اهڙيءَ طرح هنن کيتن ۾ لاباري کان پوءِ ’وَلِ‘ کي
کَرَن تي پهچايو، ۽ کرن تي گڏ ٿيل ’وَلَ‘ تي هَلَر
هلائي، اُن کي ڳاهي، اَنَ کي، ڪکن پنن، ڪن ڪچري کي
صاف ڪرڻ لاءِ ۽ ’ڳاهه‘ کي اُڌڻڻ لاءِ هنن ’ڇَڄَ‘ ۽
’سُپَ‘ ٺاهيا، ۽ اُنهن جي مدد سان ڳاهه کي اُڌڻي
’اَنَ‘ کي صاف ڪيائون. اُن کان پوءِ صاف ٿيل
’اَنَ‘ (سارين جي حالت ۾) کي ’ڏَرَرڻ‘، ۽ ’ڇَڙَڻ‘
لاءِ ’ڏرڻيون‘ ۽ ’جَنڊيون‘ ٺهرايون. اهي ڪُنڀارڪي
ڪم جو حصو هيون. اَنَ (چانورن) کي ڇَڙَڻ لاءِ
’نِننگون’، ’مهريُون‘، ’اوکَريون‘ ۽ ’مُهرلا’
جوڙيائون. چانورن ۽ ڪڻڪ کي پيهي اٽو حاصل ڪرڻ
لاءِ، هنن پٿر جا جنڊ گهڙيا.
اناج کي ڏرڻ، ڇڙڻ، اُڌڻڻ ۽ پيهڻ لاءِ جيڪي اوزار
يا جيڪو سامان ڪم آندو ويندو هو، تن جو ’ديوتا
سمان‘ (ديوتا وانگر) احترام ڪيو ويندو هو، ۽ اُن
کي عزت ڏني ويندي هئي. اُن سامان (اوزارن) کي صاف
۽ پاڪ جاءِ تي رکيو ويندو هو.“ (14)
ڊاڪٽر ٺڪر اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:
’ايکاڻا’ نالي وارن انهن جشنن واري عرصي دوران،
سنڌوءَ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. سنڌوءَ جي جل جِي،
مٿي ڄانايل جشنن کان سواءِ، ڪنهن ٻار جي جنم، ڪنهن
جي شادي مراديءَ ۽ ڪنهن جي موت وارين رسمن لاءِ به
سنڌوءَ جي جل جي پوڄا ڪئي ويندي هئي.“(15)
اسان کي اهو به معلوم آهي ته سنڌ مان لڏي ويل هندو
ماڻهن مان ڪيترن ئي پنهنجي موت کي اڳ، اها وصيت
ڪري ڇڏي هئي ته سندن مرتئي کان پوءِ، سندن ’رَکَ’
کي ’دريا شاهه‘ يعني سنڌوءَ ۾ ’سرڻ’ ڪيو وڃي. اسان
کي اهو به معلوم آهي ته جڏهن دنيا جي ڪنهن به حصي
کان ڪوبه سنڌي هندو، سنڌ گهمڻ ايندو آهي، تڏهن
واپس وڃڻ وقت هُو پاڻ سان سنڌو دريا جي پاڻيءَ جي
’امرت ڌارا‘ طور، بوتل ڀري، پاڻ سان پنهنجي ملڪ
کڻي ويندو آهي، جتي رهندڙ سڀني سنڌين ۾ هو اُها
’امرت ڌارا‘ تبرڪ طور ورهائيندو آهي، بلڪل ائين
جيئن سڄيءَ دنيا جا مسلمان، عُمري يا حج تان موٽڻ
کان پوءِ ’زم زم جو پاڻي‘ آڻيندا آهن، ۽ اُهو
دوستن احبابن ۽ رشتيدارن ۾ تبرڪ طور ورهائيندا
آهن.
8 ـــ منهنجو اهو پنهنجو تجربو ۽ ذاتي مشاهدو به
آهي ته سنڌ ۾ اڳي، خصوصاً لاڙ واري حصي ۾، ڪوٽڙي
براج جي شروع ٿيڻ کان اڳ، ويساک جي ميهين ۾، جڏهن
واهن ۾ نئون پاڻي وَهي ايندو هو، تڏهن اُنهن واهن
جي ڪنڌين تي اَڏيل ڳوٺن وٽ، جڏهن اهو نئون وَهي
آيل پاڻي پهچندو هو، يا اُنهن ڳوٺن وٽان اُهو
’امرت‘ لانگهائو ٿيندو هو، تڏهن اُنهن ڳوٺن جا
رهواسي، دُهلن ۽ شرناين سان، هڪ هڪ کن ميل پنهنجي
ڳوٺ کان مٿڀرو وڃي، نچندي ٽپندي، ڳائيندي
وڄائيندي، نئين وَهي آيل ڌارا کي ڳارائي وڄارائي،
پنهنجي ڳوٺ وٽان مَٽائي، ڪافي پنڌ تائين اڳڀرو
يعني هيٺ، ويندا هئا، جتي ٻئي ڳوٺ وارا، واهه ۾
آيل ’جل‘ جي آجيان واري جلوس سان تيار بيٺا هوندا
هئا، ۽ ساڳيءَ طرح سان دُهلن دمانن سان، اُهي به
’امرت ڌارا‘جي آجيان ڪري، ڳائيندا وڄائيندا، نچندا
۽ ٽپندا، اُن کي اڳتي، يعني هيٺئين ڳوٺ ڏانهن
اُماڻيندا هئا يا لانگهائو ڪندا هئا.
اُنهيءَ ساڳئي ڏينهن صبح / شام جو، اُنهن ڳوٺن جون
عورتون، واهه جي تڙ تي وڃي، نئين وهي آيل امرت
ڌارا جي آجيان ڪنديون هيون؛ اُن ۾ ’اکا‘ وجهنديون
هيون؛ اُن کي چنبيليءَ، کٿوريءَ ۽ ٻيءَ خوشبوءَ
سان واسينديون هيون. ’اکن‘ ۾ ڏونگيءَ سان گڏ
ايلاچيون، لؤنگ، مصري ۽ پتاشا شامل ڪنديون هيون.
جيوت جي انهيءَ سهاري، يعني ’امرت ڌارا‘ (پاڻي) جي
واهن ۾ وَهي اچڻ ۽ اُن جي اهڙي طريقي سان آجيان،
دراصل ’جل پوڄا‘ جي علامت يا خود ’جل پوڄا‘ سمجهي
ويندي هئي. ’جل پوڄا‘ جي لاءِ خاص عقيدو اِهو
هوندو آهي، ته جَل، ’امرت ڌارا‘ آهي؛ ’جل‘، جيوت
لاءِ امرت يعني سهارو آهي؛ ’جل‘، زندگيءَ لاءِ،
اُپائڻهار طرفان عطا ٿيل هڪ اُها نعمت آهي، جيڪا
زندگي وڌائي ٿي، عمر کي وڏو ڪري ٿي، ۽ بيمارين ۽
پيڙائن کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿي.
9 ـــ سنڌ ۾ جل پوڄا، دراصل ’درياء پير‘ جي پوڄا
جي علامت آهي. پروفيسر لال سنگهه اُجواڻي، پنهنجي
ڪتاب، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌ ۾ ’ورڻ ديوتا‘ (درياء شاهه) جي پوڄا، سڀ کان
وڌيڪ ڪئي ويندي آهي، ۽ اِهائي اُن جي مکيه لوڪ ڪٿا
آهي. درياء پير کي ’اُڏيرو لال‘ چوندا آهن. اُڏيري
لال جو جنم، چيٽ مهيني جي پهرينءَ تاريخ، چنڊ رات،
سنبت 1007 يعني 950ع کان 951ع ۾، نصرپور ۾ ٿيو.
