لفظن ۾ سُرن ۽ وينجنن جي اهميت:
سنڌي لفظن ۾ سُرن ۽ وينجنن جي وڏي اهميت آهي. هڪ
لفظ ۾ ڪيترائي وينجنن ۽ سُر ٿي سگهن ٿا. لفظ ۾
وينجن هميشه سُرَ کان اڳ اچي ٿو. لفظ جي آخر سُر
کان پوءِ وينجن ڪڏهن به نه ايندو. مثال طور: لفظ
/گُلُ/ ۾ ٻه وينجن /گُ ۽ لُ/ آهن ۽ سُرَ به ٻه /
اُ، اُ/ اٿس، جن مان پهريون سُر، /گُ/ وينجن کان
پوءِ اچي ٿو ۽ ٻيو /لُ/ وينجن کان پوءِ اچي ٿو. ڪي
به وينجن اڪيلي سِر ڪوبه لفظ يا پد
(Syllables)
نٿا ٺاهي سگهن، پر اهي سُرن سان گڏجي لفظ ٺاهن ٿا.
مثال طور: /خَطُ /. ’خَطُ‘ ۾ ظاهري طور ڪنهن به ح
حروف علت (ا، و، ي) مان ڪوبه حرف ناهي ڏنل، پر /خ/
وينجن مٿان زبر (اَ) ۽ /ط/ وينجن مٿان پيش (اُ)
ڏنل آهن سي ئي سُر کي ظاهر ڪن ٿا، جيئن: /مُحَمدُ/
۾ چار سُرَ/ اُ، اَ، اَ، اُ/ آهن. جڏهن ته سُرَ،
وينجنن کان سواءِ پنهنجي مُنهن لفظ ٺاهي سگهن ٿا.
مثال طور: /ويو، ويا، آيو، آيا وغيره. دراصل اُهو
هڪ فني نقطو آهي جو عام پڙهندڙ کي هڪدم سمجهه ۾ نه
ايندو، اُن لاءِ هن کي لسانيات جي عالمن، ماهرن ۽
ٻوليءَ سان دلچسپي رکندڙن سان رجوع ڪرڻو پوندو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سُر جا ٻه تصور ٿين ٿا. هڪڙا اُهي،
جي مستقل طور اکري سڃاڻپ رک، تن کي حروف علت يعني
(Vowels)
چئجي ۽ ٻيا اُهي جي اکري سڃاڻپ نٿا رکن پر هر اکر
(وينجن) جي پڇاڙيءَ مان آوازي صورت ۾ ٻڌجن، اُنهن
کي رڳو سمجهڻ خاطر مختلف اعرابن ذريعي ظاهر ڪيو
ويندو آهي. جيئن: آ، اَ، اِ، اُ، اُو، اَو، او
اَي، اي ۽ اِي. سنڌي ٻوليءَ ۾ بڻيادي طور اِهي 10
صاف سُر آهن، جن مان وري ٻيا 10 سُر پٺيان/ ب/
ملائڻ سان ٺهن ٿا، جن جو مخرج نڪ ٿئي ٿو، تن کي
گهُڻا يا نڪاوان سُر چئجن: آنۡ، اَنۡ، اِنۡ، اُنۡ،
اُنۡ، اَونۡ، اونۡ، اِينۡ، اين، اَين.
سنڌي صورتخطيءَ ۾ حروف علت يعني: ا، و، ي کان
سواءِ جيڪي ٻه ٻيا حرف ٿين ٿا، اونهن جي مستقل
اکري شڪل کي حروف صحيح ۽ سندن آوازن / اُچارن کي
وينجن
(Consonants)
چئجي. اهڙيءَ ريت وري آواز جي لکيل صورت کي حرف /
اکر (Graphene)
چئجي.
لفظن جي معنوي اهميت:
انگريزي ٻوليءَ ۾ به اها خصوصيت عام آهي ته سندس
لفظ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي معانئن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا.
