ستين صدي هجري / تيرهين صدي عيسوي مسلمانن لاءِ
انتهائي تباه ڪن ۽ اندوهناڪ ثابت ٿي، جڏهن وحشي
منگولن وچ ايشيا ۽ ڀرپاسي جي مسلمان رياستن ۾ ڦرلٽ
۽ خونريزيءَ جي بازار گرم ڪري ڇڏي، جنهن جي انتها
1258ع ۾ بغداد جي تباهيءَ تي ٿي. بربادي ۽ غارتگري
ايڏي ته وڏي پيماني تي ڦهلائي ويئي جو منگول وحشين
جي بربريت کان نه ته روميءَ جو اباڻو وطن بلخ ۽ نه
ئي قونيه وغيره محفوظ رهيا. تاريخ جي ڪتابن ۾ آهي
ته چنگيز خان بلخ کي 1220ع ۾ تاراج ڪيو ته وري
سندس پونيرن 1230ع ۾ نيشاپور ۾ ڦرلٽ ۽ قتل عام
ڪيو، جنهن ۾ فارسيءَ جو عظيم شاعر فريد الدين عطار
شهيد ٿي ويو. اهڙيءَ طرح 1256ع ۾ سلجوقي حڪمرانن
جو تخت گاهه قونيه سندس حساس مزاج ۽ دماغ تي ڪيترو
گهرو اثر ڇڏيو، اُن جو اسان اندازو نٿا ڪري سگهون.
هيءُ اُهو وقت هو جڏهن روميءَ جي روحاني تڙپ ۽ شدت
کي سندس هڪ زيرڪ ۽ ذي فهم ساٿي ضياءُ الحق حسام
الدين چلپي محسوس ڪيو ۽ اُن جي آماده ڪرڻ سبب
شاعريءَ جي دنيا جو ’عظيم ڪلاسڪ‘ تخليق ٿيو، جنهن
کي فني حوالي سان ”مثنويءَ“ جو نالو ڏنو ويو. هڪ
مستند روايت موجب مثنويءَ جو آغاز 1258ع کان پوءِ
غالباً 1262ع ڌاري ٿيو. مولانا رومي جيڪو چوندو
ويندو هو، تنهن کي حسام الدين لکندو ويندو هو ۽
ٻئي ڏينهن وري اُهو سمورو مواد کيس پڙهي ٻڌائيندو
هو، ته جيئن اُن ۾ ضروري درستيون ڪري سگهجن. مثنوي
لکرائڻ جو اِهو سلسلو مولانا روميءَ جي زندگيءَ جي
آخري سالن يعني 1273ع تائين جاري رهيو. هن شاهڪار
تخليق جو هڪ اوائلي مسودو، جيڪو مولانا رومويءَ جي
وفات کان فقط پنج سال پوءِ لکيو ويو، اِن صورت ۾
محفوظ آهي ته اُن جو نقل ٻين ڪتابن سان گڏ اُنهيءَ
ميوزم ۾ رکيل آهي، جيڪو هاڻي مقبري جو حصو آهي. هي
عمارت، جنهن ۾ مولانا رومي، سندس والد، سندس
فرزند، ويجهن عزيزن ۽ دوستن جون قبرون ۽ مثنويءَ
جا مخطوطا آهن، اُن جو دلچسپ احوال هن ريت آهي:
اِها اصل ۾ مولانا جي درگاهه هئي، جيڪا اڄڪله
ميوزم بڻيل آهي. اُها پهرين سلجوقي محل جو حصو هئي
۽ اُتي ”باغيچهء گلاب“ هو، جيڪو مولانا جي والد
سلطان العلماء بهاءُ الدين وَلدَ کي سلطان علاءُ
الدين ڪيقباد تحفي ۾ ڏنو. 12 جنوري سن 1231ع تي
جڏهن سلطان العلماء جو انتقال ٿيو ته کيس اُتي ئي
دفن ڪيو ويو، جتي اڄڪلهه سندس مقبرو آهي. ”باغيچهء
گلاب“ ۾ اُها پهرين قبر هئي. سلطان العلماء جي
وفات کان پوءِ، سندس ڪجهه شاگرد مقبرو اَڏڻ چاهيو
ته مولانا رومي ائين چئي انڪار ڪيو ته، ”آسمان کان
وڌيڪ بهتر ڀلا ٻيو ڪهڙو مقبرو هوندو؟“ ليڪن جڏهن
17 ڊسمبر 1273ع تي مولانا روميءَ جو انتقال ٿيو ته
سندس فرزند سلطان وَلَد مقبري ٺاهڻ جي اجازت ڏيئي
ڇڏي، جنهن کي ”قبهء حضرا“ يعني ”سبز گنبذ“ سڏيو
ويو ۽ اُن کي بدرالدين تبريزيءَ نالي معمار جوڙي
راس ڪيو.
