سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :21

اُنهن ڏينهن ۾ هن جي سؤٽِ ”ڪي“ مهمان ٿي اُتي آئي، جنهن جو مڙس ڪجهه ڏهاڙا اڳ گذاري ويو هو. ونسنٽ پنهنجي سوٽ جي ننڍڙي پٽ سان قرب وڌايو. هو پنهنجي سوٽ سان پيار ڪرڻ لڳو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ ونسنٽ کيس شادي ڪرڻ لاءِ چيو، پر ڪي انڪار ڪيو. هو شادي ڪرڻ نه پئي چاهي، پر ونسنٽ هن جي انڪار تي مايوس نه ٿيو.

”مان توکان اِهو ضرور پڇندس ته ڇا ڪو پيار جيڪو ايترو سنجيده ۽ شديد آهي، جيڪو هزار انڪارن تي به ٿڌو نه ٿئي، توکي حيرت ۾ وجهندو؟ مان سمجهان ٿو ته توکي حيرت ڏيڻ بجاءِ اهو فطري ۽ حقيقت پسنداڻو لڳندو. ڇو ته پيار هڪ مثبت، طاقتور ۽ حققي جذبو آهي. اُن کي ختم ڪرڻ ائين ناممڪن آهي، جيئن پنهنجي ساهه وٺڻ. جيڪڏهن اُن ڳالهه جي جواب ۾ تون ائين چوين ته ڪيترا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ساهه وٺندا آهن. اُن جي جواب ۾ مان اهو ئي چوندس ته مان اهڙي قسم جو ماڻهو ناهيان جيڪو اهڙا خيال رکي.“

”مون کي زندگي ڏاڍي پياري ٿي لڳي ۽ مون کي خوشي آهي ته مان محبت ڪريان ٿو. منهنجي حياتي ۽ پيار هڪ ٿي ويا آهن.“

”ڪي“ واپس ايمسٽرڊم هلي ويئي. سموري خاندان ونسنٽ جي اُن پيار جي مخالفت ڪئي. بس هڪ ’ٿيو‘ طرفان کيس دلدار ملي. هڪ ڏينهن ونسنٽ ايمسٽرڊم ويو هو سان ’ڪي‘ دلداري ملڻ گهري پيو. اُن سان پاڻ ڳالهائڻ چاهي پيو. جڏهن هو اُتي پهتو ته گهر وارا سڀ ماني ميز تي ويٺا هئا. جيئن ئي اها خبر پيئي ته درد تي ڪير آيو آهي، ’ڪي‘ ميز تان اُٿي هلي ويئي. سندس پليٽ ميز تان هٽائي ويئي. ونسنٽ اهو احوال تفصيل سان ’ٿيو’ ڏي لکيو:

”اِهي چاهين پيا ته مان اهو سمجهان ته ’ڪي‘ گهر کان ٻاهر آهي، پر مون کي پڪ هئي ته هوءَ گهر ۾ آهي ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪو مزاحيه کيڏ کيڏيو پئي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ مون پڇيو، ’ڪي ڪٿي آهي؟‘ ۽ گهر ۾ هر ڪنهن اهو سوال هڪ ٻئي کان پڇيو ته ڪي ڪٿي آهي؟ آخرڪار چاچي جواب ڏنو ته ڪي گهر ۾ ناهي. ماني کان پوءِ چاچا ۽ چاچي مون کي اڪيلائيءَ ۾ ويهاريو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون وري پڇيو: ’ڪي ڪٿي آهي؟‘ تڏهن بهانا ۽ ڪوڙ ٻڌي ونسنٽ پنهنجو هٿ بتي جي شعلي تي جهليندي چيو ”مون کي ايتري دير ڏسڻ ڏيو، جيترو وقت مان باهه ۾ پنهنجو هٿ جهليان ٿو، ”سندس چاچي سٽ ڏيئي بتي کي هيٺ ڪيرايو“.

نيٺ هن کي ٻڌايو ويو ته ’ڪي‘ هن سان شاي نه ڪندي، ڇو جو هوءَ کيس پسند نٿي ڪري ۽ هن سان ملڻ نه پئي گهري. هن جي گهر اچڻ تي هوءَ گهر ڇڏي هلي ويئي.

هو دلبرداشته ٿي گهر مان ٻاهر نڪتو. ٿڙندو ٿاٻڙندو سوچيندو رهيو ته زندگي کي ختم ڪري ڇڏجي.

(3)

هو هيگ هليو ويو. خيالن ۾ غلطان، سڄي رات گهٽين ۾ رلندو رهيو. جنهن کي هن زندگي جو ساٿ سمجهيو هو، اهو پيار ختم ٿي چڪو هو؛ جنهن کي هن دل جي واحد تاجدار سمجهيو هو ۽ دل ۾ قسم کاڌو هو ته، ”اُها ۽ اُن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه،“ تنهن ته سندس سمورا خواب ختم ڪري ڇڏيا هئا. هاڻي جيئرو رهڻ مشڪل هو، پر جيڪڏهن زنده رهي ته زندگي جي اُمنگن کي ڪٿان واپس آڻي؟

اندر ۾ هڪ جهيڙو جاري هوس. آخر هن فيصلو ڪيو. هن ’ٿيو‘ ڏي اُن فيصلي متعلق لکيو:

”... مون پاڻ کي چيو، ’اها ۽ ٻي ڪابه نه‘ به ته تو چيو هو ۽ هاڻي تون ڪيئن ٻيءَ عورت ڏي ويندين. اِهو نامناسب آهي ۽ منطق جي خلاف پڻ، ۽ ان کي مون ائين وراڻيو، ڪير مختيار آهي. مان يا منطق؟ منطق منهنجي لاءِ آهي يا مان منطق لاءِ آهيان ۽ ڇا منهنجي ان غير مناسب رويي ۾ سبب ناهي؟“

جڏهن هن اهو فيصلو ڪيو ته پوءِ، ”.... منهنجا پيارا، مون کي گهڻو ڳولڻو نه پيو. مون کي هڪ عورت ملي جيڪا جوان هئي نه خوبصورت، نه ئي وري اُن ۾ ڪا خصوصيت هئي.“

اُن رات ونسنٽ ماضيءَ جون يادون ذهن جي پٽيءَ تان ميٽي ڇڏيون. هن اهو ڪم ڪيو ۽ ان کي درست ڄاتو. ابي ڏاڏي جي مذهب ۾ جيڪي ڪجهه غلط هو، ان کي اڇلي پري ڪيائين. هو هاڻي هن انقلابي هو. روايت پسندي کان پري زماني جي ٺاهيل پيمانن تي عمل کي تورڻ بدران هن هاڻي پنهنجي لاءِ جيڪو پيمانو مقرر ڪيو، اهو هو اَڌوگابرو جيئڻ يا هڪ ڀرپور حياتي گذارڻ.

ونسنٽ هاڻي هيگ هليو آيو. اُتي مشهور مصور ماف (Mauve) هن جي رهبري لاءِ موجود هو. ’ٿيو‘ هن جي خرچ جو بلو پنهنجي مٿان کنيو ۽ مهيني سر ڏيڍ سو فرانڪ موڪليندو رهيو. هو اڳ به ونسنٽ ڏي پئسا اُماڻيندو رهيو هو، پر والد جي معرفت، جنهن جي خبر ونسنٽ کي نه ئي. ماهوار مقرر ٿيل رقم ونسنٽ جي سڄي ڄمار جاري رهي، پر جڏهن به ممڪن ٿي سگهيو، هن وڌيڪ به اُماڻيا. هو ونسنت جي گهرج جي درخواست تي هميشه ڌيان ڌريندو هو.

هيگ ۾ سندس قيام هن لاءِ شديد تڪيلف ده هو.

