احمد سولنگي
غزل
دل ۾ ويهي ڏس هتان هڪ آسمان،
آسمانن جي مٿان هڪ آسمان.
چنڊ، تارو، ڪا ڪَتي اُڀري ته آ،
سوچ جو جاڳيو ڪٿان هڪ آسمان.
آءٌ ڌرتيءَ جي انهيءَ ڇيڙي هلون،
جت ڪري ٿو آجيان هڪ آسمان.
تون پکيءَ وانگر اُڏين نيراڻ ۾،
چاهتن جو مان هجان هڪ آسمان.
خواب مان نڪتي پَري ڪا رات جي،
ننڊ ۾ هو پيو اڃا هڪ آسمان.
ڪر اکين سان تون اکين کي روبرو،
ڪو اکين مان، مان ڏسان هڪ آسمان.
اشفاق آذر
نظم
هن عمر جي اڱرين مان
هوريان هٿ کي ڇڏائي
ڏس اِتي ئي آسپاس
زندگي رهجي وئي آ!
هر پاڻو عشق پاپي
ڄڻ مسافر هو، ويو
چؤڏسائن ۾ فقط
بي رُخي هجي وئي آ!
تون نه اُڀرينءَ سج وانگي
سڀ ستار پيا سمهي
چنڊ هو ڀٽڪيو، ڪٿي
روشني رهجي وئي آ!
پاڻ کان وسري وياسين
ياد ڪو ڏياري اسان کي
دل ڪٿي آ ۽ ڪٿي
دلبري رهجي وئي آ!
تون نه موٽينءَ سال ٿيا
وقت ويو رستا مٽي
هاڻ ٻيو ڇاهي اسان وٽ
شاعريءَ هجي وئي آ!
شائق ڪمبوهه
غزل
چاندنيءَ جون روپ چورايو اٿئي،
ڪيترن کي چئه پرين گهايو اٿئي.
مان ازل جي اُڃ آهيان او پرين!
رُڃ ۾ ايڏو ڇو ترسايو اٿئي؟
تون ڀلي اُن جو ئي ٿي مون کان وڌيڪ،
جيڪڏهن بئي ڪنهن گهڻو چاهيو اٿئي.
اڄ وري ڳوڙها ٿو ڳاڙين تون ”شفيق“
مينهن ۾ پڪ ياد ڪو آيو اٿئي.
اسحاق سميجو
غزل
ڪو ڪتابن ۾ رهي
يا نگاهن ۾ رهي
محفلن ۾
ذڪر جو محور ٿئي
ڳڻپ وارن ۾ اچي
يا سندس نالو
سندس ئي گيت ۾ دهرائجي پيو
ڇو نه ڪو ڪاليج، ڪو رستو،
سندس نالي سان سڏجي
۽ وڏي ڪنهن هال ۾
ڪا شام ٿئي ساڻس
سندس سنگتي
مٿس ساراهه جا گل ايترا اُڇلن
وڃي هو پورجي ڀل!
گهر جي تختيءَ ۾، يا
پنهنجي قبر جي ڪتبي ۾ ڌڙڪي
۽ هجڻ جو
ڇونه ڪو احساس بڻجي
پر اَمر ٿئي ـــ ائين ناهي!
جيستائين ڪو دلين ۾ ڪونه لهندو
ڪونه رهندو!
ڪونه رهندو!
احمد ٽالپر
غزل
هير چاهت جي پئي گُهلي ڪيڏي،
آس جي راهه وئي کلي ڪيڏي.
پيار تنهنجي ۾ زندگيءَ جي وري،
آرزو من ۾ پئي ڇُلي ڪيڏي.
تو، مون هڪٻئي ڏي مس ڏٺو مورڪي،
ڳالهه گهر گهر وئي هلي ڪيڏي.
سونهن جي سمنڊ پي رهيو پياسو،
عشق کي آ اڃا اُلي ڪيڏي.
پيار پهرن ۾ قيد ٿيو آ ڪٿي،
هي دنيا بانوري ڀُلي ڪيڏي.
پاڻهرتو نپائي نفرت کي،
خلق محبت بنا رُلي ڪيڏي.
مقصود ”گل“
نيڻن جو نشو، نينهن نظر ناز نرالو،
توساڻ جيان، سونهن ٿيان، پيار ٿيان مان.
