نظم
اندر ڄڻ ڪو پربت آهي
جنهن سان ڏات هوائن وانگي
سر ٽڪرائي،
شور مچائي
مون وٽ اُهو به وقت نه آهي
هن لئه ڪوئي
سانگ رچايان سرچائڻ جو.
پنهنجي هردي منجهه ڏسان ٿو
ٽالهيءَ ڇانو اڪيلي آهي
البيلو هُو شاعر ڪٿ آ؟
لهندڙ سج سان جنهن جي ياري
بيد مشڪ تي وس چڱي پر
ڪارا ڪڻڇي
سايون ٻنيون
هوريان هوريان وهندڙ واهيون
جو نه وساري
صنم ڪدن جي سڪ ٿو سُونجهي
پٿرنکان پر پير ڇنائي
وِلهه ۾ رات جون راڻيون مهڪن
هو نانگن جان نينهن نچائي
دل ته چوي ٿي
اڄ به ٻڌائي
اها ڪهاني آڌيءَ ڌاري
هڪ ڀيري زيتون جي ٽاريءَ
تي ڪا ڪوئل اُڏري آئي
۽ هن ڪُوڪُو مان ائن سمجهيو:
جيڪو جت آ پرديسي آ
دنيا دائم ديرو ناهي
پرڙا ساهڻ ٻوليون ٻولڻ
سڀ ڪجهه هڪڙو ڀيرو آهي،
ٽالهيءَ ڇانو اڪيلي آهي
البيلو هُو شاعر ڪٿ آ؟
ڪوئي آهي جو آڻي ڏي
اُن کي ڳولي
جي هُو ڪنهن کي
رستي ويندي
ملي ته مون پاران ائن چئجو:
توڻي هيءَ حياتي جنهن جو
بوهَر ڪڏهن نه ڀرڻو آهي
ٿڪ لڱن ۾ ڏاڍو آهي
ايئن لڳي ٿو جنجهوڙڻ سان
اُڊڙي ويندو
ساڻي جسم جو ٽاڪو ٽاڪو
پوءِ به تنهنجي ڪمي ته آهي
ڏينهن گهڻائي گذري ويا جو
تو سان محفل ڄمي نه آهي
اِهو به چئجو:
اڄ به ڪلهه جان
لَڙندڙ سانجهه، پکيءَ جي پر سان
پيلي پن تي، تو لئه ڪيئي
لڙڪن ساڻ لکي ڏوراپا
منهجي هٿ ۾ ڏئي وئي آ
عمر جي ڪوئي ڪئت نه آهي
چئي وئي آهي
هر پل اُلڪو ڪين وڻي ٿو.
آنءُ ڏسان ٿو
چانڊوڪيءَ ۾ تُوت ڇڻي ٿو.
نظم
جڳ ڇاهي؟
بس ديارِ غير آهي،
ڪير اهي هئن چوي،
مان سدائين لاءِ آهيان
توکي مون کي سڀ کي هي احساس آ
ڪجهه پلن لئه آهه پيرن هيٺ ڌرتيءَ جو تڏو
ڪجهه گهڙين لئه
هو مٿان محراب جان آڪاس آ.
ڪجهه گهڙين لئه
زندگي کي هٿ آهن
ٻن پلن جي لئه جوانيءَ جي سمرڻي
هيءَ سوري ٿي سگهي
۽ اُنهيءَ جي آرزوءَ ۾
چپَ چوري ٿي سگهي
تون نه ڄاڻين ٿي پئي
عاشقيءَ جي ڇڄ ۾
پوءِ به ڪاري ڇار ڇاڻين ٿي پئي
ڪيترو بيڪار گهارين ٿي پئي
خواهشن جو مُڃ ماري
مسڪرائي
گنگنائي
تون انهيءَ کٽ لاءِ نوڙيون ٿي وٽين
ٻاهران جيڪا لڳي ٿي پائدار
ڪجهه انهيءَ اندر نهار
هاءِ تنهنجيون
نينهن جي دونهين ۾ دونهاٽيل اکيون
ڪجهه نه جاچي ٿيون سگهن
واجهه سان هي ڪجهه نه واچي ٿيون سگهن
مون ٻڌايو آهه توکي بار بار
ڪاوشون تنهنجا ڪشالا انتظار
پيچرن تي ماڪ آهي
جا کڻي ڪجهه دير تائين
دز دٻائي ٿي سگهي
ٿورڙي خوشبو ورهائي ٿي سگهي
پر،
ڪيئن تو لئه ڦل ڦلائي ٿي سگهي
او چري! هيءَ ڀل تنهنجي چور وانگي
هيءَ جوانيءَ جي گُڏي ويندي کڻي
پوءِ متان تون ٻار جان پلٿي هڻي
سڏڪيون ڀرين
ها اڃا ڀي وقت آهي