فنڪار جي زندگي ۾ هميشه ٻن قوتن جو ٽڪراءَ رهندو آهي. هڪ طرف هن جي اندر جي سچائي هوندي آهي ته ٻئي طرف زماني جو روايتي انڪار. وان گو اُن جهيڙي مان پوريءَ طرح واقف هو ۽ اُن جي نتيجي کان به آگاهه. هو لکي ٿو:

”قابيل ٿيڻ کان هابيل ٿيڻ بهتر آهي. ماريندڙ کان مرندڙ هئڻ درست آهي...؟“ هو چئي پيو، ”... جو ٿيڻ کان پروميٿئيس ٿيڻ بهتر آهي.“

هو اندر جي اُڌمن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”مان پنهنجي اندر ۾ هڪ طاقت محسوس ڪريان ٿو، جنهن کي وڌائن صحيح سمجهان ٿو. هڪ باهه آهي، جنهن کي وسائڻ بجاءِ مچ بڻايان. مون کي خبر ناهي ته اُن جو نتيجو ڇا نڪرندو. مون کي اُن تي بالڪل حيرت نه ٿيندي، جيڪڏهن اُن جو نتيجو غم اندوز نڪتو هن زماني ۾ ڀلا ماڻهو ڪهڙي توقع رکي سگهي ٿو. ڪهڙو نتيجو بهتر رهندو؟“

هن پنهنجي پاڻ کي مڪمل طرح سان فن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هو جولاءِ 1882ع واري خط ۾ لکي ٿو، ”فن ساڙيلو آهي. اُهو ڪڏهن به پسند نه ڪندو ته اسان سندس ڀيٽ ۾ بيماري تي توجهه ڏيون، تنهنڪري مان ائين ڪندو آهيان، جيئن اُهو چاهي ٿو.“

هو پنهنجي شوق جي حصول لاءِ شديد محنت ڪندو رهيو. هن هميشه پنهنجو پاڻ کي هڪ محنت ڪش سڏيو. هو معتبري ۽ اميري کان مثنفر رهيو. هو لکي ٿو:

”مان مزدور طبقي ۾ پنهنجائپ محسوس ڪريان ٿو ۽ اُنهن ۾ گهڻي کان گهڻو رهڻ جي ڪوشش ڪندس، جو مان سمجهان ٿو ته منهنجو ڪم عوام جي دلين ۾ آهي. مان حقيقت جي ويجهو رهان، زندگيءَ جي مُرڪن کي سمجهان، محنت ۽ توجهه وسيلي اڳتي وڌان.“

عام ماڻهن سان واسطو، ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ماڻهن سان همدردي هن جي ڪم مان ظاهر ٿئي ٿي. هو هڪ ٻئي خط ۾ لکي ٿو:

”... مون يتيم خاني جي هڪ ڇوڪر جي تصوير ٺاهي آهي، جيڪو بوٽ پالش ڪري رهيو آهي. مختلف حالتن سبب هن ۾ جيڪا تبديلي واقع ٿي هئي، اُن جو اظهار اُن عمل مان ٿئي ٿو ته هن هڪ رنڊي جيڪا هن جي لاءِ ماڊل ٿيندي هئي، کي پاڻ وٽ رهايو. اُها هڪ مصيبت زده عورت هئي ۽ ان ڳالهه سبب ونسنٽ جي همدردي جي خزاني جا در کلي پيا.

”اِن ۾ ڪا خاص ڳالهه ناهي. هو انهن عام ماڻهن مان هڪ معمولي عورت آهي، جن جي حيثيت منهنجيءَ نظر ۾ برتر آهي.“

هو ان عورت کي پاڻ وٽ رهائڻ کي پناهه ڏيڻ قرار ٿو ڏئي. هو اهڙين حالتن ۾ هڪ عورت کي ڌڪن کائڻ لاءِ نٿو ڇڏي سگهي. هو سماج جي بي حسي متعلق شڪايت ڪري ٿو:

”مان ڪيترن ڪمزورن کي پرن ۾ لتاڙجندي ڏسان ٿو، تنهن ڪري مون کي هٿ ٺوڪي تهذيب ۽ ترقيءَ جي خلوص تي شڪ آهي.

اٽڪل پوڻا ٻه سال هو سين (Sien) سان رهيو. آخرڪار هن محسوس ڪيو ته هو ۽ سين هڪ دڳ جا راهي ناهن. ٻنهي جا رستا ڌار ٿيا ۽ هو هيگ کي ڇڏي ڊرين ٿي ويو، جتي ٻه اڍائي مهينا گهمي ڦري ڪرسمس تي والدين وٽ گهر پهتو. اُتي هڪ حادثي هن کي وري هڪ ٻه واٽي تي آندو. والده جي ڄنگهه ڀڄڻ سبب ونسنٽ ان جي تيماداري ۾ رهيو. کاڻين ۾ نرسنگ جي ڪم ۾ تجربي سبب هن جي موجودگي ڪارآمد ثابت ٿي. انهن ڏينهن ۾ هڪ پاڙيسري عورت سان (جيڪا پڻ هن جي والده جي تيماداري ڪندي هئي) ونسنٽ شادي لاءِ تيار ٿيو، پر رواج جي خلاف ان رشتي جي ٻنهي جي خاندان مخالفت ڪئي. ٿيو پڻ ان جي مخالفت ڪئي. تنهن تي ونسنٽ هن ڏي  خط لکيو. 1848ع واري بغاوت، جنهن ۾ لوئي فلپ جي حڪومت ۽ ريپبليڪن باغي آمهون سامهون ٿيا هئا، جي موضوع تي تصوير ٺاهڻ جي حوالي سان ٿيو جي خيالن ۽ پنهنجي سوچ جو فرق واضح ڪيو. اهو خط هڪ نهايت سهڻي ۽ دلپذير لکڻي آهي. ان پس منظر ۾ هو هي پيش منظر چٽي ٿو:

”.. ۽ اسان ٻيئي پنهنجن پنهنجن اصولن تي پڪا، دل ۾ اداسي کنيون هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا هجون. ڪنهن دنگ تي، تون اڏ جي پٺيان سرڪار جي سپاهيءَ جي حيثيت ۾ ۽ مان ان جي سامهون ڪنهن باغي جيان...“

آخرڪار ان عورت پنهنجي خاندان جي سخت اعتراض تي پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس بچائي ورتو ويو. اهڙيءَ طرح اهو معاملو جيڪو ڊرامائي انداز ۾ شروع ٿيو هو، نهايت غير ڊرامائي پڄاڻيءَ تي ختم ٿيو.

پر ان موقعي تي ونسنٽ سخت اثر ورتو. هو پنهنجو پاڻ کي اهڙو بدنصيب سمجهڻ لڳو، جنهن سان تعلق رکندڙ به مصيبت ۾ مبتلا پئي ٿيو.

”... ان مذهب ۽ رواج جي ڇا معنيٰ آهي، جيڪي معزز ماڻهو سانڍيون ٿا اچن. مان مذهب جو دوست ناهيان... مذهب جي سرد مهري مون کي نوجوانيءَ ۾ الائي ڪيئن پسند آئي هئي. مان هاڻي ان جو انتقام ٿو وٺان. ڪيئن؟ محبت جي پوڄا ڪري، جنهن کي مُلا گناهه سڏين ٿا.“ ونسنٽ اهو سرءُ هارين سان گڏ ٻنين ۾ گذاريو. هن جي هڪ دوست، جنهن ڪراڙپ ۾ پينٽنگ شروع ڪئي هئي، پنهنجي پاڙي واري ڪمري ۾ پنهنجي بزرگ جي تصويرن ٽنگڻ جو فيصلو ڪيو هو، تنهن کي ونسنٽ صلاح ڏني. هو ٿيو کي ان متعلق لکي ٿو:

”مون هن کي عرض ڪيو ته سوچ ته، جيڪي معتبر ماڻهو ميز تي ويهي ماني کائيندا، بزرگن جي شڪلين کي ڏسي سندن بک اُڏري نه ويندي؟ ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته هارين جون ڇهه تصويرون ٺاهجن جيڪي ساڳئي وقت چئن مُندن کي به ظاهر ڪن!“

سرءُ گذريو سيارو آيو، گهمڻ ڦرڻ گهٽ ٿيو. سيارو ويو بهار آيو، گلن ڪئي گلزاري. گرميون آيون. فصلن زور ورتو. هو هارين سان ئي رهيو. هو مُندن جي ڦيري ۾ هو ۽ هن لاءِ زندگي هميشه لاءِ هئي.

”... اها سٺي ڳالهه آهي ته ماڻهو سياري ۾ برف جي وچ ۾ هجي، خزان ۾ سُڪل پتن جي ڍير ۾، اونهاري ۾ پڪل مڪئي ۾ بهار ۾ گلن جي وچ ۾ هجي، خزان ۾ سُڪل پتن جي فصلن لڻڻ وارن ۽ هاري ڇوڪرين سان گڏ هجي، يا اونهاري ۾ کليل آسمان هيٺان، سياري ۾ باهه جي مچ جي ڀر ۾ ائين محسوس ڪندو رهي ته هميشه ائين ئي هو ۽ هميشه ائين ئي رهندو.“

نيونن ۾ هن جو وقت سٺو گذريو. اهو عرصو هن پينٽنگ ۾ گذاريو. ونسنٽ پنهنجي پهرين عظيم تصوير ”پٽاٽو کائيندڙ“ (Potato Eaters) اُتي ٺاهي.

ان تصوير ۾ غربت محنت ڪش پنهنجن ڦاتل لٽن ۾ پراڻي گهر ۾ ويٺل ماني کائيندي نظر اچن ٿا. غربت جي هر اذيت اُن تصوير مان بکي ٿي. اُنهنجي محنت ڀري زندگي معمولي راحتن کان عاري آهي. آرام کان عاري، پنهنجن چهرن تي غربت جي ذلت سينگاريون اُهي سماج ۾ موجود تڪليف ده تفاوت کي ظاهر ڪن ٿا.