گل رنگ فضا جوت جوالا ٿو ڏسان مان،
جاڏي به ڏسان تنهنجو پيو پيار ڏسان مان.
محبوب نظر عشق جو انداز نرالو،
نيڻن مان پيئان ڇو نه جيان، ڇو نه جيان مان،
نيڻن جو نشو نينهن نظر ناز نرالو.
*
سا رات، عجب رات، ڀلي رات ٿئي ٿي،
جنهن رات پرين پاڻ ڪري پنڌ اچي ٿو.
ويران نگاهن ۾ نئون رنگ رچي ٿو،
ٿو چنڊُ کڙي، ماهه جي مَنَ مور نچي ٿو.
ٿر دل جي مٿان برهه جي برسات ٿئي ٿي،
هيئن سونهن ڏسي ساڻ، پڪو پيار پڇي ٿو،
سا رات، ڀلي رات، عجب رات ٿئي ٿي.
حُبدار سولنگي
غزل
زندگيءَ کي پيار تنهنجي سان سنواريون ٿا اسان،
ڄڻ ته اونداهي اڱڻ تي ديپ ٻاريون ٿا اسان.
مشڪلاتن ۾ به مُرڪي زندگي ٿا گهاريون،
سمنڊ تي طوفان هوندي ناوَ تاريون ٿا اسان.
پنهنجي پنبڻين تي ٻرن ٿا روشنين جا ڪيئي خواب،
انڌيارن کي سدا در تان ڌڪاريون ٿا اسان.
پنهنجي پنبڻين تي ٻرن ٿا روشنين جا ڪيئي خواب،
انڌيارن کي سدا در تان ڌڪاريو ٿا اسان.
پنهنجي آکيري ڏي پنڇي جنهن مهل موٽن پيا،
تنهن مهل نيڻن ۾ اوسيئڙو اُڏاريون ٿا اسان.
باغ ۾ پوپٽ لهن ٿا ڄڻ گلابن جي مٿان،
خوبصورت عڪس سوچن تي اُتاريون ٿا اسان.
سمنڊ مان ڄن چنڊ نڪري پنهنجي آڏو ٿو اچي،
چاندنيءَ ۾ هڪ حسينا کي سنڀاريون ٿا اسان.
دل ۾ خنجر ٿِي آ دوستن جي هر دغا،
دوستن جون مهربانيون ڪٿ وساريون ٿا اسان.
بخشل باغي
غزل
ڪڏهن تو اِنهيءَ تي به سوچيو آ پيارا!
اِهي ڇالئه جاڳن پيا ائين ستارا؟
ڪيئين عڪس ٻئي جا ڏسان تو، اکين ۾،
ڪڏهن ڀي نه مون کان هي ٿيندو گوارا.
ستارن کان تنهنجو پتو مون پُڇيو جو،
چيائون وٺي وڃ اِها کير ـــ ڌارا.
عجب تو خوابن جي دنيا بسائي،
عجب حيرتن مان تو جوڙيا نظارا.
سمنڊ تي چرين جيان وئي شام ڀڄندي،
شفق جي رنگن ۾ هئا ڪي اِشارا.
مان هر پل ٿو ڇڪجي اچان لوهه وانگر،
ڇڪن ٿا جو چقمق جيان تنهنجا چارا.
سمنڊ ڀاڪرن ۾ ڀري آجيان ڪئي،
مليا ڪين مون ساڻ ليڪن ڪنارا.
رڳو سنڌ! نالي ۾ پنهنجي رهي آ،
کليل آسمان هيٺ بُک ۾ گذارا.
سندي حڪم سان ئي ٻرن ۽ اُجهن ٿا،
سدائين اِهي چنڊ، سورج، ستارا.
ڪڏهن ڀي ورائي سگهي ٿو سندس کان،
وِتا موت کان رنگ جيون اُڌارا.
مِٽن کا اڃان ڍڪ ڏي تون نه موکي،
پريان پنڌ هو ڏس! اچن پيا متارا!