ڳالهه جي ڪائي ڳڻين
حسن پنهنجي جي بهارن کي بچائي ٿي سگهين
هي خزانون تون سليقي سان لُٽائي ٿي سگهين
جي سڃاڻڻ جي ڪرين
تنهنجي ڀر بيتاب بيٺو بخت آهي
هونئن ته آهي بادشاهه
پر گداگر آ بڻيو تنهنجي ڪري
سئن هن جي ڪين تنهنجي چئن ۾ ڪنهن
ڇيت وانگي هٿي ڇُڀي
ڪين ٿي کٽڪي جيان توکي کُکي
ڏس ته هيڏانهن
ڪئن نه تنهنجي بيرُخيءَ جي
ساهميءَ ۾
تانگهه توري ٿو پيو
آس جي کيڙيل ٻنيءَ جا ڏينهن رات
ڀِينڊ ڀوري ٿو پيو
تو ڪڏهن ڪي جام اُن جي
نانءِ اوتيا ئي نه آهن
۽ ڪڏهن اُن لاءِ روڪيا ئي نه آهن
ذهن واري سرزمين تي ڊوڙندڙ
سوچ جا ڪرا ڪُميت
شل اِهو توکي سُجهي ته
ڪيستائين هي کڻي ڪشڪول تنهنجي
پوئتان ڦرندو رهي
ڪيستائين هيءَ گيڙو ويس پنهنجو
تنهنجي قدمن مان اُڏيل
ڌوڙ سان مُرڪي لٽي
۽ اکين جي التجائن جا سمورا
سڏ ناسي
تنهنجي راهن ۾ رکي
ٿي سگهي ٿو
حد کان لاحد ويندي
هيءُ جوڳي
جاٽ کان جهلي وڃي
ٻور وانگي
راهه ۾ رَلجي وڃي
ٿي سگهي ٿو
تون به اوجهڙ کي لتاڙين
ڌوڙ جهاڙين
اک جو ”هو ڪک“ سارين
نير هارين
ڳلَ ڳارين
۽ نهارين راهه ۾ ڪجهه ڀي نه آ،
درو تائين ڪاهه ۾ ڪجهه ڀي نه آ،
پوءِ جي تون وک وکارين ڇا ٿيو؟
ڪنهن سياري جي نه کٽندڙ رات ۾
ڪو ٻک ٻارين ڇا ٿيو؟
نظم
الا يار پنهنجا رُلي ويا
اُنهن جون اَجهل آرزوئون
اڪن ـــ انبڙين جيئن جر تي لُڙهي ويون.
چُٽيون ويون هوا ۾
اُنهن جي خوشيءَ جون سموريون اُڏارون
سنڀارون سندن رات آڌيءَ مهل
خيال جي شهر ۾
ڦُريل ڄڻ ته سوداگرن جان مليون
عشق جا رَڇِ اڇلائيائون ڪئي
حسن جي ڇَرَ مٿان
مگر پوءِ به ڪُرڙين جيان
ڦٿڪي نڪري ويون
اسان جي نگري جون سڀئه گَندريون
مڃون ٿا
نه ڪائي اَٿن بادشاهي
نه شاهي سواريون
نه لشڪر خزانو
نه نوڪر نه چاڪر
ڀلا ڪنهن به ماڱر
سمان ڄام تن جي اندر جا ڏٺا؟
اُنهن کي به نورين جي نوڙت وڻي ٿي
ڏٺائون جڏهن خواب ڦلواڙ جهڙا
ڇڇي ڇڄ جهڙيون جوانيون سندن
کٿوريون بڻيون ٿي
جڏهن ٿي کنيائون خماريل اکيون
سڄو ملڪ ماڃر
اسان کي ته سانڀر
سڀئه سَنُ پنهنجا
ڇلر ڇَٽ وانگي ٻهاريا ويا
ڌڪاريا ويا هو لتاڙيا ويا
پراڻي سڙهه جيئن ساڙيا ويا
الاهي مُهاڻيون
اُنهن کي ته تڙ جو تماچي کپيو ٿي،
وڃي واٽ ويهي
جوانيون سُڻين ساڻ وڪڻڻ گهريائون
هيون جي ڪرايون سنهيون سانوريون
ڏٺا ويا اُنهن منجهه ڌارين جا ڌاڳا
سڀيئي ويا يار پٿرائجي
لڇڻ ۽ پڇڻ کان به رهجي ويا
ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ کان به رهجي ويا
اُتر واءُ بنجي
ڪڏهن ڪنهن نه ڪامڻ اُنهن ڏي نهاريو
اونهن جو اڀاڳو نه ڪينجهر قراريو.