باقي عمارت سن 1274ع ۾ سلجوقين ٺهرائي، جنهن ۾
اڳتي هلي عثماني ترڪن اضافو ڪيو، جنهن ۾ ڦوهاري
وارو اڱڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت لاءِ ڪمرو، ملاقاتي
حُجرو، درويشن لاءِ بيٺڪ، لنگرخانو ۽ تقريبات
وغيره لاءِ هڪ هال شامل آهي. سن 1927ع ۾ هن پوري
عمارت کي ميوزم ۾ تبديل ڪيو ويو.
هاڻي هي اُهو مقام آهي جيڪو مولانا جي مشرقي توڙي
مغربي پرستارن جي وڏي تعداد کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو.
6 جنون 2001ع تي جڏهن آءٌ اُتي هئس ته مون اُتي
مختلف ملڪن ۽ مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ ڪيترا
ماڻهو ڏٺا. مون اندازو لڳايو ته اُنهن ماڻهن کي
فارسي ٻولي يا فارسي ادب بابت ڪا سمجهه يا واقفيت
ڪانه هئي، پر انگريز ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ ۽
سمجهڻ وارا کوڙ هئا.
جنهن هوٽل ۾ منهنجو قيام هو، اُن جو مئنيجر مون کي
ٻڌايو ته اُتي هڪ ايراني واپاري آيل هو، ليڪن اُن
سان رابطو نه ٿي سگهيو. مون مقبري جي احاطي ۾ پنج
ڇهه ڪلاڪ گذاريا ۽ زيارتين جا انبوه مولانا کي
خراجِ تحسين پيش ڪندي ڏٺا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب،
روحاني سڪون جا متلاشي هئا ۽ سندن واپس وڃڻ وقت
اندروني سڪون ۽ اطمينان سندن روين توڙي سندن چهرن
مان بکي رهيو هو. آءٌ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هئس ته آخر اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن لاءِ ايترا
ماڻهو ڏورانهان پنڌ ڪري هِتي اچن ٿا! دنيا جي
سمورن صوفين، ليڪن خاص ڪري مولانا روميءَ پيار ۽
محبت جي ٻولي ڳالهائي آهي. مثنوي ۽ ديوان ۾ پيار
جو آفاقي ۽ لافاني پيغام آهي، جيڪو زمان ۽ مڪان،
سرحدن ۽ خطن جي حدن کان ماورا آهي. اُن ۾ هر
ماڻهوءَ لاءِ هڪجيتري ڪشش آهي. منهنجو يقين تڏهن
وڌيڪ پختو ٿي ويو جڏهن مون مقبري جي ديوار تي لکيل
هيٺيون فارسي پيغام پڙهيو، جيڪو ڪيترن ئي
سُووينيئرس ۽ ڪارڊن تي انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ اُهي
جڳهه جڳهه تي وڪامي رهيا ها:
باز آ باز آهر آنچه هستي باز ا،
گر کافر و گبر بُت پرستي باز آ؛
درگه ما درگه نوميدي نسيم،
صد بار گر توبه شکستي باز آ!
(ترجمو)
اچو اچو، وري اچو،
ڪير به هجو، وري اچو،
بُت پرست هجو يا آگ پرست،
اسان وٽ نه آهي ڪائي نراسيت،
وري اچو،
چاهي توهان ٽوڙيا هجن،
سؤ سؤ ڀيرا پنهنجا وڃن،
وري اچو.
وري اچو.