شاهه محمد پيرزادو
ترائيل
تون نشيلي اَسُر جي ڪنهن پَهرَ جان،
تو چٽائي آن صبح جي سوهڻي،
تون وڌي آئينءَ مون ڏي لَهرَ جان،
تون نشيلي اَسُر جي ڪنهن پَهرَ جان،
تون ڇلين ٿي منهنجي من ۾ بَحرَ جان،
تون جي ناهين، مان نه آهيان موهڻي،
تون نشيني اَسُر جي ڪنهن پَهرَ جان،
تون چٽائي آن صبح جي سوهڻي.
ستار سُندر
غزل
شايد تو ڇوڙيا آهن اڄ وار هوا ۾،
ڇانيل تڏهن ته آهي خُمار هوا ۾.
منهنجي چهري کي اگر تون ڏسڻ جي چاهين ٿي،
تون نيڻ خُماريل کڻي نهار هوا ۾.
ڏس آسمان سارو رنگين ٿي ويو آ،
پيا ٿا لغڙ اُڏارن هو ٻار هوا ۾.
تون ڀي ته منهنجو شايد اوسيئڙو ڪرين پئي،
محسوس ٿي رهيو آ انتظار هوا ۾.
پنهنجي پَنن جي سُر سان هر روز گيت ڳائي،
وڻ پيار جو ڪندا هن اظهار هوا ۾.
نيڻن کي ڇُهڻ سان ئي آلو ڪري وئي آ،
ڪيڏي نه تنهنجي آهي اڄ سار هوا ۾.
آڪاس جي پڃري ۾ پنڇين جيان قيد تارا،
آزاد خدا تن کي تون اُڏار هوا ۾.
عامر سيال
وائي
ٿورڙو سنڀالجان تون، تنهنجي نيڻن مان اُڏن ٿا،
خواب منهنجا!
ڏينهن جو گم ٿا رهن ۽ رات جو مون سان رهن ٿا،
خواب منهنجا!
ٿو ڪيان ايڏي عبادت،تنهنجي قدمن ۾ جهڪن ٿا،
خواب منهنجا!
روح ڀي زخمي ٿئي ٿو، ايترو اندر لهن ٿا،
خواب منهنجا!
زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾، ها! ٺهن ٿا ۽ ڊهن ٿا،
خواب منهنجا!
ارپنا ڪنهن کي ڪيان مان، نانءُ تنهنجو ئي لکن ٿا،
خواب منهنجا!
”هاڻ گهرجي ٿي حقيقت“، روز ئي عامر! چون ٿا،
خواب منهنجا!
خواب منهنجا!
ساحر راهُو
غزل
شام وئي آ لڙي گهر هلي دل چري چين پل پائجي،
غم وهاڻو ڪري درد جي سيج تي ننڊ پرچائجي.
چنڊ تنهنجي اکين مان سهائي ڇڻي نظم ٿي نُور جو،
رات جو رهزنن کي شڪستون ڏئي جڳ جرڪائجي.
تون جي ناهين وهاڻي مان ڄاتل مهڪ جاڳ وئي آ بڇي،
تن تنبوري کي تنهنجو ڇُهن آڱريون دل به پرچائجي.
پنهنجي هر شعر کي اڄ منڌيئڙو ڏئي سڀ جلائي پنا،
تنهنجي نيڻن مان پڙهجن ڪنوارا غزل، من به مهڪائجي.
تون جي ناهين پرين! سڀر پٺيرا بدن تنهنجو دوکو
لڳن،
تون جي سامهون اچين چپ ڦڙڪڻ لڳن، اک به شرمائجي.
دل ۾ مندر اڏي يار جي سار سان باوضو من ڪري،
تانگ تسبي پڙهي پيار پوڄا ڪجي، سونهن سرچائجي.
نيڻ نيڻن سان ٻکجن ۽ اُلجهن ڀلي پاڻ ۾ ڌڙڪنون،
پيار جي ڇانو ۾ ڪا ته اُڻجي سحر گيت ڪو ڳائجي.
ڪو ته رستو هجي واپسيءَ جو پرين راهون ڪنڊا نه ڪر،
لوڻ زخمن تي ساحر نه هر پل ڇٽي ڪنهن کي تڙپائجي
بخت عابد
غزل
شام جا سڀ رنگ سُهڻا ٿا لڳ!
پر اِهي منظر به تو سان ٿا سُهن.