نظم
ڏينهن اُهي ئي ساڳيا ها جو،
ورهين جي بنواسُ ڪَٽي
پاڻ مَٽي، هر کيدُ کٽي
رامُ وريو هو.
هر دل هئي ويرانُ جهروڪو
جن جي گونگي تنائي
تيل ڦُليل جي ڏيئن ٻرندي،
دونهون دونهون ڪري اُڏائي.
چنڊ جي اُجري ڏولي جنهن تي
ڪَتيون ولين جان هيون وڇايل،
تارن آڻي تر ۾ لاٿي،
سُک جي ديوي تنهن مان نڪري
هر ڪنهن گهر جو سير ڪيو هو
وسنديءَ ۾ وِسرام وريو هو
ڏينهن اُهي ئي ساڳيا آهن
اڄ به ڏِياريءَ جو ڏِڻ آهي
سڀ ڪنهن ديپ جلايا آهن
ويڙهي ويڙهي
سون سمان سُهائي آهي.
مون به اڪيلائيءَ جو ڏيئو
ٻاريو آهي.
توکي ڏاڍو ساريو آهي.
هوئن ته پرائي ٿي وئي آهين
پو به وسارڻ جهڙي ناهين
تنهنجو پيار اَسُوءَ جيئن آهي
جنهن جي اُس به اوڍڻ جهڙي
جنهن جي ڇانءَ ائين جئن هوريان
جهپ اکين جو جهُولو لوڏي.
جي تون ڪائي مَٺيان نه ڀانئين
اِهو حجت مان
پڇان پراڻي ناتي خاطر
ڇا مان توکي ياد اچان ٿو؟
ٻاجهه ڀريون هي کڻي نگاهون
پنهنجي اندر منجهه نهار
جاچ ڪٿي به اوسي پاسي
منهنجو ڪوئي جُز بچي ٿو
يا تو مون کي پنهنجي دل مان
پوريءَ ريت ٻهاريو آهي!
ڇا تو وِهه وهاٽيو سمجهي
منهنجي چاهه جي امرت ـــ رَس کي
هاريو آهي.
ڪجهه به آهي
آءُ اچي ڏس مون وٽ تنهنجو
ورِهه وهائوُ جئن چمڪي ٿو
تون ڪنهن ڀاڪر منجهه سُتينءَ ۽
منهنجي پهلوءَ منجهه نه ڪوئي.
رات اِجهوئي
ننڊ ـــ نگر جي ڪِلي مان ڇوڙي
چورن وانگي کِسڪي ويندي
پُٺ تان ڪوبه نه رندُ ڇڏيندي
صبح جو ڀاڳيو
ايندو ساڳيو.
جاڳ جو پورو ڀاڳُ کڻي
ڀاڳ جو چيڪيءَ مٽيءَ جهڙو
جي ڪو چاهي جام بنائي.
يا ڪو اُن کي چَڪ تي چاڙهي
خوب لَسائي
گهَڙو بنائي،
اِن تي سُهڻا چِٽ سَجائي،
پر هن دل اڄ مون سان هڪڙو
ضدُ ڪيو آ اُن مٽيءَ مان
سڀ کان سهڻو بُت بنايان،
جنهن ۾ پنهنجو روح سمايان،
توکي پايان،
تون جا بت تي ڀُلندي آهين،
چهرن ۾ ئي رُلندي آهين.
نظم
اِتي ئي شهر تنهنجي ۾،
ٻُڌوسين شوق جو سودو،
ٿيو آ عام سڀ ڪنهن لئه،
اسين اُن هاڪ تي هرکي،
عشاقيءَ جي ٻَڌي هَڙ سان،
ڪمائي ڪلُ آياسين.
صبح کان شام ٿي وئي آ،
اڃا بازار ۾ آهيون،
عجب آزارَ ۾ آهيون.
اسان کي ڪنهن حسين جي ــــ
نقش پا جو ڪو،
ٽڙيل رابيل ٿو گهرجي،
پريشان زلف ڪنهن جي، جو ـــ
کپي ٿو زهر قاتل ـــ
جو ڏسي وهسي،
اسان جو جيءُ متوالو،
اسان کي ڪنهن ڇنل پازيب جي گهايل،
اڌوري گونج گهرجي ٿي،
لُڙاٽيل جو مٿان ترندڙ.