ونسنٽ جي اهڙن خيالن کي مذهب جو مخالف ڄاڻي، جڏهن چرچ جي معتبر پنهنجي مذهبي برادري مٿان هن لاءِ ماڊل ٿيڻ تي پابندي وجهي ڇڏي ۽ ايندڙ سياري سبب هن کي ٻيا ماڊل هٿ ڪرڻ ۾ دقت محسوس ٿي ته ونسنٽ ڪجهه عرصي لاءِ ڳوٺ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.

هو اينٽورب روانو ٿيو. اهو هن جي ڏکڻ طرف سفر جو پهريون قدم هو. روشني طرف وک... هاڻي هن جو موٽڻ ڏکيو هو. اها حقيقت آهي ته نومبر 1885ع کان پوءِ هو پنهنجي وطن واپس نه وريو. اينٽورب ۾ ڳوٺاڻي خاموشي بدران هن جو واسطو شهري گهماگهميءَ سان پيو. هن ان زندگي کي بغور ڏٺو. ان دور ۾ هن ٿيو ڏي خطن ۾ مختلف شين تي بي انتها خوبصورت تبصرا ڪيا.

آرٽ اڪيڊمي ۾ سکيا، بندرگاهه جي رونق، ماڊلن جي تلاش، آرٽ گيلرين ۾ موجود مصورن جا شاهڪار. ”... بهرحال اها ڳالهه آهي ته اينٽورب دلچسپ جڳهه آهي ۽ هڪ پينٽر لاءِ بهترين پڻ.“

هت نهايت مروف وقت گذرڻ لڳو.خرچ وڌيڪ ۽ رقم گهٽ. رنگن ۽ ماڊلن جي گهرج، شوق جي شدت ـــ ونسنٽ ڪيئي ڏينهن فاقو ڪندو هو، تڏهن هو پنهنجي شوق آهر پينٽنگ ڪري سگهندو هو.

”... شايد تون اها ڳالهه نه سمجهي سگهين، پر اها حقيقت آهي ته جڏهن مون کي پئسا ملن ٿا تڏهن مون کي کائڻ جي اشتها نٿي ٿئي، حالانڪ آءٌ بکايل هوندو آهيان. پينٽنگ جو شديد شوق سڀ شيءِ تي غالب آهي. مان فوراً ڪم سان لڳي ويندو آهيان، جيستائين سڀئي ڏوڪڙ ختم نه ٿي ويندا آهن.“

اهڙيءَ طرح ونسنٽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو، سندس صحت بگڙندي ويئي.

”مون محسوس ڪيو ته مون ڪافي عرصي کان بکون ڪاٽيون آهن. جڏهن تنهنجا پئسا مليا تڏهن منهنجو آنڊو کاڌي کي هضم نه ڪري سگهيو. پر مان ان جو بلو ڪندس. بهرحال اها صورتحال مون کي ڪم کان نٿي روڪي. منهنجي سڄي طاقت ۽ صلاحيت ڪم تي لڳل آهي. ها البت جڏهن مان ٻهر کليل هوا ۾ ڪم ڪيان ٿو تڏهن اهو مون کان برداست نٿو ٿئي. مون تي غشي طاري ٿئي ٿي.“

اڪيڊمي ۾ سٺن آرٽسٽن جي نگراني هيٺ سکيا ڏني ويندي هئي، پر ونسنٽ اتي پنهنجي انداز سان پينٽنگ ڪندو رهيو. سندس مخالفت ٿي پر هن ان طرف ڌيان نه ڏنو. هو چوندو هو ته ”اوهان جنهن به طريقي سان ڊرائنگ ڪيو ٿا، ان جو ڪو فرق نٿو پوي. اصل ڳالهه آهي بهتر طريقي جي ڳولا، تنهن لاءِ صبر ۽ مسلسل جدوجهد ضروري آهي.“

ونسنٽ جي خطن ۾ تفصيل سان محبت ۽ جزيات احساسن جي شدت ظاهر آهي. هو گونڪورٽ کي پڙهي رهيو هو ۽ جپاني آرٽ جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪري رهيو هو.

پر ونسنٽ پنهنجي جسماني ڪمزوري ۽ طبيعت جي خرابي سبب اهو بهتر سمجهيو ته هو پيرس وڃي ’ٿيو‘ وٽ رهي. کيس اهو انديشو هو ته ڪمزوري هن جي ذهن تي اثر انداز نه ٿئي. ونسنٽ پنهنجو پروگرام لکيو. جواب ۾ ’ٿيو‘ هن کي ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻ لاءِ چيو.

ونسنٽ جڏهن ڪنهن ارادي تي چڙهندو هو ته  پوءِ کيس ان خيال کان لاهڻ ممڪن نه هوندو هو. اڳلو خط جيڪو ٿيو وٽ پهتو، اهو، ڪاغذ جي هڪ ننڍڙي ٽڪر تي چاڪ سان لکيل اهو پيغام هو ته هو (ونسنٽ) پيرس ۾ پهچي چڪو آهي ۽ ٿيو جي انتظار ۾ آرٽ گليريءَ ۾ ويٺو آهي.

ونسنٽ جي پيرس پهچڻ هن کي مصوريءَ جي دنيا جي هڪ عظيم دور سان تعلق ۾ آندو. اهو دور امپريشن ازم (Impressionsim) جي آغاز جو هو. امپريشن ازم جي مقبوليت لاءِ هن ۽ ٿيو ساراهه لائق ڪردار انجام ڏنو. ٿيو وڏيءَ همت کان ڪم وٺي موني، سسلي، رنائير، ديگا وغيره جون تصويرون نمائش لاءِ رکيون. پيرس جي قيام وارو عرصو انڪري به ونسنٽ لاءِ اهم ثابت ٿيو جو هن کي ڪيترن نون مصورن جي ڪم کي سڏڻ جو موقعو مليو. ڪن مصورن هن کي متاثر ڪيو. هن جا تعلقات ڪيترن ماڻهن سان قائم ٿيا، جن ۾ مشهور مصور به شام هئا، هڪ ياراڻو ته تاريخي اهميت جو حامل رهيو آهي. سندر صورت وارو ايملي برنارڊ، مصوري جي تربيت لاءِ ڪارمن جي اسٽوڊيو ويندو هو. ونسنٽ سان ياري کان پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو هڪ پراڻي بادبان جي ڊرائنگ ٺاهي رهيو هو ته ڪارمن (Carmon) کيس ڇينڀيو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي. هن وراڻيو ته هو شين کي ائين ڏسي پيو. تنهن تي ڪارمن سختي سان چيو ته هو پنهنجي اسٽوڊيو ۾ ڪابه ڳالهه پنهنجي مرضي خلاف ٿيڻ نه ڏيندو. جڏهن ونسنٽ کي اها خبر پيئي ته هو سخت ڪاوڙيو ۽ چيائين، ”مان ڏسان ٿو، ڪنهن کي ايتري طاقت آهي جو برنارڊ کي ڊرائنگن کان روڪي.“

ان وقت کان پوءِ برنارڊ پنهنجي گهر ۾ اسٽوڊيو ٺاهيو ۽ اتي پينٽنگ ڪرڻ لڳو. ونسنٽ به ڪڏهن ڪڏهن اتي وڃي تصويرون ٺاهيندو هو. هڪ دفعي هو حسين برنارڊ جي تصوير ٺاهي رهيو هو ته برنارڊ جي والد سان برنارڊ جي مستقبل جي منصوبن تي بحث ۾ اختلاف سبب ونسنٽ ڪاوڙجي ويو ۽ آلي تصوير بغل ۾ هڻي اسٽوڊيو ڇڏي آيو ۽ وري ڪڏهن اُن طرف نه ويو. پر نوجوان برنارڊ، جنهن جي عمر ان وقت ارڙهن سال هئي، ڪو ڏينهن اهڙو ڇڏيو جڏهن هو ونسنٽ سان ملڻ نه ويو هجي. اُنهن جي وچ ۾ گهاٽو تعقل هو، جيڪو ونسنٽ جي مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهيو. ونسنٽ جي پيرس ڇڏڻ کان پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ خطن جو سلسلو جاري رهيو.

