سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽2 / 2002ع

 

صفحو :1

مهراڻ 1 ۽2 / 2002ع

ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۽

صوبائي ادبي ادارا

پاڪستان جي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن، علم ۽ ادب (Literature) کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هرهنڌ ادارا قائم ڪيا آهن ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اُنهن جي مسلسل مالي مدد ڪري رهيون آهن. اُنهن ادارن ۾، پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس، پنجابي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، پشتو ايڪيدمي ۽ بلوچي ايڪيڊمي، سڌو سنئون، قومي ۽ صوبائي حڪومتن جا نمائندا ادارا آهن، سو اُنهن جون پاليسيون به مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جي پاليسين پٽاندر هئڻ گهرجن.

پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس، اِنهيءَ نظريي هيٺ چئني صوبائي ادارن کي هڪ هڪ لک روپيا سالياني گرانٽ ڏيندي آهي. هونئن، ايڪيڊمي ٻين به گهڻن ئي ادارن کي مالي مدد ڏيندي آهي، جن ۾ انجمن ترقيءَ اردو ڪراچي به شامل آهي. حيرت آهي ته ايڪيڊمي هاڻي انجمن ترقيءَ اردو ڪراچيءَ جي گرانٽ ته وڌائي ڏهن لکن کان به مٿي ڪئي آهي، پر، ٻئي طرف، چئني صوبائي ادارن جي گرانٽ ۾ هڪ رپئي جو به اضافو ڪونه ڪيو اٿس!

ايڪيڊميءَ جي صوبائي ادارن ڏانهن انهيءَ روش مان ڪهڙي بوءِ اچي ٿي، سو، هرڪو سمجهي سگهي ٿو. اِنهيءَ تاثر کي تقويت هن حقيقت مان به ملي ٿي ته ايڪيڊميءَ ڪجهه عرصي کان اردو اديبن ۽ شاعرن کي ته لکين روپيا “Life-time Achievement Award” (ڪمالِ فن) جي نالي ۾ ڏيڻ شروع ڪيا آهن، پر سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائڪي زبانن جي اديبن ۽ شاعرن کي انهيءَ ايوارڊ جي لائق نه سمجهيو اٿس. ايڪيڊميءَ جي اِنهي روش جي ڪري اُنهن ٻولين جي اديبن ۽ شاعرن ۾ احساس محرومي وڌي رهيو آهي.

صدر پاڪستان، جنرل پرويز مشرف پنهنجي پهرئين ئي قومي خطاب ۾ ننڍن صوبن مان احساس محرومي ختم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو، پر، ايڪيڊميءَ اُنهن صوبن ۾ احساس محروميءَ کي وڌائڻ جو مظاهرو ڪيو آهي.

ايڪيڊميءَ جي نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ صوفي ازم تي ڪم ڪرڻ تي ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي خبر 11- جولاءِ جي سنڌي اخبارن ۾ ڇپي آهي. اِنهيءَ جو مطلب اِهو ٿيو ته سنڌ جو هيءُ هاڪارو عالم به ايڪيڊميءَ جي نظر ۾  “Life-time Achievement Award” جو اهل ته ڪونه آهي، البت شاهه جي رسالي ۽ صوفي ازم تي ڪم ڪرڻ جي ڪري سندس ڪجهه حوصلا افزائي مناسب آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو شاهه جي رسالي تي ڪم هڪ جُداگانه حيثيت رکي ٿو.  ڊاڪٽر صاحب سنڌي لغات، سنڌي لوڪ ادب، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين بيشمار موضوعن تي قابل تعريف ڪم ڪيو آهي. اُن کان علاوه، نئنشنل هجرا ڪائونسل، نئشنل انسٽيٽيوٽ فار هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل ريسرچ، اسلام آباد، ۾ جيڪو وسيع ۽ جامع ڪم ڪيو آهي. تنهن جي ڀيٽ ۾، ايڪيڊميءَ جي نوازيل اردو اديبن جو ڪم، واريءَ جي ذرڙن جيتري حيثيت ڪونه ٿو رکي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سائين محمد ابراهيم جويو، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي اهڙا اعليٰ پايي جا عالم، اديب ۽ دانشور آهن، جن تي سنڌ کي هميشه فخر ۽ ناز رهندو. کين ايڪيڊمي جي مڃتا (Recognition) جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي.