چون ٿا ته ’ورڻ ديوتا‘، نصرپور ۾ ’رتڻ راو لوهاڻي‘
۽ سندس پتورت زال ديوڪيءَ جي گهر ۾ اوتار ڌارڻ
ڪيو.“ (16)
اُڏيري لال جو ميلو، هر سال، چيٽ جي مهيني جي
پهرينءَ تاريخ (چنڊ رات) کان شروع ٿيندو آهي، جنهن
۾ هندن کان سواءِ مسلمان پڻ هزارن جي تعداد ۾ شريڪ
ٿيندا آهن.“(17)
سنڌ ۾ اها هرهڪ کي خبر آهي ته ’درياء پير‘ يعني
’جل ديوتا‘ کي مسلمان ’خواجه خضر‘ يا ’زنده پير‘
جي نالي سان ڪوٺيندا آهن، جڏهن ته هندو قومون اُن
کي ’درياء پير‘ ڪوٺين، ۽ هندو ماڻهو عام طور ’دريا
پير‘ کي ’اُڏيرو لال‘ ڪوٺيندا آهن. اُڏيري لال جي
مزار يا اُن جو آستان ٽنڊي آدم کان، حيدرآباد واري
رستي تي، ٽنڊي آدم کان پنج ميل اورتي آهي. ميلي
يعني ڏهاڙي واري جشن وقت، هندو ماڻهو لال جا پنجڙا
ڳائين، ڇيرون وجهن ۽ ’جهولي لال، جهولي لال‘ گڏجي
چون. اُڏيرو لال، سنڌ جي مهاڻن، ميربحرن، ناکوئن،
ٻيڙياتن ۽ سامونڊين لاءِ هڪ درويش ۽ ولي آهي. (18)
ڊاڪٽر ٺڪر جو به اِهو رايو آهي ته:
”عام طور ائين مڃيو ويندو آهي ته درياء پير، جيڪو
ڪائنات جو خالق به آهي، جيڪو سنڌو درياء ۾، پاڻيءَ
اندر رهندو آهي، سو هن سار ڪائنات/ جڳ کي، ڪنول گل
جي وسيلي، زندگي (جيوت) بخشيندو آهي. سنڌو تهذيب
وارا ماڻهو ائين به سمجهندا آهن ته درياء پير،
سيلاب جي مدد سان، کيتن کي زرخيز ڪندو آهي، ۽ ٻوڏن
جي وسيلي، ڳوٺ ۽ بستيون تباهه ڪندو آهي.“ (19)
پروفيسر لال سنگهه اجواڻيءَ، دلوراءِ جي نگريءَ جي
سروناس جي ڪٿا جو واسطو، سنڌو درياء جي وهڪري سان
ڏيکاريو آهي. هن جي خيال موجب، دلوراءِ جي نگريءَ
وٽان، سنڌو درياءَ طرفان پنهنجو وهڪرو ڦيرائڻ جي
خاص سبب دلوراءِ جي ظلمن جا داستان هئا. (20)؛
گويا ’درياء شاهه جي ناراص ٿيڻ سبب، سنڌو درياء،
دلوراءِ جي نگريءَ (برهمڻ آباد) وٽان، پنهنجو
وهڪرو ڦيرائي، ٻئي پاسي کان وَهڻ لڳو. (21)
ڊاڪٽر ٺڪر ’جل پوڄا‘ جي باري ۾ لکي ٿو:
”سنڌو درياء جي ’جل‘ ۽ ’جوت‘ جي روپ ۾ هميشه پوڄا
ڪئي ويندي هئي. گهڻو زمانو اڳ، ’جل ديوتا‘ جو،
انسان جي روپ ۾ طهور ٿيو. اُن جو هو ظهور ’خواجه
خضر‘ (زنده پير) يا ’درياء پير‘ يعني ’اڏيرو لال‘
جي شڪل/ صورت ۾ نظر آيو. مسلمانن اُن کي ’خواجه
خضر‘ (زنده پير) سڏيو ۽ سندن اُن کي ’درياء پير‘
يا ’اُڏيرو لال‘ نالو ڏنو (22).
ماڻهن جو اِهو به عقيدو آهي ته ’درياء پير‘، مڇيءَ
تي سوار ٿي، ڪنول جي گلن سان سٿيل پاڻيءَ تي ترندو
آهي.(22)
10 ـــ شايد درياء پير جي مڇي تي سواري ۽ ڪنول جي
گُلن سان سٿيل پاڻيءَ مٿان ترڻ واري سبب جي ڪري
ئي، سنڌي تهذيب ۾ ڪنول جي گلن ۽ مڇيءَ کي به بڪرت
۽ واڌاري واري سئوڻ (Significance)
سان نسبت ڏني ويندي آهي. مڇي، سنڌي تهذيب ۾ ’وڏيءَ
عمر‘ (Longetivity)
۽ ’رزق يا روزيءَ ۾ برڪت ۽ اضافي‘ جي علامت سمجهي
ويندي آهي. مڇيءَ جو واسطو به ’درياء پنٿي‘
ڪرياڪرمن سان آهي، جيتوڻيڪ، اُڏيري لال جي ميلي جي
موقعي تي ’رتوڇاڻ‘ڪري يعني مڇي ۽ گوشت جي واهپي تي
عقيدي موجب بندش هوندي آهي.
ڊاڪٽر ٺڪر جي اها دعويٰ ته درياء پير مڇيءَ تي
سوار ٿي، ڪنول جي گلن سان سٿيل پاڻيءَ مٿان ترندو
آهي، اُن دعويٰ جي تصديق درگاهه اندر ديوارن تي
ڪڍيل تصويرن ۽ ٻيءَ چترڪاريءَ مان ٿئي ٿو. درگاهه
اندر ٿيل چترڪاريءَ ۾، درياء پير کي، مڇيءَ تي
سواري ڪندي، ڪنول جي گلن سان ڀريل پاڻيءَ مٿان
ترندي ڏيکاريو ويو آهي. مون، اِهي تصويرون جڏهن
مرحوم ڊاڪٽر مهڪريءَ کي ڏيکاريون، تڏهن هُو وڏيءَ
سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ پوءِ سنڌو تهذيب جي مٿالاجيءَ
جي مٿاهين پڊ واري هجڻ جا ڍُڪ ڀرڻ لڳو.
شايد، درياء پير جي مڇيءَ تي سواري ڪرڻ واري علامت
جي ڪري ئي، سنڌ جي ڪترين ئي درگاهن سان، مڇيءَ جو
ڪنهن نه ڪنهن طرح سان واسطو رهندو اچي؛ مثال طور:
(1) مڪليءَ تي مخدوم آدم نقشبنديءَ جهڙي برگزيده
عالم ۽ فاضل جي ڏهاڙي (عرس) جي موقعي تي، حاضرينن
۽ زيارت لاءِ آيل ماڻهن ۾، مڇي ۽ ڳاڙهن چانورن جي
اٽي جي ماني، تبرڪ طور ورهائيندا آهن.
(2) جاتيءَ ۾، درويش مغل ڀينءَ جي درگاهه تي،
بيشمار ٻليون هيمشه موجود رهنديون آهن. انهن ٻلين
۽ درگاهه جي فقيرن ۽ حاضر مريدن توڙي زيارتين
لاءِ، جاتي شهر جا ماڻهو، پنهنجن گهرن مان، نذر ۽
نياز طور، تازي مڇي يا مڇيءَ جو ڪو طعام پيش ڪندا
آهن. درگاهه تي مڇي نه موڪلڻ، جاتي جي شهر وارن
لاءِ بدسئوڻ سمجهيو ويندو آهي.
(3) حيدرآباد سنڌ ۾ مدفون ڪلهوڙي حاڪم، ميان غلام
شاهه جي مزار تي ڪيل سکا لاهڻ لاءِ، درگاهه تي
حاضر ماڻهن ۾ مڇي ۽ ماني نياز طور وهائي ويندي
آهي.
اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ جل ديوتا جي پوڄا،
هندن توڙي مسلمانن ۾، اسماعيلي خواجن، مهاڻن،
ميربحرن، ماڇين، ناکوئن، ٻيڙياتن ۽ درياء سان
وهنوار رکندڙ قومن ۽ قبيلن ۾ عام طور جاري رهي
آهي. اِن ڏس ۾ محترم علي بابا جي پي ـــ ٽي ـــ وي
ڪراچيءَ تي نشر ٿيل ڊرامو ’دنگي منجهه درياء‘ دليل
طور ڏسڻ گهرجي. پنهنجي هن ڊرامي ۾ علي بابا، درياء
سان واسطو رکندڙ ريتين رسمن ۽ ڪريائن کي نمايان
ڪيو آهي.
11 ـــ منڇر ڍنڍ تي رهندڙ مهاڻن، يا کاري واري
ساحلي بستين ۾ رهندڙ گندرن، ونگرن، ماڱرن، مهاڻن،
ميربحرن، جتن ۽ ٻين ٻيڙياتن ۽ ناکوئن کان ورتل
انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جي جوابن ۾، هنن درياء پير
لاءِ صد احترام جو اظهار ڪيو. هنن ٻڌايو ته:
”هو جڏهن به پنهنجي نئين ٺهرايل ٻيڙي پاڻيءَ اندر
لاهيندا آهن، تڏهن هو وڏيون خوشيون ملهائيندا آهن
۽ جشن ڪندا آهن. هن موقعي تي هو درياء شاهه تي
باسيل باسون ۽ ڪيل سکائون پاکائون لاهيندا آهن ۽
مٺي ڀت جون ديڳيون لهرائيندا آهن اوسي پاسي جي
ڳوٺن ۾، برادريءَ وارن کي دعوتون ڏيندا آهن. وڏي
ڌام ڌوم، دُهلن ۽ دمانن سان سڄو ڏينهن جشن ڪندا
آهن؛ نچندا ۽ ٽپندا آهن. نئين ٺهرايل ٻيڙيءَ کي
جنڊين ۽ وائنٽين سان سينگاريندا آهن، ۽ پوءِ
دعائون گهري، هوڪاريندا، ’جهولي لال جا نعرا
هڻندا، اُن ٻيڙيءَ کي ڌڪيندا، پاڻيءَ ۾ لاهيندا
آهن.“ (24)
انٽرويو دوران، اُنهن ماڻهن اِيئن پڻ ٻڌايو ته مٺن
چانورن جون ديڳيون، درياء پير/ درياء شاهه جي صدقي
۾ لاٿيون وينديون آهن. اهڙيءَ طرح مهاڻا، ميربحر،
گندرا، ونگرا ۽ ٻيا ٻيڙياتا ۽ ناکوئا، اُڏيري لال
جي ميلي جي موقعي تي، اُڏيري لال جي درگاهه تي پڻ
سلام ڀريندا آهن ۽ مٺن چانورن جون ديڳيون لهرائي،
عام ماڻهن ۽ زيارتين ۾ ورهائيندا آهن.
1989ع ۾، ٽماهي ”مهراڻ“ جي جلد 4 ۾، صفحي 53 کان
60 تائين، منهنجو مقالو ڇيو هو. اُن مقالي جو
عنوان هو: ”سنڌ جي ڪن درگاهن جون رسمون ۽ اُنهن جو
مٿالاجيءَ جي روشني ۾ مطالعو“. اُن مقالي ۾ مون
سنڌ ۾ رائج ڪن ’ڌرمن’، ’پنٿن‘ ۽ اُنهن جي ‘ڪريائن‘
تي روشني وڌي هئي. اُنهن ڪريائن مان ’جل پوڄا‘ ۽
’جوت جي پوڄا‘ کان سواءِ ’درياء پنٿي ڪريائن’ ۾
’مڇيءَ کي جيوت لاءِ اهم سمجهڻ‘ ۽ اُن جو ’برڪت
وارو هجڻ‘ واري موضوع جي اهميت تي نشاندهي ڪئي
هئي. پڙهندڙن جي ياد تازي ڪرائڻ لاءِ، مذڪور مقالي
مان ڪي پئراگراف نقل ڪري هيٺ ڏجن ٿا:
(الف) جوت جي پوڄا جي باري ۾ صفحي 59 تي هيئن لکيل
آهي:
”جاتي شهر ۾، مغل ڀينءَ جي درگاهه تي دائما مچ
ٻرندو رهي ٿو. اِهو مچ هرگز وسائڻو نه آهي. هن مچ
کي ’جوت‘ به چوندا آهن. درگاهه جي مريدن جي عقيدي
پٽاندر، درگاهه جي صحن ۾ جوت دائما جلائڻي آهي ۽
هرگز وسائڻي نه آهي. جوت جو توصر ’نور‘ سان آهي.
اهائي جوت درياء پير، اُڏيري لال جي درگاهه تي به،
بهراڻي واري حصي ۾، مندر ۾، دائما جلندي رهندي
آهي، ۽ هرگز وسامڻ نه ڏبي آهي؛ لاٽ مان لاٽ ٻاري
ويندي آهي؛ البت اُڏيري لال واري ’جوت‘ ۽ ’درويش
مغل ڀينءَ واريءَ جوت ۾ فرق هيءُ آهي ته اُڏيرو
لال واري جوت ’ڏيئي جلائڻ‘ سان ورشن رهندي آهي،
جڏهن ته درويش مغل ڀينءَ جي درگاهه تي جوت، ’مچ‘
جي لاٽ مان نڪرندي آهي. بهرحال ’جوت’، ’جوت‘ آهي،
جنهن جي روشني دائما رهڻي آهي.“(25)
سنڌ ۾، شهرن توڙي ٻهراڙين ۾، ’نماز شام‘ (عوامي
لهجي ۾ ’نماشام‘ چون) مهل، بتي ٻارن تي، يعني ’نور
جي جوت‘ منور ٿيڻ تي، شڪراني طور، گهر جو هر ڀاتي،
پنهنجو ساڄو هٿ، پنهنجي منهن تان گهمائي، شڪر ڪندو
آهي، ۽ پوءِ جيئن هن کان اڳ سج جي سلام ڀرڻ لاءِ
عورت، ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر کي چمي، پوءِ اُن سان
نَڪَ کي ڇُهي، ۽ پوءِ نرڙ (پيشانيءَ) کي ڇهندي
آهي، بلڪل ائين، ’نور جي منور ٿيڻ مهل‘ ڪيو ويندو
آهي. اهو عمل اِن ڪري ڪبو آهي. جو عام عقيدو اهو
آهي ته ڏينهن جون چار ئي گهڙيون، اُن ئي مهل
پچاڻيءَ تي پهچنديون آهن، ۽ اوندهه کي ٽارڻ لاءِ،
جوت جي روشني، ساري ماحول کي روشن ڪندي آهي.
(ب) ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل منهنجي ساڳئي مقالي ۾،
صفحي 59 تي ’جل پوڄا‘ جي بار ۾ هيئن لکيل آهي:
”اُڏيري لال کي سنڌ جا هندو (پوءِ چاهي اُهي دنيا
جي ڪهڙي به حصي ۾ لڏي ويا هجن) ۽ مسلمان، ’درياء
پير‘ ڪوٺيندا آهن. سنڌ جا ’درياء پنٿي’، چيٽي چنڊ
(چيٽ ميهني جي شروع ٿيڻ واري رات) تي هت وڏو ميلو
لڳائيندا آهن ۽ هن ميلي کي ’جاٽ’ سڏيندا آهن. هن
ميلي جي موقعي تي هزارن جي تعداد ۾ هندو ۽ مسلمان،
’جاٽي‘، اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ پير جي ’جاٽ‘ ڪندا
آهن. هندن طرفان ست سنگ ۽ ڀڄن ڀاو جو بندوبست ڪيو
ويندو آهي، درياء پير جي علامت طور ’بهراڻا‘ ڪڍندا
آهن. ڇيڄ جو ناچ ڪندا آهن ۽ پير جا پنجڙا ڳائيندا
آهن ۽ ’جهولي لال، جهولي لال‘ جا هوڪرا هڻندا آهن.