ونسنٽ جا برنارڊ ڏي لکيل خط ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا هئا. ان جي ديباچي طور برنارڊ پنهنجي دوست جي زندگي ۽ فن متعلق هڪ انتهائي حسين مضمون لکيو هو. هو ونسنٽ جي فن جي مڃوتي لاءِ هلايل مهم جو هڪ سرگرم رڪن رهيو. ونسنٽ جپاني پرنٽس جو شوق پاڻ سان کنيون آيو ۽ امپريشنسٽ مصورن تي زور ڏنو ته هو به فطري نظارن طرف وڌيڪ مائل ٿين. هن کي يقين هو ته ٻيا به هن وانگر جپاني پرنٽس، ڊرائنگ ۽ رنگن ذريعي مشرقي مصورن جي فطرت طرف احساسن کي سمجهي سگهن پيا. جپاني مصور متعلق هو چئي ٿو:

”.... اسان هڪ ماڻهو ڏسون ٿا جيڪو بيشڪ ڏاهو، فلسفي ۽ هوشيار آهي. هو پنهنجي وقت ڪيئن ٿو گهاري، زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ مفاصلو ماپيندي؟ يا بسمارڪ جي سياسي پاليسي کي سمجهڻ ۾؟ نه هو سر جي هڪ تيلي کي پڙهي ٿو.... ڇا جيڪو ڪجهه هي ساده جپاني اسان کي سيکارين ٿا، سو حقيقي مذهب ناهي؟ ڇا هي فطرت سان ائين گڏجي نٿا گذارين ڄڻ هو پاڻ گل هجن؟“

ونسنٽ جو خيال هو ته ڏکڻ فرانس پنهنجي رنگيني ۽ چٽي کُليل اُس سبب ٻيو جپان ٿي سگهي پيو.

پيرس جي شهري زندگيءَ جي هڪجهڙائيءَ هن کي هاڻي بيزار ڪيو هو. هن ڏکڻ فرانس جو رخ ڪيو ۽ آرلز ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.

ائين چوڻ ۾ ڪو مبالغو ناهي ته جپاني آرٽ جي مطالعي سبب ونسنٽ ڏکڻ فرانس جي کليل اس کي پسند ڪيو. آرلز ۾ هن جي قيام وارو عرصو ونسنٽ جي حياتي جو سڀ کان وڌيڪ زرخيز دور سڏيو ويندو آهي.

20 ـــ فيبروريءَ تي ونسنٽ جڏهن آرلز پهتو ته اهو برف سان ڍڪيو پيو هو، پر جلدئي هر طرف رنگن جو سيلاب اچي ويو. بهار پنهنجي خصوصي موج تي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هو جپان ۾ هجي.

هو هڪ ريسورنٽ ۾ رهيو... ڇهن هفتن کان پوءِ هن پيلو گهر (Yellow House) ۾ خالي ڪمرا ڪرائي تي ورتا. آرلز جي پسگردائيءَ ۾ گهمندو رهيو ۽ راتين جو جاڳي تارن ڀرئي آسمان کي ڏسندو رهيو.... ”هتان جون راتيون عجيب خوبصورت آهن.. مان ڪم جي شوق ۾ ورتل آهيان...“

هن جي مسلسل پينٽنگ سبب خرچ وڌي ويو. هن ٿيو ڏي خط لکيو: ”... جڏهن به ڪو اهڙو مهينو اچي جڏهن تو تي گهڻو بار هجي، ته مون کي ٻڌائجانءِ. مان پينٽنگ بدران ڊرائنگ ڪندس. اهي اسان جو گهٽ خرچ کائيندو. منهنجو مطلب اهو آهي ته تون هروڀرو پاڻ کي مصيبت ۾ نه وجهجانءِ. هت گهڻو ڪم آهي، ماڻهو اهو ئي کڻي ڪندو پر جيڪڏهن تون خرچ کڻي سگهين ته ڏاڍو سٺو ڇو ته باغ بهاري ۾ آهن ۽ اهي اهڙا آهن جن جي تصويرن کي ماڻهو وڪڻي سگهي ٿو.“

پيلو هائوس کي ونسنٽ جي چاهت سڏي سگهجي ٿو. ان گهر کي سينگارڻ لاءِ ونسنٽ وڏا جتن ڪيا هئا. گهر جو ڦڪو رنگ هن لاءِ روشنيءَ جو مظهر هو. هن جا خط ان ڳالهه جي چغلي کائين ٿا ته هن کي ڦڪي، پيلي، هيڊي، زرد، گيڙوءَ ۽ سونهري رنگ سان ڪيترو چاهه هو. ونسنٽ مشهور زمانه ”سن فلاورز“ پينٽ ڪيا ۽ ”پيلو هائوس“ جي ڪمري کي انهن سان سينگاريو.

ونسنٽ خطن رستي ٿيو سان اهو طئي ڪيو ته گاين، جيڪو مالي مشڪلات جو شڪار هو، آرلز ۾ اچي هن وٽ رهندو ۽ هن جو خرچ ٿيو تي هوندو، جنهن جي بدلي ۾ گاگين هر مهيني هڪ تصوير ٿيو ڏي موڪليندو.

گاگين جي آرلز ۾ اچڻ جو ونسنٽ شدت سان انتظار ڪيو. هن جي اچڻ تي روزمره جي شين کي گاگين جي مشوري سان هڪ ترتيب ڏني ويئي. رات جو گهمڻ، قحبه خاني جو چڪر ڏينهن جي حساس ۾ شامل ڪيائيون. ان متعلق ونسنٽ خط ۾ لکي ٿو: ”گاگين جي تجويز آهي ته اڪثر قحبه خاني وڃجي. جيئن اتان جي زندگي کي ويجهڙائيءَ کان ڏسي سگهجي.“

گاگين ماني هوٽل ۾کائڻ واري رسم کي گهٽائڻ گهري پيو. ونسنـٽ لکي ٿو: ”هو ماني پچائي ڄاڻي ۽ مان هن کان سکندس. ان ۾ وڏي سهولت آهي.“ سرمستي جو هڪ عجيب دور شروع ٿيو فن تي بحث، پينٽنگ متعلق مشورا، مختلف موضوعن ۽ منظرن تي ٽيڪا ٽپڻي.... پر افسوس جو اهو دور نهايت مختصر رهيو.

هن کي اميد هئي ته گڏ رهڻ سان سندن پينٽنگ جون صلاحيتون ۽ موقعا وڌندا. گاگين جي صلاح تي هن فطرت مان گهٽ ۽ يادگيري مان وڌيڪ، تصويرون ٺاهيون. پر بعد ۾ هن يادگيري مان ٺاهيل اهي تصويرون به ضايع ڪري ڇڏيون هيون.

انهن جا بحث ڏينهون ڏينهن شديد ٿيندا ويا. گاگين جي سخت هوشياري ونسنٽ کي هڪ عجيب ديوانگي ڏانهن ڌڪي رهي هئي. ونسنٽ ان ڪاوڙ کي سخت محنت سان دٻائيندو رهيو.

”... اسان جا دليل بجلي وانگر جهٽڪا ڏيندڙ آهن. اسان جڏهن بحث ختم ڪيون ٿا ته ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اسان جا مغز ڪنهن ڊسچارج اليڪٽرڪ بيٽري جيان ختم ٿي ويا هجن.“

اُنهن جا اختلاف ڏينهون ڏينهن واضح ٿيندا ويا. گاگين ڊسمبر ۾ ٿيو ڏي خط لکيو جنهن ۾ هن چيو ته هاڻي اونهن بنهجي جو گڏ رهڻ ممڪن نه هو. چند ڏينهن کان پوءِ گاگين جو ٻيو خط ٿيو کي مليو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته سندس پهريون خيال ڪنهن خواب جيان هو ۽ هو ٻيئي گڏ سک سان رهن پيا. 23 ڊسمبر تي ونسنٽ پنهنجي خط ۾ ٿيو ڏي لکيو ته رهڻ جي معاملي ۾ ”... گاگين جيڪو به فيصلو ڪيو، هو ان جو احترام ڪندو.“ انهي ڏينهن هن تي ذهني بيماري جو پهريون دورو پيو.

هو گاگين سان هوٽل ۾ ويو، جتي هڪ رنڊي جيڪا کين وڻندي هئي ۽ ونسنٽ ان کي ڪبوتري ڪري ڪوٺيندو هو، هن جي گوڏن تي ويهي هن سان ناز نخرا ڪرڻ لڳي. گاين هوٽل جي مٿين منزل تي ٺهيل ڪمرن ۾  هليو ويو. هن به ونسنٽ کي مٿي هلڻ لاءِ چيو: وان گو کلي وراڻيو ته هن وٽ گهربل پنج فرانڪ ناهن جو هو ڀري سگهي. نينگري هن جي ڪنن کي هٿ لائي کِلندي وراڻيو، ”تو وٽ اهڙا سهڻا ڪن آهن، پوءِ ڀلا توکي پسئن ڀرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“

”ڇا توکي منهنجا ڪن وڻن ٿا؟“

”ڏاڍا!“ نينگري هن جي ساڄي ڪن تان چمي وٺندي وراڻيو هو.

”توکي گهرجن؟“ ونسنٽ وان گو عجيب لهجي ۾ هن کان پڇيو.

”ها! پر اهي ڪي گڏي جا ڪن ته ناهن جيڪي سولائيءَ سان لاهي سگهجن.“ هوءَ پنهنجي ان ڳالهه تي کلڻ لڳي ۽ ونسنٽ جو منهن چمين سان ڀري ڇڏيائين.

