُڌان

لِڱ لِڱَ پيو ٿو آٽجي

ٿو رڦي سارو سريرُ

ڇو نه ڏانڍيون

ڪي سُڪل ميڇڻ وڃان

گڏ ڪري،

ڀاڪُر ڀري

ڪو مچ ٻاريان،

هونئن ته جهوپيءَ ٻاهران،

ولهار ۾ نانگ نيلاٿا سُجهن

هُو لَيُنِ جي لانڍ نه آهي

گهلِ آهن ڄڻ ته ڄانگهيون ڏانئڻيون

تنهن پريان چمني ڦِٽل

ٿي لڳي راڪاس وانگي.

پو به جيءُ کي جهَلَ ناهي،

ٻي ته ڪائي ڪَل ناهي،

ڪئن به هيءُ ٽاڻو ٽري

رات آ ڪاري نِپَٽَ

وِسوسا سؤنچا نِکٽَ

پرهه ڀي ڏاڍو پري.

هونئن ته وارث ڪونه وَلَهو.

ڪوبه ناهي سڱ سِياڪو

هِن ٽُٽيءَ کي ڪونه ٽاڪو.

ڏک ـــ ڏاڪو پوءِ به چڙهجي

راس ٿيڻو ئي نه آهي جي رَتو

هيءُ ڀَڳو ئي ڀير جي

ديوار اُوچي ڀل هجي

ڪا ڪُنڊَ تنهن جي ڪيرجي.

 (دعا)

هٿ جيڪي خدا کان رُٺل ها سدا

اڄ کڄن ٿا دعا لاءِ تنهنجي ڪري،

سينڌ تنهنجيءَ جو رستو سِڌو ئي هجي،

نرڙ تنهنجي جو محراب ميورو نه ٿئي،

تنهنجي نيڻن لئه سپنا نه ڳورا ٿين،

تنهنجا مزگان ميڙين سارا مزا

ڪُر ڪنن ساڻ ائين ئي رهن باوفا.

نڪ تنهنجي جو ڪوڪو نه ڪَسجي ڪڏهن،

رس چپڙن جي ڏاڙهن سان پرتو رهي،

تنهنجي ڳلڙن جي لَڳهن ۾ لالي هجي

تنهنجي کاڏيءَ ڏان ڳوڙها نه رڙهندا اچن،

شال محبوب تنهنجي جون ٻانهون سدا،

هل ڳڱايل ڳچيءَ جي ئي ڳڻتي رکن،

ڳاٽِڙين جي هي جوڙي جُڙيل ئي رهي،

تنهنجي ڀورن ۽ ڀريل ڪلهن تي ڪڏهن،

رنگ گيسو چريا، ڪين پنهنجو ڇڏين،

تنهنجي ٻانهن جون لامون به لُڏنديون رهن،

آڱرين جا اشارا به ارڏا هجن.

پير پايل سوا هيئن وڄندا رهن.

تنهنجي دل ۾ سدائين رهي دلبري،

تنهنجي گهورن جا گهيرا نه ٿين گهرگهلا

تنهنجي ساهين ۾ ڪوسي هي خوشبو رهي

تنهنجي ٽهڪن جون ٽاريون سلامت رهن

هاڪ تنهنجي هوا ۾ هُليل ئي هجي،

تون ڪٿان جي لنگهين سڀ محبوبڙيون

گل کان هلڪڙيون، ريس توسان رکي،

نڪ چاڙهي چون؛ هوءَ وڃي ٿي پئي

۽ ها آهي دعا هيءَ به اي گلبدن!

سوچي آڪاش کي تون جي بيزار ٿين

غم ۾ غلطان ٿين يا پريشان ٿين

يا هو تنهنجين خوشين ۾ خلل ٿي وڃي

تنهنجي جهيڙن جهملين جو آهي قسم،

دربدر ٿي وڃي اي جنم جا پرين،

دربدر ٿي وڃي!

 

نظم

ڪلهه رات جڏهن جهوپيءَ ۾ چنڊ وڌي جهاتي

ڪشڪول جي پنگهي ۾، درويش لُڏيو هو پئي

ها نيڻ کُليل هن جا، تن منجهه اڇو پنڇي

ڪنهن ماڳ جي ڳولا ۾، بي چين اُڏيو هو پئي.

 

ڪلهه رات جڏهن جهوپيءَ ۾ چنڊ وڌي جهاتي

ڏيئو ته اُجهاڻيل هو، درويش ٻريو هو پئي

ها نيڻ کُليل هن جا، تن منجهه هيو درياهه

وَهه ان جي ڍري، جنهن تي، ڪو گل تريو هو پئي

 

ڪلهه رات جڏهن جهوپيءَ ۾ چنڊ وڌي جهاتي

دل پنهنجيءَ ۾ ويٺو، درويش اڪيلو هو

ها نيڻ کُليل هن جا، هو شينهن ستل تن ۾

چوڌار سوا اُن جي، بس گهاٽو ٻيلو هو.