جهڙيءَ ريت سماج ۾ هر فرد جو هڪ ئي وقت ڌار ڌار
ڪارج ۽ ماحول ٿئي ٿو، تيئن سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لفظ
به پنهنجي سرشت ۾ ڪيترين ئي معنوي ڌارائن ۾ ورهايل
آهي. اُنهن لفظن جون معنائون گهڻو ڪري ڪنهن ٻوليءَ
جي عالم پنهنجي سر ويهي گهڙيون نه آهن پر انهن کي
سماج جوڙيو آهي. سماج ٻولي جو ايجاد ڪندڙ ۽
گهڙيندڙ آهي. دنيا جي ٻولين جي تاريخ جو (Mechanism)
گهڻو ڪري پنهنجين جاگرافيائي حالتن تي به محيط
آهي. جاگرافيائي حالتن جو مطلب اُهي سرحدي زبانون،
جي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڏيهي ٻوليءَ سان ويجهڙائي
رکن ٿيون، جنهن سان نه رڳو ڏيهي ٻوليءَ تي پاڙيسري
ٻولين جو اثر نٿو ٿئي پر هِن جو به اُنهن ٻولين تي
اثر پوي ٿو. جهڙيءَ ريت ڏيهي ٻولي ڌارين لفظن کي
پنهنجو ڪري ٿي، تيئن ٻيون ٻوليون به ڏيهي ٻوليءَ
جي لفظن کي قبولين ٿيون ۽ اُنهن کي پنهنجون
معنائون ڏين ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جو مطالعو
ڪبو ته اهڙا ڪيئي لفظ مثال طور نظر ايندا، جي
مختلف دؤرن ۾ ٻاهران آيا ۽ هتان جي ٻوليءَ ۾ ضم ٿي
ويا ۽ سڳيءَ طرح هِتان جا لفظ به اُنهن ٻولين ۾
جذب ٿي ويا. عربن هٿان سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ نه
رڳو سنڌي ٻوليءَ تي به عربيءَ زبان جو گهرو اثر
پيو ۽ ڪافي عربي لفظ سنڌي زبان ۾ ضم ٿي ويا پر ان
سان گڏ سنڌي ٻولي جو عربي تي اثر پيو ۽ ڪيترائي
خالص سنڌي لفظ عربي ۾ ضم ٿي ويا، جن جو ذڪر عرب
سياحن: جا حظ (864ع) ۽ البروني (1030-1017ع)
پنهنجن ڪتابن ”رسالہ فخر السودان علي البيضان‘ ۽
’ڪتاب الهند‘ ۾ به ڪيو آهي.
اِهو ته هيو ٻوليءَ تي ڌارين ٻولين جو اثر، جنهن
سان لفظن جي معنا ۽ شڪل ۾ تبديلي ٿي آهي، پر
ٻوليءَ تي ٻيو اثر اهو به پوندڙ آهي، جو سماج
پنهنجي مرضيءَ سان هر لفظ جي معنيٰ مطلب پنهنجو
ڪڍي ٿو اهو لفظي به ٿئي ته اصطلاحي به هن مقالي ۾
سنڌي ٻولي جي اهڙن لفظن جو جزوي طور ذڪر ڪيو ويو
آهي، جي صوتي ۽ صرفي هڪجهڙائي رکڻ جي باوجود به هڪ
ئي وقت جدا جدا معنا رکن ٿا ۽ ساڳئي وقت اهڙي لفظن
جي به نشاندهي ڪئي ويئي آهي جي لفظي معنا هڪڙي رکن
ٿا، پر سماج گهڻو ڪري اُن جي معنا ٻي ڪڍي ٿو. اهو
هڪ دلچسپ بحث آهي، جنهن تي هڪ الڳ مقالي لکڻ جي