تاهم، اسان پاڪستان جي عزتم آب وزير تعليم، زبيده جلال کي ادب سان گذارش ڪنداسين ته هوءَ پنهنجي مڙني مصروفيتن جي باجود، ايڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد، جي اهڙين سرگرمين کي نگاهه ۾ رکي.

هڪ مستحسن قدم

حڪومت پاڪستان، مسٽر قلي بخش رند کي سنڌ جو چيف سڪيريٽري مقرر ڪيو آهي، جنهن پنهنجي نئين منصب جي چارج وٺي ڪم شروع ڪيو آهي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ اعليٰ عملدار جي صوبي ۾ چيف سيڪريٽريءَ طور مقرريءَ تي، سنڌ جي باشعور حلقن وڏي پيماني تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي ادبين، شاعرن ۽ دانشورن هڪ پريس پڌرائي وسيلي اُن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ”مسٽر قلي بخش رند هڪ لائق انسان ۽ فرض شناس اعليٰ عملدار آهي، اُميد آهي ته هُو صاحب سنڌ جي پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ عوام ۽ حڪومت جو وڏو مددگار ثابت ٿيندو.“

مسٽر قلي بخش رند پنهنجن اعليٰ انتظامي صلاحيتن سان گڏ، علم و ادب ۽ ثقافت جو سرپرست به رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ اُن جو رسالو ”مهراڻ“ سندس دلچسپيءَ جو مرڪز رهيو آهي. اسان، مسٽر قلي بخش رند کي، سندس موجوده منصب تي مقرريءَ لاءِ مبارڪباد ڏيون ٿا. سندس ڪاميابين لاءِ ڌڻي در دعاگو آهيون. ـــ ن. ا. ش

 

سٽاءُ

شاعري

شيخ اياز

سرويچ سجاولي، محسن ڪڪڙائي،

عبدالقيوم صائب، وفا ناٿن شاهي

تاج بلوچ، نصير مرزا

آثم ناٿن شاهي، عنايت بلوچ

احمد خان مدهوش، سوز هالائي

اياز گل، وسيم سومرو،

ادل سومرو، احمد سولنگي

اشفاق آذر، سائق ڪمبوه،

اسحاق سميجو، احمد ٽالپر

مقصود گل، حُبدار سولنگي

بخشل باغي، شاهه محمد پيرزادو،

ستار سُندر، عامر سيال،

ساحر راهو، بخت عابد،

جوهر بروهي، گل ٽکڙائي،

روشن گهانگهرو

روبينه ابڙو، ابرار ابڙو،

ظهير زرداري، عتيق چنجڻي

علي آڪاش

* مقالا

1. سنڌ ۾ ’جل پوڄا‘ جو رواج ۽ شاهه لطيف جي رسالي ۾ اُن جو ذڪر                             ـــ ڊاڪٽر غلام علي الانا

2. سنڌي لفظن جي لساني جائزو          ـــ دين محمد ڪلهوڙو

3. ڳالهيون پير حسام الدين راشديءَ جون         ـــ حميد سنڌي

4. علم الانسان ۽ علم الاثار

(سنڌو تهذيب جي تشريح جا اهم ماخذ) ـــ شيخ خورشيد حسين

5. ”نصرت نامئه ترخان“ (هڪ تنقيدي جائزو)

ـــ ڊاڪٽر محمد سليم اختر سنڌيڪار: عبدالاحد جوڻيجو

6. مير امين الدين خان ٺٽويءَ جون فارسي ادب لاءِ ڪيل خدمتون

ـــ ڊاڪٽر عارف نوشاهي سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر

7. جتي مشرق ۽ مغرب ملن ٿا (روميءَ جي مرزا تي حاضري بابت تاثرات)