هندو جاتيءَ وارا ’جل ۽ جوت‘ جي پوڄا ڪندا آهن.
انهيءَ پوڄا ۽ پاٺ کي، ۽ درياء پير جي انهيءَ
’ياترا‘ کي، سنڌي هندو، مذهبي عقيدي وچان ’جاٽ‘
يعني ياترا سڏيندا آهن، جنهن جو درجو هو تمام گهڻو
اُتم سمجهندا آهن.“ (26).
هن مقالي ۾ اڳتي ڄاڻايل آهي ته:
”جيئن مٿي چيو ويو آهي ته هن ميلي جي موقعي تي،
سنڌو درياء ۽ منڇر ڍنڍ تي رهندڙ مهاڻا ۽ ٻيڙياتا،
پنهنجن ٻچن ٻارن سميت سلام ڀرڻ ايندا آهن؛ مٺن
چانورن جون ديڳيون لهرائيندا آهن، ۽ درياء پير تي
نذر ۽ نياز ڏيندا آهن، خير خيراتون ڪندا آهن ۽
ايندڙ سال لاءِ خير ۽ برڪت جون دعائوپن گهرندا
آهن. انهيءَ موقعي تي، هندو ماڻهو جل جي پوڄا ڪندا
آهن، ۽ اُن ۾ اکا وجهندا آهن ۽ ڏيئا ٻاريندا آهن.
اُڏيري لال واري آستان تي، اندرئين طرف، هڪ کوهه
آهي، جنهن جي پاڻيءَ کي هندو جاتيءَ جا ماڻهو،
امرت ڌارا سمجهي، اُن جي پوڄا ڪندا آهن.“ (27)
سنڌ ۾، جل پوڄا جي رسم، قلندر شهباز جي درگاهه جي
رسمن مان به هڪ آهي. لال باغ تي، لال جا ملنگ ۽
جاٽي، سڄي رات، هستيءَ ۽ مستيءَ توڙي وجد جي ڪيفيت
۾ گذاريندا آهن. اُتي ماڻهو، جل جي پوڄا ڪندا آهن.
اهڙيءَ طرح انهيءَ آستان کان اڳتي، ساڳئيءَ واٽ
تي، ڪجهه مفاصلي تي، ’نئنگ جي چشمن‘ مان وهندڙ
’جل‘ (پاڻي) کي لاهوتي فقير، جوڳي، سامي ۽ ملنگ،
عزت ۽ احترام وچان، چشمن (اکين) تي لائيند آهن.“
(289
12 ـــ لطيف سائينءَ جو ڪلام، سنڌي تهذيب ۽ تمدن
جو علمبردار آهي. اُن ۾ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي
سڀني پهلوئن تي بيشمار بيت شامل آهن ڊاڪٽر شاهه
نواز ’سوڍر! جي ڊاڪٽوريٽ لاءِ لکيل مقالو، هن
سلسلي ۾ هڪ بهترين تحقيق آهي. اهڙيءَ طرح هن ڏس ۾
ٻيا به لاجواب مقالا لکيا ويا آهن.
شاهه لطيف جي رسالي جي سر سامونڊيءَ ۾، جل پوڄا جي
باري ۾، 5 بيتن ۽ هڪ وائيءَ ۾ وستار ڪيل آهي (29)،
پر ڄڻ ته ڪوزي ۾ درياء/ سمنڊ کي بند ڪيو ويو آهي.
اهي بيت، سنڌي تهذيب جي ’جل پوچا‘ واري باب لاءِ
وڏو ثبوت پيش ڪن ٿا. وڻجارن جون وهون ۽ ونيون،
وڻجارن جي سامونڊي سفر تي اُسهڻ کان اڳ ۽ اُنهن جي
خير سلامتيءَ واري سفر ۽ سک سلامتيءَ سان واپس ورڻ
لاءِ، بندرن جي ڪنارن تي وڃي، درياء شاهه تي
سکائون پاکائون ڪنديون هيون، منتون، مڃينديون
هيون، ۽ جل جي پوچا ڪنديون هيون. شاهه سائينءَ،
وڻجارين کي سندن اُنهن سکائن جي پورائي ڪندي، جل
جي پوڄا ڪندي، اُن ۾ اکا وجهندي، ڏيئا موهيندي،
کٿوريءَ ۽ سرکنڊ جي خوشبوءَ سان اُنَ کي واسيندي
ڏيکاريو آهي. لطيف، پنهنجي هن سُر ۾ اهڙا چٽ چٽيا
آهن ۽ اهڙا منظر پيش ڪيا آهن. جن وڻجارين طرفان
سستيءَ، لاپرواهيءَ ۽ مڃيل سکا جي پوري ڪرڻ جي
سلسلي ۾، ۽ جل جي پوڄا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي، ۽
لاپرواهيءَ کان ڪم ورتو ويو، انهن لاءِ شڪ، ڀرم،
سنسي ۽ وسوسي جي وارتا بيان ڪئي آهي. اهڙين سست،
لاپرواهه ۽ ڪوتاهي ڪندڙ وڻجارين کي، جل جي پوڄا
ڪرڻ جي يادگيري ڏياريندي ۽ کين هدايت ڪندي لطيف
فرمايو ته:
جا جر جاٽون نه ڌي، ڏيئا نه موهي
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون (30)
اُن زماني ۾ سنڌ جا وڻجارا، اڃا اُتر جون هوائون
لڳڻ شروع ئي مس ٿينديون هيون ته پنهنجي ٻيڙن جا
سڙهه سنوان ڪندا هئا ۽ پنهنجا واهڻ هاڪاري، وڃڻ
جون تياريون ڪندا هئا، ۽ وَهن کان موڪليندا هئا، ۽
وري جڏهن واهوندا ورندا هئا، تڏهن اُهي سامونڊي،
سفر تان موٽندا هئا. هن ساري ماحول جي منظر، لطيف
سرڪار هيئن چٽيو آهي:
اُتر لڳي اوهريا، واهوندن ورن
13 ـــ سنڌ جا وڻجارا، پنهنجا واهڻ سنڌو درياء جي
بندرن، يا درياء جي ڇاڙن ۽ سامونڊي کارين جي ڪنڌين
۽ ڪنارن تي واهڻن لاءِ ٺهيل ڌڪن، ۽ سامونڊي کارين
تي آباد شهرن ۽ بندرن تان پرڏيهين (لنڪا، چين
جاوا، سوماترا، مالديپ ۽ سرانديپ ۽ ايراني نار
وارن شهرن) لاءِ اُسهندا هئا. هُو درياء جي شاخن
يعني پراڻ، مهراڻي، گونگڙي، بگهاڙ ۽ هاڪڙي نديءَ
جي ڪنارن تي قائم، قديم دريائي بندرن ۽ واپاري
شهرن جهڙوڪ: نُهٽو، رتوڪوٽ، پاري ننگر، ونگو پتڻ،
باغ جو پتڻ، ٻنگهار جو سهر، جوڻ، فتح باغ، آڳڙيءَ
جو شهر (جسوڌڻ آڳڙي جي گاديءَ وارو شهر)، ماهم تور
(محمد طور)، ڍنڍي، ملان ڪاتيار، ڏاڏواهه، ميران
پور، رڙي، ميرپور بٺورو، ننگر ٺٽو ۽ سامونڊي کارين
تي سنڊو بندر، شاهه بندر، اورنگا بندر، ديرو، لاڙي
بندر، جاکي بندر، ڪيٽي بندر، هميت جو بندر،
راهموڪي بازار، علي بندر ۽ سنڌڙي بندر، نالي وارا
بندر هوندا هئا، جتان وڻجارا پنهنجا واهڻ بهاڪاري،
کارو کيڙڻ لاءِ، ست سمنڊ پار ويندا هئا. اڄ به
انهن جي اولاد مان ڪي مالديپ، سري لنڪا (سرانديپ)
ملبار جي ڪناري وارن شهرن کان سواءِ جاوا،
سوماترا، عدن، بحرين، بصري، اورماڙي ۽ آفريڪا ۾
آباد آهن.