شوڪت حسين شورو
تنوير عباسي ـــ
سنڌي ادب جو موتي
داڻو
تنوير عباسيءَ پنهنجي دبئي جو سفرنامي ”چنڊ ٻه
ٽڪر“ ۾ نارائڻ شيام بابت لکيو آهي ته ”هو نه رڳو
وڏو شاعر آهي، پر وڏو عالم پڻ آهي. سندس شاعريءَ
کي سندس مشاهدن ۽ تجربن سان گڏ سندس وسيع علم ۽
اونهي اڀياس جو پس منظر آهي.“
نارائڻ شيام تمام وڏو شاعر آهي، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي.
تنوير عباسي هن کي اسان جي دور جو ’مها ڪوي‘ سڏيو
آهي، انڪري تنوير نارائڻ شيام جا پير ڇهيا ۽ هٿ
چميا. نارائڻ شيام جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو نهايت
سٻاجهو ۽ نماڻو شخص هو. هن جي انڪساري جي انتها
سندس ان شعر مان ظاهر آهي:
هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي،
نه پنهنجي شاعري اهڙي، نه پنهنجي زندگي اهڙي.
مون کي هڪ دفعو دهلي وڃڻ جو موقعو مليو، پر نارائڻ
شيام سان ملڻ نصيب نه ٿيو. خوش قسمتيءَ سان تنوير
عباسيءَ سان گهڻيون ملاقاتون ٿيون، ڪچهريون ٿيون.
مون کي جيڪڏهن اجازت ڏني وڃي ته تنوير عباسي جيڪي
لفظ نارائڻ شيام جي لاءِ چيا آهن، سي آءٌ خود سندس
لاءِ چوان ته تنوير عباسي نه رڳو سنڌيءَ جو سر موڙ
شاعر آهي، پر عالم پڻ آهي.
تنوير عباسي سنڌيءَ جي اُنهن ٿورن شاعرن مان آهي،
جن دنيا جي ادب ۽ شاعري جو وسيع مطالعو ڪيو آهي.
تنوير انگريزي ۽ فارسي پڙهيل هو، ان ڪري هن کي
انهن ٻولين جي شاعري پڙهڻ ۾ ڪا دقت ڪانه ٿي. تنوير
کي فارسي ۽ انگريزي کانسواءِ فرينچ، جپاني ۽ چيني
ٻولين جي شاعريءَ سان به دلچسپي هئي. جيتونيڪ
انگريزيءَ ۾ انهن ٻولين جي شاعريءَ جا ترجما موجود
آهن، پر تنوير کي شوق ٿيو ته فرينچ شاعريءَ کي
سندس اصلوڪي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ کپي. هونءَ ٽي. ايس.
ايليٽ جي چواڻي شاعري جو ترجمو ڌارينءَ ٻوليءَ ۾
ٿي نٿو سگهي.
تنوير فرينچ شاعري پڙهڻ لاءِ فرينچ زبان سکي. هن
هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جڏهن شروع ۾ هن دنيا جي ادب
جو مطالعو ڪيو هو ته هن ڏٺو ته ”شارٽ اسٽوري فرانس
مان شروع ٿي، آزاد نظم فرانس مان شروع ٿيو، تجريدي
آرٽ فرانس مان شروع ٿيو، جديد ڊرامو فرانس مان
شروع ٿيو. بهترين پرفيوم (تنوير جو پسنديده پرفيوم
شينل 5 هو)، بهترين فيشن فرينچ، بهترين وائن
فرينچ، ائين ٿو لڳي ته سڄو يورپ ۽ سڄي آمريڪا
فرانس جي ڪلچرل ڪالوني آهي.“ ان ڪري هن سوچيو ته
جيڪڏهن جديد ذهن کي سمجهڻو آهي ته ”جيستائين فرينچ
زبان نه سمجهبي، انهن کي سمجهي نه سگهبو ۽ اها خبر
نه پوندي ته ڪيئن انهيءَ ٻوليءَ سڄي يورپ تي اثر
ڪيو.“
تنوير کي فيرنچ شاعرن مان سينٽ جان پرس، پال ورلين
۽ بودلير وڌيڪ پسند هئا، هن پنهنجي شعري مجموعي
”هيءَ ڌرتيءَ“ جي مهڙ ۾ سينٽ جان پرس جي نظر جو
ترجمو ڏنو آهي:
روئجي يا تخليق ڪجي؟
هن گهڙيءَ اسان مان ڪير تخليق ڪندو؟
موت جو جواب تخليق ڪرڻ کانسواءِ
ٻيو ڇا آهي؟
تنوير جي شاعريءَ جي شروعات روايتي شاعريءَ سان ٿي
جڏهن هن جو لاڳاپو ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ سان هو.