ـــ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو سنڌيڪار: اڪبر لغاري

8. تنوير عباسي ـــ سنڌي ادبي جو موتي داڻو

ـــ شوڪت حسين شورو

9. سورٺ ـــ سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار

ـــ ڊاڪٽر تهمينه مفتي

 

* ڪهاڻيون

1. هڪ ڪلاڪ ٻاويهه منٽ            ـــ محمود مغل

2. جمهوريت زنده باد                  ـــ اڪبر لغاري

3. اندر جي اونده                       ــ ايوب عمراڻي

4. ناسور        ـــ موپاسان مترجم: ڄام وقار حسين قادري

5. زندگيءَ جي رڻ ۾                   ـــ محمد انور بلوچ

6. ڪرسمس جو وڻ                     ـــ نسيم پارس گاد

 

* سفر نامو

1. بنگلاديس ۾ ڏهه ڏينهن              ـــ غلام رباني آگرو

 

* مغربي آرٽ

1. فطرت جو چترڪار ـــ وان گو        ـــ ڪليم لاشاري

 

* تبصرا

1. قرآن شريف مترجم سنڌي (محمد عثمان ڏيپلائي)

ـــ رياض آگرو

2. بيان العارفين                 ـــ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

3. خط ٻن استادن جا                                         ـــ ادارو

4. ڪهاڻيون                          ـــ الطاف آگرو

 

* ادبي خبر نامو

1. ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس                   ـــ ادارو

2. پير حسام الدين راشديءَ جي ورسي        ـــ ادارو

 

لطيفي لات

 

الله جي آسَ ڪَري، هَلِي آيو هِتِ،

جا جِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جيوُن صَدائُون هَڻي.

 

الله جي آسَ ڪري، هَليي آيو هيءُ،

مالُ نه مَنگي مَڱڻو، جا جِڪُ منگي جيءُ،

وَڍِ وَهِلو ٿيءُ، ساعَتَ صَبرُ نه سَهان!

 

الله جي آسَ ڪري، هَلِي آيُسِ هيرَ،

هاتِڪَ تو حَضُورَ ۾، پِرتان ڀَري پيرَ،

وِير لڳاءِ مَ ويرَ، وڍي ڏي ته وٺي وڃان.

 

الله جي آسَ ڪري، سُڻِي آيُسِ شانُ،

مڱان ڪهڙي مَت سين، نسرون نادانُ،

سو ڪو ڏياريين ڏانُ، جو طمع کي تَرڪُ ڪري.

 

آءٌ سوالي سِر جو، آيسُ اڳاهون،

مٿي ري مَس رکان، پيرُ کڻي پاهُون،

داتا سُن دانهوُن، جي ڪريان ڪوڏِ ڪَپَار جيوُن.

ـــ شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 

”.... سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف عليہ رحمة جي شاعرانه روايتن جو تسلسل توڙي جو ڪڏهن به ٽُٽو نه هو، ليڪن ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ شهرن اندر ’غزل‘ جي شڪل ۾ هڪ نئون ادبي شوشو شروع ٿيو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ذهن، فڪر، زندگيءَ ۽ روايتن جو حاصل ۽ حامل نه هو. ’غزل‘ جي سڄي جوڙجڪ، اُن جون سموريون تشبيهون، استعارا ۽ مال مواد فرضي ۽ اهڙيون هيون جيڪي سنڌ جي اکين نه ڪڏهن ڏٺيون ۽ نه ڪنن ڪڏهن ٻُڌيون هيون. شهري شاعرن روايتي غزل چئي نه ڇڙو پنهنجو وقت ضايع ڪيو. بلڪ سنڌ جي نازڪ ۽ صاف زبان ۾ عفونت جا انبار ڪٺا ڪري ڇڏيا. اصل ۾ شهرن جا شاعر سنڌ جي تهذيب، تمدن، روايتن ۽ فڪري نزاڪتن کان يڪسر بيگانا ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ هروڀرو جاکوڙ ڪندا رهيا، جنهن جو حاصل ڪجهه به نه هو، يعني سندن ”فرمودات“ ۽ ”ارشادات عاليہ“ سنڌ ۾ نه مقبول ٿي سگهيا ۽ نه وري اُهي اسان جي ادب ۽ ادبي تاريخ جو جزو بنجي سگهيا. اهو هڪ نامعقول ادبي مشغلو هو جيڪو ٽالپرن جي حڪومت کان شروع ٿيو ۽ انگريزن جي زوال واري زماني کان ٿورو اڳ پنهنجو موت مري ويو. افسوس فقط اهو آهي جو ڪاغذ ڪارا ٿيا ۽ وقت زيان ويو. اڄ نه انهن شاعرن جو ذخيرو قابل قدر آهي ۽ نه اهي شاعر ڪنهن کي ياد ئي آهن.

”سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن ۽ پنهنجو علمي فڪر آهي، جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽ مخصوص آهن، جن کي ’ڪافي‘ ۽ ’ڏوهيڙو چئجي ٿو. انهن جا استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون نج ملڪي آهن. اُهي، جيڪي هتان جو ماڻهو اکين سان ڏسي ٿو، جن سان صدين کان سندس سرورڪار آهي ۽ پيڙهين کان سندس پيچ پيل آهي. ’نظم‘ جو به سنڌکي پنهنجو نمونو آهي، جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سُر ۽ ساز به پنهنجا ترتند ۽ تنوار به پنهنجي آهي. باوجود هن جي جو سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي قبضي  جي پيڙا رهي؛ غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو؛ ٻاهرين جو رسمون ۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍ ۽ ڏڍ تي نافذ رهيا، ليڪن سنڌ ۽ سنڌين جي پنهنجي فطرت ۽ فڪر تي نه اهي اثرانداز ٿي سگهيا ۽ نه انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ جي حُسن جي پرک پنهنجي عشق جو معيار جدا، محبوب جو تصور مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواهه اوباش طرز کان پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۽ ڪڏهن به عاميانه ۽ اخلاق کان ڪِريل نه خيال هوندو ۽ نه تصور، ڳالهه توڙي جو مجاز کان شروع ٿيندي ليڪن انت وڃي حقيقي عشق تي ٿيندس....“

ـــ سيد حسام الدين راشدي

(”تند ڪٽارو ڪنڌ“ جي مهاڳ مان ورتل)

شيخ اياز

(1)

جنهن وقت اَسُر جي هِير اچي، جنهن وقت پکي پَر کوهِن ٿا،

تنهن وقت گلن تي ماڪَ ڦُڙا، مَنُ منهنجو ڪيڏو موهِن ٿا!

 

مون ڄاڻَ بڻائي ڄَر جيءَ جِي، ڄڻ آهه تَپت ڪنهن آويءَ جي،

ٿا تن مان ڇا ڇا ٿانوَ جُڙن، جي ڪُنڀر مِٽي ڳوهِن ٿا!

 

هو ڪير هُيا جِن ڳاتو ٿي؟ جن اونهو سمنڊ سُڃاتو ٿي؟

سُر سارا نڪتا سانت منجهان، اڄ جيڪي سازَ سَموهِن ٿا!

 

ڪنهن وقت اَچي ٿي ڪِرڀَ متان! ڪر پيار ”اياز“ وڌيڪ اڃا،

سي ماڻهو جُڳ جُڳ شال جِيَن، جي پريت ڪري پاٻوهِن ٿا.

(2)

اِئن دل ۾ ڪيئي سال رَهِي، اي شعر صدائون ٿِي ويندءُ،

مون ڄاتو هو، مون ڄاتو هو، گهنگهور گهٽائون ٿِي ويندءُ!

 

هن جيون ۾ جي پَهر هُيَهءِ، سي چانڊوڪيءَ جي لَهر هُيهءِ،

رهندءُ نه اِئين ڪنهن ڄاتو هو، ڪنهن وقت جفائون ٿِي ويندءُ!

 

اي هَرڻين جهڙا نيڻَ اِئين، ڪنهن وقت ڀٽون ڀِٽڪائيندوءُ،

ائن دوُرِ رَهِي ايندءُ نه ڪَهِي، ڪي ريتِ ـــ هوائون ٿِي ويندءُ!