 

ڪلهه رات جڏهن جهوپيءَ ۾ چنڊ وڌي جهاتي

ڀاڪر ۾ دعائن کي، درويش ڀڪوڙيو هو

ها نيڻ کُليل هن جا، تن منجهه هيو ڌاڳو

جنهن ڌرتيءَ جو ناتو، آڪاش سان جوڙيو هو.

”... هاڻي جيستائين لطيف جي ’وسعتِ فن‘ جو تعلق آهي ته فطرت جون ننڍي ۾ ننڍيون ۽ حقير کان حقير شيون پڻهن جي همدردانه توجهه جو مرڪز بنيون آهن. هو جنهن حسين پيرايي ۾ ڪانگل کي محبوب جو قاصد بنائي ٿو، انهيءَ ساڳيءَ نموني ۾ چنڊ کي پڻ استعمال ڪري ٿو. هو اهڙن مڌر گيتن جو خالق آهي، جنهن جهڙا گيت صدين تائين هن علائقي ۾ نه ٻڌا ويا هئا. حالانڪ سندس دؤر جو مقامي ادب يا انوقت جو ٻيو ادب اهڙي روايت کان خالي آهي. بهرحال اهو سڀڪجهه سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي جي ڪري ممڪن هو. ڇاڪاڻ ته هن جي زندگي جهنگ جهر ۽ رڻ پٽ ۾ گذري هئي، ۽ ڇاڪاڻ ته هو سڄيون ساريون راتيون ويهي اوجاڳا ڪندو هو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ملاحن، ڪاتارين، هارين ۽ شاهزادن، سڀني کي ساڳيءَ سهولت ۽ واقفيت سان بيان ڪري ٿو. هو انهن جو ٻولي ۽ محاورن ۾ ايڏي پختي انداز سان ڳالهائي ٿو جو ائين ٿو لڳي ڄڻ ته هو پاڻ سندن طبقي سان واسطو رکي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪنهن مرد، عورت يا ٻار جي باري ۾ ڪجهه چوي ٿو ته ڄڻ هو پاڻ اهو روپ اختيار ڪيو وٺي. جيستائين سندس فن جي گهرائيءَ جو تعلق آهي ته هن جي نگاهه نهايت تيزيءَ سان فطرت جي دل تائين پهچيو وڃي ۽ اها ظاهر شڪلين ڏانهن تمام گهٽ وڃي ٿي. سندس فن جي گهرائي جو هڪڙو وڏو اُهڃاڻِ اهو آهي ته هن ڪائنات کي هڪ ’مڪمل ڪُل‘ جو درجو ڏئي ٿو. کيس ڪثرت ۽ گهڻائي آئڙي ئي ڪانه ٿي. اهڙيءَ طرح جيستائين بلندي جو تعلق آهي ته اسان کي اهڙو ماڻهو مشڪل سان ملندو جيڪو ڪيڏي به علمي ذهن جو مالڪ ڇو نه هجي يا کڻي اڻ پڙهيل ڇو نه هجي؛ پر اُهو جڏهن لطيف جو ڪلام ٻُڌي ٿو ته پاڻ کي ڪجهه گهڙين لاءِ ضرور وساري ويهي ٿو ۽ پاڻ کي بلنديءَ تي محسوس ڪري ٿو. بهرحال اسان جو شاعر جن بلندين تي پهتو آهي، تن تي ڪيئي تفصيل لکي سگهجن ٿا.

ــــ علامہ آءِ. آءِ. قاضي

 

”هڪ مسلمان جي حيثيت ۾، منهنجي لاءِ، اسلام جي پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ۽ هڪ نموني وانگر آهي. سندن مثالي زندگي مون ۾ هر وقت اُتساهه ۽ اُمنگن جو جذبو جاڳائيندي رهندي آهي. پاڻ سڳورن ﷺ جي تعليم ۽ سندن مادي توڙي روحاني زندگيءَ جا اصول ۽ پيمانا، منهنجي لاءِ مثالي نمونا آهن. جن مان مون کي هميشہ رهبري ملندي رهندي آهي. ٻي مثالي شخصيت جنهن جي حيات جاودان مان مون کي اُتساهه ۽ رهنمائي حاصل ٿيندي آهي، اُها شخصيت حضرت علي ڪرم علي وجهه جن جي ذات مبارڪ آهي. سندن ذهني ڪمال ۽ عظمت، منهنجي ۽ منهنجي زندگيءَ لاءِ هميشہ اُتساهه ڏياريندڙ، جذبي ۽ ولولي جو باعث بڻي آهي. آءٌ انهن ٻنهي اعليٰ، عظيم ۽ پاڪ هستين جي مثالي زندگين طرف گهڻي چاهه سان متوجهه رهيو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي چوندو آهيان ته اسان اُنهن هستين جي تعليم، سکيا ۽ رهنمائيءَ کي فقط سندن عمر واري دور تائين، يا اُن دور لاءِ محدود نه سمجهيون پر سندن زندگيءَ سيرت جا زرين اصول ۽ سندن تعليم هر دور ۾ پاڻ لاءِ راهنما بنايون ۽ انهن کان هميشہ فيض حاصل ڪندا رهون.....“