شاهه لطيف جي هن بيت مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته
وڻجارن جا واپاري ڌڪا، سامونڊي ساحل کان سواءِ،
دريا جي بندرن تي پڻ هوندا هئا؛ مثال طور:
کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا،
سوڌو ڪن نه سونَ جوِ، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوچي آئيا.
14 ـــ مٿي چيو ويو آهي ته وڻجارن جي سفر تي اُسهڻ
کان اڳ يا سفر تان موٽڻ کان ڪجهه عرصو اڳ يا سفر
تان موٽڻ تي، وڻجارن جون وَهون، بندرن تي وڃي،
درياء شاهه (جل) جي پوڄا ڪنديون هيون؛ پاڻيءَ ۾
اکا وجهنديون هيون؛ ڏيئا موهينديون هيون. پر
جيڪڏهن وڻجارن واپس وارڻ ۾ دير ڪئي، ته پوءِ اُهي
زائفائون، درياء جي ڪنڌين تي وڃي، وڻجارن جي خير
سلامتيءَ سان واپس ورڻ لاءِ، باسون باسنديون هيون
۽ سکائون ڪنديون هيون. لطيف سائين سر سامونڊيءَ ۾،
وڻجارين جي انهيءَ ڪريا ۽ پاڻيءَ جي پوڄا جو جيڪو
نقشو چٽيو آهي، سو سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو هڪ اهم
بابت آهي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
(1) وڻجارن، واپس ورڻ ۾ دير ڪئي؛ سندن ونيون ۽
وَهون، اُنهن جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ پريشان آهن؛
هُو سامونڊين جي هر واٽ تي ڏيئا پيئيون ٻارين؛
لطيف سائينءَ اُنهن جي باري ۾ هيئين فرمايو آهي:
جر تڙ ڏيئا ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وائنٽيون
الله ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان (31)
(2) پنهنجي ور جي واپس ورڻ لاءِ باسيل باس جي پوري
ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ، يا سست، لاپرواهه ۽ ڪاهل
وڻجاري، جيڪا پنهنجي وڻجاري جي خير سلامتيءَ سان
جلدي واپس ورڻ لاءِ جل پوڄا نٿي ڪري، پاڻيءَ جي
اکا نٿي وجهي، ڏيئا نٿي موهي، دعائون نٿي گهري،
سمنڊ ۾ ترڦل، ڦوٽا، سرکنڊ ۽ کٿوري نٿي وجهي، تنهن
لاءِ لطيف سائينءَ هيئن ٿو فرمائي:
جا جر جاٽون نه ڏي، ڏيا نه موهي
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون (32)
(3) بندر تي وڻجارن جي اوسيئڙي ۾، آسائتين وڻجارين
جي پوڄا جو منظر لطيف سرڪار هيئن چٽيو آهي:
اُڀيون تڙ پوڄين، وَهون وڻجارن جون،
آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي (33)
(4) وڻجارا خير ۽ سلامتيءَ سان موٽي آيا آهن؛ سندن
وَهون ۽ وَنيون ڏاڍيون خوش آهن؛ هو خوشيءَ وچان
کليو چون ٿيون:
جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄارا پوڄئا
پُنيم اُميدون، سيئي سڄڻ آئيا (34)
سنڌ جي وڏي لطيف شناس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب
طرفان، ايڊٽ ڪيل شاهه جي رسالي جي سر سامونڊيءَ ۾،
شاهه صاحب طرفان چيل هڪ وائيءَ ۾، وڻجاري کي جل
پوڄا ڪندي، هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
تڙ نهاريان تي، منهنجا بندر وئڙا جي،
مان سڙهه سڃاڻان سڄڻين.
وڻ ٽڻ ٻڌي وائنٽيون، جر تڙ ڏيا ڏي،
کٿوري سمنڊ کي، آڻيو اکا ڏي
آسائتي آهيان، الله ڪانڌ اچي (35)
محترم غلام محمد شهواڻي، پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي
رسالي، سُر سامونڊيءَ جو مضمون، هنن لفظن ۾ ٿو
سمجهائي:
”هن سُر ۾ وڻجارن جي وَهن جو احوال عمدي پيرايي ۾
ڏنل آهي. شاهه جيڪو ذات جي جذبن ۽ اُمنگن جو نقش،
هت ويهي چٽيو آهي، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته سفر ڪندي شاعر، اکيون اُپٽي ۽ ڪَنَ کولي ماحول
جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪندو پئي ويو. ڪراچيءَ
جي لاڙ حصي جو، مغل ڀينءَ وٽ جيڪو سامونڊين جي
وڇڙيل وَهُن ۽ مُنڌل مُنڌن جو حال هن اکين سان ڏٺو
هو، تنهن جي هِن سُرَ ۾ چٽي تصوير نڪتل آهي.
وڻجارين جي من جو مونجهارو، اندر ۾ اُٿندڙ ۽ پل پل
پوندڙ پورَ، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ آگي اڳيان
التجائون، سندن صحيح صلامت واپس ورڻ لاءِ قسمين
قسمين حيلا ۽ تپشيائون، تڙن تي ورن ورڻ لاءِ
اوسيئڙو ۽ انتظار ڪرڻ، بندر تي ناکئن کان پڇائون
ڪرڻ، پيرن تي پڙ باسڻ، درياء تي اکا پائن، چؤواٽن
تي ڏيئا ٻارڻ وغيره، اِنهن سڀني جو نهايت دلسوز ۽
رقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي.“ (36)
حاصل مطلب ته اِهي ۽ اهڙا ٻيا سوين، بلڪ هزارين
نڪتا لطيف سائينءَ جي رسالي جي مختلف سرن ۾،
اشارن، ڪتابن، استعارن، تشبيهن، تمثيلن ۽ علامتن
طور بيان ٿيل آهن. جيتوڻيڪ هن کان اڳ لطيف جي ڪلام
جي روشنيءَ ۾ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ محققن،
معياري ۽ معلوماتي محنت ڪئي آهي، ۽ تحقيقي مقالي
لکيا آهن پر جيئن مون شروع ۾ عرض ڪيو آهي ته سنڌ
جي ثقافت، گهَڻ ــــ پهلوئين ثقافت آهي، اهڙيءَ
طرح سنڌ ۾ قديم زماني کان ڌار ڌار پنٿن، ڌرمن، متن
۽ مذهبن کي مڃڻ وارو عنصر اڄ به ڪنهن نه ڪنهن
ڪرياڪرم جي وسيلي، متواتر، سڌيءَ طدرح يا اڻسڌيءَ
طرح، ظاهر ۾ يا لڪل نموني، جاري آهي.
جل پوڄا، سنڌي ثقافت جو هڪ اهم باب آهي، جنهن تي
اڃا به تفصيلي تحقيق جي ضرورت آهي.
حوالا
(1) روحل فقير جو ڪلام
(2) Asko Parpola and Simo Parpola, Further
Progress in Indian Script Decipherment,
Copenhagen, Scandinavian Institute of Asian
Studies, 1970, p. 33.
(3) تاج صحرائي: سنڌو تهذيب، دادو، کيرٿر پبلشرز،
1989ع، ص 9
(4) ايضاً، ص ص 144 ۽ 145.
(5) ايضاً، ص 145.
(6) ايضاً، ص ص 140 ۽ 141.
(7) John Marshal, Sir, Mohen- jo- Daro and Indus
Civilization.
(8) Riaz Siddiqui, Dr. Archaeology of Pakistan,
Indus Publications, 1994, p. 55.
(9) Ibid
(10) ڏسو حوالو 3، ص 14.
(11) ايضاً، ص 108.