ضرورت آهي، پر هتي موضوع جي نسبت سان جزوي ذڪر ڪيو
ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڳيا لفظ ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا
اُهي، جن ۾ وينجن ساڳيا ٿين پر سندن سُرن ۽ آوازن
۾ فرق ٿئي. مثال طور: /ڀَلو ۽ ڀُلو/. هنن لفظن جي
بظاهر حرفي (وينجني) بناوت ته ساڳي آهي، پر ٻن
مختلف سُرن/ اَ ۽ اُ/ جي هجڻ ڪري معنا ۾ تبديلي
اچي ٿي، تن لفظن ۾ ’آوازي صوتيو‘ ٿئي يعني اُهي
آواز، جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪن. ٻيا اُهي لفظ،
جن ۾ وينجن ۽ سُر به ساڳيا، پر سندن معنائون جدا
جدا ٿين، مثال طور /تارَ ۽ تارَ/. هنن لفظن ۾
ساڳيو لفظ ٻه ڀيرا لکيو ويو آهي، جنهن ۾ وينجن به
ساڳيا ته سُر به ساڳيا آهن، پر هتي اُن جا ٻه
ماحول ڏيکاريا ويا آهن، جي ڌار معنائون ٻڌائن ٿا،
تن لفظن ۾ ’معنوي صوتيو‘ ٿئي. هتي هڪ ’تارَ‘ جي
معنا آهي ’سڪ‘ ۽ ’محبت‘، ٻئي هنڌ سندس معنا آهي
’ڌاتوءَ جي سنهڙي تندُ‘. ساڳئي لفظ جو اهڙو احول،
جنهن ۾ هو هڪ کان وڌيڪ معنا ٻڌائي، تنهن کي
لسانيات ۾ ’معنيات‘ (Semantics)
چئجي. اُن متعلق ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب:
”ٻوليءَجو سرشتو ۽ لکاوٽ“ (سنڌي ٻوليءَ جون
لِپيون) ۾ لکي ٿو:
”ڪنهن به ٻوليءَ جي هرهڪ لفظ جي ڪا مکيه (مکيو) يا
بنيادي معنا آهي، جنهن کي ان لفظ جي اکري معان
سڏجي ٿو، پر ٻوليءَ جي رواج مطابق ڪيتار لفظ
پنهنجي اکري معنا کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ معنا جو به
اظهار ڪندا آهن، جنهن کي لفظ جي اصطلاحي معنا چئبو
آهي. مثال طور: ’گڏهه‘ لفظ جي اکر معنا آهي ’هڪ
خاص شڪل جو جانور‘، پر جڏهن ان لفظ جو استعمال
ڪنهن شخص کي ڪجي ٿو، تڏهن گڏهن لفظ جي اصطلاحي
معنا پيدا ٿئي ٿي، جيڪا آهي ’مورک‘ يا ’بيوقوف‘،
ان طرح ڳالهائيندڙ جي ڍنگ ۽ جنهن لاءِ هو ڪا ڳالهه
چئي رهيو آهي اُن جي حوالي مان به لفظ پنهنجي اکري
معنا ڇڏي ڪو ٻيو مطلب ڏيندا آهن. اهي لفظ، جنهن
اندر لفظن جي معنيٰ جو اڀياس ڪجي، ان کي ’ارٿ و
گيان‘ علم معنيات (Semantics)
چئجي.“
هن ئي علم سان اهڙا به لفظ واسطو رکن ٿا، جن جي ڀڃ
مان لفظي معنيٰ هڪڙي نڪرندي پر سماج جو گهڻو حصو
اُن جي ابتڙ معنيٰ ڪڍندو.