ــــ هز رائل هائينيس پرنس ڪريم آغا خان

ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌ ۾ ”جل پوڄا“ جو رواج ۽ شاهه لطيف جي رسالي ۾ اُن جو ذڪر

 

1 ـــ سنڌ جي سرزمين گهَڻَ ـــ پاسائين ثقافت ۽ گهڻ ـــ پنٿي، يعني گهڻن ئي ’پنٿن‘ کي مڃيندڙن جي سرزمين رهي آهي. سنڌي ثقافت جي تاريخ جي بتدريج مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ۽ هيءُ اُهو ملڪ آهي، جنهن جي ثقافت ۾ هڪ ’خاص انفراديت‘ نظر ايندي آهي، ۽ اُن انفراديت کي به گهڻي اهميت حاصل آهي.

علم جي هڪ شاخ، علم الانسان (Anthropology) جي روشنيءَ ۾، سنڌي ثقافت جي ڌار ڌار پهلوئن کي، ڌار ڌار شعبن م ورهائي سگهجي ٿو؛ مثلاً

(1) دريائي ثقافت(River culture)

(2) ميداني ثقافت(Plain land/ Barrage area Culture)

(3) دو ـــ آبي ثقافت(Delta Culture)

(4) کارائي/ سامونڊي ٿقافت (Sea Culture)

(5)سامونڊي ساحلي ثقافت(Coastal Culture)

(6) ڍانڍي ثقافت(Lake Culture)

(7) ماهي ثقافت(Fish Culture)

(8) ساريالي ثقافت(Rice Culture)

(9) ٿري ثقافت(Thari/ Desert Culture)

(10)ڪوهستاني/ روهي ثقافت(Hill Cultrue)

(11) منڇري ثقافت(Manchari/ Manchar lake Culture)

(12) شهري ثقافت (Urban Culture)

(13) ديهي ثقافت(Rural Culture)

سنڌي ثقافت جي انهن مڙني پهلوئن کي سامهون رکي، جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن جي مَنتن، پنٿن، ڌرمن، مذهبن ۽ سندن عبادت، بندگي ۽ پاٺ پوڄا جي طور طريقن تي غور ڪبو ۽ اُنهنجي باري ۾ کوجنا ڪبي ته معلوم ٿيندو ته واديءَ سنڌ ۾، انسان ذات جي آباديءَ جي ابتدا واري زماني کان وٺي، موجوده وقت تائين، هن خطه زمين جو انسان، ڪيترن ئي پنٿن، منتن، ڌرمن ۽ مذهبن جو مڃيندڙ ۽ پوڄاري رهيو آهي. سنڌو ماٿر جي ماڻهن ڪڏهن پٿرن جي پوڄا ٿي ڪئي ته ڪڏهن باهه کي طاقتور سمجهي، اُن جي اڳيان سجدو ڪيو. هتي جي ماڻهن، نه فقط قديم زماني ۾، وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن کي ديوتا يا اوتار سمجهي، اُن جي پرستش ٿي ڪئي؛ پپر (پپل) جي وڻ ۽ تُلسيءَ جي ٻوٽي جي پوڄا جا سنڌ ۾ اڄ به ثبوت ملن ٿا. هن ڏس ۾، سنڌ جي شاعر روحل فقير جو هي بيت، ڪافي دليل آهي:

جي پپر ۾ پاڻ ڌڻي، ته ٻٻر ۾ ٻيو،

مندر ۽ مسجد ۾ ٻري هڪ ڏيو (1)

ايشين اسٽڊيز جي مشهور فاضل، ڊاڪٽر آسڪو پرپولا، پنهنجي تحقيق ۾، هن سلسلي ۾ گهڻي وضاحت سان لکيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”سنڌو تهذيب جا ماڻهو قديم زماني کان وٺي، ڪنهن نه ڪنهن مذهب، ڌرم، پنٿ يا مت جا مڃيندڙ رهيا آهن. ’موهن جي دڙي‘ جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان ثابت ٿيو آهي ته هتي جا ماڻهو وڻن ٽڻن کان سواءِ، جانورن جي به پوڄا ڪندا هئا. هن ڏس ۾ ’سانَ‘ (Bull)/ ڍڳي جو، ’ديوتائن جي وَهٽَ‘ (Vehicle) طور احترام ڪيو ويندو هو. ٻڪريءَ، واڳوءَ، ڳيري، ڪاري نانگ، پپر جي وڻ ۽ گڻيش (Swastika) کي واديءِ سنڌ ۾ مذهبي ڪرياڪرم، ڌرم يا ڪنهن پنٿ جي خاص علامت طور پوڄيو ويندو هو.“(2)