تنوير ”سنگت ــــ هڪ تحريڪ“ جي پيغام ۾ ڄاڻايو آهي
ته هو اڳينءَ شاعريءَ مان بيزار ٿي نئين موڙ
ڏانهن مڙيو آهي. الهداد ٻوهئي جي چواڻي ”ڪهڙو عجب
آهي جو جن ڳالهين کيس روايتي شاعريءَ جو دستور
ڇڏايو آهي، اُنهن مان هڪ ورڊ سورٿ جو مطالعو به
هجي.“
ورڊ سورٿ ۽ سندس دوست سيموئل ڪالرج جي جوڙيل شعري
مجموعي
Lyrical Ballads
(سُريلا گيت) جي ٻئي ڇاپي جي مهاڳ طور، انگريزيءَ
جي مشهور شاعر وليم ورڊ سورٿ هڪ نهايت عالمانه قسم
جو مضمون لکيو هو. تنوير، مراد علي مرزا سان گڏجي
ان مهاڳ جو ترجمو ڪيو آهي.
Lyrical Ballads
يعني ”سُريلا گيت“ لکڻ سان ورڊ سورٿ جو مقصد اهو
هو ته جو ڪجهه به عام ۽ اکين آڏو آهي، ان کي
شاعراڻو روپ ڏجي.
To make the familiar Poetic
”ورڊ سورٿ پنهنجي ان نظريي جي حمايت سڀ کان اڳ ۾
شاعراڻن عروضي لفظن
Poetic Diction
جي مخالفت سان ڪئي ۽ خاص طور تي ملٽن ۽ جانسن جي
زبان جهڙي يا (Grand
style)
تي وار ڪيا اٿس.“
انگريزيءَ جي جڳ مشهور نقاد وليم هيزلٽ لکيو آهي
ته ”ورڊ سورٿ شاعريءَ ۾ فطرت ۽ عام انساني زندگيءَ
جي موضوعن کي استعمال ڪري، ان جي دائري کي وسعت
ڏني. هن ٻڌايو ته فطرت جي ڪابه شيءِ چاهي ڪيتري به
حقير ۽ غير اهم ڇو نه هجي، يا انساني سماج جو ڪوبه
طبقو کڻي ڪيترو به هيٺانهون ۽ خسيس ڇو نه هجي،
شاعريءَ ۾ اهي استعمال ڪرڻ لائق آهي. ورڊ سورٿ اهي
سڀئي ڳالهيون اهڙي خوبصورت طريقي سان زورائتن
احساسن ۾ بيان ڪيون آهن جو کانئس اڳ ڪنهن به شعر
ائين ڪونه ڪيو. هن انساني فطرت جي نين نين ڪيفيتن
۽ حالتن مان واقف ڪيو. انهيءَ لحاظ کان هو موجوده
دور جو هڪ جدت پسند ۽ نئون شاعر آهي. اهڙو شاعر
جنهن جي تحريرن کي وساري نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته انهن
جو مثال ڪٿي به هٿ نه ايندو.“
الهداد ٻوهئي جي چواڻي ”جيڪڏهن ورڊ سورٿ ڍنڍن،
ٻنين، فصلن،ماٿرين ۽ جبلن جو شاعر آهي ته تنوير
سنڌو ماٿريءَ جو، سنڌ جي ماڻهن جو ۽ سنڌي ماڻهن جي
شان جو شاعر آهي. تنوير دل جو شاعر آهي، جذبات جو
شاعر آهي ۽ ورد سورٿ نظاري جو، مشاهدي ۽ پسن جو
شاعر آهي.“
الهداد، تنوير عباسي ۽ ورڊ سورٿ جا ڪجهه شعر مثال
طور ڏنا آهن: تنوير جو شعر آهي:
اڄ سارو جڳ دل کي وڻي ٿو،
من ڇيلن جيان ڇال هڻي ٿو،
دل دکڙن جا ڏينهن وساريا.
Lucy Poems.