مثال طور: ”ماحولياتي گدلاڻ“، هي اهڙو لفظ آهي،
جنهن جي تقطيع ڪبي ته لفظي معنيٰ نڪرندي:
ماحول + يات+ اِي +گدلاڻ [ (ماحول) = اوسو پاسو،
(يات) =سائنس، (اِي) = حرف جر، (گدلاڻ = خرابي)
يعني: ’ماحول جي علم جي خرابي‘
جڏهن ته سماج جو گهڻو حصو اُن جو مطلب ڪڍي ٿو:
’ماحول جي خرابي‘، حالانڪ (ـــ يات) علم / سائنس
کي چئجي جيئن:
سماج+ يات = سماجيات (سماجي علم)
رياضي + يات = رياضات (حسابن جو علم)
حيات + يات = حياتيات (زندگيءَ جو علم)
ارض+ يات = ارضيات (زمين جو علم) وغيره.
تيئن: ماحول+ يات = ماحوليات (ماحول جو علم)
جيڪڏهن (ــ يات) جي پٺيان حرف جر جو جزو /اِي/
پڇاڙي طور لڳائبو ته پوءِ اُن مان جيڪا معنا نڪري
ٿي سا لسانيات جي عالمن ۽ ماهرن لاءِ ڏاڍي مضحڪه
خيز ۽ سخت چڙ ڏياريندڙ آهي. ماحول کي انگريزيءَ ۾
(Environment)
چئجي. جيڪڏهن ان جي پٺيان (-al)
پڇاڙي طور لڳائبو
ته پوءِ ٿيندو
‘Ebvuribnebtak’
يعني ’ماحولي‘، ان جي پٺيان لفظ
‘Protection’
لکبو ته لفظ ٺهندو:
‘Environmental protection’
يعني ’ماحولي تحفظ‘، جنهن جي معنيٰ ”ماحولياتي
تحفظ“ ڪڏهن به نٿي نڪري. دراصل ’ماحولياتي گدلاڻ‘
لفظ تي اردو ٻوليءَ جي عدد جمع واري صيغي:
امڪانات، خدشات، توقعات، تعليمات ۽ پيغامات وغيره
جو اثر آهي. اُنهن لفظن جي پٺيان (ـــ آٽ) پڇاڙي
آهي جا عدد جمع کي ظاهر ڪري ٿي، تنهنڪري
’ماحوليات‘ جي پڇاڙي ’ــــ يات‘ ڄڻ (Logy)
طور وٺڻ بجاءِ اردوءَ جي عدد جمع واري (ـــ آٽ)
طور معنيٰ طور ورتي پئي وڃي. ائين هڪ ٻيو لفظ آهي
’موتمار‘، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي’ موت تي فتح
حاصل ڪندڙ‘ يعني ’زندگي بخشيندڙ‘، پر ان مان جيڪا
معنيٰ ڪڍي وڃي ٿي سان ڏاڍي افسوسناڪ آهي، يعني:
زندگي ختم ڪندڙ!‘
ٻوليءَ ۾ لفظن جي اهڙي معنوي ڦيرگهير جو تعلق گهڻو
ڪري سماج سان آهي. سماج ۾ هڪڙا لفظ ڊهندا اهن ته
ٻيا وري اُنهن مان بگڙجي نئون روپ وٺندا آهن ۽ اُن
جو تعلق گهڻو ڪري لفظن جي نحوي يا صرفي خصوصيتن
سان نه هوندو آهي، پر اُن جو ڳانڍاپو سماجي
ڦيرگهير سان هوندو آهي. ماڻهوءَ جي به هڪ طبعي حد
مقرر آهي، جنهن ۾ هو زندگي گذاري مري وڃي ٿو، پوءِ
سندس سماجي ڪارج ئي رڳو مثال طور باقي رهي ٿو،
تيئن لفظن جي به هڪ زندگي مقرر ٿئي ٿي، جنهن کان
پوءِ هو ختم ٿي وڃن ٿا. سنڌي لفظن جي تاريخ تي غور
ڪبو، ته اهڙا ڪيترائي لفظ ڏسڻ ۾ ايندا، جي هينئر
مروج نه آهن، ۽ مري ويا آهن، پر اُهي لفظ جي هينئر
استعمال ڪبا ته هاڻوڪو نسل اُن کي نه سمجهي سگهندو
۽ نه وري ڪتب آڻڻ لاءِ تيار ٿيندو. اِن جو مقصد
اِهو ٿيو ته لفظن جي اها فطرت اڻٽر آهي، جنهن سان
ٻوليءَ کي ڪوبه نقصان ڪونه ٿو پوي، بلڪ ان جو
واسطو زماني جي ترقي ۽ تنزل سان آهي. جڏهن سماج ۾
ترقيءَ جو رجهان وڌندڙ آهي، ته پوءِ يقيناً ٻولي
انهن حالتن جو پاڻ مرادو اثر قبوليندي. پوءِ
جيڪڏهن ڪو فرد ڪنهن لفظ جي بگڙجندڙ صورت کي پنهنجي
اصلوڪي يعني معنوي روپ ڏانهن موڙڻ چاهيندو، ته
گهڻو ڪري ڪامياب نه ٿي سگهندو . هن وقت سائنس ۽
ٽيڪنالاجي عروع تي آهي ۽ هر ماڻهو چاهي ٿو ته اُن
مان ڀرپور فائدو حاصل ڪجي، تنهنڪري هو پاڻ توڙي
پنهنجي والد کي ”انگريزي ٻولي“ سيکاريندو، پوءِ ڇو
نه اُهو ماڻهو سنڌي ٻوليءَ سان اَجهل عشق ڪندڙ
هجي. ڇو نه لسانيات جو عالم هجي، پر اِها سندس
مجبوري ۽ وقت جي ضرورت آهي جيڪڏهن ائين نه ڪندو ته
هو جهڙوڪر وقت ۽ حالتن مان ڦٽندڙ ترقيءَ ۽ فائدي
کي پُٺي ٿو ڏئي، هن وقت اسان کي اهڙا لفظ جن جو
مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي عجيب لڳن ٿا پر جيئن وقت
گذرندو ۽ اسان جي جاءِ نئون نسل والاريندو، تنهن
لاءِ اهي ساڳيا لفظ عجيب نه هوندا. البته فردن کان
اڳتي سماجي يا گروهي طور اهڙن لفظن جي صحت، زندگي
۽ لفظي معنيٰ کي بچائڻ لاءِ موقعي سر اُپاءَ ورتا
وڃن، ته پوءِ اُن جا نتيجا خوش آينده نڪري سگهن
ٿا.
حميد سنڌي
(يادگيرين جو سفر)
ڳالهيون
پير حسام الدين راشدي جون
هن مهل تائين گهاريل حياتيءَ ۾ مون ته هر انهيءَ
ماڻهوءَ کي حيرت ۽ عجب وچان ڏٺو آهي، جنهن مون کي
پنهنجو سمجهي پنهنجو ڪيو آهي، يا مان پاڻ سندس
حيرت انگيز عمل دخل کي ڏسي هُن جي وجهو ويو آهيان.