مشهور محقق تاج محمد صحرائي به ’ڍڳي‘، ’پپر جي وڻ‘ ۽ ٻين شين کي برڪت جي علامت مڃي ٿو. هو لکي ٿو:

”ڍڳو اسان وٽ طاقت، سڀاڳ ۽ محنت جو نشان آهي، ۽ ’هَرُ‘ نشان آهي زراعت جسماني مشقت جو. ساڳيءَ طرح ’مور‘ اسان وٽ سونهن، سوڀيا، پاڪيزگي ۽ نزاڪت جي علامت آهي؛ ’مڇي‘، گهڻي پاڻيءَ، خوشحاليءَ ۽ لطافت جي علامت آهي؛ ’پپل‘ جو وڻ، وڻڪار، وِندر، قدامت ۽ عبادت جون نشانيون ۽ علامتون آهن. ان کانسواءِ کير، مکڻ يا ڦُٽي، ڏڌ، چاڏي، مانڌاڻي ۽ ڏيئو، ڳوٺاڻي سماج ۽ زندگيءَ ۾ آسودگيءَ ۽ برڪت جون نشانيون سمجهيون وينديون آهن.“(3)

اهڙيءَ طرح سنڌو تهذيب جي قديم رهاڪن طرفان، سورج ديوتا ۽ چندرما جي پوڄا جا به ڪيترائي ثبوت، سنڌ جي سماجي زندگيءَ جيڪن رسمن کان سواءِ، سنڌ جي هنرن جهڙوڪ: ڀرت، ڇُر جي ڪم، ڪاٺ تي ٽُڪ جي ڪم ۽ پٿر تي اُڪر جي ڪم ۾، سورج ديوتا ۽ ڪنول جي چٽن گلن ۽ گُلن ٻوٽن ۾، علامت طور موجود ملن ٿا.

سج جي پوڄا جي باري ۾، محترم تاج محمد صحرائي لکي ٿو ته:

”ايڇ. جي. ويلس، نئين پٿر واي دور جي هڪ اهڙي ڪلچر جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو مرڪز ۽ محور ’سج‘ هو. ويلس ۽ ڪن بين محققن ان ڪلچر جي عقيدي ۽ پوڄا جي رسمن ۽ رواجن لاءِ انگريزي زبان ۾ هڪ جامع لفظ ’هيليوليٿڪ (Heliolithic) ڪلچر‘ استعمال ڪيو آهي. ڪن ملڪن ۾ اُن کي ’سن اسٽون (Sun Stone) ڪلچر‘ ۽ ڪن خطن ۾ ’سج ـــ نانگ (Sun Serpent) ڪلچر‘ سڏيو ويو آهي. ان عقيدي ۽ سڀيتا سان تعلق رکڻ وارا، پندرهن هزار سال ق ـــ م کان وٺي، هڪ هزار سال ق ـــ م تائين، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رلندا ۽ گهمندا رهيا، جنهن ڪري ان عقيدي ۽ سڀيتا سان واسطو رکڻ وارن ماڻهن جا نشان، نشانيون ۽ آثار، ڀونوچ سمند، سنڌ، مشرقي چين، جپان، ’ميڪسيڪو‘ ۽ ’پيرو‘ ۾ به مليا آهن؛ جيتوڻيڪ ان ڪلچر بابت اهو عام رايو ۽ تاثر آهي ته اهو ڪلچر نسبتاً آهستي آهستي وڌيو ۽ پکڙيو هو. سڀني محققن ’سج’ جي پوڄا کي، دنيا جي قديم ترين عقيدن مان، سڀ کان وڌيڪ هلندڙ، اثر رکندڙ، پکڙجندڙ، مکيه عقيدو سمجهيو آهي ان عقيدي جي پوئلڳن جي خيال موجب ’سج’، نسلن جي واڌ ۽ شفا ڏيندڙ قوت جو مظهر آهي. سج جي مظهر وارين نشانين ۽ علامتن ۾ اهرام، موميائون، سج ٿالهيون ۽ چڪرا (Sun Disks)، سورج مکيءَ جا گل، سج، نانگ ۽ ’سواستيڪا‘ وغيره شامل آهن. ’سواستيڪا‘ جي عجيب ننڍڙي نشانيءَ کي سڀاڳ جي علامت سمجهي، سڄيءَ دنيا ۾، خوشيءَ سان اهميت ۽ خصوصيت ڏني وئي آهي.“ (4)

تاج محمد صحرائي صاحب اڳتي لکي ٿوته:

”مون سورج جون ساڪن ۽ متحرڪ چڪريون، سورج مُکيءَ جا گل ۽ ڪي سواستيڪا جون نشانيون، گهڻو ڪري تمام پراڻن قبرستانن ۾، قبرن جي پٿر مان گهڙيل سرن ۽ تختين مٿان اُڪريل ڏٺيون آهن. ’رني ڪوٽ‘ جي پهرئين مکيه ’سن دروازي‘ سان، لڳ وهندڙ نئن مٿان جيڪو اُچو، ڊگهو گول برج بيٺو آهي، اُن برج ۾ به پٿر جي سرن ۾ ’سواستيڪا‘ جي هڪ ننڍڙي خوبصورت نشاني اُڪريل ڏٺي اٿم. مان سمجهان ٿو ته آمري ۽ ڪوٽ ڏجي سماجن وارن ماڻهن ۾ شايد اُن ڪلچر جو اثر قبول ڪيو هوندو.“(5)

2 ـ ويجهڙائيءَ واري زماني تائين، لاڙ واري خطي ۾، خصوصاً جاتي، شاهبندر، ڇڇ جهان خان، بدين ۽ ٽنڊي باگي طرف، ڪن تعلقن ۾، تحقيق ڪندي، مون ڏٺو ته اُهي عورتون، جن جو تازو ويم ٿيو هو، سي ڇٺيءَ (ڇهين) واري ڏينهن، صبح جو بلڪل سوير، سج اڃا ڪَني مس ڪڍندو هو ته اُهي عورتون (سندن رسم پٽاندر)، گَهرن جي اڱڻ ۾، پنهنجي تازي ڄاول ٻار کي هنج ۾ کڻي، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ بنان، نئين اُڀريل سج جو پاڻ ۾ سلام ڀرينديون هيون، ۽ پنهنجي نئين ڄاول ٻار جو، ساڄو هٿُ، پنهنجي ساڄي هٿ ۾ جهلي، اُن کان به نئين سج جو سلام ڀرائينديون هيون. سج جي سلام ڀرڻ، يعني ’سج کي پوڄڻ‘ جو سندن طريقو هيئن هوندو هو: اُهي عورتون پنهنجي ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر کي پاسيرو ڪري، اُن کي پهرين پنهنجن چپن تي رکي چمنديون هيون ۽ پوءِ اُن (ڏسڻي اڱر) کي ساڳئي طريقي سان پنهنجي نَڪَ تي ڇهائي، پوءِ اُن (آڱر) کي اُڀو (سڌو) ڪري، پنهنجي نرڙ تي رکنديون هيون. اهڙي ئي طريقي سان، هُو پنهنجي ڇهن ڏينهن جي ٻار جو ساڄو هَٿ، پنهنجي ساڄي هٿ ۾ جهلي، اُن (ٻار) کان به سج جو سلام ڀرائينديون هيون. ان طريقي کي هو، ’سج جو سلام ڀرڻ’ يا سج پوڄا‘ چونديون هيون. سندن اِن عمل کي، برڪت وارو عمل ۽ ٻار جي وڏي حياتي ماڻن لاءِ ’سٺو سوڻ‘ سمجهيو ويندو هو. اِن باري ۾ جڏهن ڪنهن وڏڙيءَ عورت کان پڇيو ويو ته اُن (وڏڙيءَ) جواب ڏنو ته: ”اِها ’سج پوڄا‘ جي رسم آهي، جيڪا اسان جي، صدين کان پراڻي رسم آهي، ۽ اسان وٽ هڪ نسل کان، ٻئي نسل تائين جاري رهندي آئي آهي.“

سج جي پوڄا واري سم دوران، پوڄا ڪندڙ عورت جي سس، وڏي نِڻان، ڄيٺاڻي يا ڪا ٻي وڏڙي عورت، پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ هڪ ٿالهه جهلي بيهنديون هيون. اُن ٿالهه ۾ ’روٽ‘ (ڪڻڪ يا ڳاڙهن چانورن جي ماني ڀوري، اُن ۾ کنڊ يا ڳڙ ۽ گرم گيهه ملائي، ٻنهي هٿن سان ان کي مهٽبو آهي. عام طور اُن کي ’ڪُٽي‘ به چئبو آهي، پر سکا پاکا ۽ ڪرياڪرم جي ٻوليءَ ۾ اُن کي ’روٽ‘ يعني ’نياز/ تبرڪ‘ چئبو آهي) پيل هوندو هو. ’سج پوڄا‘ جي رسم پوري ڪرڻ کان پوءِ، اُها وڏڙي عورت، اُن ’روٽ‘ مان ذرڙو، نياز طور چکڻ لاءِ، سج جي پوڄا ڪندڙ عورت کي ڏيندي هئي، ۽ چپٽي ڀري، ٻار جي وات ۾ ’سُهُڻ‘ ڪرڻ خاطر وجهندي هئي، سنڌي ثقافت جي اها قديم رسم ممڪن آهي ته اڃا به لاڙ واري سامونڊي ساحل يا دو ـــ آبي واري علائقي ۾، ڪن قومن ۽ قبيلن ۾ قائم هجي، ڇو ته جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ”سج نسلن جي واڌ ۽ شفا ڏيندڙ قوت جو مظهر آهي.“