۾ ورڊ سورٿ جو هڪڙو بند آهي:
You can see a fawn at play
And hare upon the green,
But sweet face of Lucy gray,
Can never more be seen
تنوير جي نظم ۾ ڇيلن جو ڇال ۽ ورڊ سورٿ جي نظم ۾
سهي جو گاهه مٿان ٽپڻ طرف الهداد ڌيان ڇڪايو آهي ۽
هو تنوير عباسيءَ کي ورڊ سورٿ جيان ’فطرت جو شاعر‘
سڏي ٿو.
سنڌو دريا تي تنوير جي هڪ نظم جو شروعاتي بند آهي:
ڇلڪندڙ ڇوليون ڏسو
ڄڻ ڇيڳريون ڇوريون هجن.
هن جي هڪ ٻئي نظم ۾ ڳوٺ جو عڪس هن ريت آهي:
هوءَ رئي اُڏاڻي رستن تي
هو ڳوٺن ڏي ڌڻ موٽن ٿا
دز رنگ شفق سان ڳاڙهي آ
ٻُڌجي جهونگار ڌنارن جي
سنگيت ٽلين جي ساٿ ڏئي،
هوءَ رئي اڏُاڻي رستن تي.
تنوير عباسي برابر بنيادي طور تي شاعر آهي، پر هن
جو اڀياس ۽ علميت رڳو شاعريءَ تائين محدود ڪونهي.
هن نثر جي مختلف صنفن تي به لکيو آهي، جن ۾ مختلف
شاعرن جو شعري مجموعن جا مهاڳ، مضمون، خاڪا،
يادگريون، سفرناما، ادب، ڪلچر ۽ تصوف جي مختلف
موضوعن تي سندس تقريرون ۽ مقالا شامل آهن، پر
تنوير جو وڏو ۽ يادگار ڪم ٽن جلدن ۾ ڇپيل ”شاهه
لطيف جي شاعريءَ جو اڀياس“ آهي.
تنوير پنهنجي وسيع مطالعي جي بنياد تي شاهه لطيف
جي شاعري تي جديد معيارن ۽ ادبي اصولن مطابق لکيو
آهي، جنهن ۾ هن لطيف کي سندس اصل، نج ۽ ساڀيان رنگ
۾ پيش ڪيو آهي.
تنوير عباسي شاهه لطيف کي سنڌيءَ جو وڏي ۾ وڏو
شاعر سڏيندي چيو آهي ته شاهه شاعريءَ کي عوامي
بڻايو. عوامي سان تنوير جو مقصد آهي عوامي ٻولي،
عوام جا جذبا، عوام جو ماحول، عوام جا مسئلا تنوير
جي چواڻي ”شاعريءَ کي عوامي بڻائڻ جي باوجود شاهه
لطيف جي شاعريءَ کي جيڪا عظمت آهي. انهيءَ تي پوري
طرح قائم آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ردم، موسيقيت،
عڪسيت، رمزيت، اهڃاڻ سڀ ملندا. شاهه جي شاعريءَ ۾
وحدت جي تصور کي اهڙو سولو بڻائڻ، جو هڪ عام ماڻهو
جي زبان تي شعر اچي، اُهو شاهه جو وڏو ڪارنامو
آهي.“
تنوير عباسيءَ روحانيت ۽ تصوف کان علاوه شاهه جي
شاعريءَ جي جن ٻين پهلوئن کي جديد معيارن سان
پرکيو آهي. سي آهن: علامتي شاعريءَ جي پهلو،
عوامي، ٻولي، شاهه جا ڪردار، جيڪي عام ماڻهو آهن ۽
عام رواجي ڇوڪريون آهن.
اُنهن پهلوئن کان سواءِ تنوير عباسي شاهه جي
شاعريءَ جو هڪ نئون پهلو اسان جي اڳيان آندو آهي.
جنهن کي هو شاهه لطيف جي ’عڪسي شاعري‘ سڏي ٿو.
تنوير ان ڳالهه جي وضاحت هن ريت ڪئي آهي:
”مون شاهه کي هڪ ’عڪسي شاعر‘ ڪري سمجهيو آهي. تمام
ٿورا اهڙا شاعر آهن، جن اهڙي نموني جي عڪسي شاعري
ڪئي هجي. جڏهن سهڻي ٻُڏي ٿي تڏهن سهڻيءَ جو جسم ۽
ان جي خوشبو دريا جي پاڻيءَ ۾ ملي وڃي ٿي، شاهه
چوي ٿو:
لَهَر مڙوئي لال، وَهڻ کٿوريان وِترو
اوٻارا عَبيرَ جا، جر مان اچن جال...