مان اُنهن ماڻهن سان گهاريل گهڙين کي گهڻو ڪري پاڻ
وٽ سانڍي رکندو آهيان ۽ سندن لاءِ لکيو به گهٽ
اٿم. اَڄ جڏهن يادگيرين جي ورقن کي اٿلائڻ جو حڪم
مليو آهي، خاص طرح اُنهيءَ شخصيت لاءِ، جنهن لاءِ
مون ته پنهنجي اندر ۾ جايون جوڙيون جو هُن به
پنهنجي اندر ۾ منهنجي لاءِ به هڪ جاءِ جوڙائي هئي،
جنهن ۾ مان رهندو ڇا هوس، پر سندم شعوري پالنا به
اُنهي مَنَ واري گهر ۾ ٿي. اُت رهندي مون سندس
محبت، پيار ۽ شفقت جهڙن جذبن کي جال ڏٺو، پر اُنهي
سان گڏ حيرت ۽ عجب ۾ وجهندڙ سندس جذبن، احوالن،
عمل ۽ رَدعمل کان به آگاهه ٿيس. ڇا هيءُ ڪو عام
ماڻهو هو! ڇا هر عام ماڻهو، هئڙا ڄاڻ وارا نقطا،
آگاهي ڏيندڙ ۽ ڪڏهن تپرس ۾ وجهندڙ پر ڇرڪائيندڙ
خيال رکندڙ ٿو سگهي ٿو؟ ڇا هن جوڙجڪ جهڙا ماڻهو
عام جام ملي سگهن ٿا، جن جي ڏاهپ ۽ سمجهه سان هر
ننڍي وڏي ماڻهوءَ جو اِدراڪ ٿي سگهي ٿو؟ بهمڻ ڳوٺ
جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ پلجندڙ ٻاراڻي اوستا کان وٺي
جوانيءَ تائين، هُن اهڙيون ڪي رمزون ڄاڻي ورتيون
يا سُپتيو ٿي گهارڻ جا گُر ڄاڻي ورتا هُيا، جو بنا
ڪنهن تاج پهرڻ جي هُن سڄي جهان کي ڪيئي تاج پهرائي
ڇڏيا. ها سائين! بهمڻ ڳوٺ جي ويراني مان، ماڻهن جي
مَن جون ڪيئي وستيون آباد ڪرڻ لاءِ نڪتل هيءُ شخص
ٻيو ڪير نه، پير حُسام الدين راشدي هيو. پاڻ اڪيلو
ڪونه هو، هڪ بي ٻهڳڻ شخصيت ساڻس گڏ هئي: پير علي
محمد شاهه راشدي هيو، پاڻ اڪيلو ڪونه هو، هڪ ٻي
جڳهن شخصيت ساڻ گڏ هئي پير علي محمد شاهه راشدي.
مون شخصيتن جي حوالي سان جڏهن به ڪا ڳالهه ڪئي آهي
ته ذهن ۾ اِها ڳالهه رکي ڪئي آهي ته کين ياد رکڻ
لاءِ سندن تسبيح ۾ ڏاهپ ۽ سمجهه سان گڏ انسانيت جي
عظمت جا ڪيترا مڻيا هُيا يا آهن. مڻيادار ماڻهو
اِنهن مڻين جي آڌر تي پرکيو ويندو آهي. اُن لاءِ
ئي سندس هڪ قريبي دوست حڪيم محمد سعيد پنهنجي هڪ
مضمون ۾ لکيو هو ته: ”... آءٌ جنهن ڳالهه کي هن جي
لاءِ وڏي فضيلت سمجهان ٿو اُها آهي انسان سان سندس
محبت. انسان جي لاءِ عزت ۽ احترام ڪو سندن خصلت ۾
ويٺل هو. هو هر انسان سان محبت ڪندو هو ۽ سخت
تنقيد ڪرڻ وقت به انساني مرتبي کي ڪونه وساريندو
هو...“
منهنجي خيال ۾ ڇاڪاڻ ته پاڻ هڪ عظيم انسان هو،
تنهن ڪري ئي منجهس هر انسان لاءِ عزت ۽ محبت جا
انبار هُيا.
مون کي ياد آهي ته پير صاحب حجت ۽ پيار وچان ڪڏهن
ٻاڙا ٻول به ٻولي وٺندو هو. سندس اهڙن ٻولن تي
ڪيترا دفعا رنج پهتو. مون ساڻس ملڻ ڇڏي ڏنو. پڇا
ڪرڻ تي ماهتاب محبوب، جنهن سان سندس ۽ منهنجو قرب
جو رستو هو، تنهن ٻڌائي ته حميد سنڌي کي اوهان جي
ڳالهين مان ڏک پهتو آهي. اُن وقت چيائين، ”اهڙي
ڳالهه نه آهي، حميد ته مون کي ڏاڍو پيارو آهي.“
پوءِ پاڻ مون وٽ هلي آيو ۽ پرچايائين ته مان روئي
ويٺم، پر ڏٺم ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
هيءُ محبتن جو ڀنڊار شخص چڙ، ڪاوڙ يا حجت ۾ جيڪي
به وڻيس چئي ويندو هو، پر گهڙي پل کان پوءِ هُو
ماڻهو ئي ٻيو هوندو هو. سندس هر
Nagative
عمل جو ردِعمل عجيب ۽ مثبتي
Positive
هوندو هو، جنهن ۾ مون سندس اکين ۾ پهريائين پڇتاءُ
جو عنصر، پوءِ محبت ۽ قرب جي چمڪندڙ روشني ڏٺي.