 

وِرلي ته ڪِرو ٿا اي ڳوڙها، وِيران اکين مان ورهين ۾،

ڪنهن ڄاتو هو اڄ بارش جون، مون لاءِ دعائون ٿِي ويندءُ!

 

هي چار ڏهاڙا چانڊوڪِي، ايڏو نه ٽڏو اِن ڏانهن ڏِسِي،

بس، آهه ”اياز“ عجب اِن تي، انسانَ خُدائون ٿِي ويندءُ!

(3)

وئي عمر خوشبوءَ جيان اي گلابو، وَري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي!

اُڏامي ته شبنم جيان آفتابو، وَري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي!

اِهي ميڪدا ڪونه ٻيهارَ کُلندا، وَري رِنَ ٿڙندي ڪٿي ڪونه رُلندا،

خُمار آهه ڪوئي جواني، شَرابو، وَري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي!

ڪِٿي ڪانه بِهندي ڪٿي ڪانه بِهندي، ايها ابشارن جيان تيز آهي،

ڏسو ٿا اِنهيءَ جي روانِي حُبابو، وَري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي!

اِها چاندني رات ڪجهه پَهر آهي، وَڃي ٿِي اِيئن جيئن ڪا نهر آهي،

ڪٿي ٺَهر آهي اِنهيءَ ماهتابو؟ وري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي!

نشاني اِها سوال جِي آهه يارو، جُدائي ازل کان لکي آهه پيارو!

ڪيو غور ڇا تي پيا لاجوابو؟ وَري ڪانه ايندي، وَري ڪانه ايندي!

”اياز“ آهه هي نانوَ جي ڇانوَ ڪيسين؟ ڏين ٿا رڳو ڏڍُ هُو هانوَ ڪيسين؟

اُنهن کي چَئي ڏي ته خار خرابو، وري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي!

”سرويچ“ سجاولي

غزل

 

اچ ته ڪنهن اهڙي طرف، اي نازور! نڪري هلون،

جت نه پهرا پيار تي ۽ جِت نه جذبن تي جُهلون.

جِت نه چاهت تي چڪاسون چوڪسيون ۽ چؤ ـــ پُڇون،

جِت نه دل کي دل کان ٽوڙڻ جون ڪري ڪو اٽڪلون.

جِت نه روحاني رهاڻين تي هجي ڪا روڪ رنڊ،

جِت هجن پنهنجون متل، موضوع به موضوع محفلون،

جِت نه تنهنجي منهنجي وچ ۾ ڪوهجي ويٺل وچيون،

جو جدائيءَ جون جڙيل دلين کي پاڙهي جدولون.

جِت نه معصومن مَنن جون مرضيون ماريون وڃن،

جِت وتن بي خوف گهمندا مينڌرا ۽ موملون.

مهل بي مهليون ملاقاتيون، جِتي هر مُند ۾،

جِت نه پنهنجي ميل ميلاپن جون وٺجن موڪلون.

جِت هجي ممڪن مڙوئي، نانءُ نه ناممڪن سندو،

پاڻ ٻئي ٻاريون ڪي ويهي محبتن جون مشعلون.

جِت نه سڪ وندن ملي، ’سرويچ‘ سوريءَ جي سزا،

اُت هلي معراج واريون ماڻيون ڪي منزلون.

”محسن“ ڪڪڙائي

غزل

 

سِرُ جي بازي لڳي، لڳائي سون،

عشق جي آبرو بچائي سُون.

 

پاڻ آيو پيرين لِڪي لوڪان،

جشن جي رات هُئي، ملهائي سُون.

 

گرم ٻانهن ۾ هُن پئي ڪُڻڪيو،

پيار جي پياس ٿي اُجهائي سُون.

 

جهول ۾ گُل اچي ڪِريو پاڻهي،

اَڻ ـــ گهري آس رب پڄائي سُون.

 

جنهن سان جنهن سان به قرب ٿيو مُحسن،

اُن سان هر حال ۾ رهائي سُون.

عبدالقيوم ”صائب“

غزل

 

دانشورانِ دولت، آهن اوهان جا گهورا،

در در وڃي نه پو ڇو، ڳائين تنهنجا مورا.