(12) Thakur, U.T, Dr., Sindhi Culture, Bombay
University Publication, Sociology series, No:
9,1959,pp. 19 & 20.
(13) Ibid
(14) Ibid, p. 192
(15) Ibid
(16) لعل سنگهه اجواڻي، پروفيسر: سنڌي ادب جي
تاريخ، ص 34.
(17) Allana G.A, Sindhi Culture, Karachi, Indus
Publication, 1986, pp. 59, 70 & 80.
(18) Ibid
(19) See ref: No: 12
(20) ڏسو حوالو نمبر 16، ص 38.
(21) ايضاً
(22) See ref: 12
(23) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: مقالو: سنڌ جي ڪن
درگاهن جون رسمون ۽ اُنهن جو ميٿالاجيءَ جي
روشنيءَ ۾ مطالعو، ٽماهي مهراڻ، 1989ع، نمبر 4، ص
56.
(24) ذاتي طور ورتل انٽرويو، جيڪو سنڌالاجيءَ ۾
موجود هو.
(25) ڏسو حوالو نمبر 23، ص 59.
(26) ايضاً
(27) ايضاً
(28) ايضاً
(29) غلام محمد شهواڻي: شاهه جو رسالو، حيدرآباد،
آر. ايڇ. احمد ۽ برادرس، 1950ع، ص ص 259 ۽ 366.
(30) ايضاً
(31) ڏسو حوالو نمبر 28، بيت 22.
(32) ايضاً، بيت 23.
(33) ايضاً، بيت 18.
(34) ايضاً، بيت 19.
(35) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: محقق ۽ شارح، شاهه
جو رسالو/ شاهه جو ڪلام، جلد 2، شاهه عبداللطيف ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه/ حيدرآباد، 1992، ص ص
442 ۽ 444
(36) ڏسو حوالو نمبر 28، ص 239.
دين محمد ڪلهوڙو
سنڌي لفظن جو لساني جائزو
ٻوليءَ جي سرحد: ”علمِ لِسان“، ٻوليءَ متعلق
سائنسي علم آهي، جنهن تي اسان وٽ ايڏو وڏو ڪم آڃا
نه ٿيو آهي. جو ڪجهه ٿيو آهي، اُهو اڃا ابتدائي
مرحلن ۾ آهي. اسان جا پڙهيل لکيل ماڻهو گهڻو ڪري
علم کان پوريءَ ريت واقف به نه ٿي سگهيا آهن، ته
آخر هن علم جو مقصد ڇا آهي ۽ هيءُ سماج ۾ ڪهڙو ڪم
ڪرڻ چاهي ٿو؟ هن علم جون سرحدون ڪيستائين ڦهليل
آهن؟ اهڙا ڪيئي سوال آهن، جي لکيل پڙهيل ماڻهن
واتان ٻُڌجن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات جو هر موضوع دلچسپيءَ کان
خالي نه آهي. اِها دلچسپي، گهڻو ڪري هن علم جي
عالمن، ماهرن ۽ محققن جي اختلافن ۽ ٽڪرائن جي
نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي اِها خصوصيت
چئجي يا خوش نصيبي جو هن ۾ هڪ ته ڌارين لفظن کي
پنهنجو ڪرڻ جي قوت سمايل آهي، ٻيو ٻين غريب ٻولين
کي پنهنجا لفظ اُڌاري طور به ڏئي ٿي، ۽ ٽيون ته
سُرن ۽ آوازن جو هڪ وسيع ۽ ڀرپور نظام رکي ٿي، جو
شايد ٻين ٻولين ۾ اهڙو نه هجي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’گئنس‘ ۽ ’گؤنس‘ ٻه اهڙا لفظ آهن،
جن جي معنا ته ساڳي آهي پر سماج ۾ اُنهن جي سڃاڻپ
۽ ماحول الڳ الڳ آهي. اُنهن ٻنهي لفظن جي معنا
آهي: ’نقصان، هٿ چراند، شرارت، تڪليف، چُرچ’
وغيره. لفظ ’کؤنس‘ خالص انسان ۽ حيوانن لاءِ
استعمال ٿئي ٿو ۽ لفظ ’گئنس‘ خاصل زرعي آباديءَ
لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم
جنس يا ڪنهن جانور کي تنگ ڪندو، ته چئبو: ’فِلاڻي،
فِلاڻي سان کؤنس ڪئي‘ يا چئبو: ’فِلاڻي جانور،
فِلاڻي جي پوک سان گئنس ڪئي. اهڙيءَ طرح لفظ
’کئنسيرو‘ يا ’کؤنسيرو‘ رڳو ماڻهوءَ لاءِ استعمال
ٿئي. چئبو: ’فلاڻو کئنسيرو آهي، يعني: هِن کي پاڙي
جو ڀرم به رکڻ نٿو اچي، جو وتي ٿو ماڻهن کي
رنجائيندو.
مطلب ته سماج ۾ ساڳيا لفظ هڪ ئي وقت ڪهڙيءَ ريت
الڳ ماحول، مزاج ۽ طبيعت رکن ٿا، تنهن جو تعلق
’علم لِسان‘، (Linguistics)
جي شاخ ’معنيات‘ (Semantics)
سان آهي. اهو هڪ دلچسپ بحث آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾
مونث ۽ مذڪر جنسون ڪيئن ٺهن ٿيون، جن جو تعلق لفظن
جي سرُن (Vowels)
۽ آوازن جي پڇاڙين سان آهي، جنهن کي علم لِسان ۾
’صوتيات‘ (Phonology)
يعني ’ٻوليءَ جي آوازن جو سائنسي علم‘ چئجي. مطلب
ته سماج ۾ اهڙو ڪوبه علم نه آهي، جنهن جي ڄاڻ
لِسانيات ۾ نه ملي، اهو ممڪن نه آهي. سماج ۾ ٻولي
ڪيئن ڊهي ۽ ٺهي ٿي ۽ ماڻهن جو هڪٻئي سان ڪيئن
رابطو رهي ٿو، ٻوليءَ جي اُنهيءَ سموري (Mechanism)
جو واسطو وري ”سماجي لِسانيات“ (Socio
Linguistics)
سان آهي. دراصل سنڌي زبان جي اها خوبي فطري آهي،
جا هوءَ پنهنجي دامن ۾ صدين کان سمايو بيٺي آهي.
سنڌي لفظن، سُرن ۽ آوازن جي پنهنجي قدامت، تاريخ ۽
ماحول آهي. اِنهن مڙني موضوعن تي ويهي طبع آزمائي
ڪبي، ته ڪيترائي ڪتاب تيار ٿي سگهن ٿا. هن مقالي ۾
گهڻو ڪري سنڌي زبان جي اهڙن لفظن جو لسانياتي
جائزو ورتو ويو آهي، جن تي اڳ ۾ لسانيات جي عالمن
۽ ماهرن پنهنجا رايا ڏنا آهن. مون به پنهنجي ناقص
نظر سان لفظن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جا لسانيات
جي پڙهندڙن لاءِ نئين سر بحث ڪرڻ موضوع کولڻ ۽ لکڻ
جي دعوت به ڏئي ٿي.