مون کي لڳو ته هيءُ شخص رڳو ماڻهن کي پيار نٿو ڪري
پر سندس مٽي جنهن مان هو ڳوهيل آهي، اُن کي به
پيار ڪري ٿو. هو اُن جي ٻوليل اکرن کي به مان
ڏيندو هو. مرحوم حڪيم سعيد صاحب جو وَري ذڪر ڪيان
ٿو، جو هُن اُن ئي مضمون ۾ ٻئي هنڌ لکيو آهي:
”... سنڌ جي سرزمين سان ته کيس ڪا وڏي حُب هئي ۽
سنڌ جو پاڪستان جي هڪ حصي هجڻ جي ڪري هُنَ کي
پاڪستان سان به عش هو، جيئن هر پاڪستاني کي هئڻ
کپي، سنڌي سندس زبان هئي ۽ هو اُن زبان سان انڪري
محبت ڪندو هو، جو اُن ۾ شاهه لطيف جو ڪلام آهي،
جنهن کي هر مذهب ۽ ملت وارن وٽ عام مقبوليت حاصل
آهي. انهيءَ هوندي به اُردو زبان سان سندس گهاٽو
سنٻنڌ هوندو هو، ايتري قدر جو مرڪزي اردو بورڊ ان
سندس تعلق ۽ واسطو آخري وقت تائين قائم رهيو.
مان ائين سمجهان ٿو ته پير صاحب ازلي اُڃايل هُيو،
پيار جو محبت جو، جنهن ڪري هر ماڻهوءَ سان لونءَ
لاتئون ۽ ٻيو هُو اُڃايل هو ڄاڻ چئو آگھي چئو يا
علم چئو اُن جو، جنهن لاءِ هو سڄي عمر ڳولا ۾
رهيو. سڄي جهان جون اهم ٻوليون سکيو. عربي، فارسي،
سنڌي، انگريزي، اُردو ته گهڻي کان گهڻي ڄاڻ جو
خزانو، شهر شهر، ملڪان ملڪ لتاڙي ڪنهن فاتح وانگر
کڻي پنهنجي ملڪ پنهنجي وطن ۾ آڻيان. اُن سان ماڻهن
جي اندر بيوسين ۽ محرومين جي خال کي ڀريان. هُن
ايران جي فارسيءَ جي خرزين کولي ته ڇا نه نڪتو:
مرزا اصلح جو تذڪره شعرء ڪشمير، مير علي شير قانع
ٺٽويءَ جو تحفة الڪرام، مقالات الشعراءِ، مڪلي
نامو، مثنويات ۽ قصائد، ميرڪ يوسف جو تاريخ مظهر
شاهجهاني، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي تاريخ
منشورالوصيت، مير محمد ٺٽوي جو ترخان نامون ۽ ٻيا
ڪيترا نادر نسخا. چون ائين ٿا ته پير صاحب جي اندر
۾ هڪ تاريخدان ويٺل هو، جنهن جو اِهو ڪم هو ته هِن
نسل توڙي ايندڙ نسل کي تاريخ جي عمل ۽ ردِعمل مان
پيدا ٿيندڙ نفعن نقصانن ۽ تلخ حقيقتن يا خوش فهمين
کان آگاهه ڪرڻ ـــ ڇاڪاڻ ته گهڻو تڻو چوندا ائين
آهن ته تاريخ بي رحم ٿيندي آهي پر ڪٿي بيوس ۽
لاچار.
پر سندس هڪ ٻيو سٿي ڊاڪٽر جميل جالبي اُن جاکوڙ يا
پهڻ ٽُۡڪڻ واري ڪيفيت کي هن نموني بيان ڪري ٿو:
”.... پير حُسام الدين راشدي بنيادي طرح تي تاريخ
جا عالم هُيا، ۽ تاريخ جي نسبت سان ئي سندن نظر
مختلف علمن ۽ فنن تي هئي. پير صاحب، سنڌ جي تاريخ
۽ تهذيب جي بنيادي ماخذن کي مرتب ڪري شايع ڪرائي
سنڌ جي علمي ۽ تهذيبي زندگيءَ کي نئين حياتي بخشي.
اڄ سنڌ جو جيڪو نئون نسل علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪري
رهيو آهي، اُهو پير صاحب جي ئي ڪيل بنيادي ڪم مان
روشني ۽ رهبري حاصل ڪري رهيو آهي. جديد تحقيق جي
روايت کان سنڌي لکندڙن کي پير صاحب ئي واقف ڪيو.
سندس اها خدمت تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندي.“
سنڌ جو هيءُ عجائب روزگار شخص تحقيق جي حوالي سان
جُهد پٽي ٿو ته سنڌ جي تاريخ، اُن جي ماخذن ۽ ماڳن
مڪانن ۽ ماڻهن ڏي رُخ موڙي، سنڌ جي ثقافت ريتن
رسمن ۽ اُن سان ٿيل ڏاڍ ڏمر لاءِ خاموش صدا بلند
ڪري ٿو، جنهن کي الهامي آواز هُيو، هوئن به ڪتابي
آواز الهامي آواز ئي هوندا آهن. تازو عزيزم زاهد
حسين جو نئون ڪتاب ”تاريخ هند ــــ پس منظر، پيش
منظر“ (اُردوءَ ۾) آيل آهي، جنهن ۾ کانئس هڪ دوست
جهان قدر پڇي ٿو ته زاهد خان، تنهنجي خيال مطابق
تاريخ جيڪا اسان کي پڙهائي ويئي آهي يا اسان پڙهي
آهي، سڀ قصن ۽ ڪهاڻين تي مبين آهي؛ ڇاڪاڻ ته
ماضيءَ جي دور جا ماڻهو اُن کي تاريخ جو نالو ڏين
ٿا“. زاهد حسين جواب ۾ چئي ٿو ته ائين نه آهي، مان
تاريخ کي هاڻي به ڪيترن حصن ۾ ورهائيندو آهيان.