 

پنهنجي مٿي هو آهن، بيشڪ حڪيم صادق،

حالانڪ در حقيقت، آهن غريب ڪورا.

 

گورن کي گر جي ورتو، ٿيندا هلڻ کان هيڻا،

هيڻا ٿيڻ کان اڳ ۾ اوٺي سنڀال گورا.

 

ميدان ۾ ته مڙسي، مڙسن جي آهه ڏسبي،

ايمان جي نه هوندن، پو ڇا ڪندا هي ڇورا.

 

جي رستم زمان ٿي، ميدان ۾ لٿا ها،

سي ڏيل ها ڏسڻ جا، اندر ها تن جا پورا.

 

جن کي حيات ساري ڏؤنڪون هڻڻ نه آيو،

تن ۾ نه ٿوم آهي، ڪم ڪيئن ايندا لورا.

 

غيرن کي پنهنجو سمجهي، تو ساٿ هو ڏنو پر،

تنهن وقت اٺ رڙيا ٿي، جنهن وقت سِبيا ٿي ٻورا.

پنهنجن جي لاءِ حد کان، نڪري ويس جي ٻاهر،

ماڻهن کي آهه ڪهڙي، تنهن لاءِ هورا کورا.

 

دريائي سنڌ ۾ ڪجهه ويرين ڇڏيو نه پاڻي،

جن تي مدار هوسين، سُڪندا وڃن سي ڍورا.

 

آهين چريو ڪو صائب، ڇو عيب پيو اُگهاڙين،

سڀ جي ڍڪي ڀلي آ، ڦولهڻ نه ويهه ڦورا.

”وفا“ ناٿن شاهي

غزل

 

وقت مُرشد لڳو، مُريد لڳو،

باقي هر فلسفو شهيد لڳو.

ڪوڙ هر دؤر ۾ قديم رهيو،

سچ هر دؤر ۾ جديد لڳو.

عمر گذري وئي حُسين جيان،

جو مٿي ۾ لڳو يزيد لڳو.

خود پريشان آهه تيرانداز،

تير اهڙو سندس شديد لڳو.

لڙڪ ۽ مُرڪ کي جڏهن توريم،

غم خوشيءَ کان ’وفا‘ مزيد لڳو.

”تاج“ بلوچ

 

روشنين جو سفير

(حسام الدين راشديءَ جي نذر)

 

جَري سپاهي

سواءِ لشڪر،

ترار جنهن جي هٿن ۾ ناهي

۽ ايڏو بيباڪ، همتون ڀي حضور جنهن جي

جُهڪي جُهڪي ٿيون ڀرن سلامي

اگر هي مُرڪي

ڪليون ٿيون ٻَهڪن

اگر هي غيض ۽ غضب ۾ ٻولي

ائين لڳي ٿو

ڄڀيون ٿيون ڄرڪن

اگر هي اُٿلي

زمين لرزي ٿي نيٽ وانگر

سمونڊ اُٿلن

هي دشمنن جي اکين جو ڪندو

۽ دوستن لئه گلاب هردم

رُڳو قلم جي وسيلي جيڪو

ازل ابد کان ئي ظلمتن جي خلاف وڙهندي

هي نفرتن ۽ محبتن جو شڪار ٿيندي

سڄي شهر جا سمورا پٿر

وجود پنهنجي مٿان وسائي

هي ٻاٻري ڪنڊ جو مسافر

تمام زخمي تمام زخمي

تڏهن به آهي اڳي کان اڳرو

حقيقتن جي صليب پنهنجي

ڳچيءَ ۾ پايو

هي روشنين جو سفير هردم

صداقتن جا چراغ ٻاريو

هي ڀونءِ پنهنجي ۽ پنهنجي ماڻهن جا سُور سارا

سمائي دل ۾ اچي نباهيندو نينهن ـــ ناتو

جيئڻ جي خاطر مري هي ڄاڻي

مصيبتن سان مقابلي ۾

سدا جيئڻ لئه رهي ٿو آتو

ڏسڻ ۾ ڪيڏو نه گلبدن آ

مگر هي جرئت ۾ پيلتن آ

اديب آهي اديب آهي

اديب ناهي ـــ سپاهي آهي.