تنهنجي چهري جا پرين پگهر ڦڙا،
ٿا لڳن تان ڄڻ ته هو موتي ڪِرن!
بادلن جا هو روا رنگين سڀ،
تنهنجي زلفن کان اچو پيرن پون.
تنهنجي لاليءَ جو شفق ۾ آهي رنگ،
ٿا سڌا هو پاڻ ۾ گڏجي رهن.
تنهنجي آئي ڏس چمن ۾ اي پرين!
چاهه مان گل به ٿا پيا سجدا ڏين.
سامهون صورت پسي تنهنجي پرين،
ٿا شفق جا ڇانورا ڳل تو ڇُهن.
سونهن تنهنجي ريس جي ساڳي ته آهه،
”بخت“ جهڙا شعر ڀل تنهن تي لکن!
”جوهر“ بروهي
غزل
هر روز ٿي تڙپائي دلدار نظر تنهنجي
ماري ۽ جياري ٿي هر وار نظر تنهنجي.
احساس اڌواڌ ٿيا، هر آس ٽُٽي پيئي،
قاتل آ نظر تنهنجي تلوار نظر تنهنجي.
تخليق جي سندرتا، سج، چند، ستارا پر،
روحن کي پئي ارپي اسرار نظر تنهجي.
لڱ ساهه ڇڏي ويا هن، اڻ پيتي به مدهوشي،
بخشي ها اسان کي ڪجهه پيار نظر تنهنجي.
هر آهه پئي تڙپي، هر لفظ پيو ٿڙڪي،
ڪيڏي نه سگهاري آ، اي يار نظر تنهنجي.
دلدار هي جيون آ ڪاڇي جو وڏو صحرا،
نٽهڻ اس جي گهڙي ۾ آ وڻڪار نظر تنهنجي.
هڪ عشق، ٻيو ’جوهر’ ٿيا ڌار نه هڪ ٻئي کان،
جي جوڙي ته جوڙيندي وهنوار نظر تنهنجي.
”گل“ ٽکڙائي
غزل
ڪوريئڙو اُڻي چار ويٺو،
وري روئي ساڳي پرين پيار ويٺو.
هوا آهي اولهه جي هاڻي گهُلي ڇا،
ڀلي ڀت ڪوسو کڻي ٺار ويٺو.
ستارا سڄي رات جاڳي سُمهي پيا،
صنم تير نظرون وري وار ويٺو.
گهڻا سڏ واڪا سُڻي ڪونه هو ٿو،
چئون ٿا نه آهي پرينءَ پار ويٺو.
اُميدن جي ڳاڙهن گلابن جي خوشبو،
اِها روح اندر ڀلي ڌار ويٺو.
کُٽڻ منجهه جانان کي ٿيندي خوشي آ،
انهيءَ کان ته خود کي ڀلي هار ويٺو.
سڄو سال جذبا ڪنوارا وڙهن ٿا،
مروٽي اڙي گل اِهي مار ويٺو.
روشن گهانگهرو
ڏيڍوڻا
چانڊاڻ، ندي جيون،
سرهاڻ صديون جيئندي، نيراڻ ندي جيون.
هر واٽ گلابي آ،
مخمور ستارا، چنڊ، ڄڻ رات شرابي آ.
گهنگهور گهٽائن ۾،
ٿو ساٿ کپي تنهنجو، محبوب فضائن ۾.
تون هٿ ملائي ڏس،
پٺتي نه قدم هوندو، سوليءَ تي سڏائي ڏِس.
سنسار ڇڏي سگهندس،
پر سونهن ــــ ملاقاتيون، ڪيئن پيار ڇڏي سگهندس.
سنگت اڌورو آ،
بي چين حياتيءَ جان ـــ هر گيت اڌورو آ.
بي رنگ ڪلا آهي،
سڀ ساز ٽٽل سڪ جا ـــ بي چين فضا آهي.
ڪنهن کي نه بقا آهي،
آ موت مٿان سڀ جي ـــ هر چيز فنا آهي.
ڪيئن پاڻ جلائن ٿا،
ٿي باهه ٻري مِل ۾ ـــ مزدور ڪمائن ٿا.
مزدور جيئن جُڳ جُڳ،
محبت ۽ محبت جا ـــ منشور جيئن جُڳ جُڳ.