ٻٻر جي پيلي ڦلڙين جي،
مسافت جو پتو گهرجي،
اسان کي سانوڻيءَ جي ـــ
آخري ڇڇڪار ۾
سِپيجي ويل موتي مليو ناهي.
ڏٺو ناهي،
ڪٿي ساقي جي ريشم هٿَ مان ترڪي،
ڪِريل ڪنهن جام جو غمگين شوڪارو،
سِرنهن جي چوٽ تان ورتل.
چمي سا الوداعي چيٽ جي چنڊ جي،
پراڻي بادبان وانگي چُڙي ويل ـــ
آرزو ڪنهن جهونڙي ملاح جي دل جي،
خريديان ها،
اُٻاريل چانورن جئن خواب جوڀن جو،
صبا جان نرم هلڪا پير کڻندڙ ـــ
ڪنهن حسينا جو،
حيا سان هورڙيان مُرڪي،
رئي جا پند لهرائي،
هوا جا پاند لهرائي،
هوا جو رُخ بدلائڻ،
اکين جي ننڍڙي بي خود اشاري سان،
خزان جي خارزارن ۾،
بسنتيون بود موٽائڻ.
پڇين جي سچ او سانئڻ،
اِتي ئي شهر تنهنجي ۾،
هلي ٿو شوق جو سودو،
سڄي بازار ڇاڇولي، ٿڪيا آهيون،
ڪٿي ڀي تنهنجي ٽهڪن جي،
پَرين جي ديس وارو ـــ
هُلُ هنگامو نه هٿ آيو.
جهڙالو مُرڪ تنهنجيءَ جو.
سندءِ لهجو،
صدين جي شاهدي ڏيندڙ
ٻُڍي آڍي پپر جي ڏار ۾ ڄڻ
ساهه کڻندڙ ڪوڪ ڪويل جي
اسان جي ڀاڳ جي ڪَلجُڳ ۾ هيڪر
ڏِيِي جي لاٽ وانگي،
لمڪندڙ تنهنجون ادائون ـــ
ناز ۽ نخرو،
گهڙي سا، ڪَڇَ منهنجيءَ ۾،
هئو ننڊاکڙي مُگرو،
سدوري مُکَ تنهنجي جو،
پيو ڪجهه ڀي پلئه ناهي،
مليو ناهي.
هجر جي واءُ جي زورآوريءَ ۾ سو،
اسان جي هن وهيءَ جي هٿَ مان اڏري ويل،
رومال ڳاڙهو وصل تنهنجي جو.
سمورو سال ڳاڙهو وصال تنهنجي جو.
حاصل/ لاحاصل
آڱرين تي ڇا ڳڻيان ڳڻجي نٿي؟
سار تنهنجي اڄ ستارا ٿي وئي
پر اُنهيءَ ۾ چنڊ وانگي هيکلو
هجر تنهنجو
چاندني اُن جي اڱڻ ۾
ٿي وڄي مُرلي جيان
گڏ گهاريل سڀ پَل
نانگڻين جان
رقص ۾ آهن رُڌل
ونگ ههڙا
ڏنگ ههڙا
ڏاءُ ۽ ڏهڪاءُ ههڙو
اڳ ڪڏهن ڪٿ هو ڏِٺو!
اڄ ڪيو مون ”جيءُ مٺو“
زهر سارو ذوالجلال
منجهه ناڙُن ٿو ڊڪي طوفان وانگي
ٿو چوي:
”اوءِ مانجهي!
سِر هٿان سانجهي ڏسي
ڇو ٿيو آهين ڇِڊو؟
ڇو ڪيئه ڊُونڊي ڍري؟
ٿو اُتر جي هير ۾
صبح جو ڇوڙي پَڳَهه
ٻار ۾ ٻيڙي وجهي
سوچيو هيو:
هونئن ته سارو ڇَلُ آهي
عشق کي ساحل نه آهي
پر هلون ٿا
دُور ڪٿ امڪان ۾
ڪنهن پتڻ جو پور آهي
پور، جو تولئه اِهو
سود ثابت ڪونه ٿيو
منزلِ مقصود ثابت ڪو نه ٿيو
ڍوليا! ڳَريو جهلي مُهُري مٿان
نيرُ ڇو ٿو هارئين
آهه موٽڻ ميهڻو
حَلُ ٿي وڃ
هاڻ نينڍوءَ منجهه جُڳ جُڳ جيءُ تون
يا ته پنهنجو پاڻ ڦهلائي اِتي
ڪو جزيرو ٿيءُ تون
نظم
هاءِ اُتر جا ڳورا ڳڀرو!