اُها به تاريخ آهي، پر ماڻهن جي، جاين، ماڳن مڪانن
جي. جارج برنارڊشا جو هيءُ جملو ٻڌ:
All history is incorrect execpt names and places
and all novels are correct execpt individuals
and places.
جان نوبل ولفرڊ چئي ٿو:
All works of history are interim reports.
اصل ۾ هر قصي ڪهاڻي ۾ يا ته علم جو پهلو آهي يا
ته غلو جو پهلو آهي يا ڪجهه نه ڪجهه لڪايل هوندو
آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته بادشاهن جي تاريخ،
ڊاڪوئن جي تاريخ، انسانن کي غلام بنائڻ جي تاريخ،
هيءُ سڀ قصا ڪهاڻيون آهن؛ اصل تاريخ ته صرف اُها
آهي جنهن جو تعلق عام ماڻهوءَ سان هجي. هڪ ماڻهوءَ
جي تاريخ نه ٿيندي آهي، بلڪ تاريخ مان مراد دراصل
سڄي قوم يا علائقي يا دور جي حساب سان ليکبي آهي.“
اسان جي هڪ سُٺي دوست مرحوم ناصر مورائيءَ، ”اروڙ
جي مٽيءَ جي سڳنڌ“ جي عنوان سان پير صاحب سان هڪ
انٽرويو ڪيو هو، جيڪو هفتيوار ’برسات‘ (ڪراچي) ۾
ڇپيو هو. هُن پير صاحب لاءِ لکيو هو، ’اروڙ جي
فرياد جيئن خاموش ۽ اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان
واسيل پير حسام الدين راشدي وٽ بنا وقت مقرر ڪرڻ
جي پني تي سوال لکي وٽس پهتس‘. هيءُ تاريخي
انٽرويو آهي. سندس هڪ ٻن سوالن جي جواب کي پيش ڪجي
ٿو، اِن لاءِ ته پير صاحب سنڌ جي تاريخ، اُن جي
ماخذن ۽ ماڳن مڪانن تي ڇو ويهي جُهد پٽي آهي ۽ سڄي
حياتي رولڙي ۾ رولي هيءُ هزارن صفحن جو مواد گڏ
ڪيو آهي، صرف صرف اِن لاءِ ته هُن جو سنڌ، اُن جي
عام ماڻهن ۽ اُن جي معاشري سان عشق هو ۽ هُن اِهو
خزانو ڇو جو هيئن جوڙو هو:
ناصر مرحوم کانئس پڇيو هو ته ”سائين توهان جيئن
مٿي ذڪر ڪيو آهي ته تاريخ تي جيڪي توهان ڪتاب ڇڏيا
آهن، اُهي فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن کي سنڌي ترجمي ۾
آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڏس ۾ توهان ڪهڙيون
ڪوششون وٺي رهيا آهيو“. پير صاحب جواب ڏنو هو،
”ادا، منهنجي ڄمار هن وقت چوهٺ ورهيه آهي. جيڪي
فارسي ماخذ آهن، اُنهن جي جيڪڏهن ڇپائڻ جي ڪوشش
ڪريان ته منهنجي زندگيءَ جا چند سال ته ڇڏيو اڃا
پنجاهه سال گهرجن. منهنجو ڪو متن شايع ڪرڻ آهي،
اُن ۾ مون ٽي چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا آهن. مان
تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي. مون کان اِهو ٿي نه
سگهندو ته اُنهن ڪتابن جا ويهي ترجما ڪريان. اُن
لاءِ ڪو ٻيو شخص تيار ٿئي سنڌي ادبي بورڊ ۽
سنڌالاجي کي اُنهن ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ گهرجن.