ايتري ۾ گاگين هيٺ آيو. ونسنٽ نينگريءَ کان موڪلايو ۽ ٻئي واپس پيلو هائوس موٽيا.

سڄي واٽ ونسنٽ خاموش رهيو.

گاگين ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ونسنٽ ڪو جواب نه ڏنو. پيلو هائوس ۾ ونسنٽ جي عجيب رويي سبب گاگين کي بيچيني کي بيچيني محسوس ٿي. گاگين هن جي نگاهن ۾ ڪا عجيب ڳالهه ڏٺي، هو اها رات ’پيلو هائوس‘ ۾ رهڻ بجاءِ هڪ هوٽل ۾ وڃي ٽڪيو.

صبح جو کيس خبر پيئي ته ونسنٽ پنهنجو سڄو ڪن وڍي ڪاغذ ۾ ويڙهي وڃي نينگريءَ کي ڏنو. هن جڏهن اهو تحفو کولي ڏٺو ته ويچاري دانهن ڪري فرش تي ڪري پيئي ۽ بيهوش ٿي ويئي. ونسنٽ واپس وڃي پيلو هائوس ۾ سمهي رهيو. ونسنٽ کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ گاگين پيرس هليو ويو، جتي هن ’ٿيو‘ کي تار ڪري ان واقعي کان آگاهه ڪيو. ٿيو آرلز پهتو. ونسنٽ جي حالت خراب هئي. هن تي دورا پوندا ٿي رهيا. مرگهيءَ جا شديد دورا، جن ۾ شديد ذهني تڪيلف پهچندي رهيس ۽ هو تصور ۾ هالينڊ کي ڏسندو رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٿيو کي واپس پيرس وڃڻو پيو. ڊاڪٽر ري ۽ پوسٽ مين رولن هن جي خيالداري ڪئي.

هو روزانو ٿيو ڏي هن جو سمورو احوال موڪليندا رهيا. سال جي آخري ڏينهن تي ونسنٽ پاڻ کي ذهني طرح بهتر محسوس ڪيو ۽ نئين سال شروع ٿيڻ تي ٿيو ڏي خط لکيائين: ”... مان جلد پينٽنگ ٻيهر شروع ڪندس... ۽ جلدئي سٺي مُند شروع ٿي ويندي ۽ مان باغن جي بهار چِٽي سگهندس... مون کي سخت افسوس آهي جو توکي تڪيلف ٿي. منهنجي وس ۾ هجي ها ته توکي سفر جي اها تڪليف نه ڏيان ها.“

رولن جي درخواست تي ستين تاريخ ونسنٽ کي گهر وڃڻ جي اجازت ملي. رولن جي مدد سان هن جلد ئي پينٽنگ ٻيهر شروع ڪئي. ٻنهي جشن صحت ملهائيندي رات جي ماني هوٽل ۾ کاڌي، پر 21 تاريخ هن جي بدلي مارسيلز ٿي ويئي. ونسنٽ لکي ٿو: ”... جيئن چوڻي آهي ته مصيبت ڪڏهن اڪيلي نه ايندي آهي اها صحيح ثابت ٿي ٿئي. رولن ڪالهه روانو ٿي ويو...“

رولن کي جڏهن به موقعو مليو هو، ونسنٽ سان ملڻ لاءِ ايندو رهيو. ونسنٽ جي زندگي هاڻي هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. هن جي پينٽنگ واري محنت ۾ هاڻي دورن کان بچڻ لاءِ جدوجهد به شامل ٿي ويئي.

هن جو هي دور تخليق جو دور هو. ”... اهڙا موقعا اچن ٿا جو مان جوش ۽ چريائپ محسوس ڪريان ٿو ۽ هڪ معجزو رونما ٿئي ٿو.“ فيبروريءَ ۾ هن کي وري دورو پوي. کيس اسپتال داخل ڪيو ويو. هو جلد صحتياب ٿي واپس پيلو هائوس پهتو، پر ڪن ماڻهن جي درخواست تي هن کي آرلز ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن کي اسپتال ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر ٿيو ڏي لکيو هو ته هوُ بالڪل ٺيڪ هو ۽ هو کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو ڪو سبب نه هو.

اتي مصور سگنيڪ Signac هن کي ڏسڻ آيو، اهو ڏينهن انهن ڏاڍو خوش گذاريو، ادب، سوشلزم ۽ پينٽنگ متعلق ڪچهري ڪيائون. ڊاڪٽر سيليز Dr. Salles ونسنٽ جي مستقبل لاءِ فڪرمند هو. هو ان لاءِ مختلف رٿائون زير غور آڻيندو رهيو. ونسنٽ جي پنهنجي صلاح تي کيس سينٽ ريمي جي ذهني مريضن جي اسپتال ۾ رهائڻ تي راضي ٿيو، پر ان کان اول ڊاڪٽر وڃي پاڻ اهو هنڌ ڏٺو. جڏهن کيس يقين ٿيو ته اهو ماحول ونسنٽ لاءِ تڪليف ده نه ٿيندو، تڏهن اتي بندوبست ڪيو ويو.

ونسنٽ جي بيماري جي بيماري کي سمجهڻ ڏکيو ناهي، هن جا خط به ان متعلق چڱي معلومات پهچائين ٿا. در حقيقت خاندان ۾ مرگهي جي مرض جا ٻيا مريض به هئا. خود ٿيو ۽ ونسنٽ تي به ان جو اثر رهيو. هن جي بيماريءَ جو ٻيو وڏو سبب هن جي پنهنجي صحت ۽ جسم طرف غفلت هئي. ٻارنهن سالن تائين هن جسم جي ضرورتن کي نظرانداز ڪيو هو. هونئن به غذا جي گهٽتائي، فاقه، ڪافي ۽ تماڪ تي گذر آهي سڀ شيون ڪنهن به مضبوط جسم کي ڀڃي ڀوري ڏڻ لاءِ ڪافي هيون. سينٽ ريمي ۾ هن جي زندگيءَ ۾ هڪ ترتيب هئي. کيس پينگھن لاءِ سهوليت ميسر هئي. هن اتي ذهني بيماري کي ويجهڙائيءَ ۾ ڏٺو. هن جي خطن ۾ انهن لاءِ همدردي جا جذبا صاف اچن ٿا.

سينٽ ريمي ۾ هن کي پينٽنگ متعلق سوچڻ جو وارو مليو. پنهنجي محنت ۽ ان جي نسبت ۾ زماني جي مڃوتي جي ڀيٽ ڪيائين. ٿيو جي هيڏي ساري قرباني، جنهن پنهنجي اڌ آمدني هن کي ڏني هئي ته جيئن هو پينٽنگ ڪري سگهي، ڪهه گهٽ اهم نه ئي ۽ ان جي نسبت ۾ انهن تصويرن جي وڪري جي حالت ڇا هئي؟

”... منهنجون تصويرون ڪنهن ڪم جون ناهن. جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته انهن منهنجو گهڻو خرچ کاڌو آهي، رت ۽ مغز جو خرچ... ۽ جڏهن ان تي سوچجي ٿو ته اها اسان جي بيوقوفي آهي. جو اسان پينٽنگ ڪيون ٿا، جيڪا اسان جي ايترو خرچ کائي ٿي ۽ موٽ ۾ ڪجهه به نٿي آڻي. ٻيو ته ٺهيو، پر معمولي سيڙپ جيترا پئسا به ملن...“ ونسنٽ سڄي ڄمار پنهنجي ان مفلسيءَ جي بار هيٺ رهيو. اهو بار هن جي ذهن کي بيچين رکندو هو. هو ڀاءُ کي چوندو رهيو ته جيڪا مدد هو ڪندو ٿو رهي، ان جي موٽ ۾ هن جي تصويرن جو مالڪ آهي: ”مان عرض ڪريان ٿو ته اهي تصويرون آءٌ جيڪي توڏي موڪليان ٿو اهي قبول ڪر ۽ ان سان گڏوگڏ شڪرانا به، انهن ٿورن لاءِ جيڪي تون مون تي ڪيا آهن. توهان کان سواءِ مان وڏو بدنصيب هجان ها.“

(5)

اڄ اهو وقت اچي ويو آهي جو ونسنٽ جي هڪ تصوير جي قيمت ايتري آهي، جيترو ونسنٽ سڄي ڄمار ۾ خرچ نه ڪري سگهي ها. پنهنجي زندگي ۾ هو ان ڳالهه لاءِ آتو رهيو ته ڪهڙي طرح هو پنهنجو قرض لاهي سگهي. ٿيو پنهنجي ڀاءُ جي خيال سان متفق نه هو. هو هن جي ذهن کي سڪون ڏيڻ لاءِ هميشه چوندو: ”مان اها ڳالهه توکي چوان ها ته هميشه چوندو رهندس ته اهو پسئن جو ڪو مئسلو آهي ئي ڪونه... تون قرض موٽائڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين ۽ مان ان ڳالهه کي مڃان ئي نٿو. توکي اندازو ڪونهي، اهڙي ڳالهه چئي تو مون کي ڪيتري تڪليف پهچائي آهي.“

پر ونسنٽ جو اصرار رهيو ته ”مان پئسا واپس ڪندس يا وري جان ڏيندس.“ سينٽ ريمي ۾ ونسنٽ پينٽنگ ڪندو رهيو. اهي تصويرون ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته هو جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو اهو انهن تصويرن ۾ چوڻ ممڪن نه هو.