ڌرتي به نه پرچي ٿي،
سَوَ سال ويا گذري، سرتي به نه سرچي ٿي.
ٿي ميڻ ڳري ويندس،
تون ڏور نه وڃ مون کان، سچ آءٌ مري ويندس.
درپن به مزو ڏيندو،
جي ساڻ هجي سرتي، جوڀن به مزو ڏيندو،
احساس ــــ اڪيلائي،
هڪ آءٌ اياڻو ۽، بنواس ـــ اڪيلائي.
سچ چيهه ڪڍي آهي،
وئي رات وهامي آ، هوءَ ڪونه پُڳي آهي.
روبينه ابڙو
غزل
رات جوڳيئڙا ياد آيا وري!
ڇو ڇڏي ويئڙا ياد آيا وري!
دور هوندي به جو ساهه کان ويجهڙا،
سي ته سانگيئڙا ياد آيا وري!
وانڍ منهنجي پرين تون نه آئين ڪهي،
تنهنجا اوسيئڙا ياد آيا وري!
ذهن زندان ۾ ڪي جليا ڪي اُجهيا،
ڏاتِ جا ڏيئڙا ياد آيا وري.
توڏي ايندي مَهل ڇو نه ڪيائون اثر،
ڪيڏا ها سيئڙا ياد آيا وري!
ذاتِ پنهنجيءَ اندر توکي ڳولهيو پرين،
روح ۾ ليئڙا ياد آيا وري!
ابرار ابڙو
غزل
هي ڏيک ڏيک سمنڊ جو ٻُسو ٻُسو آ سام جو،
هي پهر پهر بور ۽ اُداس ڇو آ شام جو؟
گهُٽيل گُهٽيل نڙيءَ مان صدا رُلي ٿي روج جي،
۽ لڙڪ لڙڪ اکين ۾ مَنُ ٻُڏو آ شام جو.
صبح جون تازگيون به اختيار کان پري رهيون،
۽ چين عاشقيءَ جو پري رُليو آ شام جو!
هزار خواهشون عمر جي داستان کان ڪٽيل،
هي پنڌ پنڌ عمر جو به بار ٿيو آ شام جو!
اسان جي دل جي صحرا ۾ رڳو آ ٿوهرن جو ڏيهه،
۽ گلستان ئي اسان کي پئي ٿڏيو آ شام جو!
ٿو ياد پئي گهڻو اڳي سلامتيون هون ساٿ جون،
الائي هاڻ ڇاجي لئه هي جڳ رُٺو آ شام جو!
ظهير زرداري
غزل
نينهن لائي ڇڏيم، دل اڙائي ڇڏيم،
ڪنڌ تنهنجي اڳيان هي جُهڪائي ڇڏيم.
پيار تنهنجو هُئو ڄڻ ته مون لئه ڪجل،
سِڪ منجهان پنهنجي اکڙين ۾ پائي ڇڏيم.
هن زماني ۾ دل ڪانه ٻئي سان لڳي،
تنهنجو نالو هِنئن تي لکائي ڇڏيم.
تنهنجي تصوير کي پنهنجي آڏو رکي،
يادگيرين سان سينو سجائي ڇڏيم.
پنهنجي سهڻي سان گڏجي گهمي اي ظهير،
حاسدن جا ته وڻ ئي وڄائي ڇڏيم.
ناءُ الله ”عتيق“ چنجڻي
غزل
ماڻهو مٺرا ياد اچن ٿا،
چاهت چپڙا ياد اچن ٿا.
مينديءَ ڌاران او محبوبا!
ڳاڙها ڪپڙا ياد اچن ٿا.
ڳوڙهن جون ڳالهيون ٿي ڇيڙين،
اَمرت ڇنڊڙا ياد اچن ٿا.
هاڻ ته منزل ٿي پيو آهيان،
پهريان پنڌڙا ياد اچن ٿا.
سنڌو لاءِ سيس ڏنائون،
ڪونڌر ڪنڌڙا ياد اچن ٿا.
پوپٽ بڻجي تو وٽ پهتس،
”خواب ـــ کنڀڙا“ ياد اچن ٿا.
تو بن ٿو تنهائي تاڻيان،
ڳالهيون ـــ ڳٽڙا ياد اچن ٿا! |