جري سپاهي

سواءِ لشڪر

تلوار جنهن جي هٿن ۾ ناهي

۽ ايڏو ويڙهاڪ، جرئتون ڀي

حضور جنهن جي

جهڪي جهڪي ٿيون ڀرون سلامي!

نصير مرزا

مسز فيروز ناما

 

تون....!

تون.... ڪٿي آهين؟

شايد ڪٿي به ناهين

زمين ۾ لهي چُڪي آهين!

۽ فقط سنگِ لحد آهين

۽ ڪتبو؟

يا سُڪل پنکڙين جي خوشبو،

۽ فقط مٽي!

جيڪا هاڻي

صرف منهنجي تصور ۾

مهڪي پيئي

۽ سوچ ۾ تازي آهي!

آثم ناٿن شاهي

غزل

 

آءٌ اڄڪلهه ٿو رهان پيو سامرين جي شهر ۾،

جَل پَرين جهڙين هزارن سانورين جي شهر ۾.

 

ڀانئجي ٿو مون کي ڀي چريو ڪري وجهنديون اُهي،

جي اڃا ڪجهه وقت رهڻو پيو چَرين جي شهر ۾.

 

ڇا ڪبو، جي دل نه رهندي داءُ پوندو کيڏڻو،

پاڻ کي وڃبو کٽائي لاٽرين جي شهر ۾.

 

هر طرف جهنڪار ئي جهنڪار جا سُر ٿا ٻُرن؛

هٿ ڪڙين، چوڙين، سِڪن ۽ جهانجهرين جي شهر ۾.

 

ڪيترا ڇورا بڻيا ٿا هِت وِتن سيف الملوڪ،

هن زماني جي طلسماتي پرين جي شهر ۾.

 

ڪيئن ڪمرن جي اندر جا راز ڪو سمجهي سگهي؟

هن سمورن بند دروازن، درين جي شهر ۾!

 

هِت نه هڻ آثم! وڃي ڪنهن در تي سر جي سئن تون،

چنگ چارڻ! ڪير ٻڌندءِ بانسرين جي شهر ۾.

عنايت بلوچ

غزل

 

نظر ملندي ئي شرمائي نه وڃجان،

اچين سامهون ته گهٻرائي نه وڃجان.

نه ڏوراپا، رُساما يا ميارون،

رڳو اچجانءِ، پرچائي نه وڃجان.

 

نوان ناسور ٿيندا، زخم چڪندا،

پراڻو پيار ورجائي نه وڃجان.

 

ڀلي پيو سورَ صدما سوکڙيون ڏي،

انهي بازيءَ ۾ هارائي نه وڃجان.

 

جفائن کي ڀلي جاري رکيو اچ،

انا پنهنجيءَ کي مارائي نه وڃجان.

 

گرم ساهن ۽ سُڏڪن ساڻ سانڀيل،

لڙهيءَ ۾ لڙڪ پارائي نه وڃجان.

 

عنايت انتظارن ۾ ئي رهندو،

قيامت تائين ترسائي نه وڃجان.

احمد خان ”مدهوش“

غزل

 

تنهنجو درشن عطا نه ٿيندو آ،

روح خوش اي مٺا نه ٿيندو آ.

ڏينهن سارو ڏسائين ويٺو ته به،

تومان ڍَءُ دلربا نه ٿيندو آ.

 

پيار اهڙي پڪي عبادت آ،

جنهن جو سجدو قصا نه ٿيندو آ.

 

توڙي ٿيندو ڳڀا ڳڀا آهيان،

ساهه توکان جدا نه ٿيندو آ.

 

ڪافر عشق جو قسم ڪهڙو؟

ڪافرن جو خدا نه ٿيندو آ.

 

تنهنجي ’مدهوش‘ کي ڪڏهن حاصل،

ڪو مزو تو سوا نه ٿيندو آ.

”سوز“ هالائي

غزل

 

پيار وارن کي پيارن جي تلاش،

آ نظارن کي نظارن جي تلاش.