”اهو عڪسي شاعري جو املهه نمونو آهي، جنهن جو مثال
اوهان کي سموري دنيا جي شاعريءَ ۾ ملي نه سگهندو.“
”ٻيو مثال سر مومل راڻي ۾ آهي، جنهن ۾ مومل ۽ سندس
ڀينرون تلاءُ تي وهنجن ٿيون. ان جو عڪس شاهه هن
بيت ۾ هيئن ڪڍيو آهي:
جنهن تڙ ڌوڙون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪيو،
اچن ڀنور ڀنڀوليا، پاڻيءَ تنهن پون،
راول رتو رون، ڪو وهه لڳو واسئين.
امداد حسينيءَ پنهنجي اڀياس ۾ تنوير عباسيءَ کي
گمڀير مڌرتا جو شاعر سڏيو آهي. هن جي لفظن ۾
”تنوير جي شاعري، برين ڇيلين جي مٽرين جي سُر
سمانُ آهي، جو ڏور کان ويجهو پوندو. پنهنجي وجود ۾
گم ٿيندو محسوس ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن وري پنهنجي ئي وجود
مان نڪرندو، ڦهلجندو، ويجهي کان ڏور پوندو، پولار
۾ پيهي ويندو آهي.“
تنوير عباسي نرم، نازڪ ۽ ڪومل جذبن جو نرم، نازڪ ۽
ڪومل شاعر آهي. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته شاعر جي
شخصيت ۽ سندس شاعري ائين رلي ملي ٻئي هڪ ٿي ويون
هجن. تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ جيتري ڪوملتا ۽
جيترو ميٺاج هو، اوترو ئي سندس شخصيت ۾ هو يا ائين
چئجي ته سندس شخصيت جي ڪوملتا ۽ ميٺاج هن جي شاعري
۾ اوتجي ويو هو ۽ اها نرم، نازڪ ۽ ڪومل بنجي وئي
هئي. اهڙوئي پوپٽ جي رنگا رنگ پرن جهڙو سندس هڪ
خوبصورت نظم آهي:
شعر لکان ٿو
ڄڻ مان ڪو پوپٽ پڪڙيان ٿو
يا ڪو گل گلاب ڇنان ٿو
يا ڪنهن مينهن ڦڙي کي جهٽيان ٿو
يا ڪنهن سهڻي من موهڻي جو
نازڪ نازڪ ڳل ڇهان ٿو
يا ڪنهن وڄ کي
پنهنجي پلاند ۾ قيد ڪريان ٿو
يا ڪنهن واچوڙي کي
پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪريان ٿو،
شعر لکان ٿو.
تنوير عباسيءَ رڳو جهيڻي جهيڻي جهانجهه وڄائڻ واري
شاعري ڪانه ڪئي. هن ائين به چيو آهي ته:
او تنوير اسان ستلن جي ننڊ ڦٽائڻ آيا آهيون،
اسان ته شاعر آهيون، سائين اسان ته ڳائڻ آيا
آهيون.
سارو ڳوٺ ڳهرجي ويو آ، ساري خلق سُتي پئي آهي،
منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي.
هاڻي ساز کڻان مان ڳايان، ڳهريل ڳوٺ جي نند
ڦٽايان،
جيئن مان پاڻ ٿو جاڳان تيئن مان ساري ديس کي ٿو
جاڳايان.
تنوير عباسي 4 ـــ مارچ ۽ ٺوڙي ڦاٽڪ وارن واقعن تي
خاص طور ’سر ڪيڏارو‘ لکيو ۽ هو سنڌي شاگردن کي ’اڄ
جا هوشو‘ سڏيندي چئي ٿو:
هوشو هڪ هئو، هڪ هڪ هوشو آهي اڄ
مٽيءَ مان لڌو، سائِي ٿي ڪُک سنڌ جي.
ــــ
مرن مارڳ منجهه، گولين سان پرڻ جُسو،
نه ڪا دانهن نه ڪوڪ آ، نه ڪا ڪنجهو ڪنجهه،
گوليون سيني منجهه، ته به نعرا نينهن جا.