لاڙ ۾ تنهنجي پاڙ نه آهي.
تنهنجو نِينهن ٿُٻين سان ٺهڪي
تنهنجي مُرڪ مَراين جهڙي
تنهنجا ٻول ته جهول ڦرين جا
تنهنجا سپنا ”ڪوري سر“ تي
پنڇين جهڙا
تنهنجي ننڊ ته ماڪ چَڻن تي
تنهنجي جاڳ به جهولن جهڙي
تنهنجو سُک ٻٻر ڦلڙيون
تنهنجو ڏک، ڏکڻ جو اُلڪو
ماٽيءَ منجهه ولوڙڻ جهڙي
سندءِ جواني
او ڙي جاني!
هونئن ته لاڙ جي لَست انوکي
ڄڻ ڪنهن پاءُ گلن ۾ تُرندڙ
دوشيزه جو، اڇي وڳي مان
جهلڪا ڏئي ٿو بدن گلابي.
ها پر ناسي اکڙيون وارا
توکي سوچي
است ڪبوتر وارو قصو
ياد اچي ٿو
جنهن ۾ جهوني جهرڪ کي داڻو
نڙيءَ ۾ اٽڪيو
پنهنجو پاڻ گهڻو تو جهٽڪيو
ڇالئه گهٽيل ساهه کڻين ٿو
مند ڀلي آ،
آءُ هلي آ.
هونئن ته اِتي به وفا جو وينڊو
وونئڻن کلندي
کيتن کي پارايو هوندو
چؤماسي جي ڇيل ڇٻيلين
مست هوائن ٻاجهرين جي
سنگن کي سهڪايو هوندو.
هت به بڊي جي چانڊوڪيءَ ۾
سارين کي آ نند اچي وئي
”باگي ديري“ جي کجين ۾
پرونماسي چنڊ آهي يا
ڪنهن حٻشڻ جي
وارن ۾ رابيل لڳل آ
سڀ جڙيل پر ڇا لئه تنهنجو
من ڀڳل آ
اچُ اڳي جان
پٻڻ جون سايون ٽوپيون پايون
ڏينهن تتي جا پَنڌ پُڄايون.
نظم
آخر سج لهي ويو آهي
سَٿ سڄي جا پير رُڪيا هن
پنڌ جو پور سُتو ئي ناهي
کٽ تي بي سَت ليٽيل آهيان
سَنڌُ سَنڌُ کان ڇڄي رهيو آ
جسم وساڻيل ٽانڊو آهي
پر اُن ۾ ڪا چڻنگ دُکي ٿي
دُکي دُکي جا چئي رهي آ
اڳتي هلجي، ڏُس تون ان کي
ڪئن جهلجي ۽ ڇاڪي چئجي؟
”بائوديرو“ شهر نه منهنجو
هتي ته مون کي ڪونه سڃاڻي
ڪنهن سان سڱ سياڪو ناهي
رئو فضا جو جنهن ۾ منهنجي
ٽهڪ جو ڪوئي ٽاڪو نانهي
کٽ مٿان ڪا ول آ جنهن مان
اڇا ڪومل گل ڇڻن ٿا
اڱڻ ۾ انب سمهي پيا آهن
ها پر ٻور سُتوئي ناهي.
اُڀ ڄڻ ”ساغر“ جي چادر آ
تارا اُن جا لڙڪ لڳن ٿا
۽ هو پريان ”صوفڻ“ جنهن ۾
بسنت سارو ڀرجي ويو آ
ٽار ٽار ۾ بود ائين ڄڻ
بات ثبات جي سولي اهي.
من ۾ تون به ته سُري رهي آن
چپ اڌيڪا کُليل تنهنجا
گَهري چمي گُهري رهي آن.
مان سوچيان ٿو ائين ته ناهي
امبر کان هن ڌرتيءَ تائين
هر ڪنهن شيءِ سان منهنجو ڪوئي
جنم جنم جو ناتو آهي
پنهنجو اصل نه ڄاتو آهي
بي خبريءَ مان ڪوئي انوکو
گيت ازل کان ڳاتو آهي
جنهن کان هئَن انڪار ڪريان ٿو
سا ته جُڳن جي هائو آهي
جي ائن آهي پوءِ ته سانئڻ
بائوديرو منهنجو آهي
آنءُ هِتي ئي ڄائو آهيان |