لفظ جي صوتِي ڪيفيت:
هر ٻوليءَ جو ايڪو ’لفظ‘ ٿئي ٿو، جو مختلف آوازن
مان جُڙي ٿو ۽ ٻين هم جنس لفظن سان ڳنڍجي جُملو
ٺاهي ٿو. لفظ مان نڪرندڙ آواز ٻن جزن يعني وينجنس
(Consonants)
۽ سُرن (Vowels)
تي مشتمل ٿين ٿا ۽ اهڙيءَ ريت ڪيترائي وينجن ۽
سُر، لفظن کي ٺاهي ٻوليءَ جي هڪ ڀرپور نظام کي
جوڙين ٿا. ’لفظ‘ جي معنوي طور تقطيع يا ڀڃ ڪبي ته
ان مان ’صوتيا‘ (Phonemics)
۽ ’صرفيا‘
(Morphenics)
نڪرندا. صوتيو اُن کي چئجي جو آوازن ۾ معنوي فرق
ڪري. جيئن:/ ڀَيڙو/ ۽ /ڀِيڙو/. اِنهن ٻنهي لفظن ۾
جيڪي آواز معنوي فرق پيدا ڪن ٿا سي آهن: /اَي
۽/اِي /تنهنڪري اِهي ٻيئي صوتيا سڏبا. ’صرفيا‘ وري
صوتين مان ٺهن. هڪ صوفيي ۾ هڪ صوتيو يا هڪ کان
وڌيڪ صوتيا به ٿي سگهن ٿا. هڪ صوتيي ۾ ’سادو لفظ‘
به ٿي سگهي ٿو ۽ ’پَدُ‘ (Syllables)
به، جو ٻئي ’سادي لفظ‘ سان ملي نئون لفظ ٺاهي ٿو.
جيئن: /جهَولڙو/ ۾ ٻه صرفيا [جهول] ۽ [ڙو] آهي.
پهريون سادو لفظ ۽ ٻيو پَدُ آهي. لفظ جو اِهو حصو،
جنهن جي اُچار مان ننڍا يا وڏا سُر نڪرن، تنهن کي
’پَدُ‘ چئجي. اِنهيءَ مختصر بحث مان خبر پوي ٿي ته
ٻوليءَ ۾ ’لفظ‘ جي وڏي اهيمت آهي، ڇاڪاڻ ته هِن
مان گهڻو ڪري هڪ جملي جو مفهوم به نڪري ٿو. جيئن:
ڳالهاءِ! گُهُم!، ڀَڄُ‘ وغيره.
لفظ جي تعريف ۽ تشريح:
لفظ، ٻوليءَ ۾ ڇو ۽ ڪيئن ٻيا ٻيا روپ وٺن ٿا،
تَنهن جو تعلق لسانيات جي شاخ ’صَرفيات‘ سان آهي،
جنهن کي تشڪيلات به چئجي. اِهو علم، لفظ جي مختلف
شڪيلن ۽ صورتن سان بحث ڪري ٿو. سنڌي زبان ۾ ”لفظ“
اُهو اُچاريل ايڪو آهي، جو اڪيلي سر ٻوليءَ ۾
بامعنا مستقل حيثيت رکي“
”لفظ“ جي تشريح ڪندي ڊاڪٽر علي نواز جتوئي، ’علم
لسان ۽ سنڌي زبان‘ جي صفحي 108 ۾ ملن ٿا:
”روزمره جي گفتگو ۾ اسين جيڪي لفظ ڪم آڻيون ٿا، تن
مان ڪي اهڙا هوندا آهن، جن جو روپ مختلف جملن ۾
ڦريو وڃي. مثال طور: لفظ/ بابت/ هميشه سڀني جملن ۾
انهيءَ روپ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، مگر لفظ /ڇوڪرو/ ڦريو
ڪيترائي روپ وٺي ٿو، جيئن:
1 ــــ ڇوڪرو اچي ٿو، 2 ــــ ڇوڪرا اچن ٿا، 3 ــــ
ڇَوڪري کي نه مار، 4 ـــ ڇوڪرن کي نه مار، 5 ـــ
ڇوڪري اچي ٿي، 6 ـــ ڇوڪريون اچن ٿيون، 7 ـــ
ڇوڪريءَ کي نه مار، 8 ـــ ڇوڪرين کي نه مار.
مٿين جملن ۾ /ڇوڪرو /لفظ جون ۽ ٻيون 7 صورتون ڏسڻ
۾ اچن ٿيون ازنسواءِ ڪيترا اهڙا لفظ هوندا آهن، جي
ٻوليءَ ۾ پنهنجي سر مستقل الڳ حيثيت رکن ٿا، مگر
ٻين لفظن مان ٺهيل هوندا آهن، مثلاً: لفظ /وڏائي/
سنڌي زبان ۾ پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو مگر لفظ
/وڏو/ مان ڦٽي نڪتو آهي. اهڙيءَ طرح /انيڪ دل/
پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ لفظ آهي جو ڪنهن ماڻهوءَ جي
گڻ کي ظاهر ڪري ٿو، مگر پنهنجي جوڙجڪ ۽ ٻن لفظن
/نيڪ / ۽ دل/ جو مرڪب آهي.“
”لفظ“ متعلق لِسانياتي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا
جن ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ۾ لکن ٿا:
’سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻين، لفظن جا هيٺيان ٻه قسم
بيان ڪيا آهن: (الف* ’مُفِردُ لفظ‘ ۽ (ب)
’مُرَڪِبُ لفظ‘. سٽاءَ ۽ بناوت جي لحاظ کان
لسانيات جي ڄاڻن، لفظ کي ٻن مکيه قسمن ۾ ورهايو
آهي. هڪڙا ابتدائي يا بنيادي لفظ (Primary)
۽ ٻيا ثانوي لفظ (Secondary
word).
پهريان ابتدائي لفظ اهي آهن، جن مان ٻيا يعني
ثانوي لفظ ٺهن ٿا، پر اِهي (ابتدالي لفظ) خود ڪنهن
ٻئي لطف يا ٻين لفظن مان جڙيل نه هوندا آهن. سنڌي
ٻوليءَ جا لفظ / وڏو، ننڍو، ڇوڪر ۽ ماڻهو/ وغيره
ابتدائي يا بڻيادي لفظ آهن، اِهي لفظ ڪنهن ٻئي
ڌاتوءَ يا بنياد مان جڙيل نه آهن، پر اِهي خود
ڌاتو يا بنياد ٿي ڪم ايندا آهن.“
ڊاڪٽر صاحب جن وڌيڪ لکن ٿا: ”هاڻوڪي وصف موجب،
مفرد لفظ اُهي صورتون آهن، جن کي اڳتي وڌيڪ
معنادار جزن ۾ ٽوڙي يا ورهائي نٿو سگهجي. مثال
طور: /پَتِ، ماڻهو، ڄاڻ، ڇوڪر ۽ ننڍو/ وغيره، پر
/وڏائي، وڏپڻ، وڏتڻ، ننڍائي ننڍپڻ، ماڻهپو،
ڇوڪرپائي/ وغيره لفظ بنيادي يعني ابتدائي لفظن مان
ٺهيل آهن. بلڪل ساڳيءَ طرح /گهر ڌڻي، ملڪ راڄ،
منهن ـــ جوت ۽ سَٽ ڪُٽ/ وغيره لفظ به بنيادي يعني
ابتدائي لفظ نه آهن، پر اِهي سڀيئي ثانوي لفظ
آهن.“
ڊاڪٽر جتوئي صاحب جن جي پهرين مثال جي ڀَڃ ڪبي، ته
ڪيتريون ئي ڳالهيون واضح ٿي سامهون اينديون. مثال
طور: ڊاڪٽر صاحب جن لفظ /ڇوڪرو/ جون 7 صورتون
ٻڌايون آهن. سندن خيال موجب اُنهن سَتن صورتن جو
بڻياد (Base)/
ڇوڪرو/ آهي، پر جيڪڏهن اسان انهيءَ لفظ جي حصن تي
غور ڪنداسين ته اُهو ٻن جزن ۾ ورهايل نظر ايندو.