سنڌ جي تاريخ تي الڳ شعبو قائم ڪرايون. سنڌ جي
قديم تهذيب، جيڪا پنج هزار سال پراڻي آهي ۽ جيئن
هر ملڪ کي پنهنجين تهذيبن تي فخر هوندو آهي تيئن
اسان کي به پنهنجي تهذيب تي فڪر ڪرڻ گهرجي. ان ڪري
بالڪل ابتدائي تعليم جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم
تهذيب، تاريخ ۽ ناليوارين شخصيتن جا ذڪر اَذڪار
آڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌي ٻار کي ننڍي هوندي کان
پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ جي ڄاڻ حاصل ٿئي. پر ادا،
اسين آهيون پراڻي وس. باقي سنڌ جي تاريخ جا ترجما،
سنڌ جي سلسليوار تاريخ لکرائڻ، تاريخ ثقافت ۽ علم
جي ٻين ڪيترين ئي شاخن تي تحقيق ٿيل نه آهي. اها
تحقيق ڪرائڻ، سنڌ جي قديم تاريخي جڳهين ۽ آثارن کي
محفوظ ڪرائڻ قومي فرض آهي. ٻيو ته جيڪڏهن تاريخ کي
سنڌيءَ ۾ نه آندو ويو ته اسان جي ماڻهن کي پنهنجي
تاريخ جي ڪيئن خبر پوندي. ڪيئن سُرت ۽ جاڳرتا پيدا
ٿيندي ۽ ڌارين جا سنڌي قوم تي ٿيل ظلم هن جي نگاهن
۾ ڪيئن ايندا. پنهنجي پرائي ۾ جيڪو شرافت ۽
همدرديءَ جو فرق آهي، ان جو هڪ کي ڪيئن احساس
ٿيندو.“
پير حُسام الدين راشدي اِنهيءَ جاڳرتا ۽ احساس
لاءِ جملي ايڪيتاليهه ڪتاب ــــ ٻارهن سنڌي ۾،
پنجويهه فارسي ۾ ۽ چار اردو ۾ لکيا. سندس آخري
ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ آهي. سندس سنڌيءَ ۾
ٻيو مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ آهي. ”ڳالهيون
منهنجي سنڌ جون“ سندس مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويو
۽ هڪ ڪتاب ”تذڪره مشايخ سيوستان“ تي مشتمل آهي، جو
غلام محمد لاکي جو سهيڙيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ
شايع ڪيو آهي. پير صاحب جي ڪتابن ۾ صفحي صفحي تي
سنڌ جا ماڻهو، سندن رهڻي ڪهڻي ۽ خوبيون ۽ اوڻايون،
سنڌ جي تاريخي جاين جڳهين سان گڏ سندن مڙهه مقام
وکريا پيا آهن.
منهنجي خيال ۾ پير صاحب هرهنڌ هڪ ئي ڳالهه ڪئي
آهي. ڇاڪاڻ ته سندس اندر ۾ به ماڻهو نه هڪ ئي
ماڻهو رهندو هو، جيڪو مورخ هوندي به صحافي به هو،
ڪهاڻيڪار به مفڪر به، سنڌ جي نئين سوچ جو محرڪ،
جنهن ڪڏهن به ٻه ڳالهيون نه ڪيون، صرف هڪ ڳالهه:
سا آهي بقول پير صاحب جي ته: ”سنڌ جي تاريخ گهڻي
آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ
دلچسپ به آهي ۽ تمام اهم پڻ. پر اُها اڄ تائين
ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي ٽڙيل پکڙيل آهي! سنڌيءَ
يا ڪنهن ٻي زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو
آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو بنيادي خاڪو ڪوٺي
سگهجي. يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني
حالت هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. قومن ۾ زندگيءَ جي
جذبن ۽ ولولن کي تازي رکڻ ۽ منجهن عملي جوش لاءِ
نئين خون پيدا ڪرڻ جو اهم ذريعو قومي تاريخ آهي.
قومي تاريخ جي صفحن تي ئي پنهنجن بزرگن جا خون
پيدا ڪرڻ جو اهم ذريعو قومي تاريخ جي صفحن تي ئي
پنهنجن بزرگن جا شاندار ڪارنما آئندن نسلن لاءِ
زندگيءَ جو سبق بڻجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم
پنهنجي ماضي کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي عروج
۽ زوال جي سببن تي ٿڌي سيني سان غور ڪري پنهنجو
مستقبل درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي
ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه آهي، اُن لاءِ سمجهڻ
گهرجي ته اُها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي
هڪ نهايت اهم وسيلي کان محروم آهي.“ هيءُ ئي سوچ
هئي جيڪا محرڪ بڻي ۽ هڪ تحريڪ بڻي.
پير علي محمد راشدي سندس حياتي جي محرڪات تي نظر
وجهندي پنهنجي شاندار مضمون ”حُسام الدين مرحوم
حسام الدين ڪيئن بنيو“ (جيڪو مهراڻ 1997ع واري
”پير حسام الدين راشدي“ نمبر ۾ ڇپيو) ۾ پنهنجي عشق
محبت ۽ ساٿ کي هيئن ظاهر ڪيو آهي: ”ما و مجنون هم
سبق بوڊيم در ديوان عشق“ پر اُن سان گڏ پير صاحب
جي ڄمڻ کان وٺي، ٻالپڻو، جواني، بزرگي جا دؤر،
پورهيي محنت ۽ فقرائي لڏي جا ڄاڻايا آهن، جن دورن
پير حسام الدين کي پيرن ۽ زميندارن جي ٻار مان هڪ
نئين سوچ ۽ نئون فڪر رکندڙ انقلابي تاريخدان ۽
مفڪر بڻايو. هو لکي ٿو: |