پر جڏهن اڄ جا هوشو ۽ پاڻ کي جوڌا سڏائيندڙ مفاد
پرستيءَ جي ور چڙهي پڙهڻ بدران ڪرائيم ۾ ڪاهي پيا،
پنهنجي کي ئي داٻا ڏيڻ ۽ ڀتا خوري ڪرڻ لڳا ۽ سندن
حلف برادري نه ڪندڙ شاگردن کي هاسٽلن جي ڪمرن،
ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڪلاس رومن ۾ گوليون هڻي
مارن لڳا ته تنوير عباسي
Disillusion
وچان لکيو:
نئين نسل جي کوپرين ۾ علم بجا آ ڀوسو
يونيورسٽين ۾ هر مند جِهل جو فصل پچي ٿو.
ـــ
نئين نسل جي کوپرين ۾ ٻيو ڪجهه ناهي اوندهه آهي
ڊگريون کوٽا ڏوڪڙ، جن جو ڪوئي ڀي اگهه ناهي.
انهيءَ دل ڏکائيندڙ صورتحال هوندي به تنوير
مايوسيءَ جو شڪار ڪونه ٿيو. هو اميد پرست شاعر هو
۽ صبح جو ڳولائو هو. هن چيو هو:
منهنجو وطن اونڌاهو آهي، تنهنجن وارن کان به وڌيڪ
صبح سهائو ڳوليان ٿو، تنهنجن رخسارن کان به وڌيڪ.
۽ هن وڏي واڪي چيو:
او تنوير اسان جو دم آ جڳ ۾ بهارن کان به وڌيڪ
هڪ اهڙو شاعر جنهن نظر ۾ ’هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو‘
۽ هر ڪا دل ’هيرن جي کاڻ‘ هئي، سو ماڻهوءَ جي
ماڻهپي مان نراس ٿي ڪونه ٿي سگهيو.
آهي جي مايوس اڄ جو آدمي
ائين نه سمجهيو آدميت آ نراس
زندگي لڏندي رهي ٿي پينگهه جيان
هڪڙي پاسي ياس ۽ ٻئي پاسي آس.
۽ هو اسان کي آٿت ڏيندي چوي ٿو:
ڇو ايڏو مايوس ٿيو آن، تو ڇو دلڙي هاري آهي،
صبح به ايڏو روشن هوندو، رات به جيڏي ڪاري آهي.
اڄ اسان کي تنوير عباسيءَ جي غيرموجودگيءَ جو شدت
سان احساس ٿئي ٿو. تنوير جي پنهنجن لفظن ۾:
ائين لڳي ٿو ته سڄي عشق جي بازار ٿڌي
ڪو خريدار نه آ جيڪو ڏئي واڪ وڌي.
ان کان اڳ ۾ جو اسين تنوير جي وڃڻ کان پوءِ دانهن
ڪري، ڪجهه چئون ها، هو پاڻ اڳواٽ چئي ويو:
تون جي چپ ٿي وئين تنوير ته ڪوبه نه شعر ٻڌائيندو
دل وارن جي دردوندن جي محفل ڪير مچائيندو؟
حوالا
1 ـــ تنوير عباسي: ”چنڊ ٻه ٽڪر.“ مون کي اڳتي
وڃڻو آهي (سفر نامو). روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو،
2001ع.
2 ـــ طارق اشرف: ”لفظ ڳالهائن ٿا“ (انٽرويو) آرسي
3، حيدرآباد.
3 ـــ الهداد ٻوهيو: تنوير عباسي ۽ ورڊ سورٿ،
ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1970.
4 ـ تنوير عباسي ۽ مراد علي مرزا: سُريلن گيتن جو
مهاڳ (ترجمو) سهه ماهي مهراڻ 2-1959ع.
5 ــ امداد حسيني: تنوير عباسي ـــ گمڀير مڌرتا جو
شاعر. چوڏس ــ 3، حيدرآباد.
6 ــ تنوير عباسي: تنوير چئي (1950 کان 1988ع
تائين جو مڪمل ڪلام) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام
شورو 1989ع.
ڊاڪٽر تهمينه مفتي
”سورٺ“ ــ سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار
تعارف:-
سُر ”سورٺ“ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو
اُهو سُر آهي، جنهن جا ٻه پهلو نمايان آهن.