هڪ/ ڇوڪرُ/ ۽ ٻيو/ او/. ’او‘ پڇاڙي آهي، جنهن مان
عدد واحد ۽ جنس مذڪر جي خبر پوي ٿي ۽ /ڇوڪرُ/
’بڻياد‘ (Base)
آهي. جيڪڏهن اُن بڻياد يعني /ڇوڪر/ پٺيان ’آ‘
پڇاڙي لڳائبي، ته عدد جمع جنس مذڪر جي ڄاڻ پوندي،
جيئن /ڇوڪرا/. ’اِي‘ پڇاڙي لڳائڻ سان عدد واحد جنس
مونث ٺهندي، جيئن /ڇوڪِري/. ’يون‘ پڇاڙي ڳنڍڻ سان
عدد جمع جنس مونث ٺهندي، جيئن /ڇوڪريون/. ڪنهن به
لفظ جي بڻياد (Base)
کي ڳولهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اُن جي اڳياڙين ۽
پڇاڙين تي غور ڪيو وڃي. اڳياڙي مٽائي سگهجي ٿي،
پڇاڙي بدلائي سگهجي ٿي، پر اُن لفظ واري بڻياد جي
مستقل حيثيت هر حال ۾ ساڳي ئي رهڻي آهي. بڻياد جي
اڳياڙي مٽائڻ سان لفظ جي مفهوم ۾ ڦيرو اچي ٿو.
پڇاڙي تبديل ڪرڻ سان عدد ۽ جنس ۾ تبديلي اچي ٿي،
مثال طور: /اَولو/ ۽ /سَولو/. جيڪڏهن اِنهن لفظن
جي ڀڃ ڪبي، ته ڪي ڳالهيون سامهون اينديون. لفظ جي
ڀَڃ لاءِ فارمولو آهي: /اڳياڙي/ + /بُڻياد / +
/وِچياڙِي /+ /پڇاڙِي.
اَولو = [ (اَ[ = نه. /ول / آسان. /او /= /عدد
واحد جنس مذڪر جو جزو]
اَوِلي = [ (اَ) = نه. /ول/ = آسان. /اِي /= عدد
واحد جنس مونث جو جزو]
سَوِلو = [(سَ) = صحيح، سٺي /ول / = آسان. /او/ /=
عدد واحد جنس مذڪر]
سَوِلي = [(سَ) = صحيح، سٺي /ول/ = آسان. /اِي /=
عدد واحد جنس مونث]
·
ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي اڳياڙي جو وڌاءُ، بڻياد جو
وڌاءُ. وچياڙي جو وڌاءُ، پڇاڙي جو وڌاءُ ٿيندو
آهي، جنهن لاءِ ڀڃڻي آهي:
·
/اڳياڙي /+ / اڳياڙي جو وڌاءُ / + + بڻياد/ +
/بڻياد جو وڌاءُ/ + /وچياڙي/ + /وچياڙي جو وڌاءُ/
+ / پڇاڙي /+ / پڇاڙي جو وڌاءُ/.
·
ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي اڳياڙي نه ٿيندي آهي ۽ بڻياد اڳ
۾ ايندو آهي، ان لا ڀڃڻي آهي / ــــ /بڻياد/ +
/پڇاڙي / مثال طور: / ادبُ، دردُ، شرمُ / وغيره،
اُنهن جي پڇاڙي آهي /اُ/.
اڳياڙي
(Prefixes):
ڪوبه اڻپورو جزو ڪنهن بڻياد جي اڳيان مِلائجي،
تنهن کي اڳياڙي چئجي. اڳياڙي لفظ جي مفهوم ۾
تبديلي آڻي ٿي. جيئن: /بي بوءِ / ۽ /بدبوءِ/
[بي (اڳياڙي) + بو (بڻياد) + ءِ (پڇاڙي)] = بي
بوءِ
[بد (اڳياڙي) + بو (بڻياد) + ءِ (پڇاڙي)] =بد بوءِ
بڻياد (Base):
فعل جو اُهو جزو، جنهن مان ٻيون صورتون ڦُٽي نڪرن.
ٻين لفظن ۾ هن کي ’مصدر‘ يا ڌاتو‘ به چئجي. ڇو ته
اُن جي پنهنجي مستقل حيثيت ٿئي ٿي، جا مَٽجي نه ٿي
پر اتان ٻيا لفظ ٺهن يا ڦُٽي نڪرن ٿا، جيئن:
’چنڊ‘ مان ’چانڊوڪي‘، ’چانڊوڪيون‘. ’منڊ‘ مان
’مانڊي‘، ’مانڊيون‘ وغيره. بڻياد کان سواءِ ٻه
اڻپورا جزا ڪڏهن به لفظ ٺاهي نٿا سگهن. مثال طور/
بي با، بابد، بي بد/ وغيره. جيئن پوکيءَ لاءِ ٻج
ضروري آهي، تيئن لفظن ۾ بنياد جو هجڻ تمام ضروري
آهي.
·
ڪي بڻياد، اڳياڙي جي هوندي به ڪا مڪمل معنا نٿا
ڏيکارين، البته اُنهن جي مستقل حيثيت برقرار رهي
ٿي. مثال طور؛ /تُنهن، مُنهن، پَنهن /. هنن لفظن ۾
بڻيادي جزو آهي/ اُنهن / يا / اَنُهن/، جن ۾ /تُ /
وينجن اڳياڙي طور ’تون لاءِ‘، /م /وينجن اڳياڙي
طور ’مون لاءِ‘ جي معنيٰ ٻڌائي ٿو. جڏهن ته /پَ
/وينجن اڳياڙي آهي، جا ’پاڻ لاءِ‘ جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
مستقل حيثيت رکندڙ بڻياد هتي گهڻو ڪري ضمير جي
معنا ڏئي ٿو، سوا ايتسائين پنهنجو واضح مفهوم به
ظاهر نٿو ڪري، جيستائين هن ۾ ڪا پڇاڙي لڳائي ڪو
’لفظ‘ نٿو جوڙجي. /جو/ پڇاڙ لڳائبي، ته پوءِ لفظ
مڪمل ٿيندا /منهنجو، تنهنجو، پنهنجو/. هتي اهو
مسئلو واضح ٿيڻ گهرجي، ته جيڪي بڻياد يا لفظ
پنهنجي اڪيلي سر مڪمل معنا نٿا ڏيکارين، سي
اڳياڙين يا پڇاڙين کان ڌار ڪرڻ بجاءِ ڳنڍي لکجن،
جيئن: ’مُنهن جو‘ بجاءِ ’منهنجو‘، تُنهن جو‘ بجاءِ
تُنهنجو‘، ’پنهnجو‘
بجاءِ ’پنهنجو‘ وغيره، ۽ جيڪي بڻياد يا لفظ پنهنجي
سرشت ۾ مڪمل معنا ڏيکارين، سي اڳياڙين يا پڇاڙين
کان ڇتي ڌار ڪري لکجن. جيئن: ’اسانجو‘ بجاءِ ’اسان
جو‘، ’هنجو‘ بجاءِ ’هن جو‘، ’توهانجو‘ بجاءِ
’توهان جو‘، ’ڪنهنجو’ بجاءِ ’ڪنهن جو‘ وغيره.
ڇاڪاڻ ته اڻپورن جزن جي هڪٻئي تي ڇڪ (Stress)
اچي ٿي، جا ٻن اڌورين معنائن جا پاڻ ۾ گڏجي مڪمل
مفهوم کي جوڙڻ لاءِ پيدا ڪجي ٿي. مڪمل بنيادُ يا
لفظ، اڳياڙي کان انڪري ڌار لکڻ گهرجي، جو هن جي
پنهنجي سر مڪمل معنا ٿئي ٿي، جنهن سبب اُن جي
پڇاڙيءَ تي ڇڪ نٿي رهي، پر جي هروڀرو به اُن کي
ملائبو ته اُن جي حرفي صورت ۾ فرق اچي ويندو،
جنهنڪري لفظ معنا تي وڏو اثر پوندو. مثال طور:
’چئون ٿا’ بجاءِ ’چئونٿا‘، ’لکون ٿا‘ بجاءِ
لکونٿا‘، ’ڪن ٽار‘ بجاءِ ’ڪنٽار‘ لکڻ سان اُنهن
جون اکري صورتون ٿينديون: ’چئو نٿا‘، ’لکونٿا‘ ۽
’ڪنٽار‘، جي اصلي لفظن جي معنائن ۽ شڪلين کان گهڻو
تبديل ٿي ويا.
|