 

سج کي ڪهڙي ضرورت آ پئي،

جو ڪري هو چنڊ تارن جي تلاش.

تو ته جگنو سان وري ياري رکي،

مون سدائين ڪئي ستارن جي تلاش.

 

لهر ۾ ڪا لهر آهي دوستو!

ٿي ڪري جيڪا ڪنارن جي تلاش.

 

پنهنجي مطلب ۽ حفاظت واسطي،

گل کي رهندي آهه خارن جي تلاش.

 

ڪالهه موکيءَ کي متارن ڳوليو،

اڄ ڪري موکي متارن جي تلاش.

 

هجر جي ڪهڙي خبر تن کي ڀلا،

جن نه ڪئي آ انتظارن جي تلاش.

 

جي خزائن ۾ به خوش خوش ٿا رهن،

تن کي ڪهڙي آ بهارن جي تلاش.

 

ساز ۽ آواز جن ۾ سوز آهه،

’سوز‘ کي تن سوز وارن جي تلاش.

 

اياز گل

غزل

 

اسان جي ڏات کي جنهن جاءِ مات ٿي ڏسجي،

اوهان جا نيڻ، جتي ڪائنات ٿي ڏسجي.

 

لڳيس شهر نه پنهنجو، وڻي نه آئينو،

نئين نئين ڪا ٿيل واردات ٿي ڏسجي.

 

ٻيو ته ڪجهه نه ٿيو، پر اوهان پڄاڻان دوست،

حياتي هڪڙي ڊگهي ڄڻ ته رات ٿي ڏسجي.

 

ٽُٽي ته راهه ۾ گڏجڻ به ڪين ٿا چاهيون،

جُڙي ته ٻي ۾ ڀي، پنهنجي ئي ذات ٿي ڏسجي.

 

نه درد، پيار، وڇوڙو، نه خواب ئي ڪوئي،

شعر ته ناهي رڳو فاعلات ٿو ڏسجي.

 

کِلن ٿا ماڻهو ته ٿو روئڻ جو گمان ٿئي،

عجيب شهر آ، جت ڏينهن، رات ٿي ڏسجي.

 

اوهان کي هاڻي وساري ڇڏيون صفا دل تان،

اسان کي پنهنجي انهيءَ ۾ نجات ٿي ڏسجي.

وسيم سومرو

نظم

 

نظم وسرندو ناهي،

اُهو ذهن جي نديءَ ۾

ٻارجي اُن پائليءَ جيان گم ٿي ويندو آهي

جنهن کي هو شرارت ڪندي،

ڪيرائي ڇڏيندو آهي

نظم وسرندو ناهي!

اُهو ڪنهن رنگ منچ جي ڪردار جيان،

پردي پويان،

نئون ويس ڪري، ٻيهر اچڻ لاءِ

انتظار جي هٿن ۾ سوگهو ٿي ويندو آهي

تون!

ڪاپيءَ ۾ اکيون ويڙهي اُداس نه ٿي،

ڇوته نظم وسرندو ناهي.

 

ادل سومرو

غزل

ادل سومرا! توکي ڇا آ ٿي ويو،

هر اکر تنهنجو خطا آ ٿي ويو.

جنهن کي جوڙڻ ۾ لڳا ڪيئي ورهيه،

لفظ هڪڙي سان ڳڀا آ ٿي ويو.

 

مان آهيان اُن شعر وانگي دوستو!

قافيو جنهن کان جدا آ ٿي ويو.

 

ڇوڪري تنهنجي اکين جي شهر ۾،

شخص هڪڙو لاپتا آ ٿي ويو.

 

دل ۾ خنجر تنهنجي دوري ٿي هڻي،

ساٿ تنهنجو ڀي سزا آ ٿي ويو.

 

ڪينٿو هن ڏي نهاري مان سگهان،

سج وانگي ڇو ڀلا آٿي ويو.

 

ڀرسان آهي پو به ڏسجي ڪين ٿو.

هُو به مون لئه ڄڻ خدا آ ٿي ويو.

 

ايترو ڀوڳيو آ هن جو، هاڻ هُو،

درد جي ڪائي ڪٿا آ ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com