پهريون، جنهن ۾ احساسن جي شدت کي تند تنوار سان
ڳنڍيو ويو آهي. جڏهن ٻيجل ڪينرو ويهي وڄايو، ته
سٺو شهر لئي جي مڌرتا ۽ سُريلي انگ ۾ اڙجي ويو. هن
قصي جي چونڊ ڪرڻ ۾ شاهه ڀٽائيءَ جي آڏو فڪري پهلو
يقيناً اثرائتو ۽ زوردار
(Powerful)
هو. خاص طرح سُر ۽ لئي جي حوالي سان جذبن جي اُجري
ٿيڻ (Purgation)
۽ داخلي يعني اندروني ڪيفيتن جي اُڀار سان الميو
ظاهر ٿيڻ ۽ پوءِ ڪُل ۾ جُز جي هڪ ٿيڻ جو گهرو نڪتو
سمايل آهي. جيئن ته هن سُر جو موضوع ’تند جي
تنوار‘ آهي، جيڪو لئي ۽ سوز جي اهڙي ڪيفيت پيدا
ڪري ٿو، جو زندگي موت سان ڳلي ملي بقا جو هڪ اهڙو
انوکو تصور پيش ڪري ٿي، جيڪو هن سُر کي ڳوڙهو ۽
گنڀير بنائي ٿو. ”سرت نرت موسيقيءَ ۾ مهارت جا
مدارج آهن ۽ راڳ جو نياز سان اظهار (پيش ڪرڻ) اثر
انداز ٿيڻ لاءِ ضروري آهي. ساز جي وڄت جي حوالي
سان تصوف واري فڪر جي روشنيءَ ۾ شاهه صاحب
موسيقيءَ جي تاثير جي اصليت سمجهائي آهي ته حقيقت
۾ اهو تاثير ساز ۾ سمايل ناهي، پر سازندي
(وڄائيندڙ) جي اندر واري لئي ۽ نازڪ احساسن جي لهر
آهي. هيءَ ڪا ٻاهرين تند جي تان ناهي، پر وڄائيندڙ
جي اندروني راز جي رُون رُون آهي؛ اهي وڄائيندڙ
جون آڱريون ئي آهن، جيڪي ٿيون ساز کي ڇيڙين، پر
ٻُڌندڙ ٿا ڀائِينِ ته ساز ٿو سُر ڪڍي! حقيقت ۾
آڱرين جي اُٿل پٿل وڄائيندڙ جي ماهرانه ذهني
تصورات سان گڏ سندس نفسياتي ڪيفيتن ۽ نازڪ احساسن
جو مظهر آهي. جيئن هو ڪنهن نغمي يا سُر جي صورت کي
تصور ۾ آڻي ٿو، تيئن آڱريون خودبخود اُٿلن پٿلن
ٿين ۽ تند تنواري ٿي. اُها تنوار حقيقت ۾ وڄائيندڙ
جي اندر واري لئي تار آهي.“ (1)
ارسطو پڻ مٿئين نڪتي جي پٺڀرائي ڪري ٿو: ”سُر ۽
لئي مان الميو اُڀري ٿو“ (2)، جنهن جي ڪري (رحم،
ڊپ، ارپڻ ۽ سپردگي) جي ذريعي جذبن جي ڇنڊڇاڻ ٿئي
ٿي. اُهي پاڪيزه ۽ خالص ٿين ٿا. هيٺ ڏنل بيتن مان
مٿي ڏنل نڪتن جي چڱي نموني وضاحت ٿئي ٿي:
نرتي تند نياز سان، ٻرائي ٻيجل،
راجا رَتولن ۾، اوتائي اَمُل،
راز ڪيائين راوَ سين، موچاريءَ مهل،
”انا احمد بلا ميم“، سَين هنئي سائل،
ڪنہ ڪنہ پيئي ڪَل، ته هر دوئي هيڪ ٿئا.
(سُر سورٺ، داستان 2، بيت 8، ڊاڪٽر بلوچ)
هڪ ٻيو مثال
نِرتي تند نياز سان، ٻيجل ٻُرائي،
راجا رَتول ۾، ورنائي وائي،
ڪوٺايائين ڪوٽ ۾، ٻارِٽُ ٻاجهائي،
راجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿئا.
(داستان 2، بيت 9، بلوچ) |