3 ـــ هن کان اڳ، ڊاڪٽر پرپولا جي حوالي سان اهو بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌو تهذيب ۾ نانگ جي پوڄا جا اُهڃاڻ به ملن ٿا. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪاري نانگ جو احترام ڪيو ويندو آهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اُن (ڪاري نانگ) جي ڇيڙ نه ڪندا آهن، اُن کي مارڻ کان گريز ڪندا آهن. اُن کي احترام وچان ’واسينگ‘ ڪوٺيندا آهن. تاج محمد صحرائيءَ، ’نانگ پرستي‘ (Serpent cult) جي رواج ۾ هجڻ جو به ذڪر ڪيو آهي.(6)

منهنجي پنهنجي مشاهدي مطابق اڄ به لاڙ جي ڪن ڳوٺن ۾، ڏياريءَ واري رات يا ڪنهن ٻيءَ وڏيءَ رات جو، ڪي عورتون، تراکڙين ٿالهين ۾، مٺي کير ۾ کٿوري يا ڪيسر وجهي، گهرن اندر يا گهرن جي ورانڊن ۾ پيل کٽن هيٺ رکي ڇڏينديون آهن. سندن اهو عقيندو هوندو آهي ته رات جو ڪنهن به وقت، ڪارو واسينگ نانگ اچي، اهو کير پي ويندو، ۽ برڪت جا اهڃاڻ ڇڏي ويندو.

اسان کي اهو به معلوم آهي ته نانگ ريجهائيندڙ جوڳي/ سامي، ٻهراڙين ۾، فصل ۾ لاباري وارن ڏينهن ۾، يا لاهوت لامڪان يا شاهه بلاول نورانيءَ جي ميلي جي موقعي تي، نورانيءَ جي درگاهه تي حاضري ڏيڻ لاءِ ويندي، ڳوٺن يا شهرن ۾، گهرن جي درن تي مرليون وڄائي، خيرات لاءِ صدائون هڻندا آهن. ان وقت، اُنهن گهرن جون وڏڙيون، اُنهن جوڳين کي مرلي وڄائڻ ۽ نانگ کي جهومائڻ لاءِ چونديون آهن، ۽ پوءِ اُهي، جوڳيءَ کان اِها به گُهر ڪنديون آهن ته هو (جوڳي) نانگ جي پٺيءَ تان هٿ ڦيري، اُهو هٿ، وڏي حياتيءَ (دراز عمر) جي دعا واري علامت لاءِ، سندس پُٽن، پوٽن، ڏهٽن يا ان وقت اُتي موجود سندس ڪنهن ٻئي رشتيدار ٻار جي پٺيءَ تي ڦيرائي، ۽ ٻار کي دعا ڪري. جوڳي/ سامي فقير ائين ئي ڪندو آهي، ۽ ٻار جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي، اُن کي شوڪارو هڻي، دعا ڪندو آهي. اِنهي عمل مان هن مراد جي پوري ٿيڻ جي اُميد هوندي آهي ته ٻار تي آيل يا ايندڙ بلا ٽري ويندي، ۽ جيڪڏهن اُن ٻار تي ڪنهن بدخواهه جي ٽوڻي ڦيڻي جو اثر ٿيو هوندو، ته اُهو به بي اثر ٿي ويندو يا ٽري ويندو.

اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ ’نانگ پوڄا’ جا ٻيا مثال به ملن ٿا، پر جيئن ته منهنجي هن مقالي جو مقصد ’جل پوڄا‘ يعني ’پاڻيءَ جي پوڄا‘ يعني ’درياء پنٿي مت‘ جي باري ۾ آهي، ۽ اُن سلسلي ۾ شاهه لطيف جي سُر سامونڊيءَ جي حوالي سان مثال ۽ دليل ڏيڻا آهن، تنهن ڪري، وڌيڪ مثال ڏيڻ سان هي مقابلو گهڻو طويل ٿي ويندو.