هو پنهنجي صحت جي بهتر ٿيڻ جي خبر ڏئي ٿو. پينٽنگ جي انداز تي تبصرو ڪري ٿو. صحت بهتر ٿيڻ سان پينٽنگ ڪرڻ جي خواهش وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي. هو ڪتابن تي تبصرو ڪري ٿو. زولا جي هڪ ناول ۾ بيان ٿيل هڪ ڪردار جو ذڪر ڪري ٿو: ”ڀرت ڀريندي هوءَ عورت مون کي ڏاڍي خوبصورت لڳي، سونهري ڀرت جو بيان به دلچسپ آهي. اهو رنگن جو معاملو آهي، مختلف ڦڪا رنگ، سڄا ۽ ٽٽ...“

هو پينٽنگ ۾ منهمڪ آهي. هن کي خبر آهي ته وقت جي اهميت ڇا آهي. ”زندگي ائين گذرندي رهي ٿي. وقت موٽي نٿو. مان پنهنجي ڪم ۾ تمام مشغول آهيان، ڇو ته مون کي خبر آهي ته ڪم ڪرڻ جا موقعا ٻيهر نٿا ملن ۽ خاص ڪري منهنجي معاملي ۾ جڏهن ته خطرناڪ دور منهنجي پينٽنگ جي صلاحيت کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهي ٿو.“

هو پنهنجي صلاحيتن جي وڌڻ ۽ پينٽنگ سان پنهنجي واقفيت متعلق لکي ٿو: ”مون کي اهي ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون، جيڪي مان سالها ڳولهيندو رهيو هئس ۽ منهنجي ذهن ۾ ڊيلاڪروئڪس جي اها چوڻي ڦرندي رهي ٿي ته هن پينٽنگ متعلق ان وقت جائزو هو، جڏهن ڏندن ۾ دم هن جو ساٿ ڇڏيو.“ اتي ونسنٽ محسوس ڪيو ته هن کي اها جاءِ ڇڏڻ گهرجي. هو اتر وڃڻ گهري پيو. پراڻن دوستن سان ملڻ جي خواهش شديد ٿيڻ لڳي هئي. هن کي سينٽ ريمي مان اها شڪايت هئي ته اتي مريضن جي مذهبي توهمات کي ختم ڪرڻ بجاءِ انهن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي.

سيپٽمبر 1889ع واري خط ۾ هو وري وري ان جاءِ ڇڏڻ لاءِ چئي ٿو. صاف محسوس ٿئي ٿو ته هو وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ آتو آهي. اهي خط اتان جي رهواسي مريضن، اسپتال جي عملي ۽ ان علائقي جي احوالن سان ڀريل آهن. ونسنٽ اسپتال جي طريقي ڪار تي جيڪو تبصرو ڪيو آهي اهو پڻ لاڳاپيل ماڻهن جي رهبري ڪري سگهي ٿو.

سينٽ ريمي ۾ هن کي ٻه دورا پيا. بعد ۾ جڏهن هو آرلز ۾ دوستن سان ملڻ ويو هو ته کيس دورو پيو ۽ هن کي گاڏي ۾ کڻائي سينٽ ريمي آندو ويو.

هن جي بيماريءَ کي هڪ سال پورو ٿيو هو ته کيس ڪرسمس تي ٻيهر شديد دؤرو پيو. تڪليف حد کان وڌي ويئي. پريشانيءَ ۾ هن پنهنجا رنگ کائي پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي.

هو اڃان ٺيڪ نه ٿيو هو ته سندس ڀاڄائي (جيڪا اميد سان هئي) ويم کان هڪ رات اول هن ڏي خط لکيو. ٻئي ڏينهن ان کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ونسنٽ جي نالي پٺيان رکيو ويو. اها خبر ۽ ڀاڄائيءَ جو خط جڏهن هن کي مليو ته هن ڀاءُ کي مبارڪباد ڏني: ”ان ڳالهه مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو، جو مهرباني ڪري ويم کان هڪ رات اول مون ڏي خط لکيائين، ۽ خاص ڳالهه ته هو خطريءَ جي وقت ۾ ايتري بهادري ۽ سڪون سان لکي سگهي ٿي.“

هو ننڍڙي ونسنٽ لاءِ دعا ٿو ڪري: ”منهنجي اها تمنا آهي ته هن جي منهنجي منفرد روح کان جداگاڻي طبيعت هجي.“ انهن ڏينهن ۾ ونسنٽ جي فن تي هڪ مضمون ڇپيو هو. ان متعلق هن جو ردعمل هن جي ذهانت ۽ بردباري جو مظهر هو: ”.... جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي شهرت اسان جي حصي ۾ اچي ٿي ته اهڙي موقعي تي اسان پرسڪون رهون ۽ حاضر دماغي جو ثبوت ڏيون.“

ايندڙ بهار جي تصويرن ٺاهڻ جي تياري ۾ آرلز ويو، جتي هن مٿان بيماريءَ جو ستون حملو ٿيو، جيڪو ڪافي سخت هو ۽ ان جو اثر فيبروري اپريل جي وچ تائين رهيو.

سينٽ ريمي ۾ چاقائيءَ جي ڏينهن ۾ هو تصويرون ٺاهيندو رهيو. هر مند ۾ زيتون جي باغن ۾ سرو جي وڻن کي چِٽيندو رهيو. جڏهن هو ٻاهر نڪرڻ جهڙو نه هوندو هو ته مليٽ، ڊيلاڪروئس ۽ ريمبران جي تصويرن جي بنياد تي تصويرون ٺاهيندو هو، جن کي هو ٽرانسليشن (ترجمو) ڪوٺيندو هو.کيس اهو انديشو هو ته ماڻهو ان عمل کي نقل ڪرڻ ڪوٺيندا ۽ تنقيد سان هن کي رڪاوٽ پيدا ڪندا: ”جيڪڏهن ون کي اهو ڪم جاري رکڻو آهي ته پوءِ مان ان کي ’ترجمو ڪرڻ‘ سڏيندس.... ۽ اها ضرورت رهندي ته ڪو گاگين يا رسل جهڙو فنڪار اهو ڪم ڪري ۽ ان کي سنجيدگي عطا ڪري.“

آخرڪار هن سينٽ ريمي ڇڏڻ جو پڪو فيصلو ڪيو، جيڪو هن کي ”تباهه ڪري ڇڏيندو.“ ٿيو مشهور مصور پشارو (Pissaro) جي مدد سان نيٺ اهڙو هنڌ هٿ ڪيو، جتي ونسنٽ کي موڪلي سگهجي.

ڊاڪٽر گيچٽ هڪ ماهر طبيت هو، جنهن جو پينٽنگ سان به شغف هو، هو پيرس کان هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي آفرز سرائي ۾ رهندو هو. اهو هڪ خوبصورت ڳوٺ هو، جتي ڊاڪٽر جي نظرداري به ميسر هئي. ٿيو هن کي وٺڻ لاءِ سينٽ ريمي وڃي گهري پيو، پر ونسنٽ ان کي ضروري نه سمجهيو:

”... جڏهن ريل ۾ سوار ٿي وڃان ٿو ته پوءِ مون کي ڪهڙو ڀؤ ڀولو. مان خطرناڪ ناهيان... مان صبر ڪري سگهان ٿو ۽ هن وقت تائين مون ڪنهن کي به نقصان نه پهچايو آهي. اهو انصاف ناهي جو مون کي ڪنهن جي نگرانيءَ هيٺ موڪليو وڃي، جيئن مان ڪو خطرناڪ جانور هجان؟

”... مون کي پورو ڀروسو آهي ته پاڻ تي ضابطو رهندو. مون کي افسوس آهي جو مون کي انهن حالتن ۾ هي هنڌ ڇڏڻو ٿو پوي ۽ منهنجو افسوس منهنجي چريائپ کان وڌيڪ طاقتور آهي. انڪري به مان سمجهان ٿو ته گهربل ضابطو رهندو.“

پيرس ۾ هن جو انتظار آهي. ٿيو اسٽيشن تي هن کي وٺڻ وڃي ٿو. ونسنٽ جي ڀاڄائي، جنهن اڃا تائين ڏير کي نه ڏٺو آهي، گهر ۾ انهن جي انتظار ۾ ويٺي آهي. هوءَ ان شخص کي ڏسڻ اچي ٿي، جنهن جو سندس مڙس جي دل ۽ دماغ تي قبضو آهي؛ جيڪو ٿيو جي محبت ۽ آمدني ۾ هن سان ڀاڱي ڀائيوار آهي.