4 ـــ سر جان مارشل، پنهنجي جڳ مشهور تحقيق: Mohen Jo Daro and Indus Civilization ۾ سنڌو تهذيب جي قديم ماڻهن جي ڌرمن، پنٿن، متن، مذهبي رسمن ۽ ڪرياڪرمن جي باري ۾ لکندي، انهن کي ’درياء پنٿي‘ (Indus Cult) ڄاڻايو آهي. هن ائين به لکيو آهي ته واديءَ سنڌ جا ماڻهو، جانورن ۽ وڻن جي به پوڄا ڪندا هئا. هن جي راءِ موجب سنڌو تهذيب جا ڌڻي، پپر (پپل) جي وڻ جي به پوڄا ڪندا هئا (7). سر جان مارشل کان پوءِ آثار قديمه جي هر ماهر، سنڌو تهذيب جي هنرن مان برتن سازيءَ (Pottery) واري هنر ۾ برتنن تي جن نشانين، چٽن، گلن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آهي، اُنهن ۾ هنس پکي، مور، نانگ، سج ۽ سورج مکيءَ جي گل کان سواءِ ڌرمي علامت طور پپر (پپل) جي پنن جا چٽ چٽيل آهن. پروفيسر ڊاڪٽر رياض صديقي، هن ڏس ۾ لکي ٿو ته:

“The specimen of VIIb illustrated is unique in having a painted band in black of papal-leaf pattern, which is the commonest of the Indus plant-motif” (8)

ڊاڪٽر رياض صديقي اڳتي لکي ٿو:

“It is characterised by an accentuted flange and is roughly painted in black with the conventional papal-leaf, palm- frond loop and mat- pattern” (9)

5 ـ مٿي ماهرن جي تحقيق جي حوالي سان، سنڌ ۾ جانورن جي پوڄا جي باري ۾ لکيو ويو آهي. ٿانون ۽ برتنن مٿان، تازن توانن وڏن ٿوهن وارن ڍڳن جون چٽيل شڪليون ۽ ڪوٽ ڏجيءَ جي کنڊرن جي تهن مان ڀلي ڍڳي جي ڊولائتي مُنڊي (سري) به ملي آهي. اُن مان ثابت ٿو ٿئي ته ان دور ۾ ڍڳي کي محنت ۽ طاقت جي علامت سمجهي پوڄيو ويو هوندو (10). ڍڳي کان سواءِ ڳئون کي به پوڄيو ويو هوندو ڇو ته اڄ به ڳائي ۽ ميهي مال کي ’مال ڀٽارو‘ چوندا آهن. سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ هندو ماڻهو ته ڳئون کي ’گئو ماتا‘ چوندا آهن ۽ اُن جي پوڄا ڪندا آهن. ڳئون ۽ مينهن جي کير کي ’کير ڀٽارو‘ چئي عزت ڏني ويندي آهي، ۽ اُن جو گهڻو احترام ڪيو ويندو آهي.

6 ــ سنڌي تهذيب ۾، کيتن ۽ زمينن مان لاباري کان پوءِ حاصل ٿيل ’اَن‘ کي، وڏي احترام جي نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي. اَن جو ’ڪَڻو‘ به جيڪڏهن پٽ تي پيل ڏسندا آهن ته اُن کي کڻي پهرين اکين تي رکي پوءِ چمندا آهن. ’اَن‘ کي ’ان نور‘ سمجهن، ۽ اُن کي ’روزي‘ سمجهي، اُن جو قدر ڪن. اقن کي پٽ تي ڪرڻ يا اُڇلائڻ کان احتياط ڪندا آهن، ڇو ته جيئن تاج محمد صحرائي فرمايو آهي ته:

”حقيقت ۾ انسان جو سڀ کان پهريون ۽ عظيم ڪارنامو زراعت آهي.“(11)

7 ـــ سنڌ ۾ ’درياء جي پوڄا‘ يا ’جل پوڄا‘، اڄ به سنڌي تهذيب جي هڪ خاص حصي طور مڃي ويندي آهي. سنڌ جي هندن کان سواءِ، سنڌو درياءَ جي ڪنڌين ۽ سامونڊي ساحل تي رهندڙ مهاڻا، ميربحر، گندرا، ونگرا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ قومون، ’دريا پنٿي‘ به آهن. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته اسماعيلي (آغاخاني) جماعت وٽ، مذهبي رسمن ۾ ’جَل‘ کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي.

ڀارت جو هڪ سنڌي ڏاهو، ڊاڪٽر يو. ٽي. ٺڪر، پنهنجيءَ تحقيق، ”Sindhi Culture“ ۾ سنڌو تهذيب جي ماڻهن جو ”درياء پنٿي“ هجڻ، ۽ اُنهن جي ’جل پوڄا’ جي سلسلي ۾، ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون آهن. هُو (ڊاڪٽر ٺڪر) پنهنجي Ph.D لاءِ لکيل تحقيقي مقالي ۾، سنڌ جي هندن جي هن پنٿ لاءِ لکي ٿو ته:

”سنڌ جي هندن جو مکيه پنٿ يا ڌرم، ’دريا پنٿي‘ (Indus Cult) يعني ’جل پوڄا‘ آهي. سنڌ جا هندو، ’درياء پنٿي‘ آهن. هو جل پوچا ڪندا آهن. سنڌو درياء، جنهن سنڌ جي کيتن کي، پنهنجي ’اَمرت‘ يعني ’جل‘ سان آبياري ڪري، سنڌ جي ماڻهن کي زندگي بخشي آهي، ۽ کين سندن جيوت جي جياپي لاءِ ’اَمرت ڌارا‘ عطا ڪئي آهي، اُن لاءِ ته اِهي کيت، اَن اُپائين ۽ سدائين سرسبز هجن.“ (12)

ڊاڪٽر ٺڪر اڳتي لکي ٿو ته:

”قديم سنڌو تهذيب ۾، ’ڪڻڪ‘ ۽ ’جَوَن‘ جي لاباري وقت يا لاباري مان حاصل ٿيل ’اَن‘، يعني ’روزيءَ‘ جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ، ’ايکاڻا‘ (Ekhana) نالي روزيءَ جو جشن‘ (Corn festival) ملهايو ويندو هو. سنڌ ۾، انهيءَ نموني جا ٻه جشن ملهايا ويندا هئا، انهن ٻنهي جشن جو واسطو يا نسبت، هر طرح سان، ’درياء پير‘ سان هوندي آهي.

انهن ٻنهي جشنن مان ٻيو جشن، ان وقت ملهايو ويندو هو، جڏهن درياء ۽ اُن مان وهندڙ واهن ۾ نئون پاڻي وهي ايندو هو، ۽ ان وقت درياءَ ۾، سانوڻ جي مند (Monsoons) ۾ سيلاب ايندو هو، ۽ درياء، ’ڪَچا‘ ٻوڙي ڇڏيندو هو. سانوڻ جي مند ختم ٿيڻ کان پوءِ، درياء ڇينار ڪندو هو، ۽ درياء جو پاڻي پوئتي موٽ کائيندو هو. موٽ کائڻ کان پوءِ، درياءِ، ريت يا رءُ جي صورت ۾، پنهنجي سون جهڙي ڇڏيل طاقت يا ’وَٽَ‘ سن، سيلاب هيٺ آيل زمين کي ’سگهائتو‘ يا ’وٽائتو‘ (زرخيز) ڪري ڇڏيندو هو.

اهي ٻئي جشن، سنڌو درياء جي ڪنڌين تي رهندڙ ڳوٺاڻا، شاندار ۽ ڀرپور نموني سان ملهائيندا هئا. هنن جشنن جي موقعن تي ميلا لڳيندا هئا ۽ جلوس نڪرندا هئا“ (13).

آءٌ ڊاڪٽر ٺڪر جي هن راءِ تي معذرت سان پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ جي اجازت چاهيندس. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ’کاڌ خوراڪ‘ (Staple food) چانور آهن ۽ نه ڪه ڪڻڪ. انهيءَ ڪري ’ايکاڻا‘ يعني ’روزيءَ وارو جشن،‘ سارين ۾ لاباري جي وقت ملهايو ويندو هو. ’ان نور‘ وارو تصور به چانورن سان لڳايو ويندو آهي. ’ڪَتي، گري گنجي متي“ واري چوڻي به سارين جي لاباري جي باري ۾ چئي وئي آهي ۽ نه ڪه ڪڻڪ جي فصل ۾ لاباري جي باري ۾.

ڊاڪٽر ٺڪر اڳتي لکي ٿوته:

”جڏهن سنڌو تهذيب ۾ رهندڙ، اوائلي انسانن، ’رولڙي‘ يعني ’رولاڪ’ ( Wandering) واري زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي، ’رهائش‘ (اَقامت/Settlement) واري زندگي اختيار ڪئي، ۽ انهن کيتي ٻاڙي يعني (Agriculture) جي ڪرت ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ کيتن کي آباد ڪرڻ، ۽ پنهنجي گذر معاش لاءِ اناج پيدا ڪرڻ لاءِ ’هارپي‘ جو ڌنڌو اختيار ڪيو، اِن ڌنڌي جي ڪري جڏهن وتن اناج جا ڍير ٿيڻ لڳا، تڏهن هنن، اناج جي انهيءَ ذخير يا ڍير کي، حفاظت سان رکڻ لاءِ سوچيو. هنن پنهنجي انهيءَ ’ڌَن‘ کي سنڀالي رکڻ لاءِ، پنهنجن ’چَپَرن‘ (ڪکائين جهوپڙين) جي سامهون اڱڻ ۾، ’گُندڙن‘ يا ’گُندين‘ جي اَڏڻ جو هنر ايجاد ڪيو. پوءِ هنن گُندڙا يا گُنديون ٺاهيون. اُنهن ۾ پنهنجي اناج جي ذخيري کي محفوظ ڪري رکيائون ته جيئن اهو پکين ۽ جيتن کان به بچيل رهي، ۽ ڊگھي عرصي تائين استعمال نه ٿي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com