ٿيو ۽ ونسنٽ عمارت جي ڀرسان پهتا ته هن هٿ لوڏي اشارو ڪيو ۽ ٿيو جي گهر واري هٿ لوڏي انهن جي آجيان ڪئي. گهر پهچي پهريون ڪم اهو ڪيو ويو ته ونسنٽ کي سندس ڀائيٽيو ڏيکاريو ويو. ننڍڙي کي ڏسي هن ڀاڄائيءَ کي چيو: ”منهنجي ننڍڙي ڀيڻ! هن کي جهالرن ۾ اهڙو سوگهو ڪر!“ ٽي ڏهاڙا انهن سان گڏ گهاري ونسنٽ پنهنجي نئين منزل طرف روانو ٿيو.

ڊاڪٽر گيچٽ پاڻ هڪ نهايت دلچسپ شخصيت جو مالڪ هو. آرٽ سان هن جي دلچسپي شوق جي حد کان وڌيل هئي. هن جو تعلق ان وقت جي سڀني امپريشنسٽ پينٽرس سان هو، جن جون ڪيتريون ئي تصويرون هن جي گهر جو سينگار هيون. هن ڪيترائي پکي ۽ جانور پنهنجي گهر جي باغ ۾ پاليا هئا. ڊاڪٽر متعلق ونسنٽ خط ۾ ٿيو ڏي لکيو: ”اڄ ڊاڪٽر سان ٻيهر مليس. مان اڱاري تي هن جي گهر وڃي پينٽنگ ڪندس ۽ پوءِ اسان گڏجي ماني کائينداسين. بعد ۾ هو مون سان هوٽل تي ايندو ۽ منهنجيون تصويرون ڏسندو. هو ڏاڍو سمجهدار ٿو ڏسجي، پر هو پنهنجي ڪم کان دلبرداشته آهي، جيئن مان پنهنجي ڪم مان آهيان. مون چيومانس ته وڏي خوشي سان ڪم بدران ڪم مٽائڻ لاءِ تيار آهيان. بهرحال مون کي يقين آهي ته اسان دوست ٿي وينداسين.“

ونسنٽ جي خيال ۾ ڊاڪٽر هن جيترو چريو هو. جيڪڏهن وڌيڪ نه چئجيس ته ڊاڪٽر هن جي پينٽنگ ۾ مهارت ڏسي ونسنٽ کي هڪ وڏو مصور مڃيو هو. هو هن جي فلسفياڻن خيالن جو معترف هو. ڊاڪٽر چڱيءَ طرح سمجهي چڪو هو ته ونسنٽ لاءِ مصوري صرف شوق نه هو، بلڪ هڪ دين هو، هڪ يقين هو، جنهن لاءِ هن زندگي وقف ڪئي هئي.

ڊاڪٽر ڌاتوءَ جي پليٽ تي تيزات سان تصويرڪشي ڪندو هو. هن اهو طريقو ونسنٽ کي سيکاريو. ونسنٽ جي مشهور تصوير، جنهن ۾ هو پائپ جهليون بيٺو آهي. ڊاڪٽر ۽ هن گڏجي ٺاهي هئي.

ونسنٽ به ڊاڪٽر جي تصوير ٺاهي جنهن ۾ ”انهن ڏينهن جي اداسي“ کي سموئي ڇڏيو اٿس.

آفرز ۾ پن حسب سابق هن جو وقت مصروفيت ۾ گذريو. ڊچ پينٽر هرشنگ، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اتي هو، سان خوب ملاقاتون رهيون.

سڪون ۽ سک جو وقت جلدئي ختم ٿي ويو. مهيني پوري ٿيڻ تي ’ٿيو‘ جو خط پهتو. ننڍڙو ونسنٽ بيمار هو. ٿيو سخت پريشان ٿيو. هوڏانهن جتي هو نوڪري ڪندو هو، اتي به حالتون سٺيون نه هيون. ايندڙ وقت متعلق ڪا پڪ نه هئي. مستقبل غير يقيني هو. انديشن جي غبار سوچ جي اُفق کي ميرو ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي به هن وڏي محبت سان ونسنٽ کي چيو ته هو انهن ڳالهين سبب پاڻ کي پريشان نه ڪري، ڇو ته هن جي ويجهو ونسنٽ جي خبر وڌيڪ اهم هئي.

ونسنٽ فوراً خط روانو ڪيو: ”.... جيڪڏهن مان سمجهان ها ته ان فڪر جي گهڙي ۾ ڪا مدد ڪري سگهان ٿو ته مان فوراً پيرس هليو اچان ها. مون کي افسوس آهي ته مان پڻ اوهان وانگر بيوس آهيان.“

پر هن کي ڳڻتي کڻي ڏنو ۽ هو فوراً پيرس وڃي پهتو. پيرس ۾ ونسنٽ جي ملاقات لاءِ دوست احباب وڏي تعداد ۾ جمع ٿيا ۽ هو ٻه مصروف ڏينهن اتي گذاري واپس آفرز وريو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ننڍڙي جي طبيعت ٺيڪ ٿي ۽ ونسنٽ ان تي خوشي جو اظهار ڪيو. هاڻي هن جي خيالن ۾ بيچين جو عنصر شامل ٿي ويو، جنهن ڏينهون ڏينهن شدت ورتي. ونسنٽ کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ زندگيءَ جو سلسلو ختم ٿيڻ وارو هجي:

”منهنجي زندگيءَ کي وڏو خطرو آهي ۽ منهنجا قدم هاڻي ٿاٻڙجن ٿا...“ هن جو ڪم جاري رهيو. ان وقت هن مڪئيءَ جي فصلن سان ڀريل ٻنيون پينٽ ڪيون هيون. ”اداس ۽ ملول آڪاش هيٺان مڪئي ڀيون ٻنيون ٺاهيندي، غمگيني ۽ اڪيلائي جي شدت کي پيش ڪرڻ ۾ مون کي ڪا خاص تڪليف ڪرڻي نه پيئي. اميد اٿم ته مان اهي تصويرون پيرس  آڻيندس. مون کي اندازو آهي ته اهي تصويرون هو ڪجهه ٻڌائينديون جيڪو مان لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.“

آخرڪار ونسنٽ اها تصوير ٺاهي ٿو، جنهن ۾ مڪئيءَ جي ٻنين مٿان ڪارا ڪانگ ڪنهن ايندڙ مصيبت جيان لامارا ڏيندا نظر اچن ٿا.

ونسنٽ جي آخري تصوير، ”ايندڙ تباهي جو اعلان“ اڄ به موجود آهي، جنهن ۾ ونسنٽ جي ذهن ۾ ٿيندڙ تبديلون، هيجان ۽ اڌو گابرا فيصلا چشم تصور سان چٽي طرح ڏسي سگهجن ٿا.

بيماري دوران وڌندڙ تڪليف ۽ دؤرن جي اذيت هن جي ذهن ۾ خوف پيدا ڪيو هو، جنهن جو اظهار هن جي خطن ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا ٿيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته دنيا جي بيحسيءَ جيڪو افسوس پيدا ڪيو هو، ان جو بدلو هن ائين ورتو هجي.

پر انهن ڳالهين کي هن جي موت جو سبب نٿو چئي سگهجي. ونسنٽ جنهن طرح سان ڏکين ڏينهن ۾، جنهن شدت سان جيئري رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها هن جي خطن پڙهڻ کان پوءِ ڳجهي نٿي رهي. ها البت ائين چئي سگهجي ٿو ته خيالن جي يڪسوئيءَ جو خاتمو، حالتن جي ڪشاڪش، تخليقي قوتن متعلق شڪ ۽ شبها پيدا ٿيڻ سبب هن کي آخرڪار اهو انتهائي فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.

27 جولاءِ تي هن وڻن جي جُهڳٽي ۾ وڃي پاڻ کي گولي هنئي پاڻ سنڀالي، ڪوٽ جا بٽڻ بند ڪري هو وچڙندڙ وکن سان واپس هوٽل پهتو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سمهي رهيو.

جڏهن ماني کائڻ لاءِ هو هيٺ نه آيو ته هوٽل جي مالڪ مٿي جي پُڇا ڪئي. ونسنٽ جي حالت ڏسي ڊاڪٽر گيچٽ کي اطلاع ڏنو ويو.

ڊاڪٽر فوراً پهتو. ٿيو کي اطلاع ڏيڻ لاءِ ونسنٽ کان ان جي ايڊريس پڇي ويئي. ونسنٽ ايڊريس ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. هو ڀاءُ پريشان ڪرڻ نه پيو چاهي.

صبح جو ڊاڪٽر جو پٽ پيرس وڃي ٿيو کي آرٽ گيلريءَ مان وٺي آيو. ٻيئي ڀائر هوٽل جي ڪمري ۾ ڊچ زبان ۾ پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا. ونسنٽ هر هر ڀائٽي متعلق پڇندو رهيو.

ٿيو صدمي سبب سائو ٿي پيو هو. هو ڀاءُ سان گڏ رهيو. هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات گذارڻ کان پوءِ ونسنٽ ڀاءُ ڏي منهن ڪري چيو: ”منهنجي تمنا آهي ته هاڻي مان هلان.“ ائين چئي هن اکيون ٻوٽيون ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ هن جو ساهه هلڻ بند ٿي ويو. مرڻ وقت هن جي کيسي مان ڀاءُ ڏي لکيل هڪ اڻپورو خط مليو:

”... جيستائين منهنجي مصوريءَ جو تعلق آهي، ان لاءِ مون پنهنجي حياتيءَ داءُ تي لڳائي. منهنجو اڌ ذهن ان ڪري تباهه ٿيو آهي... ان جو به خير آهي. تون انسانيت جي حوالي بنان ڪنهن جو پاسو وٺندي صحيح فيصلو ڪري سگهين ٿو، پر هاڻي ان مان ڪهڙو فائدو؟“

هوٽل جي ڪمري ۾ ونسنٽ جي جنازي جو چؤڦير هن جون ٺاهيل تصويرون رکيون ويون هيون. اهي تصويرون ونسنٽ جا دوست ايملي برنارڊ، لارل ۽ تانگوئي پيرس مان کڻي آيا هئا. هن عظيم مصور کي دوستن اهڙيءَ طرح خراج تحسين پيش ڪيو.

ونسنٽ مري ويو، پر پنهنجين تصويرن ۾ هو امر آهي. انهن تصويرن ۾ هن جا جذبا، هن جا تصور، هن جي جيئڻ جي شديد خواهش ۽ تخليق جا خزانا اڄ به محفوظ آهن.

اڄ سڄي دنيا هن باڪمال پر بدنصيب مصور جي عزت افزائيءَ ۾ هڪ ٻئي کان گوءَ کڻڻ جي ڪوشش ۾ آهي، جنهن کي دنيا ڌڪار، نفرت، بک، افلاس ۽ بيماريءَ کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو هو!

هن جي جدوجهد جو داستان هزارن ڪتابن جو سينگار بڻيو آهي، پر هن متعلق لکيل هيترن سارن ڪتابن مان سڀ کان وڌيڪ دلچسپ، سهڻو ۽ حقيقت کي ويجهو ڪتاب هن جي پنهنجي لکيل خطن جو مجموعو آهي، جنهن جو نالو ٻنهي ڀائرن جي محبت ۽ ٿيو جي خدمت جي اعتراف ۾ انهن ٻن لفظن تي رکيو ويو آهي، جن سان ونسنٽ پنهنجا خط شروع ڪندو هو: پيارا ٿيو “Dear Theo”

رياض آگرو

قرآن شريف سولي سنڌي ترجمي سان

محمد عثمان ڏيپلائي

قرآن شريف جا سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ترجما ٿيا آهن جن ۾ محروم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ترجمو به گهڻو مشهور آهي. ڏيپلائي صاحب سنڌ ۾، قرآن مجيد جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ، حضرت شاهه ولي الله، حضرت شاهه عبدالقادر، مولانا محمود الحسن، مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي مشهور اردو ترجمن جي مدد سان، سنڌي زبان ۾ هڪ سهڻو ۽ سليس ترجمو ٺاهو ۽ ڇاپيو. تازو، سندس فرزند، محترم محمد عليءَ ڏيپلائيءَ جي سعيي ۽ ڪوشش سان، اهو تاريخي ترجمو ڪراچيءَ جي ”سنڌيڪا اڪيڊمي“ ڪمپيوٽر تي شايع ڪيو آهي، جو نهايت ديده زيب آهي.

ڏيپلائيءَ صاحب جي ترجمي جو نمونو ڏسڻ لاءِ، سورة ’ياسين‘ جون ڪي آخري آيتون پڙهندڙن جي ملاحظي لاءِ هيٺ ڏجن ٿيون:

(77) ڇا انسان اِهو نه ڏٺو آهي ته اسان کيس ڦڙي مان بڻايو، تڏهن وري هو چٽو جهڳڙالو آهي؟

(78) ۽ اسان لاءِ پيو مثال ٺاهيندو آهي. پر، سندس بڻاوٽ کي وساري ڇڏيندو آهي! هو چوي ٿو ته ”ڀلا سڙي ويل هڏين کي وري ڪير جياريندو؟“

(79) چه ته ”اُنهن کي اهو جيئاريندو، جنهن کي اول خلقيو هو، ۽ انهيءَ کي خلقڻ جي هرڪا خبر آهي.“

(80) جنهن اوهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي، تڏهن ٿا اوهين ان مان سيڪ وٺو.

(81) ڀلا، جنهن آسمان ۽ زمين خليقا، تنهن کي اُها طاقت ڪانهي ڇا، جو سندن جهڙا بڻائي؟ هائو اُهو وڏو خلقيندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.

(82) هن جو حڪم ته بس ايترو آهي جو جڏهن ڪجهه بنائڻ جو ارادو ڪندو آهي، ته اُن لاءِ چوندو آهي: ”ٿيءُ.“  ـــ ته اُهو ٿي پوندو آهي.

(83) پوءِ پاڪ اُهو آهي، جنهن جي هٿ ۾ هر چيز جي حڪومت آهي، ۽ اوهين سڀ اُن ڏي ئي موٽائبا.

قرآن ڪريم جو ترجمو سولي ڳالهه نه آهي. قرآن ڪريم الله جو ڪلام آهي. عالمن جي چوڻ موجب، الله تعاليٰ وٽان ’نور جي ذرن‘ جي صورت ۾ نازل ٿيو ۽ جبرئيل امين جي معرفت، حضور پيغمبر ﷺ جن جي قلب ۽ زبان تي عربي اکرن جو جامو ورتائين. سو، اسان جهڙو ڪو خاڪي انسان اها دعويٰ ته ڪري نٿو ڪري سگهي ته مان الله جي ڪلام جو ماهر آهيان. البت، اها دعا ڪري سگهي ٿو ته اميد رکي سگهجي ٿو ته الله پاڪ کيس ايترو علم ڏئي، جو پاڻ قرآن ڪريم جي معنيٰ ۽ مفهوم، سمجهي ۽ سمجهائي سگهي.

قرآن ڪريم جو پهريون پهريون ترجمو خود حضور پيغمبر ﷺ جن جي حيات طيبه ۾ ٿيو هو. روايت آهي ته حضرت سلمان فارسيءَ حضور پيغمبر ﷺ جن جي اجازت سان ڪن آيتن جو ترجمو ڪيو هو. مقصد اهو هو ته سندس هم وطن فارسي جا ڪي باشندا، جيڪي عربي زبان سان ناآشنا هئا، ۽ مسلمان ٿيا هئا، سي نماز ۾ اهو ترجمو پڙهن  ليڪن، اڳتي هلي، امان ابوحنيفي معاملي جي نزاڪت جي پيش نظر، فتويٰ ڏيئي، نماز ۾ قرآن ڪريم جو ترجمو پڙهڻ روڪي ڇڏيو.

تاهم، هيءَ حقيقت پنهنجي جاءِ تي ناقابلِ ترديد آهي، ته دنيا جا ماڻهو عربي زبان ڪونه ٿا ڄاڻن. سو، قرآن جي تعليم سچيءَ انسانذات تائين پهچائڻ رڳو ثواب جو ڪم ڪونهي، پر، سڀني مسلمانن جو فرض پڻ آهي.

ڪنهن زماني ۾، مولانا تاج محمد امروٽيءَ، اصل عربي عبارت کانسواءِ، قرآن ڪريم جو خالص سنڌي ترجمو ڇپايو هو، ته ماڻهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ آساني ٿيندي. پر، سنڌ جا مُلا ۽ مولوي اڪثر لڪير جا فقير هوندا هئا. سي وفد ٺاهي وٽس ويا، ته ”سائين، توهان هي ڪم صحيح ڪونه ڪيو آهي.“ مولانا امروٽي زمانه شناس انسان هو، سو کين چيائين ته ”مون کي مسئلي جي خبر ڪانه هئي. هاڻي جيڪو نئون ڇاپو نڪرندو، تنهن ۾ اصل عربي عبارت شامل ڪئي ويندي.“


* . هاڻوڪي زماني ۾، ترڪيءَ جي مصطفيٰ ڪمال پاشا به عربي زبان ۾ بانگ ڏيڻ بدران ترڪي زبان ۾ بانگ ڏيڻ جو حڪم ڪيو هو، پر هلي نه سگهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com